سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :6

 

باب ڏهون

ڀــڄ  ۾

ڀڄ جو شهر ساري ڪڇ ۾ وڏو گهاٽو شهر آهي. اهو ڪڇ جي راءِ يعني راجا جي رهڻ جو هنڌ آهي، تنهن ڪري منجهس وڏا وڏا ماڻهو هندو توڙي مسلمان رهندا آهن، ۽ گهڻا شاهوڪار ۽ واپاري ڌنڌو هلائيندا آهن.انهيءَ جو واپار جهڙو سمنڊ جي رستي مڏئي بندر کان ٻين پاسي هلندو آهي، تهڙو خشڪيءَ جي رستي گجرات ۽ ٻين ڀاڱن سان، مڏئي جو بندر ڀڄ کان ارڙهن ڪوهه پري آهي ۽ وچ ۾ شاهي سڙڪ لڳي پيئي آهي، جنهن سان ڏاڍي وهڪ آهي. انهيءَ بندر تي ڪراچيءَ ۽ بمبئيءَ وارا آگبوٽ به اچي بيهندا آهن، ۽ مال لاهيندا چاڙهيندا آهن، انهيءَ ڪريمڏئي ۽ ڀڄ زور وٺندا وڃن.

زينت بانو شهر ۾ اچي پهتي ته سهي، پر هاڻ وڃي ڪيڏي؛ هن کي سجهيو ڪين ٿي ته ڪيئن ڪريان. پهريائين ڀانيائين ته ڪنهن ڌرمسالا ۾ وڃي ويهان، پر هڙ ۾ ڪي ڪين هوس، جنهن سان کاڌي پيتي جو بلو ڪري. ساري شهر ۾ هن کي هڪڙو ماڻهو واقف  سجهيو ٿي اها هئي صفوران،صديق مهاڻي جي ڀيڻ، جنهن کي ساڻس گڏ رستي ۾ چورن اچي ڦريو هو. انهيءَ جي به پڪ خبر نه هيس ته ڪيڏي ويئي پر ڄاتائين ته ضرور اڌ ۾ پٺتي موٽي نه ويئي هوندي، گاڏيءَ تي هئي، سا ڀڄ آئي هوندي؛ ۽ سندس مڙس  جو نالو به سجهيس ٿي ته فضل محمد آهي ۽ لاڙڪن جي پاڙي جو چڱو مڙس آهي. في الحال دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائين ته ”انهي کي پڇائي وڃي هٿ ڪريان،  ۽ ڏينهن سڄو پيو آهي، خدا ۾ اميد آهي ته  ڳولي وڃي لهنديسانس.

هيءَ اڳڀرو هلي، ته بازار ۾ هڪڙو سرڪاري سپاهي ترار سان مليس، جو شهر ۾ نظرداريءَ لاءِ پئي گهميو. ڀانيائين ته ٻئي کان ڏس  پڇان، تنهن کان هيءُ سرڪاري  ماڻهو آهي، هن کي وڌيڪ خبر هوندي. سو هن کي ويجهو اچي چيائين ته ”سائين، ڀلائي ڪري مون کي ڏس ڏي ته لاڙڪن جو پاڙو ڪهڙي پاسي آهي؟“

سپاهيءَ پڇيس ته ”ڇو مائي! تون ڪا نئين آئي آهين ڇا؟“

زينت چيو ته ”هائو، آءٌ فضل محمد پريي مڙس جي مائٽياڻي آهيان، انهيءَ جي گهر وينديس.“

سپاهيءَ چيوته ”مائٽن مان  ٻيو ڪو مڙس ماڻهو ساڻ نه کنيئي؟“

زينت اڳ وٺي چيو ته  ”هڪڙو مون سان هو، پر هتي ڪنهن پاسي مون کان ڇڄي جدا ٿيو آهي؛ ڳوليومانس پر هٿ نه آيو، تڏهين اوهان کي سوال ڪيم.“

انهيءَ گفتگومان سپاهيءَ ايترو سمجهيو، ته هيءَ غير واقف زال آهي. وري جوان جماڻ، مهانڊي جي چڱي ڏٺائينس، تنهن  دل ۾ ٻيو ڪو پهه پچائي، هن کي گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن کي چيائين”ته مائي، اچ ته آءٌ توکي فضل محمد جو گهر لهي ڏيان، هتان سڻائو آهي.“

زينت بانوءَ دعا ڪيس ۽ چيائينس ته ”مهرباني اوهان جي، جو مون غريب کي رستي لايو ٿا.“

سپاهي ٿيو اڳ ۾، زينت بانو ٿي پٺ ۾. ٻه – ٽي گهٽيون ور وڪڙ ڏيئي، سپاهي هڪڙي در تي اچي بيٺو. زينت کي چيائين ته ”مائي، تون  بيهه، آءٌ سماءُ لمان.“ اندر وڃي سگهوئي نڪري آيو. چيائين ته ”مائي،  اهو گهر آهي، تون اندر هلي وڃ“، سپاهي پاڻ اتان ئي موٽي ويو، زينت بانو اندر گهڙي وئي.

اهو گهر فضل محمد لاڙڪ جو نه هو، اهو شهر جي فوجدارجو گهر هو، جنهن جو نالو سمندر خان هو. هو شهر جي سڀني سپاهين جي مٿان داروغو ۽ عملدار هو ۽ وڏي حڪم وارو هو، مگر ڏاڍو ظالم ۽ بدچال ماڻهو هو. ٻاريچو ڪونه هوس، گهر ۾ هڪڙو پاڻ رهندو هو، ٻيو نوڪر هوندو هوس، ۽ تنهن کانسواءِ ڪيترائي سپاهي سڙا هميشه وٽس پيا  حاضري ڀريندا هئا، ۽ اڪثر هن کي بدپيشي ۾ واهر ڏيو، خوش رکندا هئا. هن سپاهيءَ کي به هيءَ نڌڻڪي جوان زال هٿ لڳي ويئي، تنهن پنهنجي عملدار کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجي سرخروئي ڏيکارڻ لاءِ هن کي اتي آڻي ڪڍيو هو ۽ اڳ ۾ اندر وڃي سمجهائي آيس، پوءِ هن ويچاريءَ کي اندرروانو ڪري پاڻ هليو آيو.

زينت بانو اندر لنگهي ايوان ۾ آئي، سامهون جاءِ جا در کليا پيا هئا تن ۾ هلي ويئي.ا ندر جاءِ ڏاڍي  ٺاهوڪي ڏسڻ ۾ آيس.  ڏاڍا گلم غاليچا وڇايا پيا هئا، ٻه – ٽي کٽون ٺهيون پيون هيون. سڀ شيءِ چڱي ڊول سان رکي هئي. هڪ – ٻه جاين تي ڪي تراريون بندوقون به پيون هيون. هوءَ هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي. ڊپ به ٿيس پر پڪ هيس، ته صفوران آسپاس هوندي.

ائين ڪندي پاسي واري در کان هڪڙو قداور مڙس ڪپڙن گندين ٺهيل نڪري آيو. زينت بانوءَ ڀانيو، نه صفوران جو مڙس فضل محمد هوندو. هن ايندي سان چيس ته ”ڀلي آئينءَ، خوش چڱي ڀلي آهين؟“

زينت بانوءَ حجاب سان پر ڊپ کان سواءِ جواب ڏنس ته ”سائين، خير هجي، سلامت هجو.“

فوجدار چيو ته ويهه، خوش ٿي ويهه، اها کٽ پئي اٿئي.“

زينت ويٺي ۽ هن کان پڇڻ لڳي ته ”سائين! مائي صفوران ته خير سان اچي پهتي؟ خوش چڱي ڀلي ته آهي؟“

فوجدار ڪوڙ ڪري چيو ته ”خوش چڱي ڀلي آهي، تنهنجي لاءِ ڏاڍي انتظار ۾ آهي؛ تون دلجاءِ ڪري ويهه، ته سڀڪي توکي موجود ڪري ٿو ڏجي.“

ائين چئي فوجدار وري پاسي واري در کان نڪري ويو؛ وري سگهوئي چوڻ لڳو ته ”پياري! هي سيجون سڀ تنهنجي لاءِ وڇايون اٿم. هي سامان سڀ تنهنجي لاءِ تيار   ڪرايو اٿم، تون هيءُ گهر پنهنجو ڄاڻ، منهنجا ماڻهو به تنهنجي خدمت ڪندا ۽ آءٌ به تنهنجي خدمت ۾ حاضر رهندس.“ ائين چئي، هو اچي زينت بانوءَ جي ڀر ۾ ويٺو.

اتي زينت  کي به شڪ پيو ته مون سان ڪا دغابازي ٿي آهي، سا ڇرڪ ڀري پرڀرو رڙهي ويٺي، اصل منهن بڇڙو ڪري چوڻ لڳي ته ”تڏهن سائين تون فضل محمد ناهين، تڏهن مون سان ڊوهه ٿيو آهي!“

فوجدار محبت سان پنهنجون ٻانهون ڊگهيون ڪري چيس ته ”منهنجي جان! ڇو ٿي ڊڄين؟ تون ڊپ ڪونه ڪر. جيڪي تون طلبيندينءَ سو توکي حاضر ڪري ڏيندس. جهڙو پنهنجي گهر ۾ سکي هوندينءَ، انهيءَ کان به آءٌ توکي سکيو رکندس. توکي خبر ناهي ته آءٌ  وڏو امير آهيان، شهر جا جيڪي سپاهي آهن، تن سڀني جو آءٌ سردار آهيان. مون وٽ رهڻ کان توکي  عار ٿو اچي! سون رپي جا تو وٽ آءٌ ڍير ڪندس، پٽ پٽيهر تنهنجي مٿان وجهندس، تون  ڇو پاسو ٿي ڪرين؟“ ائين چئي ٻانهون ڊگهيرري ڀاڪر وجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ته زينت دانهن ڪري وڃي  پري بيٺي. فوجدار به اٿي کڙو ٿيو.

اتي ڪي ٻه سپاهي ٻيا به ٻاهران آيا، تن کي ڏسي، زينت بانوءَ کي پاڻ ڊپ ٿيو، ۽ ڀڄڻ جو رستو بند ڏٺائين، جڏهن فوجدار ڏٺو ته هيءَ خوشيءَ سان راضي نه ٿي ٿئي،  تڏهن دڙڪو ڏيئي چيائينس ته نادان رن، ماٺ ڪري ويهي رهه، نه ته ترار کڻي ٻه اڌ ڪري وجهندوسئين.“

زينت ڄاتو ته هي بيحيا ماڻهو ٿو ڏسجي،  نه زبردستي ڪرڻ کان ڊڄندو، نه مارڻ کان. آءٌ هن سان ڪنهن به طرح ڀڄي نه سگهنديس؛ تنهنڪري في الحال ڪو حيلو ڪريان، پوءِ اويسلائيءَ ۾ نڪري هلي وڃان. سا ماٺ ڪري وري وڃي پنهنجي  جاءِ تي ويٺي، ۽ منهن مٿي ڪري کلي چوڻ لڳي ته ”ڀلا سائين، آءٌ حاضر آهيان، منهنجي ڇا مجال جو آءٌ پاسو ڪنديس؟ اسين مهاڻا  ماڻهو، اوهان جهڙن سردارن وٽ رهڻ کان اسان کي ڪهڙو عار هوندو، اسان جو ڪم اهو آهي. مون به رڳو انگل ٿي ڪيو،  اسان جا انگل نيٺ اوهين امير ماڻهو کڻندو.!“

هي مٺا لفظ، ٻڌي ، فوجدار ڏاڍو خوش ٿيو. ڪاوڙ ڍري ٿيس، هن کي شاباس ڪيائين، پاڻ ماٺ ڪري پرڀرو وڃي ويهي رهيو، ۽ نوڪر کي حڪم ڏنائين ته ”سگهوئي ماني تيار ڪرائي کڻي آءُ، ته منهنجي لاڏلي کائي آرام وٺي.“

پوءِ ويهي زينت بانوءَ  ساڻ پنهنجي وڏائيءَ ۽ حڪم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، ۽ جيڪي سامان اتي پيل هو تنهن جو ملهه ٻڌائڻ ۽ هن کي آئيندي جا دلاسا دڙا ڏيڻ لڳو. زينت بانوءَ ڪوڙ ڪري، مرڪندي منهن سان  هائو هائو ويٺي ڪئي.

نيٺ ماني وڌائي آيا، فرش تي رکيائين. فوجدار زينت بانوءَ کي به سڏيو ته ”جاني، اچ ته ماني کائون.“

هن ويچاريءَ دل ۾ اهڙن بيحيائيءَ جي لفظن ٻڌڻ ڪري هن کي گهڻو ئي پٽيو ٿي، پر لاچار هئس، ڍونگ ڪري پنهنجي آبرو بچائڻي هيس، تنهنڪري ٽپ ڏيئي اچي مانيءَ تي ويٺي. ٻيئي گڏجي ماني کائي اُٿيا.

زينت وري وڃي کٽولي تي ويٺي ۽ فوجدار ڪپڙا ڍڪڻ لڳو؛ زينت بانوءَ پڇيس ته ”سائين ڪيڏي ٿا سنڀرو؟“

هن چيو ته ”ٻاهر ڪو سرڪاري ڪم آهي، سو لاهي جهٽ ۾ وري ٿو اچان.“

زينت بانوءَ چيس ته ”سائين، آءٌ هيکلي ويٺي هونديس، ڀلائي ڪري سگها موٽجو.“

هن چيو ته ”پياري، دلجاءِ ڪجئين.“

انهيءَ مهل سنڀري، اُهي ٻيئي سپاهي ساڻ ڪري، سمندر خان فوجدار روانو ٿيو ۽  نوڪر کي پارت ڪري ويو ته مهمان جي سنڀال رکجئين.

هن جي وئي کان پوءِ، زينت بانو پنهنجي منهن گهڙيءَ تائين ويهي خيال پچائڻ لڳي. پهريائين ته گذريل ڏينهن ياد ڪري روئڻ لڳي، پوءِ خدا کي سوال ڪرڻ لڳي ته ”يا الــٰهي! زماني جي گردش مون کي گهڻو ستايو آهي. اڳتي ڪنهن مصيبت جي کڻڻ جي طاقت ڪانه رهي آهي، پنهنجي فضل ۽ رحم سان مون کي يا پنهنجي مڙس وٽ پهچاءِ، يا موٽي وطن تي؛ نه ته ڪنهن اهڙيءَ امن واري جاءِ تي پهچاءِ، جتي عزت ۽ آبروءَ سان حياتي جا ڏينهن گذاريان. جي قسمت ۾ اڃا به ٻيءَ طرح آهي ته مون کي موت ڏي، ته قبر جي ڪنڊ ۾ وڃي آسودي ٿيان.“

پوءِ ٿوريءَ دير تائين ليٽي ڳڻتيون ڪرڻ لڳي، ته هن بند مان ڪيئن ڇٽان. دل ۾ چيائين ته ”هن ماريي کي دلبو ڏيئي خوش رکيو اٿم، نه ته هو  مون کي هينئرجو هينئر خرابي پهچائي ها؛ پر هاڻي پڪ اٿس ته  ڪميني ذات جي آهي، منهنجي سون رپي جي دلاسي تي ٺهي ويئي آهي، سا ويندي ڪين. سو رات جو ضرور ڪار منهون مون سان زبردستي ڪندو، تنهن کان جند ڇڏائڻ جو ڪو بلو ڪجي.  هاڻي ڏينهن ڏٺو آهي، جي سٽ پائي درکان ٻاهرٿيس، ته  بازار وهندي   منهنجو ڪوبه نالو وٺي نه سگهندو، ۽ شهر به آڏو آهي، ڪنهن پاسي ڀڃي وينديس، ۽ وڃي پڇا ڪري فضل محمد جو گهر هٿ ڪنديس، نه ته  به ڪنهن مسيت ۾ وڃي ويهي رهنديس. بندي جي گهر کان وري به الله جو گهر چڱو آهي، پاڻهي لولو مانيءَ جو پيو ملندو!“

اهو پهه پچائي، هيڏي هوڏي ڏسي در ڏي هلي، ڏسي ته در کي اندران ڪلف ڏنو پيو آهي؛ فوجدارکي اگرچه پڪ هئي ته هيءَ ويندي ڪين، پر تڏهن به اڳ ڳڻتي ڪري نوڪر کي سوگهائيءَ جو تاڪيد ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن اندران ڪلف ڏيئي ڇڏيو هو.

زينت بورچيخاني ۾ وڃي ڏسي ته فوجدار جو نوڪر تڏي تي سمهيو پيو آهي ۽ ٻه – ٽي ڪنجيون ڌاڳي ۾ ٻڌل بورچيخاني واري در جي ڪلف ۾ لڳيون پيون آهن، سي آهستي ڪڍي اچي ٻاهريون در پٽيائين ۽ وري در ورائي خدا کي سنڀالي، نڪري ٻاهر ٿي؛ ۽ ٻن – ٽن  گهٽين مان لنگهي اچي وڏي بازار ۾ پيئي.

ماڻهو گهڻائي پئي آيا ويا، وچين وچين جي مهل هئي. زينت بانو  به هٽن تي جيڪي ماڻهو ويٺا هئا، يا گهور  ڪندا وتيا، تن کان لاڙڪن جي پاڙي جو ڏس پڇائيندي پڇائيندي، اچي انهيءَ پاڙي ۾ نڪتي، جو شهر جي اوڀرين پاسي کان هو.

اتي سٽون ڏيندي، فضل محمدجي گهر پڇائيندي، اوچتو اها اها ساڳي صفوران منهن پئجي ويس. انهيءَ کي ڊوڙي وڃي ٻانهن کان ورتائين. هوءَبه هن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ  ته اتي بيٺي هڪٻئي کي حال احوال ڏنائون،نيٺ صفوران هن کي وٺي پنهنجي گهر ويئي.

اهو گهر به چڱو پڪو جڙيل ڏسڻ ۾ ٿي آيو. صفوران جو گهر وارو فضل محمد ويٺو هو، تنهن کي چيائين ته ”ميان! جنهن مائيءَجي نالي مون ڳالهه ڪئي، سا اجها خدا کڻي آندي آهي.“ پوءِ هن کي ڏسي گهر جا جيڪي ٻه – چار ڀاتي هئا، سي اچي گڏ ٿيا.

اگرچه زينت ويچاري ڏکن سورن ۾ گهڻوئي لتڙي هئي، تڏهن به سنديس شڪل وڏ گهراڻي پئي ڏٺي، تنهن کي گهڻي تعظيم ڏنائون، ويهاريائونس ۽ دلاسا ڏنائونس. هنن جي آدرڀاءَ ڏسي، زينت بانوءَ کي پيٽ ۾ ساهه پيو، جيئن نه پنهنجن مائٽن جي گهر آئي هجي. پوءِ ته دلجاءِ ڪري اتي ويهه رهي ۽ گهر جي ڀاتين  سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري ٺهي ويئي.

فضل محمد لاڙڪ هن پاڙي جو نيڪ مرد هو،  وسعت وارو ماڻهو به هو. سندس ڪيتريون ئي ٻيڙيون مڏئيءَ وٽ سمنڊ ۾  هلندڙ هيون ۽ واپار ۾  به هٿ هوس، تنهنڪري هلنديءَ وارو به هو. کيس اولاد ڪونه هو، مگر ساڻس گڏ سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي رهندا هئا، جن کي ٽي ننڍا ٻار هئا. ٻه ڌيئون ۽ هڪڙو پٽ. اهو   ڀاڻس به ڪم ۾ ساڻس ڀائيوار هو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پٽ وانگي پالي وڏو ڪيو هو، ۽ پرڻايو هئائينس، تنهن ڪري هن سان گهڻي محبت هوندي هيس، هن جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڪري ڄاڻندو هو،

انهيءَ گهر ۾ زينت کي البت چڱي وندر ٿي. هيءَ وري هتي به وقت سر نماز ۽ قرآن پڙهڻ لڳي ۽ سگهوئي سڄي پاڙي ۾ مشهور ٿي ويئي. فضل محمد هن کي گهر ۾ ٻيو ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو. هن کي چيائين ته ”مائي، تون اسان جن ٻارن کي قرآن پاڙهيندي وڃ.“ سو هن کي پاڻ اهو شغل سڀ کان وڌيڪ پسند آيو، سا هاڻي مُلياڻي ٿي ويٺي ۽ ٻارن کي پيئي پڙهائيندي هئي.

انهيءَ هنڌ هن کي آرام مليو، ته به هن پنهنجا مائٽ وساري نه ڇڏيا هئا. هن ٻه خط لکي ٽپال ۾ وڌاو هڪڙو پنهنجي مڙس ڏي بمبئيءَ ۾، ٻيو پنهنجي ڀاءُ جي نالي حيدرآباد ۾. مڙس جو پتو ڦول گليءَ ۾ هوس، سو لفافي تي به ائين لکيائين. باقي ڀاءُ واري لفافي تي حيدرآباد لکي ڇڏيائين.

انهن خطن ۾ هن پنهنجو حال  لکيو ۽ پڇاڙي ۾ لکيائين ته ”جي ٿي سگهيو ته منهنجو سماءُ لهجو، ۽ جي نه، ته به جيسين ساهه  پيٽ ۾ هوندم، تيسين اوهان جي تانگ رکنديس ۽ جنهن مهل وجهه ملي سگهيم، تنهن مهل اچي اوهان وٽ نڪرنديس.“

  اهي خط ويا ته سهي، مگر بمبئيءَ واري کي ڦول گليءَ ۾ رلائي  رلائي بيٺا ته ميان علي رضا هٿ ڪونه لڳو، جو اتان لڏي وري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ويٺو هو، ۽ حيدرآباد وارو خط سو وڃي حيدرآباد  دکن کان نڪتو، جو انهيءَ تي سنڌ جو لفظ لکيل نه هو. انهيءَ کي به اتي رلائي ڦاڙي ڦٽو ڪيائون.

ٿورا ڏينهن ڏٺائين، جڏهن ڪو پوئواريءَ وارو ڪونه پيدا ٿيو، تڏهن وري مڙس ڏي ٻيا خط لکڻ لڳي،  پر انهن جي پهچڻ جو ته امڪان ئي ڪونه هو، جو علي رضا ڦول گوليءَ مان لڏي، الائجي ڪهڙي هنڌ وڃي ويٺو هو، ڀاءُ ڏي وري هن ٻيو خط ڪونه لکيو، جو ڄاتائين ته هو اڃا ڇوڪر آهي، شايد منهنجي پٺيان اهڙا جاکوڙا ڪڍي اچي نه سگهيو ۽  خط پهچڻ کان پوءِ به ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي. ماءُ ته زال ماڻهو  ڪين ايندي، انهيءَ پاسي جو خيال ڇڏي، رڳو علي رضا ڏي پئي  لکيائين.

انهيءَ طرح ويچاريءَ جي وڇڙيءَ جي خبر نه هن پاسي مائٽن کي پهتي، نه هن پاسي. نه ڪو ڪڏهن  انهن جو جواب هن کي آيو، نه ڪو ماڻهو آيو، ڀانئيائين ته وساري ويهي رهيا يا خط نه پهتن، يا ڪو ٻيو سبب هوندو.

فضل محمد جي گهر ۾ زينت بانوءَ کي ڇهه مهينا گذري ويا. انهيءَ وچ ۾ هن کي ٻاربه ڄائو، ڇالاءِ جو مڙس کان جدا ٿيڻمهل هن کي پيٽ هو. ويچاريءَ هيترا ڌڪا پيٽ سان پئي کاڌا، پٽ ڄمڻ ڪري زينت توڙي فضل محمد جي گهر جا ڀاتي ڏاڍا خوش ٿيا.

زينت ڄاتو ته وري به مڙس جي ڪا نشاني مون سان ٿي، ۽ پرديس جي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڪا سنگت، ڪا وندر  ته ٿي. انهيءَ جو نالو محبوب علي رکيائين. هو ڏاڍو ملوڪڙو ٻار هو، جنهن ٿي کنيس، تنهن کي هن جي شڪل شباهت ۽ هن جي يتيمي  ڏسي مٿس ڪهل پئي آئي.

ويم ۾ به زينت بانوءَ کي انهيءَ  گهر جي ڀاتين چڱي مدد ڏني، جهڙي ڪو مائٽ مائٽ کي ڏئي. هن ويچاريءَ سندن گهڻي شڪرگذاري ڪئي ۽ هنن سان ملي  رهندي آئي ۽ هنن جي ٻارن  کي پيئي پڙهائيندي هئي.

اسان مٿي  چيو  آهي ته فضل محمد جو شهر ۾ سکر سکرن سان رستو هو،. انهيءَ طرح سندس زال صفوران جو به سکرن جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ جو رستو هو. شهر ۾ هڪڙو ميمڻ سيٺ حاجي ڏوسل نالي هوندو هو.  انهيءَ جو بمبئي ۽ ٻين ولايتن سان واپار هلندو هو، ۽ هزارن جو خاوند هو. هن جون جايون مڏئيءَ ۾ ٻه گهڻيون هوندينون هيون، جتي ڪڏهن ڪڏهن هو مهينن جا مهينا وڃي رهندو هو.

هو وڏو نمازي ماڻهو هو، ۽ ٻه حج به ڪيا هئائين. هن کي ڪا پورهيت گهربي هئي. هڪڙي ڏينهن اهڙي ڳالهه انهيءَ سيٺ جي گهر ۾ مائيءَ صفوران جي آڏو چوري، هن چيو ته ”اسان وٽ هڪڙي زال آهي، پر ڏاڍي اشراف  نمازڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي هوشيار آهي. اسان جي ٻارن کي پڙهائيندي آهي. ننڍڙو ٻار به ساڻ اٿس، جي راضي ٿي ته انهيءَ جي ٻانهن اوهان کي آڻي ڏينديس، پوءِ اوهان کان جيڪي پڄي سگهي، سو هن جي حق ۾ ڪجو.“ هنن قبول ڪيو.

صفوران گهر اچي زينت بانوءَ سان ڳالهه ڪئي ۽ سيٺ جي گهر جي تعريف ڪرڻ لڳي. زينت بانو هن جي گهر ۾ ٺهي ويئي هئي، ۽ ٻيو اهنج به ڪونه هوس. اهائي جاءِ هئي، جتي مائٽن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻه – ٽي ڏينهن آرام ورتو هئائين، تنهنڪري اتان نڪري وڃڻ به پسند نه هوس. مگر جڏهن معلوم ٿيس ته هتي آءٌ وڌيڪ آسودي به رهنديس، ۽ سيٺ جي معرفت سگهو چرڪو بمبئي يا ڪراچيءَ وڄڻ جو به وجهه لڳي ويندم، تڏهن صفوران واري رٿ قبول ڪيائين.

صفوران به زينت  مان ڪڪ  نه ٿي هئي، جنهن ڪري هن کي اهڙا ڏس ٿي ڏنائين، پر انهن کي به پڪ هئي ته هيءَ سکر گهر جي آهي، اتي وڌيڪ سکي رهندي ۽ نيٺ وڃي مطلب کي به رسندي، تنهنڪري اها صلاح ڪئي هئائين.

پوءِ ته ٻئي ڏينهن زينت  کي سيٺ حاجي ڏسول جي گهر وڍي ويئي. سيٺ توڙي سندس گهر جا ڀاتي هن کي ڏسي خوش ٿيا ۽ سندس ڳالهين مان سهي ڪيائون ته هيءَ بيشڪ اشراف آهي، نتهنڪري هن جي گهڻي خاطرداري ڪيائون. هن کي ڇهه روپيا پگهار، پيٽ  جي ماني، ڪپڙو گندي ٻڌي ڏنائون. اتي به هن کي ٻارن پڙهائڻ جي ڪم تي رکيائون، جو گهر ۾ ٽي – چار  ڇوڪريون هين، انهيءَ کان سواءِ ٻيو به اٿي – ويٺيءَ جو هلڪو ڪم هيءَ پاڻهي پيئي ڪندي هئي، جهڙو پاڻي پيارڻ، ٻارن جا ڪپڙا سبڻ، ٻارن کي وهنجارڻ.

انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته فضل محمد جي گهر کان زينت بانو هتي سکي هئي ۽ جهڙي هن گهر ۾ محبت ملندي هيس، انهيءَ کان گهٽ هتي به نٿي مليس.  ڏينهن پئي هنن سان به ٺهي  ويئي، سندن گهر – ڀاتي ٿي ويئي.

 

 

باب يارهون

جيل  ۾

سيٺ ڏوسل جي گهر ۾ زينت بانو تقريباََ ٻارهن مهينا رهي. هن کي اگرچه سک ۽ مشغولي گهڻي هئي ۽ پنهنجي اولاد جي وندر به ججهي هئي، انهيءَ هوندي به پنهنجن مٺن عزيزن کي وساريو ڪين هئائين. پئي انهن ڏي وڃڻ جا وجهه ڳوليندي هئي. ٻه – ٽي ڀيرا ته  سيٺ پاڻ به هن کي چيو ته ”مائي! جي تنهنجي مرضي هجي ته توکي بمبئي يا ڪراچيءَ روانو ڪري ڇڏيون، جو مڏئي وٽان آگبوٽ لنگهندا آهن.“ پر زينت بانو پئي چيو ته ”اڃا ته اوهان سان منهنجي روزي لکيل آهي، ڪنهن ڏينهن اوهان کي آءٌ پاڻيهي عرض ڪنديس.“

هن جو مطلب هو ته جڏهن في الحال خير سان وقت پيو گذري، تڏهن ڀلي ساه پٽي، ٻه – ٽي پئسا به گڏ ڪريان، متان ڪا ويل نه ڪنهن جهڙي! سو هينئر پنهنجي پگهار مان ئي سٺ – ستر رپيا گڏ ٿيا  هئس، ڇالاءِ جو ڪپڙو گندي، کاڌو پيتو ڌار هنن کان ملندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن مائٽ اچي ياد پيس ۽ مڙس جي محبت اچي دل تي چڙهيس، روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ٿي پيس.

انهيءَ اٻاڻڪي حالت ۾ سيٺ جي زال کي اچي عرض ڪيائين ته ”مائي هاڻي مون کي موڪل ڏيو ته آءٌ  پنهنجن مائٽن ڏي بمبئيءَ  وڃان ۽ سيٺ کي پارت ڪر ته مون کي اوڏي روانو ڪري.“ هن مائيءَ سيٺ کي سمجهايو.  سيٺ ته اڳيئي انهيءَ ڪم لاءِ تيار هو. هفتي کن جي اندر  هڪڙو ڪناري وارو آگبوٽ ڪراچيءَ کان هليل اچڻو هو.

مڏئي يا جنهن کي مانڊوي ۾ سڏيندا آهن، سو وڏو بندر آهي، جتي آگبوٽ اچي بيهندا آهن. جيئن مٿي چيو ويو آهي، ته اهو ڀڄ کان ارڙن ڪوهه پري آهي، ۽ وچ ۾ شاهي سڙڪ لڳي پيئي آهي ۽ انهيءَ مڏئيءَ ۾ سيٺ جون جايون جڳهيون هيون ۽ سندس ماڻهو رهندا هئا.

زينت بانوءَ  کي سيٺ پنهنجي ڪنهن مائٽ سان مڏئيءَ ڏي موڪليو ۽ ان کي سمجهايائين ته ”هن مائيءَ کي ٽڪيٽ وٺي  چاڙهي، ٻيو ڪو سڃاڻ ڄاڻ ويندڙ هجي ته ان کي پارت ڪري پوءِ اچجئين.“

زينت بانو سنڀري،  سڀني کان موڪلائي ٻار ڪڇ تي ڪري هلي. هلڻ مهل گهر وارن ساڻس ڏاڍيون ڀلايون  ڪيون، ڏهه – پندرهن رپيا روڪ ۽ ٻه – ٽي وڳا ڪپڙن جا به انعام طور ڏنائونس. هيءَ انهيءَ ئي ڏينهن اچي مڏئيءَ پهتي. سگهوئي آگبوٽ  به آيو.، هن کي آڻي آگبوٽ تي چاڙهيائون. ٻيا به ڪي  ڪڇي مهاڻا سيٺ جا واقف اتان چڙهيا، تن کي سيٺ جي طرفان سندس مائٽ هن مائيءَ جي گهڻي پارت ڪئي. نيٺ آگبوٽ لنگر کڻي روانو ٿيو، ۽ سيٺ جو مائٽ، زينت بانوءَ کي اماڻڻ آيو هو، سو موٽي ڪناري ڏي ويو.

ٻئي ڏينهن ٻنپهرن کان پوءِ، آگبوٽ اچي بمبئيءَ پهتو. گهڻائي ماڻهو آگبوٽ تي چڙهي آيا ۽ پنهنجن ڄاڻن سڃاڻن کي ڳولي هٿ ڪيو پئي لاٿائون. ويچاريءَ زينت کي به دل ۾ آيو ته ”جي منهنجي مڙس کي خبر هجي ها ته جيڪرمون کي به وٺڻ اچي ها.“ وري چيائين ته ”اڳئين ڀيري هنن ماڻهن وانگي آيو هوندو، مون کي نه ڏسي گهڻو ارمان ٿيو هوندس. هاڻي الائجي ڪٿي هوندو، ڇا ڪندو هوندو؟ يا موٽي حيدرآباد ويو هوندو.“ پر انهيءَجي گهڻو ڪري پڪ هيس ته موٽي نه ويو هوندو، ڇالاءِ جو مڙسس کي بمبئيءَ ۾ ڪن ورهين تائين گهر ڪري رهڻ  جو ارادو هو. سو هينئر خدا تي ڪم رکي، توڪل ڪري اچي اتي نڪتي هئي.

آگبوٽ ۾ جيڪي رفيق هئس ۽ جن کي سندس پارت ڪئي هئائون، تن هن کي پاڻ سان گڏ بتيلي تي  چاڙهي آڻي بندر تي لاٿو. زينت بانوءَ کي ڦول گليءَ ۾ وڃڻو هو ۽ هنن ماڻهن کي ميمڻ محلي ۾ لهڻو هو، سو هڪڙي گاڏي  ڀاڙي ڪري ميمڻ محلي تائين ته گڏ َآيا، پوءِ هو لهي پيا ۽  گاڏي واري کي اڳواٽ پئسا به ڏيئي ڇڏيائون ۽ چيائونس ته ”هن مائيءَ کي ڦول گليءَ جي منهن وٽ لاهي ڇڏجئين.“

گاڏيءَ واري اڳڀرو وڃي، هڪڙي گهٽيءَ جي منهن وٽ زينت بانوءَ کي لاهي ڇڏيو. هن کي چيائين ته ”ڦول گلي اها اٿئي.“ حقيقت ڪري ڦول گلي اڃا پري هئي، پر بمبئيءَ جي گاڏيءَ وارن سان خدا شال ڪنهن جو پلو نه اٽڪائي، ڏاڍا لُچا ٿيندا آهن، هن ڏٺو ته مون کي پنهنجا پئسا ملي ويا آهن ۽ زال به غير واقف ٿي ڏسجي. ڇالاءِ ايترو هلاڪ ٿيان.“ اتيئي لاهي ڇڏيانس.

هو ته گاڏي هڪلي هليو ويو. زينت بانو ٻار ڪڇ تي ڪري لهي پئي. هوءَ پاڻ به بُکي هئي ۽ ٻار به بکيو هوس، تنهنڪري ٻه – ٽي آنا ڪڍي ڪنهن گهورڙيي کان ٿورا  ڪماند جا ڇليل ٽڪر ۽ ڪيوڙن جون ڦريون ۽ ڪتل وٺي جهوليءَ ۾ کنيائين. هڪڙي ڦري کڻي ٻارجي هٿ ۾ ڏنائين، جو کائيندو هليو ۽ پاڻ ڪماند جا ٽڪر کائيندي هلي.

هن گهٽيءَ جي پهرئين ٻن هٽن تان پڇا ڪئي. اتان جواب مليس ته ڦول گلي ڀينڊي بازار جي وچ ڌاري آهي. سو هتان هيءَ گهٽي ڏيئي وڃي ڀينڊي بازار ۾ پؤ، پوءِ سڌي هلي وڃ. هن ويچاريءَ ايئن ڪيو. گهٽي وٺي اچي بازار ۾ پيئي.

ڪنڊ تي پهچڻ کان اڳي هڪڙو اتفاق ٿيو، جو ڪنڊ واري هٽ تي ميوو ۽ ٻيو وکر کاڌي جو رکيو هو، تنهن  مان ڪال زال گوڙ ۾ هلندي جهٽ ڏئي ڪيوڙي جو ڇڳو ۽ مٺ ڪتل جي کڻي اٿي ڀڳي هئي.  هٽ وارو ڪم سان اندر ڪوٺيءَ ۾ هو، ننڍڙو ڇوڪر سندس هٽ تي هو، تنهن دانهن ڪئي، تنهن تي اندران  هٽ وارو به نڪتو،سو هٽ تان لهي هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳو.

اها زال ته گوڙمان کسڪي، ٻي ڪا گهٽي ڏيئي هلي ويئي، پر زينت بانوءَ، جا هاڻي ورکائي اچي ڀينڊي بازار ۾ پئي هئي، ۽ پاسو ڏيو هلي ائي، تنهن کي آڻي هن ٻانهن کان ورتو، ڀانيائين ته اها آهي. هن کي چيائين ته ”تون چور آهين.“ هن چيو ته ”آءٌ غريب مسافر آهيان.“ هٽ واري کي ڪيوڙو ۽ ڪتل ڏسي پڪ ٿي؛  ”فرياد فرياد“ ڪيائين ته هڪڙو – ٻه پوليس جو سپاهي اچي نڪتو. جهولي پٽي سندس ڪيوڙو ۽ ڪتل هٿ ڪيائون،۽ پڇيائونس ته ”هي ڪٿان آندا اٿئي؟“ هن چيو ته ”ملهه ورتا اٿم.“ پڇيائونس ته ”ڪنهن کان ورتا اٿئي، هلي ڏيکار.“ پر هو ته گهور وارن مان هو، جي هلندي وڪرو ڪن، سو الائجي ڪيڏي ويو.ويچاري لاجواب  ٿي؛ ٻيو وري هندستاني برابر ڳالهائڻ نه پئي اچيس، نه هنن جي ٻولي برابر سمجهي سگهي، گوڙ ۾ موڳي ٿي ويئي.

هن کي توڙي فرياديءَ کي پوليس وارن پاڻ سان کنيو؛ ويجهي ٿاڻي تي وٺي آين، اتي هن کان پڇاڳاڇا ٿي. هٽ واري پنهنجو ڇوڪر ۽ هڪڙو ٻيو شاهد ڏنو، جن چيو ته اسان انهيءَ زال کي کڻندو ڏٺو، جنهن قسم جو مال چوري  ٿي ويو هو، سو به هن زال وٽان ۽ هيءَ وري هئي به ننڌڻڪي، ۽ غير واقف، سو  ڀانيائون ته فقيرياڻي آهي، جا ڪنهن ظاهري گذر اپاءُ کان سواءِ گهمندي وتي. وري وٽانئس ستر – اسي روپيا به لڀي پيا. هيڪاري پڪو شڪ پين ته هيءَ ڪا خراب چال واري آهي، جهلي ڪورٽ ۾ رجوع ڪيائونس.

ٻئي ڏينهن مقدمو هليو. فرياديءَ جا شاهد گواهه پڇيا ويا. هن ويچاريءَ جو خدا کان سواءِ نڪو شاهد نڪو گواهه، نڪو واقف، نڪو سڃاڻو. گهڻوئي بچاءَ ۾ دانهون ڪيائين، حجت دليل ڏنائين، پر هڪڙو ته سندس ٻولي پوريءَ طرح نه سمجهن، ٻيو وري قاعدي موجب بچاءُ جو شاهد ڪونه هوس، تنهنڪري هڪ مهينو قيد ملي ويس. روپيا، شڪ ۽ چوريءَ جا ڄاڻي ضبط ڪيائون ۽ ڪيوڙو ۽ ڪتل فرياديءَ کي ڏياريائون. ويچاريءَ منهن مٿو پٽيو، پر کنڀڙين کان وڍي، ٻار سوڌو وڃي جيل ۾ وڌائونس.

 جيل ۾ زنانو گهر مڙسن کان ڌار هو. هتي اڳيئي پنج – ڇهه قيدياڻيون پيون هيون، تن سان زينت به وڃي گڏي. سندس ڪپڙا لهرائي قيدين جا ڪپڙا ڍڪايائونس. پهريائين چار – پنج ڏينهن سخت پورهيو ڪرايائونس، جنهن ڪري هٿ ئي لڦن سان ڀرجي پيس. پوءِ هلڪي هلڪي ڪم تي رکيائونس. سندس ٻار جي سنڀال به سرڪار جي طرفان ٿيندي هئي. مگر هو اڪثر ساڻس رهندو هو، تنهن ڪري هن جي هانو کي وري به ڪو ڏڍ هوندو هو.

ويچاريءَ پنهنجي ڦٽل نصيب تي پئي رُنو. چوندا آهن ته هن دنيا  ۾ ڏک ايندا آهن، ته  هڪٻئي پٺيءَ ڪاهي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندا آهن؛ سو سچ آهي. اڃا هڪڙيءَ بلا مان مس ڇٽي، ته ٻيءَ ۾ اچيو ڦاسي. وري به شابس هجيس، جو سڀ مصيبتون سر تي کڻي صبر ۽ تحمل سان ڏينهن ڪاٽيو  آئي.

هن ويچاريءَ پئي ڏينهن ڳڻيا، ته ڪڏهن بند مان نڪرنديس. آخر مهينو پورو ٿيو ۽ زينت جي ڇٽڻ جو ڏينهن آيو. پنهنجا ڪپڙا ڍڪيائونس ۽ موڪل ڏنائونس. انهيءَ ساڳئي ڏينهن هڪڙي ٻي قيدياڻي به ڇٽي. جيل ۾ رهي زينت هن سان واقف ٿي وئي هئي. هوءَ ته بمبئيءَ جي تر جي هئي. ڪا هندستانڻ ٿي ڏٺي، تنهن هن کي چيو ته ”آءٌ توسان گڏجي هلنديس، هلي توکي ڦول گلي ڏيکارينديس.“ سي هاڻ ٻيئي گڏجي اٿي هليون.

گهڙيءَ ۾ اچي ڦول گليءَ جي منهن وٽ نڪتيون. اتي هن کي ڇڏي هوءَ ٻي زال هلي ويئي، جا قيد مان ڇٽي هئي ۽ گهر موٽڻ لاءِ تڪڙي هئي. زينت بانوءَ وري به ٻن – چئن دڪانن وارن کان پڇي پڪ  ڪئي، ته ڦول گلي برابر اها آهي. پڪ ڪري پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس علي رضا جي پڇا ڪرڻ لڳي.

ڦول گليءَ جي منهن وٽ پهريون هٽ جيڪو هو، سو هڪڙيءَ سرهاڻن وڪڻڻ واريءَ زال جو هو. انهيءَ جو نالو چاند بيبي هو. اها مرداني ۽ چڱي زال ڏٺي ٿي، تنهن کان وڃي زينت پڇيو ته ”مائي، هن گهٽيءَ ۾ هڪڙو ماستر علي رضا نالي سنڌ جو ماڻهو رهي  ٿو، تنهن جي گهر جو ڀلائي ڪري ڏس ڏيندينءَ؟“

هن چيس ته ”هائو مائي، اهو مون کي سجهي ٿو، هتي برابر رهندو هو، پر گهڻا ڏينهن ٿيا، جو لڏي ويو ۽ وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ جاءِ ورتي اٿس، سندس اصلوڪو گهر به پري ناهي، او اهيو پريان هن ماڙيءَ تي هوندو هو. پر هينئر منجهس ٻيا ماڻهو ويٺا آهن.“

وري پڇڻ لڳيس ته ”ڇو مائي، تون انهيءَ جي واقف آهين ڇا؟“

زينت بانوءَ چيو ته ”هائو مائي، آءٌ به سنڌ جي آهيان. هڪڙي پاڙي جا ويٺل آهيون. منهنجو هتي اچڻ ٿيو، تڏهن ارادو ٿيم ته هن وٽ وڃان، جو هتي منهنجو ٻيو واقف ڪونهي.“

زينت بانوءَ ڄاڻي واڻي سچي ڳالهه نه ٻڌايس. ڀانئيائين ته منهنجو مڙس هتي آبروءَ سان هلندو چلندو هوندو، متان هي ماڻهو ڄاڻن ته آءٌ سندس زال نڌڻڪي گهمندي ڦرندي وتان، ۽ هن جي خواري ٿئي، تنهن ڪري بدلائي ايئن ڳالهه ڪيائين.

پوءِ ته  پاڻ ۾ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪري ٺهي ويون. زينت بانوءَ کي هينئر ڪي به ڪين ٿي سجهيو ته ڇا ڪريان! ههڙي وڏي شهر ۾ ڀلا مڙس جو پتو ڪيئن پئجي سگهندو! دل ۾ ٺهرايائين ته في الحال ڪٿي گذارڻ جو بندوبست ڪريان، پوءِ جيڪا خدا گهري هوندي، سا ٿيندي.

چاند بي بي  به چڱي زال هئي ۽ موچاريءَ وسعت واري هئي، تنهن، جو زينت کي ههڙي حال ۾ ڏٺو، ۽ ڄاتائين ته هيءَ پرديس ۾ غير واقف آهي، تنهن کي مٿس ڪهل آئي. وري هن کي ڏٺائين  به اشراف ۽ غريب، تنهن سج لٿي تائين اُتيئي پاڻ وٽ ويهاريس ۽ پوءِ دڪان بند ڪري، هن کي ٻار سوڌو پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر آئي، جو سندس هٽ کان گهڻو پري نه هو.

چاند بيبيءَ جي گهر ۾ رڳو هڪڙي پاڻ رهندي هئي، ٻيو سندس پٽ، جو ڏينهن جو ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪمائڻ ويندو هو ۽ ٽين هڪڙي پورهيت هين ماني پچائڻ واري.  پٽس پرڻيل هو، پر مهينو – ڏيڍ  ٿيو هو جو سندس زال هڪڙي ننڍڙي ڌيءَ ڇڏي مري ويئي هئي، سو اڃا انهيءَ  جي سوڳَ ۾ هو. انهن ڀاتين سان زينت بانوءَ جو هاڻي اچي گذر ٿيو.

هن وٽ هڙ ۾ پئسو ڪونه هو، تنهن ڪري هو ماني کارائيندا هئس، ۽ پاڻ هنن جي گهر جو جيڪو پورهيو مناسب ڄاڻندي هئي اهو ڪندي هئي، ۽ هن ٻئي ننڍڙي ٻار جي سنڀال به ڪندي هئي، جنهنڪري چاند بيبيءَ جو پٽ هن پنهنجيِءَ مهمانڻ جو گهڻو شڪرگذار هوندو هو.

هفتي – ٻن جي آزمودي مان چاند بيبيءَ کي زينت جي اشرافت ۽ نمڪ حلالي چڱيءَ طرح معلوم ٿي ويئي، سا هاڻ هن کي پاڻ سان مدد لاءِ هٽ تي وٺي نيئي ويهارڻ لڳي. بعضي وقت ته پاڻ ڪنهن پاسي هلي ويندي هئي ۽ زينت پيئي سودو ڏيندي هئي، جو هوءَ ڏسي ڏسي واقف ٿي ويئي هئي.

پاڙي جي هڪڙي ٻي به زال چاند بيبيءَ جي ذات جي هوندي هئي، جا اڪثر وٽن اچي رهندي هئي. اها شهر جي البت واقفڪار هئي، ۽ چڱن چڱن  گهرن ۾ پورهيت ٿي ته ڪمايو هئائين. تنهن  هڪڙي ڏينهن ڳالهين ڪندي زينت بانوءَ کي چيو ته “مائي، هتي تون رڳو پيٽ تي پيئي ڪمائين،  ڇو نه ڪٿي پورهيت بيهين؟ ٻه – ٽي روپيا مهيني ۾ نڪري پوندءِ” بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ پنهنجي پئسي کان سواءِ مڙئي ڪوڙ آهي.“

زينت بانوءَ چيوته ”مائي، سچ آهي، مگر منهنجو هتي واقف ڪونهي. تنهن کان سواءِ اڄ ملڪ ۾ اشرافت ڪانه رهي آهي، ڪو سکر گهر هجي ته جيڪر ڇو نه بيهان.“

هن مائيءَ چيوته ”منهنجي هڪڙي ساهيڙي آهي، اها آياجو ڪم ڪندي آهي، تنهن ٽيون ڏينهن مون کي چيو هو ته ”ڪنهن سکر ماڻهوءَ کي اشراف پورهيت گهرجي، سو ڪا هٿ لڳيئي ته مون کي ٻڌائج. پگهار  چڱو ملندس.“

زينت بانوءَ چيوته ”مائي، جي اهڙي ڳاله آهي ۽ گهر سکرن جو آهي، ته آءٌ خوشيءَ سان پورهيت بيهنديس.“

هن مائي ورندي ڏني ته ”چڱو مائي، سڀاڻي صبح جو آءٌ هتي سوير اينديس، تون سنڀري ويٺي هججئين ته آءٌ توکي وٺي پنهنجي ساهيڙيءَ وٽ هلنديس.“

اهو ڏينهن ته خير جو گذريو.

رات جو زينت بانو، چاند بيبيءَ سان اها ڳالهه ڪئي، تنهن ڏوراپو ڏنس ته ”متان اسان وٽ بک هيئي تنهن کان ڀڳي آهين؟“ پر هن چيس ”آءٌ ته اوهان وٽ ڏاڍي سکي هيس. اوهان جو گهر پنهنجو گهر ٿي ڄاڻان؛ پر آخر اوهين پنهنجن ٻارن ٻچن وارا آهيو. گهڻائي ڏينهن مون نڌڻڪيءَ سان اوهان ڀلائي ڪئي. هاڻي جڏهن پاڻيهي حق- حلال جي پورهيي جي آڇ ٿي آهي، تڏهن ڇو نه اُهو هٿ ڪريان؟“

انهيءَ طرح رات جو هنن کان موڪلائي ڇڏيو هئائين. صبح جو سوير اها مائي هٽ تي آئي، تنهن سان گڏجي پنهنجو ٻار ڪڇ تي کڻي هلي.

ٻه – ٽي گهٽيون لنگهي ٻيئي ڄڻيون هڪڙي گهر ۾ گهڙي ويوين، اتي هوءَ ٻي مائي آيا ويٺي هئي، ٻي هڪڙي ڇوڪري به وٽس هئي، ٻيو ماڻهو اتي ڪونه هو. هن زال انهيءَ کي چيو ته ”ادي، پورهيت تو پڇي ٿي، سا اجها“ هن چيو ته ”ادي، چڱو جو تون آئينءَ، آءٌ به تنهنجي دلاسي لڳي ويٺي هيس،  نه ته ويس ٿي هلي. هاڻ مائي تڏهن اُٿ ته هلون.“

هي ٻيئي اُٿيون ۽ هوءَ اڳين زال موڪلائي هلي ويئي.

 

 

 

باب ٻارهون

ميلاپ

آيا ۽ زينت بانو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون بازار ڏيئي هليون. پهريائين ته هڪٻئي جو حال ڏنائون ورتائون، پوءِ زينت بانوءَ پڇيس ته ”مائي، اهو ڪنهن جو گهر آهي، جتي پورهيت گهرجي ٿي؟“

آيا چيو ته ”مائي، هڪڙو ماستر آهي، هتي اچي ورهيه – ٻن کان رهيو آهي، هو ٻارن ٻچن وارو آهي. زال اٿس، ڌيءَ اٿس، ماءُ اٿس ۽ هڪڙي پورهيت اٿس. وڏا اشراف ٿا ڏسجن ۽ پنهنجيءَ وارا به آهن. اءٌ سندن گهر ويندي آهيان، جو سندس زال سان منهنجي ڏيٺ آهي. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو ٻار جي لاءِ هڪڙي پورهيت رکي هئائون، پر اها سگهوئي ڇڏي وين؛ ٻيءَ جي ڳولا ۾ آهن. مون کي به منٿ ڪئي هئائون ته اسان کي ڪو اشراف ماڻهو ڳولائي ڏي.“

زينت پڇيو ته ”ٻار ڪيڏو آهي؟“

آيا چيو ته ”ننڍڙو آهي؛ ڄائي چار- پنج مهينا مس ٿيندس.“

زينت وري پڇيس ته ”مائي، انهيءَ ماستر جو نالو ڇا آهي؟“

آيا ورندي ڏني ته ”مائي، نالو ته مون کي نٿو اچي، باقي سندس زال جو نالو عزت بي آهي.“

زينت چيو ته ”پوءِ ادي! اها مائي ڪهڙي هنڌ جي آهي؟“

آيا جواب ڏنو ته ”اها مائي هتي جي رهاڪو آهي. سندس پيءُ هڪ اشراف دکني آهي، ذات جو شيخ آهي، تنهن سان ماستر جو رستو هو، پوءِ ته نيٺ پاڻ ۾ مائٽي  ٿي وين.“

اهي ڳالهيون ٻڌي زينت بانوءَ پنهنجي دل ۾ اهو ويچار ڪيو ته ”لاشڪ اهو ماستر منهنجو مڙس علي رضا آهي، جو مون کي مئو ڄاڻي هتي پرڻيو آهي ۽ ڌيءَ به ڄائي اٿس.“ انهيءَ ڪري هن کي دل ۾ نهايت گهڻي خوشي به ٿي، جو ڄاتائين ته جنهن مڙس سان منهنجي هيتري دل هئي، ۽ جنهن لاءِ هيتري جاکوڙ پئي ڪڍيم، تنهن سان نيٺ ملڻ جو وقت نزديڪ اچي ٿيو آهي. پر پوءِ هيءُ ڏک به ٿيس ته ”جڏهن ٻي ازال پرڻيو آهي، تڏهن الائجي مون سان خاطر ٿئيس يا نه. ٻيو ته ساڳئي گهر ۾ ۽ پهاڄ سان گڏ رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. تنهن کان سواءِ آءٌ جو هيترا ڏينهن کانئس ڌار رهي آهيان ۽هو  ٻڌندو ته آءٌ ڪهڙن ڪهڙن خراب ماڻهن جي چنبن ۾ پئي رهي آهيان ۽ وري اتان نڪتي آهيان ته شايد هن کي منهنجي پاڪدامنيءَ ۾ شڪ پيو ته عجب ڪونهي. تنهنڪري يا ته مون کي پاڻ وٽ رکندو ئي ڪين يا جي رکيائين ته به محبت ڪانه ڏيندو رڳو عذاب سهڻو پوندو.“

نيٺ اهي ڳڻتيون ڳڻي، دل ۾ ٺهراءُ ڪيائين ته ”آءٌ پاڻ ظاهرنه ڪريان، پورهيت ٿي وڃي وٽن بيهان.ا گرچه پهاڄ جي اڳيان ڪمائڻ ڏکيو آهي، پر تڏهن به مون کي پنهنجي مڙس ڏي ڏسڻو آهي. جڏهن ڪو مناسب ۽ سڻائو وجهه ڏٺم، تڏهن کڻي ظاهر ٿينديس. تيسين پنهنجو نالو زينب کڻي رکنديس، جو زينت جي نالي کي ويجهو به آهي. آءٌ ڳالهائيندينس به کڻي هندستاني، جو هتي گهڻا ڏينهن رلڻ پنڻ ڪري مون کي چڱي موچاري اچي به ويئي آهي ۽ هن جي زال به دکنڻ آهي، سو گهر ۾ اڳيئي هندستاني ڳالهائيندا هوندا.“ ائين ڪندي هي ٻيئي ڄڻيون اچي ماستر علي رضاجي گهر وٽان نڪتيون.

حقيقت جي ڳالهه به ائين هئي، جيئن زينت  بانوءَ انهيءَ ماستر بابت دل ۾ سمجهي هئي؛ اهو گهر برابر علي رضاجو هو، مائٽ جي آئي کان پوءِ ويچارو پهريان ڏينهن ته زال کي ياد ڪري پيو ڳرندو هو، ڏينهن جا ڏينهن هنن جي گهر ۾ ماتم هو، مهيني کن جي اندر هنن ڦول گليءَ وارو گهر ڇڏي ڏنو،  جو ماڻس چيس ته ”اهو گهر نڀاڳو آهي، جنهن ۾ روئندي اچي داخل ٿيا آهيون.“ سو نڪري، وري اچي بازار جي هن ڀر بابلا تلاءَ جي پاسي ۾ هڪڙي جاءِ ڀاڙي ڪري ويٺو، جا اڳي کان بهتر هئي.

ماڻس ته پريندي شرط گهڻا زور ڪيس ته موٽي وطن هلون. چيائينس ته ”ابا، هيترن ماڻهن ٿي چيئي ته آرام سان، گهر ويٺي الله ٽڪر پيو ڏئي، سو ڇڏي، گهڻي جي لالچ تي پرديس ۾ نه وڃ؛ پر تون نه رهئين،  نه ته ههڙي جٺ نه ٿئي ها.  ٻيو ته اوهين نئين پوڄ پيدا ٿيا آهيو، سي ڏاڍا ڏنگا آهيو. شاديءَ جا سڳڻ ساٺ بند ڪرائي ڇڏيو، رڳو دهل جو  به ڏونڪو نه لڳو. گهڻن مون کي چيو ته  نڀاڳي، خراب ڪم ٿي ڪرين، سوڻن سڳڻن جي ڳالهه اٿئي، سنڀالج، پر مون نه سنڀاليو؛ اوهان جي انگلن ڏي ڏٺم. هاڻ اها ساڳي بدسوڻي پيش آئي!“

علي رضا ته ماٺ ڪري اها ڪاوڙ سٺي، جواب ڪونه ڏنائين، جو اها ڏک جي مهل هئي. ٻئي گهر ۾ به ٻه – چار مهينا رهيا، نيٺ ٿورو ٿورو ڪري زينت کي وساري، سهسائي ويهي رهيا. زماني جود ستور به ائين آهي، ٻارو هي ڪنهن لاءِ ڏک ڪين ٿو رهي. جيترو ڪالهه هو، اوترو اٺ ناهي، جيترو اڄ آهي، اوترو سڀاڻي نه هوندو.

علي رضا جو ڪم چڱيءَ طرح پئي هليو، گهڻي معرفت شهر ۾ ٿي ويئي هيس. پئسو به چڱو مورچارو گڏ ڪيو هئائين، تنهنڪري پٺتي موٽڻ جو ارادو في الحال بند ڪري، هتي جو رهاڪو ٿي  رهڻ لڳو.
هڪڙي دکني ماڻهوءَ شيخ شهاب الدين نالي سان رستو ٿي ويو هوس. هو چڱو ماڻهو هو؛ بمبئيءَ جو رهاڪو هو، ڪنهن ڇاپخاني ۾ ڀائيوار هوندو هو، جنهن مان چڱي پيدائش هوندي هيس. انهيءَ کي ڌيءَ عزت بي نالي هئي، تنهن سان شاديءَ جو بندوبست ڪيو هئائين. هوءَ به جوان ۽ خوبصورت ۽ نرم سڀاءَ واري ڇوڪري هئي. هندستاني چڱي طرح لکي پڙهي ڄاڻدي هئي. تنهن مان هڪڙي ڌيءَ به ڄائي هيس، جنهن جو نالو آمرازادي رکيو هئائين.

علي رضا جو مامو، جو سندس ٻار پهچائڻ آيو هو، سو به ٻه مهينا ساڻس گڏ رهي، وري ڳوٺ هليو ويو، باقي سندس ماءُجان بيبي ۽ سندس دائي ساڻس هيون. مريم ماني ٽڪيءَ جي ڪم تي هئي،تنهن ڪري هنن ٻي هڪڙي پورهيت رکي هئي، جا اُٿيءَ ويٺيءَ جي ۽ گهر جو ٻيو ڪم ڪار به ڪندي هئي  ۽ پوءِ  جڏهن ٻار گهر ۾  ٿيو، تڏهن ٻار به سنڀاليندي هئي. پر اُها هاڻي ڇڏي ويئي هين، هو ٻيءَ جي تلاش ۾ هئا، مٿين آيا شيخ شهاب الدين جي گهر جي واقف هئي، پوءِ سندس ڌيءَ جي خاطر هن گهر جي به واقف ٿي، تنهن کي ڪنهن پورهيت لاءِ سوال ڪيو هئائون، سا هاڻ زينت بانوءَ کي هٿ ڪري سندس گهر ٿي آئي.

جڏهن هي ٻيئي اندر ويون، تڏهن گهر جا ڀاتي سڀ حاضر هئا. آچر جو ڏينهن هو. علي رضا به گهر ۾ هو، پر مٿي ماڙي تي پنهنجي جاءِ ۾ هو؛ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ٿي ڪيائين. مائي هيٺ آئي. آيا مائيءَ کي چيو ته ”هيءَ پورهيت اوهان جي لاءِ آندي اٿم. مون کي به هن جي ٻانهن ڪنهن ٻيءَ سهيليءَ ڏني آهي. پر جهڙي اوهان ٿي ڳولي، اهڙي آهي. رهندي به اوهان وٽ. پنهنجي ٻار واري آهي، سا اوهان جي ٻار جي سنڀال به چڱي ڪندي ۽ ٻيو جيڪو ڪم ڪار چوندوس  اهو به پئي ڪندي. هاڻي پنهنجو پگهار ٻولائي ڇڏيوس.

مائيءَ هن کان مختصر خبرچار ورتي. پگهار پنج روپيا ۽ پيٽ جي ماني ٺهرايائين. علي رضا کي خبر ڪيائون، سو به لهي آيو. تنهن به هنن جي ڳالهه ٻڌي قبول ڪيو. پوءِ آيابه ستت ئي موڪلائي هلي ويئي.

زينت بانوءَ سان گهر جا ڀاتي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٻار به ساڻس هو، تنهن جو پڇيائونس، هو تمام وڻندڙ ٻار هو، جهڙو نالو محبوب هوس، اهڙو محبوب هو؛ تنهن ڪري ويجهو اچي انهيءَ سان کيڏڻ لڳا. هو کلڻ ۽ ڏانهن اهلرون ڪرڻ لڳو،  تنهن کي علي رضا ۽ ٻين کنيو، چميون ڏنائونس ۽ ٽول هٿ ۾ ڏنائونس ۽ پورهيت کي جس شابس ڪري سندس ڪم ڪار سمجهائي ڇڏيائون، سا انهيءَ مهل وڃي مريم وٽ ويٺي.

زينت بانوءَ جي نڪا سونهن نڪا جواني گم ٿي وئي هئي، جدا ٿئي ٻه ورهيه کن مس ٿيا هئس، پر  هيترا ڪشالا  ۽ هيڏا جاکوڙا جي ڪڍيائين، پنڌ  ڪاٽيائين، جنڊ ڪڍيائين، ڏک سٺائين، تنهن ڪري بيشڪ سندس شڪل جهڪي ٿي  ڦري وئي هئي ۽ هينئر ٻيو نالو هوس، ٻي ٻولي هيس، ٻي حالت هيس، تنهن ڪري جن ساڻس گڏ گذاريو هو، سي به ڀلجي ويا.  وري هنن هن کي مئو سهسايو هو، پڪ هين ته ٻڏي ويئي؛ هنن جي وري ڏسڻ جي اميد ئي ڪانه هين؛ تنهن ڪري امڪان ڪونه هو ته هن کي سڃاڻن.انهيءَ هوندي به هنن کي هن جا ڪي مهانڊا پئي دل ۾ لڳا، جيئن ته هي ماڻهو ڪٿي ڪو ڏٺو هجين، پر ياد نه پوين؛ پر ماڻهو ماڻهن جهڙا، انهيءَ پاسي ڏي ڪنهن کي گمان به ڪونه پيو.

آخر زينت بانو، ”زينب“ جي نالي هيٺ پنهنجي مڙس ۽ پهاڄ ۽ سس جي اڳيان پورهيت ٿي ڪمائڻ لڳي. مهيني کن جي اندر هن  جي چالاڪي، نمڪ حلالي، اشرافت ۽ چڱي هلت ڏسي هن کي آفرين ڪرڻ لڳا. خاص ڪري هن جي نماز ۽ قرآن جي شغل ڪري منجهانئس خوش هئا. پر هن جي لکپڙهه ڄاڻڻ جي خبر ڪانه هين، نڪو زينت بانوءَ کي انهيءَ ڳالهه ظاهرڪرڻ جو في الحال ارادو ئي هو.
جيئن وڌيڪ ڏينهن پوندا ويا، تيئن سڀني جي محبت هن سان وڌندي ويئي. خود علي رضا به هن جي افعالن ۽ اخلاقن تي عاشق ٿي رهيو هو ۽ هن کي گهڻو ڀائيندو هو. ڪنهن مهل ته انهيءَ پورهيت کي ڏسي، هن کي پنهنجي زال به ياد پوندي هئي ۽ ٻه – ٽي ڀيرا انهيءَ بابت پنهنجي نئين زال سان ذڪر به ڪڍيو هئائين، جنهن تي  هن چرچو ڪري چيس ته ”ڌيان ڪر، متان ڀلجي وڃين ۽ چڱي چڱي ڪري وڃي مٿس هٿ رکين! هن جي گهڻي تعريف ٿو ڪرين، تنهن ڪري مون کي ٿو شڪ پوي.“ هن ٻار جي به گهر جي ڀاتين سان، خاص ڪري علي رضا سان ڏاڍي دل ٻجهي وئي، سو گهڻو ڪري هن سان کلندو ڳالهائيندو هو. ڀلا رت جي ڇڪي ڪٿي ٿي لڪي سگهي؟

جان بيبيءَ  ته هڪڙي ڀيري ائين به چيو هو ته ”هن نينگري جو نڪ ۽ اکيون ۽  ڳل ساڳيا اهڙا آهن، جهڙا علي رضا جا ننڍي هوندي هئا.“ ۽ هن سان چرچو ڪري چوپندي هئي ته ”مائي، متان ڪا تو ۾ اسان جي لڇ به گڏيل آهي؟“ هوءَ جواب ڏيندي هئي ته  ”مائي، ڪا هوندي ته خدا کي خبر!“

انهيءَ طرح هن کي  اٺ مهينا گذريا. عزت بي پيٽ سان هئي، تنهن جي مدت به اچي پوري ٿي هئي، تنهن کي ويم جا سور اچي ٿيا، دائي گهرايائون، پر سور سخت ٿيڻ لڳا. ٻه ڏينهن لنگهي ويا، ته به ڇوٽڪارو نه ٿيو. ڊاڪٽر کي آندائون،  انهيءَ مٿا هنيا ٻار آ مهاڙو اچڻ لڳو نيٺ هيلن سان ڪڍيائون مئل نڪتو. عزت بي ويچاري ٽي ڏينهن سانده. تمام خراب حالت ۾ هئي، نيٺ رضا خدا جي، دم ڏنائين. هن جي مرڻ ڪري وري اچي هن گهر ۾ واويلا ٿي. ويچارا روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

ننڍڙي ڌيءَ، عزت بيءَ جي ويچاري ڇوري ٿي، تنهن کي ٻاٽليءَ سان کير پيارڻ، توڙي ٻي سنڀال  ڪرڻ ۾ز ينت بانوءَ ڪين گهٽايو. پنهنجي ٻار کان به وڌيڪ خدمت ڪرڻ لڳس. جي زال جي جيئري ئي علي رضا کي هن پورهيت جو کپ هو ته هاڻي  زال جي مئي کان پوءِ پاڻ وڌيڪ ٿيو؛ سو هوءَ ماءُوانگي هن کي پاليندي هئي ۽ جان بيبي، جان سوڻ سڳڻ ڳنڍڻ واري هئي ۽ جنهن وري هن گهر کي به نڀاڳو ٿي سمجهيو، سا به هن جي رهڻ ۾ گهڻو راضي هئي، تنهن ڪري زينت بانو  ساڻن ڳنڍي آئي.

انهيءَ طرح پنج – ڇهه مهينا گذري ويا. جا محبت ۽ الفلت گهرجي ڀاتين جي، خاص ڪري علي رضا جي زينت بانوءَ سان اڳي هئي، تنهن کان هاڻ وڌيڪ ٿي ويئي. عليءَ رضا کي هينئر زال جي رنڊڪ ڪانه هئي، جوان پورهيت گهر ۾ موجود هئي، جنهن جي لڇڻن جي چڱي خبر هيس. هيترا ڏينهن پاڻ ٻارن ٻچن سان رهيو هو، تنهن ڪري هاڻ ڇڙو رهڻ تي دل نٿي چيس،ز ينت بانوءَ کان اڳيئي ڳالهين ڪندي هن کي معلوم ٿيو هو ته هيءَ هينئر رنڙ آهي. هوءَ اگرچه پورهيت هئي، پر گهر ۾ زال ئي وانگي ٻار جي سنڀال ڪندي هئي، توڙي جو ٻيو ڪم ڪار سندس حوالي هوندو هو. تنهنڪري علي رضا کي هن ڏي گهڻو خيال ٿي  بيٺو. ماءُ سان صلاح ڪيائين، تنهن کي به اها ڳالهه وڻي. مريم به کلي چيس ته ”ابا، توکي ڪنواري ڪانه ٿي ڦٻي، من رنڙ ڦٻئي!“ نيٺ ماءُ کي سمجهايائين ته ”وجهه ڏسي انهيءَ  باب ۾ هن کي چو، ڏس ته ڇاٿي چوي.“ ايتري  پڪ هين، ته اسان سان ٺهي ويئي آهي، ظاهري ڪري ڏسجي به نڌڻڪي ٿي، تنهن ڪري پورهيت جي درجي کان گهر جي ڌياڻي ٿيڻ ۾ گهڻو خوش ٿيندي.

هوڏي وري زينت بانوءَ دل ۾ پئي ويچارڪ يو ته عزت بي جي مرڻ کان پوءِ پاڻ ظاهر ڪرڻ جو چڱو وجهه آيو آهي. ۽ اهو به خطرو هوس ته متان ڍرائي ڪريان، ۽  هو وري ڪنهن ٻئي هنڌ شاديءَ جو بندوبست ڪري ڇڏي، پر اڳوڻو ڊپ به دل تان نٿي ويس ته متان منهنجي پاڪ دامنيءَ ۾ شڪ اچيس ۽ اٽلندو هن حالت کان به خراب ٿيان.

نيٺ مڙس جي جا محبت هاڻي پاڻ ڏٺي هئائين، تنهن جي ڏڍ تي دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائين ته پوءِ ظاهر ٿيڻ کان هينئر ظاهر ٿيڻ بهتر آهي. انهيءَ رٿ ۾ هئي، ته ڪو خلاصو وقت ڏسي ڪنهن ڪاغذ تي پنهنجو ڏک ڀريو احوال لکي کڻي ڏيانس. پوءِ جڏهن خبر پيس، تڏهن ضرور مون سان ڳالهئين پوندو، پوءِ آءٌ پاڻهي خاطري ڏينديسانس.

پر هيڏي قصي لکڻ لاءِبه وقت ۽ وجهه گهرجي. گهر جي ڪم کان جيڪو ٿورو گهڻو فرجو ملندو هوس، سو پيئي لکندي هئي. انيهءَ ۾ هن کي ست – اٺ ڏينهن ليڳ ويا، ۽ اڃا پنهنجو داستان لکي پورو نه ڪيو هئائين، ته هڪڙي ڏينهن جان بي بي  سڏي چيس ته ”زينب! هڪڙي ڳالهه چوئين، جي چڙين نه؟“ زينت بانو چيو ته ”مائي، تون منهنجي سائڻ آهين، ڀلي چئو.“ جان بيبيءَ چيو ته ”زينب! توکي خبر آهي، ته منهنجي پٽ جي زال مري ويئي آهي، هوءَ ڇورو ٻار ڇڏي ويئي آهي، جو تنهنجن هٿن ۾ آهي. تون هن کي ماءُ وانگي آهين ۽ اسان سان به ٺهي ويئي آهين. تون غريب اشراف ڏسجين ٿي، ۽ اسين پاڻ به اشراف آهيون. هن جو ٺهيو ٺڪيو گهر هلندي هلندي ڊهي پيو، جي تون کڻي هائو ڪندينءَ ته سندس گهر وري آباد ٿي پوندو. پاڻ سڀ گڏ خوش پيا گذارينداسين. اها مسلماني پر آهي، ڪا مهڻي جي ڳالهه ناهي، سڀ مسلمان ڀائر آهيون، تون اسان وٽ پورهيت ٿينءَ ته ڇا ٿيو” تنهنجا لڇڻ موچارا آهن، سو اسان کي مائٽن کان به پياري آهين.“

ائين چئي هن ذري تائين بس ڪئي، ڀانيائين ته هوءَ ڪو جواب ڏيندي،  زينت بانو ته پڪي هئي، دل ۾ ته گهڻوئي خوش هئي، ۽ پئي چيائين  ”انڌو گهري الله کان ٻه اکيون“ پر شڪ لاهڻ لاءِ پڪائي ڪري ماٺ کڻي ڪيائين. جان بيبيءَ وري چيس ته  ”مائي، تڏهن منهنجي ڳالهه وڻيئي؟ مون کي رنج ڪندينءَ؟صاف جواب ۾ شرم ڇو ٿي ڪرين؟ آءٌ توکي به ماءُ وانگي آهيان، مون کان ڪهڙو حال ٿي لڪائين، ڪڇ ته سهي.“ ائين چئي ٻانهن ڊگهي ڪري، منهن مٿي ڪرڻ لڳس. زينت  چيو ته ”مائي، آءٌ هينئر ڇا چوان، آءٌ پاڻيهي  ڳالهه ڳڻي ڏينهن – ٻن ۾ اوهان کي جواب ڏينديس.“ جان بيبيءَ چيو ته ”مائي شابس جس اٿئي!“

ڏينهن – ٻن ۾ زينت بانو به وٺ پڄ ڪري پنهنجو دفتر پورو ڪيو. آچر جي ڏينهن صبح جو پهريون پهر هو. علي رضا مٿي جاءِ ۾ هو، هوٽيئي زالون ٻن  ٻارن سان هيٺينءَ جاءِ ۾ گڏ ويٺيون هيون، ويٺي ڳالهيون ڪيائون.  ڇوڪري جان بيبي ج هنج ۾ هئي، محبوب مريم جي اڳيان ويٺي راند ڪئي. ائين ڪندي زينت ڪنهن ڪم پٺيان اُٿي، سگهوئي هڪڙو  بند ڪيل لفافو هٿ ۾ کڻي آئي، ۽ مريم جي هٿ ڏئي چيائين ته ”ادي،هيءُ ٻاهران آيو آهي، ڀلائي ڪري مٿي پهچائي اچ، آءٌ وري ٿي اچان.“

اهو خط زينت بانوءَ جي حال جو هو، جو هن پنهنجي مڙس  لاءِ لکي تيار ڪيو هو، مريم خط ڏيئي وري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهي، ۽ زينت بانو به ذري کان پوءِ وري اچي سندن اڳيان بيٺي.

انهيءَ وچ ۾ علي رضا  لفافو کولي پڙهيو، هن ۾ زينت بانوءَ اول کان آخر تائين اهڙي چڱي ۽ ڏک ڀريءَ عبارت  ۾ پنهنجو احوال لکيو هو، جو پهڻ جي دل واري ماڻهوءَ کي به روئڻ اچي وڃي. هيءُ به هنجو هاريندو پڇاڙيءَ تائين پڙهندو ويو. پنهنجي زينت جا اکربه صاف سڃاتائين.

جيڪا محبت هاڻ تازي منجهس ڦٽي هئي، تنهن ڏهوڻون زور رکيو، هو ٽپ ڏيئي اٿيو، مٿان ڏاڪڻ تان دٻ دٻ ڪندو تڪڙو لٿو، ۽ پري کان ”منهنجي جان، منهنجي پياري!“ ڪندو، ڳوڙها ڳاڙيندو، جيئن زينت بانو سامهون بيٺي هئي، تيئن هن کي وڃي ڀاڪر وڌائين،  ۽ بي حجاب ٿي هيترن جي اڳيان هن کي چميون ڏيڻ لڳو. پوءِ ٻيئي هڪٻئي کي چنبڙي ويا ۽ اوڇنگارنو ڏيئي روئڻ لڳا.

هي زالون ويچاريون پهريائين ته علي رضا کي مٿان تڪڙو لهندو ڏسي ڊڄي ويون. پوءِ جو هو دانهن ڪري وڃي زينت کي چنبڙيو ۽  چميون ڏيڻ لڳو، تنهن تي ڄاتائون ته هيءُ الائجي چريو ٿيو آهي، يا ڪينءَ! مطلب ته هي اوچتو رنگ جو ڏٺائون، سو حيران ٿي ويون.

سگهو ئي علي رضا زينت کي  ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي اچي ماءُجي اڳيان بيٺو ۽ چوڻ لڳو ”امان، هيءَ منهنجي پياري زينت“ ۽ محبوب عليءَ کي کڻي چميون ڏيئي چيائين ته ”هيءُ منهنجو پيارو پٽ!“ سڀ اچرج ۾ پئجي ويون.

زينت وڃي جان بيبيءَ جي پيرن تي ڪري، جا ڀاڪر پائي ملڻ لڳيس ۽ چوڻ لڳي ته ”ابا، مون سان ته ڳالهه ڪر؛ هي ڪهڙو رنگ؟ آهي ته بيشڪ زينت؛ مون کي اڳيئي شڪ پئي پيو، هن نينگر جا مهانڊا به مون کي پنهنجن جا پئي لڳا؛ امان زينت! ٻڌاءِ ته سهي، ته تون ٻڏي ڪيئن بچينءَ؟ هيترا ڏينهن ڪٿي ڪيئن پئي گذاريئي ۽ هتي ڪيئن اچي پهتينءَ؟“

مريم جا اٿي وڃي زينت کي چنبڙي، تنهن چيو ته ”وري به خدا جا لک شڪرانا، جنهن وڇڙيا ته ملايا!“

علي رضا ماءُ کي چيو ته ”امان! اهو ڪاغذ جو مون کي مريم مٿي آڻي ڏنو، تنهن ۾ زينت پنهنجو سڄو حال لکيو هو. اهو مون پڙهيو آهي، آءٌ  ٿو توکي ٻڌايان؟“  پوءِ هن ويهي اتي ماءُ کي اهو قصو ٻڌايو، جو ٻڌي سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ پر پڇاڙيءَ ۾ وري به سڀني خدا جو شڪرانو ڪيو ۽ اهو سارو ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريائون.

ٻئي ڏينهن علي رضا خيرات جي ماني ڪئي ۽ پنهنجا دوست گڏ ڪري، انهن کي به کارايائين ۽ غريب غربي کي به ڍءُ ڪرايائين، پوءِ جيئن اصل گهر جا ڀاتي هئا، تيئن گڏ رهڻ لڳا، ۽ هندستاني ٻولي، جا ڪن ڏينهن کان اچي سندن وچ ۾ پئي هئي، سا اڏامي ويئي؛ وري اچي ويچاري سنڌي پيئي.

علي رضا زينت جي ماءُ ۽ ڀاءَ ڏي هن خوشخبريءَ جو ٿي لکيو، پر جان بيبيءَ جهليس ته ”ابا، تڪڙ نه ڪر، منهنجي صلاح آهي ته هاڻ اسين اڳتي هتي نه رهون. جيڪي هتي ٿو توکي ملي، سو الله بيشڪ هُتي به  پيو ڏيندو، پنهنجو جڙيو جيڪو گهر ڦٽو ڪيو، پرديس ۾ پراون گهرن ۾ رهندا وتون! گهڻوئي جلاوطني ڪاٽيسين، گهڻائي ورهيه جدا ريهاسين، هاڻ هلو ته هلون.“

جان بيبيءَ جي ڳالهه کي مريم پشتي ڏني. زينت بانو گهڻن ڏينهن کان مائٽن جي منهن لاءِ پئي سڪي، جي هن کي مئو سهسائي ويٺا هئا، تنهن  به چيو ته ”هميشه لاءِنه هلجي، ته به في الحال ته ڪي ڏينهن هلي پنهنجي وطن گذاريون.

هيترن جي مرضي ڏسي علي رضا به قبولدار ٿيو. پاڻ  ۾ صلاح ڪيائون ته جي هلجي ته اڳ ۾ ڪنهن کي خط نه لکجي، ماٺ ماٺ ڪري اوچتو هلي نڪرجي، ته ڀلي اڳين جي خوشي وڌي.

پوءِ ته سڀ سانباهو ڪرڻ لڳا. علي رضا جو  ته هٿ ٻن – چئن صاحبلوڪن سان اٽڪيل هو، تنهنڪري يڪدم هنن کي ڇڏي وڃڻ مناسب نظر نه آيس. پهريائين هڪڙو هوشيار منشي سڃاڻپ وارو ڳولي هٿ ڪيائين ته ”مون کي ڪنهن ضروري  ڪم لاءِ پنهنجي وطن ڏي  وڃڻو آهي، پنهنجي جاءِ تي ٻيو عيوضي اوهان کي رکي ڏيو ٿو وڃان.  جي آءٌ موٽي آيس  ۽ اوهين هتي هوندو ته آءٌ وري به اوهان جو نوڪر آهيان، نه ته معاف ڪجو.“

هنن لاچار ڄاڻي موڪل ڏنيس، پر انهيءَ هوندي به علي رضا مهيني جي پڇاڙيءَ تائين ساڻ رهيو. پوءِ هنن کان پگهار وٺي موڪلايائين، هفتي جي اندر هي سڀ گهر جا ڀاتي آگبوٽ ۾ چڙهي  روانا ٿيا ۽ پنجين ڏينهن صبح جو اچي ڪوٽڙيءَ کان پهرئين پور ۾ پتڻ لنگهيا.

اسان چيو آهي ته هنن جو گهر حيدرآباد جي ڪچي ۾ هو، جو مائٽن جي حوالي ڪري آيا هئا. علي رضا جو مامو به اڳيئي  موٽي آيو هو، سو به اتي هو، پر ڪنهن کي به هنن جي موٽڻ جي اميد ڪانه هئي. هي گاڏيءَ تان لهي پنهنجي اصلوڪي گهر گهڙي آيا. جيڪي ٻه – ٽي ماڻهو سندن عزيز اتي رهندا هئا، سي ٽپ ڏيئي اٿيا. هنن کي مليا،  ڏاڍا خوش ٿيا.

پهچڻ شرط علي رضا هڪڙي کي سمجهائي، سرائي فتح خان جي گهر ڏياري موڪليو ته ”حامد عليءَ کي ۽ سندس جاءِ تي خبر ڏي، ته فلاڻا اڄ صبح جو بمبئيءَ کان آيا آهن.“ پر هيترو تاڪيد ڪري ڇڏيو هئانيس ته ”زينت بانوءَ جي هنن سان بلڪل خبر نه ڪجئين.“

هن وڃي اهو پيغام ڏنو. هو هنن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، مگر جڏهن پنهنجي نياڻيءَ جي ساڻ وڃڻ ۽ ٻڏي مرڻ جي ڳالهه ياد ڪيائون، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿين، هو ستت ئي تياري ڪري، اچي علي رضا جي گهر جي در تي لٿا.

اڳيان هنن وري هيئن ڪيو، جو زينت بانوءَ کي کڻي ڪوٺيءَ ۾ لڪايائون. پڪ هين ته هو اچي اسان کي روئي ملندا، پوءِ زينت اوچتو نڪري ايندي ته ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ هڪڙو وڏو چرچو ٿيندو. ٿيو به ائين،  مائي شهر بانو ۽ حامد علي روئندا اوڇنگارون ڏيندا اندر گهڙي آيا ۽ اچي هنن کي ڀاڪر پائي گڏيا. هنن به ڪوڙ ڪري منهن هيٺ ڪري هنن سان رنو. ٿوري دير کان پوءِ ماٺ ڪيائون، ويهي گذريل حال جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

پر مائي شهربانوِءَ وري به پنهنجي ڌيءَ جي ٻڏڻ جي ڳاله ۽ سندس هٿن جون شيون، جي هاڻي ڪڍي ٻاهر ڪيون هئائون، سي ڏسي نئين سر ڏک ڪرڻ ۽ زينت جو نالو وٺي  دانهون ڪري روئڻ لڳي. اوچتو ڪوٺيءَ جو در کليو ۽ زينت جيئري جاڳندي ٻاهر نڪري، چوڻ لڳي ته ”جيجل امان! تون نه رو، آءٌ جيئري آهيان، ٻڏي ڪين مئي آهيان.“ ائين چئي ڊوڙي اچي ماءُ کي ڳراٽڙي پاتائين.

هن کي ڏسي، سندس ماءُ، ڀاءُ ۽ دائي، سڀ خوشيءَ کان ڪپڙن ئي ۾ نه ماپي سگهيا. اعتبار نه آين ته ڪا سچ پچ هيءَ زينت آهي. ڀانيائون ته گهڻي روئڻ ڪري مٿو ڦري ويو اٿئون ۽ هيءَ ڪا خيالي شڪل آهي. پر نيٺ جڏهن معلوم ٿين ته نه، ساڳي اها زينت بانو آهي. تڏهن سڀ اٿي انهيءَ سان گڏجڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي ڏاڍا پيار  جا ڀاڪر پاتائون.

علي رضا واري پهر وري هنن جو چرچو ڏسي، خوشيءَ کان کلڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳي. گهڙيءَ ۾ ماتم مان مٽجي شادي ٿي ويئي ۽ ڏک مان مٽجي سک ٿي پيو. انهيءَ ڏينهن سڀني گڏجي خوشي ڪئي ۽ هڪ هنڌ ويهي ماني کاڌائون. جيڪي واقعات زينت تي ٿي گذريا هئا، سڀ هن پنهنجن مائٽن کي ڪري ٻڌايا، جي ٻڌي هنن کي ڏک ۽ ارمان ٿيو.

شهربانو ۽ حامد علي ٻه ڏينهن ٻيا به هنن جي گهر ۾ ٽڪي پيا؛ پوءِ وري زينت بانوءَ کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ نيئي هفتو  کن پنهنجي گهر رهايائونس. اوري پري جا ماڻهو، جي هنن جا واقف هئا، سي اهو احوال ٻڌي، ڏاڍا حيرت ۾ پيا ۽ خوش ٿيا ۽ مائي شهربانوءَ کي اچي مبارڪون ڏيڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org