سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: يادون ۽ سڪون

باب:

صفحو :3

شاڪ

هو ڏاڪڻ تي چڙهندي ٿاٻڙيو، پر اِقوءَ کيس جلد ئي سهارو ڏئي سڌو ڪيو. هو نشي ۾ ڌُت هو، کيس ملڪ جهان جي خبر ئي ڪو نه ٿي پئي. ٿورو ڪنڌ کڻي اِقوءَ کي گھوري ڏٺائين ۽ جلد ئي نظرون هيٺ ٿي ويس. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، وار ڇڙو ڇڙ لڳا پيا هئا، منهن تي خشڪيءَ جو تهه ڄمي ويو هئس ۽ چپ سڪل هئس، جن کي زبان گھمائي آلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، ڪپڙا سٺا پهريل هئس. شڪل جو به ڪو برو ڪو نه هو، سهڻو نڪتل رنگ ۽ سينو ڪشادو رکندڙ هو. هي قادو هو. هونئن ته نالو قادر بخش هئس، پر سندس دوست قادو قادو ڪري ڪوٺيندا هئس. جهڙي قسم جي دوستن جي صحبت ۾ رهندو هيو، اتي اڌ نالو سڏڻ ڪو بُرو يا خراب محسوس نه ڪيو ويندو هو. کيس پڻهس پاڻ جيان براين ۾ نه ٿي ڏسڻ گھريو ۽ پنهنجي شهر کان ٻاهر ۽ پري ان لاءِ ئي موڪليو هو، جيئن هو برن دوستن جي صحبت کان پري رهي ۽ کيس سٺو ماحول ميسر رهي، پر هت هن جي جنهن سان پڪي دوستي ٿي، اهو هاسٽل جو بدنام ترين شخص اقبال هيو، جنهن کي عرف عام ۾ اِقو ڪري سڏيو ويندو هو. اِقو جي دوستيءَ کيس نئين زندگي بخشي. هن قادوءَ جي هر گھرج کي پورو ڪيو، کيس جواخانه ڏيکاريائين، بازار حسن کان روشناس ڪرايائين، رنڊين جا ديدار ڪرايائين، ته بالاخانن جا سير به. قادو اکيون ٻوٽي اِقوءَ جو چوڻ مڃڻ لڳو. ڀلا سندس پيارو، عزيز ۽ بهترين دوست هئو. هو حسينه ٻائي جي بالاخاني تي ڪيتري ئي عرصي کان ايندڙ هئا ۽ ڪيترن ئي جسمن کان سيراب پڻ ٿيا هئا. اڄ هنن کي هڪ دور دراز شهر ۾ رهندڙ، حسينه ٻائي جي هڪ سهيليءَ جي ڌيءُ سان متعارف ٿيڻو هو. حسينه ٻائيءَ کين اهو ته نه ٻڌايو هو ته هوءَ ڪير آهي ۽ ڪهڙي شهر جي رهندڙ، البت هن جي جسم جي، هن جي حسن جي، ايتري ته تعريف ڪئي هئائين جو هن کي سندس ديدار ڪرڻ جو شوق ٿي پيو هو ۽ هينئر هو ان ئي حسن جي راڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا.

جيئن ئي حسينه ٻائيءَ کين ڏٺو. ڊوڙي اچي سندن آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ وٺي وڃي ڪوچ تي ويهاريائين.

”حسينه ٻائي! ڪٿي آهي هوءَ حسن جي ديوي؟ اسين سندس درشن ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون.“ قادوءَ نشي ۾ لڏندي ڳري آواز ۾ پڇيو.

”هينئر ئي توهين کيس ڏسي سگھندا، ٿورو کيس تيار ته ٿيڻ ڏيو.“ حسينه ٻائي لڏندي هڪ ادا سان چيو. جلد ئي هوءَ اٿي سامهون واري ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٻاهر نڪري وڏي فخر سان چيائين، ”توهان منهنجي انتخاب جو داد ڏيندؤ، هلو، هلي ڏسو، مون توهان لاءِ ڪهڙو نه مکڙو چونڊيو آهي، گلاب جي گل کان وڌيڪ پيارو، روشن چنڊ کان زياده حسين، توهان جي سوچ ۽ توهان جي تصور کان وڌيڪ اُوچو. اچو اچو...“

ائين چئي در تي ڏنل پردو کڻي ٿورو مٿي کنيائين ۽ هو ٻئي اندر داخل ٿيا. قادوءَ جو ڪنڌ ٿورو هيٺ ڍرڪيل هو.

”آ ها! ڪهڙو ن پيارو، ڪهڙو نه حسين تحفو آهي.“ اِقوءَ هٿ مٿي کڻي ڪنڌ لوڏيندي چيو.

واقعي سامهون نوجوان ويٺل ڇوڪري يا ڪِ عورت حسن جو مرقع هئي. پنهنجي تعريف تي مرڪ جا گل وسائيندي هنن ڏانهن نهاريائين. پر هي ڇا، هوءَ هڪ جھٽڪي سان اٿي بيٺي، ڄڻڪ کيس اوچتو بجليءَ جي شاڪ لڳي هجي.

اِقوءَ جو جملو ٻڌي قادوءَ به آهستي آهستي پنهنجي ڪنڌ کي مٿي کنيو، پر هن کي به ڄڻ زبردست شاڪ لڳي هجي، سندس دل ۾ تير لڳا هجن، کيس زمين پيرن هيٺان ترڪندي محسوس ٿي رهي هئي. سندس ذهن ۾ ڌماڪا ٿي رهيا هئا، اکيون حيرت کان ڦاٽي ويون هئس ۽ دماغ ۾ آنڌاريون هلي رهيون هئس: هن جي سامهون سندس ڀيڻ بيٺي هئي.

هـــوڏ

مان ننڍي هوندي تمام گھڻو شرير هوندو هوس. نه، شرير نه، پر ضدي هوندو هوس. ٻين ننڍين وڏين غريباڻين شين جي گھر ڪندو هوس ته ملي به وينديون هيون، پر خرچي لاءِ جيڪي مٿا مارڻا پوندا هئا، نه پڇو. توبه، الامان. ڪهڙا ڪهڙا عجيب و غريب طريقا اختيار ڪرڻا پوندا هئا ۽ پيسا وري ڇا تي خرچ ڪندو هوس: ٻيڙي سگريٽ ۽ جوئا تي. جوئا جي بري عادت ننڍي لاءِ ئي پئجي وئي هئي ۽ جوارين جي ويجو رهڻ ڪري گار گند ۽ ڪوڙ کان سواءِ سگريٽ ڇڪڻ جي ڪني عادت ۾ پڻ ڦاسي چڪو هوس. اهو ئي سبب هو جو گھڻي ڀاڱي خرچي پوري ڪا نه پوندي هئي. پياري امڙ جھلي جھلي ٿڪجي پئي هئي، بابو سائين ماري ماري ٿڪجي پيو هو، پر مان ڪُتي جي ڏنگي پڇ جيان اهڙو جو اهڙو ئي رهيس ۽ جوئا کيڏڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ نه ڇڏي سگهيس.

هڪ ڀيري اچي ضد تي چڙهيم: گُھرجي ۽ خرچي ضرور گھرجي. هاڻي امڙ کي ڪهڙي خبر ته مان سڀ پيسا جوئا ۾ هارائي آيو هوس ۽ هينئر سگريٽ ڇڪڻ جي سخت ٻاڙ لڳي هئي، تنهنڪري صبر جو مٺو ميوو به بلڪل ڪو نه ٿي وڻيو. پهريان ته در جي طاقن کي زور زور سان ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳس، گوڙ ته گھڻو ئي ٿيو ٿي پر بيڪار. ڀلا بابو هيو ڪو نه ۽ بدقسمتيءَ سان امڙ وٽ به پائي به ڪا نه هئي. پيسا اچن ته ڪٿان؟ جڏهن اهو هِيلو ڪو نه هَليو، تڏهن وري تختن تي رکيل ڪوپن کي هيٺ رکڻ لڳس، ته جي هاڻي به پيسا نه مليا ته ڪوپن کي ڀڃندس. پر اها ڌمڪي به ڪارگر ڪو نه وئي، تنهنڪري وٺي جو ڪوپن کي ٿيلهو ڏنم، ته لڙهڪندا ويا. زيان ڪيترو ٿيو، ان کي ته ڪو نه ڏٺم، پر پنهنجي امڙ جي ٻنهي ڄنگهن ۾ ڀاڪر پائي چمبڙي پيس. خواهه مخواهه روئڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙون پائڻ ڪري ڪپڙا ته اڳ ۾ ئي خراب ڪري چڪو هوس ۽ هينئر وات ۽ نڪ مان ڳڙندڙ گِڦ ۽ سنگَھ امڙ جا به ڪپڙا خراب ڪري رهي هئي. آخر زوريءَ منهنجا چنبا ڇڏائي، امڙ منهنجي قبضي مان نڪري وئي ۽ مون کي بس هڪ ٻيو بهترين طريقو سمجھ ۾ آيو. گھر جا سڀ دٻا جمع ڪري رسي کڻي پينگهي جي ٻانهي سان ٻڌم ۽ پوءِ زور سان پينگھو وٺي لوڏڻ شروع ڪيم. اهو گوڙ ٿيو جو الامان! پاڙيسرين جا ڪتا به ننڍ مان جاڳي پيا (اونهاري جو ڏينهن، شام جو وقت هو). سواءِ ڍڙنگ ڍڙنگ جي ٻيو ڪو آواز ئي ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو ۽ مان روئي به رهيو هوس، مٽيءَ ۾ ليٿڙي به رهيو هوس ۽ پنهنجي ماءُ ۽ بابي سائينءَ کي گھٽ وڌ به چئي رهيو هوس. آخرڪار اهو حربو ڪامياب ويو ۽ امڙ هِتان هُتان ڪري پاڙيسرڻ کان چار آنا اوڌارا وٺي آڻي ڏنا. هڪدم نقلي زوريءَ جو روئڻ بند ٿي ويو، پينگھي جي چيائون چينگ ختم، دٻن جي رنڀڻ کان جان ڇٽي ۽ مان اٿي ڪپڙن کي ڇنڊيندي، ڌوڙ اُڏائيندي، امڙ کي سمجھائڻ لڳس، ”ڏس، جيڪڏهن اڳ ۾ پيسا آڻي ڏين ها ته جيڪر ايترو گوڙ نه ٿئي ها.“ دل خوشيءَ کان ٽپا ڏيئي رهي هئي ۽ ذهن (شيطان) مرڪندي چئي رهيو هو، ”ڀڄ پٽ ٽڪريءَ (جوئا جي اڏي) تي.“ مان خوش ٿيندي نچندي ڀڄندي جيئن ئي ٻاهر وڃڻ لڳس ته اوچتو در جي چائنٺ ۾ پير اٽڪي پيو، ڌُو سامهون رکيل گھڙا منجي جي ٻاهين سان مٿو ٽڪرايو ۽ نئين ٺهيل گھڙا منجيءَ جي تکي ڪنڊ منهنجي مٿي ۾ کوهه بڻائي ڇڏيو. ڳاڙهي ڳاڙهي گرم گرم رت ريلا ڪري وهڻ لڳي، اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳي ۽ اکيون آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳيون. جلد ئي محسوس ڪيم ته ڄڻڪ هڪ ٿڌو، ڏڪندڙ هٿ منهنجي تارونءَ تي رکيو هجي ۽ ڪوئي چئي رهيو هجي، ”ٻچڙا ڏس! تون پنهنجي ماءُ نه رنجائين ها، پنهنجي پيءُ کي نه ڏکوئين ها، ته جيڪر تو کي زخم نه رسي ها، تون تڪليف نه ڏسين ها.“ ۽ منهنجي ذهن ۾ اهو احساس اٿي رهيو هو، ”مون پنهنجي شفيق پيءُ جو چوڻ نه ورتو آهي، پنهنجي امڙ، مٺڙي ماءُ، جيجل ماءُ کي آزاريو آهي، تنهنڪري مون کي اڄ هي گھاءُ، هي زخم رسيو آهي، جنهن جي مٿان هينئر ڪو ٿڌو پَهو رکيل آهي،“ ۽ سوچيم ته ”اڳتي ڪنهن کي به گار نه ڏيندس، ڪنهن کي به نه ڏکوئيندس ۽ جوئا، ڪوڙ ۽ گار گند کان توبهه ڪندس.“

يادون ۽ سُڪونُ

جيئن نه گُلَ-پتيءَ تي، ماڪ-ڦڙو سج جي روشنيءَ ۾ موتيءَ جيان جرڪندو آهي، هن جي منهن تي به اهڙي چمڪ هئي. چپن تي مرڪ ائين ٿي تريس جيئن پاڻيءَ تي هنج. منهن مان رت ڄڻڪ اٿل کائي ٻاهر اچڻ لاءِ آتو هئس، تازي خون جي وهڪري سبب ڄڻڪ شفق رنگ پکڙجي پيو هئس. ويچاري کي مهينا پنڌ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملي هئي. جڏهن کيس مختيارڪار صاحب چيو هو، ”ٺيڪ آ بابا، سڀاڻي اچي ڊيوٽي جوائن (Duty Join) ڪجان.“ ڪيڏو نه اطمينان ۽ سڪونَ ڀريو اُڀو ساهه نڪري ويو هئس، هن کي هر طرف ٽڙيل گل ۽ ٽم ٽم ٽانڊاڻا نچندا نظر آيا هئا ۽ خوش خوش ٿي پنهنجي محل طرف موٽيو هو.

سندس محل جو نقشو، تاريخ ۽ جاگرافي هيءَ آهي ته واڙي جي اولهه طرف پراڻي ڪوٺي (انگريزي نه پر سنڌي ڪوٺي) گارو لٿل ۽ سرون ڳريل، ڀڳل ٽٽل چيڪڙاٽ ڪندي کلندڙ در، پوڙهي جي چيلهه جيان نميل ڇت، لوهي چلهه جيان ٽه ڄنگھي کٽ، غريب جيان ڦاٽل ڏريل ڀتيون، سندس قسمت جيان کُٿل رلهي ۽ سندس ذهني مونجھارن جيان ڀتين ۽ ڇت تي ڪوريئڙي جو ڄارو.

جڏهن هو ڳوٺان پنج درجا پاس ڪري شهر آيو هو (جتي سندس ڳوٺ جو وڏيرو رهندو هو) تڏهن پڻهس جي همدرد دوست وڏيري صاحب مٿس ۽ ستن پيڙهن تي ٿورو ڪري، ان شرط تي رهڻ لاءِ اهو محل ڏنو هو ته سندس ڀٽاري مينهن لاءِ ڪُتر ڪندو، ڪَٽي مليندو، گھر جون ڪاٺيون ڏاريندو ۽ ننڍڙن ٻارهن ٻارن کي پرچائيندو. هن آمنا صدقا ڪري سڀ قبول ڪيو هو ۽ ٿلهي متاري وڏيري جي پيٽ کي ڏسي سوچيو هئائين ته پرواهه ناهي، ڪڏهن نه ڪڏهن اسان جي قسمت به وڏيري جي پيٽ جيان نڪري نروار ٿيندي.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن به غريب جي ٻار جيان نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هيڏي ساري شهر جو اولهه کان اوڀر تائين، اتر کان ڏکڻ تائين، گھٽ ۾ گھٽ پنجاهون چڪر هنيو هو. شهر ۾ ڇا نه هو! گورنمينٽ جون آفيسون هيون، انجنيري ۽ بجلي جا کاتا هئا، اسڪول ۽ آفيسون، ڏهاڪو کن ڪپڙي، بوٽن، صابڻ ۽ پائوڊر جون ڪمپنيون هيون، پر جي نه هئي ته هن غريب لاءِ نوڪريءَ جي خالي جاءِ، هن به هڻي وڃي هنڌ ڪيو... ۽ آخرڪار مختيارڪاري ۾ ڪلارڪ جو آرڊر وٺي، پوءِ بس ڪئي هئي.

هن مشڪندي در کي لڳل ڪَٽ چڙهيل ڪُلف کوليو ۽ در جي طاقن کي اندر تي ڌڪو ڏئي زور سان ٽهڪ ڏنو هو، جيئن گھٽ ۾ گھٽ هو ڪِنا چيڪٽ اڄ ته نه ٻڌي، جن مٿي ۾ سندس ڀت رڌو هو (جڏهن ته مٿو ڪو پراڻو ديڳڙو نه هو). هن اندر گھڙي پنهنجي سدا سڀاڳي ٽن پاون واري بنا واڏڻ کٽ کي کلي ڏٺو ۽ سيرون تي ويهي بوٽ جون ڪهيون کولڻ لڳو جيڪو کيس وڏيري ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائينس ته ڏاڏي سائين جو بوٽ آهي، خيال سان پائج. بوٽ لاهي ان جي تري کي ڏٺائين جيڪو ڪيترين ئي جاين تان اڊڙيل هو، ڪو ٽُڪر هيڏي ٿي لڙڪيو ته ڪا چَتي هوڏي. هن کي الاءِ ڇو اهي سوال ياد اچي ويا جيڪي انجنيري کاتي ۾ ڪلارڪي لاءِ انٽرويو ڏيندي کائنس پڇيا ويا هئا.

آفيسر مڇن کي مروٽيندي پڇيو هئس، ”ٻڌاءِ، جيڪڏهن وائر مين کي گھڻو ڪم ڪرڻ سبب مٿي ۾ سور پئجي وڃي، ته تون کيس ڪهڙيون گوريون کائڻ جي صلاح ڏيندين؟“

اهو سوال ٻڌي هن جو ذهن سوچن سميت زُون ڪري اڏامي ويو هو. هٻڪندي هٻڪندي چيو هئائين، ”سائين، ڪوڊين ڪمپائونڊ.“

آفيسر ڊگھي هُون ڪري ڪَن کي کنهيو هو ۽ چيو هئائين، ”بيوقوف! ڪوڊين ڪمپائونڊ هاضمي لاءِ استعمال ٿيندي آهي، مٿي جي سور لاءِ ته ڪوڪين ڪمپائونڊ کائبي آهي.“ ۽ هن ڄڻڪ مرندي ٻڏندي چيو هو، ”ها سائين.“

آفيسر کيس گھوري اهڙين نگاهن سان ڏٺو هو، ڄڻڪ سندس ڄاڻ ۾ وسيع معلومات جو اضافو ڪيو هئائين ۽ هٿ مٿي کڻي، ٻه آڱريون هوا ۾ لوڏيندي پڇيو هئائين، ”ڀلا ٻڌاءِ، جيڪڏهن ڪو ڀنگ پي ان جو عادي ٿو ٿي پوي، ته ان جو علاج ڪيئن ڪجي؟“

هن ويچاري جا رهيل کهيل حواس به قلابازيون کائڻ لڳا هئا. اٿي بيهي هٿ ادب جا ٺونٺين تائين ٻڌي، مسڪين آواز ۾ چيو هئائين، ”قبلا! مان انجنيرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪي وٺڻ آيو آهيان، ميڊيڪل جي آخري سال جو امتحان ڏيڻ نه.“

آفيسر تپي ٽامو ٿي ويو هو. کيس دڙڪو ڏيندي چيو هئائين، ”گستاخ! توکي انٽرويو ڏيڻ جو ادب به ڪونهي، تو جهڙن لاءِ اسان وٽ جاءِ ڪانهي، ٽري وڃ هتان.“

هن بوٽ کي ڏسي سوچيو: ”مهرباني ڪري باقي مهينو ساٿ ڏجانءِ، پوءِ ڪل خير آهي. تو کي پاڻ ئي ڍير تي ڦٽو ڪري ايندس.“ ۽ پوءِ آهستي بوٽ کي کٽ هيٺان رکيو هئائين.

هن پنهنجا ٻئي جوراب لاهي هٿ ۾ ڪيا. ٻنهي جورابن تي کڙين ۽ آڱرن جي جاءِ تي وڏا ننڍا جارا ٺهيل هئا.

”آ ها ها، ڪهڙا نه سهڻا جورابا آهيو! ٻه سال ساٿ ڏنو اٿو، باقي هڪ مهينو، تيستائين توهان پاڻ ئي کسي ويندؤ. باقي مان به اوهان جا اهڙا حال ڪيا آهن جهڙا ٽمون ٽيڪسٽائل ملز وارن منهنجا انٽرويو وٺندي ڪيا هئا.“ پوءِ هن کي ان انٽرويوءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.

مئنيجر سنهڙو سيپڪڙو، کڙٻاٽيون نڪتل کاڏي اڳتي ۽ لوٽ پوئتي نڪتل، اکيون چنجھيون، جنهن تي ٿلهن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي. جنهن مهل عينڪ لاهي شيشن کي صاف ٿي ڪيائين، تنهن مهل سندس مهانڊو اهڙو ٿي لڳو ڄڻڪ ڪنهن چٻري کي وهنجاري اس تي ويهايو ويو هجي. مئنيجر پنهنجي ڪوٽ کي زور سان سَٽ ڏئي کانئس سوال ڪيو هو، ”ڪڪڙيون آنا ڇو ڏينديون آهن، ٻچا ڇو نه؟“

هن جي ذهن ۾ ڄڻڪ ڦٽاڪا ڦاٽا هئا. هٻڪندي ابتو سبتو جواب ڏنو هئائين، ”سائين ڪڪڙين جي مرضي.“

”ڪڪڙين جي مرضي!؟ اسان کي مرضي پوي ته ڪپڙن تي ڪٻريون ٺاهيون، مرضي پوي ته ڪانوَ، رنگ نيرو ڪيون يا پيلو، ته وري ڪڪڙيون اسان جي مرضيءَ خلاف آنا ڇو لاهينديون؟“ مئنيجر جوش مان زور سان مڪ ميز تي هڻندي چيو هو ۽ تارا ڦوٽاريندي چيو هئائين، ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، انسان کي ٻه هٿ ڇو آهن، ڏهه ڇو نه؟“

”سائين... سائين الله جي مرضي،“ ويچاري جو ڄڻ روح ٿي ڏڪيو.

وري الله جي مرضي! ڇا الله اهو ڪو نه پيو سمجھي ته ماڻهن کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻن هٿن جي نه، پر ڏهن هٿن جي ضرورت آهي؟“ مئنيجر ڪڙڪو ڪندي چيو هو، ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، گڏهه گاهه ڇو کائيندو آهي، لٽو ڪپڙو ڇو نه؟“

هن ويچاري جون متيون منجھي ويون هيون، ڳيت ڏيندي ڄڻڪ روئيندي جواب ڏنو هئائين، ”س... س... سائين، گڏهه جي مرضي.“

مئنيجر اڀو ٿي ويو ۽ زور سان رڙ ڪندي چيو هئائين، ”تون نرو جاهل آهين، ڄٽ آهين، نڪمو ۽ نادان آهين، تو کي ايتري به خبر ڪانهي. اصلي ڀڄي وڃ، تو لاءِ اسان وٽ جاءِ ڪانهي.“ ۽ ويچارو ڪنڌ لڙڪائي اچي ٽن پاون واري کٽ تي ڪريو هو.

هن جورابن کي چپٽي ۾ جھلي، مٿي ڪري ڦٽو ڪيو ۽ ڏاڍي آرام سان کٿل رلهيءَ تي، کٽ جي جھول ۾ ڪري پيو. اطمينان سان گوڏو اڀو ڪري ٻي ٽنگ تي رکي، ويهاڻي هيٺان پن جي ٻيڙي ڪڍي ڏندن ۾ جھليائين. سٽ ڏئي قميص جي کيسي مان ماچيس ڪڍي، تيلي ٻاري ٻيڙي دکايائين، وڏو سوٽو هڻي دونهون هوا ۾ اوڳاريائين. دونهين جا وڙ وڪڙ ڏسي هن کي مختيارڪار صاحب جا پڇيل سوال ياد اچي ويا، جيڪي ائين ئي دونهين جيان وڪڙيل هئا. هن به ڏنل پنجويهن ناڪام انٽريوئن جو ست ڪڍي مختيارڪار کي جواب ڏنا هئا.

صاحب ڏاڍو شريف ماڻهو ٿي ڏيکاريو، منهن مان مڻيا ٿي بکيس، هر آفيسر جيان سندس پيٽ ته ٻاهر نڪتل هو ئي، پر هي کلمک هو. کانئس سوال ڏاڍي نرمائي سان پڇيا هئائين، ”بابا تو کي نوڪري جي ضرورت آهي؟“

”ها سائين، پر مان گھرو ڪم ڪرڻ جو به ماهر آهيان، ڪتر ڪرڻ، ٿانو ملڻ ۽ ٻهاري ڏيڻ به ايندي آهي.“ هن ڪنڌ جھڪائيندي چيو هو.

”تو کي نوڪريءَ جي ضرورت ڇو پئي؟“

”سائين غريب آهيان، گذر سفر ڏکيو پيو ٿئي. سوچيم ته توهان جي خدمت ڪري سڪون ملندم.“

”شاباس پٽ، تون ڏاڍو سڀاڳو ٿو ڏيکارجين. چڱو ٻڌاءِ، تو ڪڏهن هاٿي ڏٺو آ؟“

”ها سائين، هاٿي ڏٺو اٿم، هاٿيءَ جو پيءُ به ڏٺو اٿم. سائين گذريل سال سرڪس ۾ آئي هئي نه، هاٿيءَ مالڪ کي زور ٿي ڏنا. مان به تيل مالش ڪرڻ ڄاڻان سائين.“

”شاباس، شاباس! پٽ، مون کي مٿي ۾ سور پيو آهي، ٿوري مالش ته ڪر.“

”ها سائين مان توهان کي زندگي ڀر مالش ڪندو رهندس.“

هن اٿي صاحب جي مٿي تي مڪون وهائڻ شروع ڪيون، ڪنهن مهل وار ٿي پٽيائينس، ڪنهن مهل ڪَن.

”ها شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته هاٿي ٻچا ڇو ڏيندو آهي، آنا ڇو نه؟“

اوچتو ڄڻڪ کيس لوندڙي وارو مترڪو ٺڪاءُ ٿي ويو. زور زور سان صاحب جي مٿي کي مهٽا ڏيندي چيائين، ”سائين هاٿي بيوقوف جانور آهي، هن کي آنا ڏيڻ کپن، جيئن ماڻهو پنج ڇهه ڏينهن هڪ ئي آنو کائيندا رهي.“

”شاباس، واهه واهه پٽ، هلي پنهنجي جاءِ تي ويهه، تون ته ڏاڍو ذهين آهين، ڀلا ٻڌاءِ گھوڙا عينڪ ڇو نه پائيندا آهن؟“

”سائين ڇو ته گھوڙا گاهه کائيندا آهن.“

هن ڪنڌ کڻي صاحب جي منهن کي ڏٺو، جنهن تي عينڪ ڪا نه هئي.

”شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته شاعر وڌيڪ بيوقوف هوندو آهي يا اديب؟“

سائين شاعر وڏو بيوقوف آهي ۽ اديب کان وڏو بيوقوف ته ڪو ٿي نه ٿو سگھي.“

”شاباس، شاباس...“ صاحب ڪجھ منجھيو. ڪجھ سوچي ”ٺيڪ آ“ ڪيائين ۽ وري سوال پڇيائين، ”آمريڪا ڪنهن ڳولي لڌي ۽ ڇو ڳولي لڌي؟“

”جنهن به ڳولي لڌي، وڏو ڪو ڄٽ هو، پنهنجي زندگي ڏچن ۾ ڦاسائي ڇڏيائين.“

”شاباس، پٽ شاباس. تو جهڙن ذهين ۽ محنتي ڪلارڪن جي اسان کي سخت ضرورت آهي. مان توکي هاڻي ئي آرڊر ٽائيپ ڪرائي ٿو ڏيان. تون سڀاڻي ڊيوٽي جوائن ڪجان، شاباس.“

هو ڏاڍو گد گد ٿيندو، هنبوڇيون هڻندو، پنهنجي محل تي موٽي آيو هو.

اڄ هو بيٺل پاڻيءَ جيان پُرسڪونُ هو. هن کي مهينا پنڌ ڪرڻ ۽ ننڊون ڦٽائڻ کان پوءِ آرام مليو هو. هن جو روح ٿڪل هو، هن کي آرام  جي ننڊ جي ضرورت هئي. هن جون اکيون ننڊ جي بار کان ڳريون ٿي ويون، هن کي ننڍ اچي وئي. پياري پياري ننڊ، جنهن ۾ هن کي ڪا ڳڻتي ڪا نه هئي، ڪا پريشاني ۽ ڪا اڻتڻ ڪا نه هئي، ڪو به وسوسو ۽ شڪ شبهو ڪو نه هو. هن جو اٻاڻڪو اتاولو روح به ننڊ جي پيار ۽ سڪون سان ٻانهون ٽيڙي پئجي رهيو هو. هن کي اها به ڳڻتي ڪا نه هئي ته سندس هٿ ۾ جھليل ٻيڙي، جيڪا سندس قسمت جيان کٿل رلهي تي ڪري پئي هئي، رلهي کي ساڙيندي ساڙيندي کٽ جي ڇڳل واڻ کي ساڙڻ شروع ڪيو هو.

نيڪي

ريل ڪار جو ڊگھو دٻو ماڻهن سان ڳتيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيشن تان چڙهندڙن جو زور اڃا وڌ، پيهان پيهه، رڙيون ۽ ڪيڪون، ڌڪا ۽ گاريون، وٺ وٺان، ڊڪ ڊڪان، ٻن ماڻهن جي سيٽ تي پنج ڄڻا ڳتيا ويٺا آهن، ته وري ڊگھي گھٽيءَ ۾ هشام ماڻهن جو اڀي ڪنڊي بيٺو آهي. هر هڪ پنهنجي ڊيگھ، ٿولهه، طاقت آهر زور لڳائي، ڪر کڻي، هيڏي هوڏي پيو نهاري، ته من ڪٿي ڪا سيٽ ملي پوي، پر سيٽن سان گڏو گڏ سامان جون ڄاريون به ڀريل ڏسي نااميديءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي ٿو. آگسٽ جو قهري مهينو، رات جا يارنهن، ماڻهن جي بدن جي گرمي، پگھر جي ڌپ، ساهه جي اٻس، پريشاني، مونجھ... ماڻهوءَ ماڻهوءَ مهانڊو حيران ۽ گھٻرايل. ڪنهن واپاريءَ جي ٽيڏي اک سامان جي ڳٺڙيءَ ۾، ته ڪنهن امير زادي جي بيگ ۾، ڪنهن جي پير تي لٺ لڳي وڃڻ تي رڙ نڪري وڃي، ته بيهڻ لاءِ ٻين کي پيو ڌڪا ڏئي. اهڙي وٺ وٺان ۾ ٽن سيٽن وارين ٻن بينچن تي... هڪ تي هڪ ستر سالن کن جو ڪنجھندڙ، ڪرڪندڙ پوڙهو پاسيرو ليٽيل آهي، ته ٻئي تي وري پنجونجاهه، سٺ سالن جي ڏٻري گھنجيل ٻوٿي پوڙهي ستل آهي. گرميءَ کان ڄڻڪ سندس ساهه ٿي نڪتي ويو. هر هڪ حيران پريشان ماڻهو اچي چوي ٿو ته ماڻهو بيٺا آهن ۽ توهان وري ستا پيا آهيو... اٿي ويهو... هي به ڪو انصاف آهي... پوڙهي مائي ڪنجھندي سهڪندي کين جواب پئي ڏي، ”...ابا مان لاچار آهيان... ساهه ٿو نڪري، ٽن ڏينهن جا ٿڪل آهيون... ٻه ڏينهن ٽِي بِي جي اسپتال جي در تي پيا هئاسون... علاج ڪو نه ٿيو... بس ابا... ڏوڪڙ ڪو نه هئا... هاڻي سڃا ٿي مري پيا آهيون... ابا.... ڏاڍي بيماري ويڙهي وئي آهي. ڇا ڪيون...“ ماڻهو، ڪي رحم ڀريو... ڪي ڪاوڙيل... ڪي نفرت ڀريو... ڪي همدرد، منهن ڪيو... پاسو ڪري ٿا بيهن.

اوچتو هڪ نوجوان، منهن اگھاڙِي، ڳوٺاڻي عورت جي ڪڇ تان هڪڙي ننڍڙي ٻالڪ ڪيهه ڪئي... رڙ ڪري ماءُ جي ڇاتيءَ کي چنبڙي پيو. عورت جي منهن تي مرڪ آهي... پيار آهي... هن ٻار کي وڌيڪ سوگھو ڪري ڇڏيو. مرڪندي ڀرسان بيٺل، ٺاهوڪڙي نوجوان شهپرِي کي ڏٺائين، پوءِ اڳتي وڌي، هلڪڙو جُھڪي، سيٽ تي ستل پوڙهي عورت کي چيائين، ”امڙ! ٻارڙو اٿم، گھڻي سوڙهه آهي. ٿورڙي جاءِ ڏيندينءَ بس کير پياري اٿي بيهندس، بس اجھو ڪي اجھو...“ هن مرڪندي چپٽي وڄائي ڄڻڪ پوڙهيءَ کي احساس ڏياريو ته جھٽ پلڪ ۾ اٿي ويندي. پوڙهي عورت جي پريشان اکين ۾ گھڙي پلڪ لاءِ سوچ جا پاڇا لهي آيا. شايد پنهنجي ڪنهن ٻالڪڙي کي کير جِي گُھر ڪندي ياد ڪيائين... ڪنجھندي... پير سيري، گوڏا اڀا ڪيائين. ڳوٺاڻي عورت سَٽ ڏئي جھٽڪو کائي، ويهي رهي ايترو زور سان، جو سندس ڀريل بدن پوڙهي بيمار ٽنگن سان ٽڪر کاڌو... ويچاريءَ کان رڙ نڪري وئي... ”اَئي امان، خيال ته ڪر...“

”امڙ ڏاڍي ڪمزور آهين.“ عورت جي ڦهڪي ويهڻ جي ڪري پوڙهي جا پير اڃا ڪجھ وڌيڪ سري ويا ۽ ويڪري جاءِ ٿي پئي. عورت کلندي مڙس کي اشارو ڪيو. سندس نوجوان مڙس کلندي ڪَنو اٽڪائي ويهي رهيو. پوڙهي مائيءَ تڪليف ۽ پريشانيءَ کان ڪنجھندي احتجاج ڪندي چيو، ”امڙ، ايترو ته سوڙهي نه پئه، مون ٻار کي کير پيارڻ لاءِ ويهاريو ... ڪِ نه...“

”چڱو. چڱو، چپ ڪر.“ عورت کلندي، ڪاوڙجندي، پوڙهيءَ کي گھوريندي چيو، ”هيترا ماڻهو بيٺا هجن، هيءَ پوڙهي هلي آ وري ننڊ ڪرڻ... ڪاٿي لهندينءَ... چپ ڪري ويهه.“ مرڪندي ٿورو پاسيرو ٿي، مڙس کي ڪشادي جڳهه ڪري ڏنائين، مڙسهنس ويڪرو ٿي ويٺو. پوڙهي اڃا وڌيڪ سوڙهي ۽ چِٻي ٿي وئي. بيٺل ماڻهن مان ڪجھ ماڻهن جي منهن تي احتجاج جون ريکائون اڀريون، ته ڪجھ ماڻهن جي نراڙ تي ساڙ ڀريون ليڪون... ڪاش هو ائين ويهي رهن ها... ڌوڪو ئي سهي، ويهڻ جي جاءِ ته ملي ها. ڪجھ آهستي ڀڻڪيا: ”ڏاڍي بيحيائي آهي... هن ويچاري رحم ڪري جڳهه ڏنس، ته ٻار کي کير پياري... هن وري ڏنڊي مئيءَ مڙس کي به ويهاريو... پوڙهيءَ تي به رعب، ڇا زمانو آ نيڪي جي بدلي بدي!“

”امڙ هاڻي ته سوڙهي نه پئه... چڱو بدلو ٿي ڏئين... امان بيمار آهيان. ماءُ جيڏي آهيانءِ.... ڪجھ خيال ته ڪر.“ پوڙهي مائي ويچاري ڪنجھي پاسو ورائيندي چيو.

”چڱو چڱو، لتون نه هڻ... سڌي ٿي سمهه... سڄي جڳهه ولاريون پئي آهين... گھڻو سمهينءَ.“

پاسو ورائيندي پوڙهيءَ جي کيسي مان روڪڙ پيسا ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندي وڃي فرش تي ڪريا. هن ٿورو ڪنڌ موڙي هيٺ نهاريو... نوجوان عورت به هيٺ ڏٺو... ڪجھ بيٺلن به هيٺ نظر ڪئي... ٻانهن ڊگھي ڪري هن آڌي کنئي... وري ٻانهن هيٺ ڪري پائلي طرف هٿ وڌايائين پر اها ڪجھ پَرڀرو پئي هئي. پوڙهي ٿورو سرڪي ته عورت اها جڳهه قبضو ڪري ورتي. هن پائلي کڻي کيسي ۾ وڌي. کيس احساس ٿيو ته اڃا سوڙهي ٿي وئي آهي. پريشاني، ڏک ۽ پڇتاءُ اکين ۾ ڀرجي آيس. چپ ڪري گھڙي جھٽ اکيون بند ڪري، وري هيٺ ڏٺائين... نظرن ۾ ڳولا هيس، پر فرش صاف هو. عورت کيس ڄڻڪ دڙڪو ڏيندي چيو، ”مائي لتون ته پاسي ڪر... ڪُکيون ئي ڪڍي ڇڏيئي... ڪانهي ڪا ملڪيت تنهنجي هيٺ ڪري.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: