سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:1

علم تدريس مظلومات لاءِ

محمد ابراهيم جويو

باب پهريون:

مظلومن لاءِ خاص علم تدريس جو جواز؛ ظالمن ۽ مظلومن جو تضاد- ان جو ڪيئن خاتمو ٿئي؛ ظلم۽ ظالم ۽  مظلوم؛ آزادي: مظلومن جو پنهنجو عمل- سندن  راءِ، ساٿ ۽ مرضيءَ جو عمل، فڪر ۽ عمل جو اشتراڪ، استاد ۽ شاگردَ (اڳواڻپ ۽ ماڻهو) هڪ ئي ڪم ۾ ساٿي ۽ همراهه، هڪ باهمي سلسلو.

باب ٻيو:

تعليم جو ’بئنڪاري‘ تصور-  ظالم جو هڪ هٿيار؛ تعليم جو ’مسئلن کي کولي آڏو رکڻ‘ جو تصور- آزادگيءَ جو هڪ هٿيار؛’بئنڪاري‘ تصور ۾ استاد ۽ شاگرد جو تضاد، ان جو ‘مسئلن کي کولي آڏو رکڻ‘ جي تصور ۾ خاتمو؛ تعليم:دنيا جي تعلق سان، ڄاڻڻ ۽ بدلائڻ جي تحريڪ، هڪ باهمي تحرڪ جو سلسلو؛ انسان شعوري طور هڪ اڻپورو جيو، وڌيڪ بهتر انسان ٿيڻ لاءِ هن جي ڪوشش.

باب ٽيون:

’ڳالهه- ٻولهه‘- آزاديءَ جي استعمال طور تعليم جو اصل روح؛

 ڳالهه- ٻولهه جو فلسفو ۽ ڳالهه – ٻولهه؛ ڳالهه-ٻولهه ۽ تعليمي پروگرام جي مواد جي تلاش؛ انسانن ۽ دنيا جو تعلق، سرگرم مامرا ۽ ڳالهيون ۽ آزاديءِ جي استعمال طور تعليم جي پروگرام جو  مواد؛ سرگرم مامرن جي تحقيق ۽ اُن جي طريقه واريت؛ سرگرم مامرن جي تحقيق وسيلي تنقيدي شعور جاڳڻ.

باب چوٿون:

ڳالهه ٻولهه وروڌ ۽ ڳالهه ٻولهه پسندي- تهذيبي عمل جي مخالف نظرين جي عملڪاريءَ طور؛ ڳالهه ٻولهه وروڌ، ظلم جي هٿيار طور، ۽ ڳالهه ٻولهه پسندي، آزادگيءَ جي هٿيار  طور؛ ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل جو اصول ۽ ان جون خاصيتون: جيت (غلبو)، ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو، حرفت بازي ۽ هٿ ناٽ ۽ تهذيبي اڳرائي ٻولهه پسند عمل جو اصول ۽ اُن جون خاصيتون: سهڪار، اتحاد (آزادگيءَ لاءِ)، تعليم ۽ تهذيبي نبيرو.

تشريحي نوٽ

باب پهريون

ٻه اکر سنڌي ترجمي لاءِ

هيءُ ڪتاب، جئين اُن جي نالي مان ظاهر آهي، هڪ تعليمي ڪتاب آهي- ۽ اِنهي ڪري غور سان، ۽ ڪوشش سان، پڙهڻو آهي، نه آکاڻيءَ يا ناول وانگر.

سطحي يا مٿاڇري ويچارَ ۽ اونهي ويچار، هلڪيءَ  يا بي وزن ڳالهه ۽ وزندار ڳالهه، جي ڪرڻ، ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ  ۾ فرق ٿئي ٿو، هلڪا ويچار ۽ توائي ڳالهيون ڪٿي به بيهي نه ٿيون سگهن خود ماڻهوءَ جي پنهنجي ۾ به اهي، اُتي به ۽ ٻاهر به، فقط غبار آلود ۽ واچوڙائي ماحول ئي پيدا ڪري ٿيون سگهن.

جيتري قدر ٻولين جو نثر ۽ نظم، فڪر ۽ معنيٰ جي خيال کان، ڳنڀير ۽ مايه دار هجي ٿو اوتري قدر اُهي ٻوليون ۽ اُنهن جون ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ قومون انساني دنيا ۾ مان ۽ مرتبو  پائين ٿيون ۽ قبوليون وڃن ٿيون، ۽ امن ۽ خير ۾ رهن ٿيون ۽ اڳتي وڌن ٿيون. ۽ اُن سڀ لاءِ اُنهن  کي وڏي جاکوڙ ۽ جيءَ جهنجهوڙ ڪرڻي پوي ٿي.

هر انساني مسئلي، هر تاريخي ۽ هر ڪائناتي ڳالهه لاءِ رڳو ائين چوڻ ته قدرت جو اُهو عمل آهي ۽ قدرت ئي پنهنجي مصلحت ڄاڻي ٿي، يا هِن يا هُن ڪنهن ڪتاب  ۾ هر اُنهيءَ ڳالهه يا مسئلي جي سمجهاڻي  يا ڏس موجود آهي ۽ قدرت جي حوالي سان اُن جي اُها سمجهاڻي ۽ اُهو ڏس حرف آخر سمجهي، خوش پسند ۽ خوشدل ٿي ويهڻ- اِن کان وڌيڪ غبار آلود، واچوڙائي ۽ هولناڪ شيءَ انساني دنيا لاءِ ٻي ٿي نٿي سگهي. ڇو ته اِها سوچ ۽ سوچ جي اِها تعليم، سماجي طور،’موجود سدا موجود‘(Status-quo) جي پرستاريءَ ۽ پاسداريءَ جي ئي تعليم آهي، ۽ اُن جي ئي غبارڻ، غلافڻ، ۽ پنهنجي پَر ۾ جيئن جو تيئن  بچائي رکڻ جو ڪم ڏئي ٿي: اُن تعليم کي هن ڪتاب جي مصنف، پائلو فريري ’بئنڪاري‘ تعليم، ’فرماني‘ تعليم، ’ڳالهه ٻولهه وروڌي‘ سڏيو آهي. يعني، جيئن  بئنڪ ۾ ڪو پئسا وجهندو آهي ۽ اُنهن تي پنهنجو فرمان هلائيندو آهي ۽ اُنهن بابت ٻئي جي ڪا به  يا بنهه ڪا گهٽ ڳالهه ٻڌندو آهي، تيئن موجود ۽ بيٺل سماجي نظام جي مفادي ۽ مفاد باز گروهه به پنهنجي فائدي جي ’ڄاڻ پونجي‘ ماڻهن جي مغز ۾ وجهن ٿا- موجود ۽ بيٺل سماجي نظام جي ضربخاني ۾ گهڙيل ٺهيل ۽ ٺپي لڳل ڄاڻ- ته جيئن اُهو سندن نظام ’قائم ۽ دائم رهي ۽ اُن جي ڪنهن تبديليءَ جا امڪان  پيدا نه ٿين ۽ پيدا ٿين ته وڌي اُن جي بنيادن ۾ ڪو خلل نه ٻارين ۽ اُن جي ديوارين کي ڪٿي لوڏي يا ڪيرائي نه وجهن. اُن پنهنجي ٺپي  لڳل، ٺيٺ ۽ بنهه  وڏيءَ  ڄاڻ-مايا‘ کي هو پنهنجو نظريو يا ’مذهب‘ سڏين ٿا.

جڏهن ڪو ’مذهب‘ يا ’نظريو‘مظلوم ۽ محروم خلق جي ترجمانيءَ ۽ طرفداريءَ کي ڇڏي، جنهن سان اُن جي ڪڏهن ابتدا ٿي هئي، سڄي سماج جي پيار ۽ پوڄا پاٺ جو بت بڻجي وڃي ٿو(مطلب ته اُن کي ائين بنايو وڃي ٿو)- يعني  ظالم خلق جو به اُهو مذهب ته مظلوم خلق جو به اُهو مذهب- تڏهن اُهو مذهب يا نظريو طاقتور ۽ ظالم خلق جي ئي تصرف ۽ تحفظ ۾ هئڻ سبب، صرف اُن ئي ظالم  خلق جي هٿ جي هٿيار جو ڪم ڏئي ٿو، ۽ اُن جي سڄي تعليم ۽ تدريس پائلو فريري جي بيان ڪيل اُنهيءَ ’بئنڪاري‘، ’فرماني‘ ’ڳالهه ٻولهه وروڌي‘، تعليم جي صورت ۽ رخ وٺي بيهندي آهي-سڄي انساني فڪر ۽ فلسفي جي تاريخِ ان  حقيقت جي شاهد آهي، ۽ اُهو نظريو يا مذهب پوءِ  ظالمن کان مظلوم خلق جي آزادگيءَ يا ڇوٽڪاري جو وسيلو هرگز بڻجي نٿو سگهي، پوءِ ڪيتريون به اُهو پنهنجي ازلي ۽ ابدي، اصلي يا آخري هجڻ جون دعوائون ڪري-اُن جون خود اُهي سڀ دعوائون به اُهڙيون ظلم- پسند ۽ طلم مائل، -بئنڪاري، فرماني ۽ ڳالهه ٻولهه وروڌي  دعوائون هجن ٿيون.

ان سڀ جي ابتڙ، پائلو فريري جو خيال آهي ته  تعليم آزاديءَ ۽ سماجي  تبديليءَ جو هڪ رستو آهي-ائين اُها رهي آهي ۽ اُن کي اِئين رهڻ گهرجي-اُهو هڪ هٿيار، جنهن سان انسان پنهنجي چوڦير دنيا کي ڏسي سگهن ٿا، سمجهي سگهن ٿا، ۽ ان جي تورتڪ ڪري ۽ اُن کي بدلائي سگهن ٿا، بشرطيڪ اُها تعليم’بئنڪاري‘ نه پر‘مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ، تعليم، فرماني  نه پر ’آزاد ۽ جمهوري‘[يعني پاڻ پاتل ۽ آزاد مرضيءَ سان قبوليل] تعليم ۽ ڳالهه ٻولهه  وروڌي نه پر ’ڳالهه- ٻولهه پسند‘ تعليم هجي.

فريري بئنڪاري تعليم کي ظلم پسند ۽ ظلم مائل  ۽ ڏاڍ يا بالادستيءَ جي ’مڙهيل‘ تعليم سڏيندي، سماج ۾ اُن جي پيدا ڪيل عام تهذيبي فضا کي اکيون، ڪن ۽ چپ بند ڪري ڇڏيندڙ، گگدام، ماٺ جي تهذيب (Culture of Silence) سڏيو آهي، جيڪا مظلوم ۽ غريب ،’ پڙهيل‘ توڙي اڻ پڙهيل ۽ همت هاريل خلق جي وسيع تعداد تي ڇانيل رهي ٿي. سندس چوڻ موجب هيءَ ’ماٺ جي تهذيب‘ اڄ پوئتي پيل ۽ محتاج ۽ ماريل ملڪن کان علاوه خود اڳتي وڌيل سرمايه دار ۽ سامراجي ملڪن لاءِ به وڏو خطرو بڻيل آهي، جيڪو هر هنڌ اُتان جي حد کان زياده فضوليات ۽ کپتڪاريءَ جي حرص ۾ اڙيل ۽ حد کان زياده هيسيل ۽ انتظاميل ماڻهن جي وڏي حصي تي اڄ  غالب آهي. فريري پنهنجي ’ڳالهه- ٻولهه پسند‘. ’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ‘، ’آزاد ۽ جمهوري‘ تعليم جي تصور کي اُهو هڪ طاقتور ۽ زندگي بخش هٿيار سمجهي ٿو، جيڪو ماڻهن کي، مظلومن ۽ محرومن کي، پنهنجي سماجي حقيقت سان تخليقي ۽ انقلابي انداز سان نبيرڻ ۽ اُن کي بدلائڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو، جنهن سان انسان آزاد ٿين ٿا، بهتر کان بهتر انسان بنجن ٿا، ۽ ائين هو وقت سان اڳتي ويندڙ تاريخي سلسلي جا حصا بنجن ٿا ۽ اُن جي عمل ۾ شريڪ ٿين ٿا.

لغوي معنيٰ جي خيال کان، فريري  جي هِن انقلابي تعليمي ڪتاب جو نالو –Pedagogy of the Oppressed ڪجهه  سمجهاڻي  گهري ٿو،”علم  تدريس، مظلومن لاءِ“. اُن جي ان انگريزي نالي جو ترجمو آهي، راقم جي هڪ محترم دوست، جيڪو تعليم جو ماهر ۽ هڪ لائق استاد آهي، خيال ظاهر ڪيو ته ڪتاب جي نالي جو اهو پورو ترجمو نه هو. اُن لاءِ هُن وٽ پڌرو هڪ دليل هو. لفظ ”پيڊاگاگي (Padagogy) يوناني ٻوليءَ جي مرڪب لفظ Paed- agogos مان ورتل هو، جنهن جي مول لفظي معنيٰ هئي،”اُهو غلام (Agogos) جيڪو، قديم  غلام دار يوناني سڀيتا جي زماني ۾، ٻارن (Paed, ped, paedo) کي پوئتان لائي، اسڪول وٺي ويندو هو، ۽ پوءِ اصطلاحي طور اُن جي معنيٰ ڦري ٿي، ”ٻارن  جو اڳواڻ، سُونهون، استاد“ ، ۽ اُن کان به اڳتي وڌندي، ڦري ٿي فقط ”استاد“ (پر وري به، ٻارن جو !)، ائين جيئن ته ”پيڊاگاگيءَ“ جي لفظي معنيٰ هئي ” ٻارن جي تدريس جو علم“، هن ڪتاب جو سڄو نالو ٿيو ئي (ٻارن جو) علم’تدريس، مظلومن لاءِ“- جيڪو ظاهر آهي ته ڪجهه ناموزون ئي ٿي لڳو. ۽ حقيقتاً به اُهو ائين صحيح نه هو. ڇو ته لائق مصنف هن ڪتاب ۾ جيڪو علم ’تدريس بحث هيٺ آندو آهي، سو ٻارن جي تعليم لاءِ نه پر بالغن جي تعليم لاءِ هو. پر ”پيڊاگاگي“ لفظ جي  لغت ۾ اِن  مُول  لفظي معنيٰ کان سواءِ، اصطلاحي معنيٰ به ڏني هئي، ۽ اُها هئي:”تدريس يا سکيا(Teaching) جو فن، علم يا پيشو“ انهيءَ اصطلاحي لحاظ کان ڪتاب جو اصل انگريزي نالو توڙي اُن جو سنڌي ترجمي وارو نالو”علم تدريس، مظلومن لاءِ“ صحيح هو، ۽ پڻ اُن جي مضمون سان عين مطابقت  ۽ پورو ٺهڪيل هو.

هِن ڪتاب ۾ سمجهايل ’تدريس جو علم‘ خاص بالغن جي تعليم لاءِ، پوئتي پيل قومن جي عام خلق جي ڪثير حصي، اُن جي مظلوم ۽ محروم حصي، جي تعليم لاءِ، هجڻ سبب، اُنهيءِ عوامي خدمت جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ استادن، تعليمڪارن، ۽ سماجي، تهذيبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ، جيڪي اِن ڏس ۾ ”انقلابي اڳواڻپ“ جو رول ادا ڪن ٿا، بيحد هڪ مفيد ۽ ڪارائتو رهنما ڪتاب ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“ اُنهن کي نه فقط ٻڌائي ٿو ته ڪثير مظلوم خلق کي ڪيئن پاڙهجي، پر اهو به ٻڌائي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته اُنهن کي ڇا پاڙهجي! يعني ڪهڙي تعليم ڏجي ۽ اُن تعليم لاءِ کين ڪيئن تيار ڪجي ۽ منظم ڪجي- ته جيئن هو خود خوابيءَ جي موت مان اُٿي خودشناسيءَ جي زندگيءَ ڏانهن وڌن ۽ غلاميءَ جي پناهه گاهه کي ڇڏي آزاديءَ جي آماجگاهه ۾ اچن ۽ اُن لاءِ جدوجهد ڪن.

اميد آهي ته لائق پڙهندڙ هيءُ ڪتاب غور سان پڙهندا. ڪتاب جي ترجمي بابت ساڻن ڪهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪجي- هو راقم جي اڳين ترجمن جي انداز ۽ اطوار کان واقف آهن. ترجمي کي سهل ۽ سڦل بنائي پيش ڪرڻ ۾ وسان ڪو نه ٿو گهٽائجي. پر پوءِ به ڪافي ڪن هنڌن تي، مضمون جي ڳوڙهائيءَ ۽ غير رواجي هئڻ سبب ٻولي به ڪافي مشڪل ۽ پيچيده ٿي وڃي ٿي. پر پڙهندڙ (يا ٻڌندڙ) کان ڳالهه جو پيرائتو ڏس اوجهل نه ٿئي، ته پڪ آهي ته اُها پنهنجو اثر ۽ سلسلو بحال رکي سگهي ٿي- ڇو ته صحيح ۽ مفيد ڳالهه کي پنهنجي اٽل ڪشش ۽ طاقت هجي ٿي. اميد ته جتي جتي بيان يا پيشڪش جي ڪوتاهي يا ڪمزوري واقع ٿيل هوندي. اُتي مهربان پڙهندڙ جي پنهنجي سوچ ۽ ساڌنا هن کي ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ ۾ ساهه جو ڪم ڏيندي.

حيدرآباد، سنڌ

17 ــــ نومبر 1984ع

محمد ابراهيم جويو

مصنف جو تعارف

پائلو فِريري (Paulo Freire) لاطيني آمريڪا جي ملڪ برازيل جي ريسف (Recife) شهر ۾ 1921ع ۾ ڄائو. ڪجهه وقت پنهنجي ملڪ ۾ سيڪريٽري آف ايڊيوڪيشن ۽ ’بالغن جي تعليم جي قومي رٿا‘ جو منتظم اعليٰ ٿي رهيو.

سندس پهريون ڪتاب “Educacao com Practica da Liberdade” (’آزاديءَ لاءِ عملي تعليم‘) برازيل ۾ 1967ع ۾ شايع ٿيو، ترت ئي جلا وطن ٿي، پاڙيسري ملڪ چليءَ (Chile) ۾ پناهه ورتائين ۽ اُتي پنهنجو ٻيو ڪتاب ’ Accion Cultural ‘ 1969ع ۾ لکيائين، جنهن جو انگريزي ترجمو 1970ع ۾ ’ Cultural Action for Freedom‘(’تهذيبي جدوجهد،  آزاديءَ لاءِ‘) جي نالي سان پڌرو ٿيو.

ڪجهه وقت چلي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر، ۽ پڻ اُتي يونيسڪو جي ’زراعتي  اصلاح  لاءِ تربيت ۽ تحقيق جي اداري‘ جو صلاحڪار ٿي رهيو، ۽ اُتان جي ’ترقيءَ ۽ سماجي تبديليءَ جي مطالعي جي مرڪز‘۾ پڻ ساٿي استاد طور ڪم ڪيائين.

ڪجهه  عرصي لاءِ هارورڊ (يونائيٽيڊ اسٽيٽس) ۾ ’تعليم ۽ ترقيءَ جي مطالعي جي مرڪز‘ ۾ وزٽنگ پروفيسر به رهيو.

اُن کان پوءِ ڪي سال جينيوا (سئٽزرلنڊ) ۾ ڪليسائن جي عالمي ڪائونسل جي آفيس ۾ صلاحڪار طور ڪم ڪيائين.

1972ع ۾ هن جو سڀ کان اهم ڪتاب Pedagogy of the Oppressed پينگئن (Penguin) ڪتابن جي سلسلي ۾، شايع ٿيو، جنهن جو هيءُ ڪتاب ”علم تدريس، مطلومن لاءِ“ سنڌي ترجمو آهي.
 

انگريزيءَ جي مترجم جو پيش لفظ

ٿورن ئي سالن ۾ برازيل جي تعليمڪارَ،  پائلو فريري، جي سوچ ۽ ڪم جي ڳالهه ۽ اُن جو اثر اُتر اولهه برازيل مان اُٿندي، سڄي آمريڪي کنڊ ۾ پکڙجي ويو آهي، ۽ نه رڳو تعليم جي ميدان ۾ پر قومي ترقيءَ لاءِ مجموعي جدوجهد تي اُن جا گهرا نشان ڏسجڻ لڳا آهن، اڄ جڏهن لاطيني آمريڪا جا عوام پنهنجو روايتي آرس ڇڏي، اُن مان جند ڇڏائي  ۽ آجا ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجن ملڪن جي ترقيءَ جي عمل ۾ حصيدار بنجڻ لاءِ آتا ڏسجي رهيا آهن، پائلو فِريري، تاريخ جي عين انهيءَ مرحلي تي، اڻ پڙهيلن جي تدريس جو هڪ طريقو راس ڪيو آهي، جنهن جدوجهد جي اُن سلسلي کي غير معمولي طرح اڳتي وڌايو ۽ تيز ڪيو آهي.

حقيقت ۾ اُهي جيڪي اِئين لکڻ پڙهڻ جي سکيا وٺندي، پنهنجي پاڻ کان نئين سر باخبر ٿين ٿا ۽ جنهن سماجي صورتحال ۾ پاڻ کي گهيريل ڏسن ٿا، اُن تي هو تنقيدي نگاهه وجهڻ شروع ڪن ٿا، اڪثر حالتن ۾ اُهي پنهجي سماج جي تبديلي لاءِ، جنهن سماج اُنهن کي شرڪت جي  هر موقعي کان ۽ پنهنجائپ جي هر امڪان کان محروم رکيو آهي،وڌي اڳتي اچن ٿا ۽ وڏا تاريخ ساز ڪم ڪري گذرن ٿا ۽ ائين، تحقيق، اڄ چئي سگهجي ٿو ته  تعليم هڪ ڀيرو ٻيهر، سماج جي بنيادي تبديليءَ لاءِ هڪ وڏيءَ بلڪ اَجهل قوت طور اُڀري، اسان جي آڏو اچي بيٺي آهي.

پائلو  فِريري جو فڪر هڪ تخليقي ذهن ۽ حساس ضمير جو جواب آهي-هڪ پوري دک ۽ غير معمولي اذيت جي للڪار جو، جيڪا هُن جي ڪنن ۾، هُن جي جنم کان وٺي، چوڌاري ٻُرندي ٿي رهي. هو برازيل جي شهر ريسف ۾ 1921ع ۾ ڄائو هو، جيڪو ٽينءَ دنيا جي افلاس ۽ پستيءَ جي انتهائي شڪار خطن مان هڪ هو. 1929ع ۾ سڄيءَ سرمايه دار دنيا سميت يونائيٽيڊ اسٽيٽس وڏي اقتصادي گهوٽالي ۾ وٺجي ويل هئي، جنهن جي سڌي نتيجي ۾ برازيل کي به تباهيءَ جو مُنهن  ڏسڻو پيو هو، ۽ فريري جو ڪٽنب جيڪو هڪ وچولي درجي جو ڪٽنب هو، اُن تباهيءَ جي اثر  کان بچي نه سگهيو هو، ۽ ائين هُن کي پنهنجي اُن ٻالجتيءَ ۾ انهيءَ بدحاليءَ جي ذاتي تجربي مان لنگهڻو پيو هو، جيڪا ڌرتيءَ جي ڌڪاڻل ماڻهن جي حصي ۾ آيل هوندي آهي.

هُن کي جنسي بُکون ڪاٽڻيون پيون، ۽ جسم ۽ ذهن جي ساڻائيءَ کان هو اسڪول ۾ پوئتي رهجي وڃڻ لڳو، ۽ پوءِ هُن يارهن سالن جي ئي ننڍيءِ اوستا ۾ پاڻ سان پڪو پِرنُ ڪري ورتو ته هو پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي ملڪ مان بک  جي دئيت کي تڙي ڪڍِڻ ۾ خرچ ڪندو، ته جيئن هُن وانگر ٻين ٻارن کي اُهي اُن جا چڪ کائڻا ۽ وٽ سَهڻا نه پون، جيڪي کيس سَهڻا ۽ کائڻا پيا هئا.

ائين، جو هن کي ننڍيءَ عمر ۾ ئي غربت سان پنهنجي زندگي گهارڻي پيئي، اُن مان هُن اُها حقيقت دريافت ڪري ورتي، جنهن کي هُن اڳتي هلي ”محروميءَ جي ماٺ جو ڪلچر“ سڏيو. هُن اها ڳالهه پوريءَ طرح پروڙي ورتي ته هيڻن ۽ محرومن جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ اُنهن جي ڪا هليءَ سڀ اُنهيءَ اقتصادي، سماجي ۽ سياسي بالادستيءَ جا نتيجا هئا، جيڪا مٿن مڙهيل هئي، ۽ هو اُن ڪري ئي پاڻان ڏاڍن جي آڏو هٿ- ڊگهيروُ ۽ انهن جي سخاوانيءَ ۽ حاتم طائيت جا شڪار هئا، جن جو هنن کي اَڌين ۽ محتاج رهڻو ٿي پيو. بجاءِ ان جي، جو هو ڄاڻڻ ۽ دنيا جي اصل حقيقتن کي مُنهن ڏيڻ جهڙا  ٿين، ۽ ائين ٿيڻ لاءِ هُنن کي همٿايو وڃي، هنن کي هڪ اهڙيءَ ڪيفيت ۾ غرقاب رکيو ٿي ويو، جنهن ۾ اُن حوصلي جو منجهن پيدا ٿيڻ عملي طرح ناممڪن ئي بڻجي ٿي ويو ۽ ائين هُن جي آڏو اِها ڳالهه واضع ٿي ته سڄو هلندڙ تعليمي سرشتو، انهيءَ ”ماٺ جي ڪلچر“ جي ئي بچاءَ لاءِ، سماج وٽ جيڪي وڏا وڏا اوزار ۽ وسيلا هئا، اُنهن مان ئي هڪ وسيلو يا اوزار هو.

اِن حقيقت سان بلڪل  ’هڪ وجودي‘ طور مقابل ٿيندي، فريري پوءِ سماج جي تعليمي سرشتي تي پورو توجهه ڏنو، ۽ اُن سلسلي ۾ تحقيق ۽ تجربي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيئي سال اُن کانپوءِ هن مطالعي ۽ فڪر جي هڪ سلسلي تي صرف ڪيا آهن، جنهن مان هو انسانن جي بنيادي تعليم فلسفي ۾ هڪ بلڪل نئين ۽ تخليقي ڳالهه پيدا ڪري سگهيو آهي. بلڪل ئي هڪ نئينءَ دنيا جي تخليق ۽ تعمير لاءِ عام مردن ۽ عورتن جي آزادگيءَ جي جدوجهد ۾ سڌيءَ طرح شامل حال رهندي، هو ڪيترن ئي اُنهن مجاهدن ۽ مفڪرن جي تجربي ۽ سوچ تائين وڌي وڃي پهتو آهي، جيڪي مختلف حالات ۾۽ جدا جدا فيلسوفي موقفن سان وابسته هئا- مثلا، سندس ئي لفظن ۾، ’سارتري ۽ مونيئر، ايرڪ فرام ۽ لوئي آلٿوسر، آرٽيگي گئسيٽ ۽ مائو، مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ چي گيويرا، اُنمونو ۽ مارڪيوس.‘

هِن انهن ماڻهن جي پنهنجي پنهنجي اندر جي سُوجهيءَ کي استعمال ڪندي، تعليم جو هڪ اُهو منظر پيدا ڪيو آهي، جيڪو پوريءَ اصليت ۾ سندس پنهنجو آهي، ۽ جيڪو خاص طرح لاطيني آمريڪا جي ٺوس حقيقتن جي للڪار جو جواب پيش ڪري ٿو.تعليم جي فلسفي تي سندس هيءُ فڪر پهريائين 1959ع ۾ يونيورسٽي آف ريسف ۾ هن جي ڊاڪٽوريٽ جي مضمون طور ظاهر ٿيو، ۽ پوءِ ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جي فلسفي ۽ تاريخ جي پروفيسر طور ڪم ڪندي، ۽ اُن کان اڳ اُن ئي پنهنجي شهر جي اڻ پڙهيلن کي پڙهائيءَ جي پنهنجي عملي تجربن دوران پنهنجي اُن فڪر کي هن مڪمل ڪيو ۽ ڇنڊي ڇاڻي، پختو ۽ صاف ڪري بيهاريو.

فريري پنهنجا ڪيئي مضمون پرتگالي ۽ اسپيني ٻولين ۾ لکيا، ۽ هُن جو پهريون ڪتاب”انساني آزاديءَ لاءِ عملي تعليم“ (Edtucacao Como Pratica da liberdade)  جي نالي سان 1967ع ۾ برازيل ۾ پڌرو ٿيو، هُن جو هيءُ زير نظر تازو ڪتاب ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“ (Pedagugy of the Oppressed) هن جي پهرين تصنيف آهي، جا يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ شايع ٿي آهي.

هِن مختصر پيش لفظ ۾ مون لاءِ ممڪن ڪونهي ته آءُ چند فقرن ۾ سڄيءَ اُن ڳالهه جو تت ڏيئي سگهان، جيڪا مصنف ڪيترن ئي صفحن ۾ پيش ڪئي آهي، ائين ڪرڻ هُن جي فڪر جي گوناگون گيرائيءَ ۽ گهرائيءَ سان بي انصافي ٿيندي. پر ٿورا لفظ، ان سلسلي ۾ رڳو هڪ تصديق طور، بيجا نه ٿيندا-شخصي تصديق طور، ان وضاحت لاءِ ته آءُ  پائلو فريري جي فڪر جو ذڪر ۽ اُن بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه هڪ ضروري ۽ اتساهڪ ڪوشش ٿو سمجهان، آءُ، جيئن ته اڄ جي تعليمي دائرن جي ايتري طول طويل ذهني ڪم  جي نري خياليت ۽ بي حاصليءَ مان ڪافي بيزاريل آهيان، سوچ جي هِن نئين سلسلي مان مون کي ڪافي اتساهه ملي ٿو، جيڪو هڪ پوري تاريخي حوالي سان منهنجي آڏو پيش ٿئي ٿو، جيڪو هن نئين سماجي نظام جي تعمير لاءِ جدوجهد جي حوالي سان اڳتي وڌي ٿو، ۽ جنهن ۾ انهيءَ طرح علم ۽ عمل جي، نظريي ۽ استعمال جي، هڪ نئين سٻنڌ ۽ اتحاد جي، ترجماني ٿئي  ٿي. ۽ ٻيو ته جڏهن پائلو فريري جي اوچائيءَ وارو هڪ شخص دانشوريءَ جي انسانيت ساز پيشيءَ جي نئين سر دريافت اسان وٽ اُجاگر ڪري ۽ فڪر جي عام قبوليل بندشن کان انڪاري ٿي،  اسان لاءِ هڪ نئين مستقبل ڏانهن ويندڙ راهه روشن ڪري، ته منهنجي لاءِ اِن جاندار ۽ جان فزا پيش منظر تي خوش ٿيڻ بلڪ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃڻ لازمي آهي.

فريري اِهو سڀ انهيءَ سبب ڪري سگهيو آهي، جو هو هڪ بنيادي ويساهه تي عمل ڪري ٿو: ته ماڻهوءَ جو ڪائناتي فريضو بلڪ هُن جو قدرتي پيشو  آهي ته هو اهڙو هڪ عامل يا عملڪار بنجي، جيڪو پنهنجي پوري ۽ سچي عمل(تدبير) سان دنيا تي اثر ڪري ٿو ۽ اُن کي بدلائي ٿو، ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو انفرادي ۽ اجتماعي طور ڪامل،  وڌيڪ ڀرپور ۽ مالا مال زندگيءَ جي نون امڪانن طرف وڌي ٿو، هيءَ ’دنيا‘ جنهن سان هو واسطي ۾ آهي، هڪ بيٺل يا بند نظام نه آهي- هڪ مليل حقيقت جيڪا ماڻهوءَ کي قبولڻي ئي آهي ۽ جنهن سان هن کي ٺهڻو ئي آهي؛ـ بلڪ اِها هڪ مسئلو آهي جنهن کي سمجهڻو ۽ حل ڪرڻو آهي. اِها هڪُ مواد آهي، جيڪو ماڻهو تاريخ جي جوڙڻ ۾ استعمال ڪري ٿو، ۽ اِهو ماڻهوءَ جو اُهو ڪم آهي، جيڪو هو فقط تڏهن ادا ڪري ٿو، جڏهن هو اُن صورتحال تي غالب پوي ٿو، جنهن سان ڪنهن خاص وقت تي ۽ ڪنهن خاص جاءِ تي انسانيت زوالجي ٿي، ۽ جنهن تي غالب پئجي ڪري هو وصفي طور نئين صورتحال جي اُپائڻ جي جرئت ڪري ٿو.

اِن ويساهه سان گڏ، فريري جو هيءُ به ويساهه آهي (جنهن کي هاڻي ڪافي تجربي جو پس منظر ثابت ڪري چڪو آهي) ته هر انسان، پوءِ اُهو ڪيترو به ’جاهل‘ يا ’ماٺ جي ڪلچر‘ ۾ غرقاب هجي، پنهنجي دنيا کي، ٻين سان ڳالهه ٻولهه  جي دؤر دؤري ۾، تنقيدي طور ڏسڻ جو اهل آهي، اهڙي دؤر دؤري لاءِ هُن کي جيڪڏهن مناسب ۽ پورا اوزار ميسر آهن، ته هو آهستي آهستي پنهنجي شخصي ۽ سماجي  حقيقت کي ۽ پڻ اُن جي تضادن کي ڏسي سگهي ٿو ۽ پروڙي سگهي ٿو، اُن پنهنجي پروڙ جو شعور به پائي سگهي ٿو، ۽ اُن کي تنقيدي طور منهن به ڏيئي سگهي ٿو.عمل جي ان سلسلي دوران پراڻو پترتائي استادَ  شاگردَ جو تعلق ختم ٿي وڃي ٿو. هڪڙو هاري پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ ان سلسلي کي ٻاهران آندل هڪ استاد کان وڌيڪ آسان ۽ ڦلدائڪ بڻائي سگهي ٿو. ائين ماڻهو، پنهنجي دنيا کي وچ جو ڳانڍاپو بنائي، هڪ ٻين سان تعليم جي ڏي وٺ ڪن ٿا.

جڏهن هڪڙو اڻ پڙهيل هاري هِن قسم جي تعليمي تجربي ۾ شريڪ ٿئي ٿو، ته هو پنهنجي ذات کان نئينءَ طرح با خبر ٿئي ٿو، پنهنجي عزت جو هُن کي نئون احساس ٿئي ٿو، ۽ هو اندر ۾ نئينءَ هڪ اميد جو تحرڪ محسوس ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org