سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:6 

 

شيخ اياز:

ڏات سان الوداعي ڏينهن تائين توڙ نڀائيندڙ شاعر

جڏهن سنڌ چوڻ کي ڏوهه ٿي سمجهيو ويو، تڏهن هن ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار!“ جهڙا رت کي گرمائيندڙ شعر چئي ثابت ڪيو هو ته، هو سنڌ جو آواز آهي، پر وقت جي آمر حڪمرانن کيس ڏوهي قرار ڏنو هو. تڏهن هُنَ، انهيءَ آمريت واري دور ۾ ئي چيو هو:

تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين

مان توکان مور نه مرڻو هان

گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان!

آمريت کي للڪاريندڙ ڪردار سدائين ڏوهي قرار ڏنا ويا آهن. سندن قسمت ۾ جيل، ڦاهيون ۽ گوليون رهيون آهن، پر تاريخ جي ورقن ۾ سدائين سندن ڳاٽ اوچو رهيوآهي. اها به تاريخ جي عجيب ستم ظريفي آهي ته 27 ڊسمبر جو سج، سنڌ جي آسمان کي رت جهڙو شفق جو رنگ ڏئي، سنڌ واسين جي دلين ۾ شهيد بينظير جي درد کي جاڳائي الهي ٿو ته، 28 ڊسمبر جو سج شيخ اياز جي وڇوڙي جو غم ياد ڏياريندو اڀري ٿو!

2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مبارڪ علي جڏهن شيخ اياز ٿي، سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو ته وقت جي آمر حڪمرانن لاءِ هو اک جو ڪنڊو بڻجي پيو، ايوبي آمريت ۾ پهرين ته کيس ڌمڪايو ۽ لالچايو ويو. شيخ اياز جو چوڻ آهي ته، ”هڪ ڀيري خيرپور جي ڪمشنر مون کي چيو ته ايوب خان پڇي ٿو توکي ڇا گهرجي؟ مون هن کي جواب ڏنو ته مون کي جيڪو گهرجي اهو ايوب خان نه ڏئي سگهندو. مون کي جمهوريت گهرجي، مون کي آزادي گهرجي، مون کي ون يونٽ جو خاتمو گهرجي، مان چاهيان ٿو ته سنڌ وري پاڪستان جي نقشي تي آندي وڃي، اها پنهنجي زبان، پنهنجي ڪلچر سان قبول ڪئي وڃي، ان کي پاڪستان جي اقتصاديات ۾ جائز حصو ڏنو وڃي، ڇا ايوب خان مون کي اهو ڏئي سگهندو؟“

منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر!

منهنجا گيت ڳنهي تون سگهندين؟ (اياز)

اياز جي ”هَٺَ“ ۽ ”انڪار“ کانپوءِ جڏهن سندس ڪتابن تي بندش وڌي وئي، تڏهن سنڌ جي هن عظيم تخليقڪار کي سياست جو حصو به بڻجڻو پيو، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته، ”مون سياست ۾ پاڻ حصو نه ورتو هو، پر مون کي سياست ۾ ڇڪيو ويو هو. منهنجا ڪتاب بندش هيٺ آندا ويا ۽ انهيءَ جي خلاف موثر احتجاج جو طريقو فقط اهو هو ته مان ايوب خان جي آمريت خلاف سياسي قوتن جو ساٿ ڏيان“. نتيجي طور شيخ اياز کي ايوبي آمريت واري دور ۾ 1965ع ۽ 1968ع ۾ جيل ڪاٽڻو پيو. آمر يحيٰ جي دور ۾ به کيس 1970ع ۾ جيل وڃڻو پيو ۽ اياز تيسين باندي رهيو، جيسين 1971ع ۾ پاڪستان جوهڪ حصو ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اندر اقتدار ۾ آيو ته اياز کي آزادي نصيب ٿي.

آزاديءَ کي شيخ اياز سدائين اظهار جي آزاديءَ سان ئي ڳنڍيل سمجهيو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو، ”حڪومت جيڪڏهن پريس ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ڪائي روڪ ٽوڪ رکي، جيڪڏهن ڪوئي اهڙو قانون پاس ڪيو وڃي، جنهن سان انسان جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيندي هجي ته هڪدم احتجاج بلند ڪيو وڃي. جيڪڏهن قيد ۽ بند برداشت ڪرڻو پوي ته ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان جي خلاف سر جي سٽ ڏيڻي پوي ته ڏني وڃي“. ۽ هڪ ٻئي انٽرويو ۾، فقير محمد لاشاريءَ سان ڳالهائيندي، سر جو دان ڏيندڙ شهيد ذوالفقار ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو صاحبا جو ذڪر ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪيو هئائين، ”شهيد ڀٽو برصغير جي عظيم ترين شهيدن مان هو...هاڻي به بينظير جي روپ ۾ هو اسان سان آهي... مان ڀايان ٿو ته هوءَ (بينظير) پيءُ وانگر اڏول رهندي“.

ويهين صديءَ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جون عظيم شخصيتون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شيخ اياز بيشڪ جسماني طور تي اڄ اسان وٽ موجود ناهن، پر سندن فڪر اسان وٽ موجود آهي، ڇو ته ڪنهن به ڦاسيءَ، گولي ۽ موت سان، فڪر جو موت نٿو ٿئي. تڏهن ئي ته شيخ اياز چيو هو ته، ”مان مرڻو نه آهيان، ڇو ته انسان جي آزاديءَ جو عزم مرڻو نه آهي، ڇو ته ظلم جي خلاف نفرت ۽ انسان جي عظيم جدوجهد مرڻي نه آهي، ڇو ته سنڌ مرڻي نه آهي“.

موت جي پراسراريت اياز جي ذهن ۾ به، سندس معصوميت وارن ڏينهن ۾ موجود هئي. هن لکيو آهي ته، ”جڏهن مان ٽن سالن جو هوس ته هڪ ڀيري پنهنجي بابا سان گڏ شڪارپور جي هڪ باغ ۾ گهمڻ ويس. اتي باغائيءَ کانڀاڻيءَ سان چين چين ڪندڙ پکين کي مٽيءَ جي ڳوڙهي سان ماري ڀڄائي رهيو هو. هڪ پکي ڪري پيو. مون ان کي هٿ ۾ کنيو ته ابي چيو، 'هي مري ويو آهي' مون پڇيو، 'مري ڪاڏي ويو آهي؟' منهنجو پيءُ ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو هو.“ پر پوءِ اياز پنهنجي سوال جو جواب پاڻ ئي ڳولي ورتو هو:

ڪو موت سدائين لاءِ نه آ،

ها، هيءَ حياتي مرڻي آ،

ان جيءَ جياپي جي ليڪن،

اڳتي ڀي ڪرڻي ڀرڻي آ.

جيءَ جياپي کانپوءِ اڳتي جي ڪرڻي ڀرڻيءَ تي يقين رکڻ جي باوجود به اياز تي ملحد هئڻ وارا الزام هنيا ويا. الزام ته هن تي ٻيا به ڪيئي هنيا ويا، پر الزام تراشين جي جوابن ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ هو لڳاتار پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، مسلسل لکندو ئي رهيو. ”تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا....“ جي فلسفي تي هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ تائين عمل ڪيو. جڏهن ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان منع ڪري مڪمل آرام جو مشورو ڏنو هو، تڏهن سندس پٽ انيس، رات جي وقت سندس مٿان چادر وجهي لائيٽ بند ڪري ڇڏيندو هو، پر اياز جاڳندو رهندو هو ۽ پٽ جي سمهي پوڻ کانپوءِ، وهاڻي هيٺان لڪايل ڪاپي ڪڍي، اونداهيءَ ۾ به روشن آئيندي جا گيت لکندو رهندو هو. (اهڙي هڪ ڪاپي پٽ کان نظر بچائي، هڪ ڏينهن هن مون کي به ڏيکاري هئي، جنهن جي هر صفحي تي هڪ سٽ لکيل هئي.)

هڪ دفعي منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو هو، ”سائيڪل جو ڦيٿو به پنهنجي هلائيندڙ کانسواءِ نٿو هلي سگهي، ته هيءَ ڪائنات پنهنجي مالڪ کانسواءِ ڪيئن ٿي هلي سگهي!“ ۽ هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو، ”مان ڪنهن ملان وانگر دعا نه گهرندو آهيان. منهنجا هٿ پوپٽ جي گلن وانگر کلي ويندا آهن ۽ دعا خوشبو وانگر اڏامندي آهي“. شيخ اياز جي دعا ۾ به سندس ديس موجود رهيو، ”يا رب! هن ديس جو ڪوئي اوهي واهي نه آهي، ڪوئي ڌڻي سائين نه آهي، تون ان جو واهرو ٿي، ان کي واٽ سُجهاءِ ۽ ان جي راهه مان سڀ روڙا هٽائي ڇڏ... اسان کي اسان جي واٽ سُجهاءِ، اسان لاءِ ايتريون مشعلون ٿيءُ جو تارن ڀريو آڪاش ڌرتيءَ سان ريس ڪري!“.

28 ڊسمبر 1997ع تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌ کي عظيم شاعريءَ جو ايترو تعداد ڏئي ويو آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي شاعر جي حصي ۾ ناهي آيو، ڇو ته مالڪ طرفان مليل ڏات سان هن پنهنجي الوداعي ڏينهنِ تائين توڙ نباهيو.

ٿو موڪلايان

الوداع!

۽ ساز کي مضراب جي

سيني لڳايان

الوداع!

مان آخري شعلي جيان

ٿو گيت ڳايان

الوداع!

( 28 ڊسمبر 2010ع)


 

 

زرينا بلوچ:

سدا حيات جيجي

 

ڪا تخليق فنڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي ته وڏي ڳالهه ناهي، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪو فنڪار پنهنجي تخليق جي حوالي سان سڃاتو وڃي. اهڙي ڏات گهٽ فنڪارن ۽ ليکڪن کي نصيب ٿئي ٿي، جو ڪا تخليق سندن سڃاڻپ جو حوالو بڻجي سگهي. زرينا بلوچ جي هڪ تخليق نه فقط سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻي، پر سندس نالو به بڻجي پئي، سو به نالي جو پهريون حصو. تڏهن ئي ته اسان کيس جيجي زرينا بلوچ چئون ٿا. ”جيجي“ اصل ۾زرينا بلوچ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان هو. اها ڪهاڻي هن ايوبي آمريت جي ون يونٽ واري دور ۾ لکي هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ سنڌ سان“ جيجيءَ طور سندس تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، پر سچ ته هوءَ هئي به ته جيجي....جيجل.... امڙ ئي ته هئي....

انهيءَ امڙ سان منهنجو رشتو ڊرامائي انداز سان ته ڇا، پر جڙيو ئي ڊرامي سبب هو. 1988-89ع وارن ٻن سالن ۾، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي هئي ۽ ڊراما پروڊيوسر هئس. هڪ ڏينهن اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پاڻ وٽ سڏائي مرڪي چيو هو، ”نوڪري ريڊيو تي ٿو ڪرين ۽ ڊراما ٽي ويءَ لاءِ ٿو لکين! ڪڏهن ڪو ريڊيو لاءِ به ڊرامو لک!“ ۽ پوءِ مون ”سمجهوتو“ جي نالي سان اهو ڊرامو لکيو هو، جنهن ۾ جيجي زرينا بلوچ وارو ماءُ جو ڪردار هو. پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ريهرسل واري وقت نه پهتو، ته ان فنڪار وارا جملا مون پاڻ ڳالهائي ريهرسل مڪمل ڪرائي. رڪارڊنگ جو وقت ٿي ويو، پر پٽ واري ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيل فنڪار نه پهتو. مون کي اسٽوڊيو ۾ پريشان ڏسي، جيجي زرينا بلوچ اچي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. ماءُ جهڙي سٻاجهي مرڪ سان چيائين، ”منهنجي پٽ جو ڪردار توکان وڌيڪ سٺوڪير ڪندو!“

وراڻيم، ”جيجي، مان پروڊيوسر آهيان، صداڪار ته ناهيان!“

جيجيءَ مرڪي چيو، ”پر منهنجو پٽ ته آهين نه!“ ۽ ان ڳالهه کان ته مون کي انڪار ئي نه هو. مان وڃي جيجيءَ سان گڏ مائيڪ اڳيان بيٺس ۽ پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ جيجيءَ جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيم، پر ان ڊرامي کان پوءِ حقيقي زندگيءَ ۾ ته، جيجي جو ڪردار منهنجي لاءِ ماءُ جهڙو ئي رهيو.

ريڊيو سان ته جيجيءَ پنهنجي صحت جي آخري ڏينهن تائين توڙ نڀاهيو، پر ساڳئي وقت جيجي زرينا بلوچ ڏات جي ڪيترين ئي شاهراهن تي نظر ايندي هئي. هوءَ گلوڪارا، ليکڪا، صداڪار، اداڪار، استاد، سياسي ورڪر ۽ بيحد سٻاجهي ماءُ هئي. ٻچن تي پنهنجو ساهه گهوريندڙ ماءُ، پر ان جي باوجود هوءَ روايتي ماءُ بجاءِ هڪ بهادر ماءُ ۽ بهادر عورت هئي. حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ ته جيل ڪاٽيائين، پر آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ سندس نياڻي اختر بلوچ جيل وئي ته، جيجيءَ جو جيءُ جُهرڻ بجاءِ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. جيجيءَ جي اولاد ۾ اختر بلوچ کان وٺي اياز لطيف ۽ سسئي پليجو تائين جيڪو ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو، ان جو سڄو ڪريڊٽ سندس وَر رسول بخش پليجي ڏانهن نٿو وڃي، پر جيجيءَ جو ان ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. ڪريڊٽ ته جيجيءَ ڏانهن ان کان به وڏو وڃي ٿو ته، سندس ڳايل انقلابي گيتن سنڌ جي نئين نسل ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات جو جذبو جاڳايو. هوءَ سنڌي نياڻين لاءِ رول ماڊل جو درجو به اختيار ڪري وئي، جو کيس ڏسي نياڻيون به جهنڊا کڻي رستن تي نڪري اينديون هيون. جيجيءَ کي آئيڊيل بڻائي فن، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ پير پائيندڙ، يا فقط گهرن تائين محدود هوندي به، سنڌ جي جن نياڻين جيجيءَ مان اتساهه حاصل ڪيو، انهن نياڻين جو اولاد ته ماءُ جي هنج ۾ ئي سچ جي سُتي پيئندو رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيجيءَ جي نالي سان ڪا اهڙي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سندس آواز جي خزاني ۽ تحريرن کان سواءِ سندس عملي جدوجهد جو مڪمل رڪارڊ به محفوظ ڪيو وڃي، جو جيجيءَ جهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته چيو ويو آهي ته، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...“ تڏهن ئي ته جيجيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو چيو هو، ”جيجي زرينا بلوچ جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي. هن پنهنجي گيتن، ڊرامن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪيو. هن جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.“

جيجي زرينا بلوچ 25 آڪٽوبر 2005 تي اسان کان وڇڙي وئي هئي. جيجيءَ جو خال ته ڪڏهن به نه ڀرجي سگهندو، پر نه سنڌ ٻاگهل ٻائيءَ کي وساريو آهي ۽ نه ئي بختاور شهيد کي. نه ئي سنڌ ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ جيجي زرينا بلوچ جهڙي بهادر عورت کي وساري سگهندي. جيجي ته سنڌ جي وجود ۾ اڄ به دل جيان دڙڪي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽي ۾ ملي، سنڌ بڻجي وئي آهي ۽ سنڌ ته ڪڏهن به مرڻي ناهي.

( 25 آڪٽوبر 2011ع)

 

 

ڀڳت ڪنور:

نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو....

 

”هن مسڪينن ۽ لاچارن سان گڏ سفيد پوش محتاجن جي به مدد ڪئي. ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون هونديون هيون ته ڪن تي قرض چڙهيل هوندو هو، پر اها رقم اهڙي ڳجهه ۾ تقسيم ٿيندي هئي، جو لوڪ لکا نه پوندي هئي!“ نامياري ليکڪ علي احمد بروهيءَ جون اهي سٽون ڪنهن خانداني امير ڪبير شخص لاءِ نه، پر هڪ عام دڪاندار تارا چند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڀڳت ڪنور رام جي باري ۾ آهن. گهوٽڪيءَ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ 13-اپريل 1885ع تي پيدا ٿيندڙ ڪنور رام جي اندر ۾ ازل جي ڪا بيچيني ۽ بي قراري موجود هئي، جو پنهنجي خاندان جي عام ڪاروهنوار ۽ واپار سان سندس جيءُ نه جڙي سگهيو، پر پنهنجي خاندان ۾ ڪو به راڳي نه هئڻ جي باوجود هو راڳداريءَ جي راهه تي هلي پيو. راڳ جي انهيءَ راهه کيس ان منزل تي پهچايو، جنهن جو انهيءَ کان اڳ سنڌ ۾ ڪو مثال ئي موجود نه هو. قدرت سندس آواز ۾ اها ڪشش رکي هئي، جو سندس آلاپ تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. ان وقت ڪنور جي جيڪا حالت هوندي هئي، تنهن کي وري علي احمد بروهيءَ، جنهن ڪنور کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏٺو هو، هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ”ڳائيندي سندس نيڻن مان نار جاري ٿيندا هئا. پاڻ ته مدهوشيءَ ۾ مست هوندو هيو، پر ٻڌندڙن جي به لونءِ لونءِ ڪانڊارجي ويندي هئي. ڳائڻ، نچڻ ۽ ڇيرن جي ڇمڪار ته پوءِ به گهڻي ڏٺي ۽ ٻڌي، پر اهو ڪنور جي ڪيفيت وارو لقاءُ ڪٿي ڪو نه پسيم!“

ڀڳت ڪنور ڳائڻ ۽ نچڻ ۾ ايترو ته گم (Involve) ٿي ويندو هو، جو هن حساس دل انسان کان پنهنجو وجود به وسري ويندو هو ۽ سندس اکيون ڄڻ سانوڻيءَ جي ڪڪرين جو روپ ڌاري وٺنديون هيون. کيس هوش تڏهن ايندو هو، جڏهن هن تي پئسن جي بارش ٿيڻ لڳندي هئي. هي فقير منش اهي سمورا پئسا اتي ئي مسڪينن ۾ ورهائي، پنهنجي ڇير ڇمڪائيندو خالي هٿين هليو ويندو هو. چيو وڃي ٿو ته سندس ڀڳت عوامي ميلي جو ڏيک  ڏيندي هئي ۽ ماڻهن جي پيهه جو سبب سندس راڳ کان سواءِ سندس سخاوت به هئي. هن جو چوڻ هو ته، ”مون وٽ آهي ڇا، جو ڪنهن کي ڏيان. ڏيڻ وارو ٿو ڏئي مان ته وچ ۾ اچي ويو آهيان!“ هن اهو پئسو سدائين ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ ئي ورهايو، جو سندس خمير ۾، سنڌ جي مٽيءَ ۾ سدا کان موجود محبتن ڀريو صوفي رنگ موجود هو. سندس مشهور ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪَر ڳالهه، مون سان منهنجي ماروئڙن جي“ ۾ سندس پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڻهن سان محبتن جو لازوال اظهار ملي ٿو. انهيءَ ڪلام لاءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن به آئون اهو ڪلام ٻڌندو آهيان ته، ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائجي ويندا اٿم!“ انهيءَ ڪلام کانسواءِ سندس ٻيا ڪلام ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ....“ ۽ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو...“ اڄ تائين مقبول آهن. ڀڳت ڪنور جي انهن ڪلامن کي ٻين ڪيترن راڳين سميت، هن وقت سنڌ جي بين الاقوامي سطح جي فنڪاره عابده پروين به اڄ تائين ڳائيندي رهي ٿي. راڳداريءَ توڙي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪردار وسيلي صوفي ازم جي پرچارڪ ڀڳت ڪنور، راڻو ڳائيندي”جيوين جيوين تون....“ جو هڪ نئون  آلاپ ڏنو ۽ اهو آلاپ به اڄ تائين جا سڀ وڏا راڳي ورجائيندا رهيا آهن.

رنگ، نسل ۽ مذهب جي متڀيد کانسواءِ، سنڌ جي مٽيءَ ۽ ماڻهن سان غير مشروط ۽ فطري محبت ڪندڙ هن  صوفيءَ کي سنڌ جي سرزمين تي بي ڏوهي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي ماريو ويو هو. 4 آڪٽوبر 1939ع تي سکر شهر ۾ ڀرچونڊيءَ وارن پيرن جي هڪ نوجوان ميان عبدالرحيم جو ڪنهن هندو دڪاندار سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميان عبدالرحيم کي مارڪٽ ڪئي وئي. ڀرچونڊي پير جي مريدن ۾ ان واقعي سبب تاءُ پکڙجي ويو ۽ انهن هندن کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت سڄي تَر ۾ ڀڳت ڪنور رام ئي سڀ کان وڌيڪ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جنهن ڪري مَت موڙهيل ماڻهن بنا ڪنهن ڏوهه جي کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. غلط قبيلائي خيالن جي شڪار ٿيل جان محمد جلباڻيءَ، بي گناهه ڀڳت ڪنور کي 2 نومبر 1939ع تي رُڪَ جي ريلوي اسٽيشن تي گوليءَ جو نشانو بڻائي ڇڏيو. ڀڳت ڪنور ته شايد گولي کائيندي، ڪرندي ۽ مرندي به پنهنجي قاتل کي بددعا نه ڏني هوندي،  پر سندس ئي ڳايل هڪ ڪلام جي سٽ”ڏاڍو آهي ستايو زماني جي گردش“ جيان هي صوفي منش، انسان دوست فنڪار پنهنجي مئي کانپوءِ به مذهبي تعصب جو شڪار رهيو. سنڌ ڄائي ان فنڪار پنهنجا پساهه سنڌ جي ڌرتي تي پورا ڪيا، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ايوبي مارشل لا واري زماني ۾ ڪنور ڀڳت ۽ سنڌ مان هند لڏي ويل ماسٽر چندر جي ڪلامن کي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. ضيائي مارشل لا کانپوءِ، 1988ع ۾ جڏهن عنايت بلوچ حيدرآباد ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هيو ته هن اڻ اعلانيا طور تي انهن ٻنهي فنڪارن کي نشر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ اڄ تائين اهي ٻئي فنڪار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ته نشر ٿيندا رهن ٿا، باقي سنڌ جي ٻين سرڪاري ريڊيو اسٽيشنس جي خبر مون کي ناهي. ماضيءَ  ۾ سرڪاري طور تي بندش جو شڪار انهن ٻنهي فنڪارن جي ورسيءَ جو گڏيل پروگرام اڄ سرڪاري طور تي ملهايو پيو وڃي! اهو ڪنور ۽ اهو چندر، جن جي آواز تي هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا، تن ٻنهي جي ياد ۾ اڄ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڪجهه سَوَ ماڻهو به هوندا يا ورسيءَ وارو اهو هال رُڪَ جي ريلوي اسٽيشن جيان ويران نظر ايندو، جنهن تي  ڪنور جي قتل کانپوءِ اڄ تائين ويراني پئي واڪا ڪري، اهو هڪ ڌار سوال آهي، پر سسئي پليجو جي جذبي کي، هيءَ دل ساراهڻ چاهي ٿي، جو سندس وزارت وارن ڏينهن ۾ ڪنور ۽ چندر جهڙين شخصيتن کي گهٽ ۾ گهٽ ساريو ته وڃي ٿو.

شديد ٻوڏ وارن گذريل ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، مون پنهنجي ريڊيو پروگرامن ۾ ڀڳت ڪنور رام جو اهو دعائيه ڪلام ڪيئي ڀيرا نشر ڪيو هو، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو...“ هن صوفي منش فنڪار مري به مات ناهي کاڌي، پر هو اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ جهر جهنگ ۾ رهندڙ ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ به ڪنهن شهر يا ڳوٺ مان، ڪنهن نه ڪنهن جي واتان ڀڳت ڪنور رام جي اها سدا گونجندي هوندي ته: ”جيوين جيوين تون ... سدا جيوين تون...“

( 2 نومبر 2010ع)


 

 

 

 

 

ذوالفقار راشدي:

ڪير اسان کي موٽائي ڏي

 

(هي مضمون، ذوالفقار راشدي صاحب کي

دفنائڻ کان فقط ڪجهه ڪلاڪ پوءِ لکيو ويو هو.)

 

 ذوالفقار راشدي وڏو شاعر، منفرد نقاد ۽ دانشور، زميندار، پير، هو دنيا وارن لاءِ ڇا به هو، منهنجو دوست هو، انتهائي ويجهو ۽ بيحد پيارو. حقيقت اها آهي ته زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون کي اهڙي وڇوڙي جو احساس ٿيو آهي، جنهن ۾ تاحيات وري ملڻ جو امڪان ئي نه آهي. وڇوڙي جي دردناڪ لمحن ۾ مون سدائين اهي لفظ ٻڌا هئا ته ”وري ملنداسين“، پر هن ته مون کي ائين به نه چيو، مون پهريون ڀيرو صحيح معنيٰ ۾ وڇوڙي جو درد محسوس ڪيو آهي پر وڇوڙي جو مفهوم مون کي اڃا به سمجهه ۾ نٿو اچي!

27 آگسٽ تي صبح سان منهنجي دوست محمد علي پٺاڻ ننڊ مان اٿاري، مون کي اها ڀيانڪ خبر ٻڌائي ته ذوالفقار راشدي گذاري ويو! ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان ٽريفڪ جي وچ مان تيزي سان موٽر سائيڪل ڊوڙائيندو اسپتال پهتس. ڊيوٽي آفيسر چيو، ”ها، ذوالفقار راشدي گذاري ويو. کيس رات جو هڪ وڳي ڳوٺ کڻي ويا!“ دل چاهيو، ڊيوٽي آفيسر سان وڙهي پوان ۽ کانئس انهيءَ جي ترديد ڪرايان، پر مان هڪ ٿڌو ساهه کڻي اسپتال کان ٻاهر نڪري ويس.

1975ع ۾ پهرين ئي ملاقات ۾ هن مون کي موهي ورتو هو ۽ پوءِ اسان هڪٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. هڪ ٻئي لاءِ اسان جو ڪو راز، راز نه رهيو ۽ ڪو ڏک، ڪو سک، هڪٻئي کان ڌار نه رکيوسين. هن جا هزارين مريد، ڪيترائي هاري، سوين ملڻ وارا ۽ کوڙ دوست هئا، پر ڇا انهن مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هن راشدي صاحب کي رئندي به ڏٺو هجي!؟ مان سمجهان ٿو، سواءِ منهنجي ٻيو اهڙو ڪو شاهد نه هوندو، جنهن جي اڳيان راشدي صاحب رنو به هجي. جڏهن هن جي اندر جا ڏک شدت اختيار ڪري ويندا هئا، تڏهن هو ڳوٺ کان ڪهي مون وٽ هليو ايندو هو ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ٻاهر سندس ماڻهو ڪار ۾ ويٺا انتظار ڪندا هئا ۽ اندر هو مون وٽ روئي پوندو هو، پر ڪجهه ئي دير کان پوءِ هو مرڪي به پوندو هو ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي موڪلائيندو هو.

مون حياتي پئي گذاري، مرڪندي.

عيب ناهي ڪا گهڙي روئي ڏسان.

                                 (ذوالفقار)

مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن هو مون سان هٿ ڏئي مليو هجي. جڏهن به ملندو ته ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هو، موڪلائڻ مهل گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي دفعا ورائي ڀاڪر پائيندو هو، پوءِ ڀل کڻي هڪڙي ڏينهن ۾ چار دفعا ملجي. ملندو ته هر شخص سان هو ڏاڍي قرب سان هو، پر جيڪڏهن ڪوئي ليکڪ، فنڪار يا دوست هوندو ته ان جي عزت مون راشدي صاحب وٽ ڏٺي. هزارين مريدن جي جماعت موجود هجي، راشدي صاحب لاءِ ڪار جو دروازو کولڻ لاءِ ڀل ڏهه ڏهه ماڻهو ڊوڙن، پر دوست لاءِ راشدي صاحب ڪار جو دروازو پاڻ کوليندو. اڳ ۾ دوست، اديب يا فنڪار کي وهاريندو ، پوءِ پاڻ وهندو.

1982ع ۾ جڏهن مون هڪ ادبي اداري جو بنياد وجهڻ ٿي چاهيو، تڏهن انهيءَ جو نالو ”سڳنڌ پبليڪيشن“راشدي صاحب ئي چونڊيو هو ۽ انهيءَ اداري طرفان مون پهريون ڪتاب راشدي صاحب جو شعري مجموعو ”سوچ کي لوڇ“ ڇپرايو هو. ”سوچ کي لوڇ“ جي بروشر ۾ مون لکيو هو، ”اها ڳالهه ته بهرحال مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته راشدي صاحب جي ادبي/ذاتي دوستن مان جيترو ويجهو ساڻس مان رهيو آهيان، اوترو ويجهو شايد ئي ساڻس ڪو رهيو هجي ۽ ساڻس ويجهي رهڻ ڪري ئي، مون کي ڄاڻ آهي ته هن نه فقط پنهنجي محبتن سان محبت ڪئي آهي، پر هن پنهنجي اندر جي تنهائين، دکن، پيڙائن ۽ ويندي جڳ وٽان مليل نفرتن سان به عشق ڪيو آهي.

”سوچ کي لوڇ“ جڏهن ڇپجي تيار ٿيو هو ۽ مون ڪتاب جون ڪاپيون راشدي صاحب کي ڏنيون هيون، تڏهن هن انهن مان هڪ ڪاپي کڻي، انهيءَ تي ڪجهه لکي اها ڪاپي مون کي ڏني هئي. لکيو هئائين، ”پنهنجي دل گهرئي ۽ محبوب زيب سنڌيءَ لاءِ، جيڪو بهرحال منهنجو/ مون کي محبوب ئي آهي.“ جڏهن مان هي سٽون لکي رهيو آهيان. تڏهن دل مڃي ئي نٿي ته، مونکي پيار ڪرڻ وارو، منهنجو بزرگ دوست مون کان وڇڙي ويو آهي! مان هي سٽون لکندي به ور ور ڪنڌ کڻي سامهون رستي تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسي رهيو آهيان. ڄڻ اجهوڪا منهنجي دوست جي گاڏي اچي سامهون بيهندي ۽ هو پري کان ئي مون کي ڏسي، مرڪندو مون ڏانهن هليو ايندو ۽ کليل ٻانهون مون ڏانهن وڌائي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو!

ڪير منهنجو آ هيڏي ميلي ۾

مون کي ڀاڪر ته ڪو وجهي ئي نٿو

                                (ذوالفقار)

هن کي پنهنجو ڪتاب ”ڪسوٽي“ ڏسڻ جي ڏاڍي آس هئي. 1982ع ۾ ئي اهو ڪتاب سهڻي پريس حيدرآباد ۾ ڏنو ويو هو، پر 1986ع جي اڌ تائين اهو ڪتاب گردشن ۾ رهيو. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، جيڪا مان راشدي صاحب تي تفصيل سان لکڻ وقت لکندس.

راشدي صاحب سان منهنجون ايڏيون گهڻيون ڪچهريون ۽ ملاقاتون ٿيل هن، جن جو ڪو انت شمار ئي ڪونهي. هن جا انيڪ خط، عيد ڪارڊ، ٽيليگرام، تصويرون، هن جا ڏنل ڪتاب ۽ هن جون املهه يادون… مان يقين راشدي صاحب تي سوين صفحا لکي سگهان ٿو ۽ ڪڏهن ضرور لکندس. اهو عهد مون هن جي چهري تان ڪفن پري  ڪري، غلاف جو ڪارو ڪپڙو هٽائي، بند اکين سان ستل، منهن تي هلڪي مرڪ ڦهليل، پنهنجي دوست جو آخري ديدار ڪرڻ وقت ئي ڪري ڇڏيو هو.

ها ته ڳالهه پئي ڪيم سندس ڪتاب جي چئن سالن کان وڌيڪ عرصي جي گردشن جي. سالن جي گردشن کان پوءِ ٻه مهينا کن اڳ وڃي سندس ڪتاب بائينڊنگ جي مرحلي ۾ پهتو. ٽائيٽل به ڇپجي ويو. راشدي صاحب کان پڇيم،  ”بئڪ ٽائيٽل تي ڇا ڏيڻو آهي.“

هن چيو، ”هفتي کن ۾ ڪجهه لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ اهو هفتو کن سندس طبعيت مطابق ويو اينگهبو ۽ ٻه مهينا گذري ويا.

گذريل هفتي مليو ته چيومانس، ”ڪجهه لکي ڏيو نه ته مان ائين ئي کڻي ڪتاب پڌرو ڪندس، يا وري پاڻ ئي ڪجهه لکي ڇپي ڇڏيندس.“

چيائين، ”نه ڏينهن ٻن ۾ ئي ڪجهه لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ پوءِ نه اهو ڏينهن آيو ۽ نه وري ملياسين. سوچيان ٿو، شايد ڪسوٽيءَ جو بئڪ ٽائيٽل مون کي ئي لکڻو هو ۽ ان تي هن جي وڇوڙي جو ذڪر ئي اچڻو هو!

هن جي وڇوڙي کان ٽي ڏينهن اڳ، بڙودا کان ليکڪ آنند ٽهلرامائي جو خط مليو هوم، جنهن ۾ آنند لکيو هو، ”اڄڪلهه راشدي صاحب جو ڪوبه جواب نٿو اچي...... کيس گهڻا سلام ڏج ۽ سندس صحت بابت به لکج.“ ٻئي ڏينهن تي وري بمبئي کان ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جو خط آيو هوم. ڊاڪٽر صاحب خط جي پڇاڙي ۾ لکيو هوم.  ”ادي راشديءَ کي سلام ڏج ۽ ميار به ڏجانس ته احوال ئي ڪونه ٿا موڪليو. ڪاوڙ آهي ڇا؟“ انهن خطن کان هڪ ڏينهن اڳ هري موٽواڻيءَ سان لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ٿي هئم، پر انهن ٽن چئن ڏينهن ۾ راشدي صاحب سان ملاقات ئي نه ٿي، جو مان اهي سلام ۽ ميارون هن تائين پهچائي سگهان!  ڇا هاڻي مان روايتي طرح سان انهن دوستن کي لکان، ته اسان جو ذوالفقار، اسان کان سدائين لاءِ اوهان جي سلامن ۽ ميارن پهچڻ کان اڳ ئي ڪاوڙجي ويو آهي! ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي!!

چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،

ڀٽڪي ڀٽڪي بيهي رهندين وري نه ملندئي واٽ.

                                (ذوالفقار)

پر ڇا ڪجي! موت ته زهر جهڙو سچ آهي! ڪالهه صبح سان ئي انهيءَ سانحي جو اطلاع دوستن کي ڏيڻ لاءِ فون اڳيان رکي ويٺس ته ڪجهه اخباري نمائندا آيا ۽ راشدي صاحب جي فن، ذات ۽ موت بابت خبر لاءِ مون کي ئي نوٽس کين لکي ڏيڻا پيا ”سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر، نقاد ۽ درگاهه شاهه جو ڳوٺ جو سجاده نشين محترم ذوالفقار راشدي اڄ 49ع ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. چيو وڃي ٿو ته اڱاري ڏينهن شام جو سندس طبعيت جي اسپتال آندو ويو، جتي هو رات جو هڪ وڳي گذاري ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مٿس ٽيٽنس جو حملو ٿيو.“

ذوالفقار راشدي شاعري کان سواءِ تنقيدي مضمون، علمي مقالا ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون پڻ لکيون. هو ڪجهه عرصو هاري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو ۽ نئين ديري ۾ هاري ڪاميٽي جو پهريون ڪنوينشن ڪوٺايو هئائين. هو مرحوم حيدر بخش جتوئي جي ويجهن دوستن مان هو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ترتيب  هيٺ هائ. مرحوم سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ وسيع مطالعو رکندڙ هو ۽ سندس شمار سنڌي جي اهم شاعرن ۾ ٿيندو هو.“

جڏهن اها خبر اخبارن ۾ لڳي آهي. تڏهن انهي ۾ اهو لکيل آهي ته هن کي شام جو دفنايو ويو! هن کي دفنائي به ڇڏيائون پر هن جي دوستي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ سڄي سنڌ جي ليکڪن مان ڪوبه هن جو ڪانڌي نه هو. سوائي لاڙڪاڻي جي چئن ليکڪن رزاق مهر، مولا بخش ڪلهوڙي، محمد علي پٺاڻ ۽ منهنجي! ۽ اها ڄاڻ مان سمجهان ٿو، منهنجي دوست ذوالفقار کي به يقينن هئي...... تڏهن ئي ته هن لکيو هو:

سوچيان ٿو ته مري جي ويندس، مون لئه روئندو ڪير،

منهنجا پنهنجا اڳي مري ويا، باقي سڀڪو غير!

(1986ع)

 

ممتاز مرزا:

اسٽيج جي ٻئي پاسي لهي ويل سونهري وارن وارو شهزادو

1989ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو هوس، ته ليڪچررشپ جو آرڊر به اچي پهتو. سوچيم، ريڊيو جي نوڪري ڇڏي ليڪچرار ٿيان ۽ وڃي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيان، پر مون حيدرآباد ڇڏڻ نه پئي چاهي، ۽ ليڪچررشپ جي آفر ليٽر ۾ پهرين پوسٽنگ جو هنڌ ڄاڻايل هو سچل ڪاليج نوابشاهه.

ان زماني ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ سڃاڻ هئي ڪونه. پنهنجو پنڌ هيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تائين، جو ريڊيو جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي ٽي وي لاءِ ڊراما لکندو هوس. سو هڪ ڏينهن ليڪچررشپ وارو اهو آفر ليٽر کڻي ڪراچي ٽي وي سينٽر تي، ان وقت جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ صاحب جي آفيس ۾ وڃي مدعا بيان ڪيم ۽ عرض ڪيم ته، ڪنهن کي چئوچوا ڪري، حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو يا وري لاڙڪاڻي ۾، باقي نواب شاهه نه ويندس، جو منهنجون ڪجهه مجبوريون آهن. بلوچ صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي وراڻيو ته، ”ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ته منهنجي واقفيت ڪانهي، باقي مان اسماعيل اڍيجي (ان وقت جي منسٽر) کي فون ڪيان ٿو، جو اهو منهنجو دوست آهي. اڍيجو صاحب توهان جو ڪم ڪرائي ڏيندو، توهان وڃي ساڻس ملو.“

عبدالڪريم بلوچ، اڍيجي صاحب سان فون تي ڳالهائي رهيو هو، جو مون کان اڳ ئي بلوچ صاحب جي ڪمري ۾ ويٺل سائين ممتاز مرزا مون کي ڪن ۾ چيو ته، ”جيڪڏهن ڪم نه ٿيئي ته ڪنهن ٻي پاسي نه رلجانءِ، سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ.“

بلوچ صاحب جي فون کان پوءِ مان ٽي وي اسٽيشن تان نڪري وڃي تغلق هائوس ۾ اڍيجي صاحب جي آفيس پهتس، پر اڍيجي صاحب کي ماڻهن جي ميڙ ۾ ڦاٿل ڏسي، پنهنجي مدعا بيان ڪرڻ کان سواءِ ئي سندس آفيس مان نڪري ويس. ٻاهر رستي تي پهتس ته، ممتاز مرزا جا لفظ ياد پيا، ”ڪم نه ٿيئي ته ڪنهن ٻي پاسي نه رلجان، سڌو مون وٽ هليو اچجان.“ مون به ڪيا پويان پير، ۽ سڌو ٽي وي اسٽيشن تي ممتاز مرزا جي ڪمري ۾ هليو ويس. ممتاز صاحب منهنجو آفر ليٽر پاڻ وٽ رکي، ٻي ڏينهن اچڻ لاءِ چيو. رات جو دير سان ٿڪجي ٽٽي اچي حيدرآباد پهتس، ۽ ٻه چار ڪلاڪ ننڊ ڪري صبح سان وري ڪراچي جو سفر ڇڪيم. صبح جو ڏهين وڳي وڃي ممتاز صاحب جي آفيس ۾ ويٺس. يارهن ٿي ويا، ٻارهن ٿي ويا، هڪ لڳي ويو، پر ممتاز صاحب آفيس ئي نه آيو.

وڌندڙ وقت سان گڏ منهنجي پريشاني به وئي پئي وڌندي. سوچيم، منهنجو ڪم ته نه ٿيو، ممتاز صاحب منهنجو اڄوڪو ڏينهن به کاري ڇڏيو. انتهائي مايوسيءَ واري حالت ۾ ٽيبل تي ٺونٺ رکي، مٿي تي هٿ ڏيو ويٺو هوس، جو اوچتو دروازو کليو. پوئتي نهار ڪيم ته، ممتاز صاحب اندر داخل ٿيو. پگهر ۾ شم، پر مرڪندڙ. پنهنجي سيٽ تي ويهڻ کان اڳ ئي هڪ لفافو منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکندي چيائين، ”وڃ، وڃي حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ جوائن ڪر.“

هو منهنجي ڪم خاطر صبح سان پنهنجي آفيس اچڻ بجاءِ سيڪريٽريٽ هليو ويو هو، ۽ جيسين منهنجو ڪم نه ٿيو، هو اتي ئي ويٺو رهيو هو!

ممتاز مرزا جو مون تي اهو هڪڙوئي احسان نه هيو، هن ته مون تي اڻ ملئي ئي احسان به هيو. مون 1986ع ۾ پنهنجو پهريون ٽي وي ڊرامو لکڻ کان پهرين، ممتاز مرزا جي ڊرامن جو ڪتاب ”آخري رات“ پڙهيو هو. اهو هڪڙو ڪتاب ڇا پڙهيم، ڄڻ ڊرامو پنهنجو پاڻ مون ڏانهن هليو آيو. هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ڊراما لکيم، جيڪي ممتاز مرزا پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اوڪي ڪندو ويو، ۽ محمد بخش سميجو (مرحوم) پروڊيوس ڪندو رهيو.

ممتاز صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات به گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار اسڪرپٽ لکڻ کان پوءِ ئي ٿي. هن پهرين ملاقات ۾ ئي پنهنجي ڪرسي ڇڏي، ٽيبل کان ڦري اچي ڀاڪر وڌو هو. پوءِ ٽي وي تي اڪثر ساڻس ملاقاتون به ٿينديون هيون ۽ ڪچهريون به. ڪچهريون به اهڙيون، جو هن نه ڪڏهن پنهنجي علمي قابليت جو رعب رکيو ۽ نه ئي عمر جو فرق محسوس ٿيڻ ڏنو.

منهنجي هڪ سولو پلي ”سمجهوتو“ ۾ ڪي تبديليون ڪرائڻ لاءِ 1987ع ۾ بيدل مسرور مون کي لاڙڪاڻي کان ڪراچي سڏايو. ان زماني ۾ به مان پي ٽي وي تي ”A“ ڪيٽيگري جي رائيٽر طور اپرووڊ هيس. پي.ٽي.وي تي A ڪيٽيگري جي ليکڪ کي به ان دؤر ۾ پنجويهن منٽن جي ڊراما اسڪرپٽ جا سوا ڇهه سؤ روپيا ملندا هيا. جڏهن ممتاز صاحب کي خبر  پئي ته مون کي اسڪرپٽ ۾ ڪنهن تبديليءَ لاءِ لاڙڪاڻي کان سڏايو ويو آهي، ته افسوس سان چيائين، ”يار! اسڪرپٽ جي معاوضي کان وڌيڪ ته تنهنجو خرچ ٿي ويندو!“

مان جواب ڏيڻ بجاءِ مرڪي چانهن پيئڻ لڳس.

ممتاز صاحب چيو، ”تو شاعري به ته ڪئي آهي نه؟“

وراڻيم، ”ها! ڪي ٻه چار غزل ۽ هڪ اڌ نظم.“

هن پڇيو، ”ڪجهه ياد اٿئي؟“

وراڻيم، ”بس هڪڙو غزل ياد آهي.“

ممتاز صاحب بنا دير جي، ڪنهن اسسٽنٽ کي سڏايو ۽ کيس چيو، ”هاڻي جو هاڻي وڃي ڏسو، ڪنهن ڊرامي جو سيٽ لڳل هجي، تڏهن به زيب جو غزل ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪيو.“ ۽ ان ئي ڏينهن ڪنهن سيٽ تي ويهاري مون کان غزل پڙهايو ويو. ڊرامي جي سوا ڇهه سؤ جي چيڪ کان سواءِ، هڪ هزار کان وڌيڪ جو هڪ ٻيو چيڪ اچي مون کي مليو!

ائين، ٽي وي تي ممتاز صاحب جون مهربانيون ۽ محبتون سدائين مون سان ساڻ رهيون.

ها، ته مون ڳالهه پئي ڪئي ته، ممتاز صاحب ليڪچرر جي حيثيت سان منهنجي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ڪرائي ڏني، جنهن کان جلد ئي پوءِ مان وري اتان بدلي ڪرائي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي هليو ويس، جو پويان لاڙڪاڻي ۾ مان پنهنجو اشاعتي ادارو ”سڳنڌ پبليڪيشنس“ ۽ ڪتاب گهر به ڇڏي آيو هوس، جيڪو منهنجي غيرموجودگيءَ سبب فعال نه رهيو هو. مان لاڙڪاڻي واپس وڃي به جڏهن سڳنڌ پبليڪيشن کي ٻيهر فعال نه ڪري سگهيس، تڏهن مون ڪتاب گهر کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري واپس حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جو سوچيو. اهو 1991ع جو سال هيو. ان وقت ممتاز مرزا ٽي وي جي نوڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل وڃي ٿيو هو. ممتاز صاحب ڊپارٽمينٽ جي طرفان لاڙڪاڻي آيو، ته منهنجي ڪتاب گهر تي هليو آيو. جڏهن کيس ٻڌايم ته، ڪتاب گهر بند ڪري رهيو آهيان ته پڇيائين، ”هي هزارين ڪتاب هتي وڪامي ويندا؟“

وراڻيم، ”ڪجهه ته وڪامي ويندا ۽ باقي ٻورن ۾ بند ڪري ڪٿي رکي ويندس.“

ممتاز صاحب هڪ نظر مختلف شيلفن ۾ رکيل ڪتابن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ چيو ”اسان جا آفيسر ته ڪميشن جي چڪر ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب خريد ڪري ايندا آهن، پر هتي ته تمام سٺا ڪتاب پيا آهن.“ ۽ پوءِ هن ڪتاب گهر کان ٻاهر، سندس انتظار ۾ بيٺل پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر کي سڏي چيو، ”هي سڀ جو سڀ ڪتاب اسان پنهنجي  ڊپارٽمينٽ جي لائبريرين لاءِ خريد ٿا ڪريون. تون ويهي زيب کي ٻڌاءِ ته ڪيترا ڪتاب ڪهڙي لائبريريءَ کي موڪلڻا آهن.“ ۽ پوءِ، سڳنڌ ڪتب گهر جا اهي سمورا ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سڄي سنڌ ۾ پکڙيل لائبريرين ڏانهن موڪليا ويا هئا. انهن سڀني لائبريرين مون کي پئسا به امانت باسلامت ڏياري موڪليا هئا، سواءِ ڪراچيءَ جي هڪ لائبريريءَ جي، جنهن جو انچارج حافظ ارشد انڍڙ هيو.

ممتاز صاحب سان منهنجو تعلق پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر واري ٽيبل کان جڙيو هو، جنهن ٽيبل کان ڦري اچي هن مون کي پهريون ڀاڪر پاتو هو ۽ پوءِ ان تعلق جي وچ ۾ ڪنهن به وڏي عهدي جي ٽيبل رڪاوٽ نه بڻجي سگهي. ان ڪري ته سندس تعلق ۾ سندس محبت به شامل هوندي هئي. اها سندس محبت ئي ته هئي، جو ڀٽ شاهه تي لطيف ڪانفرنس جي ڪمپيئرنگ ڪندي، ڪنهن مقرر کي اسٽيج تي بيهاري، هو خاموشيءَ سان هيٺ لهي ايندو هو ۽ پنڊال جي وچ ۾ اچي مون کي ڀاڪر پائي، ڪو اجرڪ منهنجي ڪلهن تي ڇڏي، پنهنجي سونهري وارن کي سنواريندو، اسٽيج ڏانهن واپس هليو ويندو هو.

۽ اڄ…

جڏهن مان هي لفظ لکي رهيو آهيان

تڏهن لڳي رهيو آهي

ڄڻ سونهري وارن وارو اهو شهزادو

اسٽيج جي ٻئي طرف هليو ويو آهي

جتي به شايد

ڪوئي سندس محبتن جو منتظر آهي......

(2004ع)

 

 

رزاق مهر:

 Back Mirror ۾ نظر ايندڙ دوست

 

 پيارا رزاق!

منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اڄ به فليش بئڪ جيان اهو منظر ڏاڍو واضح آهي، جڏهن توسان پهرين ملاقات ٿي هئي. چٽي طرح ياد اٿم. اها 1975ع جي هڪ شام هئي ۽ لاڙڪاڻي جو شهر. منهنجون فقط ڪي ٻه ڪهاڻيون ڇپيون هيون ۽ تو مون کي ڳولي اچي لڌو هو.

”مان رزاق مهر آهيان!“ تو پنهنجو هٿ مون ڏي وڌايو هو. توسان پهريون دفعو هٿ ملائيندي، تنهنجي هٿ مان گرمجوشي جو احساس منهنجي دل تائين وڃي پهتو هو.

رزاق! توکي ته خبر آهي، ته مان زندگيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ دوست ٺاهي سگهيو آهيان، جن کي بس هڪ هٿ جي آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو، پر تون ته اهو واحد دوست آهين، جيڪو پهريون دفعو هٿ ملائڻ سان ئي دوست ٿي ويو هئين. اها دوستي، جنهن جي اٺاويهن سالن ۾ ڪو هڪڙو ڏينهن به ڪنهن رسامي يا ناراضگيءَ جي نذر ٿيل ناهي.

1975ع ۾ جڏهن تون مون سان مليو هئين ته، تو مون سان پنهنجي سڃاڻپ هڪ شاعر طور ڪرائي هئي. ان زماني ۾ به تون ڏاڍا سٺا شعر چوندو هئين. تنهنجي ان وقت جي هڪ نظم جون سٽون ته اڄ به مون کي ياد آهن، پر شايد، اهو مون سان تنهنجي محبت جو اظهار هو، جو منهنجين ڪهاڻين تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي تو پاڻ به ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪري ڏنيون هيون ۽ اسان ٻئي ادب جي هڪ ئي پيچري جا پانڌيئڙا بڻجي ويا هئاسين. پنڌ ته اسان ٻنهي لاڙڪاڻي شهر جا به ڏاڍا ڪيا هئا. جڏهن اسان ٻنهي جا وجود مايوسين ۾ ويڙهجي ويا هئا، تڏهن هڪٻئي لاءِ سهارو هوندا هئاسين. راتين جو دير تائين شهر جي رستن تي رلندا هئاسين. پنهنجا پنهنجا ڏک لڪائي هڪٻئي کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ۽ پوءِ رستن هلندي روئي پوندا هئاسين ۽ انهي حالت ۾ به هڪ ٻئي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين! رزاق، يار اهي درد جون ڊگهيون راتيون ڪٿي ٿيون وسرن! وسري ته مون کان اها گهڙي به ناهي. جڏهن انتهائي مايوسيءَ کان پوءِ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هوسين ته زندگيءَ جي مايوسين کان انتقام وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين.

توکي به ياد هوندو رزاق، جڏهن اسان جي جدوجهد رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. توکي پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچررشپ جي آفر ملي هئي. ڏاڍو خوش هئين تون، پر جنهن ڏينهن توکي لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص وڃڻو هو، ان ڏينهن محمد علي پٺاڻ اچي مون کي ٻڌايو هو.“ رزاق ميرپور نه پيو وڃي!“

”ڇو؟“ حيرت مان محمد عليءَ کان پڇيو هوم.

”خبرناهي“ محمد عليءَ وراڻيو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته تون واجد جي گهر ويٺو آهين

مان محمد عليءَ کان موڪلائي واجد جي گهر آيو هوس. تو پنهنجي گهر، ٻارن ۽ دوستن کي ڇڏي ميرپور وڃڻ نٿي چاهيو. مان توکي واجد جي گهر کان ٻاهر آڻي، شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ تنهنجي گهر تائين پنڌ هلندي، توکي سمجهائيندو رهيو هوس. توسان وڙهندو رهيو هوس ته ”ڇا سڄي زندگي ڪلارڪي ڪندين؟ جيڪڏهن تون پنهنجي گهر ۾ ٻارن کان پري وڃي رهيو آهين ته، پنهنجي ٻارن جي مستقبل خاطر ئي ۽ جيڪڏهن دليون ڌار ناهن ته دوست به پري ناهن.....“

تو هلندي هلندي منهنجو هٿ پڪڙي ورتو هو. تنهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. چيو هيئي، ”زيب، اڄ تون مون سان گڏ رهجانءِ.“

مان شام تائين توسان گڏ رهيو هوس. شام جو لاڙڪاڻي مان ميرپورخاص وڃڻ واري بس ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ تو مون کي ڀاڪر پائي چمي ڏني هئي ۽ چيو هيئي. ”جيسين بس هلي نه وڃي، تون اتي ئي بيهي رهجانءِ. متان منهنجو ارادو ڪمزور ٿي وڃي ۽ مان بس مان لهي واپس نه هليو وڃان.“

تون بس ۾ وڃي ويٺو هئين ته مان بس جي کڙڪيءَ ٻاهران اچي بيهي رهيو هوس. تون بس جي کڙڪيءَ مان پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي،  منهنجو هٿ پڪڙي مون سان ان وقت تائين ڳالهائيندو رهيو هئين، جيستن بس هلڻ نه شروع ڪيو هو. مان ڪجهه قدم ته تنهنجو هٿ پڪڙي بس سان گڏ هلندو رهيو هوس ۽ بس جي رفتار سان هٿ ڇڏائجي ويا هئا ته وري اهي هٿ هوا ۾ لڏندا رهيا هئا. هڪ ٻئي کي الوداع چوندا رهيا هئا ۽ پوءِ، جڏهن اها بس، اکين کان دور ٿي وئي هئي ته منظر ڌنڌلو ٿي ويو هو، ڇو ته منهنجون پنبڻيون پاڻي سان ڀرجي ويون هيون.

۽ رزاق، منهنجا دوست، قسمت جي ستم ظريفي ته ڏس، اهو ڏينهن، جڏهن توکي اها بس لاڙڪاڻي کان ميرپور خاص کڻي وئي هئي، ان ڏينهن کان پوءِ اسان ٻئي ڪڏهن به وري هڪ شهر ۾ گڏ نه رهي سگهياسين!! ڇهين ٻارهين مهيني ئي ملاقاتون ٿينديون هيون. تون ميرپورخاص ۾ ئي هئين ته مان ريڊيو تي پروڊيوسر ٿي اسلام آباد هليو ويس. اتان منهنجي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿي ته اسان ٻنهي ساڳي سبجيڪٽ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ليڪچررشپ لاءِ هلي انٽرويو ڏنو. ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ به مون کي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ملي ته توکي ڪنهن ٻئي هنڌ. مان لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي آيس ته تون جوهيءَ ۾ هيئن ۽ جيسين تنهنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿئي، مان ٻيهر بدلي ڪرائي حيدرآباد هليو ويس. ائين، وري اسان ڪڏهن به هڪ شهر ۾ گڏ رهي نه سگهياسين!

يار، تون ته هر ملاقات ۾ مون کي لاڙڪاڻي واپس اچڻ لاءِ چوندوس هئين ۽ مان به سدائين توکي چوندو هوس ته، ”رزاق، تنهنجي ڪري واقعي واپس لاڙڪاڻي اچي رهي سگهجي ٿو.“ پر يار، تون پاڻ ئي هليو ويو آهين!

مان سال ۾ ڪو هڪڙو دفعو ئي هڪ ٻن ڏينهن لاءِ لاڙڪاڻي اچي سگهندو آهيان ۽ توکي خبر آهي ته مان اتي پهچڻ شرط توکي فون ڪندو هوس. تنهنجي وصال کان هفتو کن اڳ، رات جي وقت لاڙڪاڻي پهتو هئس ته مون پهريون ڀيرو توکي فون نه ڪئي هئي، جو تنهنجي ماسات ۽ اسان ٻنهي جي دوست نظير ڌوڻ مون کي ٻڌايو هو ته تون ڪراچيءَ آهين.

لاڙڪاڻي ۾ فقط مان اها هڪڙي رات ئي رهيو هوس. رات جو دير سان ٻاهران اچي سمهي رهيو هوس. صبح جو حيدرآباد واپس وڃڻ لاءِ نڪري رهيو هوس ته ڀاڀي ٻڌايو هو ته رات رزاق توهان جو پڇڻ آيو هو! مون کي ته يار خبر ئي نه هئي ته تون ان رات لاڙڪاڻي ۾ هئين ۽ منهنجي اچڻ جي توکي ڪيئن خبر پئي. گهران نڪري گاڏي مراد واهڻ جي رستي ڏانهن ڦيرايم ته منهنجي پٽ جبران پڇيو، ”ڪاڏي ٿا هلو؟“

وراڻيم: ”رزاق ڏي.“

جبران اعتراض ڪيو، ”دير ٿي وئي آهي، رزاق ڏي کڻي نه هلو.“

وراڻيم، ”ائين نٿو سگهي جبران، ته مان لاڙڪاڻي اچان ۽ رزاق سان ملڻ کان سواءِ واپس هليو وڃان.“

جبران ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ مون اچي تنهنجي گهري جو در کڙڪايو هو. تنهنجو پٽ آصف ٻاهر نڪتو. ڏسڻ سان اندر اچڻ لاءِ چيائين، پر کيس چيم، ”تڪڙو آهيان، بس رزاق کي سڏي وٺ.“

توکي ياد هوندو رزاق، تو اچي ڀاڪر وڌو ۽ اندر هلڻ لاءِ چيئي ته وراڻيم، ”هتان قمبر ويندس، اتان فيملي وٺي حيدرآباد وڃڻو آهي ۽ وري اڄ ئي ڪراچي پهچڻو آهي.“

تو منهنجا هٿ پڪڙي ورتا هئا، ”يار پنج منٽ ته ويهه.“

وراڻيو هوم، ”نه يار، وقت ڪونهي، بس، توسان اهو هڪڙو ڀاڪر پائڻ ئي آيو آهيان.“

توکان موڪلائي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺس، تون اتي ئي بيٺو رهئين. تنهنجي گهر جي گهٽيءَ مان آهستي آهستي ڪار ڊرائيو ڪندي Back Mirror ۾ ڏٺم ته تنهنجو عڪس نظر آيو. هٿ لوڏيندي، الوداع چوندي. (۽ اهو منظر منهنجي ذهن جي اسڪرين تي فريز ٿي ويو آهي!) توکي هٿ لوڏي الوداع چئي گاڏي ٻي گهٽي ۾ ٽرن ڪيم.وري به لاشعوري طور Back Mirror ۾ ڏٺم، پر آئيني ۾ تنهنجو عڪس نه هو… پر، تنهنجو عڪس ته، مون کي پنهنجي دل ۾ ٿو نظر اچي… ۽ هي خط به پنهنجي دل جي ايڊريس تي توڏي پوسٽ ڪري ڇڏيندس، پڪ اٿم ته توکي ضرور ملي ويندو.

تنهنجو پنهنجو

زيب

(2002ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org