سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: يادون ۽ سڪون

باب:

صفحو :5

هڪ انسان

ٻــــار:

عيدو جڏهن ڄائو هو تڏهن هن جا ماءُ پيءُ کِلي پيا هئا. سالن جي منٿ ميڙ کان پوءِ ته مليو هونِ عيدو. سندن کنڊَر جيان ويران زندگيءَ ۾ رونق، قوت ۽ جاڳرتا پکڙجي وئي هئي. خزان تباهيل باغ ۾ ڄڻڪ گل ٽڙي پيا هجن. عيدو جڏهن هنبوڇيون هڻندو هو تڏهن ٻئي مامتا ۽ شفقت جي بي اختياريءَ ۾ کيس سيني لائيندا ۽ مِٺيون ڏيندا هئا. عيدو سندن زندگيءَ جو سَتُ هو. عيدو جڏهن بانبڙا پائي گھمندو هو، ته هو ٻئي بانبڙا پائڻ لڳندا هئا. عيدو جڏهن ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻ لڳو، تڏهن پڻهنس جو ڏينهن جي مزدوري جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو هو ۽ ماڻهنس گھريلو ڪم ڪار جي بڇان جو احساس جھٽ ۾ وڃائي ويهندي هئي. عيدو جڏهن کٽ جي پائي يا ڀت کي جھلي لڏندو لچڪندو اٿي بيهندو هو، تڏهن هو ٻئي مرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا ۽ سندن نظرون ڄڻڪ ٻولڻ لڳنديون هيون: ڇا جنت هنن احساسن کان وڌيڪ بخشيندڙ هوندي؟ ڇا اتي ٻاتا ٻاتا ٻول ٻڌي سگھنداسون؟ ڇا اتي اسان جي زندگيءَ جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو؟ پوءِ ٻئي کلي، ڪنڌ ڌوڻي، آڱريون ڇت طرف اڀيون ڪري، بيخوديءَ ۾ مرڪڻ لڳندا هئا. عيدوءَ جون رڙيون ۽ ٻاڪار کين پري ڪٿي مندر ۾ وڄندڙ گھنڊڙن جي ياد ڏياريندي هئي. عيدو جا ٽلول ٽهڪ، هو جھرڻن جي جھونگار ڀائيندا هئا. عيدو جي ڪري سندن گھر جنت هو، عيدو سندن بيخودي هو.

 

جوان:

عيد محمد هڪ جانٺو جوان آهي. سندس قد کيرٿر جيان اڀو ۽ سينو سنداڻ جيان مضبوط آهي. هن جا ڏورا فولاد جيان سخت ۽ اکيون ڪرڙيون ۽ چمڪدار آهن. هن جي آواز ۾ صفائي ۽ ڪڙڪائي آهي. هو چوي ٿو:

”ڇا جو ڏک؟ ڪنهن جو ڏک؟ بابا مري ويو، مرڻ ڏينس. امڙ مري وئي، مرڻ ڏينس. آخر هنن کي مرڻو هو نه. مان ڇو روئان؟ روئڻ سان ٿيندو ڇا؟ توهين چئو ٿا، مان سخت دل آهيان! پاڳل! ان ۾ سخت دليءَ جي ڪهڙي ڳالهه؟ مون کي بيحياءُ ٿا چئو، جو مان ڪپڙن پهرڻ جي خلاف آهيان. بيوقوفو! انسان پيدا اگھاڙو ٿئي، مري ته به اگھاڙو، باقي کيس ڪپڙن جي ڪهڙي ضرورت! هي جيڪي مون ڪپڙا پاتا آهن، صرف مجبوريءَ ڪري، جو اوهين ۽ اوهان جهڙو ذهن رکندڙ ٻيا ڪوڙهه مغز منهنجي پٺيان خواهه مخواهه ڪاهي پوندا. مان ڊڄان نه ٿو؛ ڪنهن کان به نه، خدا کان به نه. خدا آهي ڇا؟ وڏيرو نصير ڪوڙهه سبب  مري ويو. چون ٿا ته خدا کيس اذيت جو موت ڏنو، ڇو ته هن جوانيءَ ۾ ڪيترن جي زندگي تباهه ڪئي! هن اربو موچيءَ جي ڌيءُ گم ڪرائي، شيدي جي گھر ڌاڙو هڻايو، پر مان ٿو چوان ته هو پاڻ مري ويو، هن کي ڪوڙهه ماريو. وري چون ٿا ته دولت جمعدار کي به خدائي عذابن ماريو، ڇو ته هو ڇوڪرين جي زندگي تباهه ڪندو هو. اڙي چريؤ! دولتُ ته ناسور سبب مري ويو، هن کي وري خدا ڪيئن ماريو؟ مون کي نه ٿو ماري؟ مون کي عذاب ڪو نه ٿو ڏئي! مون کي اذيتن ۾ مبتلا نه ٿو ڪري! ڇو؟ ڇا مان سندس عزيز آهيان؟ مون به ڇوريون کاريون آهن، مون به ڪيترين جي عصمت لٽي آ، عزت غرق ڪئي آهي. مون به ڌاڙا هنيا آهن، مون به بيوه عورتن جا اڪيلا پٽ قتل ڪيا آهن. مون نوجوان سهاڳڻين جا خاوند ڪٺا آهن. مون معصوم ٻارن کي چورائي بيگار ڪئمپن ۾ وڪيو، مون ننڍڙيون نينگريون چورائي چڪلي جي رنڊين کي ڏنيون. مون گھڻو ڪجھ ڪيو آهي، توهان انهن سڀني ڪمن کي گناهه چئو ٿا نه؟ وڏيري نصير ۽ جمعدار جيڪي ڪجھ ڪيو آهي، اهو ته منهنجي ڏائي هٿ جو ڪم آهي. وري چئو ٿا، موسو مواليءَ چرس ڇڪيو، ٽي بي ڪري مري ويو، خدا کيس ڦڦڙن ۾ ڦٽ ڪيا! اڙي پاڳلو! مون کي ڦڦڙن ۾ ڦٽ نه ٿا ٿين. هو ته رڳو چرس ڇڪيندو هو! مان چرس، ڀنگ سان گڏ آفيم کان به نه مڙان، شراب پيان، ٺَرو پيان، جوئا ڪيان، منهنجي گھر ۾ ٽِڪري ٿي هلي. مون کي ڀلا خدا ڇو نه ٿو ڪنهن اذيت ۾ مبتلا ڪري، مون کي ڇو نه ٿو ذليل ۽ خوار ڪري؟ ڇا خدا مون کان ڊڄي ٿو؟ ردي انسانو! خدا، جنت، جهنم، بدلو، گناهه، اِهي سڀ انسانن جي بزدل دماغن جي پيداوار آهن، هنن چاهيو ٿي، ته هو تخت حاصل ڪن، دنيا تي حڪومت ڪن، ٻيو ڪجھ به ڪينهي، هنن کي جيئرو رهڻو هو، هنن اهو ڪجھ ڪيو. مون کي جيئرو رهڻو آهي، مان ڇني کائيندس. مون کي ڇني کائڻ جو حق آهي، ڇو ته مان طاقتور آهيان.“

ٻڍو:

اڄ عيدو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال پورا ڪري چڪو آهي.  سندس چوڻ صحيح آهي ته نشو ڪجھ نه ٿو ڪري، زنا مان ڪو نقصان ڪونهي. اڄ به هُو بنا لٺ جي گھمندو آهي، بس رڳو رفتار ٿوري ڍري هوندي اٿس. هن کي ان جي ڪا به پرواهه ڪانهي ته کيس اولاد  ناهي. هن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ڪونهي. اڳي جو پنجاهه پنجاهه ڄڻا سندس مداح هئا، سڀ کيس ڇڏي ويا. اڄ هو اڪيلو آهي، ته به زندگيءَ جا ڏينهن ڪٽڻا ئي آهن، ڇو نه کڻي جسم تي سندس ٿوٿر چڙهي وئي هجي، ڇو نه هن جي گوڏن ۽ ٺوٺين ۾ پُونءِ ڀرجي وئي هجي، ڇو نه اهي سڄيل هجن، ڇو نه هن جي بينائي ختم ٿي هجي، هن جا ڪن ٻڌڻ کان بيهي ويا هجن، ڇو نه هو پرائي گھر جي ڪنڊ پاسي ۾ راتيون ڪٽي، ڇو نه هن کي ڪوئي حقارت سان ٿُڪي ۽ گاريون ڏي. هو ڪمائي نه ٿو سگھي، هن کي هيٺ تي هڪ انگوڇو ٻڌل هوندو آهي، ڪيترائي انگوڇا ڳري ڦاٽي ويا پر ماڻهو کيس انگوڇو ضرور وٺي ڏيندا آهن، ڇو ته هو اڄ به سندس اگھاڙو رهڻ نه ٿا پسند ڪن. انگوڇو ڏاڍو ڇَوڙو ٿي ويو اٿس. جڏهن هن کي بک لڳندي آهي تڏهن هو ڪنهن ڍير طرف وڌي ويندو آهي. هن کي اها پرواهه ڪانهي ته هو گندي ماني ٿو کائي. ڪي ڪي هن آڏو ماني ٽڪر ڦٽو ڪري ويندا آهن. هو کڻي کائيندو آهي، ڇو ته هن کي بک لڳندي آهي، هن کي جيئرو رهڻو آهي. جڏهن هن کي ماني ڀور نه لڀندو آهي، جڏهن هن کي بک ستائيندي آهي، جڏهن هن کي پيٽ جي باهه مجبور ڪندي آهي، پوءِ.... ڪڏهن ڪڏهن... پنهنجي انگوڇي کي لڳل ڪرپٽي پنهنجي آڱر سان کڻي پنهنجي وات ۾ وجھندو آهي.

ليکڪ: چيخوف

هُو ويچارو

رات ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪلارڪ آئِوان ٿيٽر ۾ ويٺو ڊرامو ڏسي رهيو هو. هن جون نظرون اسٽيج تي ڄميل هيون ۽ هو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان حسين ۽ خوبصورت انسان سمجھي رهيو هو. اوچتو هن جي مهانڊي جو نقشو بگڙجي ويو. ڳچيءَ جون رڳون سيٽجي، اکيون مٿي ڇڪجي ۽ ساهه بيهجي ويس. درد سبب پنهنجي سيٽ تي ٻيڻو ٿي ويو ۽ پوءِ آخر ڇُو، هن کي ڏاڍي زوردار ڇڪ (نِــڇ) آئي.

هر ماڻهوءَ کي ڇِڪ ڏيڻ جو حق آهي، ۽ جڏهن چاهي، جتي چاهي پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگھي ٿو: پوليس انسپيڪٽر هجي يا هاري، گورنر هجي يا وزير، ان سلسلي ۾ سڀ برابر آهن، پر جيڪڏهن ڪجھ شريف ماڻهو جمع هجن ته اتي هڪ عيب سمجھيو ويندو آهي. تڏهن به آئِوان ان وقت شرمندو نه هو. هن ڏاڍي اطمينان سان رومال ڪڍيو، پنهنجو ڊگھو نڪ  اگهيو ۽ تسلي طور کاٻي ۽ ساڄي نهاريو. ڊڄ هوس ته ڪو خراب نه سمجھي ۽ پوءِ اوچتو هو شرمائجي ويو. هن اڳيان هڪ بندرو ماڻهو ويٺو پنهنجي گنجي ٽڪڻ کي رومال سان صاف ڪري رهيو هو. آئِوان غور سان ڏٺو ته هن کي اهو ڄاڻي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اهو شخص وزيرِ مواصلات هو. کڻي ڪري هو سندس آفيسر نه هو، پر به وزير جي گنج تي ڇڪ ڏيڻ، يقيناً خراب ڳالهه هئي. غريب آئِوان فيصلو ڪيو ته هن کي ان حرڪت تي معافي وٺڻ گھرجي.

”جناب اعلى! مان توهان کان معافي ٿو گھران. اعتبار ڪيو، منهنجو مطلب اهو نه هو، مان ته....“ آئِوان ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ چيو.

”بس، بس، ڳالهه کي وڃڻ ڏي.“ وزير مواصلات بيزاريءَ وچان چيو.

”پر سائين! مون کان گستاخي ٿي آهي. توهان ضرور مون کي معاف ڪيو، مون کي اوچتو...“

”اُف، مان چوان ٿو چپ ڪيو ۽ ٻُڌڻ ڏيو.“

ڦڪي ڦڪي مرڪ آئِوان جي منهن تي پکڙجي وئي. مجبوراً هن پنهنجون نظرون اسٽيج ڏي ڦيريون، پر هاڻي هن کي راند سان دلچسپي نه رهي هئي. ڊرامي جو اِنٽرول (ساهي) ٿيو. ماڻهو ٽولن ۾ ورهائجي ٽهڪ مخول ۾ لڳي ويا. آئِوان پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ڪجھ سوچيندي وزير مواصلات طرف وڌيو. ٿوري دير چپ بيهڻ کان پوءِ هن ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”منهنجا آقا! مون تي رحم ڪريو، مون کي معاف ڪريو، مون هينئر توهان مٿان ڇڪ ڏني هئي. هونئن منهنجي مرضي هرگز به اها نه هئي. مان ته...“

”ڪا ڳالهه ناهي، مون کي ته ياد به نه رهيو.“ وزير مواصلات مصنوعي اخلاق سان چيو.

آئوان سوچيو ته چوي ته اهو ٿو ته مون کي ياد نه رهيو آهي، پر مون کي هن جو گُھورڻ پسند ناهي، شايد هو اڃا ناراض آهي ۽ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪري. مون کي تفصيل سان اها سڄي ڳالهه هن کي سمجهائڻ گھرجي ته اهو سڀ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ڇڪ اچڻ فطري امر آهي ۽ مان ان سلسلي ۾ مجبور آهيان. ڪٿي هو ائين ته ڪو نه ٿو سوچي ته مون هن تي ٿڪيو آهي. ٿي سگھي ٿو هن کي هن وقت اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي هجي، پر پوءِ هو ان نتيجي تي به پهچي سگھي ٿو.

گھر پهچي آئوان سڄو قصو پنهنجيءَ زال کي ٻڌايو. سندس زال غور ۽ فڪر کان پوءِ چيس، ”کڻي ڪري وزير مواصلات تنهنجو سڌو سنئون آفيسر نه آهي، پوءِ به اهو خيال ڪري سگھي ٿو ته توکي  شريف ماڻهن ۾ ويهڻ جي تميز ڪانهي، تنهنڪري سٺو اهو ئي آهي ته وڃي معافي وٺينس.“

آئوان چيو، ”معافي ته مون اتي ئي گھري، پر هن ڪجھ ڍنگ سان جواب نه ڏنو. وري ايترو وقت به نه هو جو تفصيل سان ڳالهه ڪري سگھجي.“

ٻئي ڏينهن آئوان پنهنجو بهترين سرڪاري ڪوٽ پاتو، ڏاڙهي ٺاهي، بوٽ پاليش ڪيو ۽ ائين سينگار ڪري، پنهنجي صفائي بيان ڪرڻ لاءِ وزير مواصلات وت پهتو. وزير صاحب جو ڪمرو ماڻهن سان ٽٻيل هو. هو واري واري ماڻهن سان ملي رهيو هو. آئوان ڏاڍي ادب سان ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وزير صاحب ڳالهيون ڪري آزاد ٿيو ته هن سواليا نظرن سان آئوان طرف ڏٺو.

آئوان چيو، ”سائين! گذريل رات شايد توهان کي ياد هجي، مون ٿيٽر ۾ توهان جي مٿان ڇڪ ڏني هئي.“

”عجيب احمق ماڻهو آهين،“ اهو چئي وزير ٻئي ماڻهو کي چيو، ”حاضر، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“

”هي ته ڳالهه ئي نه ٿو ٻڌي.“ آئوان سوچيو ۽ پوءِ هن جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هُو ناراض آهي. مان ان وقت تائين هتان وڃي نه ٿو سگھان، جيستائين سڄي ڳالهه تفصيل سان نه ڪيان تنهنڪري هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو. جڏهن وزير مواصلات سڀني ماڻهن سان ملي چڪو، تڏهن هو پنهنجي ذاتي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو. آئوان هن سان گڏ هليو ۽ دٻيل لفظن ۾ چيائين، ”حضور! مون کي معاف ڪريو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو مون توهان کي ايتري تڪليف ڏني. مان معافي گھران ٿو. درحقيقت واقعو هيئن هو ته...“

وزير مواصلات آئوان کي ائين ڏٺو ڄڻڪ هو کيس ڪچو ئي رڙڪي ويندو، پر پاڻ کي قابو رکندي چيائين، ”تون مون سان مخول ٿو ڪرين.“ اهو چوندي هن ڪمري جو در زور سان بند ڪري ڇڏيو.

”مخول؟“ آئوان سوچيو، ”منهنجي خيال ۾ ته مذاق هرگز نه هئي. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته وزير مواصلات ٿي ڪري به اها معمولي ڳالهه سمجھي نه سگهيو! خير هاڻي مان کيس معافي گھري وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان. خدا لاهه ڪڍيس. چڱو! هڪ تدبير ٿي سگھي ٿي، مان هن کي خط لکندس، پان وڃڻ سٺو نه ٿو لڳي. بس ٺيڪ آ، هاڻي مون کي گھر وڃڻ گھرجي.“

گھر پهچي آئوان خط نه لکيو. هو سوچيندو رهيو. خط لکڻ لاءِ هن وٽ لفظ ئي نه هئا، نه ته هو ضرور لکي ها. تنهنڪري ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ليکي وزير مواصلات وٽ پهچي ويو، جيئن معاملو الجهي نه وڃي.

”مون توهان کي ڪالهه به تڪليف ڏني هئي.“ آئوان ڳالهه شروع ڪئي، وزير مڙي هن کي ڏٺو.

آئِوان تڪڙ ۾ چيو، ”سائين! مان توهان سان مخول نه ٿي ڪرڻ گھري، مان توهان کان معافي گھرڻ آيو هوس، منهنجي ڇڪ جي ڪري توهان کي جيڪا تڪليف پهتي، ان لاءِ معافي گھران ٿو، باقي جيستائين مذاق ڪرڻ جو تعلق آهي ته سائين مان اهڙي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگھان! ائين ٿئي ته وڏن جي عزت ڪيئن رهي سگھي ٿي، ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته مان توهان...“

وزير صاحب جي وات مان گِڦ وهي پئي.

آئِوان جي نظرن ۾ ڪمرو ڦرڻ لڳو، هن کي ڪجھ به نه ٿي ڏيکاريو. هڪ مشين وانگي هو گھر پهتو. سرڪاري ڪوٽ لاهڻ بنا هو کٽ تي ليٽي پيو ۽... وري ڪڏهن نه اٿي سگھيو.

چيني ڪهاڻي

ڊينڊڙو ماڻهو

جمهوريت جو ڇهون سال هو ۽ سياري جو ڏينهن. تيز سرد هوائون گھلي رهيون هيون. هڪ ڏينهن هڪ قومي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مون کي صبح سوير اٿڻو پيو. تقرير تيار هئي، ان ڪري ڏاڍو خوش هوس. جھونگاريندو اٿيس، ڪپڙا بدلايم، نيرن ڪيم ۽ جلسي گاهه ۾ وڃڻ لاءِ نڪري ويس. هڪ ته صبح سوير سواري ملڻ مشڪل، وري مٿان وڏي ڏينهن جي ڪري رستن تي ڏاڍي پيهه هئي. رڪشا واري کي جلسي گاهه جو هنڌ ٻڌائي مزي سان سيٽ تي آهلِي پيس. منهنجي طبيعت ۾ تجسس جو مادو ڏاڍو آهي. هونئن به پاڻ کي ليڊر سمجھندو آهيان، تنهنڪري عام ماڻهوءَ جي مسئلي کان واقفيت ضروري آهي. مون رڪشا ڊرائيور کي غور سان ڏٺو. هو ڪمزور جسم جو مالڪ هو. ڊينڊڙو نوجوان هو جنهن جي لوندڙين تي ڪجھ اڇا وار ڏيکاريا پئي. لباس گھنجيل ۽ ميرو سيرو هوس، ٿڌ جي ڪري هو هر هر نڪ اگھي پيو ۽ هڏڪي پئي آيس. ٻين جي مقابلي ۾ پنهنجي برتريءَ جو احساس انسان کي هميشه مغرور ڪري ڇڏيندو آهي. ان صبح جو منهنجي حالت به ڪجھ ان قسم جي هئي. رڪشا واري جي مقابلي ۾ مان يقيناً مغرور، احترام لائق، خوش پوشاڪ ۽ وڏو ماڻهو هوس، هاڻي ٿوري دير کان پوءِ هڪ وڏي جلسي ۾ خطاب ڪرڻو هيم. هو ويچارو انهن ڳالهين کي ڇا ڄاڻي، بس پڪي رستي تي رڪشا ڀڄائيندو ٿي ويو. هوا بيٺل هئي ۽ رستا ڌوڙ ۽ ڌڌڙ کان صاف هئا. اسان ماڳ تي پهچڻ وارا هئاسون ته اوچتو ڪو رڪشا سامهون آيو ۽ ٽڪرائجي پڪي سڙڪ  تي ڍير ٿي پيو.

رڪشا وارو بيهجي ويو. مون منڍي ٻاهر ڪڍي ڏٺو، ليڙن ۾ ويڙهيل هڪ عورت اونڌي ٻوٿ رستي تي پئي هئي. رڪشا واري ان کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر شايد هن جي نظر ڪمزور هئي. اتفاقي طور، لاڙي جي ڪري رڪشا جي رفتار تيز ڪا نه هئي، نه ته عورت کي ڌڪ ڏاڍو لڳي ها. مان ٻاهر نڪري آيس. رڪشا واري عورت کي اٿاريو ۽ تسلي ڏيڻ لڳس. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پري  پري تائين ڪوئي نظر نه ٿي آيو. ڀڄي وڃڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو هو. مون کي دير ٿي رهي هئي، تقريب شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ منٽ هئا... ۽ ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ جي عنوان هيٺ لکيل عالماڻي تقرير منهنجي کيسي ۾ ڪر موڙي رهي هئي، مون ڪَڪِ ٿيندي چيو، ”اي ڀاؤ، رڪشي وارا! عورت کي ڌڪ ته آيو ڪو نه، هاڻي هل کڻي، خواهه مخواهه ٿو وقت ضايع ڪرين.“ پر ڄڻ رڪشا واري جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه چري. هن ڏاڍي نرميءَ سان عورت کي سهارو ڏئي فٽ پاٿ تي وٺي وڃي پڇيو، ”ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟“

”ڏاڍو ڌڪ لڳو آ.“ عورت چنگھندي چيو.

مون کي هن جي مڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. بدبخت نجو پجو ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي. مون کي يقين هو ته هن کي ذرو به ڌڪ نه لڳو هو ۽ هي بيوقوف رڪشي وارو خواهه مخواهه پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪري رهيو هو. هن کي گھربو هو ته هو يڪدم هتان رفو چڪر ٿي وڃي، احمق ڪٿي جو، پاڻ سان گڏ مون کي به دير ڪرائي رهيو هو.

رڪشي وارو واقعي احمق هو ڇو ته عورت جي واتئون اهو ٻڌي، ته هن کي ڌڪ لڳو آهي، اٿيو، عورت کي ٻانهن کان پڪڙي سامهون جاءِ طرف وڃڻ لڳو، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو ”پوليس اسٽيشن.“ دروازو بند هو. هو زور زور سان دروازو ڪُٽڻ لڳو. مان ڪڪ ٿي رستي تي آيس، جيئن خالي سواري حاصل ڪري سگھان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”سائين توهان ڪو ٻيو رڪشو حاصل ڪيو. هو ماڻهو توهان کي نه ٿو کڻي وڃي سگھي.“

”ڏاڍو سٺو.“ مون سڙندي چيو. واچ تي نظر ڪيم، تقريب جو وقت ٿي چڪو هو. سڀ کان پهريون مون کي تقرير ڪرڻي هئي مون... ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ تقرير جا ڪاغذ کيسي مان ڪڍيا. فاتحانه شان سان انهن تي نظر وڌي... رڪشا واري کي هن جي حماقت ۽ بيوقوفيءَ تي ڇنڀيندو، تڪڙيون وکون کڻندو، جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳس.

طنز و مزاح

بڪواس

(مون پنهنجي هنن چند جملن جي ميڙ کي ”بڪواس“ جو عنوان ڏنو آهي. بڪواس کي ڪو به تسلسل ۽ يڪجهتي نه هوندي آهي، هڪ جملي جو مطلب هڪ، ته ٻئي جو ٻيو، اهو ئي بڪواس جو مفهوم آهي.)

 

دوستن کي چيم، ”عزيزو! اڄ بڪواس ڪرڻ جو موڊ آهي.“

چيائون، ”نصيحت آميز نه هجي.“

ڇا بڪواس به نصيحت آميز ٿي سگھي ٿي؟ جڏهن ته بڪواس کي نه ڪن ٿين، نه اکيون. ڪنن، اکين جي ذڪر تان هڪ ڳالهه ياد پئي، هونئن ته هي به ڳالهه ياد ٿي پوي، ته اڄ ڪلهه ماڻهو فل سوٽ پهري، ائير ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ آرامده ڪوچن تي ويهي، ٽنگ مٿان ٽنگ چاڙهي، ليڙون ڪپڙا پهريل، گرمين ۽ سردين ۾ ڪم ڪندڙ هارين جون ڳالهيون ڪندي (مجبوراً) ٺلهيون همدرديون ظاهر ڪندا آهن، ۽ هيءَ ڳالهه به، ته سگريٽ جو زوردار سوٽو هڻندي (ڄڻڪ موسم بهار جي صبح جو، هير جھٽيندا هجن) چوندا آهن ته سگريٽ ڇڪڻ تمام بري عادت آهي. پر هيءَ ڳالهه منهنجي ڀائٽي جي آهي. کيس شڪايت آهي ته مان سندس سنجيده ۽ عقلمندانه سوالن جا صحيح صحيح جواب نه ٿو ڏيان.

چوندو، ”اکيون ڪنڌ ۾ ڇو نه آهن؟“

چوندومانس، ”بابا! ان ڪري، جو اسين ڪالر واري قميس پائي نه سگھون ها.“

چوندو، ”ڀلا گڏهه جا ڪن وڏا ڇو ٿيندا آهن؟“

چوندم، ”ان ڪري جو هو هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن.“

چوندو، ”ڳالهه ٻڌي ته ماڻهو به ڪڍي ڇڏيندا آهن!“

چوندومانس، ”هائو، پر اهي تو وانگر ڦاڙها هوندا.“

سو ادا ضرور نه آهي ته ڪن وڏا هجن ته ڳالهيون سمجھندو. دراصل سمجھ آهي سمجھ وارن لاءِ. جيئن فرمايل آهي (پاڪ ڪتاب ۾) ته، سمجھ وارن لاءِ هن ڪتاب ۾ نشانيون موجود آهن (خدا کي سمجھڻ لاءِ).“ نشان سمجھن نشانيون ڏيندڙ، ۽ وٺندڙ. هونئن ته نشانيون اڪثر ڪري عاشق معشوق کي ڏيندو آهي ۽ معشوق عاشق کي. عاشق معشوق جو چڪر به اهڙو آهي، جهڙو حقي ۾ پاڻيءَ جو. حقي جي پاڻيءَ ۾ ڌپ ٿيندي آهي، ڌپ ته ڪنن واڱڻن ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي ڪچي مارڪيٽ جي ڍير تي اڇلايا ويندا آهن، پر گرهاڪن کي سستا نه ڏنا ويندا آهن (جڏهن تازا هوندا آهن). ڪنو ڪري سهائن، پر غريب جو ڀلو ٿئي، اهو ڪو نه! سستو ۽ غريب، ڪيترا نه عجيب لفظ آهن! ٻڌندا آهيون ته سستائي هئي. الائي ڪهڙي زماني جي ڳالهه. هاڻي ته ”سستو“ لفظ ئي ڊڪشنري مان واڪ آئوٽ ڪري ويو آهي. ڪي وري گڏجاڻين مان واڪ آئوٽ ڪندا آهن. اڄ ته واڪ آئوٽ به فيشن ٿي پيو آهي ۽ فيشن ڪيترائي کاريا آهن. مغرب زده اگھاڙپ کي فيشن سڏي، نه ڄاڻ ڪيترا خاندان برباد ٿي ويا. پر زمانو آهي، فيشن جي جان ئي ڪو نه پيو ڇڏي. ”زمانو به زمانو آ.“ هي منجھيل اڌورو جملو ”زمانو به زمانو آ“ ته وڏن کان ٻڌندا پيا اچون، پر معنى اڄ تائين سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪئي آ. معنى جي چڪر ۾ نه پئجي ته بهتر، ڇو ته معنى سمجھڻ ڪري ڪوڙ جو ڀانڊو کلي پوندو آهي ۽ ڌڙ ڌوڙ ٿي اڏامي ويندو آهي. ڌوڙ به ٻڌندا هئاسون ته ڪُوڙ جي منهن ۾، پر هاڻي ته ڌوڙ ۽ سچ سڳا ڀائر ٿي پيا آهن. جي چئو سچ ته سوري تيار. سوريءَ تي نه ڄاڻ ڪيترا بيگناهه چڙهيا هوندا. بيگناهي جي ڳالهه ئي نه ڪر.

ناني مٿي کي کنهندي چوندي آهي، ”ابا! هر ماڻهو گناهگار آهي.“ ۽ پوءِ توبهه ڪندي آهي. گھڻا ماڻهو مٿو پٽي توبهه ڪندا آهن، گھڻا گيسيون پائي، ڪي ته خون ڪري پوءِ توبهه ڪندا آهن. خون جون ڳالهيون ته اخبارن جو خاص موضوع آهن. اخبارون گھڻن ئي قسمن جون. هڪڙيون ڪَن رڳي بڪواس، ته ٻيون ڦهلائن فتنو. ستل فتنو جاڳائڻ شيطان جو ڪم. شيطان وقت تي هٿ ڪڍي ويندو، لوڙينداسون پاڻ. لوڙڻ کي لوڙهه نه سمجھيو، ڇو ته لوڙهه کڏ ۾ ڦٽندا آهن. هونئن ته بِهه به کڏ ۾ ڦٽندا آهن، پر گھڻا ماڻهو به کڏ ۾ پيدا ٿيندا آهن، يعني گند جي پيدائش هوندا آهن. اهي ڳالهيون گھڻيون ڪندا آهن ۽ عمل ٿورو. ڳالهيون گھڻيون ته مقررَ ڪندا آهن ۽ ٻڌندڙن جو دماغ چٽيندا آهن. دماغ چٽڻ ته ڇڏ، مينهون ته پنهنجو ڦر به چٽينديون آهن ۽ بکيا وري پرايون چوسيل هڏيون. ڪنن جا ٻه رنگ هوندا آهن، ميرانجھڙا ۽ ڪارا. پوليس وارا چورن جو (ڌُڪي تي جيڪو هٿ لڳو) منهن ڪارو ڪندا آهن، ۽ ”سچُو“ نالي چمڙي جي موچڙي سان مار ڪڍندا آهن. گامون سچار ويچارو ويو، موچڙو سچار اچي ويو. واهه پوليس! واهه موچڙا! پوليس ۾ به فرقا آهن، هڪڙا رشوت وٺي خرچي سڏين، ٻيا چون ”هٰذا من فضل ربي.“ گھڻا خرچي وٺي پنهنجا کيسا ڳورا ڪندا آهن، ته ٻيا وري پاڻ کان وڏن عهديدارن جا (انهن کي چمچو چئبو آهي). وڏن عهديدارن کان (پيسن سان) ٻنيءَ ٽڪر به عنايت ٿي پوندو آهي، ته قديم سنڌي ڳوٺاڻن جو اصلي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ به. سرٽيفڪيٽ جا چڪر اهڙا جو هڻ هڻان، چالانُ پيار، بل ادا ڪر ۽ ڀڄ ڊڪ به. ڀڄ ڊڪ راند جي ميدان تي ٿيندي آهي، راند جا ميدان ويڪرا ٿيندا آهن ته سوڙها به. سوڙهي سوڙ به ٿيندي آ. سَوڙ ماڻهوءَ کي ڊگھي ٺهرائڻ کپي، نه ته سوڙ آهر پير ڊگھيري نه سگھندو ۽ ماڻهو چوندس ته سوڙ آهر پير ڊگھيريندو ڪر. ڊگھيرڻ ۽ سوڙها ڪرڻ پنهنجي هٿ وس آهي، پر ناني ڪنڌ ڌوڻي چوندي آهي ته ماڻهوءَ جي هٿ وس ڪجھ به نه آهي. گھڻا چون عادت، ته ڪجھ (مٿي ڦريا) نفيساتي مرض. نفيساتي مرض به وڏا پيدا ٿي پيا آهن، خواب ۾ هلڻ جو، ننڊ ۾ وڙهڻ جو... ويڙهه ته ملهه ڪندا آهن ۽ هيرو ۽ بدمعاش به. پر فتح اڪثر ڪري هيري جي ٿيندي آهي. هيرو پٿر جو عمدو قسم آهي. پٿر جنهن جي مٿي تي هڻبو ته ان جو مٿو ڦاٽي پوندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي سوچي سمجھي پٿر ٿيڻ گھرجي. پٿر دل ۽ نرم دل رڳي حوالا آهن، ڇو ته نرم ميڻ ٿيندي آهي، ميڻ مان ميڻ بتي ٺهندي آهي، پاڻ ٻرندي آهي ۽ ٻين کي روشني ڏيندي آهي، پوءِ روشنيءَ ۾ ويهي ڪيترا ته دولت ٺاهڻ جا پلان ٺاهيندا آهن، گھڻا خون، ڌاڙن چورين جا، ته ڪجھ ويهي علم پرائيندا آهن ۽ سمجھ وڌائيندا آهن. سمجھ وڌائڻ لاءِ ”سوچ“ ضروري آهي، ۽ سوچ لاءِ آزاد دماغ  تڏهن ملندو جڏهن هن دنيا مان فساد ختم ٿيندا....؟....!....؟

طنز و مزاح

آزادي

عام طور هر ڪاليج سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ هاسٽل ضرور هوندي آهي. هاسٽل ۾ شاگرد رهندا آهن. ڇو رهندا آهن؟ ان جا ٻه سبب هوندا آهن: هڪ آزادي ۽ ٻيو گھر جي مانيءَ کان جند چٽي پوندي آهي. پوئين جملي تي حيرت ظاهر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي، ڇو ته پنهنجي بُسري به وِهُه، پَرائي دال به واهه واهه!

آزادي ٻن قسمن جي آهي: هڪ ته پڙهڻ لاءِ صاف سٿرو ماحول، ڇو ته گھڻو ڪري اسان جا گھر سوڙها هوندا آهن (جو ويڪرا گھر هٿ نه ڪري سگھياسون)، جتي ڍڳ ٻارن جي گوڙ سبب پڙهي ڪو نه سگھندا آهيون، ۽ ٻيو ته ماءُ پيءُ جي موچڙن کان جان بچندي آهي... سوچ ۾ غرق ٿيڻ ۽ منجھڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇو ته ماءُ پيءُ هيڏي ساري ڏاڙهيءَ سان پٽ جي عزت ڪري صرف ايترو  چوندا آهن ته بابلا! رات جو ٻارهين ٻارهين تائين گھر کان ٻاهر رهڻ چڱي عادت نه آهي، ماني ٺري ٿي وڃي، وغيره، پر به، انهن کي ڄڻڪ موچڙو سمجھي، گھر کان ٻاهر آزاد رهڻ جو سوچيندا آهن، تنهنڪري ئي هاسٽل ۾ گھڻا ڇوڪرا رهڻ پسند ڪندا آهن.

ڪيترن ئي ڪمرن جي وڏي گھر کي هاسٽل چئبو آهي. اٺ ئي پهر ٻه ٻه چوڪيدار ٻاهرين وڏي در تي چوڪي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندا آهن، جيڪي اڪثر ڪري ڏينهن جو غائب ۽ رات جو ننڊ ڪندا آهن. ان جو سبب هي نه آهي ته ڪمرن ۾ جنن ڀوتن جو آستانو هوندو آهي، پر ان کي... پنهنجي ڊيوٽي... سهڻي نموني وفاداريءَ ۽ ايمانداريءَ سان سَرانجام ڏيڻ چئبو آهي. هر ڪمري ۾ هڪ هڪ يا ٻه ٻه... ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي يا چار چار ڇوڪرا به رهندا آهن. ان جو ڪارڻ هي نه آهي ته گورنمينٽ وٽ هاسٽل ٺهرائڻ لاءِ پئسو ڪونهي، پر جيئن ڇوڪرا پاڻ ۾ گڏ رهڻ سکن. ڇوڪرا به ٻن قسم جا هوندا آهن: هڪڙا پڙهاڪو ۽ محنتي... ٻيا عيش آرام، گھمڻ ڦرڻ جا ڪوڏيا. پهريون ٽولو ”بيڪار“ ۽ ”ردِي“ هئڻ ڪري ڇڏي ٿا ڏيون. اسان جو نمبر ٻئي ”اشراف“ ٽولي سان آهي.

هن ٽولي جي شاگردن جا وار گھڻو ڪري وڏا وڏا، ڪنن تي ۽ پٺن تي لڙڪيل هوندا آهن، ”محبوب دي زلف دراز“ پيا لڳندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪک، پن، ٽارو (ٽَٽون نه) اٽڪيل ڏسي، ائين نه سمجھڻ گھرجي ته جھرڪيءَ جو آکيرو هوندو يا ڪڪڙِ آري تي آهي يا ڪو گھوڙن جو ڪڙه آهي، پر ان کي ڪنهن وڻ جو قصور ۽ تڪرار سمجھڻ گھرجي، جنهن سندن ڊگھن وارن تي حسد ۽ ساڙ وچان بنا ڪنهن ضرورت جي ڪک پن ڦٽو ڪيو هجي. منهن مهانڊو ڪهڙو به هجي، ڦٿل واڱڻ يا ڪني ڪريلي جهڙو يا سج ۽ چنڊ جو ڀڳل ٽڪرو، پائوڊر ڪريم خوب ٿڦيل هوندي، ڪي ڪي سرخي به هڻندا، جيڪا هر رنگ ۾ ملي سگھي ٿي. ڪپڙن، بوٽن ۾ رنگ رنگ ڳتيل، پٽو پٽو، چٽ چٽ چٽو (زيبرا نه سمجھڻ گھرجي). گھمڻ ڦرڻ ۾ نزاڪت، ناٽ ۽ نخرو. مٿي ۾ ڏيڏر يا ڏاند ته ڪو نه هوندو اٿن، پوءِ به ٽر ٽر گھڻي ڪندا آهن. ڊگهو سگريٽ وات ۾، ريل گاڏي جي ڪاري مشين وانگر هميشه دونهون ڪڍندا رهندا.

هي هڪ اهڙي ئي شاگرد جو ڪمرو آهي. فرش تي صرف هزار سوا وارو قالين وڇايل آهي. هڪ پاسي کٽ پئي آهي، ٻئي پاسي صوفه سيٽَ، جن تي شاگرد ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهن. در، دري ۽ روشن دان تي ريشمي ٿلها پردا لڙڪي رهيا آهن، ان ڪري نه، ته متان ڪو پکي اندر گھري اچي، پر جيئن هتي ٿيندڙ ڳالهيون ٻاهر نه وڃن. ائين ڪو نه آهي ته هتي ملڪي نظام بدلڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن يا هي ڪي انقلابي پارٽيءَ جا سرغنا آهن، پر هي انهن ”بدمعاش“ ماڻهن جي رويي خلاف احتجاج جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

پهريائين هنن کان واقف ٿيڻ ضروري آهي. هو مٽو آهي، هي پپو آهي ۽ هو ٻاٽو آهي. اهي سندن پيار ۽ محبت وچان رکيل نالا آهن. جيئن ته ديسي ٻوليءَ ۾ مٺاس ڪونهي، ان ڪري انٽرنيشنل لينگويج ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. مٽو جي مٺ ۾ ٺڪر مان ٺهيل سگريٽ جي ڊگھي نموني جو ڇيڙو بند آهي، ڪجھ ڪجھ دونهون نڪري رهيو اٿس. ٻاٽو مُٺيون ڀڪوڙي ۽ کولي رهيو آهي، نڪ سسي ويو اٿس ۽ اکيون ڦوٽاريل، آواز ۾ ڏاڍي ڪڙڪائي ”مان هڪ هڪ مواليءَ جو خون ڪندس.“

مٽو جي هٿ ۾ جھليل ڊگھي سگريٽ نما ٺڪر جي ڇيڙي وات ۾ وجھي ساهه ڇڪي، وات مان دونهون ڪڍندي، شوشو ڪري  ڪمري ۾ گول ڦرڻ شروع ڪري ٿو.

”ڇو، موالين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ اهي ته خود اسان جا حامي آهن.“ پپو نراڙ ۾ گھنج وجھندي چئي ٿو.

ڇو ته موالين ههڙي پياري شيءِ جو نالو سلفي رکيو آهي.“

”موالين کي ڏوهه نه ڏي. نالو ڪنڀر رکي، نفرت ملڙو ڪٽڙو ڪري، پر اسان جو انهن سان ڇا وڃي، اهو ته انسان جو عالمي حق آهي ته هو ڇا به ڪري، ڇا به چوي.“ مٽوءَ اکيون بند ڪندي ڊگھو ساهه هوا ۾ ڪڍي ڇڏيو، جنهن ۾ نانگ جيان وڪڙ کائيندڙ دونهون ڀريل هو.

ٻاٽو باهه تپيل ٽامي جيان ڳاڙهو ٿي ويو آهي. ڏندن کي ڀڪوڙي، احتجاج ڪندي زور سان اڳيان رکيل ٽيبل کي لت هڻندي چوي ٿو: ”انسان جو عالمي حق؟ انسان آزاد آهي؟ ڪهڙو آزاد آهي! اسان آزاد آهيون؟ ڇا اسان کان جيئڻ نه کسيو ويو آهي؟ ڇا اسان کي ائين نه ٿو چيو وڃي ته ليلي، روزي، نمي جي سنگت ڇڏي ڏيون؟ عظيم شيءِ چرس کان جهليا نه ٿا وڃون؟ شراب جي بهترين شربت پيئڻ کان منع ناهي؟ اچي اچي اسان جي لاءِ سماجي زنجير پيدا ٿيا آهن. ملڙا بند ڪمري ۾ اثرائتو تعويذ لکن! فقير اونداهي ڪوٺيءَ ۾ جن ڪڍن! امير ڪلبن ۾ رنن سان نچن، غريب گھر ۾ زال کي گاريون ڏئي! باقي اسان لاءِ شراب حرام، چرس گناهه، چوري ڏوهه! هر ڳالهه تي پابندي، هر ڳالهه تي بندش.“

”چڱو چڱو، محفل جو مزو ڪنو نه ڪر. ڏس ته وقت تي موسيقي به آئي آهي. اٿو اٿو ڊانس ڪيو. ڪرسي پري ڪر، ٽيبل سور، گول گول ٺاهيو، ڏس... ڏس، عظيم سلفي پري نه رک،  لڳي دم، مِٽي غم... لڳي دم، مِٽي غم... دم... دم... دم!“

ٽئي ڳائن ٿا، جھومن ٿا، گول ڦرن ٿا، دونهون ڪڍن ٿا، رڙيون ڪن ٿا، ”آزادي“، ”انساني آزادي“، ”عالمي آزادي“، ”جيئي آزادي“، ”سدا جيئي“، ”جيئي جيئي“.

اردو ادب مان                    ليکڪ: شفيق الرحمان

سنجيدگيءَ سان ... چپڙا ڊگھا ڪيو

 

ٻارن جي تربيت:

ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان نرمائيءَ سان پيش اچو.

ٻار سوال پڇن ته جواب ڏيو، پر اهڙيءَ طرح جو ٻيهر سوال نه پڇي سگھن. جيڪڏهن توهان کي ڪَڪ ڪن تي چئونِ، ”جڏهن وڏا ٿيندؤ، تڏهن پاڻهي سمجهي ويندؤ.“ ٻارن کي دلچسپ ڪتاب پڙهڻ نه ڏيو، ڪورس جا ڪتاب ئي کوڙ آهن. ٻارن کي جنن ڀوتن کان ڊيڄاريندا رهو، شايد هو بزرگن (وڏن) جي عزت ڪرڻ لڳن. جيڪڏهن ٻار بيوقوف آهن ته پرواهه نه ڪيو، وڏا ٿي رڍ ٿيندا يا پنهنجو پاڻ کي رڍ سمجھڻ لڳندا. ٻار کي ٻين جي سامهون دڙڪو نه ڏيو، هن جي تحت الشعور تي خراب اثر پوندو. هڪ طرف وٺي وڃي دل کولي خدمت ڪيوس.

جيڪڏهن ٻار ضد ڪن ٿا ته توهان به ضد ڪرڻ شروع ڪيو. هو پاڻ شرمندا ٿيندا.

ڏٺو ويو آهي ته ڪٽنب ۾ ٻه ٽي ٻار هجن، ته اهي لاڏلا ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري هميشه ڏهه ٻارهن ٻار هئڻ گھرجن، جيئن هڪ به لاڏلو بنجي نه سگھي.

اهڙيءَ طرح ٻار سڀني کان ننڍو هئڻ ڪري بگاڙيو ويندو آهي، تنهنڪري آخري ٻار نه هئڻ گھرجي.

انـقــلاب

ليکڪ: جارج اورويل

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

]تعارف: انگريزي مصنف جارج اورويل جو اصلي نالو ايرڪ بليئر هو. هُو 1903ع ۾ هندوستان ۾ ڄائو، برما پوليس ۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ انگلينڊ جي هڪ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو هڪ بوڪ اسٽال تي به ملازم رهيو ۽ پوءِ اسپين هليو ويو، جتي اسپين جي خانه جنگي ۾ به شريڪ ٿيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگلينڊ جي هوم گارڊ ۾ به رهيو ۽ بي بي سي لاءِ ڪم ڪيائين. مختلف اخبارن جو رپوٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو، ۽ 1948ع ۾ انگلينڊ ۾ مري ويو. هن جي تعليم معمولي هئي ۽ تجربو زياده، جنهنڪري هو هر ميدان ۾ ڪامياب رهيو.

هي ناول سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو، جو چوڏهن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مقبوليت جو سبب هي آهي ته مصنف آمريت ۽ روسي نظامِ حڪومت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. عوام کي هن جانورن جي روپ ۾ ۽ اقتدار جي بکايل ليڊرن کي سوئر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.

هي ليڊر عوام کي خوشحالي ۽ پيٽ ڀري چاري کائڻ جا سبز باغ ڏيکاري، انهن کان بغاوت ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪندا آهن، پر حڪومت ۾ سواءِ سوئرن جي ٻئي ڪنهن جانور کي نه کنيو ويندو آهي. جانور ”پنهنجي مالڪ“ جي فلاح ۽ بهبود ۾ مگن ٿي ويندا آهن. آخر هڪ ڏينهن انهن کي خبر پوندي آهي ته پهرين کان به بدتر غلام ٿي ويا آهن، پر ڪجھ ڪري نه سگھندا آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ هو حڪمرانن جي انهن زنجيرن ۾ جڪڙجي چڪا هوندا آهن.[

 

شهر کان پري هڪ تمام وسيع فارم هو، جنهن جو مالڪ مسٽر جونز هو. ان فارم ۾ جونز بيشمار جانور رکيا هئا. انهن ۾ ڳئون ۽ مينهون به هيون، جن جو مڻين کير بازار ۾ وڪرو ٿيندو هو. ڪيترائي ڏاند  گھوڙا به هئا، جيڪي هَرن ۽ بگين ۾ جوٽيا ويندا هئا. رڍون ۽ ٻڪريون به هيون، جيڪي ڪاساين کي وِڪيون وينديون هيون. بدڪون ۽ ڪڪڙيون به هيون، جن جا آنا مانڊڻين تي وڪيا ويندا هئا، ۽ انهن جانورن ۾ سوئر به هئا.

سوئرن جو هڪ بزرگ سوئر ”اولڊ مئنيجر“ جي نالي سان مشهور هو. اهو فارم جو سڀ کان دانشمند ۽ دورانديش جانور هو. هو ايترو ته ٻڍو هو، جو گھمڻ ڦرڻ کان به ويهجي ويو هو. فارم جو مالڪ مسٽر جونز شرابي ڪبابي ماڻهو هو. اڪثر ڪري شراب پِي، مست ٿِي، اهو به ڀلجي ويندو هو، ته سندس نوڪرن جانورن کي ڌار ڌار واڙن ۾ بند به ڪيو آهي يا اهي آزاديءَ سان ڦرندا پيا وتن. هڪ شام جو جونز اهڙي ئي لاپرواهي ڪئي، ته سوئرن ان جو پورو پورو فائدو وٺڻ جو پهه پچايو. سوئر ڪيتري ئي مدت کان جانورن تي پنهنجي حڪومت ڄمائڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا هئا. انهن ڳجھ ڳوهه ۾ هڪ سياسي پارٽي ٺاهي ڇڏي هئي، جنهن جو ليڊر ”اولڊ مئنيجر“ هو. ٻيا سوئر ان پارٽيءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا. هڪ جو نالو سنوبال، ٻئي جو نپولن ۽ ٽين جو نالو اسڪيلر هو.

مسٽر جونز نشي ۾ غرق پنهنجي ڪمري ۾ بي سُڌ سمهيو پيو هو، ۽ هن جا نوڪر سندس بدمستيءَ جو فائدو وٺي شهر گھمڻ ويا هئا. ڳئن، مينهن، گھوڙن، گڏهن، رڍن، ٻڪرين، بدڪن ۽ ڪڪڙين ۾ ٽن چئن سوئرن اچي اهو افواهه پکيڙيو ته انهن جي وڏي سوئر اولڊ مئنيجر هڪ عجيب تجسس انگيز خواب لڌو آهي، جيڪو هُو مرڻ کان اول سڀني جانورن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو، جيڪي جانور ان جو خواب نه ٻڌندا، اُهي هميشه انسان جي ظلم جو نشانو بڻجي رهندا.

ويچارا سادڙا جانور سوئرن جي ڳالهين ۾ ڦاسي پيا ۽ اچي هڪ ٿَلهي جي چوڌاري گڏ ٿيا. ٿَلهي تي اولڊ مئنيجر ويٺو جھوٽا کائي رهيو هو. ٻن سوئرن ان جي ڀرسان اچي ڪجھ ڀڻڪيو. اولڊ مئنيجر اٿي بيٺو ۽ جانورن جي ميڙ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو:

”ساٿيو! خبر نه آهي ته توهان اهو ٻڌو آهي يا ڪو نه، ته مون هڪ خواب ڏٺو آهي. منهنجي عمر پوري ٿي چڪي آهي. توهان جي بري حالت مون کي وڌيڪ جھوري وڌو آهي. مان چاهيان ٿو ته مرڻ کان پهرين توهان کي هڪ اهڙو رستو ڏيکاري وڃان جنهن تي هلي توهان انسان جي غلاميءَ کان نجات حاصل ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھو، جتي توهان آزاديءَ سان هڻڪي سگھو، مين مين ڪريو، ٽان ٽون ڪريو، اٽون هڻي سگھو، ڪُڏ ۽ ٺينگ ڏيندا وتو.“

ٻڍي سوئر آواز ۾ ڏک ڀريندي چيو، ”ساٿيو! خواب ٻڌائڻ کان پهرين مان توهان کي توهان جي حقن ۽ توهان جي موجوده حالت کان واقف ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. اسان جانور تنگي، بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان کان، اسان جو پيدائشي حق کسيو ويو آهي. هن فارم جو مالڪ، جنهن جو نالو جونز آهي، اسان کان تمام گھڻو ڪم وٺي ٿو ۽ ان جي بدلي تمام ٿوري خوراڪ ڏئي ٿو. اسان کي آواز اٿارڻ جو حق ڪونهي. جڏهن اسان ڳالهايون ٿا ته هو اسان کي واڙي ۾ بند ٿو ڪري ڇڏي. اسان خوشحالي جي نالي کان به واقف ڪو نه آهيون. هن فارم جو مالڪ جيڪو سونُ ۽ چاندي ٿو ڪمائي، اهو صرف اسان جي محنت، مشقت ۽ جان جي قربانين جي ڪري آهي. اسان جيڪو زمين مان اَنُ اپايون ٿا، ان جي ڪري اسان جو مالڪ امير بنجي ويو آهي، پر اسان بکيا آهيون. اسان جي رت ۽ پگھر جي ڪمائيءَ مان انسان عيش پيو ڪري، مزا پيو ماڻي ۽ توهان ڪِلن سان ٻڌل خاموشيءَ سان اوڳر ڪندا ٿا رهو.“ ٻڍي سوئر جي تقرير ۾ اوچتو جوش پيدا ٿي ويو. هن پنهنجو دوناڙ گھمائيندي چيو، ”اي مينهون ۽ ڳئون! ڇا توهان ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي ته توهان جو مڻين کير بازار ۾ وڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته توهان جا ٻچا کير جي هڪ گوهي جي لاءِ سڪندا رهن ٿا. اي بدڪون ۽ ڪڪڙيون! توهان ڪڏهن پنهنجي سرمائيدار کان پڇيو آهي ته جيڪي آنا  توهان ڏاڍي تڪليف سان ڏيو ٿيون، اهي ڪيڏانهن ٿا گم ٿي وڃن ۽ توهان ڪيترائي ڏينهن پابنديءَ سان آنن تي ويهي ويهي جيڪي ٻچا ٿيون ڦوڙيو، اهي ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿا؟ توهان ڏٺو آهي ته انسان توهان جي ٻارن جي يخنِي ٿو پيئي؟ اي ٻڪريون ۽ رڍون! ڇا توهان ڪڏهن ڏٺو آهي ته جيڪي ڇيلڙيون ۽ ليلڙيون جوان ٿي وڃن ٿيون، انهن کي ڪنهن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي؟ انسان توهان جو گوشت کائي ڏنڊو  متارو ٿيو آهي. اي رڍون! انسان توهان جي پشم لاهي، توهان کي اگھاڙو ٿو ڪري ۽ پاڻ گرم ڪپرا ٿو پائي. اي گھوڙو ۽ گڏهو! توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان پنهنجي طاقت کان وڌيڪ وزن کڻو ۽ گهليو ٿا، پر جڏهن توهان ٻڍا ٿي وڃو ٿا ته توهان کي ماري توهان جي کل لاهي وڪِي ويندي آهي!؟ جانورو! جاڳو! هن نظام جي خلاف بغاوت ڪيو! توهان جي بغاوت جو ذريعو صرف هڪ آهي... انقلاب... انقلاب! موجوده نظام کي اِٽن سان ڀڃي ڀورا ڪريو، اقتدار پنهنجي هٿ ۾ وٺو، پوءِ توهان جو کير توهان جي ملڪيت هوندو ۽ توهان کي پنهنجن آنن تي پورو پورو حق هوندو. پوءِ توهان تي ڪو به توهان جي مرضيءَ خلاف وزن رکندو يا توهان کي گاڏيءَ آڏو ڊڪائيندو، ته توهان ان کي پوري آزاديءَ سان اِٽون هڻي سگھندؤ.“ ٻڍي سوئر پنهنجو بي ڊولو دوناڙ ڦيرائيندي چيو، ”هاڻي مان توهان کي پنهنجو خواب ٻڌايان ٿو. هي ڪو ڊگھو ويڪرو خواب ڪونهي. خواب ۾ رڳو ايتري ڳالهه ٿي هئي ته ننڍپڻ ۾ اسان هڪ ترانو ڳائيندا هئاسون، جيڪو وڏي لاءِ منهنجي ذهن مان نڪري ويو هو. ڪالهه رات خواب ۾ اهو وسريل ترانو ياد اچي ويو آهي. اڄ کان اهو اسان جو قومي ترانو هوندو. اجھو ٻڌو، مان اهو ترانو ڳايان ٿو، پوءِ توهان به مون سان گڏجي ڳائجو.“

سور ڳائڻ لڳو: ”انگلستان جا جانورو! آئرلينڊ جا جانورو! هر ملڪ جا جانورو! سڄيءَ دنيا جا جانورو! اهو سج اڀرڻ وارو آهي، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان انسان جي ظالماڻي حڪومت کان نجات حاصل ڪري وٺندؤ. اهو ڏينهن جلدي يا دير سان ايندو ضرور، جڏهن سڄي زمين تي جانورن جي حڪومت هوندي. اقتدار جانور جي هٿ ۾ هوندو. نه لگام هوندو نه ناڪيلي، نه ڳچين ۾ رسيون هونديون، نه چابڪ، نه هنٽر، هي بوسو، هي ڪڻڪ، هي چانور، هي گاهه سڀ توهان جو هوندو. ان تي انسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي، هر شيءِ جانور جي قومي ملڪيت هوندي. سڄيءَ دنيا جا جانورو! هڪ محاذ تي گڏ ٿي وڃو، ان مبارڪ ڏينهن لاءِ خون وهايو، جيڪو ڏينهن توهان جي آزاديءَ جو پيغامبر ٿي اڀرندو. اي بدڪون! توهان جو مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي، ان کي سنهرو ڪري ڇڏيو...“

ٻڍي ”اولڊ مئنيجر“ ڳائي بس ڪئي، ته سڀني کي گڏجي ڳائڻ لاءِ چيائين. جڏهن ايترن گھوڙن، مينهن، ڳئن، رڍن، ٻڪرين، ڏاندن، بدڪن، ڪڪڙين ۽ چئن سوئرن گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو، ته زمين ۽ آسمان به ڏڪڻ لڳو. اهڙو ته منجھيل گوڙ گهمسان ٿيو جو فارم جي مالڪ جو هوش به موٽي آيو. هو ته نشي ۾ بدمست پيو هو. هن سوچيو شايد واڙي ۾ بگھڙ گھڙي آيا آهن، جن کان ڊڄڻ سبب جانورن هيءَ قيامت برپا ڪئي آهي. هن بندوق کنئي ۽ ٻنهي نالن ۾ ڪارتوس وڌائين. بندوق دريءَ کان ٻاهي ڪري، واري واري ٻئي گوليون هوا ۾ فائر ڪري ڇڏيائين. ٺڪائن کان جانور پنهنجي پنهنجي واڙي طرف هليا ويا، ڪڪڙيون به ساهه منجھائي پنهنجي پنهنجي خانن طرف ڊوڙيون، سوئرن انهن کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ متحد ٿي مقابلو ڪرڻ تي اڀاريو پر ڪو به جانور ميدان ۾ بيهي نه سگھيو.

ٽن ڏينهن تائين اولڊ مئنيجر ۽ سندس ٽن سوئرن سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر پنهنجون ڳجھيون انقلابي سرگرميون جاري رکيون ۽ جانورن کي ڀڃ ڊاهه ۽ انقلاب لاءِ تيار ڪندا رهيا. چوٿين ڏينهن اولڊ مئنيجر دل جي دوري بيهجي وڃڻ سبب مري ويو. سوئرن وري اها پروپيگنڊا ڪئي ته اولڊ مئنيجر کي مسٽر جونز جي نوڪرن هڪ سازش ڪري ماريو، ڇو ته هنن کي ڊپ هيو ته اولڊ مئنيجر جي اڳواڻيءَ ۾ جانور پنهنجي انقلابي حڪومت قائم ڪري وٺندا. پروپيگنڊا ۾ اهو به هُلايو ويو ته مسٽر جونز ائين ڪري سڀني انقلابي جانورن کي مارائي ڇڏيندو. ان پروپيگنڊا جو چڱو نتيجو نڪتو. ٽنهي سوئرن جانورن کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا اهڙا ته سبز باغ ڏيکاريا جو هو بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

سوئرن جيڪا ڳجھي انقلابي پارٽي ٺاهي هئي، ان ۾ جانور ٽولا ٽولا ٿي ڪري شامل ٿيڻ لڳا. ڳجھا اجلاس به ٿيا ته کليل جلسا به. باقاعدي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي جنهن جا ورح روان ٽي سوئر هئا. ويچارا سادڙا جانور سوئرن کي ڏاڍو قابل، جھان ديد ۽ سياستدان جانور سمجھندا هئا، ڇو ته انهن جنهن معاشرتي نظام جو منصوبو ٺاهيو هو، اهو ڪنهن به گڏهه، گھوڙي، ڏاند، مينهن، ڳئون جي دماغ ۾ ڪو نه آيو هو. سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر اولڊ مئنيجر جي تعليم کي اڳيان رکيو هو. هنن پنهنجي تحريڪ جو نالو ”جانور ازم“ رکيو هو. هنن هڪ جھنڊو به تيار ڪيو هو جنهن جو رنگ ڳاڙهو ۽ ان تي سِڱ ۽ کُر جو اڇو نشان هو.

هڪ شام جو مسٽر جونز هڪ دوست جي دعوت تي شهر هليو ويو. هو عادت مطابق شراب پي ويو هو. هن کي جانورن جي بند ڪرڻ جو خيال نه رهيو. هن جي نوڪرن به سندس غير حاضريءَ جو فائدو ورتو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرف نڪري ويا. مسٽر جونز ۽ نوڪر پنهنجي پنهنجي عياشين ۾ ٽي ڏينهن فارم کان غير حاضر رهيا. انهن به جانورن جي پرواهه نه ڪئي. جانورن کي اندر کليل ڇڏي ٻاهريون ڦاٽڪ بند ڪري ويا. اندر ٿورو چارو هو جيڪو جانورن هڪ ڏينهن ۾ کائي ڇڏيو. ڦاٽڪ بند هجڻ سبب هو ٻاهر کائڻ، چرڻ، چڳڻ وڃي نه سگھيا ۽ ٻه ڏينهن بکيا رهيا. ان صورتحال مان سوئرن فائدو ورتو ۽ هنن ۾ خوب اشتعال پيدا ڪيو ۽ کين ڀڙڪايو. هنن جانورن کي چيو ته مسٽر جونز ۽ هن جا نوڪر هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت غائب ٿي ويا آهن. هنن کي اسان جي تحريڪ جي ڄاڻ پئجي وئي آهي، ان ڪري هو اسان کي سزا ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان ڪو جوابي قدم نه کنيو، ته انسان اسان کي بکيو ماري ڇڏيندا.

چوٿين ڏينهن نوڪر چاڪر واپس موٽي آيا. ٿوريءَ دير ۾ مسٽر جونز به اچي ويو. جانور سڄي فارم ۾ پکڙيل هئا. گڏهه ۽ ڏاند مسٽر جونز جي گھر جي اڱڻ ۾ وڃي ويهي رهيا. نوڪرن جانورن کي هڪلڻ چاهيو ته جانورن سول نافرماني شروع ڪري ڏني. نوڪر ڏنڊا کڻي آيا ته گهوڙن ۽ گڏهن اِٽن سان مٿن حملو ڪيو. مينهن ۽ ڏاندن ٻن ٽن نوڪرن کي سڱن سان ڪيرائي رکيو. مسٽر جونز کي جانورن ايتري مهلت به نه ڏني جو هو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي بندوق کڻي اچي ها. گھر کي جانورن پنهنجي گھيري ۾ ڪري ڇڏيو هو.

آخر انسان رتوڇاڻ ٿي، ڀڄي ويا ۽ فارم تي جانورن جو قبضو ٿي ويو. سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر فوراً پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي، جنهن کي هنن عوامي نالو ڏئي پنهجو جھنڊو چاڙهي ڇڏيو، پر حڪمرانيءَ ۾ ٽن سوئرن کان سواءِ ڪنهن کي به شامل نه ڪيو ويو. حڪومت جو فوراً آئين تيار ڪيو ويو، جيڪو حقيقت ۾ ليڊرن پهريون ئي تيار ڪري رکيو هو. ان آئين جو هڪ نقل فارم جي دروازي تي لڳايو ويو.

آئين جا خاص نڪتا هي هئا:

1)  ٻن ٽنگن تي هلندڙ اسان جا دشمن آهن.

2) چئن ٽنگن تي هلندڙ اسان جو دوست آهي.

3) ڪو به جانور ڪپڙن پائڻ جو حقدار ناهي، جيئن مساوات قائم رهي.

4) ڪنهن به جانور کي بستري تي سمهڻ جي اجازت ناهي، جيئن امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي.

5) ڪنهن به جانور کي شراب پيئڻ جي اجازت ناهي.

6) ڪو به جانور ڪنهن جانور کي سِڱ، اِٽ، چَڪ يا ٻئي طريقي سان ماري، ڪُٽي، هيسائي نه ٿو سگھي.

7) سڀ جانور هڪجهڙا آهن.

مسٽر جونز جو گھر خالي هو. سوئرن ان کي قومي عجائب گھر ۽ آمريت جو ڦٽل يادگار ڪري محفوظ رکيو. جانور ڏاڍا خوش هئا. هُو پنهنجي مرضيءَ سان چارو کائيندا ۽ ڪم ڪندا هئا. سڀ کان وڌيڪ خوش گڏهه هئا. جيئن چاهن هينگ ڪري سگھن پيا. هنن کي کائڻ پيڻ کان وڌيڪ تقرير جي آزادي هئي. سڀ جانور فارم جي ترقي ۽ معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا پر سوئرن پنهنجو پاڻ کي جسماني ڪم کان علحده قرار ڏنو هو. انهن جو دليل اهو هو ته هنن کي حڪومتي ڪمن کان ئي فرصت ڪو نه ٿي ملي، اهي صرف نگراني ۽ هدايت ڪاري ڪندا هئا. هر آچر جي صبح جو سڀ جانور جھنڊي هيٺان اچي گڏ ٿيندا هئا، جيڪي اولڊ مئنيجر جو تخليق ڪيل قومي ترانو ڳائيندا هئا. پوءِ سنوبال ۽ نپولن تقرير ڪندا هئا. هر دفعي انهن جي تقرير ان هڪ موضوع تي هوندي هئي ته هي فارم توهان جو آهي. هيءَ حڪومت توهان جي آهي. ڏينهن رات محنت ڪري فارم کي جنت بڻائي ڇڏيو.

ٽيون سوئر جنهن جو نالو اسڪيلر هو، گھڻو ڪري خاموش رهندو هو. سنوبال ۽ نپولن ئي اڳيان رهندا هئا. اقتدار انهن ٻنهي جي هٿن ۾ هو. جانورن کي ٻنهي کان ئي حڪم ۽ هدايتون ملنديون هيون. ڏينهون ڏينهن جن جن سڌارن جو اعلان ٿيندو هو، اهو ٻنهي جي زباني هوندو هو ۽ انهن کي عوام طرفان جيڪو داد ملندو هو، اهو به ٻنهي لاءِ هو. اتان هنن ٻنهي ۾ راءِ جو اختلاف ٿي پيو. هو هڪ ٻئي کان وڌي ڪري جانورن ۾ ڳجھي نموني، جانورن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ان جو اثر اهو ٿيو جو جانورن کي هاڻي اها خبر پوڻ لڳي ته ڪهڙي نئين ڳالهه ڪهڙي ليڊر سوچي آهي، تنهنڪري ٻنهي کي ان جي مطابق واهه واهه ملندي هئي زنده باد جا نعرا به انهيءَ جي مطابق اٿندا هئا. ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ لڳي ۽ عوام جو ڏک گھٽجڻ لڳو.

سنوبال ذهين ۽ شاطر سوئر هو. ان کي جانورن ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي وئي. نپولن ان جو اهو علاج سوچيو ته سنوبال جيڪو به ترقياتي منصوبو پيش ڪندو هو، هُو ان جي مخالفت شروع ڪري ڏيندو هو. اقتدار جي ان جنگ ۾ ڪيتريون ئي سٺيون سٺيون ۽ ڪارآمد اسڪيمون تباهه ٿي ويون. فارم جي روزمره جي ڪم ڪار تي به اثر پوڻ لڳو. ٻئي ليڊر جيڪي هينئر حاڪم هئا، حڪومت مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لڳا. هنن جانورن کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريا هئا، اهي به هاڻي اقتدار جي جنگ ۾ ختم ٿيڻ لڳا. جانورن چٽيءَ طرح محسوس ڪيو ته هاڻي حالتون بگڙي رهيون آهن ۽ هنن جي اکين ۾ ڌوڙ وِڌي پئي وڃي.

آخر جانورن ۾ سُس پس ٿيڻ لڳي. انهن ڏٺو ته جهڙيءَ طرح مسٽر جونز جي زماني ۾ آنا ۽ کير غائب ٿيندو هو، هاڻي به ساڳيءَ طرح غائب ٿي رهيو هو. بدڪن ۽ ڪڪڙن جا چوزا به گم، ته فارم جي باغ جا ميوا به غائب. جانور محنت ۽ مشقت ته ڪري رهيا هئا پر هنن کي ايترو ئي چارو ملي رهيو هو جيتري تي هو پهريون گذارو ڪندا هئا.

جانورن کي خاص طرح يقين ڏياريو ويو هو ته کين تقرير ڪرڻ جي آزادي آهي. انهيءَ بنياد تي هنن سوئرن جي قيادت ۾ بغاوت ۽ انقلاب آندو هو. ان حق جو فائدو وٺندي هڪ آچر تي جڏهن سڀ جانور اچي جھنڊي هيٺان گڏ ٿيا، تڏهن هڪ گھوڙي سڀني جانورن جي نمائندگي ڪندي چيو ته ڳئن ۽ مينهن جو کير ۽ بدڪن ۽ ڪڪڙين جا آنا ۽ باغ جا صوف ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ عوام کي حق حاصل آهي ته هو حڪومت کان ان قسم جا سوال پڇن.

نپولن ۽ سنوبال هڪٻئي کي ڏٺو. اهو واحد مسئلو هو جنهن تي ٻئي متفق نظر آيا. هنن اکين ئي اکين ۾ اتفاق راءِ ڪئي ۽ نپولن ميڙ سان هيئن مخاطب ٿيو:

”عزيز هم وطنو ۽ پيارا ساٿيو! توهان کي صرف ايترو ئي علم آهي ته توهان عوام آهيو ۽ اسين سرڪار آهيون. پر توهان کي اها خبر ڪانهي ته سرڪاري مشينري هلائڻ ڪيترو ڏکيو، محنت طلب ۽ نازڪ ڪم آهي. توهان ڏينهن جو ڪم ختم ڪري آرام سان سمهي پئو ٿا، پر اسان کي توهان جي بهتريءَ ۽ فلاح جي سوچ راتين جو به ننڊ ڪرڻ ڪو نه ٿي ڏئي. اهڙن ڏکين ۽ اهم ڪمن لاءِ ضروري آهي ته اسان ليڊرن جي صحت ٺيڪ هجي. جيڪڏهن اسان تندرست نه رهياسون ته ترقياتي منصوبا ڪير سوچيندو ۽ توهان جي حقن ۽ توهان جي آزاديءَ جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪير ڪندو؟ توهان ڄاڻو ٿا، ته صحت ۽ تندرستي کير، آنن ۽ چوزن جي يخنيءَ سان ئي بهتر ۽ برقرار رهي سگھي ٿي، جيڪڏهن ليڊر سٺي غذا نه کائيندا ته وري توهان انسانن جا غلام بنجي ظلم، ستم ۽ بک جي چڪيءَ ۾ پيسجي ويندؤ. سنوبال به کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ نپولن جو پورو پورو حصيدار هو، تنهنڪري هن به نپولن جي تائيد ڪئي ۽ عوام کي محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

مسٽر جونز شهر ۾ ويٺو فارم تي قبضي ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رهيو هو، پر کيس ايترن جانورن سان مقابلي ڪرڻ جي همت ڪو نه ٿي ٿِي. هن جن سان به اها ڳالهه ٿي ڪئي ته فارم تي جانورن قبضو ڪيو آهي، اهي مٿس کليا ٿي. ڪجھ ماڻهن ته  ائين ٿي چيو ته شراب پِي پِي جونز جو دماغ خراب ٿي ويو هو. آخر هن ڪِرائي تي ڪجھ ماڻهن کي پاڻ سان کنيو، بندوق کنئي ۽ فارم تي قبضو ڪرڻ هليو. فارم جا ٽي چار ڪبوتر اڏري رهيا هئا، انهن وڃي نپولن ۽ سنوبال کي خبردار ڪيو ته مسٽر جونز بندوق کنيو، ڪجھ ماڻهن سان گڏجي، جن کي لٺيون ۽ رسا آهن، ڪاهيو پيو اچي. ٻنهي سوئرن گھوڙن، گڏهن ۽ مينهن کي لڪل جاين تي اوٽ ۾ ويهاري ڇڏيو، پاڻ اسڪيلر سان گڏ پوزيشن وٺي ويهي رهيا.

جيئن ئي مسٽر جونز جو مختصر دستو فارم ۾ پهتو، گھوڙن گڏهن ۽ مينهن انهن تي حملو ڪري ڏنو. مسٽر جونز گوليون هلايون، جن کان ٻه ٻڪريون ۽ ٻه رڍون مري ويون. هڪ گولي سنوبال کي لڳي، پر زخم گھرو نه هو. مسٽر جونز بندوق ۾ ڪارتوس وجھي رهيو هو ته سنوبال ان تي حملو ڪري ڏنو. جونز بندوق ڦٽو ڪري وٺي ڀڳو. هن جا جيڪي ماڻهو بچيا هئا، اهي به ڀڄي ويا ۽ حملو بري طرح ناڪام ٿيو.

حالتون وري ٺيڪ ٿي ويون. هڪ ڏينهن سنوبال هڪ ترقياتي منصوبو تيار ڪيو. هن مسٽر جونز جي گھر جي هڪ ڪمري جي فرش تي چاڪ سان نقشو ٺاهيو. منصوبو اهو هو ته هڪ پاڻيءَ گرڻو ٺاهيو وڃي، جنهن سان ٻين ڪمن کان سواءِ بجلي به پيدا ڪري سگھجي. هن نپولن کي ڪمري ۾ وٺي وڃي نقشو ڏيکاريو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته پاڻيءَ گرڻو ڪٿي لڳايو وڃي ۽ بجلي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي وڃي. نپولن نقشي کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ ان کي سنگھيائين، وري ٽنگ کڻي، ان تي پيشاب ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ هن نه ڪا نقشي تي تنقيد ڪئي، نه تعريف. سنوبال سڙي کامي ويو. هن نپولن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان ترقياتي منصوبي جي ڪري جانورن جي معاشي حالت بهتر ٿي ويندي، پر نپولن ويٽو استعمال ڪندي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو. سنوبال ڪٿي ٿو ايترو جلدي هار مڃي! اڳلي آچر تي جڏهن سڀ جانور جھنڊي هيٺان پنهنجو ترانو ڳائي چڪا، ته سنوبال پنهنجي هفتيوار تقرير ڪرڻ لڳو. هن جانورن کي پاڻيءَ گرڻي جي منصوبي بابت ٻڌايو ۽ چيو ته ڪامريڊ نپولن ان منصوبي کي منظور نه ڪيو آهي، پر مان ان کي منظور ڪرائي ساهي پٽيندس، ڇو ته اهو عوام جي ڀلائيءَ جو بهترين ذريعو آهي. جانورن ڪامريڊ سنوبال زنده آباد جا نعرا هنيا ۽ رڙي رڙي چيو ته منصوبي تي فوراً عمل ڪيو وڃي.

نپولن عجب طريقي سان گرڙاٽ ڪئي. هن جي گرڙاٽ تي اوچتو چار ڪتا، جيڪي نه ڄاڻ ڪٿي لڪل هئا، ٿَلهي طرف وڌيا. سنوبال ڀڄي نڪتو. ڪتا ان جي پٺيان، سڀ جانور هَڪا ٻَڪا ٿي ويا. ٻڪريون ۽ رڍون ڊڄ سبب گھوڙن ۽ مينهن جي ويجھو ٿي بيٺيون. سنوبال ڏاڍو تيز سوئر هو. هن ڪتن کي پاڻ تائين پهچڻ نه ڏنو. ڪتا ڏاڍا خونخوار هئا. اهي سنوبال جي پٺيان ڏاڍو تيز ڊوڙيا، تان جو سنوبال ميل کن پري هڪ پهاڙيءَ تي وڃي چڙهيو ۽ ٻئي طرف نظرن کان غائب ٿي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ سنوبال نظر ڪو نه آيو.

نپولن سان گڏ هاڻي هڪ سوئر رهجي ويو. ان جو نالو اسڪيلر هو. هو چاپلوس قسم جو سوئر هو. هن ان ۾ ئي خيريت سمجھي، ته نپولن جي ها ۾ ها ملائي. هن کي جيڪا ڪرسي ڏني وئي، ان تي مڙئي نالي طور وزير ۽ مشير بنيو ويٺو هو. ان جو ڪم اهو هو ته جانورن ۾ نپولن جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪندو رهي. ان جي زباني جانورن کي معلوم ٿيو ته نپولن ڳجھ ڳوهه ۾ خونخوار ڪتا پالي رکيا آهن، جن کان هو عام رعيت کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جو ڪم وٺندو آهي. انهن مان هن چار ڪتا استعمال ڪري سنوبال جي مخالفت ڪئي ۽ عوام دوستيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.

اهو ته هنن کي اسڪيلر جي واتئون پتو پيو، ته نپولن ڪتا پاليا آهن. هن آچر تي جڏهن ڪتن سنوبال کي ملڪ نيڪالي ڏني، تڏهن نپولن پاڻ به ڪتن متعلق اشارو ڪري ڇڏيو هو. هن تقرير ڪندي چيو هو، ”ساٿيو! سنوبال شرپسند ۽ ملڪ دشمن هو. هن پاڻيءَ گرڻو ٺاهي فارم جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ٿي چاهيو. هو مسٽر جونز جو ايجنٽ هو. توهان ان جو حشر ڏٺو. مان چاهيان ٿو  ته ملڪ ۾ وڌيڪ اناج پيدا ڪري خوراڪ جو مسئلو حل ڪيو وڃي. منهنجي سامهون توهان جي ترقي ۽ تعمير آهي. مان ڏسي رهيو آهيان ته عوام جي اڪثريت پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ آهي. مان توهان کي راءِ ڏيڻ جي حق کان محروم نه ٿو ڪرڻ چاهيان، تنهنڪري مان پاڻيءَ گرڻي متعلق ريفرينڊم ڪرائيندم. هر جانور کي آزادي سان راءِ ڏيڻ جو حق آهي. جيڪو جانور پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گھري ٿو، اهو بيشڪ بنا ڪنهن خوف خطري جي پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ ووٽ ڏئي، پر ان راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ پهريائين هي خيال ضرور رکجو، ته ڪٿي هي ڪتا توهان جي ويجھو نه هجن. هي عوام دوست ڪتا آهن ۽ ڏاڍا خونخوار ڪتا آهن. فارم ۾ امن ۽ امان، ۽ نظم ۽ ضبط رکڻ کي پنهنجو فرض سمجھن ٿا. ٿي سگھي ٿو ته هي ڪتا پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ راءِ پسند نه ڪن. جهڙيءَ طرح توهان آزاد آهيو، اهڙيءَ طرح مون هنن ڪتن کي به آزادي ڏني آهي، تنهنڪري ووٽ ڏيڻ وقت هنن ڪتن کان خبردار رهجو.“

جانورن سڙٻاٽ ڪيو. ريفرينڊم ٿيو. ووٽ وڌا ويا. ڪتا ويجھوئي ڀونڪي ۽ گرائي رهيا هئا. سڀني جانورن گڏجي راءِ ڏني ته پاڻيءَ گرڻو نه لڳڻ گھرجي. اسڪيلر نعرو هنيو: ”ڪامريڊ نپولن!“ سڀني جانورن گڏجي رڙيون ڪيون: ”زنده باد، زنده باد.“

جانورن جي دلين ۾ وسوسا پيدا ٿي چڪا هئا، پر نپولن جي تقريرن، اسڪيلر جي پروپيگنڊا ۽ ڪتن جي ڀَـــوَ کان هو وسوسن کي زبان تي نه آڻيندا هئا. هڪ آچر تي جڏهن سڀ جانور جھنڊي هيٺان جمع ٿي قومي ترانو ڳائي ڪامريڊ نپولن زنده آباد جا نعرا هڻي چڪا، تڏهن نپولن پنهنجي تقرير ۾ انڪشاف ڪيو ته اسان پاڻيءَ گرڻو ۽ ان سان گڏ بجلي پيدا ڪرڻ واري مشين هڻي رهيا آهيون، ڇو ته هي ترقياتي منصوبو عوام جي معاشي بهتريءَ جي لاءِ ڏاڍو ضروري آهي. جانور حيران ٿي ويا ته سنوبال هي منصوبو پيش ڪيو هو، ته نه صرف نپولن هن جي مخالفت ڪئي هئي پر کيس ڪتن ذريعي ملڪ نيڪالي به ڏئي ڇڏي هئي.

نپولن جي خوشامدڙي اسڪيلر به تقرير ڪئي. هن چيو ته پاڻيءَ گرڻي جو منصوبو درحقيقت نپولن سوچيو هو پر سنوبال ٺهيل ٺڪيل منصوبو چورائي عوام سامهون اهڙيءَ طرح پيش ڪيو هو، ڄڻڪ اها سندس دماغ جي تخليق هئي. ڪامريڊ نپولن جيئن ته هڪ ذهين ۽ دورانديش سوئر آهي، تنهنڪري سنوبال کيس جانورن سامهون ذليل ڪرڻ ٿي گھريو.

ٻئي ڏينهن ئي پاڻيءَ گرڻي جي منصوبي تي عمل شروع ٿي ويو. سڀني جانورن کي ڪم تي لڳايو ويو. هو صبح کان رات جي اونداهي پکڙجڻ تائين محنت مشقت ڪندا هئا. سوئر يا ته آرام ڪندا هئا يا نگراني ڪندا هئا. هاڻي نپولن ۽ اسڪيلر کان سواءِ ڪجھ ٻيا سوئر به ٻاهران فارم ۾ اچي ويا هئا جن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو هو. سڀني سوئرن کي جسماني ڪم کان معافي مليل هئي، ڇو ته هو سرڪاري سوئر هئا. عوامي جانور سڄو ڏينهن ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ سوئر کير، مکڻ، بيدا ۽ صوف کائيندا رهندا هئا. جانورن کي اهو ئي ڀوسو ۽ چارو ملندو رهندو هو.

پهريائين ته کين کاڌو وقت تي ملي ويندو هو، پر هاڻي انهن کان ايترو ته ڪم ورتو ويندو هو، جو کين کائڻ جي واندڪائي ڪا نه ٿيندي هئي. هو شڪايت نه ڪندا هئا، ڇو ته سرڪاري ڪتا هِتي هُتي گھمندا وتندا هئا.

پاڻيءَ گرڻي جي جاءِ ٺهي رهي هئا ته نپولن مسٽر جونز جي خالي گھر ۾ هليو ويو ۽ سينگاريل ڪمري ۾ رهڻ لڳو. جانورن ٻڌو ته حيران ٿي ويا، ته نپولن چيو هو، ته سڀ جانور هڪجهڙا آهن، پوءِ هو ڇو واڙي مان نڪري گھر ۾ هليو ويو؟ جانور ان ڳالهه تي حيران ٿي رهيا هئا ته هڪ ڏينهن بدڪ جو ڪنهن ڪم سان گھر ۾ وئي، ته نپولن ان ئي بستري تي ستل هو، جنهن تي مسٽر جونز سمهندو هو. ڪمري جي ٻاهران ڪتا پهرو ڏئي رهيا هئا. اهي بدڪ کي ڏسي ڀونڪيا ته بدڪ ڀڄي موٽي آئي.

جانورن سڙٻاٽ ڪيا ۽ سڀني ۾ ان ڳالهه تي بي اطميناني پکڙجي وئي ته آئين جي سرنامي (دفعه) چار مطابق ڪو به جانور بستري ۾ سمهي نه ٿو سگھي. ان ۾ ادنى ۽ اعلى جو ڪو به ذڪر ڪونهي. ڳالهائڻ جي آزادي ته سڀني کي هئي پر ڪنهن ۾ ايتري همت ڪو نه هئي جو سنئو سڌو نپولن کي چئي، ته هو آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. اسڪيلر جانورن جي اها سس پس ٻڌي ته هن ٻن چئن سوئرن کي ملائي، اها پروپيگنڊا ڪئي ته ڪامريڊ نپولن عوام جي ڀلي ڪارڻ ايتري ته دماغي ولوڙ ڪري ٿو ۽ ايترو ته پريشان ٿو رهي، جو کيس آرام جي شديد ضرورت آهي، جيڪڏهن هن جي صحت خراب ٿي وئي ته اسان انسان جي غلاميءَ ۾ اچي وينداسون، ان ڪري اسان هن جي مرضيءَ جي خلاف هڪ آرڊيننس نافذ ڪيو آهي، جنهن جي مطابق حڪومت جو سربراهه سٺي گھر ۾ رهي سگھي ٿو ۽ بستري ۾ سمهي سگھي ٿو. ڪامريڊ نپولن ته رضامند نه هو پر بستري تي چادرون نه وڌيون ويون آهن پر ڦاٽل پراڻا ڪمبل وڇائي کيس راضي ڪيو ويو آهي.

پاڻيءَ گرڻي جي جاءِ تقريباً تيار ٿيڻ تي هئي، جو آنڌي آئي ۽ تيز مينهن اچي لٿو، جنهن ڪري جاءِ ڪري پئي. نپولن آچر جي ميڙ ۾ سخت لهجي ۾ وسندي چيو ته هيءَ جاءِ طوفان جي ڪري ڪا نه ڪِري آهي، پر اها سنوبال جي تخريبي سرگرمين جو نتيجو آهي، هو انتقام وٺڻ لاءِ ويجھڙ ۾ ئي ڪٿي لڪل آهي. هو رات جو اچي غير ملڪي ايجنٽن جي مدد سان جاءِ ڪيرائي ويو آهي. نپولن اعلان ڪيو ته اسان کي خبر پئجي وئي آهي ته توهان ۾ به شر پسند جانور موجود آهن جيڪي غير ملڪي ايجنٽ آهن، مون اهڙن شر پسندن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو  به سنوبال کي جيئرو يا مئل پڪڙي ايندو، ان کي ٻه بيدا، اٺ صوف ۽ هڪ ڏينهن جو چارو انعام طور ڏنو ويندو. خوشامدڙي اسڪيلر نعرو هنيو، ”ڪامريڊ نپولن!“ جانورن جواب ڏنو: ”زنده باد.“ پر اڄ جي آواز ۾ اڳ جهڙو جوش ۽ جذبو ڪو نه هو. اهو صرف سوئرن جو آواز هو جيڪو سڀني جانورن کان وڌيڪ جوشيلو ۽ ڏاڍو هو.

ٻئي ڏينهن معمول خلاف سڀني جانورن کي قومي ٿَلهي چوڌاري گڏ ڪيو ويو. نپولن اعلان ڪيو ته اسان فارم جي ڪجھ دشمنن کي ڳولي لڌو آهي. هن ٻن گھوڙن، هڪ گڏهه، ٽن ٻڪرين ۽ هڪ رڍ جو نالو وٺي، کين ميڙ کان ڌار ڪري بيهاريو. وري ان بدڪ کي به سڏ ڪري انهن سان بيهاريو، جنهن نپولن کي بستري ۾ ستل ڏسي جانورن کي ٻڌايو هو. ان جي سڃاڻپ پهريدار ڪتن ڪئي هئي. نپولن ميڙ کي خطاب ڪندي چيو، ”هي سڀ جانور غير ملڪي ايجنٽ ۽ غدار آهن. مان انهن کي موت جي سزا ڏيان ٿو.“ هن پنهنجي خونخوار ڪتن کي سڏيو. نپولن جي اشاري تي ڪتن جانورن تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ ٿوري ئي دير ۾ انهن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.

پاڻيءَ گرڻي جي ڪريل جاءِ جو ڀنجو ڍوئڻ ۽ جاءِ نئين سر ٺاهڻ لاءِ وري جانورن کي ڪم تي لڳايو ويو. سوئر انهن جي نگراني ڪندا هئا ۽ کير، آنا۽ صوف کائيندا هئا. پهريائين ته جانور سس پس ڪندا هئا پر هاڻي جيڪو جانور ٻئي جي ڪن ويجھو وات ڪندو هو، ته سوئر اهڙي غراهٽ ڪڍندا هئا جو هو پنهنجي ساٿي کان ڌار ٿي بيهندو هو. آچر جي ميڙ ۾ نپولن اها ڳالهه زوردار انداز ۾ ڪئي ته توهان کي حڪومت تي نڪتي چيني ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. توهان جي تقرير تي ڪا به بندش ڪانهي. ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي خونخوار ڪتن جو به ذڪر ضرور ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اهي ايتري قدر ته وفادار آهن جو پنهنجي حڪومت ۽ معاشري خلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪا نه ڪندا آهن. هي توهان جا دوست آهن.

پوءِ اهو وقت اچي ويو. جو نپولن عوام جي سامهون اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. هفتيوار ميڙ ۾ اسڪيلر تقرير ڪندو هو ۽ هر ڳالهه ۾ ڪامريڊ نپولن جي عظمت ۽ برتريءَ جو ذڪر ڪندو هو. ٻيا سوئر ٿلهي تي ويٺا هوندا هئا. ان نسلي (ذاتي) امتياز کي جانورن پسند ڪا نه ڪيو، پر هاڻي انهن جي پسند ۽ ناپسند جي ڪا اهميت ئي ڪا نه هئي. ڪتا هر وقت جانورن ۾ موجود رهندا هئا ۽ گھوريندا رهندا هئا. جڏهن چارو کائيندي وقت، ڪو ڪتو اچي ويجھو لنگھندو هو، ته جانور چارو کائڻ ڇڏي ڏيندا هئا، ڄڻڪ کائڻ به شر پسندي ۾ شامل هو. سڀ کان وڌيڪ گڏهن کي تڪليف هئي جيڪي هينگڻ چاهيندا هئا پر پنهنجي مرضيءَ سان هينگ به نه ڪري سگھندا هئا. هاڻي نپولن جي حيثيت هڪ آمر واري هئي. مسٽر جونز جو سڄو گھر هن جي قبضي ۾ هو. گھر جي چوڌاري خونخوار ڪتا چوڪيداري ڪندا رهندا هئا. ڪنهن به جانور کي گھر جي ويجھو اچڻ جي اجازت ڪو نه هئي. صرف سوئر اندر وڃي سگھندا هئا. نپولن ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ گرڻي جي تعمير ڏسڻ يا فارم جو چڪر ڏيڻ نڪرندو هو. پر هاڻي هو اڪيلي نه هوندو هو، ٻه ڪتا اڳيان، ٻه پٺيان، هڪ ساڄي، هڪ کاٻي هوندو هوس. ان جي پٺيان چار سوئر هوندا هئا. ٻه بدڪون ٽران ٽران ڪري عوام کي رستو صاف ڪرڻ لاءِ خبردار ڪنديون هيون. عوام ان کي ڏسي سوچيندو هو ته اهو نپولن ڪيڏانهن ويو، جنهن اسان کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريا هئا. هن ته چيو هو ته هن فارم جا مالڪ توهان هوندا، پر هاڻي ته هو انقلاب جي ليڊر کي پري کان ڏسي سگھندا هئا، هن سان ڳالهائي مساوات قائم ڪرڻ جي ڏوهه کان ڊڄندا هئا.

پاڻيءَ گرڻي جي تعمير ٿيندي رهي ۽ برف جو وسڪارو شروع ٿي ويو، تنهنڪري فصل ڪو نه پوکيو ويو. نه ڀوسو رهيو، نه چارو. پهرين فصل جو اَنُ ختم ٿي رهيو هو. جيڪو بچيو هو، اهو سوئر گھر ۾ کڻي ويا ۽ راشن سسٽم نافذ ڪري ڇڏيائون. صورتحال ڏڪر جهڙي ٿي وئي. جانور بکون ڪٽڻ لڳا. اسڪيلر پروپيگنڊا ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته ملڪ ۾ ڪو به ڏڪر ڪونهي. گدام اَنَ سان ڀريل آهن. هڪ ڏينهن سڀني جانورن کي اَنَ جا گدام ڏيکاريا ويا جيڪي فرش کان ڇت تائين اناج جي ٻورين سان ڀريل هئا. جانور ڏاڍا خوش ٿيا ته هي اَنُ ته ڏهن سالن لاءِ ڪافي آهي، پر انهن ٻورين ۾ سوئرن واري ڀري رکي هئي. ڳئن، مينهن جو کير ۽ بدڪن ۽ ڪڪڙين جا بيدا گم ٿيندا رهيا. ڪنهن جانور ۾ ايتري همت ڪا نه هئي جو ڪنهن شيءِ جو مطالبو ڪري. فارم جي هاڻي قيدخاني واري حيثيت ٿي وئي هئي.

هڪ ڏينهن جانورن ۾ اها خبر پکڙجي وئي ته نپولن شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي. مسٽر جونز ۽ سندس نوڪر ڪيترو ئي شراب ڇڏي ويا هئا جيڪو هاڻي نپولن پيئڻ لڳو هو. جانورن ۾ بيچيني پکڙجي وئي. ڪجھ جانورن فارم جي دروازي تي ٽنگيل آئين جو نقل پڙهيو، جنهن تي شروع ۾ لکيو ويو هو ته ڪو به جانور شراب پي نه ٿو سگھي. هاڻي ان سرنامي (دفعه) آڏو هيءَ واڌ ڪيل هئي ته ڪو به جانور گھڻو شراب پي نه ٿو سگھي. اسڪيلر ۽ ٻين سوئرن اها پروپيگنڊا ڪئي ته نپولن ايترو ته گھڻو ڪم ٿو ڪري ۽ سوچي ٿو جو هن جو تنتي سرشتو تباهه ٿي ويو آهي. هن کي ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته شراب پي يا ڪم ڪرڻ ڇڏ. ڪامريڊ نپولن عوام جي فلاح ۽ بهبود، آزاديءَ ۽ ترقيءَ خاطر ڪم ڇڏڻ پسند نه ٿو ڪري تنهنڪري هن ٿورو شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي حيثيت رڳو دوا جهڙي آهي.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هفتيوار گڏجاڻي به ختم ڪئي وئي ۽ اهو حڪم نافذ ڪيو ويو ته جانور سواءِ ڪنهن ڪم جي ڪٿي به گڏ ٿي نه ٿا سگھن. قومي ترانو به بند ٿي ويو ۽ هاڻي صرف هڪڙو نعرو رهجي ويو؛ ”ڪامريڊ نپولن برحق آهي.“ سوئر ۽ ڪتا هر ڪنهن کي صرف اهو ئي نعرو ياد ڪرائي رهيا هئا. جانورن جي دماغ کي بک، چپ، محنت ۽ مشقت سان ايترو ته بيڪار ڪيو ويو جو هو پنهنجي حقن ۽ معاشري ۾ پنهنجي حيثيت ئي ڀلجي ويا. ان وچ ۾ جانورن جا جيڪي ٻار پيدا ٿيا، اهي ان قسم جي زندگي کي صحيح سمجھڻ لڳا. انهن کي ٻاهرينءَ دنيا جي ته هوا به ڪا نه لڳي هئي. انهن کي خبر ئي ڪا نه هئي ته فارم جي چهنبدار تارن پٺيان جانور آزاديءَ جا ٺينگ ٽپا ڏيندا ٿا وتن. جڏهن پري ڪٿي ڪو گڏهه هينگ ڪندو هو ته فارم جي گڏهن جا ٻار ماءُ پيءُ کان پڇندا هئا ته اهو ڪهڙو آواز آهي. ٻڍا گڏهه منڍي هيٺ ڪري ڇڏيندا هئا. انهن کي هينگ ڪرڻ جي اجازت ڪا نه هئي. هنن جا ٻار پنهنجي آواز کان به ناواقف هئا.

نپولن پورو مهينو عوام جي نظر کان گم رهيو، پر هن جي آمراڻي موجودگي سڀ جانور محسوس ڪندا هئا. اسڪيلر ۽ ٻيا سوئر ۽ ڪتا جانورن ۾ گھمندا رهندا هئا. هو جيڪا به ڳالهه ڪندا هئا اها نپولن جي نالي سان شروع ٿيندي هئي. مثال طور، ڪامريڊ نپولن جي برڪت سان برف جلدي رڪجي وئي، ڪامريڊ نپولن جي ڪرم سان فصل چڱو ٿيندو، ڪامريڊ نپولن جي رحمت سان پاڻيءَ گرڻي جو ڪم جلد ئي مڪمل ٿيندو، ڪامريڊ جي فضل سان طوفان چڱي تباهي نه ڏني.

جانورن جا ٻار رڳو ڪامريڊ کي ئي دنيا جو بادشاهه ۽ کين روزي پهچائيندڙ ڪري سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو هر ڳالهه ۾ نپولن جو نالو ٻڌندا هئا. ايتري تائين جو نئون قومي ترانو پيش ڪيو ويو جنهن جو هر مصرع ڪامريڊ نپولن جي نالي سان شروع ٿيندو هو.

آخر پاڻيءَ گرڻي جي عمارت مڪمل ٿي وئي. جانورن بکون ڪاٽي پنهنجي مدد پاڻ جي اصول مطابق هي ڪم پايهءِ تڪميل تي پهچايو. هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ نپولن ڪتن جي پهري هيٺ سوئرن جي جلوس ۾ آيو ۽ جانورن کي هيئن مخاطب ٿيو، ”ساٿيو! توهان بکيا رهو، بدحال رهو، محنت ۽ مشقت ڪري ساڻا ٿي پئو، پر توهان کي هي فخر حاصل آهي ته توهان آزاد آهيو ۽ هي فارم توهان جو آهي. آزادي وڏيون قربانيون ٿي گھري. توهان قربانيون ڏيندا وڃو ۽ آزاد رهو.“

اسڪيلر ڪامريڊ نپولن جو ”نعرو“ لڳايو ۽ ۽ جانورن خالي پيٽ تي هٿ رکي ”زنده آباد“ چيو. سڀئي سوئر کير ۽ آنا کائي بکايل جانورن کي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ جي تلقين ڪندا رهيا. هو گھڙي گھڙي ڪامريڊ نپولن جو نعرو لڳائي رهيا هئا. هينئر ته جانورن جي وات منجھان ”زنده آباد“ ڏاڍي مشڪل سان نڪري رهيو هو، پر هو مجبور هئا، خونخوار ڪتا سندن ڀرسان بيٺا غراهٽون ڪري رهيا هئا.

هڪ ڏينهن هڪ گھوڙو بيمار ٿي پيو. ان جو ڪو علاج ڪو نه ڪيو ويو. ٻاهران هڪ گاڏي آئي جنهن مان چند ماڻهو لٿا ۽ اهي گھوڙي کي گاڏيءَ ۾ وجھي کڻي ويا. جانورن سوئرن کان پڇيو ته سندن ساٿي کي ڪيڏانهن موڪليو ويو. کين جواب مليو ته کيس اسپتال موڪليو ويو آهي. هڪ گھوڙي چيو ته گاڏيءَ تي ته هي لکيل هو ته ”ايلفرڊ، کلن ۽ چمڙي جو واپاري“. ڀرسان ئي هڪ ڪتي اهو بيٺي ٻڌو، هو غراهٽ ڪندي گھوڙي ڏانهن وڌيو، ته گھوڙي کلي چيس، ”مان غلط پڙهيو، در اصل اها اسپتال جي ئي گاڏي هئي.“

جڏهن سڀئي جانور ذهني طور مفلوج ٿي ويا ته سڀ سوئر گھر ۾ منتقل ٿي ويا ۽ معاشرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سوئر اعلى نسل ٿي ويا ۽ باقي جانور عوام ۽ غلام. انهن غلامن کي گھر اندر ٿيندڙ ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن طرح معلوم ٿي وينديون هيون. کين خبر پئي ته سوئرن ٻاهرين انسانن سان ناتا جوڙي ڇڏيا آهن. فارم جو کير، آنا، چوزا ۽ ٻاهران شراب گھرائي پيئندا آهن. جانور فارم جي دروازي وٽ آيا، جيئن ڏسي سگھن ته آئين ۾ هينئر ڪهڙي ترميم ٿي آهي، پر هنن ڏٺو ته اتان آئين جو نقل لٿل هو ۽ ان جي بدران لکيل هو: ”نپولن فارم، ڪامريڊ نپولن زنده باد!“

جانورن کي آزاديءَ کان اڳ وارو دَور ياد آيو، سارو ڏينهن ڪم ڪري، پيٽ ڀري چارو کائيندا هئا ۽ رات جو آرام سان ننڊ ڪندا هئا. سندن ٻار آسانيءَ سان ڀڄندا، ڊوڙندا ۽ رانديون ڪندا هئا. هينئر بدڪن ۽ ڪڪڙين کي پنهنجا چوزا به نظر ڪو نه ايندا هئا. جانورن کي هيءَ خبر هئي ته سوئرن ڪنهن ويجھي فارم جي مالڪن سان رابطو قائم ڪيو آهي. هن جا مالڪ انسان هئا. اهي انسان رات جو سوئرن جي گھر ايندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا. پر ڇا به هجي، هينئر جانور ڪجھ به ڪڇي نه ٿي سگھيا. کين رڳو ٻڌڻ جي اجازت هئي ۽ سو به اهي ڳالهيون، جيڪي گھر مان جاري ڪيل هجن.

هڪ ڏينهن جانورن هڪ عجيب منظر ڏٺو. سوئر ٻن ٽنگن تي هلي رهيا هئا. پوءِ نپولن کي به ٻن ٽنگن تي هلندي ڏٺو ويو. هو پوين ٻن ٽنگن تي هلي رهيا هئا ۽ اڳيون ٽنگون انسانن جي ٻانهن وانگر لوڏي رهيا هئا. جانورن وري هي به ڏٺو ته سوئرن ڪوٽ ۽ پتلون پائڻ شروع ڪئي، هٿ ۾ هنٽر کڻي جانورن کي هڪلڻ لڳا.

هڪ رات جو گھر ۾ ايترو گوڙ گمسان ٿيو، جو جانور ڊڄي ويا. هو سمجھي نه سگھيا ته ڇا ٿي رهيو آهي. ڪجھ هن خيال کان ڊڄي ويا، ته مسٽر جونز وري حملو ڪري ڏنو آهي ۽ ڪجھ وري خوش ٿيا ته مسٽر جونز واپس اچي ويو، پر هڪ گولي نه هلي ۽ نه وري جانورن کي مقابلي لاءِ سڏيو ويو. گوڙ وڌندو پئي ويو. جانورن هاڻي ٽهڪ به ٻڌڻ شروع ڪيا ۽ ٽهڪن سان گڏ سوئرن جو آواز به اچي رهيو هو. جانورن کي صبر نه آيو. منجھن ايتري همت ڪا نه هئي جو وڃي ڏسن ته ڪهڙي ڳالهه آهي، پر وري به ٻه گھوڙا ۽ ٻه ڍڳا تيار ٿيا. هو آهستي آهستي گھر جي ديوارن تائين پهتا. هنن اندر ليئو پاتو. ڏهه ٻارنهن سوئر سوٽ پائي ۽ ڏهه ٻارنهن انسان شراب پي رهيا هئا. خبر ناهي هو ڪيتري وقت کان پِي رهيا هئا ۽ بنا ڪنهن سبب ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.

هو اڃا تائين پي رهيا هئا. انسانن جون اکيون ۽ مُنهن ڳاڙها ٿي ويا هئا. سوئر به پيئندا پئي ويا. بدمست ٿي پهريائين ته هو نچڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. دريءَ جي ٻاهران بيٺل گھوڙا ۽ ڍڳا ڏسي رهيا هئا. اندر منظر اهڙو هيو ته انسان ۽ سوئر بدمستيءَ ۾ نچي به رهيا هئا ۽ وڙهي به رهيا هئا ۽ تميز ڪرڻ ڏکي هئي، ته انهن ۾ انسان ڪهڙو آهي ۽ سوئر ڪهڙو! ايتري ۾ پهريدار ڪتا گھر جي ٻاهران ڀونڪيا، گھوڙا ۽ ڍڳا وٺي ڀڳا ۽ سڌو پنهنجي طنبيلي ۾ پهتا ۽ پنهنجو وات سبي ڇڏيائون. گھر ۾ اندر گوڙ وڌنڌو رهيو. شراب سوئر ۽ انسان کي هڪ ڪري ڇڏيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: