سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :15

باب ايڪيهون

 

باهمي راضپي واري دوستي

 

منهنجي پٽ جو احوال ايترو ته وڏو هو، جو هڪ ئي وقت بيان ٿي نٿي سگهيو. ان جو پهريون حصو پاڻ رات جو پورو ڪيو هئائين ۽ ٻيو حصو جيئن هو ڏينهن جو منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ختم ڪري رهيو هو، تيئن اوچتو  ”مسٽر ٿارنهل“ جي گاڏي در تي پهتي، جنهن جي اچڻ اسان جي موجوده سڪون ۾ خلل وڌو، بورچي جو هاڻ منهنجو دوست ٿي ويو هو، تنهن مون کي ڪن ۾ ٻڌايو ته زميندار ”مس ولماٽ“ کي شاديءَ جي باري ۾ گهڻي ئي درخواستون ڪيون آهن ، ۽ اهو به ٻڌايائين  ته سندس چاچي ۽ چاچو ان سڱ کي گهڻو پسند ڪندڙ ڏسجن ٿا. اسان ڏٺو ته ”مسٽر ٿارنهل“ اندر داخل ٿيڻ وقت مون کي ۽ منهنجي پٽ کي ڏسي، پوئتي هٽڻ واري ڪئي، پر مون سندس ان ورتل رويي جو سبب سندس حيرت کي سمجهيو ۽ نه ناراضگيءَ کي. تنهن هوندي به جڏهن اسين کيس ملڻ لاءِ وڌياسين، تڏهن هن اسان کي کيڪار جو جواب ظاهر تمام صاف دليءَ سان ڏنو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو ته سندس تشريف آوريءَ صرف چرچي گهٻي وڌائڻ جو ڪم ڪيو هو.

چاءِ نوشيءَ کان پوءِ، ”مسٽر ٿارنهل“ منهنجي ڌيءَ بنسبت خبر چار وٺڻ لاءِ مون کي هڪ پاسي سڏيو، پر جڏهن مون کيس ٻڌايو، ته منهنجي ڳولا ناڪامياب ٿي، تڏهن هو تمام گهڻو حيران ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ”آءٌ پاڻ ان وقت کان وٺي اوهان جي گهر باقي ڪٽنب کي تسلي ڏيڻ لاءِ ويندو آهيان ۽ هو منهنجي هيڏانهن اچڻ وقت بلڪل خوش خرم هئا“. هن پوءِ مون کان پڇيو، ته آيا، مون پنهنجي ڌيءَ جي بدبختيءَ جو احوال ”مس ولماٽ“ ۽ پنهنجي پٽ کي ته ڪو نه ٻڌايو هو، مون جواب ڏنو ته مون اڃا تائين کين ڪو نه ٻڌايو آهي. هن منهنجي سڃاڻپ ۽ دورانديشيءَ کي گهڻو پسند ڪيو، ۽ هدايت ڪيائين ته آءٌ ڪنهن به حالت ۾ ان کي هڪ راز ڪري رکان. هن چيو، ”ڇا ڪاڻ ته اهو پنهنجيءَ بدناميءَ جو از خود پڙ پڌرو ڪرڻو آهي ۽ شايد ”مس لوي“ اهڙي ڏوهارڻ نه هجي، جهڙي پاڻ کيس سمجهون ٿا.“ اتي هڪ نوڪر اسان جي گفتگوءَ ۾ رنڊڪ وڌي جو کيس ديهاتي ، ناچ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چوڻ آيو هو، تنهن ڪري هن مون کي سندس ان دلچسپيءَ کان راضي ٿيل ڇڏيو، جا هو منهنجي ڪاروبار ۾ وٺندڙ ڏٺو ٿي ويو. جيتوڻيڪ هن جا ”مس ولماٽ“ ڏانهن خطاب غلطيءَ ڪرڻ کان وڌيڪ چٽا هئا، تاهم هوءَ پوريءَ طرح خوش ڏسڻ ۾ نٿي آئي، پر اهي پنهنجي دلي لاڙي کان وڌيڪ پنهنجي چاچي جي مرضي رکڻ لاءِ برداشت ٿي ڪيائين، ”مس ولماٽ“ کي منهنجي بد نصيب پٽ جي مٿان مهربانين جي نظر وجهندڙ ڏسي آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيندو هوس، هي اهي نگاهون هيون جي مسٽر ٿارنهل جي ظاهري ڌيرج مون کي ڪو ٿورو حيرت ۾ نه وڌو، ”مسٽرآرنلڊ“ جي زوردار منٿن تي اسان هڪ هفتو اتي رهيا سين، پر هر ڪنهن ڏينهن ”مس ولماٽ“ منهنجي پٽ ڏانهن وڌيڪ حليمائي ڏيکاري ٿي، ۽ ”مسٽر ٿارنهل“ جي ساڻس دوستي نسبتا وڌندڙ ڏٺي ويئي ٿي.

”مسٽر ٿارنهل“ اسان کي اڳيئي نهايت نوازش ڀريون خاطريون ڏنيون هيون، ته هو پنهنجي سموري دلچسپي اسان جي ڪٽنب جي خدمت ۾ ڪم آڻيندو، پر هاڻي سندس سخاوت صرف انجامن ۾ مقيد نه هئي. جنهن ڏينهن مون وڃڻ جو ارادو ڪيو هو، ان ڏينهن صبح جو ”مسٽر ٿارنهل“ پرمسرت نگاهن سان مون کي ان نئين خدمت جي ڪم کان آگاهه ڪرڻ آيو، جا هن پنهنجي دوست جارج لاءِ ڪئي هئي، اها نوازش کيس ”ويسٽ انڊيز“ ڏانهن ويندڙ هڪ فوجي دستي ۾ علمبردار جي عهدي وٺي ڏيڻ جي هئي، جيئن ته هن ان ڪم ۾ ڪافي دلچسپي ورتي هئي، انهيءَ ڪري ٻين ٻن اميدوارن کي رد ڪرائڻ لاءِ هڪ سئو پائونڊن جي ڏيڻ جو وعدو ڪيو هئائين. ”جيستائين هن خسيس خدمت جو سوال آهي“، ”مسٽر ٿارنهل“ چيو، ”مون کي پنهنجي دوست جي خدمت ڪرڻ ۾ جيڪا خوشي ٿي آهي، ان کان وڌيڪ آءٌ ٻيو ڪو به عيوضو ڪونه طلبيان، ۽ باقي سئو پائونڊ، سي جيڪڏهن توهين پاڻ هٿ ڪري نٿا سگهو، ته مان توهان کي قرض طور ڏيندس، ۽ توهين ڀلي اهي مون .کي پنهنجي سهولت مطابق ڏجو“ هيءَ هڪ اهڙي نوازش هئي، جنهن بنسبت پنهنجي دلي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پورا لفظ ئي موجود ڪو نه هئا. انهي ڪري مون يڪدم پئسن لاءِ دستاويز لکي ڏنو، ۽ ايتري قدر ته شڪر گذاري ڪيم، جو ڄڻ ته مون کي انهن جي موٽائي ڏيڻ جو ارادو ئي ڪونه هو.

جيئن ته ”جارج“ جي فراخ دل مربيءَ سندس تڪڙي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان لاءِ ته متان انهيءَ عرصي اندر ڪو ٻيو ماڻهو وڌيڪ پئسن ڏيڻ سان اهو عهدو کڻي وڃي، انهي ڪري سندس هدايتن جي تعميل ڪندي کيس ٻئي ڏينهن انهي عهدي وٺڻ لاءِ روانو ٿيڻو پيو، صبح جو سوير اسان جو نوجوان سپاهي مسافريءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ائين ڏسڻ ۾ آيو ته اسان سڀني مان هي ئي هڪ هو، جنهن تي ان جو اثر نه ٿيو هو، نڪي انهن ٿڪن ۽ خوفن جي جن سان هو مقابلو ڪرڻ پئي ويو ۽ نڪي پوئتي ڇڏيل دوستن ۽ سندس محبوبه ”مس ولماٽ“ جي جدائيءِ ۾ ڪنهن به نموني کيس دلشڪسته ڪيو، سڀني رفيقن کان موڪلائڻ بعد، مون کيس اهو سڀ ڪجهه ڏنو، جيڪي مون وٽ هو، يعني منهنجون دعائون مون چيو، ”منهنجا پٽ، تون هاڻي پنهنجي ملڪ واسطي وڙهڻ لاءِ وڃي رهيوآهين، ياد رکجان، ته جڏهن وفاداريءِ کي انگريزن ۾ هڪ گڻ ليکيو ويندو هو، تڏهن تنهنجو ڏاڏو پنهنجي سڳوري بادشاهه لاءِ ڪيئن وڙهيو“، ”منهنجا پٽ وڃ، جيتوڻيڪ تون کڻي بي ڪسيءَ جي حالت ۾ اگهاڙو، ملڪ کان دور۽ پنهنجي پيار ڪندڙن جي روڄ راڙي کان سواءِ مري پوين، تڏهن به اهي ڳوڙها لاثاني آهن، جن سان آسمان هڪ غير مدفون سولجر جي سر کي تر ڪري ٿو.

ٻئي ڏينهن صبح جو مون ”مسٽر ٿارنهل“ جي تازي احسان لاءِ سندس شڪريو بچا آندو ۽ ان نيڪ ڪٽنب کان موڪلايو، جنهن مون کي پاڻ وٽ ايترا ڏينهن مهمان ڪري رکڻ جي نوازش ڪئي هئي، مون هنن کي انهيءَ خوشيءَ ۾ مست مگن ڪري ڇڏيو، جا خوشي آسودگيءَ ۽ سٺي پرورش مان ملي سگهي ٿي، آءٌ پنهنجي ڌيءَ کي وري ڏسڻ کان نااميد، آسمان ڏي نهاريندو، سندس نجات ۽ عفو لاءِ ٿڌا ساهه کڻندو، گهر ڏانهن موٽيس، ضعيف هئڻ سبب سواريءَ لاءِ هڪڙو گهوڙو ڀاڙي تي ڪيو هئم. هاڻي آءٌ پنهنجي گهر کان ويهن ميلن جي اندر اچي پهتو هوس ۽ پاڻ کي انهن سڀني گهر جي ڀاتين سان ملڻ جي اميدن سان تسلي ڏنم، جن کي ئي سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان پيارو ٿي سمجهيم. رات جو رستي جي ڀرسان ننڍڙيءَ سراءِ ۾ ٽڪي پيس ۽ پنهنجي شراب جي بوتل ۾ جاءِ جي مالڪ جي رفاقت طلب ڪيم. اسين رڌڻي واري بهترين ڪمري ۾ باهه جي ڀرسان ويٺا هئاسون ۽ سياست ۽ ٻهراڙيءَ جي خبرن تي خيال پي اورياسون، آخر ٻين احوالن ڪندي ڪندي اسين اچي نوجوان زميندار ”مسٽر ٿارنهل“ جي گفتگو تي پياسسون، جنهن بابت ميزبان مون کي ٻڌايو ته هو ايترو ئي گهڻو ڌڪار جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، جيترو گهڻو سندس چاچو، ”سر وليم ٿارنهل“ جو ڪن وقتن تي ٻهراڙيءَ ۾ ايندو هو، پيار جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو، هن وڌيڪ چيو، ” هن پنهنجي صرف اها تحصيل ڪئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي گهر ۾ سندس استقبال ڪن، انهن جي ڌيئرن سان هي ڊوهه ڪري ۽ ٻن ٽن هفتن لاءِ کين قبضي ۾ رکي بعد ۾ بنا اجوري ۽ تباهه ٿيل حالت ۾ لوڌي ڪڍي. جيئن اسين هن نموني جي گفتگو ۾ مشغول هئاسون، تيئن هن جي زال جا ٻاهر هوا خوريءَ لاءِ ويل هئي واپس آئي ۽ ائين ڏسندي ته سندس مڙس اهي موجون ماڻي رهيو آهي. جن ۾ پاڻ ڀائيوار نه هئي، ڪاوڙجي پڇيائين ته هن اتي ڇا پئي ڪيو، جنهن جي جواب ۾ سندس مڙس چيو، ”تنهنجي صدقي ۾ صحت جام پي رهيو آهيان“. هن واڪو ڪري چيو، ”مسٽر سائمنڊس“ توهان مون سان تمام خراب برتاءُ ڪريون ٿا، آءٌ اهو وڌيڪ وقت لاءِ برداشت ڪري نه سگهنديس، ڪم جا ٽي حصا منهنجي حوالي ڪيل آهن ۽ باقي جيڪو چوٿون حصو آهي، سو به اڻ پورو ٿيل ڇڏين ٿو، جڏهن تون صرف مهمانن سان پيئڻ ۾ مشغول آهين، تڏهين جيڪڏهن شراب جو هڪ چمچو مون کي بخار کان شفا ڏئي ٿو، ته به آءٌ ان کي نٿي ڇهان“. مون هاڻي ڏٺو ته سندس خواهش ڪهڙيءَ هئي، ۽ يڪدم هڪ گلاس ڀري کيس ڏنم، جنهن جو هن تواضع سان استقبال ڪيو، ۽ منهنجي تندرستيءَ جي صدقي پيئڻ شروع ڪيائين، هن چيو ”سائين ، اهو ڪو گهڻو شراب تي خرچ ايندڙ رقم جو سبب نه آهي، جنهن کان آئون ناراض آهيان، مگر جناب جڏهن گهر جو ڪاروبار سڄو درهم برهم ٿيندو ٿو وڃي، تڏهن ڪو به پاڻ کي روڪي نٿو سگهي، جيڪڏهن گراهڪن يا مهمانن کي پئسن لاءِ دق ڪرڻو ٿو پوي، ته سمورو بار منهنجي ڪلهن تي اچي پوي ٿو ۽ هيءُ اهڙيءَ خوشيءَ سان اهو گلاس پيئندو، جهڙيءَ طرح پاڻ خود هن جي پويان هڪ جاءِ تان اٿي ٻيءَ جاءِ ڏانهن وڃي ٿو، هينئر هتي ماڙيءَ تي هڪ عورت رهائش لاءِ آيل آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته کيس سواءِ انسانيت جي ٻيو ڪجهه پاڻ سان ڪونهي، مون کي خاطري آهي ته هو پئسن ڏيڻ ۾ تمام ڍلي آهي ۽ منهنجي مرضي آهي ته ان باري ۾ کيس ڪن کڻائجي“. ”هن کي يادگيري ڏيارڻ جو ڪهڙو ڪم آهي“. ميزبان چيو، ”جيڪڏهن هوءَ ڍلي آهي، ته پاڻ خاطريءَ واري آهي“زال جواب ڏنو، ”آءٌ ائين نٿي سمجهان هوءَ هتي ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو رهي آهي، مگر اسان اڃا تائين سندس هڪڙي سکڻي ڪوڏي به نه ڏٺي آهي.“ هن چيو ته ”منهنجي پياري، آءٌ سمجهان ٿو  ته پئسا پاڻ کي يڪا ٿي ملندا“. پر زال واڪو ڪري چيو، ”يڪا آءٌ چاهيان ٿي ته اهي ڪنهن به نموني ۾ ملن، ان لاءِ مون اهو ارادو ڪيو آهي ته، يا ته اڄ ئي رات اسين کانئس پئسا وٺنداسون يا کيس سامان سوڌو ٻاهر ڪڍنداسون.“ مڙس دانهن ڪري چيو، ”منهنجي پياري وري ويچار ڪر، هوءَ هڪ شريف عورت آهي، ۽ قابل تعظيم پڻ“. ميزبانڻ جواب ڏنو، ”معزز“ يا حقير، ان جو ڪو به سوال نه آهي، پر پئسن نه ڏيڻ جي حالت ۾ هن کي زوريءَ ٽپڙ ٻڌايا ويندا.“ سکر ماڻهو ڀلي اتي چڱيون وٿون هجن، جتي کين ائين سمجهيو ٿو وڃي، مگر منهنجي خيال ۾ ته مون کين خوفناڪ وقتن تي به ڪڏهن چڱو نه ڏٺو.“ ائين چوندي هو ڊوڙي ڏاڪڻ جي سوڙهيءَ چاڙهيءَ جا رڌڻي جي مٿان اڏيل ڪوٺيءَ ۾ پهتي ٿي، ۽ مون جلدي سندس آواز جي بلندي ۽ ڇينڀن جي تلخيِءَ مان سمجهيو، ته کيس مسافر وٽان ڪجهه به پئسا نه ٿي مليا، آءٌ سندن رد ڪد تمام چٽائيءَ سان ٻڌي ٿي سگهيس. ”آءٌ چوان ٿي ته هن ئي ساعت ٽپڙ ٻڌي ٻاهر نڪري، بدنام ۽ ڪميڻي عورت وڃي رل، نه ته اهڙو ته ڌڪ هڻنديسانءِ جو وري سال نه ايندئين. ڇا بيهودي عورت، تون ايماندار ماڻهو جي گهر ۾ اچي مفت ۾ رهڻ چاهين ٿي، آءٌ چوان ٿي ته يڪدم هيڏانهن اچ،“ مسافر عورت چيو، ”خاتون مون تي رحم ڪر، ۽ باقي ڪم موت اچي سرانجام ڪندو“. مون يڪدم پنهنجي تباهه ٿيل غريب ڌيءَ جو آواز سڃاتو. جنهن وقت اها عورت کيس وارن کان وٺي گهلي رهي هئي، تنهن وقت آءٌ سندس بچاءَ لاءِ ڊوڙيس، مون يڪدم پنهنجي پياري بدنصيب ڌيءَ کي پنهنجي ٻانهن ۾ جهليو ۽ چيو، ”مرحبا! منهنجا وڃايل خزانا، تون ڪنهن به نموني پنهنجي غريب پيءُ وٽ ڀلي آئين. جيتوڻيڪ اهو بدڪار تو کي وساري سگهي ٿو، تاهم هن دنيا ۾ اڃا هڪڙو انسان باقي آهي، جيڪو تو کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو. جيتوڻيڪ تو کڻي هزارين ڏوهه ڪيا هوندا ته به هو انهن سڀني کي وساري ڇڏيندو.“ ”او منهنجا پيارا“ ڪجهه لمحن لاءِ هوءَ وڌيڪ چئي نه سگهي، ”منهنجا مٺڙا بابا ، فرشتا به ڪو هن کان وڌيڪ مهربان ٿي سگهن ٿا! آءٌ ڪيئن ايتريءَ نوازش جي لائق ٿي سگهان ٿي! هو بدمعاش هو، آءٌ پاڻ کي نيڪيءَ تي بدنما داغ هئڻ سبب ڌڪاريان ٿي، تون مون کي معاف ڪري نٿو سگهين، آءٌ سمجهان ٿي ته تون ڪري نٿون سگهين“. ”نه منهنجا ٻچا، آءٌ تو کي دل و جان سان معاف ڪريان ٿو، صرف توبهه ڪر، ۽ اسين انهيءَ هوندي به خوش رهي سگهنداسون، منهنجي ”اوليويا“ تنهن هوندي به پاڻ گهڻيئي خوشيءَ وارا ڏينهن ڏسنداسون“. ”افسوس! ڪڏهن به نه، سائين هرگز نه هن کان پوءِ رهيل منهنجي نڀاڳي زندگي ٻاهر وارن لاءِ بدنامي ۽ اندر وارن لاءِ شرمساريءَ جو باعث ٿيندي، پر افسوس بابا، توهين جهڙا هئا، تنهن کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويل ٿا ڏسجو، ڇا ٻي ڪا به شيءِ اوهان کي ڪا مون جهڙي تڪليف ڏيئي سگهي؟ مون کي يقين آهي ته اوهان ۾ ايتري ته گهڻي سياڻپ آهي، جو توهين منهنجي گناهه جون پريشانيون خود پاڻ تي نه کڻندا. مون وراڻيو، ”نوجوان عورت، اسان جي سياڻپ“، ”افسوس بابا، ڇو اهڙو رکو نالو؟“ هن واڪو ڪري چيو، ”هي پهريون ئي دفعو آهي، جو توهان مون کي اهڙي رکي نالي سان سڏيو آهي“ مون چيس، ”پياري معاف ڪجان، مگر آءٌ ظاهر ڪري رهيو هوس ته سياڻپ تڪليف جي مقابلي ۾ ڍلي آهيم مگر آخر ۾ خاطر خواهه بچاءُ ڪري ٿي“. جاءِ جي مالڪياڻي هاڻي اسان کان ان معلوم ڪرڻ لاءِ موٽي، ته آيا، اسان کي ڪنهن وڌيڪ موزون ڪوٺيءَ جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ هائوڪار ڪرڻ تي اسان کي هڪ ڪوٺي ڏني ويئي، جتي اسين وڌيڪ آزاديءَ سان گفتگو ڪري ٿي سگهياسون، اسان پاڻ ۾ ڪجهه قدر ڌيرج سان گتفتو ڪئي، ان کان پوءِ آئون کانئس ان ذلت جي ڪجهه احوال پڇڻ کان رهي ڪين سگهيس، جنهن کيس موجوده حالت ۾ آندو هو، هن چيو، ”سائين هن بدمعاش اسان جي پهرين ملاقات جي ڏينهن کان وٺي مون کي عزت ڀريون مگر مخفي طرح شاديءَ جون درخواستون ڪيون هيون.

مون واڪو ڪري چيو، ”تحقيق هو بدمعاش آهي، پر حيرت اها اٿم ته ”مسٽر برچل “ جهڙو چڱي تميز وارو ڏسڻو وائسڻو ماڻهو ڄاڻي واڻي، هڪ ڪٽنب کي برباد ڪرڻ جهڙو اڳ رٿيل ڪميڻائي وارو ڏوهه ڪيئن ڪري سگهيو!“

منهنجي ڌيءَ وراڻيو، ”بابا توهان عجيب غلطيءَ ۾ آهيو، ”مسٽر برچل“ ڪڏهن به مون کي ٺڳڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر ان جي برعڪس هن ”مسٽر ٿارنهل“ جي حرفتن خلاف مون کي تاڪيد ڪرڻ جو هرڪو موقعو ورتو، جو هاڻي سمجهان ٿي، ته جهڙو هن کان اڳ ٻڌو هئم، ان کان به وڌيڪ خواب هو“. مون وچ ۾ چيو، ”مسٽر ٿارنهل“ ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟“ هن جواب ڏنو، ”هائو سائين اهو ”ٿارنهل“ ئي هو، جنهن مون کي اغوا ڪيو ۽ جنهن انهن ٻن بيگمن کي، اسان کي دلبو ڏيئي لنڊن وٺي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو، جي سچ پچ ته بدلڇڻيون ۽ بي رحم شهر جون ڌڪاريل رنون هيون، توهان کي ياد هوندو ته انهن جون حرفتون، ”مسٽر برچل“ جي ان خط بغير خاطريءَ سان ڪامياب ٿين ها، جنهن دوران هن کين انهن عتابن سان جهڻڪيو، جيڪي پاڻ، پاڻ سان لڳايا، ڪيئن، ”مسٽر برچل“ انهن جي مقصدن کي ناڪام بڻائڻ جيترو اثر حاصل ڪيو، اهو سوال مون لاءِ اڃا تائين هڪ راز آهي، پر مون کي خاطري آهي ته هو هميشه اسان جو سچو دوست هو.“

مون چيو ، ”پياري تون مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻي مون کي معلوم ٿيو ته مون کي جيڪي ”ٿارنهل“ جي ڪميڻپ ۾ شڪ هئا، سي صحيح بنياد وارا هئا، پر هو ڳالهين ۾ سوڀارو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هو شاهوڪار آهي ۽ اسين غريب. چڱو ٻچڙا ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي لالچ هئي، جا هن طرح اهڙي اعليٰ تعليم و تربيت جا سڀ اثر ۽ تنهنجي اهڙي خليق مزاج کي ميٽي سگهي.؟“

هن جواب ڏنو،”سائين تحقيق، هو پنهنجي سڄيءَ ڪاميابيءَ لاءِ منهنجي خواهش جو مقروض آهي، جا مون هن کي ۽ نه پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ رکي ٿي، مون کي خاطري آهي ته اسان جي شاديءَ جي رسم جا ”پوپ“[1] جي هڪ پادريءَ ڳجهي طرح ادا ڪئي هئي، سان ڪنهن به نموني مٿس ٻنڌن نه هئي ۽ مون لاءِ هن جي آبروءَ کانسواءَ ٻي ڪابه شيءِ اعتبار ڪرڻ جهڙي نه هئي،“ مون وچ ۾ پڇيو، ”ڇا ! سچ پچ تنهنجي شادي پادريءَ جي هٿان مذهبي قانون موجب ٿي هئي. مگر اسان ٻنهي کان سندس نالي لڪائڻ جو قسم ورتو ويو هو“ ”تڏهن ته منهنجا ٻچا، منهنجي ڀاڪر ۾ وري اچ، هاڻي تون اڳي کان به هزارڀيرا وڌيڪ آڌرڀاءُ لائق آهين، ڇا ڪاڻ ته تون سڀني مذهبي حڪمن ۽ قاعدن موجب هن جي زال آهين، اسان جا سڀئي قانون، جيتوڻيڪ اهي کڻي سخت پٿر جي ڇپن تي اڪريل هجن ته به انهيءَ سڳوري ڳانڍاپي جو زور گهٽائي نٿا سگهن، “ هن جواب ڏنو، ”افسوس!بابا ، توهان هن جي مڪارين کان ناواقف آهيو، هن کان اڳ ساڳئي پادريءَ جي هٿان هن ڇهن يا اٺن ٻين زالن سان شادي ڪئي آهي. ۽ آخر انهن سڀني کي به مون وانگر هڪ ٻئي پٺيان ٺڳي ۽ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، مون دانهن ڪري چيو، ”ڇا ! هن ائين ڪيو آهي؟ تڏهن اسين ضرور انهيءَ پادري کي ٽنگينداسون، تون هن جي خلاف احوال ڏيندين؟.“ هن جواب ڏنو، ”پر بابا مون کي ان کي ڳجهي رکڻ جو قسم ڏنو آهي، “ مون وراڻيو، ”پياري جيڪڏهن تو اهڙو انجام ڪيو آهي، تو پوءَ آءٌ هن کي ٽنگائي نٿو سگهان ۽ نڪي تو کي قسم تان ڦرڻ لاءِ آماده ڪندس، جيتوڻيڪ اهو کڻي خلق لاءِ فائديمند ٿئي، ته به تو کي ان جي خلاف بيان ڏيڻ جو ضرور نه آهي، انسانذات جي سڀني جماعتن ۾ ننڍرو ڏوهه گهڻي نيڪي جي حاصل ڪرڻ لاءِ جائز ڪيل آهي. جيئن سياست ۾ بادشاهي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ علائقي کي ڇڏي ڏجي، طب ۾ هڪڙو عضوو بدن جي حفاظت لاءِ ڀلي ڇانگي ڇڏجي، پر مذهب ۾ قانون لکيل اڻ ڦرندڙ ۽ ڪڏهن به گناهه نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ آهي.

”اوليويا“ وڌيڪ چيو، ”ٻئي ڏينهن صبح جو ئي مون کي معلوم ٿي ويو، ته سندس سچائيءَ مان مون کي ڪهڙيون نه ننڍڙيون اميدن رکڻ گهرجن. ساڳئي صبح جو هن مون کي ٻن وڌيڪ عورتن سان واقف ڪرايو، جن کي پڻ مون وانگر ٺڳيو ويو هو، پر هو بدڪاريءَ ۾ رهڻ تي راضي هيون، مون هن کي ايترو ته گهڻو پيار ٿي ڪيو، جو آءٌ اهڙين رقيبن کي برداشت ڪري نه سگهيس، ۽ پنهنجي خواريءَ کي خوشيءَجي گوڙ ۾ وسارڻ جي ڪوشش ڪيم، مون انهيءَ خيال سان ناچ ڪيو، پوشاڪ پهري ۽ گفتگو ڪئي، پر ان هوندي به آءٌ اڃا تائين به ناخوش رهيس، جيڪي به معزز ماڻهو اتي ملاقات لاءِ آيا ٿي تن هر گهڙيءَ مون سان منهنجي حسن بابت گفتگو ٿي ڪئي، مگر سندسن اهڙي گفتگو صرف منهنجي دک کي وڌائڻ ۾ حصي داري ٿي ڪئي، اهڙيءَ طرح آءٌ هر ڪنهن ڏينهن وڌيڪ ڏکايل ٿيندي ٿي ويس، ۽ هو مون کي وڌيڪ گستاخ. جيستائين ڪا کيس خاطري ٿي ته هو مون کي سندس هڪ واقفڪار نوجوان امير جي حوالي ڪري سگهيو ٿي، هن تجويز تي آءٌ مڪمل طرح پاڳل ٿي پيس، مون جداس ٿيڻ جي خواهش ڪئي، جيئن آئون وٽائنس نڪتيس. تيئن هن مون کي هڪ ٻٽئون اڇليو، پر اهو مون غصي ۾ اچي ڏانهنس اڇلي ڇڏيو ۽ ڪاوڙ ۾ کانئس پري ڀڳس، ان حالت ڪجهه وقت مون کي پنهنجي بدحاليءَ کان بي حس رکيو، پوءِ مون پنهنجي چوڌاري نگاهه ڪئي ۽ پاڻ کي هڪ بدڪار، نيچ ۽ مجرم انسان ۽ هن دنيا ۾ فرياد ڪرڻ لاءِ بي يارو مدد گار ڏٺم. انهيءَ وقت اتان هڪ ڀاڙي واري گاڏي اچي لانگهائو ٿي، جيئن ته منهنجو مقصد هو ته آءٌ هن نامراد کان پر انهين ٿيان، جنهن کي مون ڌڪاريو ٿي، تنهن ڪري آءٌ ان ۾ چڙهي ويٺيس ۽ اچي هتي لٿيس، ان ڏينهن کان وٺي صرف منهنجو ڳڻتيون ۽ هن عورت جي بي قياسي منهنجا ساٿي ٿي رهيا آهن اهو زمانو، جو مون امڙ ۽ ادين سان گڏ خوشيءَ ۾ گذاريو، سو مون لاءِ هاڻي نهايت گهڻو ڏکوئيندڙ ٿي پيو آهي، انهن جا غم واقعي زياده آهن، مگرمنهنجا غم، گناهه ۽ بدنامي ءَ سان گڏ هئڻ ڪري انهن جي غمن کان به وڌيڪ آهن.

مون دانهن ڪري چيو، ”ٻچڙا صبر ڪرڻ چڱو آهي، مون کي اميد آهي ته حالتون اڃا به بهتر ٿيندوين، اڄ رات سمهي ڪجهه آرام وٺ، سڀاڻي آءٌ تو کي تنهنجي ماءُ ۽ ٻين گهر جي ڀاتين وٽ وٺي هلندس، مون کي اميد آهي ته تو کي مهربانيءَ وارو استقبال ملندو، تنهنجي اغوا ٿيڻ، تنهنجي ماءُ جي دل تي گهڻو اثر ڪيو آهي، پر ”اوليويا، هو اڃا تو کي پيار ڪري ٿي ۽ ضرور ان کي وساري ڇڏيندي.“


[1]   پو پ(Pope) هي ڪرستاني مذهب جو وڏي ۾ وڏو پيشوا ليکيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org