سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:13

جواني

”جوانيءَ واري ڏينهن۾، مون نثر ۽ نظم ۾ ايترو لکيو، جو انهن مان ڪيترائي ڪتاب جڙي پون ها، پر مون انهن کي ڇپائڻ جو ڏوهه نه ڪيو ۽ نه ڪڏهن اڳتي مون کان اهو جرم ٿيندو!“

انهن خيالن جو اظهار جبران پنهنجي هڪ دوست جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. پر ان جي باوجود جبران جا چاهيندڙ هر اها شيءِ ڇاپي ٿا ڇڏين، جيڪا کين هٿ لڳي ٿي. جبران جي زندگيءَ ۾، جڏهن سندس هڪ گهاٽي دوست اها حرڪت ڪئي، ته جبران انهيءَ تي احتجاج ڪندي چيو، ”مون کي منهنجي ماضيءَ جي ڪارنامن جي يادگيري نه ڏياريو، ڇو ته انهيءَ مان منهنجو رت ٽهڪڻ ٿو لڳي“.

انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته جبران شروعاتي ڏهاڙن ۾ غير اهم يا معمولي مضمون لکيا آهن.

 

هڪ ضروري وضاحت

اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته، جبران جون گهڻيون لکڻيون، جيڪي هن وقت ڪتابي صورت ۾ به موجود آهن، ابتدا ۾ ڪنهن دوست ڏانهن خط يا اخبار لاءِ ڪنهن مضمون جي صورت ۾ لکيون ويون هيون.

جبران جا ڪيترائي ڪتاب ٽڙيل پکڙيل ڇپيل لکڻين مان مرتب ڪيل آهن. انهن مان ڪجھه مجموعا، خاص طور تي عربي زبان جا، اهڙا آهن جن تي ڇپائيءَ جو سال ۽ ٻيو حوالو موجود ئي ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ مستقبل جا سوانح نگار، انهن حالتن جو اندازو ڪيئن ٿا ڪري سگهن، جن ۾ ڪنهن اخبار لاءِ جبران مضمون يا مقالو لکيو هوندو! مثال طور ”باغي روح“ جي عربي ڇاپي تي، ڇپجڻ جو سال 1959ع لکيل آهي، پر ساڳئي ڪتاب جي انگريزي ايڊيشن، جنهن کي هينمين (Heinmann) عربيءَ مان ترجمو ڪرايو هو ۽ پهريون دفعو 1969ع ۾ ڇپيو، انهيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته هي ڪهاڻيون 1908ع ۾ مڪمل ڪيون ويون هيون.

عربي تحرير ۾ ڪنهن قسم جا اشارا يا سمجهاڻيون موجود ناهن. هڪ لبناني سوانح نگار عربيءَ ۾ ڪجهه حاشيا لکيا ۽ پوءِ انهن کي به جبران جي تحرير ڪري پيش ڪيائين! عربيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيندي، اهڙا حاشيا به غلطيءَ سان ٻين زبانن ۾ منتقل ٿي ويا، ڇو ته انگريزيءَ ۾ لکندڙ سوانح نگار ۽ خاص طور تي اهو شخص، جيڪو عربي زبان جي باريڪين ۽ لاهين چاڙهين کان ڀليءَ ڀت واقف نه هوندو آهي، اهو انهن تحريرن کي اهو سمجهي قبول ڪري وٺندو آهي، ته اهي به جبران جون لکيل آهن. اها صورتحال جبران سان بي انصافيءَ برابر ۽ مستقبل جي پڙهندڙ توڙي سوانح نگار لاءِ پريشانيءَ جي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ ڏاڍي احتياط ۽ تحقيق جي ضرورت آهي.

 

جبران جي ٻٽي شخصيت

انسان جي شخصيت جي جوڙجڪ ۾ ماحول ۽ اوسي پاسي جون حالتون اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. جڏهن خليل جبران پيدا ٿيو ته وچ اوڀر جي سياسي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ اقتصادي حالت ته اڃا به وڌيڪ خراب هئي. ترڪي سالن کان جنگين ۾ وڪوڙيل هو ۽ لڳ ڀڳ هر محاذ تي کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ان ڪري سلطنت جون سرحدون ويون ٿي سُسنديون ۽ سوڙهيون ٿينديون ۽ ٻئي طرف ترڪيءَ ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر ويو ٿي وڌندو. سلطنت جي سمورن حصن ۾ اقليتن سان سخت ۽ اڻ سونهائيندڙ سلوڪ پئي ڪيو ويو. 1860ع جي ٺاهه هيٺ، جيڪو يورپي قومن جي دٻاوَ هيٺ عمل ۾ آيو هو؛ لبنان کي مقامي معاملن ۾ آزادي ۽ خودمختياري حاصل هئي. ان ڪري لبنان جا رهاڪو لازمي فوجي خدمت کان آجا هئا، پر تنهن هوندي به ڪيترائي خاندان شهري علائقن کان هجرت ڪري پهاڙن ڏانهن هليا ويا هئا. کين ڊپ هو ته متان ڪنهن وقت فوجي خدمت لاءِ زوريءَ نه گهليو وڃي. انهيءَ گهُٽَ جو نتيجو اهو نڪتو جو عرب دنيا ۾، ترڪ حڪمرانن خلاف نفرت ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي ۽ سندن اقتدار مان جند ڇڏائڻ لاءِ هنڌ هنڌ ڳجهيون سرگرميون شروع ٿي ويون ۽ تنظيمون جڙي ويون. ترڪ حاڪمن کي ڪنهن تي پَتِ نه هئي. تنهن ڪري انهن ڏاڍي هوشياريءَ ۽ ترتيب سان غير ترڪ ماڻهن کي اهم سرڪاري عهدن تان هٽائي، انهن جي جاءِ تي ترڪ شهرين کي مقرر ڪيو. ڳجهيءَ ريت ڪم ڪندڙ تنظيمن پئرس ۾ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾، پنهنجا عيوضي موڪلڻ کان به نه ڪيٻايو. انهيءَ ڪانفرنس ۾، آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي شامي ۽ لبناني به شريڪ ٿيا ۽ سڌارن جو مطالبو ڪيائون. انهن مان ڪيترن اڳواڻن کي وطن واپس ورڻ تي پنهنجي سِرَ تان هَٿُ کڻڻو پيو. کين چؤواٽن تي عوام اڳيان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، جيئن ٻيا سندن انجام ڏسي عبرت حاصل ڪن.

جبران انهيءَ وقت نوجوان هو ۽ ڦاهيءَ جي تختي کان دور آمريڪا ۾ رهيل هو. هن پنهنجي وطن واسين کي بغاوت لاءِ اڀاريو. هن عربي زبان ۾ لاتعداد مضمون لکيا، جن ۾ ڏاڍي جوشيلي انداز سان وطن واسين سان مخاطب ٿيو. اهي مضمون انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا ته مناسب تشريح موجود نه هئڻ سبب، غلطيءَ سان اهو سمجهيو ويو ته جبران پنهنجي نئين وطن آمريڪا جي ماڻهن کي بغاوت جو درس پيو ڏئي. انهيءَ نموني جبران جي ٻٽي شخصيت اسان جي سامهون ٿي اچي، ته هڪ طرف عربيءَ ۾ هو هٿيار کڻي ميدان ۾ لهڻ جو سبق ٿو ڏئي ته ٻئي پاسي انگريزيءَ ۾ صبر، تحمل ۽ امن جو پرچار ڪندي ٿو نظر اچي.

… ۽ پوءِ اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪيءَ، جرمنيءَ جي ساٿاري ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن ملڪن جي فوجن رومي سمنڊ جي اوڀر واري ساحل تي قبضو ڪري ورتو. اهو قدم اتحادي فوجن کي اتي روڪڻ لاءِ کنيو ويو هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ ٻيو اهم مقصد به هو ته، ترڪيءَ ۽ جرمنيءَ کي ضرورت جو سامان پهچائڻ واري ريلوي لائن جي مڪمل ناڪابنديءَ کي روڪيو وڃي.

لبنان، جنهن وڏي عرصي کان خودمختياريءَ جو مطالبو پئي ڪيو، سو پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. کيس آزادي ڏني وئي پر ڪيترن مامرن ۾ هو پاڻ ڀرو نه هو - ۽ هاڻ جڏهن سرحدن جي ناڪابندي ٿي وئي ته، لبنان کي کاڌ خوراڪ جو سامان ٻاهران گهرائڻ جي اجازت نه ملي. انهن ئي ڏينهن ۾ ماڪڙ، خدائي قهر بڻجي اچي نازل ٿي ۽ ٻن سالن اندر ماڪڙ بڙن ۽ صنوبرن سان گڏوگڏ گاهه ۽ ڪک پن کي به ناس ڪري ڇڏيو. اَنَ جي سخت کوٽ پيدا ٿي پئي. ڏُڪر سبب ماڻهو بک مرڻ لڳا ۽ گهرن، رستن ۽ چؤواٽن تي لاشن جا ڍير نظر اچڻ لڳا. خوش قسمتيءَ سان جنگ بند ڪرڻ جو فيصلو وقت سر ٿي ويو، نه ته جيڪڏهن اها ويڙهه اڇا وقت وٺي ها ته، لبنان جي رهواسين مان شايد ئي ڪو ڀاڳ وارو پنهنجا ڏک ڏولاوا ٻڌائڻ لاءِ حيات هجي ها.

جبران انهيءَ لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحي کان متاثر ٿي، پنهنجي احساسن جو اظهار هڪ عربي مضمون ۾ ڪيو، جنهن جو عنوان هو، ”منهنجا وطن واسي مري ويا-“ انهيءَ مضمون ۾ خليل جبران لبنان جي سياستدانن تي سخت حملا ڪيا ۽ سندن بزدليءَ ۽ مصلحت پسنديءَ تي لعنت ملامت ڪئي. ٻئي پاسي جبران کي لبنان جي نئين ٽهي، خاص طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ لبناني ۽ شامي نسل جي ماڻهن ۾ وڏو آسرو هو، جن لاءِ لکيل سندس پيغام ”مون کي توهان تي ڀروسو آهي“ جبران جي اڪثر وطن واسين جي گهرن ۾، خوبصورت فريمن ۾ مڙهيل نطر اچي ٿو.

 

جبران جي مصوري ۽ شاعري

اسلام ۾ تصوير ٺاهڻ ۽ بت جوڙڻ جي جهلَ آهي. مسلمان فاتحن جا قدم جن جن يورپي ملڪن تائين پهتا، اتي انهن شين جي نندا ڪئي وئي. تنهن ڪري تعمير جي فن ۾ قدرتي منظرن جي تصوير ڪشيءَ جي هڪ نئين اسلوب جنم ورتو.

جوانيءَ ۾ جبران ڪنهن خاص فنڪار يا فن جي ڪنهن مخصوص فڪري لاڙي کان متاثر نه هو. عرب فلسفين جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي، هُن سندن فڪر ۽ نظرين جي روشنيءَ ۾ انهن جون خيالي تصويرون ٺاهيون. ان وقت جبران جي ڄمار فقط سترهن ورهيه هئي.

عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کان پوءِ جبران مصور جي حيثيت ۾، بوسٽن جي هڪ اسٽوڊيو ۾ پنهنجي تصويرن جي نمائش ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان باهه ڀڙڪي پئي ۽ عمارت سان گڏ سندس سموريون تصويرون به سڙي رک ٿي ويون. اهو واقعو نوجوان چترڪار لاءِ شديد ۽ درد ڀرئي سانحي کان گهٽ نه هو، ڇو ته تصويرن جي وڪري مان ئي سندس گذر سفر ٿيندو هو. هڪ مدت کان پوءِ هن انهيءَ حادثي جو ذڪر ڪندي چيو، ”چڱو ٿيو جو منهنجون سموريون تصويرون سڙي رکي ٿي ويون، ڇو ته جڏهن مون اهي تصويرون ٺاهيون هيون، تڏهن منهنجي نظرن ۾ گهرائي نه هئي ۽ نه منهنجي فن ۾ پختگي ۽ وسعت آئي هئي“. جبران جون تصويرون ۽ خاڪا اڄڪلهه وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

ابتدائي دؤر ۾ جبران جيترا به ڪتاب ۽ مضمون لکيا، يا شاعري ڪئي، اهو سڀ عربي زبان ۾ آهي. هن نه فقط لکڻ جي انداز ۾ هڪ نئين اسلوب جو بنياد وڌو، جنهن تي اولهائين فڪر جي ڇاپ آهي، پر پنهنجي ملڪ جي نئين ٽهيءَ جي ذهنن ۾ به انقلاب آندو، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود کيس مناسب آمدني نه ٿي ته هن مصوريءَ جي دنيا ۾ پنهنجو ڌيان مشهور ۽ امير ماڻهن جون تصويرون ٺاهڻ تي ڏنو. سندس ڪتابن لاءِ تصويرون بنيادي طور تي ڪاري رنگ جي اگهاڙن خاڪن ۽ پاڇن تي ٻڌل آهن. انهن جي حرڪتن ۽ تناسب سان پڌري پٽ خبر پوي ٿي، ته اها ڄاڻ کان اڻ ڄاڻائيءَ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ محبت، ڏک ۽ زندگيءَ جي تصوير انسان ۽ خدا جي گڏيل رشتي ۽ حوالي سان ڪڍي وئي آهي. هن پنهنجي تصويرن ۾ ڪوبه ڪپڙو استعمال ناهي ڪيو ۽ نه ڪو وڻ ٽڻ، عمارت، گرجا يا مذهبي علامت ڪم آندي آهي، جنهن سان ڪنهن مذهبي گروهه جو تعلق ظاهر ٿيندو هجي. جو ڪجھه نظر اچي ٿو، اهو پاڻ جبران آهي ۽ سندس خدا تعاليٰ جي ڪاريگريءَ سان پنهنجو ڳانڍاپو ۽ رشتو آهي.

پنهنجي دور جا ناليرا فنڪار گهڻو ڪري ڪليسا جي مالي مدد جا محتاج هئا. اهو ئي سبب آهي ته سندن تخليقن ۾ به انهيءَ خيال جي جهلڪ پڌري آهي. انهيءَ جي ابتڙ جبران کي نه ته ڪنهن چرچ جي پٺ ڀرائي حاصل هئي ۽ نه هو ننڍپڻ ۾ ڪنهن خاص فنڪار کان متاٿر هو، تنهن ڪري هن پوري آزاديءَ سان پنهنجي مخصوص اسٽائيل کي زور وٺرايو.

جبران پنهنجي عربي شاعريءَ جو گهڻو تڻو حصو عمر جي ابتدائي حصي ۾ لکيو. عرب شاعر ڳولي ڳولي اهڙ اڏکيا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جن جي معنيٰ ڊڪشنري ڏسڻ سان به سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پر جبران نهايت سادي ۽ عام سمجهه واري ٻولي استعمال ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت عربي شاعريءَ جي روايت کي هڪ نئون اسلوب ڏنو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ جبران پنهنجي انگريزي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙ لاءِ لکيو. تڏهن به هن جنهن زبان ۾ به شاعري ڪئي، سندس فلسفو ۽ نقطه نظر اهو ئي رهيو، جنهن جو پرچارڪ هو پنهنجي نثر ۾ هو. هن مختصر اقتباس مان سندس فلسفي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ملي ٿي:

”ڇوليون سمنڊ ڏانهن واپس وريون ته مون واريءَ تي هڪڙي سٽ لکي ۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ جو ڪجھه هيو، اهو سڀ ڪجھه ان ۾ لکي ڇڏيم. جڏهن وير سبب پاڻي ساحل تي چڙهي آيو ته مان پنهنجي تحرير پڙهڻ ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واپس آيس، پر سمنڊ ڪناري مون کي پنهنجي جاهليت ۽ اڻڄاڻائيءَ کان سواءِ ڪجھه به نه مليو“.

عربيءَ مان ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ چڱو ڏکيو ۽ وقت وٺند ڙڪم آهي. عربي زبان تي عبور رکندڙ هڪ نقاد جو چوڻ آهي ته عربي ڏاڍي فصيح، بليغ ۽ زوردار زبان آهي ۽ انهيءَ ۾ مختلف مطلب رکندڙ هڪ جهڙن لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. انهيءَ زبان جو لطيف لهجو، گرمجوشيءَ ۾ مترنم آهنگ سان گڏجي، دل تي سڌو سنئون اثر ٿوڪري. ترجمي ۾ جتيوڻيڪ اصل زبان جي قوت، اثر ۽ ترنم جو هڪ حصو زائل ٿي ويندو آهي، پر پوءِ به، ترجمي ۾ جبران جي بنيادي فلاسافي منتقل ٿي ويندي آهي، جيڪا سندس پوءِ جي ڪتاب ”پيغمبر“ ۾ پوريءَ شدت سان موجود آهي.

جارج خيرالله، جنهن جبران جي گهڻن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي، انهيءَ ڪتاب بابت چوي ٿو، ”اها تحرير جبران جي پنهنجي لاشعوري آتم ڪٿا آهي. جبران، جنهن پنهنجي دور کان گهڻو اڳ جنم ورتو. جبران، جيڪو باغي آهي ۽ سڀني شين جي آفاقيت، اتحاد ۽ شخصي آزاديءَ تي ايمان رکي ٿو“.

 

جبران جي فلاسافي

مشهور آمريڪي فلاسافر وليم جيمز هڪ دفعي فلاسافر جي تعريف ڪندي چيو هو، ”فلاسافر جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن جيان عام شخص هوندو آهي، پر هو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستقل مزاجيءَ ۽ گهرائي تائين سوچيندو آهي ۽ فلسفو غير معمولي ضد ۽ مستقل مزاجيءَ سان واضح مضبوط فڪر جو ٻيو نالو آهي“.

لفظ فلاسافي يوناني زبان مان ورتل آهي ۽ انهيءَ جو مطلب آهي علم ۽ فڪر جي محبت. اهو زندگيءَ جي حقيقت ۽ واقعن کي ذهني ۽ جسماني دنيا ۾ ڏسڻ جي عمل ۽ انهن جي سببن جو ذهانت سان تجزيو ڪرڻ جو نالو آهي. اسان جيئن ته اهڙي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جيڪا نهايت منجهيل ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ ورتل آهي، تنهن ڪري اسان مان تمام ٿورا ماڻهو انهن اثرن کي ڏسي سگهندا آهن، جيڪي عظيم فلسفين جي مقرر ڪيل اصولن سبب اسان جي زندگيءَ، اسان جي گڏيل لاڳاپن ۽ رائج عقيدن تي مرتب ٿيندا آهن. مثال طور بک اڄ جي انسان لاءِ، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پريشانيءَ وارو عمل آهي. اڄ جو انسان غذا جي لاءِ پنهنجي خواهش کي، نه فقط پنهنجي بک ۽ کاڌ خوراڪ جي جنسن تائين پهچ جي پيماني سان ماپي ٿو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ غذائي جنسن جي حاصلات لاءِ روڪ ادائگي جي قوت ۽ پنهنجي مخصوص ذوق کي به سامهون رکي ٿو. اهو عمل يقينن سوين سالن جي آئينِي، مذهبي ۽ سياسي تربيت جو نتيجو آهي. ساڳيءَ ريت سائنسي ترقي به هڪ اٽل حقيقت آهي. اڄ جيڪڏهن ڪوئي سائنس، علم ۽ حڪمت جي مدد سان، قديم زماني جي ستن وڏن عجوبن مان ڪنهن هڪ کي ننڍڙو ڪري ڇڏڻ جي دعويٰ ڪري ته، اسان کي انهيءَ تي ڪا خاص حيرت يا عجب نٿو لڳي.

جبران فلسفي بابت ڪوبه ڪتاب ناهي لکيو، پر جڏهن هن پنهنجي عظيم ڪتاب ”پيغمبر“ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت بحث آهي، ته هن بقول سقراط: پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ عورت کي ڏسي پڪاريو، ”او بزرگ ۽ برتر خدا جا نيڪ بندا! زندگيءَ ۽ موت جا جيڪي اسرار تون ڄاڻين ٿو، انهن کي اسان تي پڌرو ڪر!“ ۽ پوءِ خليل جبران اهو لکيو ته مون کي انسان جي ٺاهيل قانون کان نفرت آهي ۽ اهي روايتون مون کي نٿيون وڻن، جيڪي وڏڙن مون لاءِ ورثي ۾ ڇڏيون آهن، ته حقيقت ۾ هو مذهبي مفڪرن خاص طور تي سينٽ آگسٽائن جي انهيءَ قول کي سچ ثابت ڪري رهيو هو، ته ڪوئي شخص انهيءَ وقت تائين شڪ شبهي ۾ مبتلا نٿو ٿئي، جيسين سندس ذهن زنده نه هجي، ۽ انهيءَ ۾ اهو سوچڻ جي صلاحيت نه هجي ته هن دنيا ۾ حقيقت ۽ صداقت به ڪا شيءِ آهي.

انسان اڃا لکڻ پڙهڻ به نه سکيو هو، ته هن ڌرتيءَ تي پنهنجي موجودگيءَ ۽ تخليق بابت سوچ ويچار شروع ڪري ڏنو ته هو ڪٿان آيو آهي؟ ڪيڏانهن ويندو؟ ۽ ڇو؟ ۽ پوءِ جڏهن هن ۾ لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ته هن ايندڙ نسلن لاءِ زندگيءَ ۽ موت بابت پنهنجا خيال ۽ احساس تحرير ڪيا. جديد دور جي مفڪرن لاءِ اها تحرير ئي فلسفو آهي.

هتي فلسفي جي وسيع موضوع جو تفصيلي جائزو ممڪن ناهي، تنهن ڪري مختصر طور تي جبران جي ذهن ۽ دماغ تي اثر ڇڏيندڙ احساسن، جذبن ۽ عقيدن جو ذڪر ڪيون ٿا. هن جي گهڻين لکڻين ۾، قديم انسان جي ذهن ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت اٿندڙ سوالن جا پاڇا ملن ٿا. هو خدا جي هستيءَ جي وجود جو قائل ضرور آهي، پر سندس ذات جي جيڪا تعريف هن ڪئي، انهيءَ تي ڏاڍي وٺ ٿي!

لبنان ۽ وچ اوڀر ۾ خليل جبران جي اباڻن خدا تعاليٰ کي هڪ مهربان ۽ شفيق پيءُ سمجهيو، ۽ پٿر جي ڇپن کي ٽُڪي هنن جيڪي سندس مورتيون جوڙيون، اهي سڀ هڪ پوڙهي شخص جون هيون، جنهن جي چهري تي ڊگهي ڏاڙهي هئي. اهو تصور يهوديت ۽ عيسائيت ۾ به موجود هو. ڪجھه مفڪرن انهيءَ کان هٽي ڪري خدا جي ڪا واضع ۽ نمايان تعريف ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. يارهين صدي عيسويءَ جي هڪ عرب فلسفيءَ لکيو ته هڪ عام ماڻهو اهو ئي چوندو ته خدا جنت ۾ آهي، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص، جيڪو تربيت ورتل فڪر ۽ ذهن رکي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته خدا ڪنهن جسماني وجود جو محتاج ناهي. هو چوندو، خدا فقط جنت ۾ ئي نه، ڌرتيءَ جي به هر حصي تي موجود آهي.

جبران لبنان ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هن لازمي طور تي مروج نظرين جو اثر قبول ڪيو هوندو. پنهنجي ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته: ماڻهن جي هڪ گروهه مان ڪنهن پڇيو، ”آقا! اوسي پاسي مان خدا متعلق ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. توهان جو خدا بابت ڪهڙو خيال آهي؟“ ۽ انهيءَ جو جواب هو، ”سوچيو عزيزو! هڪ اهڙي دل متعلق تصور ڪيو، جيڪا توهان سڀني جي دلين تي محيط آهي. هڪ اهڙو روح، اهڙو جذبو، جيڪو توهان جي سڀني جذبن تي حاوي آهي. هڪ اهڙو آواز، جنهن ۾ توهان سڀني جي آوازن جو پڙاڏو ٻڌجي ۽ هڪ اهڙي خاموشي، جنهن تي توهان جون سڀ خاموشيون قربان هجن ۽ جيڪا اٿاهه گهرائين سان گڏوگڏ وقت جي قيد کان آزاد هجي. تلاش ڪيو اهڙو حسن، جنهن جي سامهون جڳ جهان جي سونهن سوڀيا تڇ هجي. اهڙو گيت، جيڪو سڀني سمنڊن جي گيتن کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ جهنگن جي خاموشيءَ کان وڌيڪ شانائتو هجي. خدا جي ذات جنهن کي اسين گهڻو نٿا ڄاڻون، تنهن بابت گهٽ گفتگو ڪرڻ مناسب آهي؛ پر ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي بابت اسين جيتري گفتگو ڪيون، اهاوڌيڪ بهتر آهي. ڇو ته اسين هڪ ٻئي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. پوءِ به مان توهان کي ٻڌايان، ته اسين خدا جي سرهاڻ آهيون. اسين آهيون پتن ۾، گلن ۾ ۽  سدا بهار ثمرن ۾“.

روح متعلق جبران جو نظريو ۽ فڪر وڌيڪ واضع ناهي. مختلف سوانح نگارن مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته جبران جوڻ مٽائڻ واري نظريي جو قائل هو. جيڪڏهن اسان کي جبران جي فلسفي کي صحيح طرح سمجهڻو آهي ته اسان کي سندس جيون ڪٿائون لکڻ وارن جي ڳالهين کي نظرانداز ڪري، جيڪي ڪجھه جبران پاڻ لکيو آهي، انهيءَ کي ڌيان سان پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو، ۽ انهيءَ کي پرکڻو پوندو. جبران بو علي سينا، الفريد ۽ غزاليءَ جهڙن عظيم فلاسافرن بابت عربي ۾ ڪيترائي مضمون لکيا آهن ۽ انهن مان بو علي سينا بابت هن لکيو آهي ته منهنجن ۽ سندس خيالن ۽ ذڪرن ۾ گهڻي حد تائين هڪجهڙائي آهي.

بو علي سينا، الفريد ۽ امام غزاليءَ بابت خليل جبران جي مضمونن مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته، سندس دل ۾ انهن عظيم فلسفين لاءِ ڪيڏي عزت ۽ احترام هو. جبران قديم عرب مفڪرن جي انهيءَ نظريي جو قائل هو ته هيءَ ڪائنات ۽ سمورا مادي جسم خدائي وجود جا شاهد آهن. تڏهن ته هن چيو هو، ”اسان الله جي سرهاڻ آهيون“. جبران خدا ۽ روح جي وجود ۽ موجودگيءَ جو قائل آهي، پر کيس مري ٻيهر جيئڻ تي اعتراض آهي. جيڪي ماڻهو انهيءَ عقيدي جا پوئلڳ آهن، اُهي انهيءَ ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته موت کان پوءِ انسان جو روح ڪنهن ادنيٰ جانور يا ڪمتر ۽ نيچ درجي جي ماڻهوءَ جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اهو چڪر تيسين جاري رهي ٿو، جيسين اهو روح پاڪ پوتر نٿو ٿي وڃي ۽ کيس نجات نٿي ملي.

جبران روح جي پاڪيزگيءَ ۽ صفائيءَ جي انهيءَ عمل جو قائل نه هو. سندس عقيدو هو ته روح واپس ايندو آهي، پر ان ڪري ته انسان مرڻ وقت جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، هو انهيءَ کي اچي مڪمل ڪري.

هڪ عربي نظم ”بعلبڪ جو شاعر“ ۾ جبران جوڻ مٽائڻ واري مسئلي بابت چوي ٿو ته روح جو نئون جنم ڪنهن گهٽ ذات واري انسان يا جانور جي صورت ۾ نٿو ٿئي، پر مرڻ واري جو روح پنهنجي برابري واري ڪنهن شخص جي جسم ۾ موٽي اچي ٿو. هن لکيو آهي، ”۽ شهزادي پڇيو، ’او ڏاها ماڻهو! مون کي ٻڌاءِ ته خدا مون کي ٻيهر هن دنيا ۾ شهزادي جي روپ ۾ ئي موڪليندو، ۽ ڇا مئل شاعر وري ڪنهن شاعر جي روپ ۾ ئي جنم وٺندو؟ يا منهنجو روح وري ڪنهن عظيم بادشاهه جي پٽ ۾ ئي واپس ايندو ۽ شاعر جو روح ڪنهن عظيم شاعر جي جسم ۾ ئي داخل ٿيندو؟ ڇا زندگيءَ جا مقدس قانون کيس ابديت جي ڪناري لڳڻ ۽ زندگيءَ جي باري ۾ چَپَ چورڻ جي اجازت ڏيندا؟ ڇا مان انهيءَ تي اڳ جيان سوکڙين جي ورکا ڪري سگهندس؟‘ ۽ ڏاهي شخص شهزادي کي جواب ڏنو، ’روح جنهن شيءِ جي خواهش رکندو آهي، اها کيس ضرور حاصل ٿيندي آهي. مقدس قانون، جيڪي سرديءَ جي گذرڻ کان پوءِ بهار کي وٺي ايندا آهن، لازمي طور تي شهزادي کي شهزادي جو ۽ شاعر کي شاعر جو ئي روپ عطا ڪندا“.

جبران پنهنجي ڪتاب ”پيغمبر“ ۾ لکيو، ”الوداع … اي آرفليس جا رهواسيو! الوداع! اڄوڪو ڏينهن پورو ٿيو، پر نه وساريو، ته منهنجون اڻ پوريون خواهشون ٻئي جسم ۾ جنم وٺي جلد ئي توهان وٽ واپس اينديون. فقط ٿوري دير. هوائن جي مٿان آرام ۽ سڪون جو هڪ مختصر پل وچ ۾ آهي. ان کان پوءِ ڪا ٻي عورت مون کي جنم ڏيندي“.

هڪ ٻئي ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ جي آخري صفحي تي جبران لکيو آهي، ”او ڪوهيڙا! هاڻي منهنجو ۽ تنهنجو ساٿ آهي، منهنجي ڌار ڪائي ذات ناهي. ديوارون ڊهي چڪيون آهن ۽ زنجيرون ٽٽي چڪيون آهن. مان فضائن ۾ بلند ٿي، هاڻي تو جهڙو ٿي چڪو آهيان. هاڻي اسان ٻئي گڏجي سمنڊن جي مٿان ترندا وتنداسين. ايستائين جو ٻئي ڏينهن جي شروعات ٿيندي ۽ صبح جا نرم ۽ نازڪ هٿ توکي ڪنهن باغ ۾، موتين جهڙي شفاف ماڪ ڦڙن جي روپ ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي هنج ۾ وجهي ڇڏيندا ۽ مان – مان هڪ ننڍڙي ٻار جي شڪل ۾ ڪنهن عورت جي ڇاتين مٿان خوشيءَ مان ٻهڪي رهيو هوندس“.

اڙهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي مادهه پرستيءَ جي جڪڙ چڱي سگهاري هئي. مذهبي ۽ اخلاقي قدرن کان وڌيڪ معاشري ۾ مالي ۽ معاشي فائدي تي زور ڏنو ٿي ويو. انفرادي ۽ قومي سطح تي حق ۽ انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ بدران جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو اصول رائج هو. ڪيترن مفڪرن ”ذات“ کي سڀني علمن ۽ سرگرمين جو محور ڪوٺيو.

جبران اهو آواز ضرور اٿاريو ۽ مطالبو ڪيو ته وچ اوڀر جي ماڻهن کي ترڪ اقتدار خلاف بغاوت ڪرڻ کپي، پر هن خدا جي ذات جي موجودگيءَ کان زندگيءَ ۾ ڪنهن به مرحلي تي انڪار نه ڪيو.

اسان ڄاڻون ٿا ته جبران جو خدا جي ذات تي ڀروسو هو ۽ هن روح کي لافاني ٿي سمجهيو، پر ڇا سندس انهيءَ ڳالهه تي به ايمان هو ته انسان ۽ انهيءَ جي روح کي رهنمائيءَ جي به ضرورت آهي – ۽ جيڪڏهن انهيءَ جو جواب هائوڪار ۾ آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڙي ۽ ڪهڙي قسم جي رهنمائي؟

جبران جي فڪر، نظرين ۽ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ، ذهنن ۾ جيڪي شڪ شبها پيدا ٿين ٿا ۽ مختلف سوال پيدا ٿين ٿا، انهن جي مناسب جوابن لاءِ جبران جي اوسي پاسي جي ماحول ۽ روايتن جي پس منظر کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ بيحد ضروري آهي. جبران هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءَ جي هنج ۾ اک پٽي. ڏاڏهنس ’آرامي‘ ۽ ’سرياني‘ زبان ۾ نالو رکڻ جي مذهبي رسم ادا ڪئي. هيءَ اُها زبان آهي جيڪا حضرت يسوع مسيح ڳالهائيندو هو. ماروني رسمون چرچ آف اينٽيوچ (Church of Antioch) وسيلي سڌو سنئون لبنان ۾ پکڙيون. اهي رومن ڪيٿولڪ ئي آهن، فرق فقط ايترو آهي ته انهيءَ فرقي پنهنجي قديم زبان ۽ رسمن کي هيل تائين ڇڏيو ناهي ۽ نه ئي روم سان پنهنجو لاڳاپو ختم ڪيو آهي. ماروني پادري اڪثر ڪري شادي ڪيل هوندا آهن، ڇو ته هنن وٽ شادي ٿيل شخص جي پادري ٿيڻ تي ڪابه پابندي ناهي، پر پادري ٿيڻ ۽ قسم کڻڻ واري رسم کان پوءِ ڪنهن کي شادي ڪرڻ جي اجازت ناهي.

خليل جبران کي پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن جو انتظام چرچ جي هٿن ۾ هو. يارهن سالن جي عمر ۾ هن سمورا مذهبي گيت ۽ مناجاتون ياد ڪري ورتيون. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ هو دارالحڪمت پهتو. هي ڪليسا جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ هڪ ڪاليج هو. هتي جبران پنج سال گذاريا. دارالحڪمت ۾ کيس فادر جوزف حداد جي نگراني ۽ رهنمائي حاصل هئي. فادر جوزف اهو شخص آهي، جنهن بابت جبران اقرار ڪيو آهي ته هي دنيا جو واحد شخص آهي، جنهن کان مون زندگيءَ ۾ ڪجھه حاصل ڪيو آهي.

جبران جوانيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ ”پيغمبر“ لکيو ۽ ان کان پوءِ ”يسوع مسيح انسان جو پٽ“. هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته جبران بائيبل جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اولهه توڙي اوڀر جي مفڪرن جي نظرين تي به سندس سٺي نظر آهي. ڇو ته جبران فقط عرب مفڪرن جو ئي ذڪر ناهي ڪيو، پر هن سينٽ آگسٽائن جهڙي شخصيت بابت به رايا ڏنا آهن، جنهن کي اولهه ۾ لاطيني ديني علم جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. آگسٽائن جو تعلق بنيادي طور تي لبنان سان هو ۽ هو انسان جي ابتدائي گناهه بابت سينٽ پال جي اعتقادن سان متفق هو. پر برائيءَ جي تعريف هن اها ڪئي ته، برائي اهو فعل آهي، جيڪو ڏوهه انسان ڄاڻي واڻي ڪري. هن لکيو، انسان فقط ڌڻيءَ جي مرضيءَ ۽ مدد سان ئي گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ پاڪائيءَ سان رهي سگهي ٿو.

جبران جي ڪتابن تي هڪ اڇاتري نظر وجهڻ سان ئي پڙهندڙ کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته، هو نه فقط آڳاٽن لبناني عالمن جي ڪم کان واقف هو، پر عيسائيت ۽ اسلام، ٻنهي مذهبن جو پڻ هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. علم جي پياس کيس ٻڌمت، يهوديت، ڪنفيوشيس، والٽير، روسو، نٽشي، جيفرسن ۽ ايمرسن وغيره جي حقيقي ماخذن تائين وٺي وئي، تڏهن جبران کي محسوس ٿيو ته اسان کي پنهنجا مذهب ٻڌيءَ ۽ رهنمائي جو درس ڏين ٿا. پهريون ڪم مذهبي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن جي ادائيگيءَ جي شڪل ۾ پورو ٿئي ٿو ۽ ٻيو اخلاقي عمل ۽ روين جي اظهار لاءِ مقرر ڪيل اخلاقي ضابطن ۽ اصولن جي روشنيءَ ۾ پورو ٿئي ٿو. مذهبن ۾ چڱو فرق ۽ تبديلي آئي آهي، پر اولهائين ڪليسا جو جوڙيل اخلاقي ضابطو اڄ به ساڳيو آهي، جنهن جي جوڙجڪ رومي سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي آباد، خليل جبران جي وڏن هٿان ٿي هئي ۽ انهيءَ مان اڄ صبر، انصاف، محبت ۽ قربانيءَ جو سبق ملي ٿو.

جبران باغي ضرور هو، پر فقط رسمن کان. هو پنهنجي وڏن جي جوڙيل اخلاقي ضابطن جو مخالف بنهه ڪين هو. بابراينگ، جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سندس سيڪريٽري هئي، لکيو آهي ته نظم ۽ ضبط تي ٻڌل مذهب، هن انسان لاءِ ڪابه ڪشش نٿي رکي، پر جبران جي خيال ۽ فڪر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هو خدا جي وجود بابت شڪي نه هو، سندس سموري ڪاوڙ مذهب جي تبليغ ۽ پرچار جي طريقي ڪار جي خلاف هئي، باقي مذهبي ماڻهن کان هن کي ڪابه نفرت يا کائن دشمني نه هئي.

خليل جبران جوانيءَ ۾ قدم رکيو ته لبنان تي ترڪن جي حڪومت هئي، ۽ ماروني چرچ جي حيثيت، اسلامي معاشري جي جاگير جيان هئي. ماروني چرچ اها حيثيت پنهنجي ڌار سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ قبولي هئي. ماروني چرچ کي سگهارو ڪرڻ خاطر لبنان جي عيسائين ۽ مارونين دل کولي پنهنجون زمينون عطيي طور ڏنيون. ايتري تائين جو چرچ لاءِ انهن سڀني ملڪيتن جو انتظام هلائڻ ڏکيو ٿي پيو. انهيءَ جو حل اهو ڪڍيو ويو ته انهن زمينن کي پنهنجن شرطن تي کيڙڻ لاءِ ٻين ماڻهن کي ڏنو ويو ۽ آهستي آهستي چرچ پاڻ به هڪ جاگيردار جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنهن جي هٿ بيشمار هارين نارين ڪم ٿي ڪيو. پوءِ جڏهن خوشحالي وڌي ۽ چرچ جي اختيارن ۾ واڌارو ٿيو ته پادرين پنهنجي مٽن مائٽن کي نوازڻ شروع ڪيو.

جبران جنهن ماحول ۾ اک پٽي هئي، اهو خالص مذهبي هو ۽ اتي چرچ ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جو به خاص تصور هو، پر جبران سندن دنياداري ۽ حرص جو مشاهدو ڪيو ته سندس دل ۽ دماغ ۾ تلخي ڀرجي وئي. ان کان پوءِ سندس پهرين محبت هڪ حريص پادريءَ جي ڀائٽي جي حوس جو نشانو بڻجي وئي ته مذهبي ماڻهن سان سندس نفرت ۾ تهائين واڌارو اچي ويو ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ کان دور، آمريڪا هليو ويو. مذهبي ماڻهن کان بغاوت جي تهه ۾ سندس ذاتي دشمني ۽ بُغز جو ئي دخل نه هو، پر انهيءَ جو بنياد ته ان ڏينهن ئي پئجي ويو هو، جڏهن جبران کائن پهريون سبق ورتو هو. هن پوءِ عربيءَ ۾ هڪ ڪهاڻي به لکي، جنهن جو عنوان هو ”خالد بدعتي.“ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون ۽ اڻ تجربيڪار پادري، پنهنجي وڏي پادريءَ کي پنهنجي ڳالهه جو قائل ڪري، انهيءَ ڳالهه تي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته هو پنهنجو سمورو مال دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ غريبن ۾ شامل ٿي مذهب جي تبليغ ڪري. هو وڏي پادريءَ سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو، ”اچو، اسان غريبن ۾ خانقاهه جي زمين ورهائي ڇڏيون، جيڪي اسان وٽ بيڪار پيون آهن ۽ اسان انهن ماڻهن کان جيڪا دولت گڏ ڪئي آهي، اها کين موٽائي ڏيون – اچو – اسين ماڻهن ۾ پکڙجي وڃون ۽ انهن کي عبادتن سان دل جو سڪون ۽ مرڪڻ سيکاريون. انهيءَ ڪم ۾ اسان کي جن ڏکيائين ۽ تڪليفن سان واسطو پوندو، انهيءَ سان اسان کي خانقاهن ۾ واندي ويهڻ کان وڌيڪ سڪون ملندو. همدرديءَ جي ٻن ٻولن سان ڏکاري پاڙيسريءَ جو من موهڻ، گنهگار کي سنئين واٽ تي آڻڻ، خانقاهه ۾ عبادت ڪندو رهڻ ۽ بي لذت سجدا ڪرڻ کان وڌيڪ افضل آهي“.

وڏو پادري ۽ سندس ساٿاري خالد کي پنهنجو ٻولڙيو بڻائڻ ۾ سڦل ٿي نه سگهيا ته، سڀني گڏجي کيس خانقاهه مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو.

جبران اڳتي لکي ٿو، ”جاگيردار پنهنجي قلعي جي زور تي ۽ پادري پنهنجي قربان گاهه جي صدقي، اهو سمجهندو آهي ته سلطان ۽ خدا کين ماڻهن جي اڳواڻيءَ ۽ روحن جي نجات لاءِ پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو آهي. جاگيردار غريبن جا هٿ ٿو ٻڌي ۽ پادري سندن قانون جي نمائندگي ٿو ڪري ۽ پادري خدا جي عيوضيءَ جو دعويدار آهي ۽ جنڊ جي انهن ٻن پڙن جي وچ ۾، لبنان جي مسڪين ۽ هيڻن ماڻهن جا ٿڪل ڦٽل جسم ۽ روح پيٺا پيا وڃن.“

هڪ ٻي عربي ڪهاڻيءَ ”جان پاڳل“ ۾ جبران ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جان ”جديد عهدنامو“ پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ عام ماڻهوءَ کي انهيءَ جي پڙهڻ جي اجازت ناهي. هڪ ڏينهن جان پڙهڻ ۽ غور فڪر ۾ ايترو ٻڏل هو جو کيس پنهنجي ڌڻ جو خيال به نه رهيو. رڍون آهستي آهستي هلنديون، ڀرسان هڪ خانقاهه جي زمين تي وڃي پهتيون. پادرين انهن کي پڪڙي ٻڌي ڇڏيو ۽ کين ڇڏڻ لاءِ ڏنڊ جي گهُر ڪئي. جان وٽ رقم نه هئي، تنهن ڪري سندس ماءُ پنهنجو موروثي هارُ وڪڻي ڏنڊ ڀريو. انهيءَ واقعي جان کي ڪليسا جو سخت ويري بڻائي ڇڏيو ۽ هو چؤواٽن تي پڌري پٽ پادرين تي تنقيد ڪرڻ لڳو، ”او- يسوع مسيح! هڪ وار وري اچ ۽ پنهنجي مذهب جي انهن واپارين کي مقدس عبادت گاهن مان ٻاهر ڪڍ! هي پنهنجون ڏياٽيون روشن رکڻ لاءِ ته پئسي کي پاڻيءَ وانگر ٿا خرچ ڪن، پر تنهنجي سچي پوئلڳ کي هڪ ويلي جي ماني کارائڻ ۾ کين ٻرو ٿو چڙهي!“

پادرين جان کي پڪڙي ڪاٺ ۾ وڌو ۽ کيس ان وقت تائين نه ڇڏيائون، جيسين سندس پيءُ ساک تي اهو بيان نه ڏنو ته سندس پٽ چريو آهي. تنهن ڪري هاڻي جان رڙي رڙي ڇتو ٿي پيو، پر ڪنهن به سندس ڳالهه کي ڌيان نه ڏنو. سڀئي کيس سچ پچ چريو سمجهڻ لڳا.

”جان پاڳل“ بابت هڪ دوست ڏانهن جبران خط ۾ لکيو، ”مون ڏٺو آهي ته آڳاٽن ليکڪن پادرين جي ڏاڍ ۽ ڏمر کي موضوع بڻائي مذهب جي مخالفت ڪئي آهي. فڪر جو اهو انداز غلط آهي. مذهب انسان جي فطري ضرورت آهي، پر انهيءَ جي آڙ ۾ ٻين تي ظلم ڪرڻ بهرحال غير فطري عمل ۽ فعل آهي. تنهن ڪري مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه جو خاص طور تي خيال رکيو ته جان يسوع مسيح جو سچو پوئلڳ نظر اچي“.

اولهه جو اخلاقي ضابطو بيشڪ مذهب جي اصولن ۽ روايتن جي پيداوار آهي. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته مغربي دنيا ۾ اڄڪلهه گهڻن هنڌن تي مذهب کي رياست کان ڌار ڪيو ويو آهي، پر اڄ به مذهبي اصولن پٽاندڙ جوڙيل ڪيترائي قانون موجود آهن. جيئن موسوي قانون موجب قتل حرام آهي، چوريءَ ۽ زنا لاءِ سزائون مقرر آهن ۽ انسان جي جان مال ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ ضمانتون موجود آهن. خليل جبران مذهب ۽ رسمن جي اهميت کي مڃي ٿو، پر گڏوگڏ هو هر معاملي ۾ ڌيان، وچٿرائي، حوصلي، انصاف، رواداريءَ ۽ محبت کان ڪم وٺڻ جي تلقين به ڪري ٿو. هڪ هنڌ هو لکي ٿو، ”خدا تي ايمان آڻڻ ۽ مذهبي اخلاقي ضابطي تي عمل ڪرڻ، امن، سلامتيءَ ۽ دل جي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ممڪن آهي ۽ انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي ضرورت بنهه ڪانهي.“

 

وطن لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو؟

لبنان جي سياسي ۽ مذهبي زندگيءَ تان جاگيرداري ذهنيت جا پاڇا ڪڏهوڪو هٽي چڪا آهن. هاڻي لبنان هڪ خودمختيار رياست، جنهن جو پنهنجو هڪ صدر ۽ پارليامينٽ آهي، جنهن کي عوام پاڻ ووٽ وسيلي چونڊي ٿو. جبران ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون پنجاهه سال کن اڳ لکيا هئا. اڄ انهن جي حيثيت ڇڙو تاريخي ورثي واري آهي، پر ڪي لکڻيون ڄڻ هاڻوڪي دور جي سياسي پس منظر ۾ لکيل آهن ۽ اهي سدا حيات آهن.

آمريڪا جي اڪثر گهرن جي ديوارن تي هڪ تختي لڳل نظر ايندي آهي، جنهن تي آمريڪي صدر جان ڪينيڊيءَ جا هي لفظ لکيل هوندا آهن: ”اهو نه سوچيو ته توهان جو ملڪ توهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي، پر اهو ٻڌايو ته توهان پنهنجي وطن لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو!“

پنجاهه سال اڳ جبران انهيءَ قول جو پنهنجي هڪ عربي مضمون ۾ ذڪر ڪيو هو، جنهن جو عنوان ”نيون سرحدون“ آهي. اهو مضمون وچ اوڀر ۾ رهندڙ جبران جي هم وطن لبنانين لاءِ آهي، پر انهيءَ جي فلاسافي ۽ انهي اندر لڪل سبق ۾ وسعت ۽ آفاقيت آهي ۽ انهيءَ پيغام جي حيثيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيسين انسان آزاد ۽ خودمختيار معاشري جو فرد آهي.

 

جبران جي زندگيءَ ۾ عورتون:

جبران جي ماءُ- ڪاملا

جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ عورتن جو تمام ڳوڙهو اثر قبول ڪيو آهي. هو لکي ٿو: ”هن مهل مان جو ڪجھه آهيان، انهيءَ لاءِ عورت ذات جو احسان مند آهيان. انهيءَ وقت کان، جڏهن اڃا مان ننڍڙو هوس، عورتن منهنجي اکين جون ڳڙکيون ۽ منهنجي صلاحيتن جا دروازا کوليا. جيڪڏهن عورت ماءُ نه هجي ها، عورت ڀيڻ نه هجي ها ۽ عورت دوست نه هجي ها ته مان به ٻين اهڙن جي وچ ۾ ستل هجان ها، جيڪي پنهنجي کونگهرن سان دنيا جو امن ۽ سڪون برباد ڪري رهيا آهن“.

سندس جيون ڪٿائون لکندڙ اها ڳالهه مڃين ٿا ته جبران جي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن جو دخل رهيو آهي.

جبران جي ماءُ جو حالتن ۾ زندگيءَ جا ڏينهن گهاريا، انهن سبب هوءَ جبران جي جيون ۾ خاص اهميت رکي ٿي. شاديءَ کان پوءِ ستت ئي کيس پنهنجي مڙس سان گڏ هجرت ڪري برازيل وڃڻو پيو، جتي سندس مڙس بيمار ٿي پيو ۽ پوءِ پنهنجي نئين ڪنوار کي ننڍڙي پيٽر سان گڏ، جڳ ۾ اڪيلو ڇڏي ڌڻيءَ کي پيارو ٿي ويو. ماءُ ٻار کي کڻي پنهنجي پيءُ اسٽيفن راهمي جي گهر واپس هلي آئي، جيڪو ماروني پادري هو.  ان کان پوءِ جيڪو شخص پيٽر جو پيءُ ٿيو، تنهن ڪاملا کي هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ گيت ڳائيندي ڏٺو ۽ مٿس موهت ٿي پيو ۽ ستت ئي سندن وهانءُ ٿي ويو. خليل جبران 6 ڊسمبر 1883ع تي پيدا ٿيو. ان کان پوءِ سندس ٻن ڀينرن سلطانه ۽ مريانه جو جنم ٿيو. سندن ماءُ کين موسيقي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولي سيکاري. پوءِ جڏهن ٽيئي ٻار وڏڀرا ٿيا ته گهر ۾ کين پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد مقرر ڏنو ويو، جيڪو هنن کي انگريزي پڙهائيندو هو، تنهن بعد هو شهر جي اسڪولن ۾ داخل ٿيا. ماءُ هنن کي اڪثر گرجا وٺي ويندي هئي، جتي سندن ڏاڏو، جيڪو هڪ هوشيار پادري هو، ماڻهن آڏو نهايت اثرائتي تقرير ڪندو هو.

ماروني چرچ جون ڪجھه رسمون اهڙيون آهن، جن ۾ سمورا گهر ڀاتي شريڪ ٿيندا آهن ۽ پاڻ ۾ سرياني (Syriac) ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. هيءَ اها ٻولي آهي، جيڪا حضرت علي ڳالهائيندو هو. انهن رسمن جو جبران جي زندگيءَ تي چڱو ڳوڙهو اثر ٿيو. عمر جي آخري حصي ۾ هن هڪ خط ۾ انهن رسمن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو.

جبران جي ماءُ جو مذهبي لاڙو ۽ چرچ ۾ گونجندڙ سندس خوبصورت آواز ۽ گهر جي مذهبي ماحول – انهن ڳالهين گڏجي جبران جي ڪردار جي جوڙجڪ تي چڱو اثر ڇڏيو، جيڪو سندس ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.

جبران جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته سندس ويڳو ڀاءُ پيٽر ارڙهن سالن جو ٿي چڪو هو. يعني هو عملي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هو. ٻين لبناني (فنيشيائي) رهاڪن جيان هن به سمنڊ وسيلي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڀاڳ آزمائڻ لاءِ سوچيو ۽ سندس من آمريڪا تي موهت ٿي پيو.

جبران جي ماءُ پنهنجي ٻارن کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ نٿي چاهيو، تنهن ڪري هن پيٽر، جبران ۽ ٻنهي ڌيئرن سوڌو بوسٽن جا وڻ وڃي وسايا. خليل جبران جي پيءُ انهيءَ فيصلي تي احتجاج ڪيو، ڇو ته سندس چڱي خاصي جائداد هئي ۽ هو حڪومت لاءِ ٽيڪس به گڏ ڪندو هو ۽ موقعو ملڻ تي مال جو ڌنڌو به ڪندو هو. آمريڪا لاءِ ان وقت مشهور هو ته اتان جون گهٽيون سون جون آهن ۽ ماڻهو اتي پهچڻ شرط راتو رات امير ٿيو وڃي. انهن ڳالهين سبب پيٽر جو وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو، تنهن ڪري پيءُ جي رڙين واڪن ڪوبه اثر نه ڪيو ۽ هو سڀ گڏجي بوسٽن ۾ رهڻ لڳا. خليل جبران جو سونهري وارن ۽ نيرين اکين وارو پيءُ لبنان ۾ اڪيلو ٿي پيو.

جبران جي اڪثر سوانح نگارن کي اها ڄاڻ ناهي ته وچ اوڀر ۾ مال جو واپاري اصل ۾ رڍن جو ڌنڌو ڪندو آهي، ڇو ته لبنان ۾ رڍون شام، عراق ۽ ڪڏهن ڪڏهن ترڪيءَ مان به گهرايون وينديون آهن. جبران جي سوانح نگارن اڻ ڄاڻائيءَ مان اهو به لکي ڇڏيو آهي ته جبران جو پيءُ ڌنار هو.

بوسٽن ۾ پيٽر پسارڪو دڪان کوليو ۽ ٻيا ٻار اسڪول وڃڻ لڳا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ جبران لبنان واپس وڃي پنهنجي عربي تعليم کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ماءُ پنهنجي پٽ جي ذهانت ۽ شوق کان ڀلي ڀت واقف هئي، تنهن ڪري هن کيس لبنان موٽڻ ۽ اتان جي دارلحڪمت ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جبران پنجن سالن تائين انهيءَ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. اونهاري جون موڪلون هو گهڻو ڪري صنوبرن جي جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي گذاريندو هو يا پنهنجي پيءُ سان گڏ وچ اوڀر جا مختلف هنڌ وڃي ڏسندو هو. پنج سال پورا ٿيا ته هو آرٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونان، اٽلي ۽ اسپين گهمندو وڃي پيرس پهتو. اهي 1901ع کان 1903ع وارا سال هئا.

ڪجھه عرصي کان پوءِ کيس آمريڪا سڏ ٿيو، جو سندس ننڍڙي ڀيڻ مري وئي هئي ۽ سندس ماءُ سخت بيمار هئي. سندس ماءُ مرڻ کان اڳ اٽڪل پندرهن مهينا بستري داخل رهي. انهيءَ وچ ۾ سندس ويڳو ڀاءُ پيٽر به گذاري ويو. گهر ڀاتين جي هڪ ٻئي پويان اوچتي موت جبران کي ڌوڏي وڌو. سڀئي گهر وارا سڪ پريت سان گڏجي رهندا هئا ۽ کيس تعليم ڏيارڻ لاءِ سڀني قربانيون ڏنيون هيون. ٽِي بِيءَ جي موذي مرض جبران جي گهر ڀاتين کي ڳڙڪائي ورتو هو، پر مريانه بيماريءَ مان چڙهي پئي ۽ موت جي منهن مان بچي وئي. جبران کي پنهنجي ماءُ سان جيڪو پيار هو، تنهن جو اندازو سندس ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ جي هنن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو:

”ماءُ ئي هن زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه آهي. سندس ذات ڏک جي حالت ۾ سهارو ڏيندڙ آهي، مايوسيءَ جي حالت ۾ اميد جو ڪرڻو بڻجي چمڪي ٿي ۽ هيڻائيءَ واري حالت ۾ سگهه بخشي ٿي. ڪنهن جي ماءُ مري وڃي ته سمجهو، هن مهربان ۽ شفيق هستي وڃائي ڇڏي، جنهن جي هنج ۾ هو آرام ۽ سڪون سان مٿو رکي ليٽي سگهندو هو. اهي هٿ وڃائي ويٺو، جيڪي کيس خير ۽ برڪت ادا ڪندا هئا ۽ اهي اکيون به، جيڪي سدائين سندس نگراني ڪنديون هيون“.

مچيلين

هن عورت جي باري ۾ جبران جي هڪ سوانح نگار لکيو آهي ته هيءَ بوسٽن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي ۽ سندس اصل نالو ايملي مائيڪل هو، پر کيس مچيلين سڏيندا هئا. جبران سان سندس مکاميلو بوسٽن ۾ ئي ٿيو هو. جيون ڪٿا لکندڙ وڌيڪ لکيو آهي ته هوءَ جبران جي ڪڍ پيرس به وئي هئي ۽ اتي کيس منٿ ڪئي هئائين، ته هو ساڻس وهانءُ ڪري. جبران جي ناڪار تي سندس جيءُ جهري پيو ۽ پوءِ هوءَ سدائين لاءِ گم ٿي وئي.

خليل جبران جي ٻين سوانح نگارن به انهيءَ ڪهاڻيءَ کي حقيقت مڃيو آهي، پر ڪي اهڙا به آهن جن پنهنجي ڪتابن ۾ خاص طور تي نالو کڻي سندس ذڪر ناهي ڪيو. جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي سچ سمجهن ٿا، اهي انهيءَ جي ثبوت ۾ ٻه ڳالهيون پيش ڪن ٿا. هڪ ته جبران پيرس وڃڻ کان اڳ سندس تصوير ٺاهي هئي ۽ ٻيو ته جبران جي هڪ ڪتاب جو انتساب مچيلين جي نالي آهي.

مون انهيءَ سهڻي عورت جو ڏس پتو ۽ حقيقت هٿ ڪرڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪيون. مان لبنان ۾ جبران جي ميوزيم ويس ۽ اتان جي نگران کي چيم ته مون کي مچيلين جي اها تصوير ڏيکاري، جيڪا جبران ٺاهي هئي. هن ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”اها آهي تصوير، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته مچيلين جي تصوير آهي“.

مون انهيءَ تصوير کي ڌيان سان ڏٺو، انهيءَ تي سڃاڻپ جي ڪابه نشاني ڪانه هئي، نه ئي جبران جي صحيح – ڪوشش جي باوجود مان حقيقتون ڳولي نه سگهيس، جن سان ثابت ٿئي ته اها واقعي مچيلين جي تصوير آهي ۽ نه ئي مون کي جبران ۽ مچيلين جي هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خطن جي ڪا مناسب حقيقت ملي سگهي.

جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي ته جبران جا عربي ڪتاب؛ جيڪي ٻيهر ٽيهر ڇپيا آهن، انهن مان ڪيترين ضروري ڳالهين جي خبر نٿي پوي. مثال طور اها خبر نٿي پوي ته ڪتاب پهريون دفعو ڪڏهن ڇپيو ۽ موجوده ايڊيشن ڪهڙي سال ۾ ڇپيو ۽ اصل ڪتاب ۾ انتساب ڪنهن جي نالي هو. لڳاتار ڳولا ۽ ٿڪائيندڙ ڪوشش کان پوءِ، مون سندس ڪتاب جا اهڙا پهريان ايڊيشن هٿ ڪيا، جن ۾ انتساب موجود هيا. انهن کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته مچيلين جو نالو ڪٿي به موجود ڪونهي. اصل انتساب جيڪو مون کي هٿ آيو، اهو ڪجھه هيئن هو، ”انهيءَ روح جي نالي جنهن منهنجي روح کي ڀاڪر پاتو – انهيءَ دل جي نالي جنهن پنهنجا سڀئي راز منهنجي دل جي ڪنن ۾ اوتي ڇڏيا – انهيءَ هٿ جي نالي جنهن منهنجي جذبن جي شمع کي روشن ڪيو – هي ڪتاب انهن کي ارپيان ٿو“.

پيرس ۾ جبران پنهنجي هڪ گهاٽي يار جوزف هوئيڪ سان گڏ رهندو هو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندو هو. ٻئي اٽڪل ٻه سال گڏ رهيا. جوزف هوئيڪ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ انهيءَ زماني جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ٻنهي جا ڪمرا جيتوڻيڪ ڌار هيا، پر هو لڳ ڀڳ روز ملندا هئا ۽ پئسا بچائڻ لاءِ ماڊل ڇوڪڙي به هو گڏجي حاصل ڪندا هئا. جوزف انهن سڀني ڇوڪرين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ماڊل ٿيڻ هنن وٽ آيون هيون يا سندن دوست هيون. اولگا هڪ روسي ڇوڪري هئي، جيڪا سندن سمورين ماڊل ڇوڪرين مان سڀ کان وڌيڪ خوبصورت هئي، پر عورتن جي انهيءَ ڊگهي فهرست ۾ مچيلين جو نالو ڪٿي به نٿو اچي. ان ڪري جيسين انهيءَ سلسلي ۾ ڪو وڌيڪ ثبوت سامهون نٿو اچي، مان اهو فيصلو ڪري نٿو سگهان ته مچيلين جو وجود هيو به يا نه؟

ميري هيسڪل يا ميري خوري

1904ع ۾ خليل جبران ويهه ڊالر اڌارا وٺي پنهنجي تصويرن جي هڪ نمائش ڪئي. اها نمائش ڏسڻ لاءِ ايندڙن ۾ ميري هيسڪل به هئي، جنهن سان پوءِ جبران جي دوستي ٿي وئي. آرٽ جي وڌيڪ تعليم لاءِ جڏهن جبران پيرس وڃڻ لڳو ته مس ميري ئي سندس ڀاڙي ڀُتي جو خرچ ڀريو هو. هڪ سوانح نگار جو چوڻ آهي ته انهيءَ احسان کان پوءِ، جبران کيس چيو ته هوءَ هر ڪتاب جو مسودو پبلشر وٽ وڃڻ کان اڳ پڙهي وٺي.

جبران جو ناول ”ڀڳل کنڀراٽيون“ ايم. اي. ايڇ هاءُ ايور جي نالي ارپيل آهي، جيڪو سندس جائداد جي سڀنال ڪندڙ هو. انهيءَ جو چوڻ آهي ته جنهن سرنديءَ واري عورت جبران جي مالي مدد ڪئي هئي، انهيءَ جو نالو ميري خوري آهي. جائداد جي وصيت تي عمل ڪرائيندڙ، ميري خوريءَ جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر به هو، ۽ هو سندس ڪمري ۾ خليل جبران جون ٺاهيل تصويرون ۽ مجسما به ڏسي چڪو هو. انهن تي جبران عربيءَ ۾ لکيو هو، ”ڪنهن به شخص کي شراب پيئڻ جو طعنو نه ڏيو. ڪهڙي خبر هو شراب پيئڻ کان به ڪنهن وڌيڪ تلخ حقيقت کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو هجي“. ڊاڪٽر اڳتي هلي لکي ٿو ته، ميري خوري پنهنجي نالي خليل جبران جي لکيل خطن کي ڇپرائڻ لاءِ رضامند هئي. سندس دعويٰ آهي ته اهي خط هڪ دوست جي حوالي ڪيا ويا هئا ته انهن کي مناسب ترتيب ڏئي ۽ منجهن ضروري تبديليون ڪري، پر انهيءَ وچ ۾ اهو دوست ۽ پوءِ ميري خوري به لاڏاڻو ڪري ويئي ۽ خط اڻ ڄاتل هٿن ۾ هليا ويا!

ميري خوريءَ جي چوڻ مطابق جبران زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي شامون سندس ڪمري ۾ گذاريون هيون.

ميريءَ جي نالي جبران جي خطن جي موجودگي، لبنان جي هڪ صحافيءَ جي بيان مان به ثابت ٿئي ٿي. سندس دعويٰ آهي ته هن انهن خطن مان ڪجھه پڙهيا به آهن ۽ ميري خوريءَ اهي ڇپڻ لاءِ ڏيڻ جو وعدو به ڪيو هو. مون جڏهن انهيءَ صحافيءَ کان پڇيو ته انهن خطن جي نوعيت ڪاروباري هئي يا اهي پريم پتر هئا ته هن جواب ڏنو، ته اهي خط ڪاروباري نه، پر محبت ناما هيا. انهيءَ بيان جي باوجود خليل جبران جي انهيءَ محسن عورت جو وجود هڪ اسرار کان گهٽ ناهي. ڪو به يقين سان نٿو چئي سگهي ته سندس نالو ميري هيسڪل هو يا ميري خوري – يا اهي ٻئي نالا هڪ ئي شخصيت جا هيا.

 

باربرا ينگ

باربرا ينگ خليل جبران جي موت کان فقط ست سال اڳ سندس زندگيءَ ۾ آئي ۽ سندس جيون ڪٿا ”لبنان جو سپوت“ لکي. هن لکيو، ”جيڪڏهن جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪوبه نظم نه لکي ها ۽ نه ڪائي تصوير ٺاهي ها، ته به ابديت جي صفحي تي سندس هٿ اکر سدائين لاءِ موجود هجن ها سندس انفرادي احساس جي سگهه زندگيءَ جي ضمير کي ڇلهي ڇڏيو ۽ سندس اندر سمايل روح وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ کيس ڪڏهن به موت اچي نٿو سگهي“.

1923ع ۾ بار برا ”پيغمبر“ پڙهيو ته ڏاڍي متاثر ٿي ۽ هن جبران کي هڪ تعريفي خط لکيو. جواب ۾ جبران هن کي پنهنجي اسٽوڊيو اچڻ، شاعريءَ تي ڳالهائڻ ۽ تصويرن ڏسڻ جي دعوت ڏني.

”مان اتي ويس“. هوءَ لکي ٿي، ”اولڊ ويسٽ ٽينٿ اسٽريٽ ۾ هڪ عمارت جون چار ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پهتيس، ته هو ڪمري ۾ موجود هو ۽ استقبال لاءِ مرڪندي ائين اڳيان وڌيو، ڄڻ اسان جي ورهيه  پراڻي سڃاڻپ هئي“.

باربرا، جبران کان وڌيڪ ڊگهي، مناسب ۽ خوبصورت جسم واري عورت هئي. باربرا جو تعلق انگلينڊ جي علائقي بريڊ فورڊ سان هو. هوءَ انگريزيءَ جي استاد هئي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ڪتابن جو هڪ دڪان به کوليو هئائين. چار ڏاڪڻيون چڙهڻ کان پوءِ، سندس باقي زندگي جبران جي فن تي ليڪچر ڏيندي گذري ۽ جڏهن جبران مري ويو، ته هن سندس اڻ پوري ڪتاب ”پيغمبر جو باغ“ جا ٽڙيل پکڙيل باب گڏ ڪري انهيءَ کي ڇپائڻ جو بندوبست ڪيو.

باربرا ينگ ۽ ٻين جيون ڪٿا لکندڙن جبران جي جسماني بيهڪ جي باري ۾ لکيو آهي ته سندس جسم سنهون ۽ قد وچولو (پنج فوت چار انچ)، اکيون نيريون، وڏيون ۽ خماريل، جن تي ڊگهين پنبڻين جي ڇانوَ – ڀورا ناسي وار ۽ گهاٽيون مڇون، سندس جسم مضبوط ۽ سگهارو ۽ سندس هٿن جي پڪڙ طاقت واري هئي.

جڏهن خليل جبران مئو ته باربرا اسپتال ۾ سندس ڪنڌيءَ موجود هئي. سندس ڪفن دفن کان ستت پوءِ هن جبران جي اسٽوڊيو منجهان، جتي جبران گذريل ارڙهن سالن کان رهيو پيو هو، سندس سڄو سامان ۽ ملهائتيون تصويرون گڏ ڪري، لبنان ۾ سندس اباڻي ڳوٺ بشريٰ ڏياري موڪليون.

جبران جي فن ۽ زندگيءَ تي ليڪچرن دوران مختلف هنڌن تي باربرا جبران جي سٺ کان وڌيڪ تصويرن جي نمائش ڪئي. انهن تصويرن يا جبران جي ٻين اڻ پورين تصويرن، لکڻين ۽ خطن جو ڇا ٿيو، تنهن بابت يقين سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. جيسين اهي ماڻهو، جن وٽ اهي شيون موجود آهن، پاڻ اڳتي وڌي ڪجھه ٻڌائين ۽ جيسين اهو ڪم پورو نٿو ٿئي، جبران جي جيون ڪٿا اڌوري ئي رهندي. خاص طور تي اهو حصو، جيڪو بار برا ينگ سان لاڳاپيل آهي.

ذڪر ڪيل ستن سالن ۾ باربرا ۽ جبران ۾ ڪيترو گهرو تعلق رهيو، انهيءَ جو اندازو آهستي آهستي بار برا جي پنهنجي لکڻين مان ٿي وڃي ٿو.

باربرا ۽ جبران ڪڏهن به گڏ نه رهيا. سندس نيويارڪ شهر ۾ ڌار فليٽ هو. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هوءَ لکي ٿي ته هڪ دفعي جڏهن هوءَ جبران جي دعوت تي سندس اسٽوڊيو پهتي ته هو هڪ نظم لکي رهيو هو. نظم لکڻ وقت جبران جي عادت هئي ته هو ڪمري ۾ پسار ڪندو رهندو هو ۽ جيئن ئي ڪو شعر مڪمل ڪندو هو، هڪدم ميز تي ويهي لکي وٺندو هو، ۽ ٻي مصرع لاءِ وري هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ شروع ڪندو هو. جنهن مهل باربرا اسٽوڊيو ۾ داخل ٿي ته ان وقت هو ميز تي ڪنڌ جهڪائي شعر لکي رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ هن اٿي عادت مطابق پسار ڪرڻ شروع ڪيا، بار برا ڪجھه گهڙين تائين خاموشيءَ سان تماشو ڏسندي رهي. آخري ڀيرو جڏهن هو ڪرسيءَ تان اٿيو ته باربرا تڪڙ ۾ سندس ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ قلم سنڀالي ورتائين.

جبران پنهنجي خيالن ۾ گم هو. جڏهن گهمندي گهمندي شعر مڪمل ٿيو ته هو انهيءَ کي لکڻ لاءِ ميز ڏانهن آيو ۽ بار برا کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويو. باربرا هڪدم چيو، ”تون شعر رچيندو وڃ، مان انهن کي لکندي وينديس“. ڪجھه بحث کان پوءِ جبران انهيءَ ڳالهه لاءِ راضي ٿيو. جڏهن شعر مڪمل ٿيو ته هو ڏاڍو خوش هو. چيائين، ”هاڻي اسان ٻه شاعر ٿي ويا آهيون ۽ گڏجي ڪم ڪنداسين“. ٿورو ترسي وري چيائين، ”اسان پاڻ ۾ فقط دوست آهيون. نه مان توکان ڪجھه گهران ٿو ۽ نه تون مون کان ڪجهه طلب ڪر. اسان ٻئي زندگيءَ ۾ ڀائيوار آهيون“.

گڏ ڪم ڪرڻ سبب هو هڪ ٻئي جي طبيعتن کان واقف ٿي ويا. باربرا سندس سوچ، فڪر ۽ ڪم کارن چڱي طرح واقف ٿي وئي ته، هڪ ڏينهن هن پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو ته هوءَ جبران بابت هڪ ڪتاب لکندي. اهو ٻڌي جبران ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان وقت کان پوءِ اڪثر هو پنهنجي ننڍپڻ، ماءُ ۽ خاندان جو ذڪر ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جو ڪو واقعو به ٻڌائي ڇڏيندو هو.

باربرا لکي ٿي، ”هڪ دفعي جبران پڇيو ’فرض ڪر توکي ڪنهن نه ڪنهن نموني يا جبر سان سمورا لفظ وسارڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي سواءِ ستن لفظن جي، ته ٻڌاءِ ڪهڙا ست لفظ ياد رکڻ پسند ڪندينءَ؟‘ مان فقط پنج لفظ ڳڻائي سگهيس – خدا، زندگي، محبت، حسن ۽ زمين – ۽ جبران کان پڇيم ’تون ڪهڙا ٻه لفظ چونڊيندين؟‘ هن جواب ڏنو ’سڀ کان ضروري ۽ اهم لفظ جيڪي ياد رکڻ جهڙا آهن، اهي آهن مان ۽ تون! اهي ٻه لفظ نه هجن ته پوءِ ٻين لفظن جي ضرورت ئي نٿي رهي‘. ان کان پوءِ هن ست لفظ هيئن ڳڻايا، تون، مان، بخشش، خدا، محبت، حسن ۽ ڌرتي“.

ٻئي هنڌ باربرا لکي ٿي، ”جبران اسٽوڊيو ۾ نهايت سادو کاڌو کائيندو هو. خاص طور تي انهن ڏينهن ۾ جڏهن هڪ ٻئي پٺيان سندس دعوتون ٿينديون هيون. هڪ دفعي چيائين ’اولهائن ملڪن ۾ هڪ ئي وڏي ٿانوَ ۾ کاڌو کائڻ جو رواج آهي. اڄ اسان به هڪ وڏي پيالي ۾ سوپ ٿا پيئون. پوءِ کلندي هن سوپ جي وچ تي هڪ خيالي ليڪ ڪڍي ۽ چيائين ’هيڏانهن جو اڌ سوپ منهنجو ۽ هوڏانهن جو تنهنجو. ٻئي پنهنجي پنهنجي حصي جو سوپ پيئنداسين، ڪوئي ٻئي جي حصي ۾ مداخلت نه ڪندو“.

هڪ ٻئي باب ۾ بار برا لکيو، ”هڪ شام جڏهن اسان ٻئي، ’سمنڊ ۽ گج‘ جي مسودي تي نظرثاني ڪري رهيا هياسين، مان سدائين جيان ڪرسي تي ويهڻ بجاءِ وهاڻا کڻي پلٿي هڻي هيٺ ويهي رهيس، تڏهن اوچتو مون کي پنهنجي انهيءَ حرڪت جو احساس ٿيو ۽ مون چيو، ’مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ائين ئي نڄاڻ ڪڏهن کان مان تنهنجي اڳيان فرش تي ويٺي رهي آهيان‘. جبران وراڻيو، ’اسان هڪ هزار سالن ان ائين ئي گڏ ويٺل آهيون ۽ آئنده به هڪ هزار سالن تائين ائين ئي ويٺا رهنداسين‘.

”’يسوع – انسان جو پٽ‘ لکڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن واقعن جو ڊرامائي تاثر ۽ جذباتي وهڪرو ايڏو شديد ۽ ڳوڙهو هوندو هو جو مان ان ۾ گم ٿي ويندي هيس ۽ بي اختيار منهنجي واتان نڪري ويندو هو، ’هي سڀ ڪجهه ڪيڏو سچو ٿو لڳي؛ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ان وقت مان موقعي تي موجود هيس‘. ۽ جبران هڪدم وراڻيو هو، ’ها، بلڪل، تون اتي موجود هئينءَ – ۽ مان به موجود هيس‘“.

انهيءَ ڳالهه جو ذڪر هتي بي وقتو نه ٿيندو ته خليل جبران جي موت کان ٻه سال پوءِ منهنجي باربرا ينگ سان ڪليولينڊ جي شهر ۾ ملاقات ٿي وئي. باربرا پڇيو، ”عربي زبان سکڻ لاءِ ڪيتري وقت جي ضرورت پوندي؟“

وراڻيم، ”جيڪڏهن تون عربي ان ڪري ٿي سکڻ چاهين ته جبران جا ڪتاب پڙهي سگهين يا انهن کي ترجمو ڪري سگهين، ته انهيءَ لاءِ وڏو عرصو گهرجي. جبران ڪلاسڪ عربي لکي آهي، پر جيڪڏهن عام استعمال واري عربي سکڻ چاهين ته ان ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. تڏهن به عربي ٻنهي صورتن ۾ ڪا سولي زبان ڪونهي“.

انهن ڏينهن ۾ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهي رهيو هوس. ان ڪري مون کي نه عربي سکڻ سان دلچسپي هئي ۽ نه منهنجي ذهن ۾ خليل جبران تي ڪو ڪتاب لکڻ جو ارادو يا منصوبو هو. باربرا انهيءَ ملاقات ۾ مون کي اهو به ٻڌايو ته هن پنهنجي تصويرن ۾ جتي به ڪو هٿ ٺاهيو آهي، اهو سندس ئي هٿ آهي.

خليل جبران جي سڀ کان مشهور پينٽنگ اهو هٿ آهي، جنهن جي تريءَ تي هڪ اک ٺهيل آهي. اها پينٽنگ فنيشيائي ديوي تانت ڏيکارڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، لبنان ۾ ان ديويءَ جي نالي ٻه شهر موجود آهن. اهو پوز، يعني تريءَ جي وچ تي اک، سڀ کان اڳ اتر آفريڪا ۾ ڪارئيج ۾ ڏٺو ويو، جتي اهو خليل جبران جي وڏن (فنيشيا وارن) سان گڏ پهتو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جبران لبنان ۾ اهڙي هٿ جو ڪو نشان ڏٺو هو، يا هڪجهڙائي فقط اتفاق آهي – يا گهڻو اڳ، جڏهن حضرت عيسيٰ اڃا پيدا نه ٿيو هو ته جبران ۽ بار برا موجود هيا ۽ لبنان ۽ ڪارٿيج ۾، تانت جي عبادت گاهن جي تعمير سندن سامهون ٿي هئي؟

باربرا لکي ٿي ته هڪ دفعي ڪجھه عورتون جبران سان ملڻ آيون. انهن کانئس پڇيو ته هن اڃا تائين شادي ڇو نه ڪئي آهي؟

جبران وراڻيو، ”ان جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن مان شادي ڪيل هجان ها ۽ ڪڏهن ڪو نظم لکڻ يا چتر ٺاهڻ ۽ مصروف هجان ها ته، مون کي ڪيترن ڏينهن تائين هوش نه هجي ها ۽ مان زال کي بلڪل وساري ڇڏيان ها. توهان ڄاڻو ٿيون ته هڪ زال ٻيو ته سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿي، پر مڙس جي غفلت نه. اهڙي حالت ۾ اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن نباهي سگهون ها!“

هڪ عورت، جيڪا ڪجھه تيز هئي، انهيءَ جواب کان مطمئن نه ٿي ۽ هڪ ٻيو سوال پڇي ورتائين، جيڪو ٻٽي معنيٰ وارو ۽ گهرو هو. هن پڇيو، ”ته ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن سان محبت ناهي ڪئي؟“

جبران ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي جذبن تي قابو پاتو ۽ ڌيرج سان وراڻيائين، ”ٻڌ! مان توکي هڪ راز جي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جنهن جي شايد توکي اڳ ڄاڻ نه هجي. هن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ حسن پرست ۽ عاشق مزاج تخليقي ڪم ڪندڙ فنڪار، شاعر، سنگ تراش، چترڪار ۽ موسيقار آهن. اها خصلت سندن رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. سندن خيال ۾ جنس قدرت جي خوبصورت تحفي مثل آهي. جنس جي اندر سدائين سونهن ۾ شرم حياءُ سمايل هوندو آهي“.

 

سلميٰ ڪرامي

جبران ارڙهن سالن جو هو، جڏهن سندس چوڻ مطابق، محبت پنهنجي طلسمي شعاعن وسيلي سندس اکيون کوليون ۽ سلميٰ پهرين عورت هئي، جنهن کيس محبت جي مفهوم کان واقف ڪيو. جبران پنهنجي پهرين محبت جي باري ۾ هڪ ناول لکيو آهي، جيڪو عربي زبان ۾ آهي. جبران جنهن انداز ۾ انهن واقعن کي بيان ڪيو آهي، اهو سندس ئي ڪمال آهي. بهرحال جبران جا سوانح نگار ۽ پاڙيسري انهيءَ ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته، جبران جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندڙ پهرين ڇوڪري هالا الدهر هئي، ۽ ناول ۾ جن واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي بيروت ۾ نه، پر بشريٰ ۾ ٿيا هئا.

جبران، مارسارڪس جي خانقاهه خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جتي هڪ دفعي سلميٰ ۽ سندس ملاقات ٿي هئي. اها خانقاهه هڪ ٽڪريءَ اندر ٺاهي وئي آهي ۽ ڏاڍي محفوظ جاءِ آهي. انهن ڏينهن ۾ اتي پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ جي ضرورت پوندي هئي. جبران جي ڀيڻ مريانا پوءِ اها خانقاهه خريد ڪئي. هاڻي سياحن جي سهولت لاءِ، دروازي تائين پهچڻ لاءِ رستو ٺاهيو ويو آهي. جبران لکڻين ۽ ڪتابن مان ٿيندڙ آمدني گهر جي خرچ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي، تڏهن به مريانا پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي منصوبن کان نه روڪيو ۽ کيس ڪوبه اهڙو ڪم يا نوڪري ڪرڻ لاءِ نه چيو، جيڪو سندس مستقبل يا ادبي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي. هن پاڻ پراوا ڪپڙا سبي ۽ ڀرت ڀري گهر جو خرچ هلائڻ جو ذمو کنيو ۽ پاڻ سان گڏ ڀاءُ جو پيٽ به پاليو. هوءَ کيس لڳاتار تصويرون ٺاهڻ لاءِ زور ڀريندي هئي. ايتري تائين جو جبران وٽ نماءُ ڪرڻ لاءِ کوڙ تصويرون گڏ ٿي ويون. مريانا وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هيا، جن سان هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي تصويرن جي نمائش ڪري سگهي، پر انهي مسئلي جو حل جبران پاڻ ڳولي لڌو. هن هڪ لبناني عورت کان ويهه ڊالر اڌارا ورتا ۽ پنهنجي تصويرن جي نمائش جو انتطام ڪيو. اها نمائش ڏاڍي ڪامياب رهي. اها عورت ان وقت بوسٽن ۾ رهندي هئي ۽ اڄڪلهه لبنان ۾ رهي ٿي.

جبران جي تعليم تي خرچ ٿيل ڏوڪڙ جلد ئي نفعي سان موٽڻ شروع ٿي ويا. جبران نه فقط ادبي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو، پر سندس گهر جي مالي حالت به سٺي ٿيڻ لڳي. جبران جي ڪتابن مان ملندڙ رائلٽيءَ جو اندازو ڏيڍ ملين ڊالر کان وڌيڪ آهي. اها رقم سندس اباڻي ڳوٺ بشريٰ موڪلي ويندي آهي.

خليل جبران پنهنجي ڀيڻ مريانا (ميري) لاءِ به چڱي وڏي رقم ڇڏي ويو، جيئن هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا سڪون سان گهاري سگهي. سندس ڀيڻ اڄ به بوسٽن ۾ رهيل آهي.

 

مريانا

جبران جي خاندان جڏهن لبنان کان هجرت ڪئي ته، مريانا کان ڪنهن به نه پڇيو ته سندس مرضي ڇاهي؟ ڇو ته هوءَ ننڍڙي هئي، ان ڪري کيس ڳالهائڻ يا راءِ ڏيڻ جو ڪوبه حق نه هو. وري کانئس ان وقت به صلاح نه ورتي هئي، جڏهن سندس ڀاءُ کي لبنان واپس موڪليو ويو يا جڏهن هو يورپ جي دوري تي نڪتو، پر جڏهن خاندان تي ڏکيو وقت آيو ۽ سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ گهر کي ڪمائي کارائڻ وارو ويڳو ڀاءُ هڪ هڪ ٿي، ٻن سالن اندر ٽِي. بِيءَ وگهي مري ويا، تڏهن سموريون ذميواريون سندس مٿان اچن پيون. هوءَ هن جڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ خليل جبران سان اڪيلي رهجي وئي.

خليل جبران جي لکڻين ان وقت عرب دنيا ۾ باهه ٻاري ڏني هئي ۽ سلطنت عثمانيه ۾ افراتفري متل هئي. مريانا انهيءَ حقيقت کان واقف هئي ته ادبي عظمت ۽ شاهوڪاري زندگيءَ ۾ ڪڏهن اتفاق سان ئي گڏبيون آهن ۽ جيڪڏهن ائين ٿيندو به آهي ته، زندگيءَ جي آخري حصي ۾ - جبران عربي تعليم حاصل ڪئي آهي، جتان لنگهي سياح جبران جي قبر تائين پهچندا آهن ۽ عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ هتي اچڻ جي سڌ ڪئي هئي. عملي طرح ائين ڪري نه سگهيو. پر موت کان پوءِ ان خانقاهه ۾ دفن ٿيڻ کيس ضرور نصيب ٿيو.

جبران جي آخري خطن ۾ ان ڳالهه جو ثبوت موجود آهي ته آخري وقت ۾، سندس دل ۾ وچ اوڀر، لبنان، بشريٰ ۽ مارسارڪس کي هڪ وار ڏسڻ جي خواهش ڏاڍي شدت اختيار ڪري وئي هئي. هن مارسارڪس جي ٽڪريءَ تي بيهي واديءَ جي سرسبز کيتن، رڍن جي ڌڻن ۽ افق تي ڦهليل شفق جو نظارو ڪرڻ ٿي چاهيو. هن فطرت کي ويجهو کان ڏسڻ ٿي چاهيو.

سلميٰ سان پڙهندڙن جي ملاقات خليل جبران جي ناول ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ۾ ٿئي ٿي. اها جبران جي پنهنجي محبت جي ڪهاڻي آهي ۽ اهو ڪتاب چاليهن سالن کان، عربي زبان ۾ سڀ کان گهڻو وڪامڻ وارن ڪتابن ۾ سرفهرست رهيو آهي.

 

مي ذياده

مي ذياده خليل جبران جي اهڙي پريمڪا هئي، جنهن سان هن فقط خطن وسيلي محبت ڪئي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سندن ملاقات نه ٿي. مي ذياده لبناني ڇوڪري هئي، پر سندس خاندان لڏي وڃي مصر ۾ رهيو هو. هوءَ ماءُ پيءُ جي اڪيلي اولاد هئي. هن شروعاتي تعليم وچ اوڀر ۾ حاصل ڪئي هئي، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ يورپ وئي ۽ پنهنجي پيءَ جي رسالي سان گڏوگڏ عربي ۽ فرانسيسيءَ جي ٻين پرچن ۾ به مضمون لکڻ لڳي. سندس پيءُ جي گهر ۾ اڪثر ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ مصر جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ خليل جبران جا مضمون ڇپجڻ لڳا ۽ هر طرف انهن جو ذڪر ٿيڻ لڳو. مي ذياده جي گهر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ جبران جي لکڻين تي تنقيد ۽ بحث ٿيڻ لڳو.

مي ذياده جبران جي فڪر ۽ خيالن کان متاثر ٿي ۽ هن کيس خط لکڻ جو ارادو ڪيو. ان خطري سبب ته جبران هن جي خط کي به ڪنهن عام پڙهندڙ جو خط سمجهي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ نه وجهي ڇڏي، مي ذياده خط جي شروع ۾ خانداني پس منظر سان گڏ، پنهنجو تفصيل سان تعارف ڪرايو ۽ لکيو ته مصري معاشري تي سندس لکڻين جو ڪيڏو سٺو اثر ٿي رهيو آهي.

جبران سندس خط جو هڪدم جواب ڏنو. هن مي ذياده جي تحرير ۽ خيالن جي تعريف ڪئي ۽ سندس حوصلا افزائيءَ سان گڏوگڏ ان ڳالهه لاءِ کيس مبارڪون به ڏنيون ته هوءَ وچ اوڀر ۾ عورتن جي آزاديءَ لاءِ قدر لائق ڪم ڪري رهي آهي. هن کيس لکيو ته هو ڌار پارسل ۾ پنهنجو نئون ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ به کيس موڪلي رهيو آهي. انهيءَ سان گڏ هن پنهنجي ڪتاب لاءِ ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ عنوان چونڊڻ جي وضاحت ڪندي لکيو، ”مون پنهنجي ڪردار ۽ طبيعت جو نوي سيڪڙو حصو پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ پاتو آهي. انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته مون سندس فطري حسن، نهٺائي ۽ عظيم دل جو وڏو حصو ورثي ۾ پاتو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن مان ايڪويهن سالن جو هوس، ته هڪ دفعي ماءُ مون کي چيو ته جيڪڏهن مان ڪنهن خانقاهه ۾ هيڪڙائي اختيار ڪري، دنيا تياڳي راهب ٿي وڃان ته اهو نه فقط منهنجي ذات پر ٻين لاءِ به لاڀائتو ٿيندو“.

مون چيو، ”اهو سچ آهي، ۽ هي به سچ آهي ته مون هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ئي توکي ماءُ چونڊي ورتو هو“.

هن چيو، ”جيڪڏهن تون جنم نه وٺين ها ته فرشتو هجين ها“.

وراڻيم، ”مان ته هاڻي به هڪ فرشتو آهيان“.

هن مرڪي پڇيو، ”چڱو – پر تنهنجيون کنڀڙاٽيون ڪٿي آهن؟“

مون سندس هٿ کڻي پنهنجي ڪلهن تي رکيا ۽ چيم، ”هي منهنجيون کنڀڙاٽيون آهن“.

هن تڪڙ ۾ چيو، ”پر هي ته ڀڳل آهن!“

جبران خط جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو، ”منهنجي ماءُ اڄ مون کان دور افق جي ٻئي پار هلي وئي آهي، پر سندس واتان نڪتل لفظ، ڀڳل کنڀڙاٽيون – منهنجي يادگيريءَ ۾ سدائين محفوظ رهيا ۽ اڄ مان انهن کي پنهنجي ناول جي عنوان طور ڪم آڻي رهيو آهيان. هڪ ڪاپي توکي موڪلي رهيو آهيان. ڪتاب بابت تنهنجي راءِ ڄاڻڻ چاهيندس“.

مي ذياده ڪتاب بابت پنهنجيءَ راءِ لکي موڪلي. هن ڪتاب جي تعريف ڪئي، پر ساڳئي وقت جبران جي خيالن سان شديد اختلاف ڪيو ۽ انهن تي تنقيد ڪئي. خليل جبران پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت جو ذڪر ڪيو هو، جيڪا پرڻيل هئڻ جي باوجود لڪ ڇپ ۾ پنهنجي  عاشق سان ملندي هئي. ميءَ لکيو، ”ظاهري طور تي کڻي سندس فعل ڪيترو به معصوم نظر ايندو هجي، پر حقيقت ۾ اهو سندس مڙس سان بي وفائيءَ برابر آهي. اهو عورت جي پوتر نالي تي ڪارهن جو چُٽو، ۽ معاشري جي منهن تي داغ آهي“.

انهن ئي ڏينهن ۾ مصري دانشورن لبنان جي هڪ شاعر، جيڪو بعلبڪ جو رهاڪو هو، جي اعزاز ۾ هڪ آجياڻي جو پروگرام رٿيو. جبران کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي نينڍ ملي، پر هو ڀاڙي جا پئسا نه هئڻ سبب شريڪ ٿي نه سگهيو. هن پنهنجو هڪ مقالو ”بعلبڪ جو شاعر“ موڪلي ڏنو. آجياڻي جو انتظام ڪندڙ کي جبران ۽ مي ذياده جي خطن جي ڏي وٺ بابت ڄاڻ هئي، تنهن ڪري هن مي کي عرض ڪيو ته هوءَ گڏجاڻيءَ  ۾ جبران جو مقالو پڙهي ٻڌائي. مي ذياده جو ڪنهن ميڙ ۾ مقالو پڙهڻ جو هي پهريون موقعو هو، پر ان هوندي به هن پنهنجي ادائيگيءَ جي انداز سبب ٻڌندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو.

مي ذياده ۽ جبران وچ ۾ خطن لکڻ جو سلسلو لڳ ڀڳ اڻويهن سالن تائين، جبران جي مرڻ گهڙيءَ تائين هليو. مي ذياده جا سمورا خط پيار پريت جون ڪهاڻيون ئي نه هئا، پر هوءَ اڪثر سندس لکڻين تي تنقيد ڪندي هئي ۽ کيس مختلف موضوعن تي لکڻ جي ترغيب پڻ ڏيندي هئي.

مي ذياده هڪ دفعي جبران کي لکيو، ”نئون ترڪ گورنر لبنان پهچي ويوآهي ۽ اچڻ شرط هن پراڻن ماڻهن کي سندن عهدن تان هٽائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. لبناني سندس اڳيان ڪنڌ نوائي رهيا آهن. اسان ۾ آخر جرئت وارا ماڻهو ڪڏهن پيدا ٿيندا؟ لبنان واسي پنهنجي ڳچيءَ تان بدناميءَ جو ڳَٽُ آخر ڪڏهن لاهيندا؟ تون انهيءَ موضوع تي ڇو نٿو لکين؟ ماڻهو تنهنجون لکڻيون شوق سان پڙهندا آهن ۽ انهن جو قدر ڪندا آهن. جبران! خدا جي واسطي کين اهو ياد ڏيار ته هو به انسان آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ان حد تائين ڪيرائي انسانيت کي ذليل نه ڪن.

جبران ان موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندي جواب ڏنو، ”افسوس – افسوس ان قوم تي، جيڪا دهلن دمامن سان پنهنجي فاتحن جو استقبال ٿي ڪري. افسوس آهي ان قوم تي، جيڪا ننڊ ۾ ته ڪنهن پابنديءَ يا دٻاوَ جو تصور نٿي ڪري، پر جاڳندي ان کي ڳچيءَ ڳانو سمجهي قبول ٿي ڪري – افسوس آهي ان قوم جي حالت تي، جيڪا فقط تابوتن ۽ جنازن پويان قبرستانن ۾ رڙ واڪو ڪرڻ لاءِ ٿي وات کولي - ۽ افسوس آهي ان قوم تي، جيڪا ان وقت بغاوت ٿي ڪري، جڏهن ڦاهيءَ جو رسو سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ٿو وڃي“.

جبران مي ذياده کي آمريڪا اچڻ جي ڪانڍ ڏني. هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته، هوءَ عورت آهي ۽ مروج رسمون کيس اڪيلو سفر ڪرڻ جي اجازت نٿيون ڏين، پر جبران پاڻ اچڻ چاهي ته خوشيءَ سان مصر اچي سگهي ٿو. جبران ان جوابي نينڍ جو جيڪو جواب ڏنو، ان جو هڪ ٽڪرو پڙهي ڏسو:

”مان پنهنجي مالي حالت بابت ڇا لکان! سال ٻه اڳي مون کي ڪيڏي خاموشي، تنهائي ۽ سڪون حاصل هو! پر هاڻي اهو سڪون ۽ خاموشي وڏي آواز واري گوڙ ۾ بدلجي ويا آهن. هڪ نه ختم ٿيندڙ جدوجهد ۽ آزمائش. ماڻهو منهنجي ڏينهن رات جا دعويدار بڻجي ويا آهن. سندن مطالبا ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن. انهن کان بچڻ لاءِ مان اڪثر هن وڏي شهر کان ٻهراڙين ڏانهن ڀڄي ويندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کان فرار حاصل ڪندو آهيان. آمريڪي ڏاڍا سخت جان ۽ سگهارا آهن. اهي ٿڪجن اصل نٿا. اهي نه سمهن ٿا ۽ نه خواب ٿا ڏسن. جيڪڏهن ڪنهن کي پسند نٿا ڪن ته کيس لنوائي تباهه ڪري ٿا ڇڏين ۽ جيڪڏهن کين ڪو وڻي وڃي ته پنهنجي چاهنا جي اڻ مئي اظهار ۽ مطالبن سان سندس ساهه منجهائي ٿا ڇڏين. شايد ڪڏهن اهو ڏينهن اچي، جو مان بحري جهاز ۾ ويهي وچ اوڀر وڃي سگهان. مون پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪيو آهي. مان وچ اوڀر ڏانهن ويندڙ پهرين سامونڊي جهاز ۾ ويهي هليو به وڃان ها، پر ڇا انسان پنهنجي مرضيءَ سان به ان جاءِ کي ڇڏيندو آهي، جنهن جي هڪ هڪ پٿر کي هن پنهنجي هٿن سان گهڙيو هجي ۽ ان کي چمڪائڻ لاءِ سڄي ڄمار گذاري ڇڏي هجي. پوءِ کڻي اها جڳهه سندس لاءِ قيد خانو ئي ڇو نه ٿي وڃي!“

مي ذياده پنهنجي خط ۾ لکيو، ”مان نٿي ڄاڻان ته مان ڇا پئي ڪيان، پر ايتري خبر ضرور اٿم ته مون کي توسان پيار آهي. مون محبت سان ڪجھه وڌيڪ اميدون لاڳاپي ڇڏيون آهن ۽ ڊپ اٿم ته منهنجون سموريون اميدون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون. مان ڪيڏي جرعت ۽ منهن جي پڪائيءَ سان اهي سڀ ڳالهيون توکي لکي رهي آهيان. سامهون ويهي زبان سان نه چئي رهي آهيان. جيڪڏهن هن مهل تون منهنجي سامهون هجين ها ته اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ مان ڪڏهن به توکي پنهنجو منهن نه ڏيکاريان ها ۽ جيسين تون منهنجون سڄيون ڳالهيون وساري نه ڇڏين ها، مان تنهنجي سامهون نه اچان ها. مان پنهنجي جرعت ۽ بي باڪيءَ تي شرمسار آهيان. انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي، ته منهنجون ڳالهيون ٺيڪ آهن يا غلط – منهنجي دل توسان آهي ۽ سڄي زندگي توسان گڏ ڌڙڪندي“.

مي ذياده جي دل کي گهڻو ڌڙڪڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پئي، جلد ئي جبران جو آخري وقت اچي ويو، سندس صحت تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي. هن لکيو، ”تون ڄاڻين ٿي مي، هر دفعي جڏهن مان هتان وڃڻ جو تصور ڪندو آهيان، يعني پنهنجي موت جو، ته مون کي هڪ اڻڄاتل عجيب سرهائيءَ جو احساس ٿيندو آهي ۽ مان ذهني طور تي پاڻ کي ان آخري سفر لاءِ تيار محسوس ڪندو آهيان“.

نيٺ جبران 1931ع ۾ پنهنجي آخري سفر تي روانو ٿيو. ان وقت سندس ڄمار ستيتاليهه سال هئي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org