ناشر طرفان ٻه لفظ
ڪتابي ادبي جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ
تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا
ويندا آهن ۽ انهن جي بر وقت حفاظت جو اهو به هڪ
طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽
ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا،
جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي
پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي
سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين بيدرديءَ سان
فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا
نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب و تاب سان
هميشه نڪرندائي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي
سنڌي عالمن ۽ اديبن ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان
طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي،
جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ
سون اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا،
جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن،
۽ ائين پيو ڀانئجي ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪڏهين لکيائي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پهنجي هن
عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان
ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهين معافيءَ لائق ٿي
سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي
اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل
املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر
جيڪڏهين هميشه وڃائيندائي رهياسين، ته آخر ۾ سواءِ
خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو. سا ڳالهه
سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد
پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ
جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق
آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا
وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي
حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾
بورڊ طرفان ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ: گل شڪر، حيات
النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا،
سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،
هدايت الانشاء، گل ۽ ايسپ جون آکاڻيون اڳي ئي ڇپجي
پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي هڪ
وڌيڪ ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
هيءُ ناول سنڌي علم ادب جي عظيم محسن، مرحوم شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ، جو تصنيف ڪيل آهي، ۽ سنڌي علم ادب جي
عظيم محسن، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جو
تصنيف ڪيل آهي؛ ۽ سنڌ جي اوائلي اصلوڪن ناولن مان
هڪ بهترين ناول آهي، جو اگرچه ستر سال کن اڳ جو
لکيل آهي، ته به ان مان اڄ به اهوئي لطف حاصل ٿئي
ٿو، جهڙو ڪنهن هاڻوڪي لکيل معياري ناول مان. سنڌي
افسانوي ادب جي هن لافاني ڪتاب جا چند پهريان
اقتباس – مڪالمن سميت – اردو ناول ”صحت النساء“
تان ورتل آهن، جيڪو مرزا صاحب مرحوم پاڻ ئي ڪجهه
وقت پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سڄي جو سڄو ساڳئي
نالي سان، جدا پڻ شايع ڪرايو هو. معلوم ائين ٿو
ٿئي ته پاڻ مٿين اردو ناول جو ترجمو ڪرڻ جو ويٺا
ته ترت ئي کين ذهن ۾ هڪ نئون ۽ بهتر پلاٽ سجهي
آيو، ۽ ترجمي کي اتي ڇڏي، ان پنهنجي طبعزاد پلاٽ
جي بنياد تي هڪ نئون ۽ مڪمل ناول ”زينت“ لکي پورو
ڪري ورتائون. پر ”صحت النساء“ اردو ناول به، جو
پنهنجي جاءِ تي کين ايترو وڻيو هو، سو اڳتي هلي،
فرصت سان ان جو مڪمل ترجمو ڪري، ان جي الڳ اشاعت
جو پڻ اهتمام ڪيائون.
زير نظر ناول ظاهر ته هڪ خيالي قصو پيو لڳي، مگر در حقيقت گهڻي
قدر سچن واقعن جو مجموعو آهي، جن مان ڪي واقعا ته
خود مرزا صاحب جي خاندان سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪي
سندس قريبي تعلق رکندڙ خاندانن سان، انهيءَ حيققت
نگاريءَ سبب ان ۾ تمام گهڻا اخلاقي سبق نهايت
دلچسپ ۽ دلنشين پيرايي ۾ درج ٿيل آهن، ۽ ان ۾ هر
مزاج جي پڙهندڙن لاءِ سچين پچين ڳالهين جو لطف
موجود آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو، ته ههڙا لافاني
ڪتاب ترت ترت شايع ٿيندا رهن، ۽ انعامي، لئبرري ۽
نصابي طور خوب پکڙن، مگر اسان جي پبلشرن ۽ تعليمي
اختياريءَ وارن جي غفلت ۽ عدم توجهيءَ سبب، افسوس
جو اسان جي عام پڙهندڙن کي ورهين جا ورهيه انهن جي
مطالعي کان محروم رهڻو پوي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ هن افسوسناڪ ڪوتاهيءَ کي شروع کان ئي محسوس ڪري،
پنهنجي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر
ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف
رکيو آهي. نهايت خوشي جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ
پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ٽيان
ايڊيشن به بورڊ کي سال – ٻن جي عرصي ۾ وري وري
شايع ڪرڻا پيا آهن، جن مان عوام طرفان بورڊ جي هن
ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي
ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ
خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن
جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري، بلڪ انهن کي لائق
اديبن هٿان نئين سر سڌرائي، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت
جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري،
پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون
ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي.
بورڊ جو هي پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت
سردست اٽڪل ٻه سو قديم خواه جديد مگر ناياب ٿيل
ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي
خواه بورڊ جي هنن ڪوششن کي همٿائيندا ۽ هن نيڪ
مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن
سان هميشه نوازيندا رهندا.
سيڪريٽري،
سنڌي ادبي بورڊ
پــيــش لــفــظ
پڙهندڙڻ جي خدمت ۾ عرض ته ”ناول“ صنف جي ڪتابن جي گهرج سنڌ ۾
تمام گهڻي آهي. سڌريل ملڪن ۾ ۽ سڌريل ٻولين ۾
هزارين ناول اڳيئي جڙيل آهن، ته به هزارين ٻيا
سال بسان نوان پيا جڙ، ۽ جوڙڻ وارا نه رڳو مڙس
آهن، پر زالون به. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته اتي
جي مڙسن ۽ زالن کي انهيءَ قسم جي ڪتابن پڙهڻ جو
ڪيترو نه شوق آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪمياب آهن، نڪو ڪنهن کي
انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسجي. تنهن
ڪري اهڙي شوق پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ مون هن کان
اڳي انهيءَ نموني جو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو آهي،
جنهن جو نالو ”دلارام“ آهي. ٻيو وري هي لکيو اٿم.
اهو هڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آهي، جنهن ۾ زماني جي گردش ۽ هال
چال جو بيان گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي. هن ۾ سنڌ جي
سڌريل گهرن جي هلت چلت، جيڪا اڪثر هن زماني ۾ ڏسڻ
۾ ايندي آهي، سا چڱيءَ طرح ڏيکاريل آهي. قصو رڳو
ڪهاڻيءَ وانگي ناهي، پر گهڻو ڀاڱو گفتگو جي صورت
۾ ڏنل آهي. اڳوڻي زماني جي قصن وانگي هن ۾ جن ڀوت
يا پري يا ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾
اهڙا واقعا ڏنل آهن، جي ٿيڻ جهڙا آهن، جي سڀڪنهن
انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا. ۽ جڏهن منهنجو اهو به
مطلب هو ته زالن جي دل تي نيڪيءَ جو اثر ويهاريان،
تڏهن هن ۾ جيڪي خيالي ماڻهو آندا اٿم، تن مان
مکيه هڪڙي زال آهي، جنهن تي ساري قصي جو مدار آهي.
انهيءَ جي نالي جي پٺيان مون هن ڪتاب جو نالو به
”زينت“ رکيو آهي. اميد ته پڙهندڙ ان جي پڙهڻ مان
گهڻي خوشي حاصل ڪندا، ۽ قسمين قسمين جون نصيحتون
ڪڍندا، ۽ جيڪا سهو يا خطا ڏسندا تنهن بابت مهرباني
ڪري مون کي اطلاع ڏيندا، ته آئنده لاءِ اُن تي
مناسب نظر رکي وڃي.
هن ڪتاب ۾ هيٺين ڳالهين جو ذڪر هليل آهي، ۽ جتي ڪنهن سڌاري هئڻ
جو ضرور ڏٺو ويو آهي، اتي مناسب طرح اشارو به ڏنو
ويو آهي:
نياڻي جي پرڻي بابت ماءُ کي ڳڻتي، پنهنجن يا پراون کي سڱ ڏيڻ –
ذات ڏي ڏسڻ، يا ڌن ڏي ڏسڻ، يا ڪن ٻين ڳالهين ڏي؛
قديم خاندان جي اجائي هلت چلت ۽ ان ڪري سندن خانه
خرابي؛ زناني تعليم؛ زنانه اخلاق ۽ سگهڙپائي، ٻن
گهرن جي پاڻ ۾ اُٿ ويهه، ننڍيءَ وهيءَ ۾ شادي نه
ڪرڻ، ڪهڙي قسم جي زال هٿ ڪجي ۽ ڪهڙيءَ طرح، شاديءَ
لاءِ زال جي مرضيءَ پڇڻ جو ضرور، ڪهڙي قسم جو مڙس
زال قبول ڪري، پردي وارين زالن جو ٻاهر نڪري، ٻئي
هنڌ وڃڻ جو دستور، مهمان جي آڌر ڀاءُ، ماني کائڻ
جو دستور، سڱ گهرڻ ۽ شاديءَ جي قبولداري ڪرڻ،
شاديءَ جا اجايا خرچ ۽ اڍنگا رستا – ان لاءِ سڌريل
رٿون، گهر هلائڻ جي خرچ جو بندوبست ۽ بچت جو قابو
رکڻ، پردو ڇاکي چئجي ۽ اهل پردي جا ڪي رستا، زال
مرس جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو رستو، زال مڙس جو هڪٻئي
ڏي خط پٽ لکڻ، زالن جو سفر، سمنڊ جي مسافري،
سختيءَ مهل ڪيئن هلت ڪجي، سرڪاري ڪامورن جو ظلم،
ڏک، سک جي حالت، نمڪ حلال ٻانها، خراب صحبت جو
اثر، ڪهڙيءَ طرح خراب عادتون پون ٿيون، ۽ انهن
مان خراب نتيجا نڪرن ٿا، مائٽ جي محبت اولاد
ڏانهن، پڙهيل زالون پهنجي قوم وارن کي فائدو
پهچائي سگهن ٿيون، زناني مڪتب جو انتظام، ۽ انهيءَ
جو چڱو نتيجو، ڏيهي شاگردن جو تعليمي لاءِ ولايت ۾
وڃڻ، ماڻهن سان رهوڻي، ملڪن جي سير ڪرڻ مان آزمودو
۽ واقفيت، هوشياري ۽ چالاڪيءَ ڪري وڏن درجن جو
ملڻ، زناني سڌاري جي مجلس، اُن جو انتظام ۽
انهيءَجا فائدا، بادشاهن سان اميرن جي نمڪ حلالي ۽
ايمانداريءَ جا چڱا نتيجا، وطن جي حب، حڪومت هلائڻ
جي تجويز، هتي جي ڏيهي ماڻهن جي منڊمن سان شادي
ڪرڻ مان نفعا ۽ نقصان، سڀڪنهن لاءِ پنهنجي قوم
چڱي، ٻن ڀائرن جي طبيعتن ۾ فرق، پي ماءُ سان خراب
هلت ڪرڻ مان پشيماني، زال مڙس جي فرمانبردار هئڻ
کپي، نه مڙس زال جو تابعدار، زال ۽ مڙس جي
ناسازيءَ مان خراب نتيجا، اولاد تي ماءُ، پيءُ جا
حق، زمين جي آباديءَ واسطي سڀڪنهن لاءِ مختصر
رستو.
منزل، روهڙي،
تايخ 1 – آڪٽوبر 1890ع
قليچ بيگ |