سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:14 

محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ٿي ويون. محمد غوري ۽ محمود غزنوي کان پوءِ مسلمانن ھندستان ۾ پنھنجا گورنر مقرر ڪرڻ ۽ ٿوريون فوجون ملڪ ۾ رکڻ شروع ڪيون، تان جو مغل ھندستان ۾ داخل ٿي ويا. مغل علم پرور حاڪم ھئا، انھن جي ڏينھن ۾ فارسيءَ ۾ گھڻا ئي ڪتاب لکيا ويا. اڪبر بادشاھ جي ڏينھن ۾ ”غزالي“ ابتدا ۾ پوءِ ”فيضي“ ملڪ الشعراءُ مقرر ٿيو. ”ابو الفضل“ نثر  ۾ گھڻو ڪجھھ لکيو. ”جھانگير“ جي ڏينھن ۾ ”طالب آملي“ ملڪ الشعراءُ ھو ۽ ”شاھجھان“ وٽ ”ڪليم“. انھيءَ ڪري مغلن جي درٻار ۾ فارسيءَ جو وڏو مان ھو ۽ مغل اميرن ۽ وزيرن جا درٻار فارسي شاعريءَ سان گونجي رھيا ھئا. اھا ئي شيءِ اڳتي ھلي اردو زبان جي شاعريءَ ۾ بدلجي وئي.

اردو زبان جي شاعرن جا تذڪره فارسي ۾ مرتب ڪيا ويا، جن ۾ شاعرن جا حالات ۽ شاعرانھ صحبتن جا بيان ڏنل آھن. اھي تذڪره شروعات ۾ نالي ماتر تذڪرا ھئا. تذڪره اويس جي ارتقا ”مير تقي مير“ جي ”نڪات الشعراءُ“ کان پوءِ اردو ۾ ”آب حيات“ جھڙو تذڪرو موجود ڪيو ۽ ان کان پوءِ اردو تذڪره نگاري پنھنجي عروج ڪمال تي پھچي ويئي.

سنڌ جي تاريخ ۾ بھ ”محمد بن قاسم“ جي زماني کان سنھ ١٨٤٣ع تائين جو ميرن جو زمانو ھو. مسلمان فرمانروا رھيا، جھڙوڪ: ”ارغون“، ”ترخان“، ”سومرا“، ”سما“، ”ڪلھوڙا“ ۽ ”مير“. انھن سڀني درٻارن جي ٻولي فارسي ھئي. مغلن جا گورنر بھ سنڌ ۾ ھوندا ھئا، تنھن ڪري شاعرن جي عزت افزائي بھ ٿي ۽ ”علي شير قانع“ ۽ ”مير غلام علي“ آزاد بلگرامي جيڪو ”اورنگ زيب“ جي ڏينھن ۾ سيوھڻ جي ويجھو وقايھ نگار ھو، فارسيءَ ۾ تذڪرا لکيا.

مقالات الشعراءُ:

فارسي ٻوليءَ ۾ ”مير علي شير قانع“ پھريون شخص آھي جنھن سنڌ جي شاعرن ۽ ٻيا شاعر جيڪي سنڌ مان گذريا، تن جو بيان لکيو آھي. اھو پھريون تذڪرو آھي جيڪو سنڌي شاعرن تي لکيل آھي. ان کان پوءِ ”محمد ابراھيم خليل“ ٺٽوي المتوفي ١٣١٧ٿ مقالات الشعراءُ جو ”تڪملو“ لکيو. ان کان پوءِ ١٩٠٠ صدي يعني ١٨٦٣ع ۾ سنڌ جي سرڪاري زبان سنڌي ٺھرائي وئي ۽ عربي رسم الخط ان جي لاءِ مقرر ڪيو ويو.

١٨٤٣ع کان انگريزي سنڌي ٻوليءَ جي طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ نصاب تعليم جا ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. اھل سنڌ جي لاءِ ھي وڏو ڪشمڪش جو زمانو ھو. ھندو ديؤناگري رسم الخط جا خواھان ھئا ۽ مسلمان عربي رسم الخط جا طرفدار، مگر ڇاڪاڻ تھ سنڌي تصنيفن جو ھڪ وڏو ذخيرو مسودن جي صورت ۾ موجود ھو ۽ اھو سمورو ذخيرو عربي رسم الخـط ۾ ھو، تنھن ڪري عربي رسم الخط جي مقرر ڪرڻ ۾ مسلمانن کي ڪاميابي تھ ٿي، پر انھن کي سنڌي ادبيات تي غور ڪرڻ جو موقعو نھ مليو.

پر جيئن سنڌي زبان جي رسم الخط جو مسئلو طئي ٿيو ۽ درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجڻ شروع ٿيا تھ سنڌي اديبن کي بھ سنڌي ادب جي طرف ڌياڻ ڏيڻ جو موقعو ملي ويو.

”مقالات الشعراءُ“ جي تاليف جو زمانو ١١٦٩ھ کان ١١٧٤ھ تائين آھي، جيڪو نھايت قيمتي زمانو آھي، جنھن ۾ گذريل پنج سؤ سالن جي انھن شاعرن جو ذڪر آھي، جيڪي سنڌ سان واسطو رکندا ھئا يا سنڌي نزاد ھئا يا ڪي ٻيا ٻاھريان.

”سنڌي تذڪرا“ سنڌ جي فارسي شعرن جو ٻيو سلسلو ١٣١٧ھ تائين ختم ٿئي ٿو، جنھن جي سالن جو مجموعي تعداد تقريبًا ساڍا ڇھھ سؤ سال ٿئي ٿو. ان ۾ انھن شاعرن جو ذڪر آھي جيڪي سنڏي ھوندي بھ فارسي زبان ۾ شعر چوندا ھئا.

”مقالات الشعـراءُ“ ۽ ”تڪملئھ مقالات الشعـراءُ“ جھڙن فارسي جي تذڪرن سنڌي شاعرن کي اڀاريو تھ سنڌي ۾ اھڙا تذڪره لکن.

اھڙي طرح سنڌي شاعرن جي تذڪرن لکڻ جو آغاز ٿيو ۽ ادبي ۽ تنقيدي مضمونن لکڻ جو بھ بنياد پيو. ان کي شاھ ڀٽائي رحھ جي ڪرامت چئجي يا ڇا، جو پھريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي اشارات جيڪي لکيا ويا، سي شاھ صاحب جي سوانح عمرين جي صورت ۾ ۽ شاھ جي رسالي جي ديباچن ۾ ھئا، ڇاڪاڻ تھ اھي مختلف سنڌي اديبن لکيا آھن، جن جا زمانا بھ مختلف آھن. اھو سلسلو وڌندي وڌندي عام شاعرن جي سوانح نگاري ۽ انھيءَ سـلسـلـي ۾ اسـيـن ۽ اسـان جي زماني جا ٻيا سوانح نگار موجود آھن.

سنڌي زبان ۾ تنقيدي اشارا:

سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي اشارا لڀن ٿا، جن تي فن جو بنياد آھي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ سوڌو تنقيد جي فن تي اھڙو ڪو ڪتاب نظر نٿو اچي، جنھن ۾ فني مباديات ۽ مسلمات سان بحث ڪيو ويو ھجي ۽ ڪنھن ادب پاري تي تنقيد ڪري فن جي فرضن کي ادا ڪيو ويو ھجي.

تنقيدي اشارات، جن جو مٿي ذڪر آھي، سي مشاعرن ۾ ملن ٿا، جتي ڪو شاعر پنھنجو ڪلام ٻڌائي ٿو ۽ ٻڌڻ وارا ھن جي تعريف ڪن ٿا. ھيءَ تعريف تنقيد جي ابتدائي صورت آھي.

ڪڏھن شاعر پنھنجي معاصر شاعر جي تعريف ۾ شعر چوندا آھن. انھن شعرن ۾ بھ تنقيدي شعور لڀندو آھي.

ڪڏھن ائين بھ ٿئي ٿو تھ ڪو شاعر جي تنقيد يا ھجو ڪري ٿو، ان جو بنياد بھ تنقيدي اصولن جي طرف اشارو آھي.

ان کان پوءِ تذڪري جو وارو اچي ٿو، جنھن ۾ شاعر جي ڪلام تي تذڪره نگار جيڪا راءِ ڏئي ٿو، تنھن جو بنياد بھ تنقيدي اصول تي ٿئي ٿو. انھيءَ قسم جي تنقيد شاھ جي رسالي ۽ ڪن شاعرن جي ڪلام تي جيڪي ديباچا يا مقدما لکيا ويا آھن، تن ۾ صاف طرح نظر اچي ٿي.

سڀ کان اڳي سنڌي ادب ۾ تنقيدي اشارو اسان کي ”مولوي ابو الحسن ڏاھريءَ“ جي ڪلام ۾ ملي ٿو، جنھن ”قاضي قاضن“ متوفيٰ ٩٥٨ھ جي ڪلام تي ڪيو ھو. قاضي صاحب جي بيت جي ھڪ مصرع آھي: ”جوڳي جاڳايو ستو ھوس ننڊ ۾“[1] مولوي صاحب اعتراض ورتو تھ:

”نھ جوڳي ست عارف نھ سني گھي – شده ھر يکي ملحد وگمراھي“‚

 

تنقيد ۾ ھيءَ ڳالھھ قابل غور آھي تھ قاضي صاحب جو ڪلام سنڌي ۾ آھي ۽ اعتراض فارسيءَ ۾. ھن مان ھي نڪتو ثابت ٿو ٿئي تھ ٻنھي جي ٻولي سنڌي ھئي ۽ ٻئي بزرگ فارسي زبان جا بھ ماھر ھئا. جيڪڏھن ”قاضي قاضن“ فارسي نھ ڄاڻندو ھجي ھا تھ اعتراض بيڪار ٿئي ھا، پر مولوي صاحب جي ڄاڻ ۾ ھو تھ قاضي صاحب فارسي ٻوليءَ جو ماھر ھو، انھيءَ ڪري ئي اعتراض فارسيءَ ۾ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تھ ان وقت لکڻ پڙھڻ ۽ تصنيف وتاليف جي اھا ئي زبان ھئي.

مولوي صاحب جي تنقيد جو ھي تجزيو آھي تھ ھن جي علم ۾ جوڳي ۽ عارف مترادف لفظ نھ ھئا. جوڳي لفظ جو مفھوم عارف جي لفظ مان ظاھر ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تھ جوڳي لفظ جي مفھوم ۾ ڪفر وشرڪ جو شبھو موجود آھي ۽ لفظ عارف ۾ ھن شڪ جي گنجائش نھ آھي. تنھن ڪري فن بلاغت جي اعتبار کان ”قاضي قاضن“ جو لفظ جوڳي ”مولوي ابو الحسن ڏاھري“ وٽ قابل اعتراض آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن لفظ مان عرفان جي بجاءِ الحاد جي تعليم جي استعانت ٿئي ٿي.

”مولوي ابو الحسن ڏاھري“ جو اعتراض تنقيدي شعور تي مبني آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪنھن بھ ٻن ٻولين ۾ مترادف لفظن جو ملڻ ممڪن نھ آھي، ائين رڳو اتفاقيھ امڪان ٿئي ٿو. لفظ جوڳي تي اعتراض مولوي صاحب جي علم معاني جي واقفيت جي طرف اشارو ڪري ٿو ۽ بلاغت علم معاني جو ئي ھڪ باب آھي.

ھن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ صدين تائين تنقيدي اشارات ملن ٿا. البتھ ”مولوي ابو الحسن“ صغير تي سندس معاصر مولوي ”محمد ھاشم“ بعض فقھي اعتراضات ڪيا آھن. انھن مان فقھي شعور جو ثبوت ملي ٿو پر فقھي شعور کي تنقيدي ادبي شعور سان ڪو واسطو نھ آھي.

مير علي شير قانع ۽ تنقيدي اشارات:

”مقالات الشعراءُ“ جو گھڻو سارو ڀاڱو نظر مان ڪڍيو اٿم، مگر منھنجي نظر مان ڪنھن شاعر جي ڪلام تي مير صاحب جي راءِ نظر مان ڪانھ نڪتي آھي. البتھ ايترو ضرور آھي تھ ”مير قانع“ جڏھن ڪنھن شاعر جو ذڪر ڪري ٿو تھ ھن شاعر جي شخصيت لاءِ بعض اھڙا ڪلمھ لکي وڃي ٿو، جنھن مان شاعر جي ڪلام تي ڪافي روشني پوي ٿي. جھڙوڪ:

”عطارد شيوڪرام“ از قوم نويسنده ھائڍ بلده بلطف طبع موصوف وجواني تازه بفکر است، از شاگردان ميان ”محمد حسن“ مي باشد طبع برجستھ طرز گزيده دارد.

لطف طبع جو مطلب آھي شائستھ ۽ پاڪيزھ طبيعت ۽ شاعريءَ ۾ لطف طبع مان نازڪ، لطيف ۽ شائستھ جذبات آھن.

تازه بفکر ھن جي معنيٰ آھي تھ ”عطارد“ ھڪ نوجوان شخص، جنھن جي فڪر ۾ تازگي ۽ لذت آھي. شعر ۾ فڪر تازه جو مطلب شعر جي تازگي، دلڪشي ۽ ندرت آھي ۽ نون نون مضمونن جي ايجاد.

طمع برجستھ مان مطلب في البديھھ چوڻ وارو، جنھن کي ڪلام تي قدرت حاصل ھجي. ھر قسم جا مضمون نھايت بي تڪلفي سان لکڻ وارو.

طرز گزيده مان مطلب منتخب انداز بيان آھي، ليڪن حقيقت ۾ ھيءُ لفظ صاحب طرز ھجڻ مان مراد آھي تھ شاعر ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان جداگانھ انداز فڪر رکي ٿو ۽ خوبي اھڙي آھي، جيڪا شاعرن مان گھڻن کي گھٽ نصيب ٿئي ٿي. جھڙوڪ فارسيءَ ۾ ”بابا فغاني“ صاحب طرز ۽ فڪر تازه جو مالڪ سمجھيو وڃي ٿو ۽ اردو ۾ ان جو مثال ”غالب“ ۽ ”اقبال“ آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن شاعرن نھايت نرالا ۽ نوان نوان مضمون ايجاد ڪيا آھن.

”نبي شاھ“ بابت حضرت ”قانع“ لکي ٿو تھ: ”از قصيده وغزل ورباعي ومثنوي کھ عربي است يا فارسي است يا ترکي، از بست اغلاق اکثر معاني ابيات خود از صاحب طبعان ديگر مي پرسيد بجائي پايھ معنيٰ رسانده کي خود از فھم او عاجزه آمده.“

”نبي شاھ“ ھڪ آزاد منش ۽ قلندر روش درويش ھو. ھن بابت ”قانع“ ظريف جو لفظ بھ استعمال ڪيو آھي. مٿي نقل ڪيل اقتباس ۾ ڪي ڳالھيون ملن ٿيون، جيڪي فن تنقيد سان واسطو رکن ٿيون. مثلا ھن جو ڪلام مغلق ھو، يعني آسانيءَ سان سمجھھ ۾ نھ ايندو ھو. بلڪھ ھن اغلاق جو ھي حال ھوندو ھو جو محويت جي عالم ۾ شعر چئي ويندو ھو ۽ پاڻ بھ ان جي معنيٰ نھ سمجھندو ھو ۽ ٻين شعر چوڻ وارن کان پنھنجي شعر جي معنيٰ پڇندو ھو. ”قانع“ ھن بابت ھيءَ راءِ ڏني آھي تھ ھن معنيٰ جو مرتبو اھڙي حد تائين پھچايو ھو جو پاڻ بھ ان جي سمجھڻ کان عاجز رھجي ويندو ھو.

مٿي ذڪر ڪيل اقتباس ”نبي شاھ“ جي شاعريءَ تي اھڙو رايو آھي، جنھن ۾ توازن ملي ٿو. يعني ”نبي شاھ“ ۾ ايجاد معنيٰ جو مادو ھو. مگر ان سان گڏوگڏ ھن جو ڪلام مغلق ھو. باقي ھيءُ بحث رھيو تھ پاڻ پنھنجن شعرن جي معنيٰ نھ سمجھندو ھو ۽ ٻين عالي فھم ماڻھن کان پڇندو ھو تھ ان جو ھي تاويل ڪري سگھجي ٿو تھ ھو پنھنجي شعر جي اغلاق کي خود سمجھندو ھو ۽ ٻين کي انھيءَ ڪري ٻڌائيندو ھو تھ جيڪو مفھوم ھن شعر ۾ رکيو آھي، سو ٻيا بھ سمجھن ٿا يا نھ؟

فارسي زبان ۾ جيڪي تنقيدي اشارات ملن ٿا، تن جو تسلسل قائم رکڻ لاءِ ”محمد ابراھيم خليل“ ٺٽوي جي ”تڪملئھ مقالات الشعراءُ“ جو بھ ذڪر ڪري ڇڏيان تھ فارسي شاعريءَ جي سلسلي ۾ تنقيدي اشارات معلوم ٿي وڃن.

”احمد“[2]: ”محمد ابراھيم خليل“ ٺٽوي تڪملئھ مقالات الشعراءُ ۾ جناب ”احمد“ لاءِ فصاحت مآب ۽ بلاغت انتساب جا لفظ لکيا آھن. شاعر راءِ ڏئي ٿو تھ: ”شاعري فصيح وتاثري بليغ است، نطمش دلپسند ونثرش ارجمند.“

جيتوڻيڪ ھن اقتباس ۾ ”قانع“ جھڙي وضاحت نھ آھي، تاھم ھڪ راءِ ضرور سمجھھ ۾ اچي ٿي. جناب ”خليل“ وٽ حضرت ”اھمد“ فصيح وبليغ ھو ۽ ھن جي نظم کي دلپسند چيو آھي. ھيءَ ھڪ عام صفت آھي، پر ان مان ايترو ضرور ثابت ٿئي ٿو تھ راءِ ڏيڻ واري جي سامھون ھن جو ڪلام فصيح ۽ دلپسند ھو. فصاحت ۽ ڪلام جي دلپسندي اِھي بھ اشارا آھن جي تنقيد جو بنياد چئي سگھجن ٿا.

جيڪڏھن غور ڪيو وڃي تھ ”قانع“ ۽ ”خليل“ جي وچ ۾ امتياز نظر اچي ٿو. شاعر بابت اھڙيون صنفون بيان ٿو ڪري، جيڪي ھن جي شاعريءَ جي وضاحت ڪن ٿيون. ”خليل“ پڻ شاعريءَ بابت راءِ ڏئي ٿو.

”مقالات الشعراءُ“ ۽ ”تڪملھ مقالات الشعراءُ“ کي مٿي جيڪي لکي آيا آھيون، تنھن تي قياس ڪرڻ گھرجي. افسوس آھي تھ انھن بزرگن، شاعرن بابت اھڙيون ڳالھيون نھ لکيون آھن، جيڪي تنقيد جي لاءِ مفيد ٿين ھا، جھڙوڪ ھن زماني جا رجحانات ڪھڙا ھئا؟ معاشري جو حال ڇا ھو؟ معاصر شاعرن کان شاعر ڪيترو متاثر ٿيا؟ ۽ خود انھن جو اثر پنھنجن معاشرن ڪھڙو ٿيو؟ انھن جي علمي ڪيفيت ڇا ھئي؟ ڪھڙي ماحول ۾ پرورش پاتي ھئائون؟ معاصرين ۾ انھن جو ڪھڙو مرتبو ھو؟ خود انھن جا ميلانات ۽ رجحانات ڪھڙا ھئا؟ ۽ انھن جي زندگي ڪھڙين حالتن ۾ گذري؟ اسان جن انھن ٻن بزرگن کي اھو موقعو حاصل ھو تھ انھن شاعرن لاءِ گھڻي کان گھڻا حالات لکي سگھن ھا، مگر ائين نھ ٿيو. افسوس آھي تھ اڄ اھا ڪمي ڪنھن طرح پوري نھ ٿي ڪري سگھجي.

بھرحال! ايترو ان مان فائدو ضرور ٿيو تھ ”قاضي قاضن“ تي اعتراض کان پوءِ جيڪڏھن ڪجھھ تنقيدي اشارات ملن ٿا تھ انھن ٻنھي فارسي جي آڳاٽن تذڪرن ۾. جيتوڻيڪ ”خليل“ جو تذڪرو اڄ کان تقريبًا ٧٥ سال اڳي لکيو ويو آھي ۽ اھو عرصو اھو آھي، جو اردو زبان ۾ ”حالي“ جو مقدمھ شعر وشاعري ۽ مولوي ”محمد حسين آزاد“ جو تذڪره ”آب حيات“ ڇپجي چڪا ھئا، جن ۾ فن تنقيد جي تدوين ۽ ترتيب نظر اچي ٿي. پر ”تڪملئھ مقالات الشعراءُ“ ۾ اھا ڳالھھ ايترو نظر اچي ٿي. ڪيترن شاعرن بابت اھو ئي معلوم ٿو ٿئي تھ ھو ڪھڙي زماني ۾ پيدا ٿيو ۽ ھن جو علمي مرتبو ڇا ھو؟ برخلاف ان جي تذڪره آب حيات ۾ ڪوشش ڪئي وئي آھي تھ شاعر جي پيدائش ۽ انھن حالتن جو بيان ڪيو وڃي ھا، جن ۾ شاعر ھوش سنڀاليو ۽ انھن محرڪات جو بھ ذڪر ملي ٿو، جن جي سبب شاعر شعر چوڻ جي طرف ڌيان ڏنو. اسان کي ”محمد ابراھيم خليل ٺٽوي“ ۾ اھا توقع ھئي، پر افسوس آھي تھ موصوف اسان کي مايوس رکيو.

”ثابت علي شاھ“ ١١٥٣ھ مطابق ١٢٤٠-١٢٢٥ھ مطابق ١٨١٠ع:

تنقيد جو تاريخي سلسلو قائم رکڻ لاءِ ھن ڳالھھ کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ”مير علي شير قانع“ جو سال پيدائش ١١٤٠ھ آھي ۽ ”ثابت علي شاھ“ جو ١١٥٣ھ ۽ ”قانع“ جي وفات ١٢٠٣ھ آھي جڏھن تھ ”ثابت علي شاھ“ جي وفات ١٢٢٥ھ ۾ ٿي.

جڏھن ”مير علي شير قانع مقالات الشعراءُ“ لکيو تھ ”ثابت علي شاھ“ جي عمر ٢١ يا ٢٢ سالن جي وچ ۾ ھوندي ۽ ”قانع“ جي وفات جي وقت ”ثابت علي شاھ“ جي عمر تقريبًا ٥٠ سالن جي ھئي. ”قانع“ کان پوءِ تقريبًا ٢٢ سال تائين ”ثابت علي شاھ“ زنده رھيو. اھو انھيءَ لاءِ عرض ڪيو ويو آھي تھ ”ثابت علي شاھ“ ھن جي معاصر ”خير شاھ“ جي وچ ۾ شاعرانھ چوٽون ھليون آھن ۽ انھن ھڪ ٻئي جي ھجو لکي آھي، جن ۾ تنقيدي اشارات ملن ٿا.

ان وقت جي تقاضا موجب جيڪي ڪي ”علي شير قانع“ چيو، انھيءَ سان مليل جليل ڳالھيون ”ثابت علي شاھ“ ۽ ”خير شاھ“ جي ھجون ۾ ھئڻ کپن، ڇاڪاڻ تھ ھر زماني جا ميلانات ۽ رجحانات ساڳيا ٿين ٿا.

اردو ٻوليءَ ۾ ”سودا“، ”مير ضمير“، ”انشاءُ“ ۽ ”مصحفي“ وغيره جون ھجوون محفوظ آھن، پر سنڌي ٻوليءَ جون ھجوون ”ثابت علي شاھ“ ۽ ”خير شاھ“ جون ھجوون، جيڪي ڪنھن زماني ۾ واقعي وجود رکنديون ھيون، اڄ تن جو وجود رڳو روايتي رھجي ويو آھي. سوال آھي تھ جڏھن اھي ھجوون بعد زماني وارن کي دستياب ئي نھ ٿيون تھ ھن جو ذڪر ڇو ضروري سمجھيو ويو؟ ھن جو جواب منھنجو ھڪ تجربو آھي.

چاليھھ کن سال اڳي مرحوم ”ڀرڳڙي صاحب“ جي بنگلي تي ھڪ بزرگ ”سيد امدام علي شاھ صاحب“ سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جيڪو ھڪ جيل ڊيپارٽمنٽ ۾ ملازم ھو. ھي بزرگ ”ثابت علي شاھ“ مرحوم جي اولاد مان ھو. دوران گفتگو ”ثابت علي شاھ“ جي ھجون جو ذڪر نڪتو تھ چيائين تھ اھي ھجوون اسان وٽ محفوظ آھن. انھن کي انھيءَ لاءِ نٿا ڏيکاريون جو بنھھ اگھاڙيون آھن ۽ انھن ۾ فحش لفظ آھن، تنھن ڪري پسند نٿو ڪريان تھ ڪو ٻيو شخص انھن کي ڏسي.

”خان بھادر محمد صديق ميمڻ“ لکي ٿو تھ: ”ھڪڙو سنڌي ھجويھ ڪلام، جنھن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آھن، تنھن ۾ سيوھڻ جي پڙھيلن جي ھجو ڪئي اٿس. ”چڻنگ“ سنڌي ۾ پھرين ھجوو يا ٽوڪبازيءَ وارو شعر آھي، جنھن جو ھتي تفصيل وار ذڪر ڪرڻ ئي خود شاھ صاحب جي شان وٽان نھ آھي. ”سيد امداد علي شاھ“ صاحب (مرحوم ”ثابت علي شاھ“ جي اولاد مان) جنھن کان اسان کي مرحوم ”ثابت علي شاھ“ جو گنج ڏسڻ لاءِ مليو، تنھن جي بھ اھا مرضي نھ آھي تھ ”چڻنگ“ مان ڪي شعر درج ڪجن. اھڙي طرح ٻيو بھ ھجويھ ڪلام آھي، جنھن جو نالو آھي ”لڪڙو“ جيڪو بني اميھ خاندان جي شان ۾ دشمنام دھي جي صورت ۾ ڏنل آھي. انھيءَ ٻنھي ھجون جا جواب ٻين سنڌي شاعرن ڏنا آھن. جھڙوڪ: ”سيد خير شاھ“ ۽ ”سيد فاضل شاھ“ مرحوم ”سڳڙي“ واري ھجو ۾. ”سڳڙي“ ۾ شخصي طرح ”سيد ثابت علي شاھ“ جي گلا ٿيل آھي، جيڪا بھ اسين مناسب نٿا سمجھون تھ ان جو ذڪر ڪريون.“[3]

شاعرن جي تعريف ۾ تنقيدي اشارات:

ھجويھ تنقيد جو نمونو نھ ملڻ جي حالت ۾ انھن شاعرن جو ڪلام پيش ڪريون ٿا، جنھن ۾ ھڪ شاعر ٻئي شاعر جي تعريف ڪئي آھي:

”حاجي امام بخش خادم“ (١٨٦١ع-١٩١٨ع) ”آخوند محمد قاسم“ جي تعريف لکي ٿو:

افصح الفصحاءُ قاسم لئي عيان ٿورو ئي پڻ نيلگون ڏس آسمان

جو ٿيو ھوندو ميان جو مجلسي تنھنکي ھوندو اسم ان جو ورد جان

”خادم“ جي ڪلام مان ثابت آھي تھ ھو ”آخوند محمد قاسم“ کي افصح الفصحا[4] ۽ شعر ۾ لاثاني سمجھندو ھو ۽ ھن جي سامھون ھو بي مثال شاھر ھو.

عبداللطيف ٺٽوي:

قاسم جھونھ ڄاڻان سگھھ سرت جي سڃاڻان

سوره اڳيانس ساڻان ڪمزور ڪل ڪرارا

پھرين مصرع جي پوئين ٽڪري ۾ ”محمد قاسم“ جي سمجھھ جي تعريف ڪئي ويئي آھي، جنھن کي ڇڪي تاڻي آخوند ”محمد قاسم“ جي شاعرانھ سمجھھ جي تعريف چئي سگھجي ٿي، نھ تھ ھي شعر آخوند صاحب جي شخصي تعريف ۾ واقع ٿيو آھي، جنھن کي شاعريءَ جي تعريف سان ڪو لاڳاپو ڪونھي، جنھن ۾ تنقيدي اشارو ملندو ھجي.

عبدالقادر بيدل شڪارپوري:

رنگين چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون

مٽ تنھن سجھي نھ ڪو مون بي حد سندس پسارا

ھن شعر ۾ آخوند جي ڪلام کي موزون ۽ رنگين چيو ويو آھي.

شمس الدين عاصي شڪارپوري:

رنگين غزل بنائي قاسم ڇڏيا کپائي

دنيا مان ويو وڄائي ناموس جا نقارا

”عاصي“ چوي ٿو تھ آخوند جي غزل تي رنگيني ختم ٿي وئي.

محمد امين:

شعر گوئي ۾ نھ مٽ قاسم جي ڄاڻا ڪو ٻيو

جو ٿا ڪن ان جي ثنا عرب وعجم يونان ۾

ان ۾ آخوند جي شعر گوئي جي تعريف ۾ مبالغو ڪيو ويو آھي.[5]

منشي لڇيرام خفتي حيدرآبادي:

لک ھزارين آفرين قاسم ادا توکي ھجي

نڪتھ چيني ۾ ختم بيشڪ آھين ھشيار تون

”خفتي“ جي راءِ ۾ حضرت آخوند ”ھاشم“ عيب جوئي ۾ نھايت ھوشيار ھو.

ھيءَ تعريف تھ نھ ٿي، بلڪھ ھجو مليح ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ نڪتھ فھمي ۽ نڪتھ سنجي قابل تعريف صفتون آھن ۽ نڪتھ چيني معيوب ڳالھھ آھي.

اھڙي طرح آخوند صاحب جا بھ ڪجھھ شعر بعض شاعرن جي ھجو ۽ بعض جي تعريف ۾ آھن. انھيءَ قسم جي ڪلام ۾ بھ بعض اھڙا نڪتا ملن ٿا، جيڪي مفيد تنقيد آھن. اھڙي طرح ”سانگي“، ”گدا“، ”مرتضائي“، ”حامد“ وغيره پنھنجن معاصر شاعرن جي تعريف ڪئي آھي. ”سانگي“ جو زمانو ١٨٥١ع کان ١٩٤٤ع تائين آھي.

ھاڻي اسين اھڙي زماني ۾ اچي پھتا آھيون، جنھن کي اسين ماضري قريب چئي سگھون ٿا. تنھن ھوندي بھ اسان جي ۽ ماضي قريب جي وچ ۾ ھڪ حد فاصل آھي. ان جي مثال ۾ ”سانگي“ جي شخصيت کي پيش ڪري سگھجي ٿو.

”مير عبدالحسين خان“ سانگي، ”مير نصير خان“ واليءِ سنڌ جو پوٽو آھي. ”مير نصير خان“ کي انگريزن قيد ڪري ڪلڪتي اماڻيو ھو.

”سانگي“ شاھ ڀٽائي جي فارسي ٻوليءَ ۾ سوانح عمري لکي آھي ۽ غالبًا سنڌ ۾ اھا فارسي زبان جي آخري سوانح عمري آھي. ”شاھ“ جي سوانح عمري لکندي ”سانگي“، ”شاھ“ جي ڪلام سان بھ ڪٿي بحث ڪيو آھي، ان ۾ بھ ڪٿي ڪٿي تنقيدي اشارا ملن ٿا.

اھڙي طرح ”شاھ“ جي سوانح عمرين تي لکڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، جيڪي ھڪ ٻئي کي ڀيٽڻ سان لکجڻ ۾ آيا. جھڙوڪ: ”مرزا قليچ بيگ“، لعلواڻي ”سگما“، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ ۽ ٻيا. انھن سڀني مان ڊاڪٽر ”ھوتچند گربخشاڻي“ ھڪ اھڙو شخص آھي، جنھن ”شاھ“ تي رايو ڏيڻ وقت تنقيدي ڄاڻ جو سڀ کان گھڻو شعور ڏيکاريو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ١٨٨٤ع-١٩٤٧ع:

”ڊاڪٽر گربخشاڻي“، ”شاھ جو رسالو“ ڊسمبر ١٩٢٣ع ۾ پنھنجي ترتيب سان ٽي ڀاڱا ڇاپايا.

ھي اھو زمانو آھي، جڏھن فن تنقيد مغرب کان سواءِ مشرڪ ھند ۾ بھ ھڪ خاص حيثيت اختيار ڪري چڪو ھو. جيتوڻيڪ مغرب ۾ فن تنقيد ڪمال کي پھچي چڪو ھو، تنھن ھوندي بھ مغربين جي علمي جستجو ان ۾ اضافا جاري رکيا ۽ وقتا فوقتا ان کي وسعت ڏيندا رھيا، تنھن ڪري سنھ ١٩٤٣ع ۾ ”فرائڊ“ جو فلسفو بھ تنقيد ۾ شامل ڪيو ويو.

حقيقت ھيءَ آھي تھ مغرب جو رجحان ثابت ڪري ٿو تھ زندگيءَ سان جنھن جنھن قسم جي ادب جو لاڳاپو رھيو آھي، اوترن قسمن جون تنقيدون بھ آھن. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ صاحب جو وڏو وسيع مطالعو رھيو آھي ۽ فن تنقيد تي ان جي معلومات ڪافي ھئي، تنھن ڪري ”شاھ“ تي اظھار راءِ جي موقعي تي ھو نھايت نڪتھ سنجي کان ڪم وٺي ٿو. مگر مشڪل ھيءَ آھي تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جي بيان کي تنقيدي عمل تھ چئي سگھجي ٿو، پر ان کي فن تنقيد جي ڪتاب سان تعبير ڪري نٿو سگھجي. ڪوشش ڪجي ٿي تھ ڊاڪٽر صاحب جي تحريرن مان اھڙا نڪتا پيش ڪريان، جن مان سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن جي تنقيدي شعور جي ارتقا ثابت ٿي سگھي.

منھنجي خيال ۾ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ کان اڳي سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ۾ تنقيدي شعور ڪافي پيدا ٿي چڪو ھو، مگر ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪارنامن ۾ ان جي ترقي کلي سامھون اچي وڃي ٿي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ تنقيد:

ڊاڪٽر صاحب ”شاھ“ جي رسالي تي ھڪ مقدمو لکيو آھي، جنھن جو عنوان ”مقدمھ لطيفي“ آھي. ان کي پڙھي حيرت وٺي ٿي تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جھڙي ذي علم ڏاڍي جانفشاني ۽ محبت سان ”شاھ“ جي رسالي جون خوبيون اجاگر ڪرڻ ۾ پنھنجو خون جگر صرف ڪيو آھي. مقدمي جي ھڪ باب ۾ جنھن جو عنوان ”شاھ جو شعر ۽ شاعري“ آھي، ”شاھ“ جي ڪلام جي ظاھري ۽ باطني، محسوس ۽ معقول خوبين تي جيڪي ڪي لکيو اٿس، جيتوڻيڪ اھو تنقيد جو روح آھي، مگر انھن سڀني تي ڌيان ڏيڻ مشڪل آھي. تنھن ڪري ڪجھھ نموني طور ٿورو ھتي لکون ٿا، ڪجھھ اھڙا اقتباس پيش ڪريان ٿو جنھن مان سنڌي زبان جي تنقيد جا بعض اصول نھايت نمايان طور تي اچي ويا آھن.

مقدمه لطيفي جو ھڪ جملو آھي:

”شاھ ئي آھي جنھن ۾ ھڪ وڏي شاعر جون ڪلي لياقتون موجود آھن. سندس خيالي قوت جو ھڪ وڏو پرياڻ ھي آھي تھ جيئن جيئن اسين وينداسين سندس شعر تي اونھو غور ڪندا، تيئن تيئن اسان ان لاءِ ويندي نئين نئين حيرت اتپن ٿيندي.“[6]

ھن اقتباس مان ھي شعور پيدا ٿو ٿئي تھ دنيا جي وڏن وڏن شاعرن ۾ اھا ڪھڙي شيءِ ٿئي ٿي جنھن مان ھن جي شھرت عالمگير ٿي وڃي ٿي؟ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ ھن بابت ڏيکاريو آھي تھ اھا قوتِ تخيئل آھي.

اڳتي لکي ٿو تھ: ”ڪنھن بھ شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاھدي ماڻڻ جي قابليت آھي.“[7]

ھن اقتباس ۾ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ اقسام تنقيد مان جمالياتي تنقيد جو ذڪر ڪيو آھي. انھن ٻنھي اقتباسن جو ھيءُ مطلب آھي تھ شعر جي فلسفين قوت تخيئل کي نصف شاعري ٺھرايو آھي. ھر ھڪ مضمون، جيڪو شاعر نظم ڪري ٿو، تنھن ۾ قوت تخيئل جي ذريعي سان دلپذيريءَ ۾ ھڪ جادو لڪائي ٿو ڇڏي ۽ جماليات اھا وصف آھي، جيڪا ادب جي جان ھوندي آھي. بعض محققن ايترو چئي ڇڏيو آھي تھ ادب جو واسطو زندگيءَ جي سڀني شعبن سان آھي، پر جنھن شيءِ کي ادب ڇاتي سان لڳائي ٿو، سا جماليات ۽ صرف جماليات آھي.

انھن ٻنھي ڳالھين مان جتي ”شاھ“ صاحب جي شاعريءَ جي عظمت ثابت ٿئي ٿي، اتي ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جي نڪتھ رسي ۽ دقيقھ فھمي جي داد بھ ڏيڻي پوي ٿي.

”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ پنھنجي مضمون جي منڍ ۾ ئي لکيو آھي تھ: ”جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آھن، تيسين تائين شعر جو ميدان پڻ گرم رھندو ايندو.“[8]

وري چوي ٿو تھ: ”جڏھن انساني سڀاءُ روحاني شين کان وڌيڪ جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آھي، تڏھن شعر جي بازار بھ البتھ بي رونق ٿي ويندي.“[9]


[1]  ‚ سنڌ جي ادبي تاريخ ص٤٩ مؤلف محمد صديق ميمڻ)

[2]   تڪملئھ مقالات الشعراءُ ص٢٤ مؤلف ابراھيم خليل ٺٽوي، طباعت سنڌي ادبي بورڊ، ياد داشت رقعات غالم ۾ ھڪ خط غالب جو بھ حضرت احمد علي احمد جي نالي ۾ ملي ٿو، جنھن مان ھن جو شاعرانھ مرتبو معلوم ٿئي ٿو.

[3]   سنڌ جي ادبي تاريخ مصنف محمد صديق ميمڻ ص٣٥٢

[4]  خادم شاعريءَ ۾ ڪمزور آھي. پھري مصرع ۾ فصحا جي صاد جي زبر کي گھڻو بري طرح سڪون سان بدلايو آھي. وري فصحا جي پوئتان ھڪ اھڙو ھمزو آندو اٿس، جنھن جو عروض ۾ ڪو جواز نھ آھي. (خليل)

[5]   عجب ڳالھھ آھي تھ امين صاحب جي اڳيان عرب وعجم، يونان ۾ گڏجي آخوند صاحب جي تعريف ڪن ٿا. ڇا آخوند صاحب جي تعريف لاءِ يونان ۾ شاعرن جي ڪانفرنس ٿي ھئي، جنھن ۾ عرب وعجم موصوف جي تعريف ڪئي؟

[6]   مقدمه لطيفي ص١٠٥-١٠٦ مصنف ڊاڪٽر گربخشاڻي مطبوعھ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ١٩٣٦ع

[7]   مقدمه لطيفي ص١٠٦-١٠٧

[8]    مقدمھ لطيفي مصنف ڊاڪٽر گربخشاڻي ص١٠٥

[9]   مقدمھ لطيفي مصنف ڊاڪٽر گربخشاڻي ص١٠٥

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org