سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:11

جيون ڪٿائون

 

ڪرشن چندر:

سڀني جو ليکڪ

ڪرشن چندر ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيهي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن به اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان، ڪرشن چندر به اهو پرڏيهي ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، هو جتي به ڇپيو آ```هي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنهنجو پنهنجو سمجهڻ لڳا آهيون ۽ اهڙي حيثيت، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نه فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع به اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انهن ۾ پنهنجا عڪس نظر اچن ٿا. سندس انيڪ ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن به اهو خيال ناهي آيو ته، ڪو اهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻي ٻولي ۾ لکيون ويون آهن، ۽ اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انهن کي پڙهندي ته ويتر اهو تصور به نه ٿو اچي ته ڪو اهي سنڌي ڪهاڻيون ناهن. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نه فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي، پر هن سنڌ جي ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي. نه فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي- سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

اڄوڪي سنڌ کي پنهنجو لڳندڙ هي ليکڪ، 23 نومبر 1913ع تي، ڀرت پور (راجستان) هندوستان ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد ميڊيڪل آفيسر هو. سندس پيءُ جو نالو گوري شنڪر هو، جيڪو اصل وزير آباد (هاڻوڪي پاڪستان جي پنجاب صوبي) جو رهاڪو هو. سندس ماءُ جو نالو پرميشوري ديوي هو. ڪرشن کي ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هو انهن سڀني ۾ وڏو هو. سندس ڀاءُ مهيندر ناٿ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي پڻ مڃيل ڪهاڻيڪار هئا. هن پنهنجي پيءُ ماءُ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”بابا جو رنگ ڀورو، امڙ جو ڪڻڪائون ۽ بابا جي ويڪري پيشاني، ۽ امڙ جون ممتا ڀريل وڏيون وڏيون اکيون اڄ به ياد اٿم.“

هو ننڍپڻ کان 1929ع تائين پونڇ ۾ رهيو ۽ شروعاتي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو 1929ع ۾ لاهور آيو، جتي 1933ع ۾ بي-اي ۽ 1935ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ پوءِ ماءُ جي خواهش تي ايل-ايل-بي به ڪيائين، پر وڪالت ڏانهن سندس لاڙو ڪڏهن به نه ٿيو.

ڪرشن چندر جي پهرين زال جو نالو وديا وتي هو. اها شادي لاهور ۾ ٿي هئي. ڪرشن چواڻي، ودياوتي سان شادي وارو سال 1933ع يا 34ع هو. جڏهن ته وديا جي چوڻ موجب سندن شادي 1939ع يا 1940ع ۾ ٿي هئي. چيو وڃي ٿو ته ودياوتي ڏاڍي تنگ نظر ۽ چيڙاڪ عورت هئي ۽ ڪرشن سان سندس ڪا به ذهني هم آهنگي نه هئي. اهو ئي سبب آهي، جو  ڪرشن ذهني سڪون لاءِ گهر کان ٻاهر ئي واجهائيندو رهندو هو. هن ڪيترائي عشق به ڪيا، پر نيٺ سلميٰ صديقيءَ سان شادي ڪيائين.

سلميٰ صديقيءَ سان شادي وقت مذهبي مسئلو سندس سامهون آيو. جيتوڻيڪ هو خانداني حوالي سان هندو هو، پر نظرياتي طور تي اشتراڪي هو، هن انهي ئي فلسفي کي پنهنجي فن ۾ به سموهيو هو. ته اهوئي جذبو سندس زندگي تي ڇانيل به رهيو. پر مذهب کان انڪار جي باوجود هو مذهبي سوچ کان پنهنجو تعلق ٽوڙي به سگهيو. جڏهن سندس ڪو ويجهو دوست يا مائٽ بيمار ٿي پوندو هو ۽ هو موت کي ويجهو ايندي محسوس ڪندو هو، تڏهن سندس هٿ دعائن جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا ۽ هو خدا کي ٻاڏائڻ لڳندو هو.

جڏهن سلميٰ صديقيءَ جي ماءُ ضد ٻڌي بيٺي ته سندن شادي اسلامي طريقي مطابق ٿيندي، تڏهن ڪرشن نالي ماتر ضد ڪرڻ کان پوءِ راضي ٿي ويو، سندس نالو ”الله رکا“ رکيو ويو، پر کيس اهو نالو نه وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو. پر هو وري به ڪرشن چندر ئي رهيو. هو نالن جي هير ڦير ۾ نه، پر انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ يقين رکندڙ ذهن جو مالڪ هو. انهيءَ سلسلي ۾ سلميٰ صديقيءَ جو چوڻ آهي ته، ”يقينن هو انسانيت تي ئي يقين رکندو هو، ڪنهن ازم يا مذهبي روايتن جو پابند نه هو. پر هن، مون کي ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.“

سلميٰ صديقيءَ سان سندس شادي 7 جولاءِ 1961ع تي نيني تال ۾، اسلامي رسمن مطابق ٿي. ڪرشن چندر کي پهرين زال وديا وتيءَ مان ٽي ٻار ٿيا، هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر. وديا وتيءَ سان سمورا لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ کان پوءِ به هو کيس گهر جو خرچ پکو ڪشادو ڏيندو هو، ۽ اهو سلسلو ڪرشن چندر جي موت تائين جاري رهيو. ساڳئي وقت ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن به هو خاص ڌيان ڏيندو رهيو. نه فقط اهو، پر هن پنهنجي وصيت ۾ سلميٰ لاءِ ٽيون حصو رکيو ۽ باقي ٻه حصا ۽ پنهنجي ڪتابن جي رائلٽي ودياوتيءَ جي نالي ڪيائين. جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي. سلميٰ صديقيءَ مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو. پر هن سلميٰ جي اڳ ڄائي پٽ کي به مثالي پيءُ جيان بيحد محبت ۽ شفقت سان پاليو.

ڪرشن بنيادي طور تي نهايت ٿڌيءَ طبعيت جو مالڪ هو، هو صاف سٿرا ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو هو ۽ سٺو کاڌو کائيندو هو.

هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي 1935ع کان ڪئي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو به لاهور مان ئي 1939ع ۾ ”طلسم  خيال“ جي نالي سان ڇپيو. 1935ع ۾ ئي سندس پهريون ڊرامو ”حجامت“ پڻ ڇپيو هو. 1938ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پهرين ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪرشن چندر پنهنجي صوبي (پنجاب) جي نمائندگي ڪئي هئي. کيس انهيءَ تنظيم جو پنجاب لاءِ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو هو. جڏهن هو دهلي ۽ بمبئي ۾ وڃي رهيو هو، تڏهن اتي به کيس انهي تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.

 سرڪاري نوڪري ۾ ريڊيو تي هو نومبر1939ع ۾ پروگرام اسسٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، پر هو ڪم ڊرامي جي پروڊيوسر طور ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽوءَ، پروڊيوسر ڪرشن چندر لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا هئا. 41-1940ع ۾ ڪرشن پاڻ به ريڊيو لاءِ ڪجهه ڊراما لکيا.

جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪري سندس طبعيت جي خلاف هئي، پر سندس ڪم اهڙو هو، جنهن جو واسطو سڌو سنئون ادب ۽ فن جي متحرڪ دنيا سان هو، تنهن ڪري نوڪريءَ واري زماني ۾ به سندس اندر جو ليکڪ سگهارو ئي ٿيندو رهيو، پر سرڪاري نوڪري سندس ذهن کي ڏانوڻ وجهي نه سگهي.

پنهنجي باغي طبعيت سبب هو ڪڏهن به سرڪاري نوڪريءَ کي ذهني طور تي قبول ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري نوڪريءَ سان نڀاءُ به ڪري نه سگهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ ۾ هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي اسٽيشنس تي رهيو. اها نوڪري هن فقط ٽي سال ڪئي ۽ مناسب موقعو ملڻ شرط استعفيٰ ڏئي ڇڏيائين، پر هن بهرحال جيترو به عرصو نوڪري ڪئي، ايمانداري، محنت ۽ سچائيءَ سان ڪئي.

نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڪرشن چندر شاليمار پڪچرز پونا سان لاڳاپجي ويو. هو بمبئي جي فلمي دنيا سان به وابسته رهيو. پنهنجي هڪ ڊرامي ”سراءِ سي باهر“ تي ساڳئي نالي سان فلم ٺاهيائين. هڪ ٻي فلم به ٺاهيائين، پر ڪاروباري لحاظ کان اهي ٻئي فلمون ناڪام ثابت ٿيون.

پر فارمنگ آرٽ سان ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هيس. اسڪول واري زماني ۾ ئي هن ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به حصو ورتو هو. اهو ئي سبب آهي، جو پنهنجي ٻنهي ذاتي فلمن جي ناڪاميءَ کان پوءِ به هو فلمي دنيا سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو، بمبئي وڃڻ کان پوءِ هن فلم کي پنهنجي گذر سفر جو وسيلو بڻائي ورتو هو. هن ذاتي فلمون ٺاهڻ جو خيال ته دل مان ڪڍي ڇڏيو، پر ٻين فلمن لاءِ هو مڪالما، منظرناما توڙي ڪهاڻيون پڻ لکندو رهيو، پر حقيقت ۾ هو پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهيو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته، هو جنهن ذهني سطح جو ماڻهو هو، فلمن جو معيار انهيءَ سطح تي پهچي نه سگهيو. تنهن ڪري اڳتي هلي هن فقط ڪهاڻي ۽ ناول تي ئي ڌيان ڏنو ۽ اهو ئي سندس آخري دور تائين گذر سفر جو وسيلو به رهيو.

هن جو قلم ايترو ته سگهارو هو، جو هن نه فقط پنهنجي قلم کي روزگار جو وسيلو بڻايو، پر هن ايترو ڪجهه ڪمايو ۽ سندس زندگي ائين گذري، جنهن لاءِ ٻيا لکندڙ سڌون ڪندا آهن.

ڪرشن چندر جي مقبوليت فقط هندستان يا پاڪستان تائين محدود ناهي رهي، روس ۽ جرمني سوڌو هو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقبول رهيو. اڳوڻي سوويت يونين جي ڏهن زبانن ۾ ڪرشن جي ڪهاڻين جا 21 مجموعا ترجمو ٿيا، جن جي ڪاپين جو ڳاڻيٽو اٺ لک پنجهٺ هزار آهي. روس ۾، ڪيترن تبصرن کان سواءِ سندس ناول ”باون پتي“ تي تحقيقي مقالو پڻ لکيو ويو. ڪرشن جي چوڻ موجب روس ۾ سندس ڪتابن جي رائلٽي ويهه لک روپيا موجود هئي.

ڪرشن چندر جيتري مقبوليت اردوءَ جي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي ناهي ملي، پروفيسر خواجا احمد فاروقي لکيو آهي، ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا جي سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“

ساهتيه اڪيڊمي دهلي مطابق، سندس ڪتاب انگريزي، روسي، ڊچ، ناروين، فرينچ، اٽالين، جرمن، چيڪ، روماني، پولستاني، هنگرين، سلواڪ ۽ ٻين ڪيترين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جنهن ڪري سندس نالو عالمي افسانوي ادب ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.

دنيا جي انيڪ ٻولين کان سواءِ هندستان جي ته مڙني ٻولين ۾ سندس ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ اڪثر ٻولين ۾ کيس انهن ٻولين جي اصل ليکڪن کان به وڌيڪ مقبوليت ملي. هندستان ۾ سندس مقبوليت جو هڪ دلچسپ رخ اهو به هو ته، هو وڏن وڏن مشاعرن ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، مشاعري جو رنگ ڦيرائي وٺندو هو. سندس موجودگيءَ ۾ مڃيل شاعر به شعر پڙهڻ کان ڪيٻائيندا هئا. ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ئي اصل مشاعرو سمجهي ويندي هئي.

سردار جعفري جهڙي مڃيل نقاد ۽ شاعر، ڪرشن چندر جي انهيءَ خوبي بابت لکيو آهي، ”سچ ته ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪهاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنهنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، ته چڱو ٿيو جو انهيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نه آيو، نه ته ڪنهن شاعر کي اسرڻ ئي نه ڏئي ها.“

ڪرشن چندر بنيادي طور تي شاعراڻو ذهن رکندڙ انسان هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس نثر ۾ شاعراڻي سونهن موجود آهي. هتي انهيءَ واقعي جو ذڪر دلچسپي کان خالي نه ٿيندو ته، اسڪول واري زماني ۾ ئي سندس لاڙو شاعري ڏانهن ٿيو هو هن ڪا شي لکي ۽ پنهنجي اسڪول جي استاد کي ڏيکاري هئي، جيڪو شاعر به هو. سندس استاد دينا ناٿ شوق نٿي چاهيو، ته هن ئي شهر ۾ ڪو ٻيو شاعر به سڃاتو وڃي، تنهن ڪري رقابت مان سندس تخليق پڙهي، هڪ چماٽ سندس ساڄي ڳل تي هنئي ۽ ٻي کاٻي تي وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين، ”هي شاعري آ؟ هن جو رديف ڇا هي؟ قافيو ڪٿي آهي؟ بحر ڪهڙو آ وزن ڪٿي آ؟“

اهي ڏينهن، اهي شينهن- وري ڪرشن چندر شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر مزي جي ڳالهه اها به آهي، ته جڏهن 1973ع ۾ هندستان سرڪار پاران ڪرشن چندر بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي پئي وئي، ۽ فلم يونٽ سان گڏ ڪرشن چندر، پونڇ پهتو هو، تڏهن سرڪاري ڪامورن کان سواءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ سندس آجيان ڪئي هئي ۽ شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪرشن چندر جي ساڳئي استاد، جنهن کيس شعر لکڻ تان مار ڏني هئي، ڪرشن چندر جي شان ۾ اچي شعر پڙهيو!

مشاعرن کان سواءِ ڪرشن پنهنجون ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي خاص ويهڪن ۽ به پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڪهاڻي ويهڪ جي باري ۾ اردوءَ جو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، رام لعل لکي ٿو، ”10 نومبر 1973ع جي شام تي ساهتيا اڪيڊمي اتر پرديش پاران، لکنو ۾ ڪوٺايل هڪ ڪهاڻي ويهڪ ۾ ڪرشن چندر ڪهاڻي پڙهي ۽ ايترو داد حاصل ڪيو، جو پوءِ ڪوبه ڪهاڻيڪار ڄمي نه سگهيو ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين جو فقط خلاصو ٻڌائي جان ڇڏائي!“

نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سندس اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سدائين کين اهو ئي چوندو هو ته، ”ڪرشن چندر بڻجڻ کان پاسو ڪيو، مون جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. اهي ٿيو، جيڪي توهان آهيو. جيڪي توهان ٿي سگهو ٿا. ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ، پنهنجي شخصيت ۽ انفراديت جي ڇاپ پنهنجي فن تي ڇڏڻ هر ليکڪ لاءِ ضروري آهي.“

ڪيترن ئي ليکڪن سندس فني پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ هو مڃيندا نه هيا، پر فن جا پارکو سندن تحرير جو رنگ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته، اهو ڪنهن جو انداز آهي. ڪلام حيدري، انهي سلسلي ۾ لکي ٿو، ”ڪيترائي ليکڪ تنهنجي مس ۾ قلم ٻوڙي لکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي اعتراف نٿا ڪن. پر ڇا تنهنجي مس جو رنگ ماڻهو نٿا سڃاڻن! تنهنجي مس جو رنگ اردو ڪهاڻيءَ جي سينڌ جو سيندور آهي.“

ڪيترائي ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر کي پنهنجي ڪتابن تي مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ هو هر ممڪن حد تائين ڪنهن سان به سڌو انڪار ڪري نه سگهندو هو. اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته چڱا ڀلا ڪهاڻيڪار چاهيندا هئا، ته ڪرشن سندس ڪهاڻي پڙهي ۽ ٻه لفظ تعريف جا چئي ڇڏي ته سندن محنت سجائي ٿئي، ۽ سندن لکيو ڪنهن ڪم جو ٿئي. اهڙن ليکڪن ۾ ڪرشن چندر جو يار ۽ مشهور ڪهاڻيڪار، خواجا احمد عباس به هڪ هو. هو لکي ٿو، ”جڏهن به ڪهاڻي لکڻ ويٺس ته ڪوشش اها رهيم ته منهنجي ڪهاڻي ۾ به ڪرشن جهڙي جهلڪ اچي. سندس نقل ته مون اڄ تائين ناهي ڪيو، پر اهو خيال ضرور رهيو ته ڪرشن اها ڪهاڻي پڙهي ۽ پسند ڪري ته ڪا ڳالهه ٺهي.“

”آگ ڪا دريا“ جهڙي شاهڪار جي خالق، اردوءَ جي هڪ وڏي ليکڪا، قرة العين حيدر ليکو آهي ته، ” سندس ڪهاڻيون اسان کي ڪيڏيون من موهيندڙ ۽ انوکيون لڳنديون هيون. هلڪي هلڪي شعريت، حسن، زندگيءَ جو احساس، ڄڻ لکڻ واري هڪ طلسمي آئينو اهڙي زاويي کان رکيو هجي، جو اسان جي ڄاتل سڃاتل دنيا هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچڻ لڳي.“

ڪرشن چندر جي فن جو سڀ کان اهم عنصر سندس اسلوب (Style) آهي. سندس ڪا به تحرير هجي، اها سندس اسٽائيل مان سڃائي وڃي ٿي. اهو اسلوب ايڏي دلڪشي رکي ٿو، جو انهيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪمزور پهلو به لڪي وڃن ٿا. سندس اسٽائيل کي لفظن ۾ سميٽڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.

اسٽائيل جو ذڪر ڪندي ٽيني سن چوي ٿو، ”ڌيان لائق ڳالهه اها ناهي ته اسين ڇا چئي رهيا آهيون، پر اها آهي ته اسين ڪيئن چئي رهيا آهيون.“

سنڌيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار، امر جليل چيو آهي، ”ڇٽيهه ٿيمز کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي، ناول هجي، افسانو هجي يا ڊرامو، ٿيم ڦري ڦري اهي ئي ايندا. ڳالهه آهي پريزنٽيشن جي، ڪير ڇا ٿو پريزنٽ ڪري، ڪهڙي نموني ٿو ڪري.“

مٿين راين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن اسان ڪرشن چندر جي پريزنٽيشن کي ڏسون، ته هو اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي. هن سوين ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا، پر اسان کي ورلي ڪٿي يڪسانيت جو احساس ٿيندو. هو  هر دفعي اسان کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندو محسوس ٿئي ٿو، ۽ هر دفعي هڪ نئين احساس ۽ نئين جذبي سان آشنا ڪري ٿو. سندس تحرير جي انداز ۾ ڪٿي به لفاظي نٿي ملي. نه فقط اسٽائيل، پر فڪري حوالي سان به ڪرشن چندر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪرشن فقط هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي نه، دانشور ۽ مفڪر به آهي. سندس علمي وسعت ۽ فڪر جي گهرائي به حيران ڪندڙ آهي. نه فقط سندس تحريرن ۾ انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو فلسفو چٽو پٽو ملي ٿو، پر هن پنهنجي نظريي جي پرچار ۾ به فن کي هٿان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ نظريي ۽ فن جي توازن کي برقرار رکيو آهي. هو اشتراڪي هئڻ جي باوجود تنگ نظر نه هو، پر مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ٻي هر قسم جي تنگ نظريءَ کان مٿاهون هو. هو دنيا جي هر مظلوم جو ساٿي هو. هن دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو. پوءِ کڻي اها طاقت جي زور تي هجي، نسلي مت ڀيد جي هجي، سامراجيت جي يا مذهبي فرقي پرستيءَ جي بنيادي تي.

ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگي ۾ به هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هو ڪاليج مان ڀڄي، مشهور انقلابي ڀڳت سنگهه جي جٿي ۾ شامل ٿي ويو هو. کيس گرفتار ڪري، ٻه مهينا لاهور جي لال قلعي واري عقوبت خاني ۾ پڻ واڙيو ويو هو، پر جڏهن حڪومت کي سندس خلاف ڪوبه ثبوت ملي نه سگهيو، تڏهن کيس آزاد ڪيو ويو هو.

ڪرشن چندر جي پنهنجي نظريي سان وابستگي خشڪ ۽ بي روح نه هئي، پر سندس ڳانڍاپو زندگيءَ جي انهن رشتن سان به هو، جن جو تجربو ناهي ڪري سگهبو ۽ جيڪي ڪنهن نظريي جي پڙ ۾ ناهن ماپندا. سندس لاءِ زندگي فقط سماجي، معاشي ۽ معاشرتي سنگهرن جو ئي نالو نه هئي. انسان جي معصوميت، انساني رشتن جو تقدس، دوستي، خلوص، محبت ۽ قرباني جا مضبوط ٻنڌڻ به سندس جمالياتي احساس جا اهم عنصر آهن. اهو ئي سبب آهي جو عورت جو تصور، گهر، خاندان، معاشري ۽ انساني قدرن جي محور جي طور تي هن وٽ احترام لائق آهي. پنهنجي ڪهاڻي ”پريتو“ ۾ ڪرشن، عورت جي محبت جي سچي جذبي ۽ سندس انتقام جي باهه، ٻنهي کي ڏاڍي خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي هيروئن هڪ اهڙي عورت آهي، جنهن پنهنجي مڙس هٿان، پنهنجي محبوب کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.

جنهن زماني ۾ ڪرشن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي هئي، اهو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو وقت هو. هن پنهنجي اکين سان قتل ٿيندي ۽ رت سان رستن کي ريٽو ٿيندي ڏٺو، اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي جي فسادن سندن دل کي ڌوڏي وڌو، پر انسانيت مان سندس ويساهه ختم نه ٿيو، هو انهن فسادن واري دور ۾، فسادن کي ئي موضوع بڻائي لکندو رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ لکيل سندس ڪهاڻيون، لال باغ، هڪ طوائف جو خط، جيڪسن، امرتسر آزادي کان اڳ، امرستي آزادي کان پوءِ، اسان وحشي آهيون. پشاور، ايڪسپريس، جانور ۽ ٻيو موت اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي انساني احساس جي تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو. هو مشاهدي خاطر، فسادن جو جائزو وٺڻ لاءِ بمبئي جي اهڙن علائقن ۾ به هليو ويندو هو، جتي وڃڻ موت کي نينڍ ڏيڻ برابر هو. ڇو ته سندس خيال هو ته زندگيءَ جي عڪاسي ٻُڌ سُڌ تي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ننڍا ننڍا واقعا به، جن کي اسين انتهائي غير اهم سمجهندا آهيون، انهن کي به هو پنهنجي فني سگهه وسيلي اهم بڻائي ٿو ڇڏي.

اسٽائيل  ۽ فن سان گڏ ڪرشن چندر جو ٻوليءَ ڏانهن به خاص ڌيان هو. هو لکي ٿو، ”مشيني دور، اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ٿو وڃي، سندس شخصي زندگيءَ جو دائرو گهٽ ۽ سندس اجتماعي زندگيءَ جو ڦهلاءَ وڌي رهيو آهي. هاڻي اسين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا آهيون. انهن حالتن ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جو تجسس قدرتي طور تي وڌي وڃي ٿو. ان ڪري هڪ وڌيڪ آسان زبان ۽ محاوري جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.“

هو زبردست تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪ هو. ڳالهين مان ڪو جملو، روزاني زندگيءَ جو ڪو واقعو، حادثو يا ڪنهن غير معمولي شخصيت سان ملاقات سبب سندس ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال اچي ويندو هو. خواجا احمد عباسي لکيو آهي ته، ”ڪرشن چندر جو دماغ هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين آهي، جنهن جي جڪڙ ۾ اچي، هر تجربو ۽ مشاهدو، سندس هر سک ۽ ڏک، سندس هر دوست ۽ دشمن، ڪهاڻيءَ جي قالب ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو.“

ڪرشن چندر پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندڙ ڪهاڻين جا پلاٽ هڪ رجسٽر ۾ لکي رکندو هو ۽ جڏهن ڪنهن پلاٽ تي ڪهاڻي لکي وٺندو هو، ته ان کي رجسٽر مان ڪٽي ڇڏيندو هو. هو لکڻ ويهندو هو، ته پنهنجي تحرير کي پورو ڪري پوءِ ساهي پٽيندو هو، ۽ لکڻ کان پوءِ نظرثاني نه ڪندو هو. هو اڪثر هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون به لکي وٺندو هو. نه فقط ڪهاڻي، پر ناول لکڻ جي معاملي ۾ پڻ هو ڏاڍو تڪڙو هو. هن پنهنجو پهريون شاهڪار ناول ”شڪست“ جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ٻاويهن ڏينهن اندر، هڪ هوٽل ۾ رهي لکي پورو ڪري پبلشر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻيو مشهور ناول ”هڪ گڏهه جي آتم ڪٿا“ هن فقط ڏهن ڏينهن اندر لکيو هو. سندس اڪثر ناول طويل ناهن، ۽ سندس ڪيترن ناولن کي ته طويل ڪهاڻي  به چئي سگهجي ٿو، ڇو ته هن ناول لکڻ لاءِ پنهنجي افسانوي فن توڙي انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي هئي.

هن اڪثر نثري صنفن کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو ۽ هر صنف تي پنهنجي اڻ مٽ چاپ ڇڏي، پر بنيادي طور تي هو ڪهاڻيڪار ئي رهيو. اڄ به سندس سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو حوالو اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو. ان جي باوجود سندس ناولن ۾ اهڙا شاهڪار ملن ٿا، جيڪي ناول جي تاريخ جو سرمايو آهن. شڪست، جب کيت جاگي، ايڪ عورت- هزار ديواني، آسمان روشن هي، باون پتي، چاندي ڪا گهائو، ايڪ گڌي ڪي سرگزشت، برف ڪي ڦول، زرگائون ڪي راني، ميري يادو ڪي چنار ۽ غدار- سندس شاهڪار ناول آهن.

ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو به احساس هو. هن نه فقط ٻارن لاءِ ذڪر جوڳي تعداد ۾ لکڻيون لکيون. پر انهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ طلسماتي فضا کي به استعمال ڪيو، پر ان فضا ۾ به هن پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي. هن جادوگرن، جنن ۽ پرين کي به نيون معنائون ڏنيون آهن ۽ انهن ڪردارن وسيلي به هن تهذيبي ۽ سماجي مسئلن کي ٻارن جي ذهنن تائين پهچايو.

ڪرشن پنهنجي 64 سالن جي زندگي مان 40 سال ادب کي ارپيا. هن مسلسل لکيو. ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمي ڪهاڻيون، مڪالما، منظرناما، ٻارن جو ادب- هن ايترو ته گهڻو لکيو، جو سندس مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ايترو گهڻو لکڻ جي باوجود به، شايد ئي سندس ڪا لکڻي اهڙي هجي، جيڪا پڙهڻ تي دل نه چاهي. ڇو ته هو شعوري ڪوشش تحت پنهنجي نظريي جي پرچار ته ڪندو هو، پر انهيءَ سان گڏ سندس تحرير ۾ جيڪو طنز ۽ مزاح وارو رنگ آهي، اهو سندس هر لکڻيءَ کي دلچسپ ڪري ٿو ڇڏي. هوائي قلعي، فلمي قائده، شڪست ڪي بعد، مزاحيا افساني ۽ ايک گدي هي سرگزشت- پڙهڻ سان سندس طنز جي روپ کي ڏسي سگهجي ٿو. ڪرشن جو قلم ڪنهن نشتر جيترو سخت ۽ چڀندڙ به آهي ته ڪنهن مصور جي برش جهڙو نرم پڻ. سندس خشڪ موضوعن ۾ به طنز ۽ مزاح جو رنگ ملي ٿو، جنهن ڪري سندس تحرير پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿي. باون پتي ۽ بورين ڪلب، انهيءَ جا بهترين مثال آهن. اردو ادب ۾ اهي ڪتاب، انهيءَ حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. اهڙو ئي رنگ ٻارن لاءِ سندس لکيل ناولن ۾ به ملي ٿو ته هن جي ڊرامن ۾ به. سرائي سي باهر، قاهره ڪي ايڪ شام ۽ مس باٽلي والا- ڊرامي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.

سندس مزاح پڙهندي کل روڪڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي:

”ڪجهه پياريندينءَ نه؟“

”ڇا پيئندين؟“

”چپن جي ورموٿ، اکين جي شيمپيئن، عشق جي اسڪاچ!“

”پادر جي برانڊي نه؟“

”اها شادي کان پوءِ.“

”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ طنز جي حوالي سان هڪ شاهڪار آهي. انهيءَ ناول جي ذڪر کان سواءِ اردو  مزاح جي تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي.

سنڌي ادب کي، دنيا جي بهترين ادب جا ترجما ڏيندڙ، ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي سنڌيڪار، ولي رام ولڀ هڪ هنڌ لکيو آهي، ته سندس طنز تمام سٺي ۽ پر اثر آهي..... سندس ڪردار کانئس مختلف ناهن. هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو هو، ”شڪست جو شيام ڪير آهي؟“

”مان!“ ڪرشن چندر وراڻيو.

”تائي ايسري؟“

”مان!“

”۽ اهو گڏهه؟“

”اهو به مان ئي آهيان- انهي لاءِ جو سڀني جانورن ۾ مون گڏهه کي ئي وڌيڪ عقلمند ڏٺو آهي. چوڻ لاءِ ته انسان ئي سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڃيو ويندو آهي، پر انسان گذريل ٻن جنگين ۾ جيڪي ڏنو آهي، اهو ڏسي ۽ انهيءَ تي غور ڪري، اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان عقلمند جانور گڏهه ئي آهي.“

ڪرشن چندر ٻالڪپڻ کان جواني جي خوبصورت ڏينهن تائين، هڪ وڏو عرصو ڪشمير ۾ رهيو. ڪشمير جي خوبصورت وادين ۾ فطرت جي سونهن سندس شاعراڻي من کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ انهي اثر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس ڏاڍو فائدو ڏنو، جو سندس منظرنگاريءَ جو ڪو جواب ناهي.

منظرنگاري، افسانوي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. ڪيتريون ڳالهيون، جيڪي هزارين لفظن جي مالا ۾ به نه پوئجي سگهن، سي ڪنهن هڪ منظر سان ئي واضح ٿي وينديون آهن. ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جئين ڪئمرا جو فوڪس- ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظرن کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ به ڪمال درجي جي مهارت رکندو هو. سندس مهارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر، پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي ٿا وڃن:

”هڪ وڏي پپل جي وڻ هيٺان ڳئون ۽ مينهون آرام ڪري رهيون هيون، پر سندن ڌنار اتي نه هو. اهو هڪ ڳوٺ هو. رستي جي ٻئي پاسي لاري هڪ ڪني دُٻي جي ڀرسان گذري رهي هئي. هڪ مينهن پاڻي ۾ گهڙي رهي هئي. خاڪي ڪپڙا پهريل هڪ عورت پاڻي ڀري رهي هئي. هڪ سندر ۽ سانورين ٻانهن واري نوجوان ڇوڪري سوٽيءَ سان آلن ڪپڙن کي سٽي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو بڙ نظر اچي رهيو هو، جنهن تي ٽپال جو ڳاڙهو دٻو لڙڪي رهيو هو. وڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل ڇڪڙو پيو هو. انهي تي چار سک هڪ بيحد ميري تاس سان راند کيڏي رهيا هئا. انهي کان اڳتي اهوئي ميدان هو، اهو ئي وارياسو رستو، اها ئي تيز اس ۽ ميلن تائين پکڙيل ٻني.“

سندس منظرنگاريءَ جي اهم ڳالهه اها به آهي ته، اهي منظر پڙهندي/لفظن ۾ ڏسندي، اسان کي ڪئمرا جي تصويرن جيان ساڪت نظر نٿا اچن، پر ساڳئي وقت اهي متحرڪ به آهن. انهن منظرن ۾ جيئري جاڳندي زندگي ٿي نظر اچي:

”هوءَ اٿي ۽ ٻوڙن جي جهڳٽي ڏانهن هلي. اها هڪ سانوري رنگ جي جوان عورت هئي. پرڪاش ڏٺو ته سندس چولي ۽ پڙو هنڌ هنڌ کان ڦاٽي رهيو هو ۽ هن هلندي هلندي پنهنجي جواني کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي. پر غريبيءَ ۾ نه ته غريبي لڪائي سگهبي آهي ۽ نه جواني.“

منظرنگاريءَ سان گڏ ئي ڪردار نگاريءَ ۾ به ڪرشن پنهنجن سمورن همعصر ليکڪن کان منفرد حيثيت رکي ٿو. سندس ڪردارن ۾ ڏاڍي وسعت آهي ۽ هر قسم جا ڪردار سندس تحرير ۾ ملن ٿا. اهڙا جيئرا جاڳندا، جو پڙهندي لڳي ٿو، ڄڻ اسين انهي تحرير جو حصو هجون. اسان پاڻ به انهن ڪردارن جي آس پاس ئي ڪٿي موجود آهيون ۽ ساڻن گڏ ئي ساهه کڻي رهيا آهيون.

پنهنجي ڳالهه کي پوري طرح ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ ڪرشن، منظر نگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ، نهايت خوبصورت تشبيهون به ڏنيون آهن. سندس تشبيهن ۾ به سندس طبعيت وارو شاعراڻو رنگ ته ملي ئي ٿو، پر سندس ڪي ڪي تشبيهون اهڙيون ته منفرد آهن، جيڪي ڪنهن شاعر جي وس جي به ڳالهه ناهن. اهڙيون تشبيهون فقط ۽ فقط ڪرشن جي انفراديت آهن:

”جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو پوڙهو ڏيڏر سينواريل تلاو مان ڳالهائيندو هجي.“

”نوران ڀتيا کان آئي هئي. سورهن سترهن سالن جي الهڙ جواني- چئن ڪوهن کان سئنيما جي رنگين پوسٽر جيان نظر اچي ويندي هئي.“

ڀاڳ واري هوندي آهي، اها قوم ۽ اها ڌرتي، جنهن ۾ ڪرشن جهڙا ليکڪ جنم وٺندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته ڪرشن جهڙا ٻيا وڌيڪ ليکڪ ته ڇا، پر ڪو هڪڙو به اهڙو ليکڪ اسان کي ڳوليو نه ملندو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري دور جي ادب تي پنهنجي ڀرپور ڇاپ ڇڏي آهي. فقط پنهنجي دور تي ڇا، پر هن ته ايندڙ صدين تائين لکجندڙ ادب لاءِ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور 1966ع ۾ ”سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ“ ڏنو ويو. 1969ع ۾ سندس پنجونجاهين جنم ڏينهن جي موقعي تي، هند سرڪار پاران کيس ”پدم ڀوشن“ جو خطاب ڏنو ويو ۽ 1937ع ۾ کيس ”نهرو ڪلچرل ايوارڊ“ پڻ مليو هو.

هن زندگي ۾ بي شمار پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي هڪدم کپائي به ڇڏيو. بي انتها عزت ۽ شهرت به سندس حصي ۾ آئي، پر ان جي باوجود هن سدائين پاڻ کي هڪ عام انسان ئي سمجهيو. ڪڏهن به سندس ڪنڌ ۾ ڪِلي نه لڳي. هو سدائين يارن جو يار رهيو. دوستن جي مدد کلي دل سان ڪندو هو. کيسو خالي هوندو هوس ته پٽ سٽ ڪري به سندن پورت ڪندو هو. سندس ويجهي دوست ۽ مشهور ليکڪ، خواجا عباس انهي باري ۾ لکيو آهي، ”سندس چوڌاري ٻن قسمن جي ماڻهن جو ميڙ هوندو هو. هڪڙا اهي، جن کان هو قرض وٺندو هو ۽ ٻيا اهي، جن کي هو قرض ڏيندو رهندو هو. جيڪڏهن توهان جو کيسو خالي آهي ته ڪرشن چندر سان ضرور ملو. ممڪن آهي ته گهرڻ کان اڳ ئي هو توهان کي ڏوڪڙ ڏئي ڇڏي، پر جيڪڏهن توهان جو کيسو ڀريل آهي ته، کانئس پري رهو، ممڪن آهي ته هو توهان کان پڇڻ کان سواءِ توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏي.“

ڪرشن چندر کي پنهنجون خوبيون بيان ڪرڻ جو شوق ته نه هو، پر پنهنجي خامين تي هن ڪڏهن به منافقت جي چادر نه وڌي. هو هڪ سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو:

”نه ڄاڻ ڪيئن اهو تصور ڪيو ويو آهي ته اديب هن دنيا جو ماڻهو نه هوندو آهي، ڪنهن ٻئي شمسي نظام جي مخلوق آهي. عجيب عجيب ڳالهيون ساڻس منسوب ڪيون وينديون آهن. اهڙي نيڪي، جيڪا فرشتن کان به ممڪن ناهي. اهڙي پاڪائي ديوتائن جي حصي ۾ به ناهي آئي، پر نڄاڻ ڪيئن اهي سموريون صفتون، هڪدم هڪ اديب جي فطرت ۾ ڏسي وٺبيون آهن. جيتوڻيڪ منهنجو خيال اهو آهي ته، هڪ اديب ايترو ئي ننڍو، دوکي باز، خود غرض، ڪمينو ۽ تنگدل آهي، جيترو ڪو ٻيو ماڻهو ٿي سگهي ٿو ۽ مون ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن. مون بار بار ڪوڙا قسم کنيا آهن. پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا اٿم. خوشامد ڪئي اٿم. وڙهيو آهيان، شراب پيتو اٿم، ڀنگ ۽ چرس به مان پنهنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان ۽ ٻين جي تعريف تي ساڙ کاڌا اٿم. جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پوندو اٿم ته سندس پويان لڳي پوندو آهيان ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهيان، ڄڻ هو ڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ هيو ئي ڪونه. ڪيترا دفعا منهنجي دوستن مون کان اوڌو گهري، مون وٽ پئسا هيا، پر مون نه ڏنا. ڪيترا دفعا جڏهن مون قرض گهريو ۽ دوست مون کي نه ڏنو ته مون کيس دل ئي دل ۾ گار ڏني. ڪيترا دفعا مون رستي تان ويندڙ عورتن کي تصور ۾ اغوا ڪري ورتو، ڇو ته اهي خوبصورت هيون. هاڻي جيڪڏهن اهي صحيح سلامت گهر پهچي ويون ته اها سندن ۽ قانون جي خوش قسمتي هئي، نه ته جيتري قدر منهنجي اداري جو تعلق آهي ته مان کين اغوا ڪري چڪو آهيان. ساڳي ريت ڪيترا دفعا ڪاوڙ ۾ مون قتل ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ۽ هلي چلي ٿو ته پنهنجي جسماني قوت جي آڌار تي، باقي جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان. مون اهڙي طرح اندازو لڳايو آهي ته مان پنجاهه عورتن کي اغوا ڪري چڪو آهيان ۽ ٻه سؤ ماڻهو قتل ڪري چڪو آهيان. انهن ۾ خواجا احمد عباس، سردار جعفري، راجندر سنگهه بيدي، مائوزي تنگ، ونسٽن چرچل، دليپ ڪمار، ڌرم وير ڀارتي ۽ منهنجو سڳو ڀاءُ مهندر ناٿ به شامل آهن.“

ڪرشن چندر جي سيلف پورٽريٽ ۾ ته قتل ڪرڻ جا تصوراتي خيال آهن، پر حقيقت جي دنيا ۾ موت ڪرشن مٿان پهريون لامارو 23 نومبر 1967ع تي دل جي دوري جي صورت ۾ ڏنو. جيڪڏهن هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري ها، ته سندس دل ساڻس بي وفائي نه ڪري ها، پر ڪرشن چندر ڪنهن به هدايتڪار جي هدايتن هيٺ زندگي گذارڻ سکيو ئي نه هو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو بد پرهيز هو. نتيجي طور مٿس دل جو ٻيو دورو 19 مارچ 1969ع تي پيو. هڪ ڏينهن اڳ 18 مارچ تي ڪرشن جو ”55 سالا جشن“ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت جي وزير اعظم اندراگانڌي خاص طور شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.

هو دوستن سان ان حد تائين پيار ڪندو هو، جو دوري کان پوءِ هن اسپتال ۾ به سلميٰ کي چيو هو، ”ٻڌ سلميٰ! جيڪڏهن مون وٽ ايترو ئي وقت آهي ته انهيءَ کي علاج ۾ نه وڃاءِ. تون مون وٽ هج. مان دوستن سان ملڻ ٿو چاهيان.“ ۽ جڏهن اسٽريچر ڌڪيو پئي ويا، تڏهن هن چيو، ”شايد تمام گهٽ وقت آهي سلميٰ! "Call my all friends پر زندگيءَ ڪرشن چندر جو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهه سال وڌيڪ کيس پنهنجي دوستن ۽ محبوب زال سان گذارڻ لاءِ ملي ويا. اٺن سالن کان پوءِ، مارچ 1977ع جي پهرئين هفتي ۾، دل جي دغا بازيءَ سبب وري کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اٺين مارچ تي صبح جو سوير، هن ڏاڍي تڪليف مان سلميٰ سان ڳالهايو هو، ”بس، ايترو ئي ساٿ هو. مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪوبه سک ڏئي نه سگهيس. هونءَ مون ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. I have no regrets بس ٿورا ڪم باقي هيا، پر اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن سمورا ڪم پورا ڪري ورتا هجن ۽ ڏٺو وڃي ته اهو غلط به آهي، قدرت جي خلاف ايترو وڙهڻ- هاڻي مون کي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجن. مون کان پوءِ هتان گهر هلي وڃجانءِ. هتي سڀ دل جا مريض آهن. دل جي مريضن تي اهڙين ڳالهين جو تمام برو اثر پوندو آهي. تون هتي هوندينءَ ته ٻيا به حوصلو هاري ويهندا… ۽ سلميٰ ٻڌ! منهنجي توکي وينتي آهي ته ڏک کي همت ۽ تحمل سان برداشت ڪجانءِ. منهن مٿو پٽيئي ته اسان ٻنهي جي بي حرمتي ٿيندي.“

ڊاڪٽر نرس کي سئي هڻڻ لاءِ چيو ته ڪرشن چندر کانئس ٿورڙي مهلت گهري. ۽ سلميٰ کي چيو، ”بمبئي ۾ گهر ڏاڍو ڏکيو ملندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهئي ته گهر نه ڇڏجانءِ. جيڪڏهن حالتن سان منهن ڏئي نه سگهين ته پاڪستان هلي وڃجانءِ. اتي منهنجا ڪيترائي دوست آهن. اتي تون اڪيلي نه هوندينءَ… ۽ ها، منهنجو پيس ميڪر بلڪل نئون آهي، اهو هتي ئي ڪنهن مريض کي لڳرائي ڇڏجانءِ.“

اهي ئي آخري ڳالهيون سمجهه ۾ اچي سگهيو هيون- 8 مارچ تي صبح ساڻ 6 وڳي هن اکيون کوليون. سلميٰ کي اشاري سان جهڪڻ لاءِ چيائين. پوءِ پاڻ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٻئي ٻانهون سلميٰ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي، هٿ پير ڍرا ڪري ڇڏيائين. سندس روح، سندس جسم کان ڌار ٿي ويو.

سندس جنازو جڏهن سندس گهر آندو ويو ته ويد ۽ گيتا جو پاٺ ڪيو ويو.  قرآن خواني به ٿي ۽ ارٿي کڄڻ وقت هڪ سک گرنٿي، گرو گرنٿ صاحب مان شبد به پڙهيا.

سندس وفات کان پوءِ، سرڪاري طور تي باندار جي هل روڊ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر روڊ رکيو ويو. سرڪار ته ڪرشن چندر جو نالو هڪ روڊ تي رکيو، پر انهي هڪ شخص جو نالو لکين ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.

جيئن پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي ته، ڪرشن چندر پنهنجي چاليهن سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو انهيءَ جي مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ڪتابي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪهاڻين جا ٻٽيهه مجموعا، اٺيتاليهه ناول ، ڊرامن جا ٻه مجموعا، ٻه مضمومن جا مجموعا، ٻارن لاءِ يارهن ڪتاب ۽ سندس ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

سندس فن ۽ شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب، مختلف رسالن جا ضخيم نمبر، سووينيئر ۽ لاتعداد مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن.

ڪرشن چندر ڏات جي ڏيهه ۾، پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پهتل نظر اچي ٿو، انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ صدين تائين ڪيترا ليکڪ سڌون ڪندا رهندا. هو هڪ ليکڪ/ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جنهن اوچائيءَ تي آهي، اتي پهچڻ واري ڳالهه، مايوسي نه ڦهلائڻ واري سوچ ذهن ۾ رکي ڪجي، ته به اهو ضرور چئبو ته انهيءَ منزل تي پهچڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرورت آهي. بلڪ انتهائي مشڪل آهي.

پروفيسر احتشام حسين جي لفظن ۾، ” ڪرشن چندر اردوءَ جي پهرين صف جو ڪهاڻيڪار آهي..... گهڻن ماڻهن لاءِ هو سڀ کان سٺو ڪهاڻيڪار آهي ۽ انهي قول کي آساني سان رد ڪري نه سگهيو.“

۽ ڇا توهان انهي قول کي رد ڪري سگهو ٿا؟

(1994ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org