سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:9 

سٺو تنقيدي ادب، تخليقي عمل جي مرتبن کان بي نياز نٿو رھي سگھي. جيتوڻيڪ تنقيدي ادب سنئون سڌو تخليقي ادب سان لاڳاپو آھي، پر پڇاڙيءَ جي ذڪر ڪيل لاڳاپي جي ڪري زندگيءَ سان بھ واسطو رکي ٿو. حياتي، ادب ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ اھو ربط وضبط، انھن جي اظھار جا پاسا ۽ نوعيتون متعين ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح تنقيد ۽ تخليق ۾ فضيلت جو ڪو سوال نھ آھي. فرق رڳو غرض وغايت ۽ پيشڪش جي نوعيت جو آھي. ھن موضوع تي ڪي ماڻھو تنقيد کي ئي ڪنھن حد تائين ترجيح ڏين ٿا. ”الاحمد سرور“ جو چوڻ آھي تھ ”سٺي تنقيد ڪنھن بھ طرح سٺي تخليق کان گھٽ نھ آھي. بلڪھ ڪن سببن جي ڪري ان تي فوقيت رکي ٿي.“

اھو ”ڪن سببن“ ڇا آھي؟ تنھن جي تشريح نھ ڪئي وئي آھي. ممڪن آھي انھيءَ سلسلي ۾ اڳتي تنقيد جا جيڪي فائدا بيان ڪيا ويا آھن، سي ئي ان فوقيت جا سبب سڏجن. اھي فائدا ھي آھن: ”شڍي تنقيد رڳو معلومات سان گڏ نٿي ڪري، بلڪھ اھي سڀئي ڪم ڪري ٿي جيڪي ھڪ ماھر نفسيات مؤرخ، ھڪ شاعر ۽ ھڪ پيغمبر ڪري ٿو.“

جناب ”ابوبڪر محمد سحر“ تنقيد کي ادب جي تخليق جو بنياد ٺھرائي ٿو تھ: ”ادب ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو اڻ سڌيءَ طرح آھي، پر تنقيد ادب جي ئي لاڳاپي سان زندگيءَ سان ناتو جوڙي سگھي ٿي. ادب کي بھانو ٺاھي، تنقيد آزاد طرح زندگيءَ جي ترجماني، تفسير ۽ تعمير وغيره جي ميدانن ۾ جولايون ڏيکارڻ لڳي تھ اھا تنقيد نٿي رھي. جھڙيءَ طرح تنقيد جي تخليقي صلاحيتن کي قبول ڪرڻ جي باوجود اھا ھڪ ناقابل ترديد حقيقت آھي تھ ان جو بنيادي مقصد ادب کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ آھي.“ ڄڻ تھ ادب جي تنقيد کي ادب جي تخليق تي ترجيھ حاصل نھ آھي. سحر صاحب“ تنقيد جي عمل جو دائرو محدود سمجھي ٿو. ”پروفيسر ڪليم الدين احمد“ تنقيد کي وسيع مفھوم ۾ استعمال ڪري ٿو. ھو پھرين ”ايليٽ“ جو ھيءُ قول نقل ڪري ٿو تھ: ”تنقيد اسان جي زندگيءَ جي لاءِ ايترو ئي ضروري آھي، جيترو ساھ کڻڻ.“ پوءِ اڳتي ھلي لکي ٿو تھ: ”تنقيد جي قدر وقيمت کان انڪار اصل ۾ زندگيءَ جي قدر وقيمت کان انڪار آھي ۽ پنھنجي قيمتي ورثي کي قبول ڪرڻ کان انڪار آھي. تنقيد تھ ھڪ صحيح تربيت پاتل، شائستھ ۽ مھذب دماغ جو مجموعي جوھر ۽ وصف بھ آھي ۽ ان جون بي انتھا متنوع رنگا رنگي خصوصي شڪليون بھ ٿين ٿيون. مطلب تھ تنقيد ضروري آھي. تنقيد پنھنجي عمومي ۽ ھمھ گير مفھوم ۾ جتي فيصلن جي قدر وقيمت جو تعين ٿئي ٿو، عمل ۽ فھم جي آزاد عمل ۽ فرق وامتياز جي احساس وشعور جو معاملو ھجي، رڳو ادب سان لاڳو نٿي ٿئي. (جيڪڏھن سچ پچ ڪنھن شيءِ سان لاڳو ٿيڻ ئي ان جي لاءِ ضروري ھجي) بلڪھ حياتيءَ سان لاڳو ٿئي ٿي. تنقيد تھ ختم ئي ان حالت ۾ ٿي سگھي ٿي جو خود حياتي ختم ٿي وڃي. تنقيد کي وجود ۾ آڻڻ واري حياتي ئي آھي ۽ پنھنجي تسلسل ۽ ارتقا ۾ انھيءَ تي آڌار بھ رکي ٿي.

پنھنجي مفھوم جي وسعت، عموميت ۽ ھمھ گيريءَ جي باوجود تنقيد جو لفظ جڏھن ادب جي دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو تھ ان جو مطلب ادبي تنقيد ئي ٿئي ٿو. انھيءَ ادبي تنقيد جي اھميت بھ ڪيترن ئي طرفن کان اجاگر ٿي چڪي آھي. تنقيدي عمل ڪيترن ئي مرحلن کان گذري ٿو ۽ ڪيترا ئي پاسا رکي ٿو. تجزيو ۽ تنقيح، ترجماني ۽ تشريح، تحسين ۽ تخمين، اھي سڀئي ان جا پاسا آھن. ساڳيءَ طرح فني ڪارنامن کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ان جو فرض آھي.

”ڊاڪٽر عبادت بريلوي“ جو چوڻ آھي تھ تنقيد وڏن وڏن فنڪارن ۽ اديبن جي ڪارنامن کي سمجھائي بھ ٿي ۽ انھن جي مختلف زاوين تي روشني بھ وجھي ٿي، انھن جي مطلبن جي وضاحت بھ ڪري ٿي ۽ انھن ۾ جيڪي خوبيون ٿين ٿيون، تن کي عوام جي ذھن نشين بھ ڪرائي ٿي. تنقيد جو ھڪ وڏو ڪم، ھڪڙي ادبي ۽ فني فضا پيدا ڪري، عوام جي ذوق ۾ صفائي پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي معيار فن وادب کي بلند ڪرڻ بھ آھي.“

جڏھن اھڙي فضا پيدا ٿي وڃي ٿي تھ اعليٰ تخليق جي طرف لارو وڌي وڃي ٿو. تنقيد جي اھا ئي اھميت پنھنجي جڳھھ تي شاندار آھي. جيستائين تجزيھ ۽ تنقيح جو واسطو آھي، انھن طريقن ذريعي تنقيد ادب پارن تي جراحي جو عمل ڪري ٿي ۽ جنھن حالت ۾ اھا جراخي ادب جي صحت لاءِ ھوندي آھي، تنھن ڪري اھا بھ تنقيد جي افادي اھميت جو ھڪ ثبوت آھي. ھيءُ ڪو نئون نڪتو نھ آھي. ڳالھھ ساڳي آھي، جيڪا اڳ بھ انھن صفحن تي لکي ويئي آھي، پر زاويھ نگاھ ٿورو منفرد آھي. اھو زاويھ نگاھ ”رچرڊز“ جو احسان مند آھي، جنھن چيو آھي: ”جيڪو ڪم ھڪ ڊاڪٽر جسم جي لاءِ ڪري ٿو، سو تنقيد ادب لاءِ ڪري ٿي. ھوءَ ذھني صحت جو معيار قائم ڪري ٿي.“ يعني تنقيد ذھني صحت جي ضمانت اھي ۽ ادب جي ڏنگائين جو علاج ڪندڙ جي حيثيت رکي ٿي. تنقيد جي اھميت بابت ان کان وڌيڪ ڪا ٻي ڳالھھ چئي نٿي سگھجي.

تنقيد جي ارتقا:

تنقيد جي ابتدا ڪٿان ۽ ڪڏھن ٿي؟ تنھن جي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي نھايت قديم زماني ڏانھن موٽڻو پوندو. جيتري قدر ادب ۽ شاعري دنيا ۾ قديم آھن، تنقيد کي بھ اوترو ئي قديم سمجھڻ گھرجي. اھا ھڪ جدا ڳالھھ آھي تھ تنقيد کي بعد ۾ فن جي صورت ڏيئي ادب جي شاخ ٺاھي ويئي.

تنقيد جي فن جي تاريخ ايتري قدر منجھيل نھ آھي، جيتري قدر ھيءُ فن منجھيل آھي. ڇاڪاڻ تھ تنقيد جو سڄو دارومدار ذوق ۽ وجدان تي آھي، جنھن جون صفتون ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ جدا جدا ٿينديون آھن، جيڪي وقت بوقت بدلجنديون رھنديون آھن.

ھر ڪنھن مشھور ۽ وڏي علم جي ابتدا يونان کان ٿي آھي. قديم زماني کان اھا ئي ھڪ سرزمين آھي، جنھن کي تھذيب ۽ تمدن جو سرچشمو چيو وڃي. ”پوسان ڪويت“ يونان جي مشھور شاعر ”ھومر“ جي قديم يادگار تصنيف ”اليڊ“ جي ھڪ عبارت کي، جا ”ايلچس“ جي ڍال بابت آھي، نقل ڪري ھيءُ ثابت ڪيو آھي تھ اھا مغربي ادب جي بلڪل آڳاٽي تنقيد آھي. ڪن عالمن جو خيال آھي تھ ”ھومر“ جي تنقيد بابت اسان کي گھڻا مثال ملي سگھن ٿا. ان ڪري اڄ ڪلھھ فن تنقيد جي محققن ھن ڳالھھ جو ذمو کنيو آھي. ھر ڪنھن قديم ڪتابن مان خواه اھو ”ويد“ ھجي يا ”زند“ يا ”پازند“ يا ڪنھن ٻي زبان جي مذھبي توڙي روايتي تصنيف ھجي، تنقيد جي ابتدا بابت معلومات حاصل ڪيون وڃن.

يونانين فن تنقيد جي ڌار ڌار شاخن کي جيتري قدر روشن ڪيو، ان جو مطالعو ڪرڻ نھ فقط ان ڪري ضروري آھي تھ اھو ڪم سڀ کان پھريائين ۽ سھڻي نموني ۾ يونانين ئي ڪيو ھو، بلڪھ ان ڪري بھ تھ اھو ھڪ اھڙي قوم جو ڪارنامو آھي، جنھن ادبيات کي بلڪل اعليٰ درجي تي پھچايو ھو ۽ اھو ڪم اھڙي زماني ۾ ڪيو ھو، جنھن ڪري سندن نالو علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ ھميشھ لاءِ جيئرو رھندو. اھو ئي سبب آھي جو علم ۽ فن جي مجلس ۾ جتي ڪو ڏيو ٻاريو وڃي ٿو تھ يقيني طرح ان کي يونان جي زندھ جاويد شمع مان روشن ڪيو وڃي ٿو.

سڀ کان اڳ جن يوناني عالمن ھن کي ھڪ جدا فن جي حيثيت ڏني، سي ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ ھئا. حقيقت بھ آھي تھ انھن ٻنھي فاضلن جي روشن ۽ غير معمولي سنجيده دماغن جي اصولن ھيٺ ڪم شروع ڪيو، سي ايتري قدر تھ مضبوط ۽ پڪا ھئا جو اڄ تائين ڪو نقص ثابت نھ ٿيو آھي. موجوده تنقيد جو فن اصلي معنيٰ ۾ انھن بحثن جو نتيجو آھي جيڪي يونان جي انھن ٻنھي فاضلن جي دماغي پيداوار آھن.

”رسڪن“ ھڪ موقعي تي چيو آھي تھ جيڪڏھن اڄ اسان کان اھو سڀ ڪجھھ کسيو وڃي، جيڪو اسان يونان کان حاصل ڪيو ھو تھ اسين نٿا ڄاڻون تھ ڪھڙي قعر مذلت ۾ ڪري پونداسون. ٻين علمن بابت اھو خيال کني صھيح نھ بھ ھجي، پر تنقيد جي فن جي باري ۾ ڪوبھ ماڻھو شڪ ڪري نھ سگھندو تھ ”رسڪن“ جي اھا راءِ صحيح نھ آھي. يونان جي شاعري ۽ ادب قديم زماني ۾ جيتري قدر بلند ۽ برتر ھئا، اوتري قدر انھن جو فن تنقيد عروج حاصل ڪري چڪو ھو.

پروفيسر ”بوچر“، ”افلاطون“ جي نقادانھ حيثيت تي ان ريت راءِ ظاھر ڪئي آھي تھ: ”افلاطون“ جي مطالع مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو تھ ھن انھيءَ وسيع ۽ فلسفيانھ تنقيد جو بنيادي پٿر رکيو، جيڪو علم ادب کي انساني روح جي جلوه گاه جي حيثيت سان ڏسي ٿو ۽ ادب جي اندروني حقيقتن ۽ نامعلوم گھرائين تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھن جي نظر ۾ علم ۽ ادب ان وقت ڪجھھ اھميت پيدا ڪري سگھي ٿو، جڏھن ھو جوش وارن جملن جو مجسمو ھجي. ان ۾ اڀارڻ واري طاقت ھجي، ڪنھن ڪم جي ترتيب ۽ ارتقا ۽ عيسيٰ نفسيءَ جو اظھار ڪري سگھندو ھجي ۽ ان جو اھو اظھار فلسفيانھ قوت ۽ جوش واري اصول جي صورت ۾ يا ڪليھ جي صورت ۾ نھ، بلڪھ ڀڙڪائڻ واري اثر جي شڪل ۾ ڪيو ويو ھجي. ھي اھي خيال آھن، جن جي بنياد تي ”افلاطون“ حياتي ۽ لٽريچر جر باھمي لاڳاپي بابت ھڪ نقطھ نظر پيدا ڪيو. ھن جي نظر ۾ اھڙو ڪم ڪري ڏيکارڻ جيڪو لکڻ جي لائق ھجي، انھڻ شين کان جيڪي پڙھڻ جوڳيون ھجن، وڌيڪ اھم آھي. ھن جو خيال ھو تھ حياتي ھڪ ڊرامو آھي ۽ اھو ادب، جو اسان کي اھڙي قسم جي حياتي بسر ڪرڻ جو سبق ڏئي تھ اھو سڀ کان بھتر شاعر آھي.

ساڳيو خيال امريڪا جي مشھور انشا پرداز ”ايمرسن“ جو آھي. جنھن پيرايھ ۾ ھن ظاھر ڪيو آھي، تنھن جو نقل ڪرڻ بھ دلچسپيءَ کان خالي نھ آھي. ھو چوي ٿو تھ: ”الفاظ ۽ افعال ٻئي انسان جي قوت جا ھڪ جھڙا ڏيک آھن. لفظ حرڪتون آھن ۽ حرڪتون خود ھڪ قسم جا لفظ آھن.“ ”افلاطون“ ادبي تنقيد تي نظر وجھندي ھيٺين خيال تي زور ڏنو آھي تھ:

”شين جي طوفان ۾ جڏھن روح صداقت جي جذبن ۾ ڀريل خواھش سان ڀرجي وڃي ٿو، تڏھن ھن جي اڳيان بھشتي منظر گذرندا آھن ۽ انھن منظرن ۾ روح حسن جا جلوه ڏسي وٺي ٿو. انھيءَ انڪشاف جو نتيجو خوشي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري شاعر ۽ فلسفي ٻنھي کي الھام ٿئي ٿو. شاعر ھڪ خيالي جوش پيدا ڪري ٿو، جو فلسفھ جي استدلالي جوس سان ھم آواز ٿيو پوي.

شاعر روحاني بلنديءَ جي ارتقاءَ جي ھڪ منقل آھي. فلسفھ جي خادم چئبي ۽ ھن جو ھيءُ ڪم آھي تھ فلسفھ جي سچائيءَ تي جھڪي روشني وجھي. علمن ۽ فنن جي اصطلاحن ۾ انھن بابت عام معلومات رکڻ ڪري ڪوبھ ماڻھو قابل مصنف ڪين ٿي سگھندو. گھڻا ماڻھو علم عروض کان ايترو واقف ھوندا آھن جو ڪو شاعر بھ ايترو واقف نھ ھوندو، پر اھي ماڻھو ھڪ شعر بھ چئي ڪونھ سگھندا آھن. عروضي ۽ فصيح البيان تقرير ڪندڙن جا محاورا ۽ اصطلاح، ڪنھن کي سٺو لکندڙ يا سھڻو ڳالھائيندڙ ھرگز بنائي ڪين سگھندا. جيڪي لکندڙ آھن، تن کي سوچڻ سمجھڻ جي ضرورت ئي ڪانھي. قلم کنيائون ۽ صفحن جا صفحا موتين سان ڀري ڇڏيائون.

مصنف جڏھن لکڻ گھري ٿو تھ ان کي گھرجي تھ قلم کڻندي ئي لکي وٺي. ائين بھ آھي تھ جتي ڪو سچو خيال پيدا ٿئي ٿو تھ ان سان گڏ ان جي ظاھر ڪرڻ جو بھترين ۽ سٺو اسلوب بھ دماغ ۾ اچي وڃي ٿو. ادبي تصنيف ڪامل اھا چئبي، جنھن جو اٺاءُ ھڪ جيئري شيءِ جھڙو ھجي. يعني ھن ۾ مٿو، سڄو جسم ۽ پير ھجن، درمياني ۽ پڇاڙيءَ واريون حالتون بھ ھجن. ھرڪو عضوو بدن جي ٻئي ڀاڱي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپو رکندر ھجي.“

”يونان“ جو ٻيو قابل ذڪر نقاد ”ارسطو“ آھي. ”ارسطو“ پنھنجي ٻنھي ڪتابن ”بلاغت ۽ شعريات“ ۾ ادبي تنقيد بابت بھ ڪيترا ئي مسئلا پيش ڪيا آھن. ٻئي ڪتاب ۾ شاعري جي موضوعن، قسمن ۽ خاص طرح حزنيھ (ٽرئجيڊي) جي ترتيب بابت بحث ڪيو اٿس. پھرئين ڪتاب ۾ بيان جي طرز، لفظن جي انتخاب، تذبيھ، تلميح، استعاره ۽ عروض تي فصل لکيا اٿس. پروفيسر ”بوچر“ ڪتاب ”شعريات“ بابت ھيءَ راءِ ظاھر ڪئي آھي تھ: ”ڪنھن بھ قديم ڪتاب ۾ لٽريچر تي فلسفيانھ نقطھ نظر سان ايتري قدر روشني وڌي نھ ويئي آھي، جيتري ”شعريات“ ۾. ان ۾ اسان کي ھڪ بيش بھا خزانو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“

”ارسطوءَ“ ھي خيال ڏيکاريا آھن:

1)        سادگيءَ کان سواءِ بھ پنھنجي مقصد کي چٽائيءَ سان بيان ڪرڻ، بيان جي طرز جي پڪائيءَ کي ظاھر ڪري ٿو. زبان کي تڏھن امتياز حاصل ٿئي ٿو، جڏھن انشا پرداز معمولي تشبيھن ۽ استعارن کي ڇڏي، انھن جي جاءِ تي نيون تشبيھون ۽ استعارا ڪم آڻي ٿو يا لفظن ۾ ڪجھھ ندرت ۽ دلچسپي پيدا ڪري ٿو.

2)       شاعريءَ جو موضوع عام آھي، جو ھر ھڪ زماني، ھر ڪنھن ملڪ ۽ ھر ڪنھن قوم لاءِ ھڪ جھڙو آھي.

3)       تون شاعريءَ جو مطلب سمجھڻ ۾ غلطي نٿو ڪرين ڇا؟ جڏھن ان کي رڳو ھن جي حيثيت سان ڏسين ٿو تھ ھوءَ اخلاق جي معلم آھي. شاعريءَ جو مطلب اھي جذبن ۾ ھيجان پيدا ڪرڻ ۽ نھ تعليم ۽ تربيت.

4)       شاعريءَ کي وزن جي ضرورت ڪانھي، بلڪھ موسيقيءَ جي ضرورت آھي.

5)       ”ارسطوءَ“ شاعريءَ جي پيدائش جي مسئلي کي ھن طرح حل ڪيو آھي تھ انسان ۽ ٻين ساھ وارن ۾ امتيازي فرق ھيءُ آھي جو انسان ۾ تقليدي مادو سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿو. اھو سڀ کان وڌيڪ ذريعو آھي، جنھن سبب ھو پنھنجي پھرين تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ٿو. جھڙيءَ طرھ تقليد انسان جي فطرت ۾ آھي، راڳ ۽ موسيقي بھ فطرتي آھن ۽ جن ماڻھن ۾ اھو ملڪو زياده آھي، سي فطرتا ان کي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول رھن ٿا، تھڙيءَ طرح شاعري بھ آھستھ آھستھ جنم وٺي ٿي.

تنقيد ۽ ادب بابت ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ جا جدا جدا خيال آھن، جن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آھي. انھن کي مطالع ڪرڻ بعد ضروري معلوم ٿئي ٿو تھ ٻنھي جي تنقيد جي طرز جو بھ مقابلو ڪيو وڃي.

”افلاطون“ صداقت پرست ھو، جنھن جي تنقيد جو آڌار فقط انھيءَ ادبي ڪارنامي جي دلچسپيءَ تي ھو، جيڪو سندس اڳيان رکيو ويندو ھو.

”افلاطون“ ڪنھن بھ ادبي ڪارنامي کي تنقيدي نگاھ سان ڏسندو ھو تھ ھميشھ ھيءُ خيال نظر ھيٺ رکندو ھو تھ ادب جو موضوع فلسفيانھ صداقتن کي ظاھر ڪرڻ آھي ۽ تنقيد مان اھو جو ھيءُ مطلب ھوندو تھ ھن ڳالھھ کي ڄاڻڻ جي ڪوشس ڪجي تھ شاعريءَ ۽ ادب جي تبليغ ۽ فلسفھ جي تبليع ۾ ڪيتري قدر چولي ۽ دامن جو ميلاپ آھي ۽ ھن جي دماغي فضا تي فلسفھ جي صداقتن ۽ حقيقتن جو ڪڪر ايترو ڇانيل آھي جو ھو جتي بھ اک کڻي ڏسي ٿو، اتي فلسفھ کان سواءِ ھن کي ٻي ڪابھ شيءِ نظر نٿي اچي. اھو ئي سبب آھي جو ھو ڪنھن بھ ادبي تصنيف تي تنقيد ڪرڻ وقت فلسفيانھ خيالن ۾ اھڙو محو ٿي ويندو آھي جو حسن ۽ خوشيءَ جي باريڪين تائين پھچي نٿو سگھجي. اھا ڳالھھ ھن کي ادبي صداقت ۽ فطري صداقت ۾ تفاوت معلوم ڪرڻ کان روڪيو ڇڏي. ھن جو خيال ھو تھ ادب ھڪ ذريعو آھي، جنھن جي وسيلي ماڻھن کي فلسفھ جون صداقتون سيکارڻ گھرجن ۽ ادبي تنقيد جو موضوع رڳو ھيءُ آھي تھ اھا ڳالھھ دريافت ڪئي وڃي تھ ادب اھو فرض ڪيتري قدر پورو ڪيو آھي؟

”ارسطو“ خيال پرست ھو. ھن جي تنقيد جو آڌار رڳو انھيءَ ادبي ڪارنامي جي دلچسپي ۽ غير دلچسپي تي منحصر ھوندو ھو، جيڪو ھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو ھو.

”ارسطو“ جي تنقيد ان جي برخلاف اخلاقيات ۽ فلسفيانھ موضوع کان بلڪل آزاد ھئي. ھن جو خيال ھو تھ ادب جي ھر ڪنھن ڪارنامي لاءِ ضروري آھي تھ ھن ۾ ۽ عقلي يا تحقيقي پيداوار ۾ گھڻو فرق ھئڻ گھرجي. ان ڪري ھن جو پڌري پٽ چوڻ ھو تھ شاعريءَ جو مقصد اڀارڻ، جوش ڏيارڻ يا تعليم ۽ تربيت نھ آھي، بلڪھ فقط خوشي پيدا ڪرڻ آھي.

”افلاطون“ پنھنجن ڪتابن ”گارجس“ ۽ ”فيدروس“ ۾ علم فصاحت جي ڪتابن تي مسخري ڪئي آھي، پر ”ارسطو“ فصاحت ۽ بلاغت جو موجد آھي. ھن انھيءَ زماني جي معروف علمي شعبن ۾ ھن فن جي اصطلاحن کي شامل ڪيو. ھن ”ايساڪريٽس“ کان گھڻو استفادو حاصل ڪيو، جنھن جي درسگاھ ٣٩٠ کان ٣٤٠ قبل مسيح تائين مشھور عالمن ۽ ڪاملن جي تربيت جو مرڪز رھي. ”ارسطو“ پنھنجو ڪتاب ”فن بلاغت“ ٣٣٠ کان ٣٢٠ قبل مسيح جي وچ ڌاري مرتب ڪيو، جنھن ۾ ھن ”ايساڪريٽس“ جي خيالن جي وضاحت ۽ تشريح ڪئي ۽ ان ۾ ھن جي ڏاڍي وقعت ڏيکاري آھي. ”ارسطو“ فصاحت ۽ بلاغت کي سياست جو مددگار ۽ معاون ڏيکاري، انقلاب انگيز فنن سان وابستھ ڪيو آھي. ھن ”افلاطون“ جي سڀني سوالن ۽ اعتراضن جا ڏاڍا سھڻا جواب ڏنا آھن.

”ارسطو“ جي راءِ آھي جا ”امير خسرو“ بھ ”چيستان“ جي مقدمھ ۾ لکي آھي تھ لفظ ۽ نالا جيڪي جملن ۾ استعمال ڪيا ون ٿا، تن جون جدا صورتون ٿين ٿيون جھڙوڪ حقيقي، دخيل، منقول، معمول وغيره.

1)        حقيقي اھو اسم آھي جو ڪنھن ٽولي سان بلڪل مخصوص ھجي، مثلا عربي، ايراني، لاطيني وغيره.

2)       دخيل اھو اسم آھي، جو ڪنھن غير قوم جو ھجي پر شاعر پنھنجن سعرن ۾ بي تڪليف استعمال ڪندا ھجن، مثلا استبرق ۽ مشڪواة.

3)       منقول اھو اسم آھي، جو ڪنھن لاڳاپي سان ٻئي اسم جي جاءِ تي بھ استعمال ڪيو وڃي، جھڙوڪ ”ٻڍاپڻ کي ”شام عمر“ يا ”خيانت“ کي ”سرقو“ چوڻ.

4)       معمول اھو اسم آھي، جنھن کي شاعر خود ايجاد ڪندو آھي ۽ شاعرن ۾ ئي ان جو استعمال ٿيندو آھي.

5)       مغيره اسم اشاره آھن، جيڪي ڪڏھن تشبيھھ مان حاصل ٿيندا آھن. جھڙوڪ: ڪوڪب کي نسر ۽ ڪڏھن ضد مان حاصل ٿيندا آھن. مثلا عرب ۾ انڌي کي ”بصير“ چوندا آھن. سنڌيءَ ۾ بھ انڌي کي ”اکين سڄو“ يا ”حافظ“ چئبو آھي.

”ارسطوءَ“ جي زماني ۾ ۽ ان وقت کان پوءِ بھ يونان ۾ نھايت وڏا ۽ زبردست ناقد پيا ٿيا. ”ارسطو“ واري عظمت ۽ سرفرازي ٻئي ڪنھن کي حاصل نھ ٿي. ”ڊايوني سي س“، ”پلوٽارڪ“ ۽ ”لان جائينس“ بھ يونان جا نامور نقاد آھن، جن سڀني تنقيد جي فن کي آسمان تائين پھچايو ھو.

يونان مان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز منتقل ٿي ”روم“ (اٽلي) پھتو. جيڪي علم ۽ فن يونان ۾ پرورش پائي رھيا ھئا، سي ھاڻي روم پھچي سرسبز ۽ شاداب ٿيڻ لڳا. پر روم جي انھيءَ زماني جي لٽريچر تي يوناني ادب جو نھ مٽجندڙ اثر آھي ۽ روم جو فن تنقيد، يونان جي فن تنقيد جو ٿورائتو آھي. روم جا مشھور ۽ نامور نقاد ”سيسرو“ ۽ ”ھوريس“ آھن، جن شاعريءَ جي فن جا اصول مقرر ڪيا. پر صحيح معنيٰ ۾ انھن کي يوناني فن تنقيد جو نقل چوڻ بيجا نھ ٿيندو. ”ارسطو“ جا حڪيمانھ خيال ۽ عالماڻا تنقيد جا اصول، پنھنجو اثر ڏيکاريندا رھيا. جيئن تھ روم جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ھيءُ آھي جو ھن پراڻي شراب کي نين صراحين ۾ پيش ڪيو.

جنھن زماني ۾ يورپ عيسائي مذھب اختيار ڪيو، انھيءَ وقت کان يونان ۽ روم جا ذھن فلسفھ ۽ ادب کي ترقي ڏيڻ جي بدران مذھبيات ۾ مشغول ٿيڻ لڳا، جنھن جو نتيجو ھيءُ ٿيو جو ستت ئي عام خيال خاص اعتقادي ڳالھين جي پابندين، وھمن ۽ تعصب جي پيچن ۾ اڙجي ويو ۽ ادبي تخليق تي ھريل دماغ، مذھبي ڪتابن جو عاشق ٿي پيو، جنھن ڪري ادبي مذاق خسڪ ۽ تاريڪ ٿي ويو. اھو ئي سبب آھي جو لاطيني فن تنقيد کي پنھنجي سڀني گھرائين ۽ وسعتن کي ڇڏي، صرف فن عروض ۽ بلاغت جي محدود دامن ۾ پناه وٺڻي پيئي.

اٽڪل سترھين صدي عيسوي تائين يورپ جي علمي فضا تي سڪوت طاري رھيو. انھيءَ سڪوت فقط مذھبي بحثن جي دلخراش آوازن کي ٽوڙيو ٿي، نھ تھ علمي ۽ ادبي شيرين ساز جي ڪابھ رات ڪانھ ٿي وڳي.

انھيءَ دور ۾ آخر جو پھريون نامور نقاد ”ڊانٽي“ ھو، جنھن زبان جي مسئلي تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو. ھن جي خيال ۾ عام ڳالھھ ٻولھھ واري ٻولي جيتوڻيڪ قاعدن ۽ قانونن جي پابند نٿي ٿئي، تڏھن بھ شاعرن جي مصنوعي زبان کان ان ڪري اعليٰ ٿئي ٿي جو ھوءَ فطري آھي. گھڻي زماني کان ھيءَ طرز ھلندي ٿي اچي تھ شاعر پنھنجي لاءِ الفاظ ۽ ترڪيبون محفوظ رکندا آھن ۽ عام لفظن ۽ بيان جي انداز کي پنھنجي ڪلام ۾ جاءِ نٿا ڏين.

”ڊانٽي“ جي ئي غير معمولي شخصيت ھئي، جنھن ”يونان“ ۽ ”روم“ جي قديم تنقيدي خزانن مان ڀري، مستقبل لاءِ نئون عمل جو رستو تيار ڪيو، جيئن تھ يورپ جي موجوده تنقيد جا اڪثر اصول ”ڊانٽيءَ“ جي ئي خيالن ٿي ٻڌل آھن.

وچئين زماني ۾ ”ڊانٽي“ کان پوءِ ان جي ادبي تحريڪ کي جاري رکڻ وارن جي گھڻي گھٽتائي رھي. چوڏھين ۽ پندرھين صدي بلڪل ويران رھيون. ”ڊانٽي“ ۽ ”دارا سمس“ جي وچ ۾ صرف ”بڪاڪيو“ جي ھڪڙي شخصيت اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنھن ادب ۽ تنقيد ڏي ڪجھھ توجھھ ڪيو. ان کان پوءِ عصر بيداري (سجاڳيءَ وارو زمانو) شروع ٿئي ٿو، جنھن سڄي يورپ جي ادبي ۽ علمي فضا کي بلڪل بدلائي ڇڏيو.

”ڊانٽيءَ“ جھڙي عظيم المرتبت شاعر جي وفات کان پوءِ اٽليءَ ۾ علمن کي جيارڻ جا اثر پيدا ٿيڻ لڳا. ترڪ، قسطنطنيھ تي قابض ٿيا ۽ اتي جا ھزارين راھب پنھنجو علمي خزانو کڻي يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ۽ خاص ڪري اٽلي، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ انھن جي ذريعي علم جو اھو خزانو، جيڪو ترڪيءَ جي مختلف شھرن جي ڪليسائين ۽ خانقاھن ۾ دفن ٿيل ھو، يورپ جي جنوبي ملڪن ۾ پکڙجي ويو، جنھن جو نتيجو ھي نڪتو جو ادب جون جمالياتي بنيادون وري پڪيون ٿي ويون ۽ شاعريءَ جا جمالياتي پھلو وري وزندار سمجھھ ۾ اچڻ لڳا. انھيءَ ھوندي بھ ان وقت ۾ فڪر جي آزادي موجود ڪانھ ھئي. ڪلاسيڪل ادب کي ھدايت جي شمع سمجھيو ويو ٿي. انھيءَ جو نقل ۽ انھيءَ جو چرٻو اٿاريو ويو ٿي ۽ انھيءَ جي معيارن تي ادب ۽ شاعريءَ کي پرکيو ويو ٿي. البتھ ھڪڙو فرق ضرور پڌرو ٿيو، جيڪو ھيءُ آھي تھ ان وقت روايت، مذھب ۽ علم الاصنام واري وقعت ۽ عزت جي بجاءِ انسان جي قوت استدلال جي اھميت وڌي رھي ھئي. ھيءَ اھا اھميت ھئي، جنھن علمن ۽ فنن جي آئنده ترقيءَ جو رستو کولي ڇڏيو،  جنھن ڪري اديب، فيلسوف ۽ سائنس جا ماھر جلد جلد اڳتي وڌڻ لڳا.

عصر بيداريءَ کان پوءِ، اٽليءَ ۾ بھترين تنقيدي ڪارناما پيش ٿيڻ شروع ٿيا. پر سڀ کان سنجيدو ۽ جٽاءُ دار ڪم فرانس ۾ ئي ٿيو، جنھن کي مشھور شاعر ”ڊوپلي“ (١٥٢٥ع کان ١٥٦٠ع تائين) شروع ڪيو ھو. ھيءُ انشا پرداز ”فرانسيسي اووڊ“ سڏجي ٿو ۽ ھن کي ان وقت جي سبع سيان ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جن فرانسيسي زبان کي قديم زبانن (يوناني ۽ لاطيني) سان پھلو بھ پھلو بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي، انھن ستن انشا پردازن مان سڀ کان وڌيڪ تنقيدي خدمت ”ڊوپلي“ ڪئي، جنھن جون تحريرون، ٻولي ۽ ٻوليءَ جي اصولن تي ڪافي روشني وجھن ٿيون.

سورھين ۽ سترھين صديءَ ۾ انگلستان بھ چڱو تنقيدي لٽريچر پيدا ڪيو. ”ڪاڪس“، ”راجر ايسڪم“ ۽ ”گيس ڪوائن“ انھيءَ دور جا مشھور انگريزي نقاد آھن. پر انھن سڀني مان وڌيڪ نمايان ”سر فلپ سڊني“ ھو جنھن جي تصنيف گھڻو مشھور آھي، پر حقيقت ۾ اھا اطالوي تنقيدي تصنيف جو خلاصو آھي. انھيءَ ڪتاب ۾ بھ شاعريءَ جي اھا ئي تعريف درج ڪئي وئي آھي، جيڪا ”ارسطو“ تيار ڪئي ھئي. پر سڀ کان اڳ جنھن ماڻھوءَ نھايت دليريءَ سان تنقيدي خيالن کي ظاھر ڪيو، سو ”جان ڊرائيڊن“ ھو. ”ڊرائيڊن“ پنھنجي مقالن ذريعي انگريزي تنقيد جو بنيادي پٿر رکيو. ھن پھرين ”شيڪسپيئر“ جي ڪلام تي تنقيد ۽ تبصرو ڪرڻ شروع ڪيو. ھو قديم ٻولين جو پورو ڄاڻو ھو، انھي٤ ڪري ”شيڪسپيئر“ جي ناٽڪن کي يوناني ۽ رومن ناٽڪن سان ڀيٽ ڪرڻ ۾ ھن کي سھولت حاصل ھئي.

ھن سموري تنقيد ۽ تبصري کان پوءِ ھيءُ نتيجو ڪڍبو تھ متاخرين جا ڊرامھ متقدمين جي ڊرامن کان ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ ناھن. ”شيڪسپيئر“ بابت ھن جي ڏنل راءِ اسين ھيٺ داخل ڪريون ٿا، جنھن مان ”ڊرائيڊن“ جي تنقيدي قابليت جو پتو پئجي ويندو. ھو لکي ٿو تھ:

”ھيءَ اھا شخصيت آھي، جيڪا متاخرين ۽ متقدمين شاعرن ۾ سڀ کان وڌيڪ وسيع القلب آھي. فطرت جا سمورا اسرار ھن تي کليل ھئا، جن کي ھو جانفشاني ۽ دقت سان نھ بلڪھ برجستو ۽ بنان تڪلف لکندو نظر اچي ٿو. ھو جنھن شيءِ کي جڏھن ظاھر ڪرڻ گھري ٿو، تڏھن تون انھيءَ شيءِ کي ڏسڻ کان وڌيڪ سمجھڻ لڳندين. اھي ماڻھو غلطي ڪن ٿا، جيڪي ھن تي الزام رکن ٿا تھ علم گھٽ ھوس، ڇاڪاڻ تھ فطرتا ھو تعليم يافتھ ھو، نيچر کي مطالعھ ڪرڻ لاءِ ھن کي عينڪ لڳائڻ جي ضرورت نھ ھئي، بلڪھ ھن نيچر کي پاڻ ۾ ڏٺو ۽ پاتو.“

اڳتي ھلي انگلستان ۾ ”ڊرائيڊن“ پنھنجو سڪو ڄمايو. ھي پھريون انگريزي ناقد ھو جنھن تنقيد کي ذاتي فيصلي جو تابع بنايو. ”ڊاڪٽر جانسن“ ھن جو تتبع ڪيو، پر ھيءُ زمانو اھو ھو، جڏھن انگلستان ۾ نون ۽ پراڻن قدامت پرست شاعرن جا معرڪا زور وٺي رھيا ھئا. ملڪ ۾ نيون تحريڪون ڪم ھلائي رھيون ھيون، قدامت پرستي ناس ٿي رھي ھئي ۽ نوان رومان پسند شاعر وڌيڪ ھر دلعزيز ۽ مقبول ٿيڻ لڳا. انھيءَ زماني ۾ ”ورڊز ورٿ“، ”ڪولرج“ ۽ ”آرنلڊ“ پيدا ٿيا، جن انگريزي شاعريءَ کي ھڪ نئين ۽ صحت بخشيندڙ رستي تي آندو ۽ قدامت پرستيءَ جو ھميشھ لاءِ خاتمو ڪري ڇڏيو.

موجودھ دور ۾ ھر ھڪ متمدن ملڪ ۾ ادب ھڪ نئين حياتي ۽ نئون روح حاصل ڪيو آھي. ھر ڪنھن ملڪ جو لٽريچر دنيا جي اڳيان اچي چڪو آھي. سائنس جي ايجادن فاصلي ۽ وقت جو مقدار گھٽائي ڇڏيو آھي. نوان نوان سياسي ۽ معاشرتي مسئلا قومن جي اڳيان اچي رھيا آھن. سياسي فلسفھ تي پوريءَ طرح تنقيد ڪئي وڃي ٿي. فردن جي ۽ قوم جي آزادي عام طرح قبول ڪئي ويئي آھي. بين الاقوامي لاڳاپا روز بروز ضروري ۽ اھم ھئڻ جي ڪري قبول ڪيا وڃن ٿا. انسان ذات جو ڪوبھ ادارو اھڙو نھ آھي، جنھن تي پوري طرح تنقيد نھ ڪئي وڃي ٿي.

اسين مٿي چئي آيا آھيون تھ ھيءُ دور تنقيدي دور آھي. ناقدن تي وڏيون ذميداريون پون ٿيون، ڇاڪاڻ تھ ھن کي ھر ڪنھن ذھني جدوجھد جو تفصيل سان جائزو وٺڻو آھي. آرٽ، آرٽ لاءِ، زندگيءَ لاءِ آرٽ سان سائنس جو تعلق، آرٽ سان صنعت ۽ حرفت جو تعلق، آرٽ سان پروپيگنڊه جو تعلق، آرٽ ۽ سماج، آرٽ ۽ سياست، آرٽ ۽ ان جو ماحول، آرٽ ۽ آرٽ جي شخصيت ۽ ڪم، آرٽسٽ جا مقصد، اھي سڀئي اھڙا دلچسپ سوال آھن، جيڪي ھن صديءَ جي اديبن جي پيڙ نظر آھن ۽ گھڻو ڪري انھن سوالن تي ئي غور ۽ فڪر ڪرڻ اديبن جو سڀ کان وڏو ۽ ضروري مشغلو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org