سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:3 

آزادي، ظالم کان آزادي، ائين آهي جيئن ڪنهن نئين جنم جو واقع  ٿيڻ جيڪو هڪ سورائتو عمل آهي، انسان جيڪو اُن مان اُسري ٿو يا ڄمي ٿو، اُهو هڪ نئون انسان آهي، ۽ اُهو جيئندو به فقط تڏهن جڏهن ظالم مظلوم جو تضاد سڀني انسانن جي انسانپڻي هيٺ دٻجي ۽ ڍڪجي ويندو،ٻين لفظن ۾، هن تضاد جو حل انهيءَ جنم جي سُورن سان ئي ملڻو آهي، جن سان دنيا ۾ هيءُ نئون انسان اکيون کوليندو- جيڪو ظالم يا مظلوم نه هوندو، پر آزاديءَ جو شائق ۽ لڳاتار آزادي حاصل ڪندو رهندڙ انسان هوندو.

هيءُ حل خيالي دنيا ۾ حاصل ٿيڻو نه آهي، نه خيالي طرح جو ٿي سگهي ٿو. مظللوم پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد هلائڻ جهڙا ٿي سگهن، اُن لاءِ هنن کي ظلم جي حقيقت کي جانچڻو ۽ سمجهڻو آهي. اهڙيءَ هڪ چؤپاسي بند دنيا طور نه جنهن مان نڪرڻ جو ڪو ڳٿو ڪونهي، پر اهڙيءَ هڪ محدود صورتحال طور جنهن کي هو بدلائي سگهن ٿا. هيءَ سمجهه هيءُ شعور ضروري آهي، پر آزاديءَ لاءِ پنهنجي جاءِ تي اهو ڪافي نه آهي؛ ان کي آزاديءَ جي عمل لاءِ لڳاتار تحريڪ ڏيندڙ طاقت جو روپ وٺڻو آهي. ۽ نه ئي مظلومن جي هيءَ دريافت ته مخالف نقطي  يا ضد جي صورت ۾ هو ظالم سان جدلياتي تعلق ۾ آهن، ۽ ظالم هُنن جي وجود کان سواءِ وجود  رکي نٿو سگهي، پنهنجيءِ جاءِ تي خود ڪا آزادي آهي. مظلوم هن تضاد تي، جنهن ۾ هو ڦاٿل آهي، غالب پئجي سگهن ٿا،پر فقط تڏهن جڏهن اها سندن دريافت يا ڄاڻ کين اُٿاري، پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي اُن جدوجهد ۾ عملاً آڻي شريڪ به ڪري.

اِها ساڳي ڳالهه خود ظالم سان به شخصي طور لاڳو آهي.جڏهن هن کي اها ڄاڻ ٿئي به ٿي ته هو ظالم آهي، تڏهن هن شايد ڪافي رنج به ٿئي ٿو، پر فقط اُن ڄاڻ ٿيڻ سان هو لازمي طور پاڻ کي مظلوم سان همدم يا يڪدل ڪو نه ٿو سمجهي، بلڪ، پنهنجي ڏوهه تي ڏاهپ جو رنگ چاڙهي، مظلومن کي پنهنجي مضبوط ماتحتيءَ ۾ رکندي، اُنهن سان هو، پوءِ، سرپرستيءَ، فيصض بخشيءَ يا پتاپڻي جو رويو اختيار ڪري ٿو. اُڻ سان ڪنهن کي، ۽ خاص طرح مظلومن کي، ڪجهه به پڙ ڪو نه ٿو پوي. همدميءَ يا يڪدليءَ جو مطلب آهي ته جن ساڻ ماڻهو ايڪو ڪري، اُنهن سان اُنهن جهڙو ٿئي ۽ سندن پورو حال ڀائي بڻجي- ۽ اِها هڪ اصلي ۽ بنيادي ڪيفيت آهي. جيڪڏهن مظلومن جي مظلوميت جي، جيئن هيگل (Hegel) چوي ٿو، خصوصيت آهي ته هو آقا جي مرضيءَ يا خيال جا بندا اهن، ته اُنهن سان سچي همدمي يا يڪ سماجتا هيءَ ئي ٿي سگهني ٿي ته اُنهن سان گڏجي اُن خارجي حقيقت کي بدلائڻ جي جدوجهد ڪئي وڃي، جنهن هنن کي ائين ”ٻين جا بندا“ (4) بڻائي رکيو اهي، ظالم’ مظلومن سان هيءَ ايڪ سماجتا فقط اُن صورت ۾ قائم ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو مظلومن کي محض هڪ خيالي چيز سمجهڻ بدران اُنهن کي سچا پچا اُهي انسان سمجهي، جن تي ظلم ٿي رهيو آهي، جن جي زبان بند آهي، ۽ جيڪي پنهنجي پورهئي جي سودي ۾ ٺڳجي ۽ ڦرجي رهيا آهن- جڏهن هو محض قياس ۽ نرم  دليءَ وارا پنهنجا انفرادي، ڌرمائو يا تقوائي ترڪتال ڇڏي ڏئي ۽ محبت جي هڪ ئي ملهه ’چڪائڻ، يعني ’فدائيت‘ جي عمل، لاءِ تيار ٿي ميدان ۾ نڪري اچي. سچي ايڪ سماجتا، سچو ايڪو، فقط محبت جيهن فدائيت، اُن جي حقيقت، اُن جي عمل مان ئي ٿابت ٿيندو آهي. نه ته اهو هڪ وڏو مِکر ۽  ڍونگ ئي هوندو آهي. جڏهن ڪو چونڊو آهي ته ”انسان انسان آهن ۽ ناهيءَ ڪري اُهي آزاد هجڻ گهرجن.“- پر اُنهيءِ پنهنجيءَ ڳالهه کي پاڙڻ يا حقيقت جي روپ ڏيڻ لاءِ هو ڪرڻ جهڙو ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

۽ ڇاڪاڻ ته ظالم مظلوم جو تضادُ هڪ سچي پچيءَ سماجي صورتحال ۾ ئي قائم هوندو آهي، انهيءَ ڪري اُن تضاد جو حل پڻ اهڙو پڌرو ۽ سچو هئڻ ضروري آهي، جيڪو صاف سمجهي سگهجي، ڏسي سگهجي، آزمائي سگهجي. انهيءَ ڪري، سچن ۽ پيڙهائتن انقلابين لاءَ- اُهي مظلوم هجن يا اهڙو ڪو شخص هجي جيڪو پوريءَ خودشناسيءَ جي نتيجي طور ڄاڻي ٿو ته هو پاڻ ظالم آهي- اُت ضروري آهي ته اُها سچي پچي صورتحال جنهن ۾ ظالم واقع ٿئي ٿو، اُها بدلجي ۽ ختم ٿئي.

سچيءَ پچيءَ صورتحال جي تبديل، حقيقت جي خارجي تبديل، جي ان بنيادي مطالعي ڪرڻ سان، ۽ داخليت پرستانه چپ چپات يا نسچلتا جي مخالفت ڪرڻ سان (جيڪا ظلم جي تسليمي، صبرائتي سهپ ۽ رڳو آسرو سيکاري ٿي، انهيءَ لاءِ ته ظلم ڪنهن  طرح خود بخود غائب ٿي ويندو)، در اصل حقيقت کي تبديل ڪرڻ جي عمل لاءِ داخلي يا داخليت جي ڪردار کان انڪار ڪو نه ٿو ٿئي. سچ پچ به ته خارجيت جو تصور داخليت جي ڪردار کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي، جيئن داخليت جو تصور، خارجيت کان سواءِ ممڪن ڪونهي- هي ٻيئي نظر جا نقطا ايترا لازم ملزوم آهن. جو ٻنهي کي دوئيءَ جي صروت ۾ مقابل بيهاري ئي نٿو سگهجي. خارجيت کي داخليت کان الڳ ڪرڻ، حقيقت جي مطالعي ڪرڻ وقت يا اُن جي ناتي ڪنهن عمل دوران داخليت کان انڪار ڪرڻ، خارجيت پرستي آهي.ٻئي پاسي مطالعي يا عمل ۾ خارجيت جو انڪار، جنهن مان داخليت پرستيءَ واقع ٿئي ۽ خود خياليت جا مؤقف اڀرن، در اصلِ اهو خارجي حقيقت جي انڪار سان گڏ خود عمل جو ئي انڪار آهي. حقيقت ڏانهن، يعني اُن جي مطالعي ۽ عمل بابت، معقول رويي لاءِ، نه خارجيت پرستيءَ، نه داخليت پرستيءَ، نه ئي ڪنهن نفسيات پرستيءَ جي تبليغ مناسب آهي-اُن لاءِ بس، دائمي جدلياتي وابستگيءِ ۾ ڪم ڪندڙ داخليت ۽ خارجيت ٻيئي ضروري آهن.

دنيا ۽ اُن جي تاريخ کي تبديل ڪرڻ جي عمل ۾ داخليت جي اهميت کان  انڪار ڪرڻ ساده دلي ۽ چريائپ آهي، ۽ ان سان، گويا، هڪ ناممڪن صورت کي مڃڻو پوي ٿو، يعني انسانن کان سواءِ يا اُنهن کان خالي هڪ دنيا کي. هيءُ خارجيت پرستانه مؤقف آهي، ۽ اهڙو ئي اٺسٺائي ۽ هوائي آهي جهڙو داخليت پرستيءَ جو. ڇو ته داخليت پرستيءَ جو مؤقف وري ٻيءَ هڪڙيءَ ناممڪن صورت کي فرض ڪري وٺي ٿو، يعني دنيا کانسواءِ انسانن کي. در اصل دنيا ۽ انسان هڪ  ٻئي کان الڳ ته موجود ڪونهن، هو هڪ ٻئي سان دائمي تعلق ۽ واسطيءَ ۾ موجود آهن، نه مارڪس (Marx) ۽ نه ئي ڪو ٻيو اهلُ راءِ حقيقت پسند مفڪر اهڙيءَ ڪنهن داخليت ۽ خارجيت جي دوئيءَ جو حامي آهي. مارڪس جنهن ڳالهه کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ عملي طور اُن کي ڊاهي پٽ ڪيو، اُها داخليت نه پر داخليت پرستي ۽ نفسيات پرستي هئي. جيئن خارجي سماجي حقيقت ڪنهن اتفاق يا حادثي سبب نه پر انساني عمل جي نتيجي طور موجود آهي.تيئن اُها بدلجي به ڪنهن حادثي يا اتفاق سان ڪا نه ٿي. جيڪڏهن انسان ئي سماجي حقيقت کي وجود ڏين ٿا(جيڪا ’عمل جي جوابي موٽ‘ سان انهن تي به اثر ڪري ٿي ۽ کين به جوڙي ۽ ٺاهي ٿي)، ته اُن حقيقت کي بدلائڻ هڪ تاريخي ڪم آهي، يعني اُهو ڪم، جيڪو انسانن جو ڪم آهي.

حقيقت جيڪا ظالماڻو روپ وٺي ٿي، اُن جي نتيجي ۾ انسانَ ظالمن ۽ مظلومن جي اختلافي علحدگيءَ ۾ ورهائجي وڃن ٿا. مظلوم، جن لاءِ پوءِ پنهنجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو ڪم اٽل ۽ لازم ٿئي ٿو- اهڙن ٻين ساٿين سان شامل ٿي. جيڪي ساڻن سچو ايڪو ڏيکارين ٿا-تن لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته پنهنجي هِن جدوجهد جي عمل دوران ظلم بابت پوري ۽ تيز ڄاڻ حاصل ڪن. آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ هڪڙي سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ رنڊڪ هيءَ ٿي پيدا ٿئي، جو ظالمانه حقيقت اُنهن کي جيڪي اُن جي دائري ۾ هجن ٿا، ڇڪي ۽ چُهي وٺي ٿي، ۽ ائين هنن جي شعور کي  گهُٽي، نستو ڪري ڇڏي ٿي. پنهنجي توصفي اثر ۾، ظلم آهي ئي انهيءَ قسم جو گهيريندڙ، مڃائيندڙ ۽ مطيع ڪندڙ. اُن جي زور ۽ ان جو شڪار نه ٿي وڃڻ لاءِ، ماڻهوءَ کي اُن جي دائري مان ٻاهر نڪري ۽ موٽي اُن تي حمله آور ٿيڻ ضروري آهي. ۽ ائين فقط عمل سان ڪري سگهجي ٿو: يعني دنيا کي، پنهنجي آسپاس کي، بدلائڻ لاءِ، اُن تي سوچڻ سان ۽ اُن کي پنهنجي عمل جي  اثر ۾ آڻڻ ۽ اُن جي تُز نشاني بنائڻ سان.

اُن لاءِ پهرين ڳالهه، جيڪا ضروري آهي، سا اها ته  ظلم پڌرو ٿئي، ۽ اُن کي پڌري ڪرڻ لاءِ ظلم جي تيز شعور سان گڏ، اوترو ئي اُن کي کلئي عام خوار ڪيو وڃي- جيئن پنهنجي وڌندڙ  خواريءَ سان ظالم وڌيڪ خوار ٿئي.

’جڏهن ظلم سان ظلم جو شعور گڏجي ٿو، ته ظلم وڌيڪ شديد لڳي ٿو‘- انهيءَ ڳالهه جي، داخليت ۽ خارجيت جي باهمي جدلياتي تعلق سان، سڌي نسبت آهي، ظلم خلاف جدوجهد ۾، ان نسبت سان ئي سچو ۽ بااختيار عمل ممڪن ٿئي  ٿو، جنهن کانسواءِ ظالم۽ مظلوم جي تضاد جو حل ناممڪن آهي. ۽ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مظلومن لاءِ ضروري آهي ته هو ظلم جي حقيقت کي پوري هوش سان ڏسن، سمجهن ۽ منهن ڏين- يعني ان کي هر وقت هڪ سچيءَ پچيءِ، خارجي حقيقت طور ڏسن ۽ سمجهن ۽ اُن کي پنهنجي عمل جو نشانو بڻائين. حقيقت کي ٺلهو ڏسڻ يا سمجهڻ، پر ان سان ائين وڌي هٿ نه ڳنڍڻ سان خارجي حقيقت بدلجي ڪا نه سگهندي-بلڪل انهيءَ ڪري، جو اُن کي حقيقت جو صحيح طرح ڏسڻ يا سمجهڻ ئي ڪونه چئبو؛ اِن  کي البت هڪ  اهڙي ماڻهوءَ جو خالص ’داخليتي‘ ڏسڻ ۽ سمجهڻ چئبو، جيڪو خارجي حقيقت کي، جيئن اُها آهي تيئن، نه ڏسي ٿو نه سمجهي ٿو، پر اُن جي عيوض اُن جو هڪ ڪوڙو من پسند نقش پنهنجي سامهون آڻي ٿو رکي.

انهيءَ طرح جي ڪوڙي ٻوُجهه، پر هڪ ٻئي قسم جي، اهڙي هڪ ماڻهوءِ ۾ به پيدا ٿي پوندي آهي، جيڪو خارجي حقيقت جي ڪنهن تبديل  ۾ پنهنجي انفرادي يا طبقاتي مفاد جو خطرو ڏسندو آهي. پهرينءَ حالت ۾ حقيقت سان ڪا سنڌائتي ڇيڙ ڇاڙ ڪا نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته حقيقت کي اڃا سڃاتو ئي ڪو نه ويندو  آهي: ٻيءَ حالت ۾ به اُن  سان ڪا خاص ڇيڙ ڇاڙ ڪا نه ٿي ٿئي، ڇا ڪاڻ ته اُن ۾ وري طبقاتي مفاد رنڊڪ بنجن  ٿا، پوئينءَ حالت وارو ماڻهو ته اڪثر نفسياتي خوف ۾ ورتل ماڻهو ڏسبو آهي- ڇاڪاڻ ته هن جي آڏو حقيقت ته موجود هجي ٿي  پر ان جي موجودگي  توڙي اُن جي تبديل جو امڪان، ٻيئي هن جي بي سڪونيءَ جو باعث رهن ٿا، ۽ انهيءَ ڪري هن لاءِ ضروري آهي ته حقيقت جو صاف انڪار نه ڪري- ڇو ته نٿو ڪري سگهي- پر جيئن اُها آهي تنهن کان مختلف طرح اُن کي ڏسي ۽ سمجهي، يعني اُن تي عقل جا ڪک رکي. هيءُ خالص ’عقلائڻ‘ جو عمل هن جو خود فريبيءَ جو قدم هوندو آهي.جيڪو هو هڪ دفاعي اٽڪل طور کڻندو آهي، ۽ اُهو، هن جي حالت ۾، آخر ۾ وڃي ’داخليت پرستيءَ‘ جي صورت وٺي ٿو. هڪ سچي ڳالهه،  جنهن جا ’سچ‘ عقلائيا وڃن يعني اُنهن تي عقل جا ڪک رکيا وڃن، جيتوڻيڪ ائين اُن ڳالهه جو انڪار نٿو ڪجي. ته به اُها پنهنجو خارجي بنياد وڃائي ويهي ٿي. اُها پوءِ سچ پچ واري، جيئري جاڳندي ڳالهه ڪا نه ٿي رهي، ۽ ڦري اهڙي هڪ اٺسٺو يا ڪا ڏند ڪٿا بنجي ٿي پوي، جيڪا اُهو ماڻهو رڳو پنهنجي طبقي يا گروهه يا گروهه جي دفاع لاءِ گهڙي ٺاهي، پنهنجي آڏو رکي، ويهي ٿو رهي.

اهو ئي هڪ سبب آهي انهيءَ سڄي منطق جو، جنهن هيٺ ڪيئي ذهني ۽ عملي بندشون ۽ مشڪلاتون ماڻهن جي مٿان عائد ڪيون وينديون آهن (جن جو ذڪر چوٿين باب ۾ تفصيل سان ڪيو ويندو) ته جيئن اُهي حقيقت سان ڪنهن به قسم جي معقول ڇيڙ ڇاڙ کان باز رهن ۽ اُن ۾ ڪنهن به تبديليءَ جي ڪوشش نه ڪن ظالم کي پوري طرح معلوم آهي ته اها ڇيڙ ڇاڙ ۽ تبديلي هن جي پنهنجي مفاد ۾ ڪا نه هوندي. هن جي پنهنجي مفاد ۾ هڪ ئي ڳالهه آهي ته ماڻهو گهٽيا ۽ ٻوٽيا، ظالمانه حقيقت جي آڏو بلڪل بيوس ۽ نِستا ٿيو ويٺاهجن.

ليوڪاس(Lukaes) پنهنجي ڪتاب ”لينن“ ۾ انقلابي پارٽيءَ کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ’عوام کي هر وقت سندن عمل کان واقف رکيو وڃي، سندن آڏو اُهو وري وري صاف ۽ پڌرو ڪيو وڃي، سندن سمجهه ۾ اُهو روشن کان روشن رهي- اُنهن خارجي، سچين پچين ڳالهين جي حوالي سان جيڪي اُن سندن عمل جون محرڪ آهن ۽ پڻ اُن سندن عمل جي مقصدن جي ناتي، جيڪي کين حاصل ڪرڻا آهن، جيترو وڌيڪ هو سامهون بيٺل حقيقت کي سمجهندا، ۽ اُن تان لِڪ جا پردا هٽائيندا، جيڪا سندن تبديليءَ لاءِ جدوجهد جي عمل جو نشانو آهي، اوترو وڌيڪ هوشمنديءَ سان اُن حقيقت سان اُن ڏاڪي تي هو پنهنجو نبيرو ڪندا. ۽ انهيءَ ئي طرح هو پنهنجي عمل جي آئنده رخن ۽ مقصدن جو شعور حاصل ڪندا.‘

جدلياتي فڪر ۾، دنيا (ماحول) ۽ عمل هڪ ٻئي تي ويجهي کان ويجها ۽ سڌا سنوان، دارو مدار رکندڙ  آهن. پر عمل فقط تڏهن انساني عمل آهي، جڏهن اُهو ٺلهي مصروفيت يا ڪرت نه پر باشعور مصروفيت، سوجهيل سمجهيل ڪِرت آهي- يعني جڏهن اُهو سوچ کان الڳ يا خيالي نه آهي، سوچ ۽ ڪم، فڪر ۽ عمل جي نسبت به دوئيءَ جي نسبت نه آهي. اِها ئي ڳالهه، اِهو ئي نقطو ليوڪاس جي چتاءَ ۾ موجود آهي-’ عوام کي هر وقت سندن عمل کان واقف رکڻ‘- جنهن جو مقصد هو ته ’حقيقت سان وڌيڪ هوشمند نبيرو‘ ٿئي ۽ ’عمل جي آئنده رخن ۽ مقصدن جو شعور‘ حاصل ٿئي.

علم تدريس جي خيال کان، هيءَ ڳالهه ’واقف رکڻ يا واقف ڪرڻ‘ جي ڳالهه به نه آهي، پر ماڻهن سان، عوام سان،  سندن عملن بابت ’ڳالهه ٻولهه‘ (5) ڪرڻ، وري وري ڪرڻ، جي آهي، بهر حال، ڪا به حقيقت پنهنجو پاڻ ڪا نه ٿي بدلجي، (6) ۽ ليوڪاس جيڪا ذميداري، ’عوام کي سندن عمل کان واقف رکڻ‘ جي انقلابي پارٽيءَ تي  رکي ٿو، اُها اسان جي مٿي بيان ڪيل اصولن سان پوريءَ طرح ٺهڪي ٿي اچي ته اها ضرورت حقيقت سان، سچين پچين خارجي حالتن سان، ماڻهن جي معقول ۽ هنڌائتيءَ ڇيڙ ڇاڙ، مقابلي يا ٽڪر، يعني حقيقتن کي بدلائڻ لاءِ سندن پنهنجي ’بامقصد سچي ۽ بااختيار عمل‘ جي آهي. ’عمل تدريس- مظلومن لاءِ‘ جيڪا تدريس آهي، اُنهيءَ عوام جي، اُنهن ماڻهن جي، جيڪي پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مصروف آهن. اُن جون جڙون اِتي يعني انهيءَ اصول ۾ کتل آهن، ۽ اُهي جيڪي پاڻ کي مظلوم مڃين ٿا، يا ته مڃڻ شروع  ڪن ٿا، اُنهن کي خود ئي هن تدريس کي اڳتي وڌائڻ  وارن منجهان ٿيڻو آهي. ڪا به تدريس، جيڪا سچ  پچ آزاد ڪندڙ يا آزادي ڏيندڙ تدريس آهي. مظلومن کان ڪڏهن به ائين جدا يا پري نٿي رهي سگهي. جو رڳو کين بدنصيب، جاهل ۽ ضعيف سمجهندي رهي ۽ سندن پيروي لاءِ ظالمن جون ڳالهيون ۽ انهن جا مثال يا نمونا ئي سندن اڳيان پيش ڪندي رهي پنهنجي ڇوٽڪاري جي جدوجهد ۾ مظلومن کي در اصل پنهنجي لاءِ مثال پاڻ بنجڻوآهي،

مظلومن جي تدريس، سچيءَ انساني محبت سان سرشار تدريس، در اصل انساني تدريس، انسان شناس تدريس آهي، تدريس، جيڪا ظالمن جي نفس پرست مفادن سان شروع ٿئي ٿي( نفس پرستي، جيڪا پترتا، سرپرستيءَ يا ان داتائيءَ جي ڪوڙِيءَ فياضيءَ جي چادر سان ڍڪيل هوندي آهي) ۽ مظلومن کي رڳو پنهنجي انساني  ترس جي استعمال يا مشق جون شيون سمجهي ٿي، سا خود ئي ظلم تي ٻڌل تدريس هوندي آهي، ۽ ظلم ئي تاتي ٿي ۽ قائم رکي ٿي. اُها ته انساني زوال جو، يعني انسانن کي حيوان بنائڻ جو، هڪ وسيلو هوندي آهي، انهيءَ ڪري ئي، جيئن اسان مٿي چيو، مظلومن جي تدريس ظالمن جي هٿان ڪڏهن به مرتب نه  ٿيندي، نه نافذ ٿيندي ۽ نه ئي هلي سگهندي.ظالم ۽ هڪ آزادي بخش تعليم جو نه رڳو اُهي بچاءُ ڪن پر اُن کي عمل ۾ آڻين! اها ڳالهه لفظن جي انهيءَ پڌريءَ تضاد مان ئي ظاهر آهي ته غلط ۽ ناممڪن آهي.

پر جيڪڏهن ڪنهن آزادي بخش تعليم لاءِ سياسي اقتدار جي ضرورت آهي، ۽ مظلومن وٽ اُهو نه آهي، ته پوءِ ائين ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته انقلاب کان اڳ مظلومن جي تدريس عمل ۾ آڻي سگهجي! هيءُ هڪ بيحد وڏيءَ اهميت جو سوال آهي، جنهن جي جواب جو خاڪو اڳتي چوٿين باب ۾، ڪم از ڪم هڪ آزمائشي رٿا طور پيش ڪيو ويو آهي، پر اُن جواب جو هڪڙو رخ انهيءَ فرق ۾ موجود آهي جيڪو منظم تعليم يا تعليم  سرشتي ۽ تعليم رٿن جي وچ ۾ ڏسي سگهجي ٿو- منظم تعليم فقط سياسي اقتدار وسيلي تبديل ٿي سگهي ٿي، ۽ تعليمي رٿون مظلومن جي شراڪت سان سندن تنظيمي ڪم دوران به عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون.

مظلومن جي تدريس جون، هڪ انسان شناس ۽ آزادگيءَ بخش تدريس طور، ٻه منزلون آهن، پهرينءَ منزل تي، مظلوم ظلم جي دنيا جي مُنهن تان پردو هٽائين ٿا ۽ پنهنجي عمل سان ان کي بدلائڻ جو ذمو  کڻن ٿا. ٻيءَ منزل تي، جڏهن ظلم جي حقيقت بدلجي چڪي ٿي، هيءَ تدريس مظلومن جي تدريس ڪا نه ٿي رهي، پر ڦري سڀني انسانن جي تدريس ٿي پوي ٿي، جيڪي پوءِ وسيع کان وسيع تر آزادگيءَ جي لاڳيتي ۽ دائمي عمل ۾ جيئن ٿا ۽ مصروف هجن ٿا. ٻنهي منزلن تي، سدائين ۽ لڳاتار، ڏاڍ ۽ بالادستيءَ جي تهذيب سان، دور رس عمل وسيلي انسان جو تهذيبي مقابلو جاري رهي ٿو، پهرينءَ  منزل تي هيءُ مقابلو مظلومن جي نگاهه ۽ دستوري روش جي تبديليءَ سان شروع  ٿئي ٿو ۽ جاري رهي ٿو، جن سان هو ظلم جي دنيا کي عمومي طور ڏسڻ ۽ پيش اچڻ جا عادي هوندا آهن؛ ٻيءَ منزل تي اڳئين نظام جا وهم ۽ عقيدا، ڏند ڪٿائون ۽ اٺسٺا ختم ٿين ٿا ۽ ٿيندا رهن ٿا، جيڪي پوءِ به اُسرندڙ نئينءَ انقلابي صورتحال سان ڀوتن ۽ ڀوپن جي سايي وانگر ڪافي وقت چهٽيا پيا هوندا آهن.

هن تدريس کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ منزل تي ظالم ۽ مظلومن جي شعور جي مسئلي سان نبرڻو پوي ٿو- يعني اُنهن ماڻهن جي مسئلي سان جيڪي ظلم ڪن ٿا ۽ پڻ انهن جي مسئلي سان جيڪي ظلم سهن ٿا، اُنهن جي عام هلت چلت، دنيا بابت اُنهن جو خيال، نيڪيءَ بديءَ جا يعني اخلاقيات جا سندن قدر ۽ ماڻ- هن تدريس کي ٻنهي ڌرين  جي هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو. هن سلسلي ۾ مظلومن جي ٻه- چتائي يانيم دلي هڪ خاص مسئلو آهي: هو تضاد ۾ ورتل، ٻن ڏِسن ۾ ورهايل موجود آهن- ڇو ته هو ظلم ڏاڍ جي هڪ مجسم صورتحال ۾ رهندڙ ۽ اُن جا هيراڪ  آهن، يعني اُن کان، اُن جي عمل کان، خائف به آهن ۽ متاثر به اُن کان پڇن ٿا ۽ اُن ڏانهن ڇڪجن به ٿا.

هن سلسلي ۾، سڀ کان اول، ظلم جي صورتحال کي سڃاڻو ۽ سمجهڻو  آهي: ڪا به صورتحال، جنهن ۾ الف واقعي ب کي پنهنجي استعمال غرضيءَ جو نشانو بڻائي ٿو يا اُن جي هڪ ذميدار شخص  جي حيثيت ۾ پنهنجي خود اثباتيت جا خود اظهاريت جي ڪوشش کي روڪي ٿو، ته اُها هڪ ظلم جي صورتحال آهي. اهڙي صورتحال، پنهنجي  جاءِ، تشدد يا ڏاڍ جو  مظاهر آهي، پوءِ اُها ڪوڙيءَ ڪنهن فياضيءَ ۽ سخا جي رنگ ۽ پردي سان ڪيتري به نرم ۽ پسنديده بنائي ويئي هجي-ڇا ڪاڻ ته اُها انسان جي ڪامل تر انسان بنجڻ جي پنهنجي ڪائناتي ۽ تاريخي منصب ۾ دخل انداز ٿئي ٿي. ظلم جي تعلق قائم  ٿيڻ سان ئي ڏاڍ جو عمل شروع ٿئي ٿو. تاريخ ۾ ڪڏهن به مظلومن وٽان ڏاڍي جي ابتدا نه ٿي آهي. هُنن کان ڏاڍ جي ابتدا ٿي به ڪيئن ٿي سگهي، جڏهن هو پاڻ ئي ڏاڍ جي پيداوار آهن! هو ڪنهن شيءَ جا پيدا ڪندڙ ڪيئن ٿا ٿي سگهن، جن جو مظلومن جي حيثيت ۾ پنهنجو وجود خود اُنهيءَ شيءَ جي اول موجود هجڻ تي منحصر هجي، ٿو جيڪڏهن ڏاڍ جي صورتحال مظلومن کي زير ڪرڻ لاءِ اول موجود ئي نه هجي ته مظلومن جي وجود جو ظهور ممڪن ئي ڪونهي.

ڏاڍ جي ابتدا انهن کان ٿئي ٿي، جيڪي ظلم ڪن ٿا، جيڪي ٻين کي پنهنجي غرض لاءِ استعمال ڪن ٿا، جيڪي ٻين کان انسان ئي نٿا سمجهن- نه اُنهن کان جيڪي مظلوم  آهن، جيڪي استعمال ٿين ٿا، ۽ اڻ قبوليل آهن، اُهي جيڪي ڌڪاڻل ۽ پيار کان وانجهيل آهن، ڌڪار ۽ نفرت اُهي پيدا ڪو نه ٿا ڪن، پر اُهي ٿا پيدا ڪن،جيڪي پيار ڪري ئي  نٿا سگهن. ڇا ڪاڻ جو هو رڳو پاڻ ئي پيار ڪن ٿا. اُهي جيڪي بيوس آهن، ڏهڪاءُ جا شڪار  آهن، خوف ۽ ڏهڪاءُ  اُهي پيدا ڪو نه ٿا ڪن، پر اُهي ٿا پيدا ڪن جيڪي زور آور آهن، ڏاڍا آهن، جيڪي پنهنجي طاقت جي آڌار جي پڌري پٽ اهڙي صورتحال پيدا ڪن ٿا جنهن ۾ زندگي جا ڌڪاڻل جنم وٺن ٿا اهي جيڪي عذاب ۽ پيڙا جا شڪار آهن، پر جا- پيڙڪ راڄ جا مُهڳ يا سر چشما اُهي نه آهن، پر  فرعون ۽ ظلمي شخص اُن جا سر چشما ۽ مُهڳ آهن. جيڪي ڌڪارجن ٿا اُهي ڌڪارجا فصل ڪو نه ٿا پوکين، پر اُهي ٿا پوکين جيڪي ڌڪارين ٿا. انسان جي نفي اُهي ڪو نه ٿا  ڪن جي انسانپڻي کان انڪار ڪيو ٿو وڃي، پر اُهي ٿا ڪن جيڪي اُنهيءَ انسانپڻي جا انڪاري آهن (۽ ائين اُهي خود پنهنجي انسانپڻي جو به انڪار ڪن ٿا.) تشدد جو يا زور جو استعمال اُهي ڪو نه ٿا ڪن جيڪي طاقتورن جي گهُٽ ۽ چِپِ هيٺ ڪمزور ۽ هيڻا ٿي چڪا آهن، پر اُهي طاقتور ٿا ڪن جن اُنهن کي ائين سوڙهو ڪري گهُٽي ۽ چيڀاٽي هيڻو بڻايو آهي.

ظالمن جي آڏو، بهر حال، سدائين مظلوم ئي هوندا ؛آهن، جيڪي جڏهن انهن جي  ڏاڍ خلاف رد عمل ڏيکاريندا آهن، تڏهن اُهي ’ويڙهاڪ‘، ’وحشي‘، ”بدمعاش“، يا ”درندا“ ليکبا آهن، اُهي هنن کي ڪڏهن به ”مظلوم“ نه چوندا آهن، پر ”جهنگلي“، ”ڄٽ“ ”جاهل“، ”انڌو ۽ بکيو عوام “ يا ”ڪُت خلق“ جهڙن نفرت ڀرين نالن ۽ لقبن سان سڏيندا آهن.

اِهاڳالهه ڪيتري قدر به ظاهر ۾ اُلٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر حقيقت آهي ته مظلومن طرفان ظالمن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي جوابي اقدام ۾ ئي پيار جو اشارو موجود ڏسبو آهي. شعوري يا غير شعوري طور، مظلومن جي بغاوت جو عمل ئي(۽ اُهو سدائين يا  لڳ ڀڳ سدائين اوترو ئي سخت هوندو آهي، جيترو ظالمن جو پنهنجو ظلم سخت هوندو آهي.) پيار جي ابتدا ڪري سگهندو آهي. ظالمن جو ڏاڍ مظلومن کي بهتر انسان بنجڻ کان روڪي ٿو، پر مظلومن طرفان اُن ڏاڍ جي جواب جو بنياد ئي اُنهيءَ بهتر انسان بنجڻ جي پنهنجي حق ۾ حاصلات لاءِ هوندو آهي. جيئن جيئن ظالم ٻين جو انسانپڻو پائمال ڪن ٿا ۽ انهن جا حق مارين ٿا، تيئن هو پاڻ به اوترائي حيوان بنجن ٿا. جيئن جيئن مظلوم انسان بنجڻ جي پنهنجي جدوجهد ۾ ظالمن کان اُها سندن بالادستيءَ جي ۽ پائمال ڪرڻ جي طاقت کسين ٿا، تيئن تيئن هو اُنهن کي خود سندن اُهو انسانپڻو ورائي ڏين ٿا، جيڪو  پنهنجي ڏاڍ ۽ ظلم جي عمل سان  هو وڃائي ويٺا هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org