سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :6

باب اٺون

 

عشق نه آهي راند

 

ٻئي ڏينهن مسٽر ”برچل“ اسان وٽ آيو جيتوڻيڪ آءٌ ڪن سبب ڪري هن جي بار بار اچڻ تي ناراض ٿيس، ته به پنهنجي صحبت ۽ گهر کان هن کي روڪي نه سگهيس، ائين صحيح آهي ته ان ڏينهن هن جيڪو اسان سان گڏ پورهيو ڪيو، ان اسان کي سندس ڪيل مهمانيءَ کان وڌيڪ اجورو ڏنو، هن اسان سان گڏ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو ۽ چراگاهن توڙي سڪل گاهه جي دن ٺاهڻ جي ڪم ۾ پاڻ کي سڀني کان اڳڀرو رکيو، ان کان سواءِ هو هميشه ڪا نه ڪا اهڙي دلچسپ ڳالهه ڪندو هو، جا اسان جي محنت کي گهٽائيندي هئي ۽ هڪڙي ڀيري هن اهڙي ته غير رواجي پر عاقلانه هلت ڪئي جو آءٌ کيس پيار ڪرڻ کا رهي ڪين سگهيس. سندس اهڙيءَ هلت تي مون کي مٿس کل آئي ۽ قياس پڻ ٿيم، هن منهنجي ڌيءَ سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چرچي طور کيس پنهنجي ”ننڍڙي خانم“ ڪوٺيندو هو ۽ جڏهن منهنجي ڌيئرن مان هر هڪ لاءِ ربينن جو سيٽ خريد ڪري آيو، تڏهن اهو سيٽ جو هن ”صوفيا“ کي ڏنو، سو تمام عمدو هو، مون کي خبر نه آهي، ته ڪيئن مگر هي ڏينهان ڏينهن وڌيڪ سنجيده ٿيندو. ڏسڻ ۾ آيو، سندس سمجهه سڌرڻ لڳي ۽ سندس سادگيءَ مٿانهين درجي جي سياڻپ جو رويو ورتو.

اسان جي ڪٽنب ٻنيءَ ۾ ماني کاڌي، ۽ اسين مانيءَ جي چوڌاري ويٺا هئاسون ۽ اسان جو دستر خوان سڪل گاهه مٿان وڇايل هو، ان وقت ”مسٽر برچل“ اسان جي کاڌي جي مجلس کي مسرت پئي ڏني. اسان جي تسڪين کي اوج تي پهچائڻ لاءِءَ ٻن انگريزي ڪوئلن آمهون سامهون لوڙهن تا، هڪ ٻئي کي جواب پئي ڏنا ۽ ڳاڙهي ڇاتي واري چيهي پکي اسان جي هٿن مان اچي ڀور چونڊيا ٿي. انهيءَ مسرت بخش عالم ۾ سندس هرڪو آواز صرف آسائش ۽ آسودگيءَ جو پڙاڏو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ”صوفيا“ چيو” آءٌ ائين ڪانه ويٺي آهيان، پر آءٌ ”مسٽر گي“ جي تمام سٺي طريقي سان بيان ڪيل انهن ٻن عاشقن بابت ويچار پيئي ڪريان جيڪي هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ ماويا، ان احوال ۾ اهڙي ڪا دلسوز ڳالهه آهي ، جو مون ان کي وري وري سوين دفعا نئين شوق سان پڙهيو آهي، منهنجي پٽ چيو، ”منهنجي راءِ ۾ ان جا بهترين ضرب ”اووڊ جي ائڪس“ ۽ ”گئليٽا“ واري نظم ۾ آيل ضربن کان گهڻو گهٽ آهي، رومي شاعر تضاد جو استعمال بهتر ڄاڻي ٿو، ۽ هنر سان سنواريل انهيءَ صنعت تي دلسوزي جي سموري طاقت مدار رکي ٿي، مسٽر برچل چيو، ”اها قابل ذڪر ڳالهه آهي، ته جن ٻنهي شاعرن جوذڪر اوهان ڪري رهيا آهيون.انهن پنهنجن سڀني نظمن کي صفاتي جملن سان بار گير ڪري پنهنجن جدا جدا ملڪن ۾ غلط طرز کي رواج ڏيڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ورتو آهي. ٿوري استعداد وارن ماڻهن انهن کي پنهنجيءَ غلط فهميءَ سبب آساني سان نقل ٿيندو ڏٺو ۽ انگرزي نظم روم جي آخرين شهنشاهيت واري وقت جي نظم وانگر هن وقت بغير آکاڻيءَ يا لاڳاپي جي صرف عيش عشرت جي عڪس جي ملاوت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، هن وقت جو انگريزي نظم ڪنهن به مطلب بر آمد ٿيڻ کانسواءِ صرف هڪ صفاتي جملن جي لڙهي آهي، جا آواز کي سڌاري ٿي، محترمه خاتون، تون شايد ائين واجبي سمجهنبدين ته جهڙيءَ طرح آءٌ ٻين تي الزام رکان ٿو، تهڙيءَ طرح مناسب آهي ته آءٌ کين پڻ اهو وجهه ڏيان ته هو مون کان پنهنجو عيوضو وٺي سگهن، سچ پچ ته مون هي رايو صرف مجلس کي هڪ گيت ٻڌائڻ جي وجهه ملڻ لاءِ ڏنو آهي، ان گيت ۾ ٻيون کڻي ڪهڙيون به خاميون هجن، مگر آءٌ سمجهان ٿو ته ڪم از ڪم جيڪي نقص مون مٿي بيان ڪيا آهن. انهن کان پاڪ آهي.

 

گيت

(1)

مون شريف سنياسي ماٿريءَ وارا،

رهنمائي ڪر منهنجي اڪيلائي واري رستي جي،

اوڏانهن جتي موم بتي ماٿريءَ کي روشن ڪري ٿي،

ساڻ مهمان نواز ڪرڻي.

(2)

ڇاڪاڻ ته هتي وساريل ۽ وڃايل آئون هلان ٿو،

ساڻ ماندن قدمن ۽ ڍلو،

جتي جهنگل بيشمار پکڙجن ٿا،

پسجن ٿا وڏا ٿيندا، جيئن آئون هلان ٿو.

 (3)

”صبر ڪر منهنجا پٽ“ راهب دانهن ڪري ٿو،

تغريب ڏيڻ کان ان خوفناڪ ماٿريءَ کي،

ڇا ڪاڻ ته پريان بي ايمان وهمي صورت اڏامي ٿي،

لالچائي ڦاسائڻ لاءِ تو کي تنهنجي آخرت ڏانهن.

(4)

هتي ضرورت واري بي گهر ٻار لاءِ،

منهنجو دروازو کليل آهي اڃا تائين،

۽ جيتوڻيڪ منهنجو حصو آهي مگر ٿورو،

آءٌ ڏيان ٿو اهو گهڻي خوشيءَ سان.

(5)

پوءِ موٽ اڄ رات ۽ آزاديءَ سان حصو وٺ،

جيڪي ڪي منهجو غار عنايت ڪري ٿو،

منهنجو گاهه وارو غار ۽ غريباڻو، منهنجي دعا ۽ آرام.

(6)

نڪي ڌڻ جي ڦرن گرن ٿا ماٿريءَ ۾ آزاد،

ڪوس ڪرڻ کي ڪرڻ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو،

ان طاقت کان جو مون تي رحم ڪري ٿو،

انهيءَ لاءِ ته رحم ڪرڻ سکان ٿو.

(7)

پر جبل جي گاهه واري پاسي کان،

هڪ حلال کاڌو آءٌ آڻيان  ٿو،

 هڪ جهولي گاهه ۽ ٻوٽن جي ميون سان ڀرپور،

۽ پاڻي ان چشمي مان.

(8)

تڏهين، زيارتي، هڙ، پنهنجون ڳڻتيون ڇڏي ڏي،

سڀئي دنيوي ڳڻتيون غلط آهن،

ماڻهو ضرورت رکي ٿو مگر ٿورڙي هتي هيٺ،

نڪي ضرورت رکي ٿو ان جي ڪجهه وقت لاءِ.

(9)

جيئن نفيس ماڪ آسمان کان هيٺ لهي ٿي،

تيئن سندس دل لُڀائيندڙ الفاظ لهن ٿا،

اُهو باشعور اجنبي هيٺ نمي ٿو،

۽ پٺيان هلي ٿو ان چُرَ ڏانهن.

(10)

پري هڪ گمنام ويرانيءَ ۾،

اهو اڪيلائي وارو محلات بيٺل آهي،

هڪ پناه گاه پاڙي وارن غريبن لاءِ،

۽ اجنبي ڀٽڪيلين لاءِ.

(11)

نڪي سامانن ان جي غريباڻي پکي هيٺان،

ضرورت رکي هڪ مالڪ جي سنڀال جي،

اها ڳڙکي هڪ تاڙيءَ سان کلندي،

استقبال ڪيو ان بي ضرر جوڙي جو.

(12)

۽ هاڻي جڏهين پورهيت حشام ماڻهن جا موٽن ٿا،

وٺڻ لاءِ پنهنجي رات جو آرام،

ان سنياسي ٺيڪ ٺاڪ ڪيو پنهنجيءَ ننڍڙيءَ باه کي،

۽ دلداري ڏنائين پنهنجي دُکِي مهمان کي.

(13)

۽ پکيڙيائين پنهنجي نباتاتي سامان کي،

۽ البيلائيءَ سان نپوڙيائين ۽ مشڪيائين،

۽ قابل هجڻ سان داستاني روايات ۾،

اهي انگهندڙ ساعتون ڀنڀلايائين.

(14)

چوڌاري خوشيءَ واري نموني ۾،

پنهنجون حرفتون ٻليءَ جو ٻچو آزمائي ٿو،

تِڏَ چُلهه ۾ چون چون ڪري ٿي،

ٽڙڪو ڪندڙ ڦوڙاٺيءَ جون چڻگون اُڏامن ٿيون.

(15)

مگر ڪجهه به خوشي عنايت ڪري نه سگهيو،

تسلي ڏيڻ ڪاڻ ان اجنبيءَ جي مصيبت کي،

ڇاڪاڻ ته دک سخت هو سندس دل کي،

۽ لُڙِڪَنِ شروع ڪيو وَهَڻُ.

(16)

هن جون وڌندڙ ڳڻتيون ان سنياسيءَ ڏٺيون،

واپسي ڪاروائي ڪندڙ ڳڻتيءَ سان دٻايل،

”۽ ڪٿان دلگير نوجوان،“ هن چيو،

”اهي غم تنهنجي سيني جا آهن ڇا؟“

(17)

بهتر آبادين کان ٿڏجي،

ناخوش تون رلين ٿو؟

يا ڏک ڪرين ٿو دوستيءَ نه واپس ڪيل لاءِ،

يا اڻ توجہ ڪيل، پيار تي.

(18)

افسوس! اهي خوشيون جي نصيب آڻي ٿو،

آهن خسيس ۽ تباه ڪُن،

۽ اهي جي عزت ڪن ٿا خسيس شين جي،

وڌيڪ خسيس آهن اڃا به انهن کان.

(19)

۽ ڇا آهي دوستي صرف هڪ نالو،

هڪ جادو، جو لولي ڏئي ٿو ننڊ ڏيارڻ لاءِ،

هڪ پاڇو دولت يا ناموس پويان هلي ٿو،

پر ڇڏي ٿو ان ڪمبخت کي رُئڻ لاءِ.

(20)

۽ عشق اڃا به وڌيڪ خالي آواز آهي،

هڪ مه جبين جو نئون مذاق

ڌرتيءِ تي اڻ ڏٺل يا صرف معلوم ڪيل،

يا گرم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميءَ جي گهرڙي کي.

(21)

”شرم ڪر، اي نادان نوجوان تنهنجا دک دٻجي وڃن ٿا“

۽ هڪالي ڪڍن ٿا جنس کي “ به هن چيو،

پر جيئن هن ڳالهايو، تيئن هڪ اڀرندڙ رعنائيءِ جو،

هن جي پيار کان ڌڪاريل مهمان دلبو ڏنو.

(22)

حيران ٿي هيءَ نوان حسن اڀرندا ڏسي ٿو،

تڪڙو پوش ڏيندا ان لقاءَ کي،

رنگن وانگر مٿان صبح واري آسمان جي،

جهڙا روشن تهڙا پڻ بي جٽا.

(23)

هڪ شرميلي نگاهه، اها اڀرندڙ ڇاتي،

واري تي پکيڙين ٿا خطرا،

قبوليندي اهو حسين اجنبي بيهي ٿو،

پنهنجي سمورين رنگنين ۾ هڪ نوجوان دوشيزه.

(24)

۽ ”افسوس ! معافي ڏي هڪ اجنبيءَ بي ادب کي،

هڪ ڪمبخت ويڳاڻي کي، هن چيو ،

جنهن جا ناپاڪ پير بي جاءِ داخل ڪن ٿا،

جتي بهشت آهي ۽ توهين رهو ٿا

(25)

پر ڀلي ته هڪ نوجوان دوشيزه تنهنجي رحم ۾ حصو وٺي،

جنهن کي پيار سيکاريو آهي ڀٽڪڻ،

جا ڳولا ڪري ٿي آرام لاءِ، پر لهي ٿي نا اميديءَ کي،

ساٿي پنهنجي رستي جو.

(26)

منهنجو پيءُ رهندو هو ڀر ۾ ”ٽائين“ جي،

هڪ دولتمند امير هوندو هو هيءَ،

۽ سڀ هن جي دولت منهنجي نالي نشان ڪيل هئي،

هن کي هوئس آءُ.

(27)

حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي سندس پيار ڀرين ٻانهن مان،

بي شمار طالبو آيا،

جن ساراهه ڪئي، منهنجي بنسبت غير حقيقي سونهن جي،

۽ محسوس ڪيائين يا بهانو ڪيائين هڪ شعلي جو

(28)

هر ڪنهن ساعت ڌن جي لالچ تي شادي ڪندڙ جي ميڙ،

ساڻ تمام وڌيڪ دلفريب نذرانن ڪوشش ڪئي،

بچيلن جي وچ مان نوجوان ”ايڊون“ نمي سلام ڪيو،

مگر ڪڏهين به پيار جي ڳالهه نه ڪيائين،

(29)

حليم ۽ تمام سادي لباس ۾ ملبوس ٿيل،

نڪي دولت نڪي طاقت هن کي هئي،

ڏاهپ ۽ لياقت ئي هئا جي هن کي هئا

مگر منهنجي لاءِ اهي سڀ ڪجهه هئا.

(30)

۽ جڏهين منهنجي ڀر سان ان ماٿريءَ ۾،

هن ڳاتا راڳ پيار جا،

هن جي آواز اڌاري ڏني سرهاڻ هوا کي

۽ سرور وڻن جي جهڳٽي کي.

(31)

اها مکڙي ان ڏينهن تي کلندڙ،

اها ماڪ آسمان جي صاف ڪيل،

اصل نه ڏيکاري سگهي پاڪائي

 سبقت  ڪرڻ لاءِ سندس دل کان.

(32)

اها هاڪَ ۽ اَها مکڙي وَڻَ تي،

حسنَ ناپائدار سان چمڪن ٿا،

انهن جي سونهن هن جي هئي مگر افسوس منهنجي حال تي،

هنن جي پائداري منهنجي هئي.

(33)

پر تنهن هوندي به هر هڪ ناپائدار هنر جي،

سخت ڪوشش سان مگر اجائي، آزمائش ڪئي،

۽ جيستائين هن جي سرگرميءَ منهنجي دل کي موثر ڪيو،

مون هن کي دردن ۾ ڏسي ناز ڪيو.

(34)

جيستائين پري طرح اداس منهنجي نفرت سان،

هن ڇڏيو مون کي منهنجي فخر ۾،

۽ حاصل ڪيائين هڪ بيڪار ۽ غير آباد اڪيلائي

لڪل جاءِ تي ۽ اتي ئي مري ويو.

(35)

پر منهنجو اهو غم، منهنجي اها غلطي،

۽ منهنجي زندگي ان جو عوض ڏيندا،

 آءٌ ڳوليندس اها اڪيلائي جا هن ڳولي لڌي،

۽ پاڻ کي ليٽائينديس ان جاءِ تي جتي هو ليٽيل آهي.

(36)

۽ اتي ويڳاڻو، نا اميد لڪل،

آءُ پاڻ کي ليٽائينديس هيٺ ۽ مرديس،

اهو ائين هو جيئن ”ايڊون“ منهنجي لاءِ ڪيو،

۽ انهي ڪري هن جي لاءِ آءٌ ڪنديس.

(37)

(شال) آسمان ان کي روڪ ڪري! ان سنياسيءِ چيو،

۽ لڳايائين ان کي پنهنجي ڇاتيءَ سان

حيرت ۾ پيل حسينه ڪئي طعنه بازي،

 اها هئي ايڊون جي شخصيت جنهن زور ڏنو،

(38)

مڙ، اينجلينا، هميشه لاءِ پياري،

مون تي جادو ڪندڙ! مڙ ڏسڻ لاءِ

تنهنجو پنهنجو، تنهنجو گهڻو وقت اڳي گم ٿيل ايڊون هتي

وري محبت تو ڏانهن آيل،

 (39)

اهڙيءَ طرح ڇڏ ته آءٌ تو کي پنهنجي دل سان جهليان

۽ هر ڪا ڳڻتي ڦٽي ڪريان،

 ۽ اسين ڪڏهن به اصل نه جدا ٿينداسون،

منهنجي زندگي، منهنجا سڀ ڪجهه ۽ جيڪي منهنجو آهي،

(40)

نه ڪڏهين به نه، هن ساعت کان وٺي جدا ٿيڻ،

اسين رهنداسون ۽ پيار ڪنداسون اهڙو سچو،

اهڙو ٿڌو شوڪارو جو ڏاري ٿو، تنهنجيءَ پختيءَ دل کي،

ٽوڙيندو تنهنجي ايڊون جي دل کي پڻ.

جيئن هن گيت پيئي ڳاتو، تيئن صوفيا کي پنهنجي خواهش سان ڪوملتا جي تان کي ملائيندي ڏٺو ويو، اسان جو آرام اسان جي ڀر ۾ ٿيل بندوق جي آواز سبب بگڙجي پيو، ان کانپوءِ اسان هڪڙو ماڻهو پنهنجي ڪيل شڪار کي کڻڻ لاءِ لوڙهي مٿان لنگهندي ڏٺو، هيءُ شڪار جو ڪوڏيو، زميندار جو پادري هو، هن انهن ٻنهي ڪوئلن مان هڪ کي ماريو هو، جي تمام گهڻي خوشيءَ سان اسان کي وندرائي رهيون هيون، بندوق جي ايڏي وڏي ۽ ايتري قريب آواز، منهنجي ڌيئرن کي ڊيڄاري ڇڏيو، مون ڏٺو ته ”صوفيا“ خوف ۾ پاڻ کي مسٽر برچل جي ٻانهن ۾ کڻي اڇليو هو، اهو ماڻهو اڳتي وڌي آيو ۽ اسان کي يقين ڏياريائين ته کيس اسان جي ايتري ويجهي هئڻ جي خبر نه هئي ۽ اسان جي مجلس ۾ جيڪو خال پيو هو، تنهن جي معافي گهريائين، هو منهنجي ننڍي ڌيءُ جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ شڪار باز جي شان مطابق، جيڪو ان ڏينهن شڪار ڪيو هئائين، سو سندس اڳيان پيش ڪيائين، هوءُ انڪار ڪرڻ تي هئي، مگر سندس ماءُ جي اشاري تي هن جي تحفي کي ڪجهه بي دليءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي، منهنجيءَ زال دستور موجب ان بابت پنهنجو فخريه خيال ظاهر ڪيو، هن چيو ته ”صوفيا، پادريءَ تي ۽ سندس ڀيڻ زميندار تي فتح حاصل ڪئي هئي، ان هوندي به مون کي شڪ هو ته کيس ڪنهن ٻئي لاءِ پيار هو، پادريءَ پنهنجي زميندار وٽان پيغام آندو هو ته ”مسٽر ٿارنهل“ ان رات اسان جي گهر جي اڳيان چانڊوڪيءَ ۾ گاهه واري ميدان تي منهنجي گهر جي نوجوان عورتن کي گاني جي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ان لاءِ راڳ ۽ ناشتي جو بندوبست به پاڻ ڪيو هئائين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي ان پيغام پهچائڻ ۾ پنهنجو هڪ شخصي مقصد پڻ آهي، ڇا ڪاڻ ته مون کي اميد آهي ته هن پيغام پهچائڻ جي عيوضي ۾ ”صوفيا“ مون سان گڏ ناچ ڪندي، منهنجي ڌيءَ جواب ڏنو، ”جيڪڏهن آءٌ اهو ڪم آبروءَ سان ڪري سگهيس، ته مون کي ان لاءِ ڪو به اعتراض ڪونهي.“

هن ڪلام جي سلسلي کي جاري رکندي مسٽر برچل ڏانهن نهاريندي چيو، ”مگر هي هڪ شريف ماڻهو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن جي ڪم ۾ منهنجو ساٿي ٿي رهيو آهي ۽ مناسب ائين آهي ته ان جي وندر ۾ پڻ هو منهنجو ڀائيوار هجي“ ”مسٽر برچل“ سندس مٿئين ارادي لاءِ کيس آفرين ڏني، مگر کيس سرڪاري پادريءَ جو سپرد ڪيائين. هن چيو ته ”مون کي ان رات مانيءَ جي دعوت هئڻ سبب پنج ميل پري وڃڻو آهي، هن جو انڪار مون کي ڪجهه قدر غير معمولي لڳو، مون کي خيال ۾ به نه اچي سگهيو، ته ڪيئن ”صوفيا“ جهڙي سمجهو ڇوڪري ۽ برچل جهڙي ڪريل بخت واري ماڻهوءَ کي هڪ اعليٰ اميدن واري ماڻهو تي ترجيح ڏيئي سگهي، مگر جيئن ته مرد عورتن جي لياقتن کي سڃاڻڻ لاءِ تمام گهڻو اهل آهن، تيئن عورتون پڻ اڪثر مردن لاءِ تمام صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿيون، ٻئي جنسون هڪ ٻئي جي مٿان جاسوسن جيان مقرر ڪيل ڏسجن ٿيون ۽ جدا جدا لياقتن سان سينگاريل ۽ باهمي جاچ جونچ لاءِ هڪ ٻئي جي ڀيت پيل آهن. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org