سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:8

مطلب ته مامرا(28) حدودي حالتن ۾ ۽ حدودي حالتون مامرن ۾ ڦاٿل آهن، عمل انهن لاءِ جيڪي تدارڪ لازمي آهن، اُنهن کي حدودي- تدارڪ يا حدودي عمل(Limit Acts) چئجي ٿو. جڏهن مامرا حدودي- حالتن هيٺ ڍڪجي وڃن ٿا ۽ صحيح طور سڃاپجي نٿا سگهن، تڏهن اُنهن جي سلسلي ۾ گهربل تدارڪ- تاريخي عمل جي صورت ۾ ماڻهن جو جوابي تدارڪ- به صحيح طور نه رٿجي ۽ نه پوريءَ سوچ سان عمل ۾ اچي سگهي ٿو.هن صورتحال ۾ ماڻهو حدودي حالتن کي پار ڪري، اڳتي وڌي ئي نٿا سگهن، جو کين معلوم ٿي سگهي ته انهن حالتن کان اڳتي، انهن جي ابتڙ، ڪي اڻ آزمايل ممڪنات موجود آهن.

ٿورن لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته حدودي حالتن ۾ هڪڙا ماڻهو اُهي ٿين ٿا جن لاءِ اُهي حالتون سڌيءَ يا اڻ سڌيءِ طرح فائدي واريون هجن ٿيون ۽ ٻيا ماڻهو اهڙا ٿين ٿا جن لاءِ اُهي حالتون پيرن جا زنجير آهن ۽ اُهي اُنهن کي چُرڻ نٿيون ڏين. جيئن ئي هي پوئينءَ سَبيل جا ماڻهو هِنن حالتن لاءِ محسوس ڪن ٿا ته اُهي، سندن هئڻ ۽ بنهه نه هئڻ جي وچ ۾ نه پر هئڻ ۽ بهتر انسان ٿيڻ جي وچ جي ديوار بڻجي بيٺل آهن ته هو پنهنجي اُن پروڙ ۾ جيڪا ’اڻ آزمايل ممڪنات‘ موجود ڏسن ٿا، اُن جي حاصلات ڏانهن جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پنهنجي تدبيري عملن جو رخ موڙين ٿا. ٻئي پاسي، جن ماڻهن لاءِ موجود حدودي- حالت فائدي واري هجي ٿي. اُهي اُنهيءَ ’اڻ آزمايل ممڪنات‘ کي پنهنجي لاءِ هڪ خطرناڪ حدودي حالت سمجهن ٿا، جنهن کي هر گز وجود ۾ اچڻ نه ڏبو ۽ جيئن صورتحال موجود آهي.اُها ائين ئي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪبي. انهيءَ ڪري، لازم آهي ته تاريخ جي دنيا ۾ آزادگيءَ جون ڪوششون نه رڳو اڻ آزمايل ممڪنات مطابق ۽ موجود مامرن جي ڏانءَ جون هجن، پر جنهن طرز ۽ طريقي سان اُهي مامرا سمجهيا ۽ پروڙيا وڃن ٿا، سڀ اُهي ڪوششون انهيءَ طرز ۽ طريقي جي عين مطابق هجڻ کپن. ۽ ان لاءِ اهڙي ئي ٻي عين ضرورت هيءِ پيدا ٿئي ٿي ته اول اُن موجود مامرن جي دنيا جي پوري تحقيقات ڪئي وڃي.

موجود مامرا، سرگرم مامرا، للڪاريندڙ مامرا، هم مرڪز دائرن ۾- عام ڳالهين منجهان اٿندي، خاص ڳالهين ڏانهن ويندڙ- ڏسي سگهجن ٿا. انهن جو وسيع ۾ وسيع دائرو عالمي نوعيت جي مامرن جو دائرو آهي. جنهن ۾ ڪيئي ننڍا دائرا ۽ اُنهن کان  ننڍا دائرا- وڏن کنڊن،  جاگرافيائي علائقن، ملڪن وغيره سان نسبت رکندڙ-اچي وڃن ٿا، هن سلسلي ۾ اسان جي دؤر جو بنيادي مامرو منهنجي خيال ۾ بالادستيءَ جو، حاڪميت جو، تسلط جو، مامرو آهي. تنهن جي معنيٰ ته اُن جو متضاد مامرو آزادگي آهي، نجات آهي، جيڪا حاصل  ڪرڻي آهي. اهو ئي گهاڻو اسان جي دؤر جي انساني حالت جو خاص نشان آهي. اڄ جي انسان لاءِ بهتر انسان هجڻ جي راهه، جيڪا انسان کي حيوان  بنائيندڙ هِن عالمي پيماني جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي مقابلي ۽ اُن کي ختم ڪرڻ جي راهه آهي. اُن تي اڳتي وڌڻ لاءِ ازحد ضروري آهي ته اڄ جون حدودي حالتون، جن ۾ انسان محض تجارتي شين، استعمال ۾ ايندڙ شين، جي درجي تي وڃي بيٺا آهن، تن حالتن تي سوڀ پائجي، انهن کي ختم ڪجي.

ننڍن دائرن ۾، اسين اُهي مامرا ۽ حدودي حالتون ڏسي  سگهون ٿا،جيڪي  (ساڳئي کنڊ ۾ رهندڙ يا مختلف کنڊن ۾ رهندڙ) اُنهن سماجن جون خصوصيتون آهن، جن سماجن ۾ انهن مامرن ۽ حدودي- حالتن جي صورت ۾ تاريخي هڪ جهڙايون موجود هجن ٿيون. مثال طور، گهٽ ترقيءَ جي صورت، جيڪا محتاج ۽ تابعدار هجڻ جي حالت کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ حالت جي پيدوار طور سمجهه ۾ نٿي اچي سگهي، هڪ اهڙيءَ حدودي حالت جو ڏس ڏئي ٿي جيڪا ’ٽين دنيا‘ جي سڀني سماجن جي خصوصيت آهي، هيءَ حدودي حالت جيڪو فرض يا عمل(حدودي عمل) عائد ڪري ٿي، سو هيءُ آهي ته هنن ’زبردست‘ سماجن ۽ ان داتائي’ بالادست‘ سماجن جي وچ ۾  موجود تعلق جو خاتمو آندو وڃي. هيءُ عمل ٽينءَ دنيا لاءِ ۽ اُن جي آڏو آزاديءَ جي ’اڻ آزمايل ممڪنات ‘ جي صورت روشن ڪري ٿو.

هرڪو سماج، دور جي وسيع مامرائي دائزي ۾ رهڻ سبب، عالمي، براعظمي يا تاريخي مشترڪه مامرن سان گڏ، پنهنجا خاص مامرا ۽ پنهنجون خاص حدودي حالتون، به رکي ٿو، اُن کان به ننڍا دائرا، مامرن جي جدا جدا صورتن جا، ساڳئي سماج ۾ به موجود ڏسي سگهجن ٿا. جيڪي اُن جي مخصوص ايراضين ۽ اُنهن ننڍين ايراضين سان واسطيدار هجن ٿا، ۽ انهن سڀني مامرن جو، ٿورو يا گهڻو، ان جي سڄي سماجي سٽاءَ يا نظام سان لاڳاپو هجي ٿو. هي  سڀ هڪ دؤر  جا ننڍا ننڍا مامرائي دائرا شمار ٿين ٿا. مثال طور، هڪ ئي قومي دائري ۾’گڏوگڏ رهندڙ غير همعصري گذران‘ جا تضاد موجود ڏسي سگهجن ٿا.

هِنن ننڍن دائرن جي اندر، قومي مامرا پنهنجيءَ پوري ءَ ۽ سچيءَ اهميت سان ڏسي سگهن ٿا، ۽ نٿا به ڏسي سگهن، يا اُهي فقط محسوس ئي ٿي سگهن ٿا، ۽ ڪڏهن ته اُهي رڳو ايتري قدر به پڌر نه ٿا پون. پر هنن ننڍن ننڍن دائرن ۾ مامرن جو وجود ئي نه هجڻ بلڪل ناممڪن آهي.ڪنهن خاص ايراضيءَ ۾ ماڻهو پنهنجي ’حال‘ جو ڪو سرگرم مامرو نٿا ڏسن يا ڪنهن بگڙيل  صورت ۾ هو ڏسن ٿا.اِها صورت ڏاڍ جي، ظلم جي، هڪ حدودي حالت جو ڏس ڏئي ٿي، جنهن ۾ سمجهي سگهجي ٿو ته اُتان جا ماڻهو  اڃا  گرفتار آهن.

عام طور، مغلوب شعور، جيڪو اڃا حدودي حالت کي اُن جي پوريءَ صورت ۾ سمجهي نه سگهيو آهي، ان جي رڳو ڪناريءَ يا ڪنارين جي جهلڪ ڏسي ٿو ۽ اُن جهلڪ ئي سڄي ڏاڍ ۽ ظلم لاءِ ذميدار سمجهي ٿو، جيڪو اُن حدودي حالت جي خاصيت آهي.(29) موجود مامرن، سرگرم مامرن، جي سمجهڻ ۽انهن جي تحقيق لاءِ اها حقيقت تمام وڏيءَ اهميت جي ڳالهه آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي حقيقت جي سچي پروڙ، يعني سوچيل ويچاريل پروڙ نٿا رکن ۽ ان جي رڳو ٿورن ڪن الڳ الڳ ذرن کان واقف آهن ۽ نٿا ڄاڻن ته اُهي اُن جا ذرا پرزا ڪيئن گڏجي سڄي حقيقت جي ڪارفرمائيءَ لاءِ ذميوار آهن، ته ڄاڻ جي اُن ڪيفيت ۾ هو حقيقت کي صحيح طور ۽ سچ پچ سمجهي ئي نٿا سگهن. اُن جي صحيح طور ۽ سچ پچ  سمجهڻ لاءِ کين پنهنجي ڄاڻ جي ابتدائي نقطي کي الٽائڻو پوندو؛ کين ان جي پوريءَ صورت جو، ان جي سڄي مانڊاڻ جو، مشاهدو، پهريائين ڪرڻو پوندو، ۽ پوءِ ان جا ترڪيبي جزا، يعني ذرا پرزا،  الڳ الڳ ڪري ڏسڻا ۽ جانچڻا پوندا،  ۽ اهڙيءَ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ئي هو سڄيءَ ان حقيقت جي پوريءَ سمجهه حاصل ڪري سگهندا.

اهڙيءَ حالت ۾، بهر حال، جڏهن ماڻهن لاءِ حقيقت اهڙيءَ گهگهه اونداهه ۾ گهيريل هجي، جو اُن کي هٽائي سگهجي ۽ ان ۾ ڪا جهاتي پائي سگهجي، تڏهن بيحد ضروري ٿئي ٿو ته پنهنجي تحقيق کي نظري اصولن جي روشني ۾ اڳتي وڌائجي. تحقيقت کي نظري اصولن جي خال جي صورت ڏيڻ جي برابر نه آهي (ائين ڪرڻ سان ته واقعي حقيقت جي  جدلياتي نوعيت جي نفي ٿيندي): پر هنِ طريقي سان ته پاڻ مامري جي حقيقت ۽  خيال جا ٻيئ جزا هڪ ٻئي جي مقابل بيهاري سگهبا ۽ ائين سوچ جي عمل ۾ انهن جو جدلياتي تعلق بحال رکي سگهبو. سوچ جي هِن جدلياتي عمل جو مثال ڪهڙيءَ به هڪ حقيقي، وجودي، پر مبهم (لڪل) حالت جي ڇنڊڇاڻ ۾ برابر ڏسي سگهجي ٿو. اهڙي ابهام يا لِڪ کي کولڻ ۾ اسان کي لازمي طور خيال کان حقيقت ڏانهن وڃڻو پوندو آهي؛ جنهن ۾ اسين جُز کان هلي ڪُل ڏانهن وڃون ٿا ۽ وري جز ڏانهن موٽون ٿا. جيڪڏهن هيءَ پردي- کول ٺيڪ ٺيڪ طرح ٿئي ٿي، ته هيءُ خيال کان حقيقت ڏانهن موٽ جو عمل جيڪو لڪل يا اَڄاتل حالت جي کولڻ ۽ پڌري ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿو، اُن ۾ نِري خيال تي تنقيدي تور تڪ نيٺ به مقدم يا اڳري رهي ٿي-ڇو ته حقيقت جو نِري خيال جي غير شفاف پردي  مان نڪري ٻاهر اچڻ وري به اُن تنقيدي تورتڪ جو ئي نتيجو ليکي سگهبو.

حقيقت جي پردي- کول جي سڀني منزلن تي، ماڻهو دنيا بابت پنهنجي ڄاڻ جي اظهار جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جنهن رستي سان به هو دنيا بابت سوچين ٿا ۽ اُن کي مُنهن ڏين ٿا- تقديري،تحريڪي يا جمودي- ساڻن تعلق رکندڙ سرگرم مامرا دريافت ٿي سگهن ٿا. ڪو گروهه جيڪڏهن پنهنجا مامرا ڄاڻي نٿو سگهي يا ظاهر نٿو ڪري- جنهن مان اِهو اندازو ٿئي  ته سندن ڪي به مامرا ڪونهن- ته ائين چئبو ته اُهو گروهه انهيءَ طرح به پنهنجي هڪ ڊرامائي مامري جو اظهار ڪري ٿو؛ چپ چپات جي مامري جو، ماٺ جي مامري جو. هيءُ ماٺ جو مامرو سچو پچو ثبوت هجي ٿو حالتن جي غالب قوت جي آڏو عام زبان بنديءَ جي نظام جو، جنهن ۾ في الحال سڀني جا چپ سبيل ئي هوندا آهن.

آءُ وري به پوري زور سان ائين چوندس ته سرگرم مامري جو وجود نه انهن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿو سگهي، جيڪي حقيقت کان ڪٽيل آهن، ۽ نه اُن حقيقت ۾ جيڪا ماڻهن کان ڪٽيل آهي، ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي دائري ۾ جنهن سان ڪنهن جو ڪو واسطو نه هجي. اُهو فقط ماڻهن ۽ دنيا جي وچ ۾ سچ پچاڻن متحرڪ تعلقات جي دائري ۾ ڏسي ٿو سگهجي. ڪنهن سرگرم مامري جي تحقيق ڪرڻ جي معنيٰ آهي حقيقت بابت ماڻهن جي سوچ ۽ حقيقت بابت ماڻهن جي عمل جي تحقيق ڪرڻ- ۽ اُها سوچ ۽ عمل جي گڏيل ڪار گذاري ئي ماڻهن جي تدبير آهي، ماڻهن جو سچو عمل آهي،بلڪل انهيءِ ئي سبب ڪري تحقيق جي پختي ۽ آزمايل راهه تقاضا ڪري ٿي ته تحقيق ڪرڻ وارا (محقق) ۽ ماڻهو (جن کي رواجي طور تحقيق جون محض ’شيون‘ سمجهيو ويندو آهي) ٻيئي پاڻ ۾ ساٿي- محقق بنجي، ان راهه تي اڳتي وڌن، جيترو وڌيڪ چست ۽ سجاڳ رخ ماڻهو پنهنجي مامرن جي تحقيق بابت اختيار ڪندا، اوترو وڌيڪ تيز ۽ اونهو حقيقت بابت پنهنجي شعور کي هو بنائيندا، ۽ ائين پنهنجن مامرن کي سڃاڻڻ سان هو حقيقت تي قابض ٿيندا.

ڪي شايد ائين سوچين ته ماڻهن کي سندن پنهنجن اهم ۽ با مقصد مامرن جي تحقيق ۾ شامل ڪرڻ نامناسب ٿيندو، ڇو ته ماڻهن جو دخل  اندازيءَ وارو اثر(جيڪي پنهنجي تعليم ۾ سڀ کان وڌ دلچسپي رکن ٿا، يا اُنهن کي اُها رکڻ کپي، اُن ڪم ۾ اُنهن ئي جي ’دخل اندازيءِ‘جي ڳالهه به عجيب ڳالهه چئبي!) تحقيق جي نتيجن کي ’ڦٽائي‘ ڇڏيندو ۽ اُن ڪري تحقيق جي غير جانبداري  ختم ٿي ويندي! هيءُ خيال يا انديشو انهيءِ غلط مفروضي تي بيٺل آهي ته مامرا پنهنجي بنيادي خارجي اصليت ۾ ماڻهن  کان الڳ به موجود هجن ٿا- ڄڻ ته مامرا به ڪي شيون آهن! پر سچ پچ، مامرا خود ماڻهن جي سلسلي ۾ ئي يعني دنيا سان ماڻهن جي لاڳاپن ۽ بجنسي حقيقتن جي حوالي سان ئي، موجود هجن ٿا. اُهي ئي خارجي حقيقتون، دؤرن جي مختلف مامرائي دائرن ۾ موجود ڳالهين يا سرگرم مامرن جا مختلف انداز ۽ سٽاءَ سامهون آڻي سگهن ٿيون. انهيءَ ڪري هڪ موجود خارجي حقيقت (اُن حقيقت بابت جيڪا ماڻهن کي  پروڙ آهي، اُن پروڙ) ۽ اُن جي سرگرم مامرن جي وچ ۾ سڌو ۽ اٽوٽ لاڳاپو هجي ٿو.

اسان کي معلوم هجڻ کپي ته اهم ۽ بامقصد مامرن ۾ جيڪي تمنائون، ترغيبون ۽ ڪارڻ آهن، اُهي بيجان يا جامد ڪن شين وانگر، انساني دنيا کان ’ٻاهر ڪٿي‘ موجود نه هوندا آهن: اهي پنهنجي اظهار ۽ اثر ۾ لڳاتار سرگرم رهن ٿا. اُهي اِهڙائي تاريخي نوعيت جا آهن جهڙا ماڻهو پاڻ آهن؛ انهيءَ ڪري اُنهن جو وجود ماڻهن کان سواءِ ۽ ماڻهن کان ڌار مغز ۾ ويهي ئي نٿو سگهي، هِنن مامرن کي مغز ۾ ويهارڻ ۽ سمجهڻ معنيٰ ته ماڻهو جن جا اِهي مامرا آهن تن کي، ۽ اُن حقيقت کي جنهن ڏانهن اُهي اشارو ڪن ٿا، اُن کي، مغز ۾ ويهارڻ ۽ سمجهڻ پر- بلڪل انهيءَ ئي ڪري، جو ماڻهن کان ڌار انهن کي سمجهي نٿو سگهجي-خود انهن ئي ماڻهن  لاءِ بيحد ضروري آهي ته اُهي به اُنهن کي سمجهن. مامرن جي تحقيق، ائين پاڻ کان ۽ پڻ حقيقت کان با خبر ٿيڻ جي هڪ مشترڪ ڪوشش آهي- ۽  اِهو ئي اسان جي تعليمي سلسلي جو ابتدائي نقطو آهي، جنهن کي اسين آزادگي ڏيندڙ ۽ آزادگي ڏياريندڙ تهذيبي عمل چئون ٿا.

هن حقيقت مان سچو پچو خطرو اِهو نه آهي ته ماڻهو- رواجي طور جن کي تحقيق جون محض ’شيون‘ ئي فرض ڪيو وڃي ٿو- متان پاڻ کي ساٿي-محقق سمجهندي، تحقيق جي نتيجن کي ڦٽائي ۽ اُنهن جي ’غير جانبداريءَ‘ ۾ خلل پيدا  ڪري وجهن. خطرو ته سچ پچ هيءُ آهي ته تحقيق هلندي، تحقيق جو مرڪز ماڻهن جي بامقصد مامرن تان هٽي، خود ماڻهن تي نه وڃي بيهي، ۽ ان  طرح ماڻهو هڪ اسان لاءِ واقعي به تحقيق جون ’شيون‘ نه بنجي وڃن. جيئن ته هيءَ تحقيق هڪ تعليمي پروگرام (نصاب) جي تياريءَ لاءِ بنياد مهيا ڪرڻ لاءِ آهي. جنهن ۾ استادُ- شاگردَ استادَ گڏجي ساڳيءَ هڪ نه ٻيءَ ڳالهه جي تورتڪ ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ کري تحقيق خود به تلاش ۽ تنقيدي عمل جي باهمي  ڏي-وٺ تي مبني هجڻ ضروري آهي.

مامرن جي تحقيق،  انساني دائري جو هڪ عمل آهي؛ اُها گهٽجي، هڪ ميڪانيڪي عمل جي صورت وٺي نٿي سگهي. تنقيد جي، عمل جي ۽ انهيءَ ڪري تخليق جي، هڪ سلسلي طور، اُها تحقيق ڪندڙن کان تقاضا ڪري ٿي ته هو مسئلن جي وضاحت با مقصد مامرن جي ڳنڍ پيچ ۾ دريافت ڪن، تحقيق وڌ کان وڌ تعليمي صورت تڏهن وٺندي، جڏهن اُها وڌ کان وڌ تنقيدي هوندي. ۽ اُها وڌ کان وڌ تنقيدي صورت  تڏهن وٺندي، جڏهن اُها حقيقت بابت اڻپورن يا يڪ طرفن راين جي تنگ خاڪن کان پاسو ڪندي، ۽ سڄيءَ حقيقت، پوريءَ حقيقت، جي سمجهڻ جي ڪوشش تي محڪم ٿي بيهندي. اهڙيءَ ريت،  با مقصد مامرن جي تلاش جي سلسلي سان مامرن جي وچ ۾ ڳانڍاپن جي تلاش کي به شامل ڪرڻو  پوندو- ڇو ته مامرا نه رڳو پنهنجيءَ جاءِ تي مسئلا آهن، پر انهن جو هڪ تاريخي تهذيبي- پس منظر ۽ دائرو پڻ ضرور آهي.

جيئن اسان جي تعليم ڪار کي ڪو هڪڙو  اڳ ٺهيل  ٺڪيل پروگرام، جيئن جو تيئن ماڻهو جي اڳيان رکي، بيهي سمجهائڻو نه آهي، تيئن اسان جي محقق کي به تحقيق جون ’منجهيل‘ راهون پنهنجن ڪن اڳ رٿيل نقطن تان ابتدا ڪندي، پاڻ ئي بيهي سمجهائڻيون ۽ واضع ڪرڻيون ڪينهن. تعليم، ۽ پڻ تحقيق جيڪا اُن جو آڌار يا بنياد بنجڻي آهي، ٻيئي’هڏڏوکائيءَ‘، ’غمخواريءَ‘، ’گهڻگهرائيءَ‘ جا عمل آهن- اصطلاحن هنن لفظن جي جيئن لفظي معنيٰ آهي تيئن اِن جو مطلب ته اُهي حقيقت جي مشترڪ تجربي ۽ اُن بابت ٻڌڻ ٻڌائڻ جا عمل آهن- حقيقت جيڪا پنهنجي سدا ’ٿيڻ‘ جي سر انجاميءَ ۾ مصروف ڏٺي وڃي ۽ سمجهي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org