سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :4

 

 

 

باب ڇهون

جــوڙ جُــڙڻ

علي رضا، جنهن کي انهيءَ ڏينهن جي ذڪر چُرئي کان پوءِ سرائي فتح خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿي بيٺو هو، جنهن جي صلاح سان سندس ماءُ هنن وٽ آئي هئي، تنهن کي اهائي ڳڻتي هئي ته الائجي اها ٻانهن ملي يا نه ملي.  سو اڃا ماڻس گاڏي ڇڏي، اندر پنهنجي گهر ۾ مس گهڙي ته پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن امان، فتحون آهن نه؟“

ماڻس چيو ته ”ابا! برقعو ته لاهڻ ڏينم، ساهه ته پٽڻ ڏينم، خدا سڀ چڱي ڪندو!“

وري مريم کان پڇيائين ته ”دائي، تون ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، ڪڏهن جو انجام ورتو؟“

جان بيبيءَ چيو ته ”مار، ابا! تون ته تريءَ تي بهشت ٿو طلبين؟ يا ته چوندو هئين ته شادي ڪانه کپي،  يا ته هاڻي آڻي تڪڙ مچائي اٿئي“

علي رضا چيو ته ”امان، آءٌ ائين ئي ٿو پڇان ته جنهن ڪم لاءِ ويا هئو، تنهن جي ذڪر ڪڍڻ جو وجهه مليو يا نه؟“

جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، ابا مليو، مائيءَ پنهنجا گهڻا لائق ڪيا. آخر خوشيءَ جو ڪم آهي، چيائين ته پنهنجو تن من پڇي ڏينهن – ٻن ۾ جواب ڏينديس. پر الله ۾ اميد جهجهي آهي.“

پوءِ ته جيڪي انهيءَ ڏينهن ٿي گذريو هو سو سارو احوال ڪري ٻڌايائينس ۽ ان سان گڏ زينت بانوءَ جي تعريف نئين سر ڪيائين جا ٻڌي، علي رضا گهڻو خوش ٿيو.

هوڏانهن وري شام جو سرائي فتح خان جي گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ جان بيبيءَ جي اچڻ ۽ سندس فضيلت ۽ مائيءَ جي چڱي ٿيڻ وغيره جون ڳالهيون پاڻ ۾ ڪرڻ لڳا ۽ حامد وري جهڙيءَ طرح علي رضا جي صحبت ۾ ڪتابن پڙهڻ يا شطرنج راند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڏينهن گذاريو هو، سو حال ڪري ٻڌايو.

رات جو جڏهن سڀ ماني کائي سمهي پيا، تڏهن شهربانوءَ پنهنجي صلاحڪار بختاور سان جان بيبيءَ وارو ذڪر ڪڍيو ۽ چيائينس ته ”مون کي خبر آهي ته اهو به آبروءَ وارو گهر آهي. علي نواز مغل به ننڍڙو مڙس ڪين هو ۽  هاڻ هي چڱي حال ۾ آهن، مگر وري به پرائي ۽ پنهنجي ۾ فرق آهي.“

بختاور چيو ته ”مائي، سو سچ آهي پر جيڪي پنهنجا ٿي چوين يا جيڪي ٻيا پراوا اسان اڳي رٿيا هئا، تن تي ته اسان جي زينت جو خيال ئي ڪونهي، تنهن ڪري جي اتيئي راضي ٿئي ته به چڱو، پر هوءَ مائي وري انهيءَ مان به پنج عيب ڪڍندي.“

شهربانوءَ چيو ته ”هائو مائي، شڪ ناهي.“

بختاور وري پڇيو ته ”پوءِ حامد عليءَ جي شادي ڪيئن ٿيندي؟ اڄ ته رڳو ڏي وٺ لڳي پئي آهي.  هنن سان ڪريو ها ته پنهنجن مان ٻانهن جي ٻانهن ملي ها ۽ ڌارين به ذمو ٿي کنيو، ٻيءَ ٻانهن ڳولائي وٺي ڏيڻ جو. انهيءَ جي ڪهڙي رٿ آهي؟“

شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ڪهڙي رٿ آهي، مائي جان بيبيءَ چيو ته حامد کي پنهنجو  پٽ ڪري ٿي ڄاڻان – جيئن علي رضا کي پرڻائينديس، تيئن حامد جي لاءِ به گهٽائينديس ڪين. سو ته آءٌ به ڄاڻان ٿي پر جڏهن نينگري پير ئي نٿي کوڙي، تڏهن جيستائين حامد جو بندوبست لاءِ ترسنديس، تيستائين زينت ته اچي اُٺ جيڏي ٿيندي. ڌيون ته اصل ڊڀريون آهن، وڌندي ويرم ڪانه ٿيون ڪن؛ پوءِ هيڏو سارو ٻار گهر ۾ ويهارڻ من کي ڏکيو ٿو لڳي. تنهن کان جيڪڏهن في الحال اتيئي خير جو ڪم ٿي وڃي ته پوءِ نينگريءَ جو وڏو بار مٿي تان لٿو، وري لڳان نينگر جي پٺيان. اڄ ته نينگرا به انگريزي پڙهيا آهن، سي به ائين پيا چون ته اسين چونڊي پنهنجي ٻانهن وٺنداسين. ٻڌو ڪين هئي ته انهيءَ ڏينهن حامد چرچن ۾ ڇا پئي چيو؟“

بختاور چيو ته ”هائو مائي، سچ ٿي چوين پر مون کي اميد آهي ته زينت کي به اهو هنڌ چڱو لڳندو. جن ڳالهين جي کيس ڳڻتي آهي، سي ته سڀ مائي جان بيبيءَ جي  پٽ ۾ موجود آهن. پڙهڻ لکڻ وارو آهي، اشراف گهر جو آهي، کٽڻ ڪمائڻ وارو آهي، پوري وهيءَ وارو آهي، صورت جو موچارو آهي. رڳو ڌارياڻيءَ جو عيب ڪڍي ته خدا کي خبر. پر انهيءَ جي آءٌ ڀانيان ٿي ته هتي حرڪت ڪانه ٿيندي.“

شهربانوءَ چيو ”پر بختاور، ڪالهوڪو خواب جو مون توکي ٻڌايو هو، تنهن جو به هيستائين مون کي دل ۾ ويچار هو. لاشڪ سرائي به هن ڪم ۾ راضي آهي جو اڳواٽ مون کي اشارو ڪيو هئائين ۽ دلجاءِ ڏني هئائين. آءٌ سو ڀانيان ٿي ته انهيءَ جو تعبير اجهو اهو آهي!“

بختاور جواب ڏنو ته ”ٻڙي مائي! چوين ته سچ ٿي، مون کي دل تان لهي ويو هو، واه جو سهي ڪيو اٿئي. ڏس ته سهي، جيئرن کان وري به مئا گهڻي ڪم جا آهن؛ هاڻ ڪير چوندو ته سرائي، الله مرهيس، جيئرو ناهي. مون توکي انهيءَ مهل چيو  هو ته ويچارو اوهان جو دعاگو آهي. انهيءَ ڳالهه جي هن کي اڳيئي خبر پئي هئي. ڀلا هن  جو ڇٽل روح جو آهي! هاڻي مائي ٻڌين ٿي، بسم الله ڪري انهيءَ ڳالهه تي ڪري بيهه.“

شهربانوءَ   چيو ته ”تڏهن، بختاور، چڱو سڀاڻي تون مون کي وري به ڇوڪريءَ جو سماءُ وٺي ڏج. حامد علي کي آءُ پاڻهي ڪن تي وجهنديس. نيٺ اهو به هيڏو سارو اچي ٿيو آهي، نيٺ هينئر اسان جو وارث آهي. گهر ۾ هينئر مڙس ماڻهو اهوئي آهي.“

ٻيو ڏينهن ٿيو، پهر سوا سج چڙهيو؛ زينت بانو قرآن پڙهي پوءِ ڪارچوب ڪڍيو. مائي شهربانو ويئي وهنجڻ، تنهن کي بختاور ميٽ تيل ۽ پاڻي ڏيئي آئي. پاڻ وجهه ڏسي، اچي زينت جو پاسو ورتائين. چوڻ لڳيس ته ”امان ڪيئن، ڪالهوڪن مهمانن جو ڪو سماءُ پيئي.“

زينت ورندي ڏني ته ”ڪهڙو سماءُ! خير سان پلڪ گذري ويئي، مهمان خوش ٿي ويا. مائي جان بيبي  بلڪل غريب زال آهي، اسان سان محبت ٻجهي ويئي اٿس.“

بختاور چيو ته ”سو برابر، پر آيا هئا تنهنجي لاءِ.

زينت پڇيو ته ”منهنجي لاءِ؟ منهنجي ڏسڻ جي  سڪ پئي هين ڇا؟“

بختاور جواب ڏنو ته ”تنهنجي ٻانهن گهرڻ ۾ مائي جان بيبيءَ اسان جي مائيءَ کي گهڻيون منٿون ڪيون پنهنجي پٽ جي لاءِ” مائيءَ ورندي ڪانه ڏنيس. ڀلا ويچاريءَ کي سجهيو ٿي ته اڄ پٽ ڌيون سڀ آهن وات وڪيل. هاڻ تون به امان اسان کي کڻي ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪهڙو خيال آهي، وري هن مان ڪهڙو عيب ٿي ڪڍين؟“

زينت ته حيا کان في الحال ورندي ڪانه ڏنيس، تڏهن  پاڻ وري چيائين ته ”جيڪي وصف انهيءَ ڏينهن تو ٿي چيا، سي ته هن ۾ موجود آهن. توکي به خبر هوندي ته مائي جان بيبيءَ جو پٽ پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهي، کٽڻ ڪمائڻ وارو آهي، سڀڪي ٿو گهر ۾ اچين، شڪل صورت جو چڱو آهي،  جوان جماڻ آهي، اشراف گهر جو آهي، ڌاريو آهي ته به مائٽن وانگر آهي. اسان جي سرائيءَ ۽ علي نواز مغل جو پاڻ ۾ رستو ڪين هو؟ هاڻي ته مرضي تنهنجي، ماڻهين ويچاريءَ ته انهيءَ ڏينهن کانپوءِ کڻي ماٺ ڪئي آهي. جڏهن ڪٿي به سندس ڪانه ٿي هلي، تڏهن ٻيو ڇا ڪري!“

زينت چيو ته ”دائي، امان الائجي ڇو خفي ٿي آهي. مون ته اڳي به توکي چيو هو ته اولاد جو ڇا وس جو مائٽ جي سامهون ٿئي. منهنجي مرضي ڪهڙي آهي! جيڪا امان جي مرضي. انهيءَ گهر جي جيڪا ڳالهه ڪيئي، سا مون کي اڳيئي خبر آهي، هو اسان وٽ ايندڙ ويندڙ آهن، جنهن ڳالهه ۾ امان جي مرضي ٿيندي، سان مون کي قبول آهي.“

بس، هن جي ايتري چوڻ مان بختاور سمجهيو ته زينت کي انهيءَ پاسي تي اعتراض ڪونهي. انهيءَ هوندي به هن جي دل پڪي ڪرڻ لاءِ جان بيبيءَ ۽ سندس پٽ جي هلت چلت جي تعريف ڪرڻ لڳي ۽ ڪڏهن ته وري چرچي طور هن کي اشارا ڏيڻ لڳي ته هاڻ اجهو سگهوئي ٻارن ٻچن واري ٿيندينءَ، اولاد جو سيڪ ايندءِ، ڳالهه نه مڃيندا ته پاڻهي ڪاوڙ لڳنديئي.

انهن چرچن ڪندي، مائيءَ شهربانوءَ وهنجي بس ڪيو هو، تنهن بختاور کي سڏ ڪيو. هن وڃي اتيئي گرما گرم خبر ٻڌايس ۽ مبارڪ ڏنائينس ته ڌيڻين مس مس بيٺي آهي. پوءِ ته مائي به نڪري ٻاهر آئي، بختاور وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي.

ٻنپهرن جو وري مائيءَ شهربانوءَ وڃي ڪوٺيءَ ۾ آرام ٿي ڪيو ته اتي حامد به آيو،  تنهن کي سڏي ڀر ۾ ويهاريائين، هن سان اهو ذڪر چوريائين ۽ جيڪي چوڻو هوس سو چڱيءَ طرح سمجهايائينس. حامد ته علي رضا جو سنگتي هو ۽ هن جي هلت چلت جو چڱيءَ طرح واقف هو، سو انهيءَ رٿ ۾ ناراض نه ٿيو باقي پنهنجي شاديءَ بابت ته هو پاڻ به انهيءَ ڳالهه تي بيٺو ته ”اڃا منهنجي شاديءَ جي تڪڙ ڪانه پيئي آهي، نڪو اڃا آءٌ کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيو آهيان.“ ٻيو هيءُ به چيائين ته ”مامي جي ڌيءَ اڃا ننڍڙي آهي، جڏهن ڪا وڏي ٿئي، تنهن کان سواءِ هن کي سڱاوتيءَ جو سودو پسند ناهي. آءٌ جڏهن شادي ڪرڻ جهڙو ٿيس، تڏهن پاڻهي پنهنجي زال جو بندوبست ڪندس،  اوهان کي هلاڪي ڪانه ڏيندس.“ حامد  ته اهي ڳالهيون علي رضا، توڙي شهر جي ٻين ڪن سنگتين جي صحبت ۾ سکيو هو، ۽ شهربانوءَ کي به اڳ ئي هن جي دل جي خبر هئي، تنهن هينئر کڻي ماٺ ڪئي.

زينت بانوءَ جو پنهنجي دائي کي نئين رٿ جي پسنديءَ جو اهڙو جلد جواب ڏنو، سو گهڻي خيال ۽ ويچار کان سواءِ نه هو،  اڳئين ڏينهن ماڻس سان جان بيبيءَ جا سُس پس پئي ڪئي، تنهن مان ٿورو گهڻو شڪ اڳيئي پيو هوس. وري هن ڀيري جان بيبيءَ به اڳي کان وڌيڪ پيار ڏيکاريو هوس، ۽ اشاري طرح ايترو به چئي چڪي هيس ته تون اسانجي گهر ڪڏهن ايندينءَ، تنهن مان هن کي پڪو گمان پيو ته منهنجي بابت ذڪر هليو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي هوءَ انهيءَ ڳالهه تي خيال ڪرڻ لڳي. علي رضا جي گهر جي خبرچار ساري هيس، سندس گڻن جي تعريف ڀاءُ کان به ٻڌي هئائين، جو هن جو پڪو سنگتي هو. سندس شڪل به ڏٺي هئائين جو هڪڙي ڏينهن اتفاق سان نانگ مارڻ جي لاءِ اندر آيو هو ۽ سندس منهن پئجي ويو هو. هن جي تصوير به ڀاڻس وٽ هئي، جا ڀاڻس جي ڪتابن سان گڏ سندس جاءِ ۾ رکي هوندي هئي. تنهن کي هن وري به هاڻي چتائي ڏٺو، جنهن هن جي دل تي زياده اثر ڪيو. مطلب ته هوءَ ٿوري عرصي منجهه پنهنجي دل ۾ چڱيءَ طرح ويچار ڪري رهي هئي، ۽ اها جاءِ هر طرح پسند آئي هيس، تنهن ڪري جڏهن دائيءَ ساڻس ذڪر چوريو، تڏهن هن کي ڪا مشڪلات ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، ٿورن ئي لفظن ۾ اشاري طرح مرضي ڏيکاريائين، جو  بختاور جي ڳالهائڻ مان صاف سمجهائين ٿي ته ماڻس انهيءَ ڪم ۾ راضي آهي ۽ ڀاڻس به ضرور خوش هوندو.

انهيءَ وقت کان وٺي، انهيءَ گهر جا سڀ ڀاتي سرها ڏسڻ ۾ آيا. ڇالاءِ جو جنهن ڳالهه جو سڀني جي دل تي بار هوندو هو، تنهن جو فيصلو هاڻي اچي ويجهو ٿيو هو.

ساڳيوئي حال هنن مغلن جي گهر جي ڀاتين جو هو. گذريءَ ملاقات کي ٽي يا چار ڏينهن مس گذريا هئا، ته علي رضا ماءُ کي چيو ته ”امان، بهتر صلاح آهي ته سرائيءَ جي گهران سماءُ وٺجي ته ڪهڙو حال آهي، هيستائين مائي به پنهنجي دل ۾ ٺهراءُ ڪري  رهي هوندي، بهتر آهي ته ترت جواب  وٺجي، متان ڍر ڏني ڪم بگڙي وڃي!“

اها صلاح ماڻس به مناسب ڄاتي، تنهن ڪري مريم جي هٿان ڪي گل جا هار به سوکڙي ڪري ڏياري موڪليائين ۽ مائي شهربانوءَ ڏي چوائي موڪليائين ته ”جنهن ڳالهه  جو مون تاڪيد ڪيو هو، تنهن جو ڀلائي ڪري اسان ڏي جواب  جلد موڪلجئين، جو اسان جو سڄو ئي خيال انهيءَ پاسي ٿي بيٺو آهي.“  ٻيو ته جيڪي مريم کي سمجهائڻو هون، سو سمجهائي هن کي روانو ڪيائون.

مريم وڏن وڏن گهرن ۾ آئي ويئي هئي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ فضيلت واري ۽ چالاڪ هئي، تنهن خلاصو وقت وٺي پنهنجو پيغام چڱيءَ طرح وڃي پهچايو. پاڻ منجهس جيڪا ضروري ڀڃ گهڙ ڪرڻي هيس سا به ڪيائين ۽ جيڪو مڙهو مصالحو وجهڻو هوس سو به وڌائين.

مائي شهربانوءَ ته اڳيئي تن من ڀڃي رکيو هو، پٽ ۽ ڌيءَ  جي به دل جي ڳالهه هٿ ڪئي هئائين؛ تنهن مختصر طرح جواب ڏنس ته ”مائي  جان بيبي کي منهنجي پاران دعائون ڏج، ۽ چئج ته تو واري ڳالهه اسان کي قبول آهي. پوءِ ڪهڙي به ڏکيائي اسان جي نظر آئي، پر جڏهن تو پاڻ انهيءَ ڪم لاءِ پنڌ ڪيو ۽ وري پنهنجو رستو به ڌارين وارو ناهي، مائٽن وارو آهي – تڏهن آءٌ اها ڳالهه مڃان ٿي، اڳتي جيڪي لکيي ۾ هوندو سو ٿيندو. اوهان جي ته الله جوڙي، اسان جي به کڻي جوڙيندو! هاڻي اوهين تياري ڪجو اسين به ڪنداسين. ڪو چڱو وار ڏسي في الحال مڱڻي جو بندوبست ڪجي، پوءِ شادي به ٿي پوندي.“

اهو جواب وٺي مريم سگهوئي پٺتي موٽي، اڳيان ته هنن سندس واٽ پئي ڏٺي، ايندي سان مائيءَ کي ۽ علي رضا کي مبارڪ ڏنائين.

جان بيبيءَ ڊوڙ پائي مصريءَ جو هيڏو سارو ٽڪر کڻي وات ۾ وڌس، پوءِ ته سڀئي پاڻ ۾ خوشيون ۽ چرچا ڪرڻ لڳا ۽ علي رضا ته پنهنجن ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.

 

 

باب ستون

مبارڪ شادي

انهيءَ ڏينهن کان وٺي ٻيئي طرف تياري ڪرڻ لڳا ۽ ڪپڙو گندي، ڳهه ڳٽو جوڙائڻ لڳا. ٻنهي گهرن ۾ اها پهرين شادي هئي ۽ ٻيئي سکر ماڻهو هئا، تنهن ڪري ٻنهي جي خواهش هئي ته آبروءَ جهڙو بندوبست ٿئي. هن کان پوءِ جڏهن ڪڏهن علي رضا  ۽ حامد علي پاڻ ۾ گڏبا هئا ته اڳي کان وڌيڪ پاڻ ۾ گستاخ رهندا هئا، جو پڪ هين ته سگهوئي مائٽ ٿينداسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايندڙ شاديءَ جي نسبت ۾ گفتگو ڪندا هئا ۽ ان جي تياريءَ بابت پاڻ ۾ صلاح ڪندا هئا.

هو ٻيئي نئين زماني جا ماڻهو هئا، نئون چلتو  ڏٺو هئائون، ان بابت ڪتابن ۾ پڙهيو هئائون ۽ چڱن چڱن ماڻهن کان ٻڌو هئائون، تنهن ڪري اهڙين ڳالهين بابت هنن ٻنهي جي هڪڙي راءِ هئي. ان موجب  پاڻ ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائون ته اها شادي، جا ٿيندي سا هو نئينءَ ۽ سڌريل رٿ پٺيان ڪن ۽ اڳوڻا رستا ڇڏي ڏين. هنن کي سجهيو ٿي  ته اهڙن ڪمن ۾ زالن جي ٻيگهي مچندي آهي ۽ مڙسن جي ڪابه ڳالهه ڪانه هلدي آهي، پر ٻنهي سان سندن مائرن جي محبت گهڻي هئي ۽ جهڙي هي هنن جي مرضي رکندا هئا، تهڙي هو هنن جي مرضي رکنديون هيون” تنهنڪري هنن ڄاتو ته اسين ڪي لٺ سان، ڪي چٺ سان سڀني کي آڻي پنهجي رستي تي بيهندارينداسين. پوءِ ته ٻنهي گڏجي ڪي مکيه ڳالهيون مختصر طرح کڻي ڪاغذ تي اٽڪايون، جن بابت شاديءَ جي ڪم ۾ هنن کي هلت ڪرڻي هئي:

1- پهرين ڳالهه اها رٿيائون ته مڱڻي کان شادي گهڻا ڏينهن پوءِ نه ٿئي هفتي کن ۾ ٿئي، ڇالاءِ جو ڄاتائون ته گهڻن ڏينهن وچ ۾ پوڻ ڪري هڪڙو ته ڏيتي ليتي جو خرچ به ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته هڪٻئي جي سنڀال رکڻ به ڏکي ٿي ٿئي.

2- مڱڻي ۾ رڳو ڪن ٿورن عزيزن کي سڏي، مٺائي ورهائي  پڌري ڪرائجي ۽ ڪنوار کي ويڙهه يا منڊي نشانيءَ لاءِ وجهجي – ٻيو ڪي ڪين ڪجي.

3- شاديءَ جو ڏينهن ٻيئي طرف صلاح ڪري اهڙو مقرر ڪن، جو ٻنهي کي سولو هجي. ڏڻ وار وٺڻ يا يا مُلي کان ڏينهن ڪڍائڻ يا ڏساسول جاچڻ، اهو سڀ بند رکجي.

4- ڏاج چئن جوڙن ڪپڙن ۽ ضروري زيورن کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ٺهرائجي. وڌيڪ جيڪي ڏيڻو هجي، سو شاديءَ کان پوءِ هڪٻئي کي ڏيئي سگهجي  ٿو.

5-  ڏاج ڏيکارڻ جو ڪوبه ضرور ڪونهي.

6- زيور وسعت آهر رڳا هيٺيان يا انهن مان ڪي هئڻ گهرجن، ڪنن جي لاءِ هڪ جُت پنڙا يا دُر، هٿن جي لاءِ مُنڊي، ٻانهن لاءِ ڪنگڻ يا ڪنگڻيون  ۽ ڳچيءَ لاءِ دُهري يا اهڙو ڪو ٻيو زيور؛ باقي نڪ ۾ ضرور ڪونهي. جي اصل ننڍي هوندي کان ٽنگ نڪتل هجي ته پوءِ لاچار هڪڙي ننڍڙي ڦلڙي وجهجي. انهيءَ ڪري هنن ڄاتو ته اجاين زيورن تي پئسا به خرچ نه ٿيندا، نڪ ۽ ڪن به گهڻن ٽنگن ڪڍڻ ۽ گهڻي بار کڻڻ جي عذاب کان ڇٽي پوندا.

7- نڪاح سنجهي جو ڏهين بجي اندر پورو ٿيڻ کپي، جنهن کانپوءِ گهوٽ ڪنوار پنهنجي جاءِ تي هليا وڃن ۽ نڪاح مهل ڪي ٿورا ويجها عزيز يا گهرا دوست حاضر هجن، جي نڪاح کان پوءِ مٺائي يا کارڪون وٺي، پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن؛ نه ائين، جو سڄي رات اتي ويٺا پنڪيون  کائين ۽ شاديءَ وارن کي دل ۾ پٽين.

8- ڪنهن به قسم جا سڳڻ ساٺ، سي اڪثر ٻاهر مڙسن ۽ يا اندر زالن ۾ ٿيندا آهن، سي بند رکجن، رڳو گهوٽ نڪاح کان پوءِ ڪنوار جي گهر اچي، ڪنوار سان هڪ کٽ تي ذري تائين گڏ ويهي ۽ عزيز انهن کي ڏسن ۽ مبارڪون ڏين، پوءِ رات جو گاڏيءَ يا ڏليءَ ۾ يا ڪجائي ۾ هليا وڃن.

9- شاديءَ جي ٻئي ڏينهن يا ان جي اڳئين ڏينهن، شاديءَ جي ماني ٿئي، گهوٽيتا ٻاهر جي ڪن ۽ ڪُنواريتا اندر جي. پورا پنا ماڻهو، عزيز ۽ دوست سڏجن، جنهن ڪري اجايو خرچ مانيءَ تي به نه ٿئي. مانيءَ کاڌي کان پوءِ جي پهت جا پئسا وٺڻ ۾ ايندا آهن ۽ وقت بوقت جا گهور ڏيڻ ۾ ايندي آهي، سا اصل بند ڪجي.

10- ٻاهر دهلن وڄائڻ يا ڏونڪن هڻڻ ۽ اندر ڍورڪ وڄائڻ جو دستور،، جيڪو هلندڙ آهي سو بند ڪجي؛ ڇالاءِ جو شاديءَ جي گوڙ ۾ دهل مرڳو گڙٻڙ وجهو ڏين- تنهن کان سواءِ شرعي به منع آهي.

انهن مٿين ڳالهين جي ٺهرائن ۾ هنن ٻنهي جوانن پاڻ ۾ چڱا  چڱا دليل هلايا ۽ حجتون آنديون، مگر انهن جو بيان ڪرڻ جو هتي ضرور ڪونه ٿو ڏسجي.

انهن تي عمل  ڪرڻ لاءِ هنن پڪي ڪمر ٻڌي، ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي گهر ڳالهه چوري. پهريائين ته سندن مائون ۽ دايون، توڙي ٻيا جيڪي ماڻهو وٽن ايندا هئا ۽ ٻڌندا هئا سي کلندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”ڇوڪرا انگريزي پڙهي کري پيا آهن، ٻاهر جا ڪم ته بگيڙيا اٿن هاڻ وري اندرين زنانن ڪمن ۾ ٿا هٿ وجهن. نيون ٻوليون ٿا ٻولين. جيڪي سندن ابي – ڏ اڏي ڪيو تنهن تان ٿا عيب وٺن.

مطلب ته هنن ۽ زالن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي هلي ۽ هنن به ديني توڙي عقلي  حجتن ڏيڻ سان گهٽايو ڪين. ٿوري تائين سندن مائون خفي ٿيون ۽ ڪاوڙ ڪرڻ لڳيون، نيٺ هنن هٿين پيرين پئي، پنهنجي ڳالهه تي آڻي بيهارين ۽ اهو عذر جوڙي وات ۾ ڏنائون ته ”جيڪو اوهان کي انهيءَ باب ۾ چوي ٽوڪ ڪري، تنهن کي اوهين چئو ته اسين ڇا ڪريون ڇوڪرا نٿا مڙن. جي سندن مرضي نٿا رکون ته اسان جي هٿن کان ٿا وڃن. الائجي پنهنجي منهن ڪا ٻي وڌيڪ خرابي نه ڪن تنهنڪري لاچار آهيون.“

انهيءَ تجويز سان هنن پنهنجو پنهنجو پڪو بندوبست بيهاري شاديءَ جو سعيو ڪيو. نيٺ ٻنهي طرفن صلاح ڪري پنهنجي سهنج موجب شاديءَ جي لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو. انهيءَ ڏينهن جي گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن ماڻهن کي دعوت ڏني. ماڻهو آيا، ماني کاڌائون؛ رات ٿي نڪاح پڙهيو. گهوٽ کي ڪنوار جي گهر آندائون،م ٿوري وقت کان پوءِ گهوٽ، ڪنوار کي ساڻ وٺي وري پنهنجي گهر آيو. انهيءَ ڪم جي پورائيءَ ۾ جيڪي جيڪي ٺهراءُ ٻنهي طرفن ڪري ڇڏيا هئا،  انهن تي زور ڪري عمل ڪيائون. اگرچه گهڻن ماڻهن ته منهن تي پئي مٿن ٺٺوليون ڪيون پر تڏهن به هنن، انهن جي پرواهه ڪانه رکي. جيئن مناسب ڄاتائون تيئن پنهنجو ڪم پورو ڪيائون.

ياد رکڻ گهرجي ته هن  شاديءَ ۾ سرائي فتح خان يا سندس زال جا گهڻا مائٽ راضي نه هئا. ٿوري گهڻي کونس ته هنن  سان ڪچيءَ کان کنئي هئائون، پر هاڻ ته ويتر سندن وچ ۾ وڏو سڌو پئجي ويو؛ جو هنن ڄاتو ته هيءَ مائي پنهنجي پٽ  جي ۽ ٻين ماڻهن جي ڳالهه تي لڳي، مائٽڻ کي ڇڏي ڌارين سان گڏي آهي؛ انهيءَ ڪري هن شاديءَ ۾ نه ويٺا. هنن به مائٽڻ مان گهڻن ڏينهن کان آسرو لاهي ڇڏيو هو. هاڻ هنن مغلن کي پنهنجو مائٽ ٿي ڄاتائون. ٻيئي گهر سڀڪنهن  ڪم ۾ هڪٻئي جي ڏڍ تي رهندا هئا ۽ هڪٻئي جا صلاحڪار هوندا هئا.

گهوٽ ڪنوار جي گڏ رهڻ جو اسين ڪهڙو ذڪر لکون؟ هيتريءَ واقفيت، هيتريءَ سڪ ۽ هيتري محبت کان پوءِ جا سندن شادي ٿي هئي، تنهنڪري هڪٻئي سان حد کان وڌيڪ پيار ٿين. اڪثر جيڪي شاديون هتي ٿين ٿيون، تن ۾ گهوٽ – ڪنوار هڪٻئي جا ناواقف هوندا آهن، تنهن ڪري جيسين پرڻجي گڏ ٿين، تيسين  پيا ڳڻتيون کائيندا آهن ته الائجي ڪهڙيءَ طرح جو ماڻهو هوندو، الائجي ڪهڙي شڪل هونديس، الائجي ڪهڙي طبيعت هونديس. پرڻي کان پوءِ به ڪنوار ته مهينو کن حيا کان ڪنڌ مٿي ئي نه کڻندي، ڏانهس منهن ئي مٿي ڪري نه نيهاريندي، اکر ئي ڪونه  ڳالهائيندي. پر هتي اهڙو حال نه هو، پهرئين ڏينهن کان وٺي هنن جي دل ٻجهي ويئي ۽ پاڻ ۾ اهڙا گهرا ٿي ويا جو ڄڻ اڳي جا واقف هئا.

شاديءَ جي ٽئين ڏينهن وري گهوٽ – ڪنوار گڏجي، ڪنوار جي پيڪي گهر آيا. هڪڙو ڏينهن رهي وري پنهنجي گهر آيا. پوءِ به هفتي – ٻئي، آچر جي ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن هي هنن وٽ ويندا هئا ۽ ڪڏهن هو هنن وٽ ايندا هئا.

زينت بانوءَ جي اچڻ ڪري مغلن جي گهر جي وري ٻي رونق ٿي. گهر جي ٻين ڀاتين سان هن جي اهڙي چڱي هلت هوندي هئي جو سڀڪو مٿانئس ساهه پيو صدقو ڪندو هو. سس- ننهن جون لڙايون اڪثر ٻڌبيون آهن، پر هتي ته ٻنهي جي وچ ۾ روز بروز محبت وڌندي ويئي.

گهر جو سڄو حساب ڪتاب زينت بانوءَ جي هٿ ۾ رهندو هو، جهڙيءَ طرح پيءُ جي گهر ۾ هوندو هو. هن پنهنجي مشغوليءَ جي لاءِ وقت ورهائي ڇڏيو هو، ان موجب لکڻ پڙهڻ ۽ سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي. مڙس جي ويهڻ جي جيڪا  جاءِ هوندي هئي، تنهن کي هن اچي اڳي کان وڌ سينگاريو. علي رضا تونگر ماڻهو نه هو جيئن ته اسان مٿي ڏيکاريو آهي، نڪي وري تمام غريب هو، پوري پنيءَ وسعت وارو هو. هن شاديءَ جي ڪري جيڪو پئسو اڳي ميڙيو هو، تنهن کي گهڻي ڇڪ اچي ويئي هئي، تنهن ڪري زينت بانوءَ جو خاص ڪري انهيءَ پاسي ڌيان ٿيو. مڙس جيڪي مهيني ۾ ڪمائيندو هو تنهن مان ماهوار خرچ ڪڍي رکندي هئي، باقي ٻيو سڀ مڙس جي معرفت بئنڪ ۾ رکائي ڇڏيندي هئي. اگرچه بئنڪ مان وياج وٺڻ جي نسبت دل تي ديني خطرو گذرين، تڏهن به هنن پاڻ ۾ پهي،  ٺهراءُ ڪيو ته پئسا ته قابو رکيا هوندا باقي وياج کڻي نه وٺنداسين يا وٺي پنهنجي ڪم نه لڳائينداسين. ڪنهن اڙئي اٿڙئي ڪم ۾ آڻينداسين.  يا ته ڪنهن کي ڏيئي ڇڏينداسين.

انهيءَ طرح گهر جي ڪمن ۾ هنن ٻنهي گڏجي يڪدل ٿي اهڙو سڌارو ڪيو، جنهن مان  ڏسڻ واري  کي جيڪر صاف معلوم ٿئي ته في الحقيقت مڙس جو ڪم آهي پورهيو ڪري کٽي ڪمائي اچڻ ۽ زال جو ڪم آهي گهر جو سڀ ڪم ڪار سنڀالڻ؛ نه رڳو ايترو پر  پاڻ ٻاهر جي ڪمن ۾ مڙس جي مددگار ۽ صلاحڪار هئڻ.

زال – مڙس ٻنهي ديني ۽ علمي سڌاري ۾ به پريندي کان گهڻي ڪوشش ڪئي. هڪڙو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هئائون، جنهن تي مڙس، زال کي انگريزي پڙهائيندو هو ۽ ٻيا جيڪي ڪتاب اڪثر اسڪولن ۾ پڙهائيندا آهن، جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي، حساب وغيره، سي به هن کي پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ اهي زال کي گهڻي ڪم جا نه هئا، پر تڏهن به واقفيت جي لاءِ هن ضروري ڄاتا. تنهن کان سواءِ وقت ٽارڻ جو به اهو چڱو اپاءُ هو، ۽ زينت بانو  به انهن جي سکڻ جي خواهشمند ٿي.

ڪنهن وقت وري ڪو ديني يا اخلاقي علم جو ڪتاب کڻي، گڏ ويهي مطالعو ڪندا هئا. انهيءَ بحث مان هيءُ به فائدو هو، جو هڪٻئي سان بيحجاب ڳالهائيندا هئا. هتي اڪثر رواج آهي ته مڙس زال ماڻهن جي اڳيان گڏ نه ويهن، نه گفتگو ڪن؛  خاص جڏهن تازا پرڻيل هوندا آهن، ته نه زال مڙس جو نالو وٺي سڏي، نه مڙس زال کي – رڳو رکا سوال جواب ڪن، سو به لڪندي ڇپندي. هنن اهو رواج ڪڍيو، جو مڙس زال کي نالو وٺي سڏيندو هو، مگر زال ڪي  حجاب ڪي ادب کان هن جو نالو وٺي نه سڏيندي هئي، پر انهيءَ جي بدران هو هڪٻئي کي سڏڻ ۾ پيار يا آبروءَ جهڙا  لفظ ڪم آڻيندا هئا، جيئن ته پيارا، يا جان، يا سائين، يا صاحب.

هڪڙي ڀيري، ڪنهن هندستاني ڪتاب پڙهندي، پردي جي نسبت ۾ هنن جو پاڻ ۾ بحث هليو، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

علي رضا، جو البت ٻاهر اٿليل پٿليل هو، ۽ جنهن کي هاڻوڪي زماني جو گهڻو واءُ لڳل هو، تنهن چيو ته ”سنڌ ۾  پردي جي تمام جٺ آهي؛ جيڪي مسلماني ملڪ آهن، ايران يا ترڪستان ۽ ٻيا، اتي اهڙي جٺ ڪانهي.  جهڙي هتي آهي، ڄڻ ته مسلماني آهي ئي رڳو هتي.“

زينت بانو – سو ڪيئن؟ هُتي به پرده داري هُليل آهي، هتي به آهي، ۽ ديني حڪم به اهڙو ئي آهي.

علي رضا -  پياري، ائين ناهي. هُتي سکرن سکرن جون زالون برقعا منهن تي وجهيو، ٻاهر پنڌ يا گاڏين ۾ ڪم ڪار يا تماشه بينيءَ لاءِ نڪري سگهن ٿيون؛ هتي ته عمر ساري در کان ٻاهر پير نه ڪڍن، بند ئي بند ۾ پيون آهن. جيئن وڌيڪ سکر، تيئن وڌيڪ بند. جي اندر ته ڪوٽ، جي ٻاهر ته پوش.

زينت بانو – پوءِ سائين، انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت؟ زال جي لاءِ ته پردو آهي، شال ڪابه زال بي پردي نه ٿئي بي پردي ۽ اُگهاڙيءَ ۾ ڪهڙو فرق؟ باقي ٿيو برقعو يا پوش يا ڪوٽ، سو ته آهي جتي ڪٿي جي رسم. جهڙي طرح مسلمان سڀيئي مسلمان، پوءِ هڪڙي هنڌ هڪڙي پوشاڪ ٿا  ڍڪين، ٻئي هنڌ ٻي پوشاڪ. چوڻي به آهي ته ”جهڙو ديس تهڙو ويس“.

علي رضا – اهو سچ آهي، پر جنهن پردي جي اها تعريف آهي، اهو اهو بند ناهي. تڏهن سمجهڻ گهرجي ته پردي ۽ قيد ۾ فرق ڪونهي، حرمخاني ۽ بديخاني ۾ تفاوت ڪونهي؟

زينت بانو – سائين، توهين زور آور آهيو. رڳو ٻاهرينءَ ديوار يا ڪوٽ هئڻ ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ جي منع هئڻ ڪري هڪجهڙا چئو ته ڀلي چئو،  نه ته مطلب مدعا هن جو ٻيو، هن جو ٻيو. هڪڙي ۾ رهڻ فخر آهي، ٻئي ۾ رهڻ خواري آهي.

علي رضا – زينت جان، زورآور ته تون آهين.، تون ڀانئين ٿي ته انهيءَ پردي واري بند ۾ رهڻ ڪري زالن جي حالت ڪا بهتر ٿي ٿئي؟

زينت – آءٌ ڀانيان ٿي ته ٿئي ٿي. جي بهتر نه ٿي ٿئي، ته بدتر ته مور نٿي ٿئي.

علي رضا – سو ڪيئن؟

زينت – هيئن، جو دنيا ۾ اهڙيون حرص وڌائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ جون شيون پکڙيون پيون آهن، جو جڏهن مڙس به انهن تي ٺڳجي وڃن ٿا ۽ خطا کايو وڃن، تڏهن زالون ڇا آهن؟ انهن کان گوشي تي رهڻ ۽ انهن جي  وڪڙ ۾ نه اچڻ به وڏي شيءِ آهي. جي بديءَ سان وڙهي، اُن تي غالب پوڻ وڏي نيڪي آهي، ته ”جت پڄڻ ناهي وس، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.“ سو حقيقت ڪري زالون ڄاڻي واڻي پردي ۾ رهڻ ڪري وريامن جو ڪم ٿيون ڪن. اها به سندن هڪڙي بهادري آهي، اها به سندن هڪڙي تعريف آهي.

علي رضا – اهو سچ آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته ٻاهر نه نڪرڻ ڪري دنيائي شين نه ڏسڻ ڪري اندر وارن جو حرص گهٽجي نٿو، پاڻ وڌي ٿو. جا چڱي شيءِ ڏٺل ناهي، پر ٻڌجي پيئي ته تمام ويجهي به آهي يا ڀت جي ٻاهران آهي يا ان جي ڏسڻ جي به جاءِ آهي، ته انساني طبيعت جو اهو ميل آهي ته انهيءَ کي ڏسڻ جي ماڻهو ضرور خواهش رکندو. جي خواهش رکندو ته هڪڙي وقت ڪوشش به ڪندو،  ۽ جا شيءِ پريندي نئين ڏسڻ ۾ ايندي، تنهن تي پهرين هڪڙو- ٻه ڀيرا چتائي ڏسڻ يا خيال سان نهارڻ ضرور ٿئي ٿو، پوءِ انهيءَ ڏي بلڪل خيال به ڪونه ٿو ٿئي؛ تنهن ڪري جنهن ڊپ کان زالن کي مڙس ٻاهر نه ٿا ڪڍن، سو ڊپ رڳو خيالي آهي، حقيقت ڪري آهي ئي ڪونه.

زينت – پر سائين! اهڙين شين جي ڏسڻ جو ڪهڙو ضرور؟

علي رضا- پياري ائين نه چؤ. دنيا هڪڙو عجيب ڪارخانو ۽ عجائبخانو آهي. انهيءَ ۾ خدا تعاليٰ ڪروڙين شيون پيدا ڪيون آهن، جي سندس قدرت جون نشانيون آحن. اهي سڀ رڳو ڏسڻ جي لاءِ نه آهن، پر انهن جي ڏٺي سندس قدرت جي زياده خبر پوي ٿي ۽ منجهس ديني اعتقاد زياده پڪو ٿو ٿئي. تنهن کان سواءِ انهن جي ڏٺي آزمودو وڌي ٿو، علم ۽ عقل زياده ٿئي ٿو، خبر وڌيڪ پوي ٿي. جنهن اهي عجائب غرائب ڏٺا آهن ۽ جنهن نه ڏ ٺا آهن، تن جي وچ ۾ اهڙو فرق آهي، جهڙو سڄي ۽ انڌي جي وچ ۾. هاڻ تون قبول ڪندينءَ ته زال مڙس کان سڀاءَ ڪري ضعيف ۽ گهٽ عقل واري آهي. ديني ڪتاب به اها شاهدي ڏين ٿا، تڏهن اهڙي آزمودي جو ضرور، زال کي وڌيڪ آهي يا مڙس کي؟ جي شيطاني ڪمن کان پاسي ٿيڻ يا انهن کي ڌڪي پاسي ڪرڻ لاءِ علم ۽ عقل جو ضرور آهي، ته يقيناََ مڙس کان زالن کي علم ۽ عقل جي وڌيڪ گهرج آهي. جيڪڏهن شيطان ڀت جي ٻاهران خرابيون ڪرائي ٿو، ته ڀت جي اندر لنگهڻ  ۾ به هن کي حرڪت ڪانهي. هو ته زالن جو ڪوڏيو آهي، جي آسانيءَ سان سندس چئي ۾ اچي سگهن ٿيون. بيبي حوا جو حال توکي ياد هوندو. ۽ جيڪڏهن شيطان کي ٽارڻ ۽ انهيءَ کي نٽائڻ ۾ علم ۽ عقل جي گهرج آهي، ته مڙسن کان زالن کي انهن جو وڌيڪ واهپو رکڻ گهرجي. هاڻي جي علم ۽ عقل جو ضرور آهي، ته جي ڳالهيون علم ۽ عقل کي وڌائين ٿيون، تن جو ته بيشڪ ضرور هئڻ گهرجي.

زينت – اها اوهان جي حجت بيشڪ قوي آهي، مگر ديني توڙي عقلي ڪتابن مان معلوم آهي، ته هڪڙيون ڳالهيون ۽ هڪڙا ڪم خاص مردن لاءِ آهن ۽ ٻيا وري خاص زالن جي لاءِ آهن. خدا تعاليٰ سڀ ڪنهن تي پنهجي وسعت آهر ڪم رکي ٿو. ٻاهر گهمڻ ڦرڻ، جنگيون ڪرڻ، دشمنن کي سامهون ٿيڻ، کٽڻ ڪمائڻ، مڙسن جي بلي ڪيو ويو آهي، ۽ گهر سنڀالڻ، جڏهن مڙس ٻاهران هلاڪيون ڪڍي اچن، تڏهن انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ، ٻار ڄڻڻ، انهن جي سنڀال ۽ پرورش ڪرڻ – اهي ڪم وري زالن تي رکيا ويا آهن.

علي رضا- سچ آهي، مگر جن ڳالهين ۽ شين جو آءٌ ذڪر ٿو ڪريان، تن جو عقل ۽ نيڪيءَ سان واسطو آهي. اُهي جهڙو مڙسن کي ضروري آهن، تهڙو زالن کي. انگريز ماڻهن جو حال ڏس ته جهڙا پاڻ هوشيار، تهڙيون سندن زالون. اهو سڀ ڇا کان آهي؟ رڳو ٻاهر آمدرفت ڪرڻ ۽ جيڪي ڪم اندر ٿي نٿا سگهن، تن جي جاچڻ کان. هنن مان هڪڙي  مئڊم چاليهن  مڙسن جي وچ ۾ ويٺي هوندي، ته به پرواهه ڪانه هونديس؛ هنن سان گفتگو ڪرڻ توڙي حجت هلائڻ ۾ اهڙي چالاڪي ڏيکاريندي، جهڙو ڪو هوشياري مڙس ڏيکاري. هتي جي پردي وارين زالن ڪڏهن ڌارئين ماڻهوءَ جو منهن نه ڏٺو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن اتفاق سان غير ماڻهوءَ وٽ آيون، ته پوءِ اکر ئي واتان نه نڪرندن. پنهنجي ئي پگهر ۾ پيون ٻڏنديون، ۽ جي ٻاهر ماڻهن ۾ هلڻ لاچار ٿين، ته هلندي ٽنگون پيون وچڙندين، جنهن ڪري سڀ  پيا مٿن کلندا. انسان تي سرديون گرميون رکيون آهن، خدانخواسته اهڙيءَ زال تي ڪڏهن ڪو اهڙو حادثو اچي پوي، ته جيڪر مشڪلات ۾ مري وڃي، يا ته رلي خراب ٿئي.، جيڪا اصلي ٻاهر جي آمدوگار هوندي،  سا  اهڙن مشڪل وقتن ۾ به پنهجي جاءِ ڪري وجهندي، ۽ وڏي همت ڏيکاري سگهندي.

زينت – تڏهن زالن جي ٻاهر نڪرڻ  ڪري سندن گمراهه ٿيڻ جو ڊپ ڪونهي؟

علي رضا- ڪهڙو ڊپ آهي. جن قومن جون زالون ائين ٻاهر نڪرن ٿيون، سي خراب ڪين ٿيون آهن. چڱو مثال پارسين جو آهي، جي هندستان جا ڏيهي ماڻهو آهن؛ سچ آهي ته ڪي خراب مثال اهڙين قومن مان به ملي سگهندا. پر اوترا مثال، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ خراب مثال، پردي وارن ۽ حرمخانن وارن ماڻهن جا به  ملي سگهندا. ٿورن جي ڪري گهڻا ڪين مسندا.

زينت – اهو ته سائين ٺهيو، پر پردي جي نسبت ۾ جو ديني حڪم آهي، تنهن تي به ته ڪو ڌيان ڏيڻ ضروري آهي؟

علي رضا- هائو، بيشڪ ضروري آهي؛ پر جيتريقدر مون انهيءَ نسبت ۾ ديني ڪتاب ڏٺا آهن، تن مان پردي جي معنيٰ بند قيد نٿو نڪري،  جيئن هتي آهي. منهنجي نظر ۾ زال جي لاءِ وڏو پردو آهي مڙس، انهيءَ جو ته قرآن ۾ به اشارو آهي. جا زال پنهنجي مڙس يا وارث کان پري هوندي، يا انهيءَ جي مرضيءَ  ڌاران ڪيڏي ايندي ويندي، يا ڪي اجايا پير کڻندي، انهيءَ چئبو ته پردو  ڇڏيو، پوءِ ڀلي ڪوٽن ۾ ويٺي هجي، پر جنهن زال کي مڙس يا وارث ساڻ هوندو، ۽ انهيءَ جي حفاظت هيٺ ڪيڏي ايندي ويندي، اها ڄڻ ته پردي سان آهي، پوءِ ڀلي عام ماڻهن جي وچ ۾ هجي.

زينت- تڏهن ائين، اوهان جو مطب آهي ته مئڊمن وانگي زالون ڀلي ٻاهر وتن گهمنديون ڦرنديون، ۽ ڌارين ماڻهن سان تماشا ۽ ناچ ڪنديون؟

علي رضا- منهنجو اهڙو مطلب ناهي. غير قومن جون مناسب ڳالهيون هٿ ڪجن، پر انهن جي نامناسب ڳالهين تي هلڻ ضروري ڪونهي. پردي جي نسبت  ۾ منهنجو مختصر مطلب هيءُ آهي، ته زالن کي اصل ديوارن جي اندر بند رکڻ ۽ بلڪل نڪرڻ کان روڪڻ اجايو آهي. جڏهن نڪرن، تڏهن مناسب پردو هجين، يعني جيڪي ديني حق جسم ڍڪڻ ۽ لباس ڍڪڻ جا آهن، سي پورا ڪجن، ۽ پنهنجي وارث کان سواءِ يا انهيءَ جي مرضيءَ ڌاران ٻئي ڪنهن هنڌ نه وڃن. جڏهن ڪڏهن ڪن عجيب غريب شين ڏسڻ جو وجهه سڻائو هجي، جن مان  ڪنهن قسم جي فائدي جو امڪان هجي، يا جڏهن ڪڏهن ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ڪنهن هنڌ وڃڻو هجي، تڏهن منناسب ۽ شائستي رستي سان انهن جي ڏسڻ ۾ يا اتي وڃڻ ۾  ڪابه حرڪت نه هئڻ گهرجي. ائين ڪرڻ ڪري ديني حڪم به بجا آڻي سگهجن ٿا، ۽ جهان جي توڙي خدا تعاليٰ جي قدرت جي به زياده خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري سمجهه وڌي ٿي، سک وڌي ٿو، انساني حالت ۾ سڌارو ٿئي ٿو، ۽ اوير سوير جي اتفاقن مهل مشڪلات ۾ ڦاسڻ کان  به ڇٽجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org