سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :4

باب چوٿون

 

نصيب ۽ خوشي

 

اسان جي رهائش جي جڳهه هڪ ننڍڙي پاڙي ۾ هئي. جنهن ۾ هاري رهندا هئا، جيڪي پنهنجون زمينو ن پوکيندا هئا، کين نڪا شاهوڪاريءَ جي خبر هئي ۽ نڪي غريبيءَ جي سڌ، هنن کي زندگي جون سڀئي سهوليتون پنهنجن گهرن ۽ پاڙن ۾ موجود هيون، تنهن ڪري ٻاهر ٻئي ڪنهن شهر ڏانهن نه ويندا هئا، اهي پاڻ وٽ اڃا تائين اخلاقن جي قديم سادگي سانڍيندا ٿي آيا ۽ عادت موجب ٿور خرچائو هئا، کين اها به خبر ڪا نه هئي ته برد باري به ڪو هڪ گڻ آهي.

پورهئي وارن ڏينهن تي هو خوشيءَ سان ڪم ڪندا هئا، مگر وڏن ڏينهن کي آرام ۽ خوشيءَ جا تهوار ڪري ملهائيندا هئا، هو ڪرسمس راڳ جاري رکندا ٿي آيا، وئلنٽائين[1] ڏينهن تي هو پنهنجي محبت جون ڳنڍيون سوکڙي طور موڪليندا هئا، ڏوهه باس وارن ڏينهن[2] تي تئيءَ ۾ تريل پڪوڙا کائيندا هئا. پهرين تي هو پنهنجون حرفتون ڏيکاريندا هئا، ۽ مذهبي طرح ميڪالمس[3] جي اڳئين ڏينهن جي شام تي سوپاريون ڀڃيندا هئا، اسان جي ويجهي پهچڻ جي اطلاع ملڻ تي سڄي پاڙي جا ماڻهو عاليشان وڳن سان ملبوس ٿيل شرنائي وڄائيندا، پنهنجي مذهبي رهنما سان ملڻ لاءِ ٻاهر آيا، اسان جي اعزاز ۾ دعوت جو پڻ انتظام ڪيل هو. جنهن ۾ اسين خوشيءَ سان شريڪ ٿياسون، انهي مجلس ۾ جا گفتگو، خيال ۽ ويچار سان ٿيڻ کپندي هئي، سا کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پئي ڪئي ويئي.

اسان جي رهائش واري ننڍڙي جاءِ هڪ هيٺ جهڪندڙ ٽڪريءَ جي دامن ۾ واقع هئي، جا پويان سهڻن ننڍڙن ٻوٽن سان ڇانيل هئي، ان جي اڳيان هڪ نهر هئي جا گڙ گڙ ڪري پئي وهي، ان نهر جي هڪ پاسي چراگاهه، ٻئي پاسي ساوڪ هئي، منهنجي ٻني اٽڪل ويهارو، ايڪڙ هئي. اهو بهترين زمين جو ٽڪرو مون پنهنجي مالڪ کان هڪ وڏي رقم لونگيءَ طور ڏيئي ورتو هو، منهنجي ننڍڙي احاطي جي صفائي بي مثال هئي، ان ۾ ايلمس[4] جهڙا جهنگلي ٻوٽا بيٺل هئا ۽ لوڙهن جي قطارن ۾ هيج روز[5] بهترين رونق لڳايو بيٺا هئا، منهنجي گهر کي صرف هڪ طبقو هو، جو ڇپر سان ڍڪيل هو ۽ منجهس نهايت فرحت بحش هوا هئي، اندرين ڀيتين کي عمدي چن جي اڇي پوچي ڏنل هئي ۽ منهنجي ڌيئرن انهن کي پنهنجي خيال موجب مورتن سان سينگارڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو هو، جنهن ڪري اها ساڳي ڪوٺي اسان کي ويهڻ جي صفحي ۽ رڌڻي طور ڪم آئي ٿي، جنهن ڪري اها گرم رهي ٿي، ازانسواءِ جيئن ته اها ڪوٺي تمام گهڻي صاف رکي ويندي هئي ۽ منجهس پليٽون، ساسرين ۽ ٽامي جا سڀئي چمڪندڙ ٿانو سلسليوار قطارن ۾ رکيل هوندا هئا، دلفريب منظر لڳايو بيٺا هوندا، تنهن ڪري ڪنهن به وڌيڪ قيمتي فرنيچر جي ضرورت محسوس نٿي ٿي، ان ۾ ٻيا به ٽي ڪمرا هئا، هڪ مون ۽ منهنجي زال لاءِ ۽ ٻيو اسان جي ٻن ڌيئرن لاءِ ۽ ٽيون جو اسان جي ڪوٺيءِ اندر ٻن بسترن سان هو، سو ٻين باقي ٻارن لاءِ هو.

اها ننڍڙي جهموري رياست جنهن ۾ مون قانون رائج ڪيا، سا هيٺئين طريقي انتظام هيٺ رکي ويئي، سج اڀرڻ وقت اسين سڀ پنهنجي وڏي صفحي ۾ گڏ ٿيندا هئاسون، جتي نوڪر باهه اڳيئي ٻاري ڇڏيندو هو، ڇو ته مون چڱي نسل جي پرورش لاءِ ڪجهه اهي غير ارادي طريقا جاري رکڻ ٺيڪ ٿي سمجهيا، جن کان سواءِ آزادي هميشه دوستي کي ناس ڪري ڇڏي ٿي، تنهن ڪري هڪ ٻئي کي مناسب رسم موجب سلام ڪرڻ کان پوءِ اسين سڀئي شگر گذاري ءِ لاءِ ان هستيءَ ڏي جهڪنداهئا سون، جنهن اسان کي (زندگي جو) ٻيو ڏينهن عنايت ٿي ڪيو، هن فرض ادائگيءَ کانپوءِ آءٌ ۽ منهنجو پٽ دستوري پورهئي تي ٻاهر ويندا هئاسون ۽ منهنجي زال ۽ ڌيئرون نيرن تيار ڪرڻ ۾ مشغول رهنديون هيون، اسان جي نيرن مقرر وقت تي تيار ٿيندي هئي، آءٌ هڪ ڪلاڪ سڀني کي پورهئي کان رخصت ڏيندو هوس، اهو وقت منهنجي زال ۽ ڌيئرون انتهائي خوشيءَ ۾ گذارينديون هيون ۽ آءٌ منهنجو پٽ فلسفيانه دليل و دلائل ۾ صرف ڪندا هئاسون. اسين سج اڀرئي اٿندا هئا سون، ۽ سج لٿي کان پوءِ پورهيو بند ڪري گهر ڏانهن پنهنجي منتظر ڪٽنب وٽ واپس ايندا هئا سون، جتي مشتڪندڙ نگاهون گرم چلهه، ۽ وڻندڙ باهه اسان جي استقبال لاءِ تيار هوندا هئا، اسان وٽ هميشه مهمان خانو لڳو پيو هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن اسان جو پاڙيسري گهڻ ڳالهائو هاري فلمبرو ۽ اڪثر ڪري معذور شرنائي وجائيندڙ ملاقات تي ايندا هئا ۽ اسان جي شراب مان مزو حاصل ڪندا هئا، جنهن جي تيار ڪرڻ ۾ نه اسان رسد وڃائي هئي ۽ نه پنهنجي واکاڻ. هنن ماڻهن کي سٺي ساٿي بڻجڻ جا گهڻي ئي طريقا ايندا هئا،  جڏهن هڪ ساز ڇيدڙيندو هو ته ٻيو وري ڪو دل ڏکوئيندڙ گيت ڳائيندو هو، رات جي وقت منهنجن ننڍڙن پٽن کي ڏينهن وارو سبق پڙهايو ويندو هو ۽ انهن مان جيڪو به بلند آواز، چٽو ۽ سٺو پڙندو هو، ان کي آچر جي ڏينهن اڌي پيني غريبن جي خيرات واري پيتيءَ ۾ وجهڻ لاءِ ڏني ويندي هئي.

آچر جو ڏينهن گهر جي ڀاتين لاءِ سچ پچ ته ڏيک ويک جو ڏينهن هوندو هو، ان ڏيک ويک کي منهنجو سڀئي عيش عشرت جي بر خلاف ڪيل فهمائشون روڪي نٿي سگهيون، جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته وڏائي جي خلاف ڏنل منهجين سمجهاڻين منهنجي ڌيئرن جي غرور تي فتح حاصل ڪئي هئي، مگر مون ڏٺو ته هو اڃا تائين پنهنجن  اڳيئن ڏيکن ويکن ڏانهن ڳجهي طرح مائل هيون، هنن اڃا تائين به زريءَ ربين، شيشي جي ڪشن(هارن) ۽ ٽاٽ وارن ريشمي ڪپڙن کي پسند ڪيو ٿي، منهنجي زال پڻ اڃا تائين قرمچي رنگ جي ريشمي ڪپڙي پهرڻ جو شوق رکندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته آءٌ اڳي چوندو هوس ته اهو کيس ڏاڍو ٺهيو ٿي.

خاص طرح پهرئين آچر تي منهنجي ڌيئرن جي هلت مون کي شرمنده ڪيو، اڳئين رات تي مون کين چيو، ته ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪپڙا پائي تيار ٿين، ڇا ڪاڻ ته آءٌ هميشه ٻيءَ جماعت کان چڱو وقت اڳ ديول ۾ پهچڻ پسند ڪندو هوس، هنن منهنجن حڪمن جي پوريءَ طرح بجا آوري ڪئي، پر جڏهن صبح جو اسان سڀني کي نيرن جي مانيءَ لاءِ وڏي صفحي ۾ گڏ ٿيڻو هو. تڏهن هو پنهنجين اڳين رونقن سان زرق برق وارن ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل نظر آيون، وارن جي سرهي تيل سان سندن وار چمڪايل، وڻندڙ ڪاري سلڪي ڪپڙي سان نقاب نڪتل چوغن جون دامنيون پويان هڪ وڏي ڍڳ وانگر گڏ ٻڌل، ۽ سڀ ڪنهن تحرڪ تي کڙ کڙ ڪندڙ هيون، آءٌ سندن وڏائيءَ تي کلڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس، خاص طرح پنهنجيءَ زال تي مون کي گهڻو تعجب لڳو،و جو مون کي اميد هئي ته کيس وڌيڪ شعور هوندو، هن نازڪ وقت ۾ مون وٽ فقط اهو اُپاءُ هو ته پنهنجي پٽ کي هڪ تمام ضروري نموني جي آواز ۾ حڪم ڪريان ته گاڏي وٺي اچ، ڇوڪريون منهنجي حڪم تي حيران ٿي ويون، مون وري به اڳئين کان به وڌيڪ سنجيدگي سان پنهنجي اڳئين حڪم کي دهرايو، اسان تمام چڱي طرح پنڌ هلي سگهن ٿيون ۽ اسان کي هاڻي گاڏي جي طلب نه آهي. منهنجي زال چيو پيارا مون کي خاطري آهي ته توهين چرچو ٿا ڪريو. اسان تمام چڱي طرح پنڌ هلي سگهون ٿيون، ”ٻار جهڙي! تون ڀليل آهن“ مون وراڻيو، ”اسان کي گاڏي گهرجي، ڇا ڪاڻ ته اسين جيڪڏهن هن ٺٺ ٺانگر سان پنڌ ديول ڏانهن هلنداسون ته هن ديول جي علائقي جا ڇوڪرا اسان کي اهو اهو ڪندا“ ،”تحقيق، منهنجيءَ زال جواب ڏنو، ”مون هميشه اهو تصور ڪيو ٿي، ته منهجو ”چارلس“ پنهنجي اردگرد پنهنجن ٻارن کي صاف ۽ حسين ڏسڻ جو شائق آهي.“ مون هن جي ڳالهه کي وچ ۾ روڪي چيو، ”توهين ڀلي اهڙا صاف ۽ سٿرا ٿيو، جهڙا اوهان ٿيڻ چاهيو ۽ آءٌ اوهان کي ان لاءِ وڌيڪ پيار ڪندس، پر هي سڀ ڪجهه صفائي نه آهي، مگر بيهودي نمائش آهي. هي چڻيون، گلابي رنگ جي لالائي ۽ نقاب اسان کي پاڙي وارن جي زالن وٽ متفر ڪندا“ مون وڏيڪ سنجيدگيءَ سان چيو، ”منهنجا ٻچا، اهي چوغا ڪنهن سٺي اگهه واريءَ شيءِ ۾ تبديل ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اسان جي فضيلت وارا طريقا طلبيندڙ آهيون، انهن وٽ اهي بلڪل اڻ سونهندڙ آهن، آءٌ نٿو سمجهان، ته ڪپڙن تي اهڙيون جهالرون ۽ ٺٺ ٺاهه ڪو شاهوڪارن ۾ به سهائيندڙ آهي، جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون ته ٿلهي ليکي به هنن خود نمائيءَ جي پٽِن سان دنيا جي غريبن جي اوگهڙ ڍڪجي سگهي ٿي،

هيءُ اعتراض حقيقي رنگ ۾ اثرائتو ٿيو، هو گهڻي جميعت سان يڪدم پنهنجي لباس کي بدلائڻ ويون ۽ ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته منهنجو ڌيئرون پنهنجي دامنين کي ٻنهي ننڍڙن ٻارن، ”ڊڪ“ ۽ ”بل“ جي لاءِ

آچر جي ڏينهن پائڻ وارن واسڪوٽين ٺاهڻ ۾ مشغول هيون ۽ اڃا به جا ڳالهه تسلي بخش هئي، سا اها ته هن ڇنڊ ڇاڻ بعد سندن چوغا وڌيڪ وڻندڙ ڏسڻ ۾ آيا.

 

باب پنجون

 

هڪ نئين واقفيت، اميدون هميشه برصواب نٿيون ٿين

 

گهر کان ٿورو پري منهنجي اڳئين جاءِ نشين هڪ اوطاق ها ٿارن[6] ۽ هني سڪل[7] نالي انگريزي ولين سان ڍڪيل ٺهرائي هئي، جڏهن موسم عمدي هوندي هئي ۽ اسان جو پورهيو جلد پورو ٿيندو هو، تڏهن اسين اتي بدستور گڏجي شام جي سناٽي ۾ هڪ وسيع نظاري مان حظ حاصل ڪرڻ ويهنداهئا سون، اتي  اسين چانهه پڻ پيئندا هئاسون، يا وقتي طرح  ماني کائڻ جي محفل پڻ ٿي پوندي هئي، جيئن ته اهڙي مجلس ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي، انهي ڪري تيارين جي چڱي خاصي گوڙ گهمسان سبب، اها هڪ نئين خوشي ڦهلائي ڇڏيندي هئي، انهن موقعن تي اسان جا ٻه ننڍڙا ٻار اسان جي ماني کائڻ وقت ويهي ڳائيندا هئا ۽ اسان جي مانيءَ ختم ڪرڻ کانپوءِ کين باقاعدي کارايو ويندو هو، ڪن وقتن تي پنهنجي وندر ۾ ڦيرگهير ڪرڻ لاءِ ڇوڪريون ستار تي ڳائينديون هيون، اهي جيستائين ننڍڙي راڳ جي مجلس تيار ڪنديون هيون. تيستائين منهنجي زال ۽ آئون هيٺ ، ”بلو بيل“۽ ”سينٽاري[8] نالي گلن سان سينگاريل سلاميءَ واري ٻنيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندا هئاسون. اتي اسين بيحد خوشيءَ سان پنهنجي ٻارن بابت ڳالهائيندا ۽ ان هير جو مزو ماڻيندا هئا سون جا تندرستي ۽ سڪون پاڻ سان آڻيندي هئي.

هن نموني گذارڻ سان اسان ائين معلوم ڪرڻ ڪيو ته زندگي جو هر ڪو درجو پنهنجيون خاص خوشيون ڏئي ٿو، هر ڪو صبح اسان کي محنت جي وري ڪرڻ لاءِ جاڳائيندو هو، پر شام اسان کي ان جو عيوضو کل ۽ خوشيءَ ۾ ڏيندي هئي.

اها اڃا بهار جي شروعات هئي، هڪ موڪل جي ڏينهن، جيئن ته آءٌ اهڙن ڏينهن کي پورهئي کان آزاديءَ جا لمحا ڪري سمجهندو هوس،انهي ڪري پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پنهنجي مٿئين بيان ڪيل دستوري وندر جي جڳهه تي وٺي ويو هوس ۽ اسان جي موسيقارن پنهنجي راڳ جي مجلس شروع ڪئي هئي، جيئن اسين راڳ ٻڌڻ ۾ مشغول هئا سين، تيئن اسان هڪ هرڻ، پنهنجي ويهڻ واري جاءِ کان اٽڪل ويهن قدمن اندر تڪڙو لانگهائو ٿيندو ڏ‎ٺو ، سندس سهڪڻ مان ائين معلوم ٿيو ته کيس شڪارين تمام گهڻو تنگ ڪيو هو، اسان کي ان غريب جانور جي مصيبت تي ويچار ڪرڻ لاءِ اڇا گهڻو وقت ئي نه مليو هو ته اسان ڪتن ۽ گهوڙي سوارن کي پويان ڪجهه مفاصلي تي تمام گهڻي ڇوهه ۾ ساڳيو رستو وڃي لانگهائو ٿيندو ڏٺو، مون يڪدم پنهنجي ڪٽنب کي موٽائي گهر وٺي هلڻ جو ارادو ڪيو، مگر منهنجي زال ڌيئرون هر کر يا عجب، يا ڪنهن ڳجهي مقصد سبب ويٺيون رهيون، شڪاري، جو سڀني جي اڳيان ه، سو پاڻ جهڙن چئن يا پنجن ماڻهن سان تڪڙو اسان جي اڳيان لنگهي ويو، ان کان پوءِ هڪ اميراڻيءَ شڪل وارو نوجوان اڳتي وڌي آيو، ۽ ڪجهه وقت اسان بنسبت ويچار ڪرڻ کان پوءِ شڪار جي پويان پوڻ بدران بيهي رهيو، هن پنهنجي هڪ حاضريءَ واري نوڪر کي پنهنجو گهوڙو ڏنو ۽ بي پرواهي ۽ شانائتي نموني سان اسان ڏانهن وڌي آيو، کيس تعارف جي ڪا به گهرج نه رکندڙ ڏٺو ويو، هن اهڙي نموني منهنجي ڌيئرن کي سلام ڪيو، جو ڄڻ ته کيس مهرباني واري استقبال جي خاطري هئي، پر منهنجون ڌيئرون اڳيئي شڪل مان انومان ڪڍڻ جو سبق سکيل هيون، جنهن تي هن اسان کي ٻڌايو ته سندس نالو ”ٿارنهل“ هو ۽ جيڪا زمين اسان جي چوڌاري پکڙيل هئي، تنهن جو هو مالڪ هو، هن وري ٻيهر ڪٽنب جي زناني عالم کي سلام ڪيو ۽ دولت ۽ عمدن ڪپڙن کي اهڙو ته زور ٿيو جو سندس ڪلام جو انڪار نه ڪيو ويو، سندس خطاب بي باڪ ۽ تحسين بخش هو، تنهن ڪري اسان وڌيڪ گهرا ٿيا سون، موسيقي جا ساز قريب پيل ڏسي هن هڪ راڳ سان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو، آءٌ اهڙيءَ نامناسبت واري ءَ واقفيت کي پسند نه ڪندو هوس، ۽ مون پنهنجي ڌيئرن کي ائين نه ڪرڻ لاءِ اک جو اشارو ڪيو مگر منهنجو اشارو منهنجي زال کان مليل اشاري سان رد ٿي ويو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هنن تمام مسرت بخش آواز ۾ هڪ شاعر ”ڊرائيڊرن“[9] جو دلپسند راڳ ڳائي ٻڌايو، ”مسٽر ٿارنهل“ سندس ادائگي ۽ پسند کان تمام گهڻو خوش ڏسڻ ۾ آيو. هن پوءِ پاڻ ستار کنئي جيتوڻيڪ هن ستار گهڻي لاپرواهي سان وڄائي، ته به منهنجي وڏي ڌيءَ سندس اڳئين ڏنل داد جي موٽ گهڻي چاهه سان ڪئي ۽ کيس خاطري ڏني، ته سندس آواز مرڳو سندس استاد جي آواز کان به وڌيڪ بلند هو، اهڙي داد تي هن ڪنڌ هيٺ نمايو، جنهن جي واپسي منهنجيءَ ڌي گهڻي خاطر تواضع سان ڪئي، هن هن جي پرک کي ساراهيو ۽ هن سندس سمجهه جي واکاڻ ڪئي، ڪيترو به گهڻو عرصو کين ان کان وڌيڪ واقف بڻائي نه سگهي ها، سندن ساده دل ماءُ پڻ پنهنجي زميندار جي اندر اچڻ ۽ شراب مان ذائقي وٺڻ تي اصرار ڪيو، ائين چئجي ته سڄو ڪٽنب کيس خوش ڪڻ ۾ سرگرم ڏٺو ويو، منهنجي ڌيئرن انهن مسئلن سان هن کي وندرائڻ جون ڪوششون ڪيون، جن کي پاڻ تمام جديد ٿي سمجهيائون ۽ منهنجي پٽ وري ان جي برعڪس کيس هڪ ٻه سوال قديم مسائل مان ڏنا، جن لاءِ کيس  کلڻ هاب ٿيڻو پيو، منهنجا ننڍڙا ٻار پڻ ان ڪم ۾ پوئتي نه پيا ۽ تمام گهڻي چاهه سان ان اجنبيءَ جي ويجهو چهٽيارهيا، سندس خراب هٿن کي زميندار جي ڪپڙن تي جا زري لڳل هئي، ان کي جهلڻ ۽ داغ ڪرڻ ۽ جيڪي اندر هو ان جي ڏسڻ لاءِ کيسي جي ڦڙڪين کي ڇڪڻ کان روڪڻ لاءِ سڀئي منهنجون ورتل ڪوششون ناڪام ٿيون، شام ٿيڻ تي هن موڪلايو، مگر تيستائين نه جيستائين هن وري به ملاقات کي تازي ڪرڻ لاءِ اجازت نه گهري، جا جيئن ته هو اسان جو زميندار هو، تنهن ڪري اسان يڪدم قبول ڪئي.

اڃا اهو ٻاهر نڪتو ئي مس هو ته منهنجي زال ان ڏينهن تي جيڪا سرگذشت ٿي هئي، ان بابت مجلس سڏائي، هوءَ انهيءَ راءِء جي هئي ته اهو سڀاڳو داءُ هو، هن نه ٿيڻ جهڙيون ڪيتريون عجيب ڳالهيون سمجهيون هيون. هن وري به ان ڏينهن ڏسڻ جي اميد ٿي ڪئي، جڏهن اسين پنهنجا ڪنڌ انهن بهترين ماڻهن سان گڏ مٿي جهلي سگهياسون ٿي، هن صداءِ احتجاج بلند ڪندي چيو ته کيس ڪو به ڊپ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو ته ڇو ٻه ”رنڪلر“ جون ڪڪيون وڏن دولتمندن سان شاديون ڪن ۽ سندس ٻارن کي ڪو به لائق مڙس نه ملي، جيئن ته هيءُ پويون دليل مون ڏانهن خطاب ڪيل هو، تنهن ڪري مون اعتراف ڪيو ته، ان لاءِ آءٌ پاڻ ڪو سبب ڏسي ڪو نه ٿو سگهان. نڪي ان لاءِ تو ڇو ”مسٽر سمڪنس“ خوبصورتيءَ ۾ ڏهه هزار پائونڊ انعام طور حاصل ڪيا ۽ اسان ٺلهائي ٺلها رهجي وياسون، منهنجيءِ زال واڪو ڪري چيو، ”چارلس“ آءٌ دعويٰ سان ٿي چوان  ته هن ئي نموني تون منهنجين ڌيئرن ۽ مون کي خوشيءِ وقت دل شڪستو ڪرين ٿو، ”صوفيا“ منهنجي پياري، مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجو اسان جي نئين ملاقاتي بابت ڪهڙو رايو آهي؟ ڇا تون نٿي سمجهين ته هو تمام سٺي طبيعت وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو،“ ”امان سچ پچ ته گهڻي قدر ائين هو“ صوفيا وراڻيو ”آءُ سمجهان ٿي ته هر شيءَ تي هن کي گهڻو ئي ڪجهه چوڻو آهي ۽ ڪڏهن به شڪست کائڻ وارو نه آهي، جيئن ڪا شيءِ وڌيڪ خسيس تيئن هن کي وڌيڪ ڳالهائڻو آهي“ ”اوليويا“ چيو، ”هيءَ مرد ٿيڻ جي لائق آهي، مگر آءٌ کيس گهڻو پسند نٿي ڪريان، هي حد کان بي ادب ۽ گستاخ آهي، پر ستار تي ضرب رسائيندڙ آهي.“ هن ٻنهي ڇوڪرين جيڪي ڪجهه چيو، تنهن جي مون ابتڙ تشريح ڪئي، مون معلوم ڪيو ته صوفيا اندروني طرح هن کي ايترو ئي ڌڪاريو ٿي، جيترو ڳجهي طرح اوليويا کيس پسند ٿي ڪيو، مون چيو، ”منهنجا ٻچا، هن بابت اوهان جا کڻي ڪهڙا به رايا هجن، مگر حق جي ڳالهه اها آهي ته هن مون کي، سندس فائدي ۾ پاڻ ڏانهن راغب نه ڪيو آهي، نامناسبت واريون دوستون هميشه نفرت ۾ ختم ٿين ٿيون، هن جي ايتري نرم مزاجيءَ جي باوجود مون سمجهيو ته هو اسان جي وچ ۾ جيڪو ويڇو آهي، ان کان پوريءَ طرح واقف آهي، مون کين چيو، اچو ته پاڻ کي ساڳئي درجي وارن ماڻهن سان رفاقت ۾ رهون، ڪو به شخص ان ماڻهو کان وڌيڪ حقارت جوڳو نه آهي، جيڪو دولت جي ڳولا ۾ آهي، ۽ مون کي ڪوبه اهڙو سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ته ڇو نه دولت ڳوليندڙ عورتون به ڌڪار جوڳيون هئڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سندس خيال شريفاڻا آهن، ته اسين نفرت جوڳا ٿينداسون، مگر جيڪڏهن اهي ٻئي نموني هجن ته پوءِ ......! مگر مون کي ان تي ويچار ڪرڻ کان به ڪنبڻ گهرجي، ائين صحيح آهي ته مون کي پنهنجن ٻارن جي هلت مان ڪو به خطرو نه آهي، مگر مون کي هن جي اخلاق مان گهڻو انديشو آهي.“ آءٌ ڪجهه وڌيڪ چوان ها. مگر زميندار کان آيل نوڪر رڪاوٽ جو سبب بڻيو، هن پنهنجي سلامن سان گڏ اسان کي شڪار جو هڪ حصو به موڪليو هو ۽ انجام ڪيو هو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو اسان وٽ ماني کائيندو. جيڪي ڪجهه مون کي زميندار کي دفع ڪرڻ لاءِ چوڻو هو، ان کان وڌيڪ سندس پوري وقت تي موڪليل سوغات سندس فائدي ۾ تمام زور سان وڪالت ڪئي، انهي ڪري پنهنجي ڌيئرن کي ايندڙ خوف کان آگاهه ڪرڻ ۽ ان جي دور ڪرڻ جو ڪم سندن ئي اختياري ۾ ڇڏڻ تي راضي ٿي، صبر ۾ رهڻ جاري رکيم، اهو اخلاق جو هميشه سنڀال جي ضرورت رکي ٿو، سو ڪڏهن به ڪنهن سنڀاليندڙ جي قيمت لائق نه آهي.


[1]   عاشقن جو ڏينهن ڪرستاسنن ۾ هي هڪ پاڪ ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.

[2]   ڏوهه باس وارا ڏينهن؛ (shrove tide) هنن ڏينهن تي عيسائي پنهنجن پادرين جي اڳيان وڏا ڏوهه باسيندا آهن ۽ معافيون گهرندا آهن.

[3]   ميڪالمس شام (Mechaelmas eve ) هي عيسائين جو وڏو ڏينهن آهي ۽ سينٽ ميڪائيل جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.

[4]   ايلمس (Elms) ولايتي جهگلي ٻوٽو آهي، جنهن جا پن ننڍا ۽ ڏندن وارا ٿيندا آهن.

[5]   هيج روز (Hed ge rose) هي ٻوٽا عام طرح ولايت ۾ گهرن جي ٻاهران پوکيا ويندا آهن ۽ سڄي احاطي جي چوڌاري لوڙهن جو ڪم ڏيندا آهن.

[6]   ها ٿارن: هڪ ڪنڊن واري ول آهي،  جنهن ۾ عجيب قسم جا گل ٿيندا آهن، هن وقسم جون وليون انگلينڊ ۾ عام جام آهن.

[7]   هني سڪل: هي به هڪ ٻوٽو آهي جو انگلينڊ ۾ جام ٿيندو آهي.

[8]   بلو بيل، ۽ سينٽاري: هي ٻئي جهنگلي ٻوٽا آهن، جن ۾ سهڻا ۽ وڻندڙ گل ٿيندا آهن.

[9]   ڊرائيڊن: هي انگلينڊ جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org