سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: چوڏهون

صفحو : 18

9. هر قسم جي خوف کان آجو ٿي پوريءَ طرح نرڀؤ ٿيو آهيان؟

10. سورڳه جون هيرون مونکي هر هر لڳن ٿيون؟

11. دل ٿئيم ٿي ته اهي هيرون کائيندو رهان؟

12. اندر انهن آنندن تي ٽڪايان ٿو، جيڪي بند ٿيڻ جا نه آهن، انهن پوتر اسٿانن تي ٽڪايان ٿو جن ۾ زنده جوتي ڀريل آهي، انهن پوتر گلن تي جن ۾ سروَدا شانتي آهي؟

13. انهن جي خوشبوءِ پنهنجي سپنن ۾ پيو سنگهان ڪين نه؟ منهنجي تور ۽ قد، دل ۽ اکيون ڪڏهن انهن پاڪ لهرن ۾ لڏن ٿيون؟

جيڪڏهن مٿين سوالن مان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سوالن جو جواب ڪو ماڻهو آنهينءَ ۾ نٿو ڏيئي سگهي ته اهو اڃا ڌيان ۽ سانت يوڳه لاءِ تيار نه آهي، ۽ جي سنسار جي ڪمن کان پاسو ڪري سانت ۽ ايڪانت ۾ ويندو ته فقط رلائيندڙ اگنيءَ جي پوئتان پيو ڀٽڪندو ۽ گپ ۾ ڦاسي پوندو.

هر هڪ وڏي آچاريه گهڻي ۾ گهڻو زور ڏنو آهي اهنڪار کي ناس ڪرڻ تي. ٽينيسن پنهنجي پاڪ پڃري (Holy Grail) جي ڪوتا ۾ نئرت کي سڀني سدگڻن جي ماتا ڪري ليکيو آهي. دينڪ وهي رکو ۽ پاڻ کان هر روز حساب وٺو. هر روز پاڻ کان پڇو ته هن مها شترو اهنڪار بابت وڌيڪ ڇا سکيا ۽ انهيءَ تي تکي ۽ سخت نظر رکندا اچو.

چڱا ڪم ڪري اهنڪار، ترشنا ۽ چاهنا کي چٽ ڪرڻ سکو ۽ اچاهه ۽ نشسوارٿي ٿيڻ سکو. قاعدن جي ٻنڌنن ۾ به پريم جا ڌاڳا واڻيل آهن. جيئن ٻنڌنن ۾ مڪتي. تنهنڪري هميشه دل سان چوندا رهو ”جو تڌ ڀاوي سائي ڀلي ڪار“ ۽ جيڪو فرض ويجهي ۾ ويجهو هجيوَ ۽ سامهون اچيوَ سو بجاءِ آڻيندا رهو ۽ پنهنجي ڌرم موجب ڪرتويه به ڪندا رهو.

3- جون 1924ع جي خط ۾ ديوان صاحب ڊاڪٽر ڏانهن لکيو آهي، ته جيڪي سچي دل سان پراُپڪار جو ڪم ڪندڙ هجن، انهن جي ياداشت هر هنڌ ٺاهيندو رهه. شاهوڪارن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻيندو رهه، ته مفت پستڪاليه جاري ڪن، جن ۾ ڀڪتي، يوگه، گيان ۽ يوگين، سنتن سياڻن ۽ عام فائدي جي ڪم ڪندڙن جا چريتر هجن ۽ چڱن اتساهي ڪم ڪندڙن کي اهڙن پستڪالين جي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهه. ڀڳتي ميء ڌارمڪ ڀڄن ڪندڙن تي زور ڏنو اٿس. اهڙا ڀڄنيڪ ڀل گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڃي آسادي وار جي ويلي مڌر ڀڄن ڳائين.

لکيو اٿس ته امرتسر ۾ اهڙي قسم جي پستڪاليه هلائڻ لاءِ مون اچي رٿ ذري گهٽ پوري ڪئي آهي. ڪو اُتساهي ماڻهو ٻڌاءِ جو وڃي اهو منهنجو دل ۾ رٿيل پستڪاليه هلائي. اهو پستڪاليه نيٺ شانتي آشرم جي نالي سان ڊاڪٽر هرنامداس پاڻ وڃي هلايو جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪيو آهي.

12- مئي 1925ع جي ديوان ڏيارام ڊاڪٽر ڏانهن هي سندر ويچار لکيا:- جنهنکي به ايشور جو ۽ سچي حسن جو ديدار ڪرڻو هجي تنهن کي پاڻ ايشور وانگر ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ سچي سُونهن پيدا ڪرڻ گهرجي. سچي سونهن ۽ سچو سائين هڪ ئي هنڌ رهندا آهن. اها پرارٿنا ڪندا رهو ته اوهين اصل نئرت ۽ نشسوارٿ سان ايشور ڪرپا ۾ وڌندا رهو. پرارٿنا ڪندا رهو ته اوهان جي حياتي هن جي شڌ نام تان قربان ٿي وڃي. ايشور پراپتيءَ لاءِ اندر ۾ بُک ۽ پياس جاڳايو. ائين نه سمجهجو ته مان پاڻ به ڪو اڃا انهيءَ اندرئين مندر ۾ داخل ٿي چڪو آهيان. مان پاڻ به جڳياسو آهيان ۽ پيو ڪوشش ڪريان.

4- آگسٽ 1925ع جي خط ۾ لکيو اٿس ته مون ٿورو ٿورو ڪري 5100 رپيا ڪٺا ڪيا آهن، جي پئسا ٽپال ۽ تار آفيس جي خزانچيءَ وٽ آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ويهن ورهين تاءِ 255 رپيا سالياني آمدني ٿيندي. انهيءَ فنڊ جو ٽرسٽي ڀائي سجانسنگهه بي.اي. ڪيو اٿم. منهنجو ارادو آهي ته انهيءَ فنڊ مان پنهنجي سرڳواسي ڌرمپتنيءَ جي نالي شانتي آشرم کوليان. مان انهيءَ ۾ آتم وديا تي سٺي ۾ سٺا ڪتاب رکڻ ٿو چاهيان. انهيءَ ۾ ڀڳتيءَ تي، يوگه تي، صوفي متي تي ڪتاب ۽ دنيا جي سڀني ڌرمن جا ڪتاب ۽ سنتن جا جيون چرتر رکڻ ٿو چاهيان.

26-آگسٽ 1925ع جي خط ۾ ديوان لکيو آهي ته هندستان کي گهرج آهي گيان يگيه جي. واڊيا ٽرسٽ ۽ وشوَ ودياله جهڙي ڪم جو واڌارو، بوس جو ويداله، ڪيرتن فؤج، گهمندڙ وياکياڻ ڪندڙ، جي ماڻهن جون پنگتي اوڻايون سڌارين ۽ وڃي انهن کي سمجهائين ته قرض کڻي ڇوڪرين کي پرڻائڻ بدران انهن کي ڪاليج ۾ ڇو نه ٿا پاڙهيو، ۽ ڇو نه هنڌ هنڌ هنرن سيکارڻ لاءِ ڪتب خانه کوليو، ۽ قاعدي جي ڪم ۾ جيڪا دير ٿي ٿئي سا ڇو نه ٿا لاهيو. آخر 13- جنوري 1926ع ۾ شانتي آشرم پستڪاليه کوليو ويو، ۽ ڊاڪٽر هرنامداس مئنيجر مقرر ڪيو ويو. کيس لکيائين ته نالو ظاهر نه ڪري. پوءِ ته هر هڪ ڳالهه لاءِ تفصيل وار هدايت ڊاڪٽر هرنامداس ڏانهن موڪليندو رهيو ته ڪيئن روزنامچو لکي، ڪيئن کاتو، ڪيئن ڪتابن جي ياداشت ٺاهي، ڪيئن ڪئٽلاگ. مطلب ته هر هڪ ڪم کي قاعدي موجب ۽ جيئن سٺيءَ طرح ڌنڌو هلائبو آهي تيئن هلائڻ لاءِ ديوان کي اونو رهندو هو. تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر هرنامداس کي انهيءَ پستڪاليه کولڻ لاءِ ڌنيه واد موڪلي اٿس. وري جڏهن سندس دل ٻئي طرف وڃي لڳي آهي ته لکيو اٿس ته پنهنجي وقت ۾ ڌن جي، جهڙيءَ طرح قرباني وڻيئي ائين ڪر. مان تنهنجي دل جي ارادي جي آڏو نٿو اچڻ گهران، جيڪي ٺيڪ سمجهين سو ڪر. ايشور جي آسيس گهرندو رهه ۽ سمورو ڪم پنهنجو ڪري سمجهه. 29 – اپريل 1926ع ۾ هن کان پڇيو اٿس ته امرتسر ۾ سيوا سدن يا استري منڊل جهڙيون سنسٿائون آهن يا نه؟ استري اُڌار ۽ وديا لاءِ ايتري ديوان کي ڳڻتي هئي. وري کيس لکيو اٿس ته پلاٽينس پڙهڻ مشڪل آهي. مان پاڻ جيڪي منجهانئس پڙهان ٿو، تنهن جا وري سوال جواب ٺاهيندو آهيان.

لکيو اٿس ته دياميء ايشور اوندھ مان اوجالو آڻيندو آهي ۽ اونداهيءَ رات کي سج جي پرڪاش جو دروازو ٺاهيندو آهي.

جولاءِ کان ڊسمبر 1926ع تائين جيڪي خط پٽ ڊاڪٽر هرنامداس ڏانهن لکيا اٿس سي گهڻو ڪري آهن ڪتابن بابت، جيڪي شانتي آشرم پسڪاليه لاءِ گهرايا اٿس يا سفارش ڪيا اٿس. 24 آگسٽ 1926ع ۾ لکيو اٿس ته اَڻ ڇپايل، هٿ جا لکيل پستڪ ڌرمي مضمونن تي ملي سگهن ته ڪٺا ڪج. 2 نومبر 1926ع ۾ ارادو ڏيکاريو اٿس ته گجراتيءَ ۾ سکمني ۽ جپ صاحب جو ترجمو ڪرائڻ جي ٿو ڪوشش ڪريان. بائيبل جو ترجمو 700 ٻولين ۾ آهي. اسان جي ڌارمڪ گرنٿن جو ترجمو به جدا جدا ٻولين ۾ هئڻ گهرجي. ائين ڌارمڪ پستڪن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ئي ماڻهن ۾ ڪشادهه دلي پيدا ٿيندي ۽ تعصب کان آجا ٿيندا.

18 جنوري 1927ع واري خط ۾ لکيو اٿس ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پوئتان انهيءَ پستڪاليه جي هلائڻ لاءِ رکي اچين انهيءَ ۾ شوق جاڳاءِ. هاڻي اهو پستڪاليه گورو رامداس جي نالي سان اَمرتسر درٻار جي حوالي ڪيو ويو آهي.

8- جولاءِ 1927ع جي خط ۾ ڊاڪٽر هرنامداس کي اشارو ڪيو اٿس ته هوميوپٿيءَ جا پستڪاليه حيدرآباد، اَمرتسر ۽ احمد آباد ۾ کولائي. 1- سيپٽمبر 1927ع واري خط ۾ لکيو اٿس ته هن زماني ۾، هن دنيا ۾ سچو ستگورو ملڻ تمام مشڪل ٿي پيو آهي، تنهنڪري آتمڪ اُنتيءَ لاءِ آدمي ڌيان جو رستو ڪهڙو ڳولين؟ منهنجي نظر ۾ هوميوپٿيءَ جي اصول تي ڌيان ڪرڻ سان آتمڪ اُنتي ۽ ايشور پراپتي حاصل ٿي ٿي سگهي. ڪيئن نه ايشور هر هڪ زهر ۾ به امبرت لڪائي رکيو آهي. ڪيئن سوکشم کان سوکشم وڀاڳه ۾ به ڪرتار ڪرامت جهڙو اثر رکيو آهي. بي انت ننڍن حصن ۾ به بي انت پاڻ ڄاڻايو آهي. انهيءَ هوميوپٿيءَ جي بي حد سوکشم حصن جي اثر تي ويچار ڪرڻ سان ايشور پراپتي ۽ آتمڪ اُنتي تمام جلد ٿي سگهندي.

9- سيپٽمبر 1927ع جي خط ۾ کيس لکيو اٿس ته ياد رکه ته اڄ ڪلهه دنيا ۾ دکه ۽ دقتون تمام وڌي ويئون آهن. ماڻهن کي هر قسم جا نقصان لڳي رهيا آهن، تنهنڪري ماڻهن ۾ نراسائي پيدا ٿي آهي ۽ اَوشواس وڌي ويو آهي. اهڙن لاءِ هوميوپٿيءَ جي حقيقت ته زهر ۾ به امبرت لڪل آهي، تمام ڪارگر آهي. ماڻهن کي نشچو ڪرائڻ گهرجي ته هو ڳڻتي ڇو ٿا ڪن.

’ٻيجي جي ٻانڀڻ چوي سڀڪو ٻار کڻي.‘ پنهنجن ڪمن جو ورثو پاڻ ڀوڳي رهيا آهن ۽ سڀ پنهنجا ڏُک پاڻ تي پاڻمرادو آندا اٿن، جئن ته ڏسو ته هڪڙي عامل پنهنجي ڌيءَ کي شادي ڪرائڻ لاءِ 15000 رپيا ڏنا ۽ ٻيءَ کي 25000 رپيا؛ پر جيڪڏهن اهي 40000 رپيا پنهنجي نيات جي سڌاري تي خرچي ها ته پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ تي شايد 500 به خرچ ڪونه ڪرڻو پويس ها ۽ سوَن جو سک به ڪري ڇڏي ها. ”پَرَ خير، ته پنهنجو خير.“

ديوان بهادر مرليڌر ڏانهن خط

ٻين خطن جو فائيل جو ڏسڻ لاءِ مليو سو هو ديوان ڏيارام جي انهن خطن جو، جيڪي هن ديوان مرليڌر جيرامداس ڏانهن لکيا هئا. انهن خطن ۾ تمام سندر اُپديش آهن، ته آتمڪ اُنتي ڪيئن ڪجي، ڌيان ڪرڻ ڪيئن سکجي، ساتوڪ دان ڇا آهي ۽ سنڌ ۾ پراُپڪار جا ڪهڙا ڪم تمام ضروري آهن.

ديوان مرليڌر، ديوان ڏيارام کي پنهنجو گرو ڪيو هو ۽ هنکي راج رشي يا گرو ڪري لکندو هو. تنهن تي ديوان ڏيارام 21 ڊسمبر 1897ع واري خط ۾ کيس لکيو آهي ته مان راجرشي نه آهيان. باقي جي منهنجي صلاح کپيو ته مان جيڪر چاهيان ته گرنٿ صاحب خريد ڪريو ۽ هر روز صبوح جو اشنان ڪري نيرڻ کان اڳ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چئن صفحن جو پاٺ ڪندا رهو. پرواهه نه ڪريو جي پهريائين ڪجهه سمجهه ۾ نه اچيوَ. آهستي آهستي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندوَ. اهو آهي پهريون ۽ سڀ کان سولو سبق ڌارمڪ اُنتيءَ لاءِ.

وري 22 جنوري 1898ع جي خط ۾ لکيو اٿس ته گرو مري ڪين ويا آهن؛ اهي جيئرا آهن. جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ انهن جي لاءِ سچي سڪ آهي ته اهي ئي اوهان کي سنئون رستو ڏيکاريندا. مان اوهان جو گرو ڪين ٿي سگهندس. آدرش گرن کي خبر آهي ته انهن جي سبق سکڻ لاءِ ڪهڙا آدمي يوگيه آهن، مان پاڻ جڳياسو آهيان ۽ جنهن رستي هو مونکي هلائين ٿا انهيءَ رستي پيو هلان. پهريائين سمورو گرنٿ صاحب پڙهي پورو ڪريو پوءِ پاڻهي خبر پوندي ته اڳتي ڇا ڪجي. پڇندا رهو پستڪ کان ۽ ضرور لهندؤ جيڪي گهرجيوَ.

24- نومبر 1900ع واري خط ۾ ديوان ڏيارام، ديوان مرليڌر کي لکيو آهي ته خبر اٿو ته سري ڪرشن جي مڌر مرلي اڄ به ٻڌي سگهجي ٿي؟ پر انهيءَ لاءِ گهرجي اندر جو آلاپ. ڪرشن جي موهيندڙ بنسريءَ جو گانو ته موت کي به موهي ڇڏي. تنهنڪري بيشڪ مٿرا ۽ بندرابن وڃو. فقط اها آس نه ڪجو ته ڪو تمام گهڻو گيان حاصل ٿيندوَ. افسوس! اسان جي وطنين ڪرشن وساري ڇڏيو آهي. ڪرشن ڪنيو اندر جو پيارو جنهن سان آتمڪ ميلاپ ڪي ورلي ٿا چاهين، باقي ان جي بدران مايا جو موهه ماڻهن جي من ۾ راڄ ڪري رهيو آهي، ته به جمناندي، سري ڪرشن کي ياد پيئي ڪري ۽ انهيءَ جي سندر ڪناري تي ويهي، ايشور جو نالو ياد ڪري سگهندؤ. ڪرشن هر هنڌ مؤجود آهي ۽ هميشه پيار ٿو ڪري.


 

 ديوان بهادر مرليڌر پنجاپي


 

13- مئي 1901ع جي خط ۾ ديوان ڏيارام لکيو آهي ته مونکي اهو پڙهي خوشي ٿي آهي ته اوهين ڪجهه وقت ڀڳتي ڀاوءَ ۾ لڳايو ٿا. ياد رکو ته ماڻهوءَ ۾ سکه جي پيار کان به وڌيڪ هڪڙو اوچو پيار آهي. ماڻهو سُک کان سواءِ به گذاري سگهي ٿو ۽ ان جي بدران ايشور جي ڪرپا چاهي ۽ پائي سگهي ٿو. سنساري سُک جي ڪا پرواهه نه ڪريو، انهيءَ بدران اندرئين آنند ۽ ايشور جي آسيس جي پراپت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org