سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: يادون ۽ سڪون

باب:

صفحو :4

ريل ڪار پنهنجي ڌُن ۾ ڊوڙندي، بيهندي، ماڳ طرف ڪهندي ٿي وئي... لهڻ وارو ڪو نه هو، چڙهڻ وارا گھڻا. ڪٿي بيٺي ٿي ته گرمي ۽ اٻس وڌي ٿي ويو... رڙيون، ڪيهون ۽ دانهون به وڌي ٿي ويون، ته ڌڪا ۽ گاريون به. وري هلي ٿي ته ڪجھ ماڻهن صبر ٿي ڪيو... ويٺلن، بيٺلن هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا مسئلا هئا. ڪنهن ڪنهن کي ٿي ٻڌايو ته مال مهانگو مليو. ڪنهن ٿي چيو، بوٽ ملن ڪو نه ٿا، مون آرڊر ڏنو آهي، ٻار ٻچا ڪيئن ٿي، خوش آهن... ڀڙ ۽ ڀلا متارا... سدا سکي رهن. ڪجهه نوجوان شاعريءَ جو مچ مچايون ويٺا هئا، ته ڪن ٿي ويهي حساب ڏنا... ڪن ٿي ليٽريچر تي بحث ڪيو، ته ڪن فلمن جي وڌيل اگھاڙپ تي. گاڏي رڙهندي ٿي وئي، انڙ پور، ٻڍا پور، مانجھند، سن، آمري، سيوهڻ، دادو، سيتا روڊ، سيتا روڊ! پوڙهي مائي ڀرسان بيٺل کان پڇيو، ”ابا، ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“

”مائي سيتا روڊ.“

”ابا اسان لهنداسون. هي سامان ته درڙيءَ مان ڪڍي ڏجو.“ تڪڙ ۾ پوڙهي کي ڌونڌاڙو ڏنائين. هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون. ”هل... هل، لهه هاڻي... سِيتا اچي وئي. پوڙهي پوتڙو ڪلهن تي رکيو. ڪُٻو ٿي، ڪنجھندي هيٺ لهڻ لڳو... مائي وري ڀرسان بيٺل نوجوان کي تاڪيد ڪيو ته ابا سامان ڏجو.

”ها... ها... لهه هاڻي کڻي. سامان ملئي ٿو، ڀڳو ڪو نه ٿو وڃي.“ نوجوان عورت جيڪا کيس يڪو ئي ڇڙٻيندي ۽ کيس گنهگار قرار ڏيندي آئي هئي، تنهن کيس ڇنڀيندي چيو.

ريل ڪار هلي پئي... عورت سري ويٺي. سندس مڙس جي ڀر ۾ ٻيو به پوڙهو ويهي رهيو. مائيءَ کلندي مڙس کي چيو، ”مُئي لٿي ئي ڪو نه ٿي... ديڳڙو کوڙي جو ويٺي، ته سري ئي ڪا نه... مون به کيس اهڙيون سنهڙيون چهنڊڙيون وڌيون، جو گھر وڃي مالش ڪرائيندي. مُئي هلي هئي ٿورو ڪرڻ...“ وري پوڙهي مائيءَ جي نقل ڪندي نخرن سان ٻانهن لوڏيندي چيائين، ”امڙ نيڪيءَ جو چڱو ٿي بدلو ڏين...“ وري هلڪڙو ٽهڪ ڏيندي مڙس کي اشارو ڏيندي چيائين، ”هيٺ فرش طرف ڏس.“ پنهنجو پير مٿي ڪيائين. ان هيٺان ٻه آڌيون رکيون هيون... جُھڪي کنيائين. مڙس کي ڏيکاريندي، ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”مون کيس چڱي چوٽ ڏني... وري نه ڪندي اڳتي ڪنهن سان نيڪي...“

مڙس ۽ زال گڏجي هڪ ٽهڪ ڏنو.

ڊاڪٽر

نوڪر سلپ آڻي سندس سامهون ٽيبل تي رکي، هن نمي مٿس نگاهه وڌي ۽ جلد هٻڪندي نوڪر کي چيائين، “جلدي، جلدي موڪلينس!“

پردو مٿي ٿيو. هن جون پريشان نظرون در مان لنگھي ايندڙ پيءُ جي نظرن سان ٽڪريون. هن پنهنجي جسم تي ڪوِليون ڊڪندي محسوس ڪيون کيس پيءُ جي اکين ۾ شفقت بجاءِ پريشاني ۽ مايوسي نظر آئي، من ۾ ٽٽل انسان جي ڪوڪار ٻڌائين، شڪايتن جي اٿندڙ طوفان سندس نظرن کي جھڪائي ڇڏيو. سندس والد سامهون ڪرسي تي ٿي ويٺو ۽ ڄڻڪ امرت ڀريل پيالو ڇلڪي پيو هجي. ”ڇو ٻچڙا! تون ته هميشه سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ جو تمنائي هوندو هئين، هڪ اهڙي ڊاڪٽر ٿيڻ جو... جو غريبن ۽ بي واهن جي مدد ڪري، مريضن جو آٿت بڻجي... اٻوجھ انسانن سان پاٻوهه ۽ همدرديءَ وچان ملي، مٿن ظلم ۽ ڏاڍ جي ڇپن کي ٽيڪ ڏئي. مون کي حيرت ٿي، جڏهن کٻڙ ٻڌايو ته تنهنجي نوڪر کيس ان ڪري تو سان ملڻ جي موڪل نه ڏني، جو هو سندس کيسي کي ڳورو نه ڪري سگھيو. ڪرمونءَ ڳالهه ڪئي ته تو بيمار پٽ کي گھر تائين هلي ڏسڻ ۾ هرج سمجھيو. ديدار ٻڌايو ته هن جو واحد سهارو کانئس ان ڪري هميشه لاءِ رسي ويو جو هن وٽ تنهنجي في ڀرڻ جي حالت ڪو نه هئي... ٻچڙا! ٻچڙا ڇا هي سچ آهي؟ ڇا تو وٽان خلوص، محبت ۽ همدردي فنا ٿي وئي آهي؟ ڇا تون انسانيت جي عظيم رشتي کي ڀلائي ويٺو آهين؟ ڇا تنهنجي دل کي دولت جي حرص ايترو ڪٺور بڻائي ڇڏيو آهي جا غريب لاءِ نه ڦٿڪندي آهي؟ ڇا لالچ تنهنجي اکين تي اهڙا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن، جي مجبور انسانن جي منهن تي پيل گھنج به نه ڏسي سگھن؟“

جذبا سندس والد جي اکين مان ڳوڙهن جو روپ ڌاري وهي پيا ۽ ۽ هن جو پورو وجود به هن جي همدرد دل جيان ڦٿڪي رهيو هو.

”بابا سائين!“ ڊاڪٽر جا چپ ڌار ٿيا، ڄڻڪ اڪ جي ڏانڍي کي چير اچي ويو، ”توهان منهنجي اِنسلٽ ڪري رهيا آهيو.“ اڪ جي اڇي کير جهڙو ڪڙو آواز هوا ۾ ڦهلجي ويو.

”جيڪڏهن تون انسانيت جي سبق کي بي عزتي ٿو سمجھين ته بي شڪ سمجھ... پر بابلا! تون پنهنجي عظيم پيشي جي حسين مجسمي کي داغدار نه ڪرين ته بهتر... تون ڊاڪٽر آهين، انسانيت جو خادم، تنهنجي لاءِ امير توڙي غريب هڪ هئن گهرجن.“ شفقت جي ورڇ فضا معطر ڪري ڇڏي.

”اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان مان پنهنجون اميدون ڪڏهن به پوريون نه ڪري سگھندس. مان ڪڏهن به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۽ بنگلو... اعلى سوسائٽي ۾ اعلى مقام... حسن جي ديوي پروين ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگھندس.“ حرص و هوس جو بوتو زمين کان آسمان تائين ڪر موڙي نڊرتا سان بيهجي ويو.

”سچي عظمت انساني خدمت ۾ آهي، ٻچڙا... تون انسانيت جي خدمت ڪر، اعلى مقام تو کي پاڻ ئي ڳولي لهندو... غريبن، بي واهن، بي ڪسن جي دلجوئي ڪر. غريب گلاب جي گل مثل آهن، جي ڏکن جي ڪَنڊن ۾ پلجي به، گلستان کي سڳنڌ بخشيندا آهن. تون ان سڳند کي حاصل ڪر، تنهنجي منزل تو ڏانهن پاڻ ئي وڌي ايندي... سچو حسن ته اخلاق ۾ آهي، پائوڊر ٿڦيل منهن ۾ ڪو نه آهي. جن کي تون سوسائٽي جي پاڙ سمجھين ٿو، بي بوءِ سورج مکي گل جيان اٿئي، جيڪي خوشين جي روشني ته دل کولي قبول ڪندا آهن پر مصيبت جي اوندهه کان ڊڄي ڪوماڻجي منهن هيٺ ڪري ڇڏيندا آهن...“ اڃا به شفقت جي خوشبوءِ ختم نه ٿي هئي، ”ٻچڙا، سيٺ صبور جي ڌيءُ پروين کي تو غيرن جي ٻانهن ۾ به ڏٺو هوندو، ته...“

”بابا... آ... آ...“ هوس جو ديوتا، سچ جي تيغي جو ڌڪ برداشت نه ڪري سگھيو. ”مان ٻار ناهيان جو اوهين مون کي سمجھائڻ آيا آهيو... مان پنهنجو برو ڀلو پاڻ ئي بهتر سوچي سگھان ٿو... انسانيت...! همدردي...! مون کي ڪجھ به ڏئي نه ٿا سگھن.“ هن جي غصي ڀريل منهن تي پيل گھنجن ۾ اضافو ٿي ويو.

”ٻچڙا!“ شفقت جو درياءُ جوش ۾ اچي ويو، ”ڇا تون غريبن جي خون سان پنهنجي ٻنيءَ کي ريج ڏيندين؟“ هڪ نهر وهي هلي.

”بس بابا،“ هن منهن ڦيري پيءُ کي پٺي ڏئي ڇڏي، ”مان ڪجھ بڌڻ نه ٿو چاهيان، اوهين هليا وڃو.“

محبت پدري اکين مان وهي پئي. هن پنهنجي ڏڪندڙ چپن کي ڀڪوڙي ڇڏيو، ڄڻڪ انسانيت جي ڊٿل مجسمي مان اڏامندڙ مٽيءَ کي پنهنجي سيني ۾ دٻائي ڇڏيو هجائين. ڪنڌ مٿي ڪري پٽ جي پٺيءَ ۾ چتائي نهاريائين، ڄڻڪ هن جي دل تي ڦِٺ ڪيائين جا قدرت سان ڀريل هئي. هٿ وڌائي کيسي مان لفافو ڪڍي ٽيبل تي ڦٽو ڪري... اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

ڊاڪٽر مڙي ٽيبل جي مٿان پيل لفافي کي گھوري ڏٺو. هٿ وڌائي لفافو کولي پنو ڪڍيائين. سندس هٿ ڏڪي ويا. پريشاني سندس منهن تي وري وئي. سندس ئي لکيل خط هو، سال اڳ جو، جڏهن هو ٽئين سال جو شاگرد هو:

سٻاجھا بابا سائين،

اڄ صبح ننڊ مان جاڳندي آنڊن ۾ وٽ پوندا محسوس ڪيم، ذهن ۾ ڳوراڻ ۽ دل ڪچي ڪچي ڀانيم. ڪکين وٽان اٿندڙ وٽ اکين اڳيان اوندهه طاري ڪري ڇڏي، ساهه سيني ۾ منجھي پيو، ٻئي هٿ زور سان ڀڪوڙي، برداشت ڪندي، ڪامن روم مان اچي هاسپيٽل فون ڪيم. ايمبولينس تي چڙهي هاسپيٽل پهتس. پروفيسر جي ڪمري اڳيان مڪروهه صورت وارو پٽيوالو بيٺو هو. مون کي ڏسي سندس منهن گھنج هڻي ويو. سوچيم، ”هي ڊاڪٽر ته ڊاڪٽر جي عظمت تي داغ آ، نڄاڻ ڪيترائي مريض ته هي نوڪر ئي دڙڪا ڏئي موٽائيندو هوندو. غريب ويچارا هن جون خوشامندون ڪندا، خرچي ڏيندا، تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر سان ملي سگھندا.“ اهو سوچيندو پروفيسر جي ڪمري ۾ گھڙي ويس. ڊاڪٽر جو ڪمرو مريضن کان خالي هو. پريان ٽيبل جي ڪرسيءَ تي ويٺل ڊاڪٽر ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هو. وڌي سلام ڪيومانس. ڪنڌ کڻي گھوري ڏٺائين. هن جي اکين ۾ رت جهڙي ڳاڙهاڻ هئي.

”بابا مان اسٽيڊي ٿو ڪيان، ڪلاڪ کان پوءِ اچج.“ ڊاڪٽر ڳوري آواز ۾ جملو ڳالهائي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪتاب جو علم پرائڻ لڳي ويو. جسم جي ذري ذري ۾ سيون چڀندي محسوس ڪيم. ڪجهه دير بي جان بوتي جيان هڪ هنڌ بيٺو رهيس. ڪاوڙ وچان سوچيم ته ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ کڻي سندس گنجي کوپڙاٽي تي وهائي ڪڍان. مغرور، ذليل، ڪمينو، وڏو آيو انسانيت جي خدمت جو دعويدار. ڪو انسان مري پوي ته.... پر هن جي گھران ڇا ويندو. مون ميڊيڪل جي شاگرد سان اهڙو رويو ته عام مريض سان ڪهڙي هالت هوندي! حضرت عليؑ جي قول، ”جيستائين تو ۾ قوت برداشت آهي، هلندو رهه“ ياد ڪري ڪجھ آٿت محسوس ڪيم. ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري آيس. ههڙا ذل...

هو وڌيڪ ڪجھ پڙهي نه سگھيو. خط سندس ڏکندڙ هٿن مان نڪري پٽ تي وڃي پيو. هن جي اکين ۾ پاڻي مڙي آيو. ذهن پريشان ٿي پيس. اکيون ۽ چپ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيائين. سوچيائين، ”ڪيڏي نه عظيم هستيءَ کي رسائي ڇڏيم... پيءُ... منهنجو پيءُ... بابو سائين... عظمت... شفقت...“

هن قدم وڌايو... ڪائنات جي ذري ذري ۾ پڙاڏا ٿيندي محسوس ڪيائين، ڪار... ايئرڪنڊيشنڊ ڪار... بنگلو... سوسائٽي... عورت... مقام... پنهنجي پيرن کي وزني ڀايائين... اڳتي قدم وڌائڻ جي ڪيائين... ڪار... بنگلو... سوسائٽي... پريشاني ۽ ڪاوڙ وچان ڏٺائين، پنهنجي پيرن ڏانهن... وڪوڙيل جڪڙيل زنجيرن ۾، لالچ جي زنجيرن ۾... ۽ قدمن هيٺان ڦٿڪندڙ انسانيت کي... اکين آڏو اوندهه اچي ويس... پوءِ هو ڦيراٽي کائي ڪمري جي فرش تي ڪري پيو.

منگھڻ

       مون سٽ ڏئي، سوڙ کي مٿان لاهي، پرتي ڪري، ڦٽو ڪيو. تڪڙ ۾ هٿ پٺيءَ تي ورائي پٺي تي رهڙو ڏنو. هلڪڙي ننڍڙي جيتڙي، ڪِينئين جيان سُرڪندڙ شيءِ کي آڱر محسوس ڪري چمٽي وئي ۽ مون کيس چپٽي ۾ جھلي پنهنجي اکين سامهون جھليو. ننڍڙي ٽنڊڻي جيتري جيت کي منهنجين ٻن آڱرين سوگھو ڪري جھليو هو. سندس لوٽ نڪتل ننڍڙي منڍيءَ کي ڌڳي جهڙي سنهي ڳچيءَ سندس منڍيءَ سان ڳنڍيو ٿي. ڍڍري بدن ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهي رنگ کي ڏسي، سمجھي ويس ته ڳوٺان موڪلائڻ مهل جنهن جيت جا پار پتا ڏئي، امڙ مون کي ڊيڄاري رهي هئي، پڪ اهو ئي آهي. امڙ کيس منگھڻ ٿي چيو.

جڏهن مون پنهنجي شهر کان ٻه سَو ميل پري، پڙهڻ لاءِ امڙ کان موڪلايو هو، تڏهن چيو هئائين، ”پٽ! پرديس پيو وڃين، خيال سان رهجانءِ... ۽ ها پٽ! ان طرف منگھڻ به ڏاڍا اٿئي، انهن جو به خيال ڪجانءِ.“

مون وائڙو ٿيندي حيرت منجھان کيس چيو هو، ”پرديس!؟ پرديس وري ڪهڙو امڙ؟ مان ته پنهنجي ديس جي هڪ حصي ۾ پڙهڻ ٿو وڃان... ڪجھ ڏينهن جي پڙهائيءَ ڪاڻ! ٿوري وقت جي لاءِ، ته به پرديس ٿي چوين!؟... ۽ هو آهن، جيڪي سالن لاءِ پنهنجو ديس ڇڏي اچي، هتي کپي ويهي ٿا رهن، اهي به پاڻ کي پرديسي ڪونه ٿا چون... نه ٻولي، نه ڌرتي ۽ نه ئي ڪا ثقافت... ته به منهنجو ديس، منهنجو ديس ڪندا ٿا وتن... پر امڙ! اهو منگھڻ وري ڇا بلا آهي؟“

”منگھڻ ٽنڊڻي جيترو ننڍڙو جيت ٿيندو آهي، جنهن جو ڳاڙهاڻ مائل رنگ سندس ڪِني خون جي ڪري ٿيندو آهي. هن جي خون ۾ ڏاڍي ڌپ ٿيندي آهي.“ امڙ چيو هو.

مون اهڙي جيت متعلق ان وقت تائين ڪو نه پڙهيو هو. مون پڇيو ، ”آخر اهو منڌيل ڪيڙو ان طرف ڇو ٿو ٿئي؟“

”پٽ، گند جي پيدائش گندي ٿيندي آهي، ان جي لاءِ ماحول سازگار هو... ۽ اهو مُئو ته انساني خون تي گذارو ڪندو آهي.“

”امڙ، اسين خونين جون ڳچيون ٽوڙي ڇڏيندا آهيون. اسين گندي خون جا دشمن آهيون. اسان ڪني خون جو وجود مٽائي ڇڏينداسون. اسان جي مٺڙي سڳنڌ ڀري ڌرتيءَ تي اهڙي ڌپيل جيون جي ضرورت ڪانهي.“

”پٽ، جڏهن اهو ڪنو خون لڳي پوندو آهي، تڏهن ان جي ڌپ ڪيتري مدت تائين نه مٽبي آهي.“

”امڙ، مان پنهنجي خون جي خوشبوءَ سان جي رت جي ڌپ کي ڌوئي ڇڏيندس، پر اهو ايترو خطرناڪ ڇو آهي؟“

”مفت جي مٽي، مفت جا گھر، بڇڙي ذهنيت، ردي پالنا، حرام جي ڪمائي... انهن جو ڍڍر پرائي خون سان ڀريل هوندو آهي. رات جو لِڪي لِڪي حملو ڪندو ۽ خون پِي، وري لِڪي ويندو آهي.“

”امڙ، مان سڄاڳ رهندس ۽ سڄاڳيءَ جي پرچار ڪندس، مجال آهي منگھڻ جي، جو هاڻي رت پِي سگھي. مان ان جي جسم کي چِٿي ڇڏيندس، مان ان جي وجود کي لتاڙي ختم ڪندس.“

۽ هينئر اهو خون پياڪ منگھڻ منهنجي چپٽيءَ ۾ آهي. مون سندس وجود کي سوگھو ڪيو آهي. مان ان کي مروٽو ڏئي ماري ڇڏيان، مان سندس منڍي ڀڃي رکان... پر سوچان ٿو... منهنجي هٿ ۾ هن جي منڌيل خون جي ڌپ ٿي پوندي. جيڪڏهن کيس زمين تي ڦٽو ڪري لت سان چيڀاٽيندس ته ڌرتيءَ تي ڌپ ٿي پوندي. مان هن کي ڪٿي ماريان، جو منهنجي هٿ ۾ ڌپ نه ٿئي ۽ نه منهنجي ڌرتيءَ تي گند ٿئي؟ مون کي ڌرتيءَ تي گند نه گھرجي، مون کي ڌرتيءَ تي ڌپ ڪا نه ٿي وڻي ــــــــــــ مان هن کي ڪٿي ماريان؟

ڪٿان کان ڪٿي

ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ...

ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي نوجوان ڇوڪريءَ اوچتو ڇرڪ ڀريو. هن جي ماءُ هڪ ننڍڙي صندوق ٺاهڻ ۾ رڌل هئي. ڏاڍي تڪڙ ڪندي پَٽين ۾ ڪوڪا هڻي رهي هئي، پر ڪوڪن تي مترڪو تمام هوري ٿي هنيائين، جيئن ٺڪ ٺڪ جو آواز گھر کان ٻاهر نه پهچي.

ڇوڪرِي، جنهن جي ڀر ۾ تازو ڄاول ڀاءُ گھري ننڍ ۾ پيو هو، اٿي ماءُ جي ويجھو وئي. اڌ رات جو ماءُ کي صندوق ٺاهيندي ڏسي، حيرت مان چيائين، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺاهين؟“

ماءُ، جا صندوق ٺاهڻ ۾ مصروف هئي، هڪ ڪوڪي کي هوريان مترڪي جو ڌڪ هڻندي چيو، ”ڌيءَ! آهستي ڳالهاءِ!“

نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجيءَ ماءُ جي احتياط نه سمجھندي، وري چيو، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺا...“

”خاموش!“ ماءُ صندوق جي مٿين پٽي تي آخري ڪوڪو هڻندي آهستگيءَ سان سندس ڪن ۾ چيو، ”ڀاڻين ننڊ پيو آ نه؟“

”ها ها، امڙ!“

”ان کي کڻي آءٌ!“

”ڇو... امان، هو ته ڏاڍي مزي سان ستو پيو آ.“

”اڃا آهستي ڳالهاءِ. ڌيءُ، وڃ ڀاءُ کي کڻي آ.“ ڌيءُ ماءُ جي حڪم جي پوئواري ڪندي ڍرڙن هٿن سان پنهنجي ڀاءُ کي کنيو. هو اڃا ننڊ ۾ هو. ماءُ وٽ آڻي سندس هٿن ۾ ڏنو. ماءُ ٻارڙي کي سيني سان لڳائي پيار ڪيو، پوءِ صندوق ۾ رکي ڍڪ بند ڪرڻ لڳي.

”هاءِ منهنجي امڙ! تون هي ڇا ڪري رهي آهين؟“ ڇوڪريءَ خطرو محسوس ڪندي چيو.

”چپ ڪر ڌيءُ! صبر... صبر، الله جو حڪم اهو ئي آ.“

ماءُ جواب ڏئي صندوق جو ڌڪڻ بند ڪري ڇڏيو. نوجوان ڌيءَ اکيون ڦاڙيون، سڀ ڪجھ ڏسندي رهي. ماڻس صندوق جي وٿين ۾ ميڻ هڻي، ڪلهي تي رکي، در ڏانهن هلڻ شروع ڪيو.

نوجوان ڇوڪريءَ ماءُ جي پوئواري ڪئي. ڪالهه هن کي ڪيتري نه خوشي ٿي هئي، جڏهن الله تعالى هن کي هڪ تندرست، سهڻو ۽ خوبصورت ڀاءُ عطا ڪيو هو. اڄ هن ننڍڙي ابهم ڀاءُ کي ماڻس صندوق ۾ بند ڪري، الائي ڪاڏي نيئي رهي هئي. وري مصيبت اها جو ٻڌائي به ڪو نه پئي. نوجوان ڇوڪري دل ئي دل ۾ ڀُڃي ڪباب ٿي وئي. هن جي دل گھريو ته جيڪر ماءُ کان صندوق کسي، ان مان پنهنجي مٺڙي ڀاءُ کي ڪڍي، ڪنهن اهڙي هنڌ ڀڄي وڃي، جتي کانئس ڪو به سندس ڀاءُ کسي نه سگھي. هن اڳتي وڌي، ماءُ جي چولي جو پلئه پڪڙيندي چيو، امڙ!“

”خوموش ڌيءُ.“

”هاءِ الله! تون ادي کي...“

”چپ ڪر، بلڪل خاموش! آباديءَ مان چپ چاپ نڪري هل.“

”پوءِ تون ٻڌائيندينءَ، ته تون ادي کي ڪاڏي...“

”ها... هائو ڌيءَ! ڏس پيرن جو کڙڪو به نه ٿئي.“

ڇوڪري چپ ٿي وئي. آباديءَ کان ٻاهر ايندي هن وري پڇيو. ڀلا هن کي صبر ڪٿي هو.

””ڀاڻين کي نيل ۾ وهائيندس.“ ماڻس جواب ڏنو.

”هاءِ امڙ! تون هي ڇا ٿي چوين؟ هي ڇا ٿي ڪرين؟ ادا جيئرو ڪيئن رهندو؟ نيل جا جانور هن کي ڪاٿي ڇڏيندا؟ تو کي ڇا ٿي ويو آ؟ تو کي پنهنجي خون سان ايتري محبت به ڪانهي! هاءِ امڙ! جيڪڏهن تون هن کي پالي نه ٿي سگھين، ته مون کي ڏي. مان پنهنجي ڀاءُ کي کڻي وڃي ڪنهن جھنگ ۾ رهنديس. مان کيس وٺي وڃي اهڙي جاءِ تي رهنديس جتي کيس ڪو به لهي نه سگھي، امان...!“

”نه ڌيءُ.“ ماءُ هن کي جھل ڪئي، نه ڌيءُ! مون کي ائين ڪرڻ کان نه روڪ. صبر ڪر، اهو ئي الله جو حڪم آهي. پرواهه نه ڪر، اهو الله تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“

”اهو ئي الله جو حڪم آ.“ ڇوڪريءَ ماءُ جو جملو ورجايو.

”ها ڌيءُ!“

”هاءِ منهنجو ڀاءُ!“

”ڌيءُ خدا تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“

ڇوڪريءَ پنهنجا ڳوڙها اگھي ڇڏيا. هوءَ ماءُ پويان هلندي رهي. سامهون نيل درياءُ طوفاني بيقراريءَ منجھان لهرون هڻي رهيو هو. ماءُ هٿ وڌائي صندوق کي نديءَ ۾ وهائڻ ٿي چاهيو ته ڌيڻس کڻي هٿ جھليس. چوڻ لڳي، ”امڙ، ٿورو ترس، نديءَ جي بيقراريءَ کي نه ٿي ڏسين؟“

”ڏسان ٿي، پر الله جو اهو ئي حڪم آهي.“

اهو چئي هن صندوق کي وهڪري ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ڏاڍي اطمينان سان چيو، ”اي خدا مون تنهنجي حڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي. اي الله! تون منهنجي خطائن کي معاف ڪج. تنهنجي امانت تنهنجي حوالي.“ ۽ ڌيءُ کي چيائين، “چڱو! نيل جي ڪنڌيءَ سان هلندي وڃ، ڏس ته الله پنهنجي ٻانَهن جي ڪيئن ٿو نگهباني ڪري؟“ اهو چئي ماءُ گھر ڏانهن رواني ٿي ۽ ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ جي لڙهندي صندوق کي ڏسندي نيل نديءَ جي ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. جڏهن ڪنهن لهر وڃي صندوق سان ٽڪرايو ٿي ۽ صندوق ڌڏي ٿي ته بي اختيار هن جي زبان مان ”يا الله“ نڪتو ٿي.

هوءَ الله الله ڪندي، صندوق جي سِڌ ۾ ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. ڪيترائي دفعا ائين ٿيو جو صندوق وهندي وهندي ڪناري جي ويجھو اچي ٿي وئي، ۽ ڇوڪريءَ چاهيو ٿي ته هوءَ صندوق ڪڍي وٺي، پر تڏهن اوچتو سندس ماءُ جي لفظن سندس ڪنن ۾ گونج ٿي پيدا ڪئي: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانهن جي نگهباني ڪري.“

هوءَ هلندي رهي، ڪيترو ئي وقت هلندي رهي، تان جو پرهه ڦٽي، صبح ٿيو، سج اڀريو. هڪ وڏو محل ڇوڪريءَ جي رڪاوٽ بڻجي پيو. هي عاليشان محل نديءَ جي ڪناري تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. ڇوڪريءَ سوچيو ته محل جي چوڌاري چڪر هڻي نديءَ جي پوئين پاسي پهچڻ گھرجي. ڪپڙا کنجي، وڏو ساهه کڻي، چاهيائين ته ڊڪ پائي، ته اوچتو ڇا ٿي ڏسي جو ڪجھ عورتون چمڪدار ڪپڙا پهريو، محل جي ڪوٺي تي بيٺيون آهن. انهن ۾ جيڪا وڌيڪ عزت واري عورت ڏيکاري ٿي، تنهن اوچتو صندوق طرف اشارو ڪندي، ڀر ۾ بيٺل عورتن کي ڪجھ چيو. پوءِ ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڪجھ مهاڻا ڄار کڻي محل مان نڪتا، صندوق تي ڄار اڇلايو ويو. صندوق ڄار ۾ ڦاٿي، مهاڻن صندوق ڇِڪي ۽ کڻي محل ڏانهن هليا.

ڇوڪري کي صبر ڪٿي. هوءَ به پويان پويان هلندي رهي ۽ مهاڻن سان گڏ محل ۾ هلي وئي. مهاڻن صندوق محل جي مالڪياڻيءَ جي حوالي ڪئي، انعام اڪرام ورتا ۽ موٽي ويا. ڇوڪري بيٺي رهي. هن ڏٺو ته مالڪياڻيءَ صندوق کولي. صندوق کوليندي ئي سندس واڇون ٽِڙي پيون (منهن تي مرڪ پکڙجي ويس). بي ساخته سندس زبان مان نڪتو ”ٻار!“

ان وقت ڇوڪريءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هوءَ پنهنجي دل تي هٿ رکي، مالڪياڻيءَ کي هڪ ٽڪ گھوريندي رهي. سندس ڄنگھون ڏڪي رهيو هيون. هن جو من چاهي پيو ته ڊڪي پنهنجي ڀاءُ کي کڻي ۽ وٺي ڀڄي، پر اوچتو سندس ڪنن ۾ آواز اڀريو: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪري.“ هن پنهنجو پاڻ قابو رکيو. مالڪياڻيءَ ٻار هٿ ۾ کنيو. پنهنجي ڀاءُ کي جيئرو جاڳندو پنهنجون آڱريون چوسيندو ڏسي، ڇوڪري ٽڙي پئي. هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ٿي. هوءَ بيٺي ڏسندي رهي.

ٻار کي هٿن ۾ مٿي کڻندي ماڪياڻيءَ جو منهن (ڄڻڪ) بي اختيار هيٺ جھڪندو ويو، تان جو سندس چپ ٻار جي چپن سان ملي ويا. چميائين، چٽيائين، مٺيون ڏنائين، پيار ڪيائين، پوءِ ڀر ۾ بيٺل عورت کي حڪم ڪيائين، ”ملڪ جون خوبصورت، نوجوان، سونهن ۽ سوڀيا واريون کير پياريندڙ دايون حاضر ڪرايو.“

حڪم جي دير هئي، ڪيتريون ئي دايون حاضر ڪيون ويون. انهن ٻار کي کير پيارڻ گھريو، پر ٻار ڪنهن جو به کير منهن ۾ نه ورتو. ڇوڪريءَ اهو حال ڏسي اڳتي وڌي مالڪياڻي کي چيو، ”جيڪڏهن توهان حڪم ڪريو ته مان اهڙي دائي حاضر ڪيان، جنهن جو کير هي ٻار ضرور پيئندو.“

”جلدي ڪر.“ مالڪياڻيءَ حڪم ڏنو ۽ ڇوڪري خوشيءَ مان جھمريون هڻندي، نچندي، ٽپندي، محافظ ۽ مددگار الله جا ڳڻ ڳائيندي، پنهنجي گھر ڊڪندي ٿي وئي. هوءَ بي پرواهه ڀڄي رهي هئي. هن کي ٽڪرائڻ جي پرواهه ڪا نه هئي، هن کي رستي جي ڪَنڊن جي پرواهه ڪا نه هئي، ائين ٿي ڀانيو ڄڻڪ ڪوئي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو.

نوجوان ڇوڪري سهڪندي گھر آئي. ماڻس ڄڻڪ سندس انتظار ٿي ڪيو. ”امڙ مبارڪ.“ آواز ٻڌندي ئي ماءُ ڌيءُ ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن کي سيني سان لڳائي، سندس وات تي هٿ رکيو. ”چپ ڪر ڌيءُ، خاموش.“ ڌيءُ کي گھر جي ڪنڊ ۾ وٺي وئي. ويهندي ويهندي ڌيءُ ماءُ کي چيو، ”الله پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪندو آ.“

پوءِ ماءُ ڌيءُ کي ڏٺو، ڌيءُ ماءُ کي... ٻي گھڙيءَ ڌيءُ اڳيان اڳيان، ماڻس پويان پويان ساڳي رستي تي وڌنديون ٿي ويون.

سخاوت ڳچيءَ پئجي وئي

هوشيار ٿي گھم ٻچا.

هن حصي کي گاڏين جو کاتو چيو ويندو آهي.

۽ اهو به ڄاڻين تو ته اڄ ڪلهه ڊرائيورن کي ليسن (لائيسنس) مفت پيا ملن.

ڀلا مصيبت به ڪهڙي اچي ڪڙڪي ٿي.

(شاگرد ماڻهوءَ لاءِ پويون ڏينهن وڏي مصيبت آهي.)

نَوي پيسا، نوي پيسا، نوي پيسا، پيو ڪندو وتين.

ائين ٿيندو آ!

مهيني جي پوئين تاريخ پويون ويلو.

اڄ کڻي ماني نه کاڌءِ ته ڇا ٿي پوندو؟

سڄو ڏينهن به ته پاڻيءَ تي تڙڳي گذاريو اٿئي! سڀاڻي هونئين ئِي اسڪالرشپ ملندءِ. باقي ڇا گھرجئه... پرواهه ناهي.

پر بک!؟

بک ڪيئن سهي سگھندس؟

پوءِ پٽ! تو کي ڪير ٿو چوي ته شهنشاهن وارو خرچ ڪر؟

هٿ ڦاڙ!

هر ويلي گوشت! هر ويلي ڪڪڙ!

آنڊن ۾ ڦَٽ ٿي پوندءِ، چريا!

پيسا گھرائي گھرائي مالڪن کي چريو ڪري رکيو اٿئي. ڪا دال!؟ ڪا سبزي!؟ ڪا ڀاڄي!؟

مڙيوئي ويلو ٽارڻو.

نوي پيسا اٿئي نه، اڄ کڻي دال کاءُ!؟

دال!؟

(دال جهڙو ٻيو حرامي ٻوڙ ڪونهي.)

پوءِ ڀلا سبزي!؟

(دست ڪندي.)

آخر ڪجھ ته ڪرڻو آ؟

گڙ گڙ پئي پوي پيٽ ۾،

صبح لاڪون لنگھڻ ڪٽيو آ،

ماشاءَ الله، کڻي دال ٿو کاوان.

پوءِ ڀلا سستي ماني ڪٿي ملندي؟

اها خبر به ڪا نه اٿِي.

ايئرڪنڊيشنڊ، ايئرڪنڊيشنڊ پئي پوندءِ،

خواهه مخواهه اٺ ٻارنهن آنا ٽپ ڏيڻي پوي،

بل وري آنڊا ڊاهه (هاضمو ئي خراب).

جيڪڏهن ڪُنڊ پاسي ۾ ڪو سستڙو هوٽل تاڙين؟

ڪيڏا نه مزا.

بچت جي بچت، کاڌي جو کاڌو.

پر!؟

اڳي جديد دانشڪده ۾ جو مَک پيل ٻوڙ مليو هو.

(مک نه ملندءِ ته گڏهه، گھوڙو ملندءِ؟)

انهن مکين ئي ته انهن غريب هوٽلن کان ڀڄايو.

پڻهين به غريب ابن غريب آ... پٽ!

پوءِ هاڻي ڪاڏي هلان؟

نمعت ۾؟ بخارا ۾؟ رحمت ڪده ۾؟

(نالا ته سٺا رکيا اٿئون پر لاهيندا چَتيون.)

نالا ئي ابتا ٿا رکن.

جديد دانشڪده ۾ ويٺل هڙئي بيوقوف هئا.

ٺيڪ آ، پوءِ سلطان هوٽل ۾ ٿو هلان.

ويهه.

ٽيبل تي مئل مکين جو خيال نه ڪر.

دل گاؤن ماؤن پئي ڪري.

بي نؤسو ٿي ويهه.

هوشيار.

ڄاڻ فرشتو اچي نازل ٿيو.

هي هي، آيو آيو.

(ڪڙڪيو اچي نڀاڳو.)

اکيون نه مرڪاءِ.

ٽيڏو نه ٿيءُ،

پڇينس ته دال گھڻي؟

هائين ٻارنهن آنا!؟!

(۽ پندرهين پيسين هڪ ماني؟)

مري ويس،

بيرا ڀائي! في الحال پاڻي کڻي آءُ.

ڀڄ هوٽل مان ته کڻي نه اچئي دال.

آ... ها...

هاڻي ٿڌي ٿڌي هوا کاءُ، پٽ!

نه، ٿڌي هوا نه کائيندس.

ڪَلُو ڀائي جا پڪوڙا کائيندس.

واهه جو خيال آيو آ.

شاباس مون کي.

اٺين آني جا پڪوڙا.

ٽيهين پئسي ٻه مانيون.

ڏهه پئسا ڀاڙي جا.

(هونئن ته ڪنڊڪٽر کي چئبو ته اڳيون سنگتي ٽڪيت وٺندءِ، ته به ٽري ويندو، پر بي ايماني ڇو ڪيان؟)

ڀلا جي پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا ۽ ٽي مانيون؟

ڪهڙو خيال آ؟

خيال ته گلاب جو گل آ.

وٺ پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا.

هل سائين هاڻي هل.

پڪوڙا ته واهه جا ڪوسا آهن!

هاڻي ڪهڙي پاسي وڃان؟

اسٽيشن روڊ تي، سبحان الله ريسٽورينٽ ۾!

ٺيڪ آ.

ڪا ڪنڊ پاسي ڪرسي وٺي ويهه.

ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟

ٻه گِراٺيون وار! ريشمي ڪپڙا! اڀيءَ کڙيءَ وارو بوٽ! ۽ پڪوڙن سان ماني!

(ماڻهن جي پيءُ جي گھران ٿو کاوان ڇا؟)

لهرايان ڇو؟

وچ ۾ ويهندس.

ڏسان ٿو ته ڇا ٿا ڪن؟

ٽي مانيون کڻي آ... ۽ هڪ پليٽ...

بسم الله ڪر.

(سيڪيل ڪڪڙ سمجھي کاءُ.)

(شايد ڪنن تي ڪو آواز پيو پوي.)

”خدا ڪي نام پي بابا!

”نابينا هون، بَهت ڀُوڪا هُون.

”بچي ني ڀِي نهين کايا.“

لاحول ولا، لاحول ولا...

پر پٽ! ڪم نه ٺهيو.

چڱو ڀلا، اڄ ڪا سخاوتڙي ڪر.

وڏا وڏا ولي عمدا عمدا کاڌا به فقيرن سان گڏ کائيندا هئا.

تون کڻي ننڍڙو ولي ٿي،

يا ٿيڻ جي ڪوشش ڪر.

ٺيڪ آ.

ويچارڙي نينگرڙي به گڏ اٿس.

ٻارڙي آ، بک لڳي هوندس.

”مني، اِڌر بيٺو،

”بابا ڪو ڀي بٺاؤ،

”ميري ساٿ کانا کاؤ.“

ٻيلي فقير شڪريو بجا پيو آڻي!

آهي ته ڪو ڀلڙ ماڻهو.

پر هيءَ ڇوڪري ڇو نه ٿي کائي؟

هائين!؟

پيٽ تي هٿ پئي ڦيري.

(پيٽ ڀريل اٿس!)

آهستڙي، آهستڙي، ذرڙي ذرڙي ڪري پيو کائي.

ڪيڏو نه سادڙو آ ويچارو.

شايد مون غريب جو پيو خيال ڪري.

معصومڙو، سٻاجھڙو، غريبڙو.

هائين!؟

شايد هي پَرينءَ اک مان ڏسي پيو!؟

(خير کڏ ۾ وڃي پوي، هِي به، ته هن جي اک به.)

اڙي منهنجي گھورڻ تي بند ڪري ڇڏيائين.

ٺيڪ آ منهنجو ڇا وڃي؟

”بابا کائونا، مين غريب هُون، پڪوڙي کا رها هُون... تم ڀي کاؤ.“

او هو!؟

هي ڇا پيو چوي؟

”اڀي روزه افطار ڪيا هي!“، ”پڪوڙي بهت کائي هين!“، ”پيٽ ڀرا هوا هي!“، ”سالن سي کاؤن گا!“

مار! هي به گوشت نوش فرمائيندو؟

يا منهنجا مولا، تون پناهه ڏج، هي مڪر به ڏٺو.

”ڀوڪا هون! ڪڇ ڀي نهين کايا!“

۽ وري ٿو چوي، ”اڀي پڪوڙون سي افطار ڪيا هي.“

ٺيڪ آ، مان ته کاوان.

ڇو اچي هن ويل ۾ ڦاٿس.

پنهنجو ته پيٽ ڀريان.

گرهه ئي نه کنيم ته اچي ڀوت جيان نازل ٿيو.

لوٽي ديسان!

ٻچي ٻچي جو پٽ!

اڳهون ته سادو پيو چوينس، من!

(سادو نه، سادگي جو پٽ).

مڪار... ڪنو.

او هو هو هو!

ڇوڪريءَ کي پيو چوي ته بيري کي سڏ ڪر؟

مارائي نه؟

”اڙي بابا! ميري پاس تو پيسا ڀي نهين هي.

”سالن ڪي سي کاؤ گي؟“

هائين! هن وٽ پيسا آهن!

واهه واهه! فقير ته ڪو امير جوان آ.

ٺيڪ آ.

ٻوڙ گهرائي ته مان به ٿو هن سان گڏ کاوان.

چَهر ته ڪيان.

پڪوڙا ته اڳرن ئي ڪو نه پيا.

مار! فقير ته چالاڪ آ.

بَها پيو پڇيس.

هينٺ ٿس! خبر پيس نه!

(ڪيتري ويهين سؤ آ؟)

ڏيڍ رپئي گوشت ٻڌي نڪ ئي ڦِسي پيس.

ٽيڳر ئي موڪلائي ويس!

ڏاڍي ڊگر پيو ڪري!

هليو هو مڙس گوشت کائڻ.

”بس بابا پڪوڙي کاؤ.

”ڀوڪ ۾ تو پياز ڀي اڇي لگتي هين.“

اڙي هي ڇا ٿو چوي؟

”گھر جا ڪر کاؤن گا، اڀي پيٽ ڀرا هوا هي.“

هون هون، هي مانيون ڇو پيو ويڙهي؟

اڙي گڏهه، وٺ ڪرينس.

هي ته مورڳو مانيون ئي کنيون پيو وڃئي!؟

اڙي! وات ڇو پٽجي ويو اٿئي؟

(بند ڪر ته مَک نه گِھري وڃئي.)

اڙي! هي ته پڪوڙا به پيو ويڙهي.

وائڙو ڇو ٿي ويو آن؟

(هي جسم تي ڪوليون ڇو پيون ڊوڙنديون محسوس ٿين؟)

(هي ڪنن ۾ سيسڙاٽ ڇو پيا اڀرن؟)

اڙي بابا! هي فقير ته کسڪيو پيو وڃئيَ!

اوهه، هي ويو.

(مٿي کي چڪر ڇو پيا اچن؟)

(اکين آڏو اوندهه پئي ڇانئجي.)

اکيون مهٽ، ڊوڙ پاءِ.

اري چريا! پڪوڙا، ماني، ويا!

ڊڪ!

وٺ ڪرينس.

اڄ جا سورهيه

 

مَسَ مَسَ بس اولڊ ڪيمپس وٽان چُري، حيدر چوڪ مُڙي، جرنيل اعظم شهيد هوش محمد شيدي روڊ تي ڊوڙڻ شروع ڪيو. سياري جي موسم رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان بس ۾ عورتن وارِي پهرين (ڊرائيور جي پويان) سيٽ تي ويٺل هئم. اڄ عزيزن کان موڪلائيندي دير ٿي وئي، ڊڪي ڊوڙي اچي يونيورسٽي ويندڙ آخري بس پڪڙي هئم. چئن جي سيٽ تي اسان ست ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. مان وچ ۾ هئم. ڇوڪرا هيڏي هوڏي در درين (خاص ڪري ڊرائيور ويجھي) مان زور لڳائي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊرائيور جي چوڌاري ڏنل پائيپن جي ڪٽهڙي تي ڪيترائي ڇوڪرا ويٺا هئا، ڪجھ ڊرائيور جي ساڄي پاسي دٻيا پيا هئا ۽ ڪيترائي سامهون واري شيشي سان ڳاهٽ ٿيا پيا هئا.

”اڙي يار، زور نه ڏيو...“ آواز ڪن پيم، ڄڻڪ پيٽ ۾ وٽ ٿيو هجيس، آهستي ڪنڌ ڦيرائي کاٻي طرف ڏٺم. قد جي ڊگھي سنهڙي سيپڪڙي، ڏانداري جهڙا ڏند ڪڍي، ڏونگھي ۽ ڊگھي مٿي واري شڪل، واڇ ڇيڪي، اهڙو منهن بگاڙيو، ڄڻڪ هُو آخري ڇيڙي تي ويٺل ڇوڪريءَ مٿان ڪرڻ نه چاهيندو هجي (جڏهن ته هو اڳ  ئي ايترو ليٽيو پيو هو جو ڇوڪري ويچاري ڪُٻي پئي ٿي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺي هئي). سيپڪڙي تارا ڦيرائيندي بس جي پوئين حصي ۾ ڪنهن کي گھوري اک ڀڳي.

”ڏي خبر، مزي ۾ آهين نه؟“ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو لهجو، ليڊيز سيٽ پويان ڪٽهڙي ڀرسان هڪ آواز آيو.

”هتي ته گرمي ئي گرمي آهي.“ هن ڏندن کي وڌيڪ ظاهر ڪندي چيو. مون ڪنڌ هيٺ ڍرڪائي ڇڏيو. سوچيم: پراوَن تي ڪهڙي ميار، هي پنهنجا به اسان لاءِ ڪوئي جذبو نه ٿا رکن. جيڪڏهن اها ڇيڙي واري ڇوڪري پٺيان بيٺل نينگر جي سڳِي ڀيڻ هجي ها، ته هن ڏند ڇيڪي کي، اهڙي سيکت ڏي ها جو...“

گاڏيءَ هير آباد وارو ٽرن ڪٽيو.

”اڙي... اڙي يار! ڪجھ ته خيال ڪيو...“ ساڳيو ئي ڇوڪرو ڇيڙي واري ڇوڪريءَ مٿان ٿي ڪريو. ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي اهڙو مهانڊو بگاڙيائين، ڄڻڪ سڌو ٿي بيهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪندو هجي. سوچيم: ”ڪيڏا نه مڪار ۽ حرفتي، ايڪٽر ۽ دوکي باز آهن، پر ان ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه! پنهنجي فطرت کان مجبور آهن... اسان جي پنهنجي اکين جو پاڻي ڇو مري ويو آهي!“

”اي ابا! ٿڌي هوا ٿي اچي، اها دري ته بند ڪيو.“ ڪٽهڙي جي پويان واري سيٽ تان آواز آيو ۽ وري ”هي... هي... هي...“ ٽهڪڙو.

ساڄي طرف ڪنڊ ۾ ويٺل ٿلهي ڇوڪري نعيمه تي اکيون کپائي ڇڏيم، جا هن قهر جي سرديءَ ۾ به دري کوليون ويٺي هئي. نعيمه منهنجي ڪلاس فيلو هئي.

هوءَ اهو ٻڌائيندي ذرو به نه هٻڪندي هئي ته کيس ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٻهراڙيءَ جو ڊوميسائل صرف اٺن ڏهن ٽوڪرن جي قربانيءَ سان مليو هو. پٺيان چيل جملو ٻڌي منهن تي مرڪ پکڙجي ويس، ٿڌي هوا لڳڻ ڪري نڪ مان ٽسو وهي آيو هوس، تنهنڪري نڪ تي رومال اهڙي ته نزاڪت سان رکيائين، ڄڻڪ ان ۾ ٻين جو ڏوهه هجي.

”ڊرائيور... ابا آهستي... هيڏي نڪ مان سنڌو ٿو وهي.“

وري ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيم. نعيمه تڪڙ ۾ ڪنڌ پوئتي ورايو، ڏند ڪڍي وري سڌي ٿي ويٺي. پوئتي وري ٽَهه ٽَهه ٿي وئي. مون سوچيو ته منهنجن ڀائرن جي ذهنن ۾ ايڏي گندگي ۽ غلاظت ڀرجي وئي آهي، جو نڪ مان وهندڙ ٽسي کي سنڌوءَ جو پاڻي پيا چون.

سنڌو... ڪاڏي سنڌوءَ جي عظمت، ڪٿي ان جو پوتر پاڪ پاڻي، ۽ ڪاڏي...!

”اف! اسان پاڻ ئي پنهنجي سورهين جي سورهيائيءَ سان اڏيل تاريخ کي لٽي ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان ڄام ابڙي سَمي ۽ ممٽ کي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ ڪٿي اسين شاهه جو پيغام ته نه ڀلائي ويٺا آهيون؟ ڇا هي اياز، تنوير، شمشير، قمر، امداد، انور کي مورڳو ٻڌندا ئي نه آهن؟“ اکين ۾ ڳوڙها تري آيم. مون ڪنڌ موڙي اڄ جي سورهيه جوڌن جو ديدار ڪرڻ گھريو. ڪٽهڙي پويان پهرين سيٽ تي ويٺل ٻن سنڌي ٽوپي پهريل نوجوانن هڪ ٻئي کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون. اوچتو هڪ جي نظر مون تي پئجي وئي، ٻئي کي ٺوٺ هنيائين ۽ پوءِ ٻئي کلڻ لڳا، ڄڻ ڪا کيپ کٽي هجين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: