سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:16 

ھتي ”فتوائون“ جو لفظ جمع جي حالت ۾ غلط استعمال ڪيو ويو آھي. بادشاھ سڀني ڌاڙيلن لاءِ زماني حڪم ڪيو ھوندو يا لکيل، ٻنھي حالتن ۾ ھڪ فتويٰ چئي سگھجي ٿي. حالانڪھ فارسيءَ جي اصطلاح ۾ بادشاھ جي اھڙي حڪم کي توقيع چئبو آھي ۽ فتويٰ خاص قاضي جي لکيل حڪم کي چوندا آھن. اھا بدعت انگريزي حڪومت جي اثر جي آھي، جيڪا ھر ڪنھن جج يا مئجسٽريٽ لاءِ مستعمل ٿي وئي آھي، پر اسان جو اعتراض ”فتوائون“ جمع تي آھي، جيڪو بلڪل ناجائز آھي.

ص٢٥ س٨: ”جوانيءَ جي ميوي اڃا ھاڻ ڪئي پچي لعل ٿيڻ جي آس ڪيئن ڪندو؟“

عقل حيران آھي تھ اھو خود ساختھ ۽ نامانوس جملو ڪيئن گھڙيو ويو آھي؟ جڏھن چئي سگھجي ٿو تھ ”پچي لال ٿيڻ تي آھي“ پر ان ۾ وري تڪبنديءَ جو التزام نٿو ٿئي. مطلب آھي تھ زبان بگڙي تھ ڀل بگڙي پر صنعت جو سلسلو نھ ٽٽي.

ص٢٥ س١١: ”جيئندا قبلا! ھن ڇوڪري اڃا حياتيءَ جي باغ مان ڪوبھ ميوو کائڻ لاءِ نھ ڇاڻيو آھي.“

چوڻ گھربو ھو تھ حياتيءَ جي باغ مان ڪوبھ ميوو نھ کاڌو آھي. ”سعدي“ جي اصل عبارت ھيءَ آھي: ”از باغ زنگاني برنخورده است.“ ھتي ڇاڻيو آھي جي لفظ عبارت جي موزوني برباد ڪري ڇڏي آھي. مصنف کي رڳو تڪبنديءَ جو خيال آھي، باقي سنڌي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ صحيح ھجڻ کان بلڪل بي خيال آھي، جي نھ تھ غلط محاورن جي بگڙيل ترڪيبن آڻڻ کان پاسو ڪري ھا.

ص٧٠- س١٧: ”نرم بسترن تي ليٽڻ وارو، ٺوٺ زمين تي ويھي رھيو الخ.“ ٺوٺ زمين چوڻ غلط آھي، ٺوٺ معنيٰ سڪل. آکاڻي ۾ آھي تھ باھ لڳڻ ڪري سڄو گدام سڙي ويو. اتي ٺوٺ زمين ڪٿان آئي؟ چوڻ گھربو ھو تھ ”نرم بسترين تي ليٽڻ وارو گرم ڦلھير تي ويھي رھيو.“

”سعدي“ جي اصل عبارت ائين آھي: ”و از بستر نرمش بر خاکستر گرم نشاند.“ ترجمي ڪرڻ وقت صنعت ۽ تلازمي تي بھ ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو آھي. نرم بستر ۽ گرم ڦلھيار جي مقابلي ۾ موزونيت تي تھ غور ڪجي ھا.

ص٧٦: ”واتان ھي گفتو ڀٽڪيو الخ“ ڀٽڪيو يعني آوارو ٿيو. گفتي لاءِ ڀڻڪيو چئبو آھي يعني ٿورو ۽ آھستي ڳالھائڻ. ڀٽڪڻ ڪو ڪونھ چوندو آھي.

ص٩٤ سٽ٦ آکاڻي: ”ھڪڙو دنيا جو تارڪ فقير بالشان، بادشاھ وٽ اچي ٿيو مھمان الخ.“ سڄي آکاڻي لکڻ ۾ اجائي ڊيگھھ ٿيندي، رڳو مختصر تنقيد ڪجي ٿي.

آکاڻي جو مطلب آھي ريا واري عبادت جي نلائي ڪرڻ. ”سعدي“ ھن آکاڻيءَ کي ائين شروع ڪري ٿو: ”زاھد مھمان پادشاھي بود.“ يعني ھڪ زاھد بادشاھ جو مھمان ٿيو. زاھد معنيٰ گھڻي عبادت ڪندڙ ۽ رياضت ڪڍندڙ. پر مصنف ان کي تارڪ فقير وڏي شان وارو ٺاھي ڇڏيو، حالانڪھ ”سعدي“ فقط زاھد جي لفظ تي اڪتفا ڪئي آھي. اڳتي ھلي انھيءَ تارڪ فقير جي جيڪا رياڪاري ڏيکاري ويئي آھي، تنھن لاءِ تارڪ بالشان چوڻ بلڪل ناموزون لڳي ٿو. جيڪڏھن فقير تارڪ بالشان آھي تھ رياڪار ٿي نٿو سگھي، پر جيڪڏھن رياڪار آھي تھ ان کي تارڪ فقير بالشان چوڻ لغونيت ۽ ادب داني جي خلاف آھي. ”سعدي“ فقط زاھد جو لفظ ڪتب آندو آھي، پر مصنف فقير جي لياقت کان تمام گھڻو مٿي ويو آھي، جنھن جي اصلي سيرت تھ ھيءَ آھي جو طعام کائڻ وقت پنھنجي گھرج کان گھڻو گھٽ کاڌائين ۽ نماز پڙھڻ وقت ھميشھ جي عادت کان ڊگھي نماز پڙھيائين. ائين انھيءَ لاءِ ڪيائين تھ بادشاھ جو ويساھ ۽ يقين وڌي ۽ عزت ملي مٿاھين. اھڙي رياڪار لاءِ تارڪ فقير بالشان چوڻ ڪيتري قدر موزون آھي؟ تنھن جو فيصلو خود ادب دانن تي ڇڏجي ٿو.

اڳتي مصنف لکي ٿو تھ جڏھن فقير گھر آيو تھ ھن اچڻ شرط طعام پاڻ وٽ گھرايو ۽ کائي پيٽ نڪ سان لڳايو الخ.

”طعام پاڻ وٽ گھرايو“ چوڻ ئي ڪافي ھو، ڇاڪاڻ تھ طعام گھرائڻ جو مقصد ئي کائن آھي. وڌيڪ کائي پي، پيٽ نڪ سان لڳايو چوڻ بلڪل اجايو ۽ بلاغت جي اصول کان ڪريل آھي.

آکاڻي جو نتيجو ھيءُ آھي تھ پٽس چيس تھ بابا سائين! نماز بھ وري ڪريو قضا تھ حاصل ٿيو رب جي رضا. انھيءَ جملي مان ريا واري نماز بيڪار ھجڻ ۽ مورڳو ڏوھھ ٿيڻ جي چٽائي نھ ٿي ٿئي ۽ نڪي تارڪ فقير بالشان جي دل ۾ ھيبت پيدا ڪري ٿي، جنھن جي لاءِ ”سعدي“ جو اصل جملو آھي: ”نماز را ھم قضا کن کھ چيزي نکردي کھ بکار آيد.“

يعني نماز وري قضا ڪر جو ڪارائتو ڪم ڪونھ ڪيئي. انھيءَ مان ريا جي مذموميت پڌري ٿئي ٿي، جنھن کي مصنف جي مقفيٰ عبارت لڳائي ڇڏيو آھي.

ھن ادبي شاھڪار ۾ جتي ھيتريون ڪوڏيون آھن، اتي قيمتي لعلون بھ لڀن ٿيون، جن عبارت کي واقعي وڻندڙ ۽ رنگين بنايو آھي. مثال:

ص٦٥ (٢٢ آکاڻي): ”پر اندر ۾ اھڙو مکي چوس جو مانيءَ جو ڀور نھ ڏيندو ھو راھ خدا ۾. حضرت ”ابوھريره“ جو ٻلو اڳيانس اچي وڃي ھا تھ بھ ان کي گرھ نصيب نھ ٿئي ھا ۽ ”اصحاب ڪھف“ جي ڪتي کي بھ ھو وڏو ڦٽو ڪري نھ ڏئي ھا، نھ ڪڏھن ھن جو دروازو کليل آيو نظر ۽ نھ ڪڏھن مھمانن سان برسيل ڏٺو ويو سندس گھر.“

بھرحال ”شھواڻي“ صاحب جي محنت قابل تنقيد ۽ لائق قدر آھي. ”گلستان“ جھڙا قيمتي، اخلاقي ۽ ادبي ڪتاب جيڪڏھن فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجن تھ ”حق بحقدار رسيد“ وارو معاملو ٿي پوي. سنڌي ادب بھ ڀرجي پوي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ بھ ھوند وڌيڪ وسعت پيدا ٿئي ۽ مسلمانن جو ادب بھ مسلمانن کي پڙبي. ”شيڪسپيئر“ ۽ ”برناڊ شاھ“ جي ناولن کان پوءِ بھ اسان جا پنھنجا فارسي ۽ اسلامي ڪتاب اسان لاءِ وڌيڪ مفيد ٿيندا.“

ڪتاب مقدمه لطيفي:

اھو ڪتاب آنجھاني ”ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاني“ جو لکيل آھي. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي محنت ۽ قابليت سان ”شاھ ڀٽائي رحھ“ جو رسالو گڏ ڪري ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ بيتن جي شرح ڏيئي ڇاپايو آھي. ڊاڪٽر صاحب جي اھا محنت قابل قدر آھي.

مقدمھ لطيفي ۾ شاھ صاحب مرحوم جي حياتي جو احوال تفصيل وار ڏنل آھي. ان ۾ شاھ صاحب جي تعليم، مذھب، سير وسياحت، شاعري ۽ تصوف بابت چڱو بحث ڪيو ويو آھي.

مقدمھ لطيفي ۾ ڊاڪٽر صاحب بحيثيت سوانح نگار يا مؤرخ جي ڪيتريون غلطيون ڪيون آھن، جن تي اسين روشني وجھڻ ضروري سمجھون ٿا.

اڪثر تذڪرا مختصر ھوندا آھن، جن ۾ عبارت آرائي ۽ لفظن جي انار کان سواءِ، نفسي مضمون بابت ڪو ٿورو ذڪر ھوندو آھي، جنھن جي ڪري ڪيتريون ضروري ڳالھيون رھجي وينديون آھن. مگر مقدمھ لطيفي انھن کان بچيل آھي. ڊاڪٽر صاحب ھر ھڪ ڳالھھ کولي لکي آھي ۽ ان ۾ زبان بھ سليس ۽ سھڻي ڪتب آندي اٿس، جنھن ڪي پڙھڻ سان دل کي فرحت اچي ٿي. اسلوب بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آھي، جنھن جي ڪري قبول ڪرڻو ٿو پوي تھ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ھيٺين تذڪرن جي مطالعي کان پوءِ پنھنجو مقدمو مرتب ڪيو آھي، يعني اھي ڊاڪٽر صاحب جا ماخذ ھئا. جھڙوڪ:

(١) ”تحفة الڪرام“ مصنف ”مير علي شير قانع ٺٽوي“ (٢) ”مرغوب احباب از نظر علي بلوچ“ جنھن ۾ لنواري جي بزرگن جون سوانح عمريون آھن. (٣) ”سر رچرڊ برٽن“ جو ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو نديءَ ۾ رھندر قومون“ (٤) ”سر بارٽل فريئر“ جي لاءِ سنڌي ۾ لکيل شاھ جي سوانح عمري، جنھن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. اھي ٻئي قلمي نسخا ڪمشنر جي خانگي ڪتب خاني ۾ آھن. (٥) ”ديوان گدومل (سگما)“ جو ڇپيل ھڪ رسالو ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ جنھن ۾ ڳچ حصو شاھ جي احوال بابت آھي. (٦) ”شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ“ جو لکيل ڪتاب ”شاھ عبداللطيف جو احوال“ (٧) ھز ھائينس ”مير عبدالحسين خان سانگي“ جو ”لطائف لطيفي“ پارسيءَ ۾ جيڪو انھن ڏينھن ۾ اڻ ڇپيل ھو. ھاڻي انجمن مرڪز ثقافت شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ سنھ ١٩٦٧ع ۾ ڇپائي ڇڏيو آھي.

شاھ صاحب جي تعليم بابت ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ لکي ٿو تھ پنجن يا ڇھن ورھين جي ڄمار جو ٿيو تھ سندس والد کيس ”آخوند نور محمد“ وٽ پڙھڻ ويھاريو. انھيءَ سڄي آندل روايت مان ظاھر ٿو ٿئي تھ شاھ صاحب ”آخوند نور محمد“ وٽ الف کان سواءِ ب جي بھ تعليم ڪانھ ورتي. اھا روايت اھڙي آھي، جنھن تي ڊاڪٽر صاحب کي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سڄي حقيقت ظاھر ڪرني کپندي ھئي. ھاڻي ڏسو تھ مٿي صفحھ١٨ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو آھي تھ ننڍي وھيءَ کان وٺي ڪڏھن ڪڏھن وجد ۽ حال ۾ اچي ويندو ھو. ھو پنھنجن جيڏن ۽ سرتن کي علم الاھي جي باريڪ نڪتن تي وعظ ڪندو ھو ۽ پڻ اچرج جھڙيون ڪرامتون ڏيکاريندو ھو الخ.

اسين ڪشف ۽ ڪرامت جا قائل آھيون. الله تعاليٰ پنھنجن ڪن مخصوص ٻانھن کي ظاھري استعداد جي ذريعي کان سواءِ ئي علم لدني عطا ڪندو آھي. اھا ڳالھھ باري تعاليٰ جي شان وٽ بلڪل آسان آھي، جو نبين کي وحي جي ذريعي ۽ ولين کي الھام طور عطا ٿو ٿئي. پر مٿئين روايت مان شاھ صاحب جو ”آخوند نور محمد“ وت پڙھڻ ۽ متداول علم حاصل ڪرڻ ثابت ٿو ٿئي، جنھن جا ضروري ڀاڱا خوش اعتقاديءَ جي پردي ھيٺ غائب ٿي ويا آھن.

بيشڪ شاھ صاحب ڄاپندي ڄام ھو. قدرت ھن جو استاد ھئي، ڪائنات جو ورق ورق سندس تعليم ۽ تربيت ۽ عبرت جو ڪتاب جو، قدرت ھن کي آرسيءَ کان وڌيڪ صفا دل عطا ڪئي ھئي، ڄمندي ئي پنھنجي سيني ۾ معرفت قرب الي الله جي علم جا اڻ کٽ خزانا کڻي آيو ھو. ايتري ھوندي بھ عالم اسباب جي رسم موجب سندس والد متبرڪ کيس ”آخوند نور محمد“ جي اڳيان شاگرد طور پيش ڪيو ۽ علم پرائڻ جو حڪم فرمايائينس. قرآن شريف ۾ بار بار والدين جي فرمانبرداري ۽ سھڻي حسن سلوڪ ڪرڻ جي تاڪيد فرمايل آھي. ھيءَ ڳالھھ عقل ڪيئن وسھندو تھ سعادتمند ۽ ڄاپبندي ڄام ٿيل فرزند، پنھنجي والد جي حڪم جي انحرافي ڪري؟ جڏھن تھ کيس اھا خبر بھ آھي تھ پيءُ کي راضي ڪرڻ ۽ ان جي حڪم مڃڻ جو الله تعاليٰ تاڪيد فرمايو آھي.

روايت جو اھو ضروري ٽڪرو خوش اعتقاد راوين ۽ بزرگن جي عظمت کي بلند درجي تي پھچائڻ وارن فقيرن پنھنجي خيال موجب حذف ڪري ڇڏيو ٿو ڏسجي، جي نھ ثابت ٿو ٿئي تھ شاھ صاحب جي رسمي علمن جي چڱي طرح تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس استاديءَ جو اھو شرف آخوند نور محمد ئي حاصل ڪيو ھو، جنھن وٽ فارسي ۽ عربي علم جي مڪمل تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿي نڪتو.

سنياسين، جوڳين جي صحبت ۽ انھن سان گڏجي ھنگلاج، جيسلمير ۽ ٻين ملڪن جي ڪيترن ڀاڱن جو سير ڪرڻ سڀ قبول ڪن ٿا ۽ خود ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب بھ لکي ٿو تھ: ”اتڪل ٽي سال سفر ۽ سياحت ۾ صرف ڪيائين ۽ اھڙي طرح دنيا جو گھڻو تجربو حاصل ڪيائين.“

ڇا ھڪڙو عارف بالله جنھن کي ظاھري علم پرائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھ ھئي، سو جوڳين ۽ سنياسين جي سنگت جو محتاج ھو؟ اسلامي علمن کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي؟ جوڳين ۽ سنياسين وٽ ڪن مخصوص شعبن ۽ ھٿ ناٽن کان سواءِ ٻيو ڇا ھو جو شاھ صاحب جھڙي عارف حاصل ڪيو ھوندو؟

بھرحال! انھيءَ بحث کي ڇڏي اسين ھيترو چونداسون تھ شاھ صاحب ظاھري علمن جو وڏو عالم ۽ فاضل ھو ۽ اھو علم آخوند نور محمد وٽان حاصل ڪيو ھئائين، جنھن جي تڪميل ٺٽي ۽ ٻين درسگاھن ۾ ڪيائين. البتھ اھو ٽڪرو راوين حذف ڪري ڇڏيو آھي.

”ڊاڪٽر ٽرمپ“ جي بھ راءِ آھي تھ شاھ جو رسالو ئي ڪافي ثبوت آھي، جنھن ۾ عربي ۽ فارسي زبانن جو اونھو محاورو ڏيکاريل آھي.

ھي سچ آھي تھ علم فقھ، منطق، معاني وغيرھ کي وري ڪم ۾ ڪونھ آندائين پر تفسير، حديث ۽ تصوف تي توڙ تائين ڪاربند رھيو، جنھن جو ثبوت سندس رسالي ۾ موجود آھي.

شاھ جي رسالي پڙھڻ مان ڪيترين آيتن جو تفسير، علم حديث جي شرح ۽ مثنوي مولانا روم جي خيالن جي ترجماني معلوم ٿئي ٿي. ميان نور محمد ڪلھوڙي جو ڏنل مثنوي جو قلمي نسخو شاھ صاحب سان ھر وقت گڏ رھندو ھو. اھي سڀ ثابتيون ڏيکارين ٿيون تھ شاھ صاحب اسلامي تصوف جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي ھئي.

تحفة الڪرام جي مصنف ھڪ تاريخي ماده يعني ”بود خبيث“ جي جاءِ تي شاھ صاحب جي اصطلاح ڪيل جملي يعني ”يک مغل بھ بوده“ لکي ان کي ڪرامت ثابت ڪيو آھي. اھا ڪرامت جي ڳالھھ بلڪل پوري، پر تڏھن بھ ان مان ايترو معلوم ٿئي ٿو تھ شاھ نھ رڳو فارسيءَ مان واقف ھو، پر فن تاريخ گوئي جو بھ ماھر ھو، جو اھل علم جي خصوصيت آھي.

اھل علم کان ھيءَ ڳالھھ لڪل نھ آھي تھ تاريخ گوئي جو اھو علم، علم ابجد جي مقرر ٿيل عددن تي منحصر آھي ۽ ھي اھڙو علم آھي، جنھن جو تحصيل سان واسطو آھي. جيڪي ماڻھو شاھ صاحب جي تحصيل علم جا قائل نھ آھن، تن جي لاءَ ھيءُ غور ۽ فڪر جو مقام آھي. پھرين تھ ”خبيث بود“ جو مادو جنھن شخص بھ ڪڍيو، تنھن جو علم قابل تحسين آھي، پر شاھ صاحب جو في البديھھ ھن عبارت مان سنھ وفات ڪڍڻ ”يک مغل بھ بوده“ پھرين شخص جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذڪاوت جو ثبوت آھي ۽ ھن اخلاقي نڪتھ جو تھ ڪو جواب ئي نھ آھي، جيڪو خبيث بود جي مقابلي ۾ پيش ڪيو ويو. خبيث بود مان مرڻ واري جي عيب ڏانھن اشارو نڪري ٿو، مگر حييث نبوي جي مطابق مرڻ واري کي چڱن لفظن سان ياد ڪرڻ گھرجي. انھيءَ لاءِ شاھ صاحب ھن عيب جوئي جي اصلاح ڪندي ”يک مغل بھ بوده“ جو جملو ارشاد فرمايو. ان مان نھ رڳو شاھ صاحب جي علم جو اظھار ٿو ٿئي، بلڪھ ھن درويشانھ اخلاق جو بھ پتو پوي ٿو.

شاھ صاحب جو مذھب

ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب مقدمھ لطيفي ۾ ”شاھ جو مذھب“ جي عنوان سان شيعھ ۽ سني جو بحث ڇيڙيو آھي، پر ان ۾ جيڪو پنھنجو رايو ڏيکاريو اٿس، تنھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ ڊاڪٽر صاحب کي اسلامي عقيدن جي بلڪل خبر ڪانھي، پر شيعھ سني جي اختلافي مسئلن کان بھ صفا اٻوجھھ آھي. يا تھ اھو بحث ڇيڙي ئي نھ ھا، پر جي ڇيڙيو ھئائين تھ پوري علم ۽ تحقيق سان بحث ڪري ھا. ڊاڪٽر صاحب جي عبارت آھي:

”شاھ عبداللطيف پنھنجن ابن ڏاڏن وانگر سني مذھب جو ھو، مگر ڪن ڳالھين ۾ سندس روش شيعن جھڙي بھ ھئي. آل رسول لاءِ گھڻي محبت ۽ قرب ھوندو ھوس. پنھنجي ڪلام ۾ حضرت علي ۽ امامن ڏانھن خاص اشارا ڪيا اٿس. سر ڪيڏارو تھ سڄو امامن جي شھادت جي ذڪر سان ڀريو پيو آھي، الخ.“

ھيٺ ھلي فيصلو ڪري ٿو تھ: ”ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ شاھ نڪي سني ھو، نڪي شيعو، الخ.“

عجب آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي سڄا ٻھ صفحا ڪتاب جا ڀري ويو آھي، پر حقيقت جو ھڪ اکر بھ سندس قلم مان نھ نڪتو آھي. ڊاڪٽر صاحب آل رسول جي حب ۽ حضرت علي ۽ امامن سڳورن جي محبت خاص شيعن لاءِ مخصوص ٿو ڪري، گويا سني آل رسول، حضرت علي ۽ امامن سڳورن جي محبت نٿا رکن. انھيءَ عبارت لکڻ وقت ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جيڪڏھن سنين جي عقيدن جا ڪتاب ڏسي ھا تھ پڪ آھي تھ اھا عبارت پنھنجي ڪتاب ۾ ڪڏھن بھ داخل نھ ڪري ھا. سني مذھب ۾ آل رسول، حضرت علي ۽ امامن سڳورن جي محبت، بلڪھ ان کان بھ زياده فارسيءَ جا ھي ٻھ بيت، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جي خيال کي رد ڪن ٿا:

بنده پرودر گارم امت حضرت نبي

دوستدار چار يارم تابع اولاد علي

مذھب حنفيھ دارم ملت حضرت خليل

خاکپائي غوث اعظم زير سايھ ھر ولي

انھن بيتن جي مصرغ ”دوستدار چار يارم تابع اولاد علي“ تي غور ڪري ھا تھ خبر پويس ھا تھ ڇا آھي؟ چئن يارن ۾ حضرت علي بھ شامل آھي، جنھن جي دوستي جو اقرار ڪيو ويو آھي ۽ اولاد علي ۽ حضرت امامن بلڪھ ٻارھن امام بھ شامل آھن ۽ انھن سان گڏ سڄو ساداتن جو سلسلو مراد آھي، جيسين تائين قائم آھي. ”شيخ سعدي رحھ“ سني آھي، پر بوستان ۾ فرمائي ٿو:

خدايا بحق بني فاطمھ

کھ بر قول ايمان کنم خاتمھ

اگر دعوتھم رد کني ور قبول

من ودست ودامان آل رسول

انھن بيتن ۾ بني فاطمھ مان ڇا مراد آھي ۽ اھي ڪھڙا آھن جن جي وسيلي خاتمھ بر ايمان جي دعا گھري ٿو ۽ آل رسول جي دامن جھلڻ ئي سعادت سمجھي اٿس؟

اھل سنت جا مجتھد، عالم، صوفي، مفسر، محدث ۽ متڪلم وغيرھ سڀ آل رسول، حضرت علي ۽ امامن سڳورن جي محبت جا قائل ۽ معتقد آھن. آل رسول جي محبت بابت شيعن ۽ سنين ۾ فرق آھي ئي ڪونھ. اصولي فرق فقط خلافت جي باري ۾ آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو شاھ ڀٽائي رحھ بابت فيصلو ڪرڻ تھ نڪي شيعو ھو نڪي سني، حد درجي جي گستاخي آھي، جنھن مان شاھ صاحب جي نسبت ڪيترا اجايا وھم ۽ بڇڙا خيال پيدا ٿين ٿا، جن جو باني ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي باري ۾ بلڪل تنگ نظر، بي حوصلھ ۽ اڻ ڄاڻ ثابت ٿيو آھي ۽ صوفي جي اشتقاق سمجھڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي اٿس. جيئن تھ لکي ٿو تھ: ”ڪن جو وري چوڻ آھي تھ ”اھل الصفة“ مان نڪتل آھي، جيڪا غريب مھاجرن جي ٽولي ھئي ۽ مسجد نبويءَ ۾ خيرات وٺڻ لاءِ وڃي ويھندي ھئي.“

ڊاڪٽر صاحب جي معلومات خصوصا اسلامي معلومات جي قلعي اتي ئي کلي تھ اصحابِ صفه وارن بزرگن اصحابن سڳورن کي خيرات وٺندڙ ٽولي سمجھيو آھي، حالانڪھ اھا پاڪ جماعت خيرات وٺندڙ ٽولي نھ ھئي، بلڪھ علم حاصل ڪندڙ جماعت ھئي. اصحاب صفه اھي مقدس اصحاب ھئي، جن لاءِ حضرت سرور ڪائنات ' ھڪ پال ھڻايو ھو. ھيءُ بزرگ انھيءَ ۾ رھندا ھئا ۽ ھر وقت حضرت جن جي حصور ۾ حاضر ٿي، اسلامي تعليم حاصل ڪندا ھئا. ھنن جو ڪم خيرات وٺڻ نھ ھو بلڪھ علم پرائڻ ھو. البتھ انھن جي کاڌي پيتي لاءِ سردار جن بيٺل اصحابن کي فرمائيندا ھئا تھ: ”ھنن جي مدد ڪندا ڪريو ۽ کاڌو ڪپڙو ڏيندا ڪريو.“

اصحاب صفه جي پاڪ جماعت نھ تھ ڪڏھن ڪنھن کان خيرات گھري ۽ نھ ڪنھن جي اڳيان سوال جو ھٿ ڊگھيڙيو.

تصوف جو بنياد قرآن شريف تي:

اسلام جي تعليم آھي: غير الله جو خيال قلب مان صفا ڪڍي ڇڏڻ ۽ ھر وقت اٿي ويٺي، کائڻ پيئڻ، نماز روزا، عبادتون، جيئڻ ۽ مرڻ سڀ الله تعاليٰ جي رضامندي ۽ سندس قرب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمجھڻ.

اسلامي تصوف جو بنياد شريعت جي ڪمن جي دل وجان سان بجا آوري ۽ حضرت رسول الله ' جي سچي محبت ۽ سندن سنت تي ثابت ٿي ھلڻ ئي آھي. شريعت جي ڪامل پابندي کان سوا٣ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزل تي ھرگز ھرگز پھچي نٿو سگھبو.

خلاف پيمبر کسڍ رھ گزيد             کھ ھرگز بمنزل نخواھد رسيد

شاھ صاحب جو طريقو بيشڪ صوفي ھو، پر اھو تصوف جيڪو خاص قرآن شريف جي تعليم ۽ سنت رسول الله ' جي پيروي تي آھي، جيئن پاڻ ھن بيت ۾ فرمائي ٿو:

وحده لا شريڪ له چؤ چوندو آءُ

فرض واجب سنتون تنئون ترڪ مباءِ

توبه سندي تسبيح پڙھبي سا پڄاءِ

ننگا پنھنجي نفس کي ڪا سنئين راءِ سنھاءِ

سپريان جي ڳالھڙي ھئي ھنين سين لاءِ

تھ سندي دوزخ باھ تو اوڏيائي نھ اچي

”شاھ صاحب“ انھيءَ بيت ۾ توحيد، شريعت، طريقت ۽ معرفت جو سچو رستو ڏيکاري ويو آھي ۽ انھيءَ تي ھلڻ جي ھر ھڪ طالب کي تلقين ڪندي ٻڌائي ٿو تھ دوزخ جي باھ توکي بلڪل اوڏو نھ ايندي ۽ انھيءَ بيت ۾ توحيد، توبه ڪرڻ، شريعت جي پابندي، فرض، واجب، سنت نھ ڇڏڻ ۽ شريعت جي سڌي واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڏئي ٿو. اھو آھي صحيح اسلامي تصوف، جنھن جي ويدانت ۾ بوءِ بھ ڪانھي.

تصوف جو ھي مطلب نھ آھي تھ ھنن ڳالھين تي بحث ڪجي تھ دنيا ڇا آھي؟ انسان جي ھستي ڇا آھي؟ خدا ڪير آھي؟ وحدت ۽ ڪثرت جو مطلب ڪھڙو آھي؟ اھي فروعي ڳالھيون آھن. تصوف جو مطلب آھي قلب کي صفا ڪرڻ ۽ صفا رکڻ جيئن محبوب حقيقي جو مشاھدو ماڻي سگھجي ۽ سندس قرب حاصل ٿئي.

الله تعاليٰ جو قرب ڪيئن حاصل ڪجي؟ ان جو رستو قرآن شريف بلڪل پڌري طرح ٻن لفظ ۾ ٻڌائي ڇڏيو آھي: واسجد واقترب يعني سجدو ڪر ۽ ويجھو ٿي يعني الله تعاليٰ کي سجدو ڪندو رھ (ان جي عبادت ڪندو رھ ۽ نماز پڙھندو رھ) تھ الله تعاليٰ جو قرب حاصل ٿيندو. قرآن شريف قرب حاصل ڪرڻ جو صحيح ۽ سچو رستو صرف اسلام جي صحيح تابعداري ۽ بندگيءَ کي مقرر ڪيو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب فرمائي ٿو تھ: ”عاشقن ۽ صوفين جو مذھب عليحدو آھي. ھو نڪي مسلمان، نڪي مؤمن، نڪي ڪافر، الخ.“

اسان جو چوڻ آھي تھ جيڪي عاشق الله جا يا صوفي سچا آھن، تن جو ڪو ڌار مذھب ڪونھي. انھن جو مذھب اسلام، قرآن شريف ۽ سنت جي سچائي سان تابعداري آھي. الله تعاليٰ جو عشق اھو آھي، جو ان جي حڪمن جي پيروي ڪئي وڃي ۽ ان جي ڪلمن کي بلند ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان دلي محبت نھ رکي وڃي ۽ سارو توجھھ ان ڏي ھجي، جيئن شاھ صاحب ٿو چوي: ”سوکو ھوندو سو جنھن جو عشق الله سين.“ خدا جي دوستن ائين ئي ڪيو آھي، جنھن جو مثال حضرت امام حسين عليه السلام ڏاڍي صداقت ۽ چٽائي سان پڌرو ڪري ڏيکاريو آھي.

مٿئين پئرا گرافن ۾ مون جيتوڻيڪ ڪي ڳالھيون لکيون آھن. جي انھيءَ طرح صحيح آھن، جيئن مون لکيون آھن، پر تنھن ھوندي بھ انھن ڳالھين مان ئي بعض ڳالھين تشريح طلب آھن. مثلا:

1)        تصوف جو ھيءُ مطلب نھ آھي تھ ھنن ڳالھين تي بحث ڪجي تھ دنيا ڇا آھي؟ انسان جي ھستي ڇا آھي؟ خدا ڪير آھي؟ وحدت ۽ ڪثرت جو مطلب ڪھڙو آھي؟ اھي فروعي ڳالھيون آھن. يقينا وحدت وڪثرت، الله ۽ ھن جي بندگي اھڙا مضمون آھن، جن تي بحث ڪرڻ مان ڪو فائدو نھ آھي، مگر الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ جڳھھ جڳھھ تي فرمايو آھي تھ ڇا اوھين خدا جي نشانين ۾ تدبر نٿا ڪريو؟ ھي ۽ انھيءَ قسم جي ٻين قرآني آيتن جي منشا ھيءَ آھي تھ من ڪائنات ۽ ان جي ھر ھڪ شيءِ تي غور ۽ فڪر ڪيو وڃي ۽ انھن ۾ تعقل ۽ تدبر ڪيو وڃي ۽ ظاھر آھي تھ بحث ۽ غور وفڪر ۾ وڏو فرق آھي.

بحث ۾ اڳلو پنھنجي مخاطب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ جيڪڏھن مڃڻ جھڙي ڳالھھ ھوندي تھ مڃيندو آھي ۽ جيڪڏھن ھن جي ويجھو مخاطب جي ڳالھھ صحيح نھ ھوندي تھ ھو دليلن سان ان جي ترديد ڪندو آھي. ظاھر آھي تھ ان مان تدبر ۽ تفڪر جو فائدو حاصل نھ ٿيندو، مگر الله تعاليٰ جو حڪم ڪائنات ۽ ان جي ھر چيز تي غور ڪرڻ جو آھي ۽ ان ۾ تفڪر جي ضرورت آھي.

قرآن حڪيم ۾ اقيموا الصلواة جو بار بار تاڪيد ڪيل آھي ۽ انھيءَ تاڪيد سان گڏ تفڪر ۽ تعقل جو حڪم پڻ. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو تھ فرض نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ بھ الله تعاليٰ جي حڪم جي تعميل پوري نٿي ٿئي، بلڪھ نماز پڙھڻ سان گڏوگڏ ڪائنات ۽ خود پنھنجي نفس ۾ الله تعاليٰ جي نشانين ۾ تدبر ۽ تفڪر باقي رھي ٿو.

قرآن ڪريم جي آيت آھي، جنھن جو ترجمو آھي:

”قريب آھي تھ اسين پنھنجيون نشانيون انھن کي (يعني قرآن ۽ سنت تي يقين رکڻ وارن کي) ڏيکارينداسون. آفاقي يعني سڄي دنيا ۽ خود انھن جي نفسن ۾، تاڪھ انھن تي ھيءُ واضح ٿي وڃي تھ اھو ئي (يعني الله) حق آھي.“

ھن آيت مان صاف ظاھر ٿو ٿئي تھ ڪائنات جي ھڪ ھڪ شيءِ ۽ ھر ھڪ انسان جو ذاتي نفس الله جي ھڪ نشاني آھي ۽ اھو انھن نشانين ۾ خود حق جي ذاقت اقدس ومقدس آھي.

ان مان ثابت ٿيو تھ جنھن حالت ۾ نمازي فرض نماز ادا ڪري ٿو، تنھن حالت ۾ اھو خود خدا جي نشاني بھ ٿئي ٿو ۽ اھو بنا غور وفڪر جي انسان تي منڪشف نٿو ٿي سگھي.

2)       تصوف جو مطلب آھي قلب کي صفا ڪرڻ ۽ صفا رکڻ.

ھن جي تشريح ھيءَ آھي تھ اھو ئي مؤمن ۽ مسلمان، جيڪو نماز جو پابند آھي، سو تزڪيھ نفس جو بھ محتاج آھي. قرآن ڪريم فرمائي ٿو:

قد افلح من تذکيٰ.

انھيءَ شخص فلاح حاصل ڪئي جنھن تذڪيھ نفس ڪيو.

ان مان ثابت ٿيو تھ نماز جي پابندي سان گڏوگڏ تذڪيھ نفس بھ ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن نفس جو تذڪيو نھ ٿيندو تھ خود انسان جو نفس ۽ آفاق، جي الله جون نشانيون آھن، سي ھن تي منڪشف نھ ٿينديون ۽ جيڪڏھن ھي انڪشاف نھ ٿيندو تھ الله ۽ بندي جو تعلق نمازي نھ سمجھي سگھندو.

3)       جيئن محبوب حقيقي جو مشاھدو ماڻي سگھجي.

مون فقط اھو مشاھدو استعمال ڪيو آھي. قرآن شريف ۾ آھي:

”وھو عليٰ کل شيء شھيد.“ يعني الله ھر شيءِ کي ڏسڻ وارو آھي ۽ گواھي ڏيڻ وارو آھي.

يعني الله جي ذات پاڪ شھيد آھي ۽ شھيد جو لفظ شھادت مان ٺھيو آھي، جنھن جي معنيٰ اکين سان ڏسي گواھي ڏيڻ آھي ۽ لفظ شھادت سان ئي مشاھدي جو لفط مشق آھي. قرآن شريف ۾ جڳھھ جڳھھ تي صاف طور سان بيان ڪيو ويو آھي تھ الله جي ذات ھر شيءِ تي محيط آھي، جيئن تھ ھڪ آيت مقدسھ آھي:

”وکان الله بکل شيء محيط.“ ۽ الله جي ذات ھر شيءِ کي گھيري ڇڏيو آھي.

يعني افق ھجي يا نفس انسان جي تخليق الله جي وجود سان آھي ڇاڪاڻ تھ ھن فرمايو آھي: اول آھي ۽ اھو ئي آخر آھي ۽ اھو ئي ظاھر آھي ۽ اھو ئي باطن آھي.

اردو جو شاعر انھيءَ مضمون کي ھيئن ٿو ادا ڪري:

اصل شھود وشاھد ومشھور ايک ھڍ

حيران ھوڻ پھر مشاھده ھڍ کس حساب ميڻ

ھن بيان مان ھي غرض آھي تھ شريعت ظاھري جي پابندي سان تذڪيھ قلب بھ ضروري آھي ۽ جڏھن تذڪيھ قلب ٿي ويندو تھ سالڪ فڪر ۽ تعقل جي ذريعي مشاھدي جي مقام تي پھچي ويندو ۽ ھي مقام اقيموا الصلواة کان سواءِ ڪنھن ٻئي طريقي سان حاصل نٿو ٿئي.

جنھن حالت ۾ قرب بابت اڳي ئي لکي چڪو آھيان، تنھن ڪري مون باقي ٽن ڳالھين جي تشريح ڪري ڇڏي آھي. ان مان جتي ھيءَ ڳالھھ ثابت ٿي تھ اسلام يا ايمان سواءِ قرآن شريف ۽ شريعت جي حاصل نٿو ٿئي، اتي ھيءَ حقيقت پاڻيھي ثابت ٿيو وڃي تھ خواه ڪو ڪيترو ئي وڏو عارف ڇو نھ ھجي ۽ خواه ڪيترو ئي فنا في الله ڇو نھ ٿي چڪو ھجي، سو بنان قرآن شريف ۽ شريعت مصطفوي جي پابندي ناممڪن آھي تھ مسلمان ۽ مؤمن رھي سگھي. رڳو منھنجي انھيءَ ھڪ تشريح مان ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ان عقيدي جي ترديد ٿيو وڃي تھ عاشق يا عارف جو تعلق اسلام يا شريعت سان نٿو ٿئي ۽ عاشق جو ڪو مذھب نٿو ٿئي.

ھاڻي رھجي ويو شاھ صاحب جي ھن قول جو معاملو تھ: ”سوکو ھوندو سو جو عشق الله سين“ تھ ھن مسئلي تي سنڌي زبان ۾ ڪو ادبي ذخيرو نٿو ملي، البتھ عربي، فارسي ۽ اردو جي عرفاني ذخيره ادب ۾ ھن جي تشريھ ڪثرت سان ملي ٿي. آءٌ ھن تي ڪجھھ اشارا لکان ٿو. مولانا جامي جي ھڪ مصرع آھي:

”العشق اذاته ھو الله ابن است.“

يعني عشق جڏھن مڪمل ٿي وڃي ٿو تھ اھو ئي الله آھي. يعني بقول شاھ صاحب جي سوکو اھو ئي آھي، جنھن جو عشق الله سان آھي.

ھن سلسلي ۾ ھڪ نھايت سڌي ۽ سچي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ الله ڪا اھڙي شيءِ نھ آھي، جنھن کي اسين ڏسي سگھون يا سمجھي سگھون تھ ان سان عشق ڪيئن ممڪن آھي، ڇاڪاڻ تھ خود قرآن حڪيم ۾ آھي ”لا شريڪ له“ يعني ھن جو ڪو شريڪ نھ آھي ۽ ”ليس کمثله شيء“ يعني ان (الله) جو مثال ڪونھ آھي، تنھن ڪري عشق جون سڀئي واٽون بند ٿي ويون مگر ان جي باوجود بنان عشق ومحبت جي اسان جو روزو نماز تائين مقبول نھ آھي. اھڙي ذات سان عشق ڪھڙي طرح ممڪن آھي؟ ھي سوال اھل ظاھر جي لاءِ گھڻو مشڪل آھي، مگر صوفين جي ويجھو ھي سڀ کان وڌيڪ سولو سوال آھي.

الله جي ذات مطلق خارج ۾ ڪٿي موجود نھ آھي، مگر ڪتاب وسنت جي تشريح جي مطابق اول کان وٺي ابتدا تائين پوري ڪائنات وجود الاھيھ سان موجود آھي. يعني ڪائنات جي ذره کان وٺي آفتاب تائين ”کل يوم ھو في شان“ يعني ھو ھر وقت نئين تجلين ۽ نون نون لباسن ۾ ظاھر آھي. تنھن ڪري جڏھن ھڪ عارف يا الله جو ھڪ ولي يا الله جو ھڪ عاشق ڪنھن شيءِ کي بھ ڏسي ٿو تھ ھن جي ماھيت ھو سمجھي ٿو.

فرض ڪريو تھ ھڪ داناءُ شخص جنھن ٻي شخصيت کي ڏٺو ۽ ھن تي عاشق ٿي ويو، ھاڻي جنھن حالت ۾ ھي داناءُ شخص ڄاڻي ٿو تھ (قرآن جي ھڪ آيت جو ترجمو آھي) ”۽ ھر ھڪ شيءِ جنھن کي الله کان سواءِ مخاطب ڪريو ٿا، باطل آھي.“

ان مان عاشق ھي سمجھي ٿو تھ جنھن صورت تي ھو عاشق ٿيو آھي، سا بھ ذات مطلق جي ھڪ تجليءِ مقيد آھي. بلڪل انھيءَ طرح جھڙي طرح خود عاشق جي ذات ھڪ محدود ۽ متعين شخصيت آھي. تنھن ڪري عاشق ۽ معشوق ٻئي وجود الاھيھ جو موجود ۽ مقيد شان آھن. ڪنھن بھ تجلي جو عشق الله جي عشق کان سواءِ ھن جي غير جو عشق نھ آھي ۽ ھي مسئلو توحيد باري جي تشريح جي عين مطابق آھي.

ھاڻي الله جو عشق، جيڪو بظاھر غير ممڪن معلوم ٿي ٿيو، سو بديھي طور ممڪن ٿي ويو. فرمايو ويو آھي: ”رضي الله عنھم ورضوا عنه“ يعني الله انھن کان راضي ٿي ويو ۽ اھي الله کان راضي ٿي ويا. انھيءَ راز کي ھڪ ٻي متبرڪ آيت ۾ ھيئن چيو ويو آھي:

”يحبھم يحبونه“ يعني ھو الله سان عشق ڪن ٿا ۽ ھو (يعني الله) انھن سان محبت ڪري ٿو.

ان مان ثابت ٿيو تھ شاھ صاحب جو ھي فرمايو آھي تھ اھو ئي سوکو آھي، جنھن جو الله سان عشق آھي، عاشق جي نظر ۾، بلڪھ باعتبار حقيقت بھ، حسن مطلق کان سواءِ موجودات مقيده ۾ ڪنھن ٻئي جي جلوه گري ئي آھي. انھيءَ ڪري مولانا روم چيو آھي:

چيست دنيا از خدا غافل بدن

نڍ زر واملاک نڍ فرزند وزن

مولانا روم ھڪ سوال ڪن ٿا تھ دنيا ڇا آھي ۽ دنيا مان مراد ڇا آھي؟ پوءِ ھن جو جواب ڏين ٿا تھ خدا کان غافل ٿيڻ جو نالو دنيا آھي. دولت، ملڪيت، اولاد ۽ زال جو نالو دنيا نھ آھي. ھن جو صاف مطلب ھي آھي تھ جنھن عارف جي نظر ۾ زر، خدا جي ھڪ تجلي آھي، ساڳيءَ طرح ملڪيت ۽ اولاد ۽ زال، جنھن حالت ۾ الله جون تجليون آھن، تنھن ڪري انھن سڀني سان عشق ڪرڻ دنيا نھ آھي. دنيا ان جو نالو آھي تھ ھڪ بندو پاڻ کي الله جو ضد ٺھرائي ۽ ھن جي عبادت ڪري يعني ماھيت ۽ حقيقت جي لحاظ کان ھو پاڻ کي الله جي وجود کان پري رکي، انھيءَ جو نالو دنيا آھي. ڇاڪاڻ تھ ان مان الله جي طرف کان غفلت لازم اچي ٿي ۽ جڏھن اھو عارف تمام ڪائنات جي موجود شين کي الله جي وجود جو ظھور سمجھندو تھ الله جي طرف کان غفلت لازم نھ ايندي. ھي آھي شاھ صاحب جي عشق الله جي تشريح.

مون ھيسين تائين جيڪي ڪي بيان ڪيو آھي، سو جيتوڻيڪ مذاق تصوف جي عين مطابق آھي، مگر شريعت ظاھري جي بھ خلاف نھ آھي، جنھن جي ثبوت ۾ مون قرآن شريف جون آيتون بھ پيش ڪيون آھن. ھاڻي حديث مبارڪ مان بھ ھن حقيقت جي تشريح ڪريان ٿو تھ شاھ صاحب جو ھن شعر مان ڪھڙو مطلب آھي؟

روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم

او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسين پرين کي

مسلم شريف جي ھڪ متداول حديث آھي، جنھن کي حديث جبرئيل بھ چون ٿا. ھيءَ ھڪ طويل حديث آھي جنھن جي ڪجھھ ڀاڱي جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.

ھڪ شخص حضور ' جي خدمت ۾ اھڙي وقت حاضر ٿو ٿئي جڏھن پاڻ اصحابن سان تشريف فرما ھئا. ھن شخص ايندي ئي سوال ڪيو: يا رسول الله! اسلام ڇا آھي؟ پاڻ سڳورن ھن جو جواب ڏنو. جواب کي ٻڌي ھن شخص چيو: ”صدقت يا رسول الله“ يعني يا رسول الله! اوھان سچ فرمايو.

ھن شخص وري سوال ڪيو: ”يا رسول الله ايمان ڇا آھي؟ پاڻ سڳورن ايمان جي تشريھ ڪئي. ھن شخص تشريح ٻڌي چيو ”يا رسول الله! اوھان سچ فرمايو.“ وري ھن شخص پڇيو ”يا رسول الله! احسان ڇا آھي؟“ پاڻ سڳورن جيڪو جواب فرمايو تنھن جو ترجمو ھي آھي:

”تون خدا جي عبادت اھڙي طرح ڪر جيئن تون ھن کي ڏسي رھيو آھين ۽ جيڪڏھن ھيءُ ممڪن نھ ھجي تھ توکي ھيءُ سمجھڻ گھرجي تھ ڄڻ ھو توکي ڏسي رھيو آھي.“

ھن حديث مبارڪ جو پھريون ٽڪرو ثابت ڪري ٿو تھ الله جو ڏسڻ ممڪن آھي نھ تھ پيغمبر ' ھي نھ فرمائين ھا: گويا تون ھن کي ڏسي رھيو آھين. يعني ھڪ بندي جو نماز جي حالت ۾ ھن حديث جي مطابق ڏسڻ جائز آھي ۽ جيڪڏھن ھيءُ ڏسڻ جائز نھ ھجي ھا تھ پيغمبر ' ڏسڻ جي تاڪيد نھ فرمائين ھا.

قرآن شريف ۾ آھي: الله تعاليٰ ڪنھن نفس کي اھڙي تڪليف نٿو ڏئي، جيڪا ھن جي فطرت جي برخلاف ھجي تھ پيغمبر ان جي خلاف ڳالھھ ڪيئن چئي سگھي ھا؟

قرآن حڪيم جي ھڪ ٻي آيت آھي، جنھن جو ترجمو ھيءُ آھي:

”جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو آھي، سو قيامت جي ڏينھن بھ انڌو ھوندو.

مفتيءِ طريقت حضرت ”عطار“ فرمائين ٿا:

ھر کھ اين جانديد محروم است در قيامت ز لذت ديدار

ھاڻي شاھ صاحب جي بيت جي طرف اچان ٿو.

شاھ صاحب جو ارشاد آھي تھ روزو، نماز ۽ ٻيا شرعي فرض حق آھن، مگر اھو جنھن سان محبوب خوش ٿئي، جدا قسم جو فھم آھي، جنھن کي ڏسي عاشق پنھنجي محبوب جي تعريف ڪري سگھي، ڇاڪاڻ تھ محبوب انھيءَ تعريف کان خوش ٿي سگھي ٿو، جيڪا محبوب جي ذات ۾ ملي عشق ۽ عاشق ۾ اھڙو فھم پيدا ڪري ٿو ڇڏي، جنھن ۾ ھو معشوق جي ھڪ ھڪ ادا کان متاثر ٿي ھن جي تعريف ڪري ٿو.

ظاھر آھي تھ جيڪڏھن معشوق عاشق کي ڪو حڪم ڏئي ھا تھ عاشق يقينا ھن حڪم جي تعميل ڪرڻ، عشق جو فرض سمجھندو. مگر ھن حڪم جي تعميل جو اثر محبوب تي گھڻي ۾ گھڻو ھي ٿي سگھي ٿو تھ معشوق ھي سمجھي وٺي تھ عاشق وڏو فرمانبردار آھي، مگر ان مان ھن جي عشق جو اندازو مشوق کي ٿي نٿو سگھي. عشق جو اندازو ان وقت ٿيندو، جڏھن ھو معشوق جي ھڪ ھڪ ادا جي اھڙي تعريف ڪري جو معشوق کي پسند اچي. ظاھر آھي تھ اھا تعريف معشوق جي حڪم جي تعميل جي علاوه آھي.

قرآن حڪيم ۾ اھڙن ئي ماڻھن لاءِ چيو ويو آھي:

”ھو بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پھلوئن تي خدا کي ياد ڪن ٿا.“

يعني پنج وقت نماز فرض آھي. سو عاشق ادا ڪري ٿو، پر ھن نماز کان سواءِ بھ عاشق جو بيھڻ، ويھڻ، ھلڻ، گھمڻ ۽ سمھڻ، سڀ معشوق جي ئي لا ٿئي ٿو. ظاھر آھي تھ ھي پنجن وقتن جي نماز کان جدا آھي. انھيءَ ياد کي يا اھڙي ئي عشق کي شاھ ڀٽائي رحھ اھڙي فھم سان تعبير ڪيو آھي، جنھن کان محبوب خوش ٿئي.

مان نٿو سمجھان تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر سارلي يا ٻئي ڪنھن مسلم سنڌي شارح شاھ صاحب جي ڪلام جو اھڙو تاويل ڪيو ھجي، جھڙو مون تصوف جي مذاق جي مطابق ڪيو آھي. ويدانت ۾ اھا صلاحيت ئي نھ آھي تھ ان کي تصوف جي مقابلي ۾ رکيو وڃي ۽ تصوف جو صحيح مفھوم اھو ئي آھي، جو مان آياتِ قرآنيھ ۽ احاديثِ متبرڪھ سان پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تشريحن کي انھن آياتن ۽ حديثن جي ڀيٽ ۾ رکيو وڃي تھ سمجھھ ۾ اچي ويندو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي فقط رواجي تصوف کي سمجھندو ھو ۽ ھن پنھنجي ڄاڻ ۾ تصوف جو تاويل نيڪ نيتي سان ڪيو ھو. جيڪڏھن منھنجن تشريھن کي تصوف جو نمونو سمجھيو وڃي تھ صاف نظر ايندو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي ان تصوف جي ھوا بھ نھ لڳي آھي، جو قرآن وحديث ۾ ملي ٿو.

حضرت بايزيد بسطامي رحھ وڏو ولي الله ۽ صوفي ھو. ان جي پاڙي ۾ ھڪڙو نصارو رھندو ھو، جنھن کي ھڪ ڏينھن ڪنھن مسلمان چرچي طور چيو تھ اھڙي بزرگ جي پاڙي ۾ ھيترا سال رھيو آھين، پر اڃا مسلمان نھ ٿيو آھين؟ افسوس تنھنجي ڦٽل ڀاڳ تي! نصاريٰ تنھن تي جواب ۾ چيو تھ: ”بايزيد بسطامي جھڙو مسلمان آءٌ ھرگـز نھ ٿي سگھندس ۽ تو جھـڙو مسلمان ٿيڻ مون کـي پسند نھ آھي.“

ھن مان ھي ٿو پڌرو ٿئي تھ صوفي بزرگن کي ھر وقت الله تعاليٰ ياد آھي. ھر وقت انھيءَ محبوب حقيقي جي محبت ۾ مستغرق رھندا آھن. رات جو الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ، ھر وقت سندس غصب کان ڊڄڻ ۽ سندس رحمت ۾ اميد رکڻ، سندس ڪرڻ ڪرڻ ۾ جيڪي آيو، اھو فقيرن کي کارائڻ ۽ انھن تي خرچ ڪرڻ، ھيءُ آھي صوفي فقيرن جو مذھب ۽ دين، جن جي لاءِ گربخشاڻي صاحب ٿو فرمائي تھ: ”ھو نھ ھندو آھن نھ مسلمان!“ مولانا روم جو فرمايو آھي تھ:

مـلـت عـشق از ھمھ ملت جدا ست

عاشقان را مذھب وملت خدا ست

تنھن جو بھ اھو ئي مطلب آھي، ڇاڪان تھ عاشق جو ڪم معشوق جي ڌيان ۾ محو رھڻ ۽ ان جو رضامندو ڳولڻ آھي. الله تعاليٰ جو رضامندو ڇا ۾ آھي؟ اھو فقط قرآن شريف مان ئي معلوم ٿيندو.

ڊاڪٽر صاحب ويدانت ۽ تصوف کي ھڪ ڪري سمجھي ٿو، پر اھا ھن جي سمجھھ جي غلطي آھي. اسلامي تصوف ۽ ويدانت ۾ بعد المشرقين آھي.

شاھ صاحب اھو مسئلو ھن طرح حل ڪيو آھي:

جيڏانھن ڪريان پرک تيڏانھن سڄڻ سامھون

شاھ صاحب جو اھو فرمائڻ قرآن شريف سان بلڪل مطابق آھي: ”فاينما تولوا فثم وجه الله.“ جيڏانھن منھن ورائيندؤ اوڏانھن الله تعاليٰ سامھون آھي. عين اسلامي تصوف آھي، جنھن جو ويدانت سان ڪو لاڳاپو نھ آھي.

ڊاڪٽر صاحب شاھ صاحب جي ھن بيت کي سند وٺي، روزن، نمازن، الله تعاليٰ جي بندگي ۽ عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي ۽ چوي ٿو تھ اھڙي وقت ۾ صوفيءَ تي ڪا نماز فرض نٿي ٿئي:

روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم

اوڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسين پرين کي

پر ڊاڪٽر صاحب ان بيت جو حقيقي مطلب شايد نھ سمجھيو آھي ۽ کيس سمجھڻ بھ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ جنھن کي اسلامي تصوف ۽ ويدانت جي تفاوت جي خبر ڪانھي، تنھن ۾ ڪھڙي اميد رکجي؟

شاھ صاحب فرمائي ٿو تھ روزا ۽ نمازون، اھو بھ چڱو ڪم آھي، ڇاڪاڻ تھ شريعت جو حڪم آھي ۽ شريعت جي تابعداريءَ کان سواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت ھرگز حاصل نھ ڪري سگھبي. ھن ۾ روزي ۽ نماز کان انڪار ڪٿي آھي؟

شاھ صاحب فرمائي ٿو تھ پرين جي پسڻ جو فھم ڪو ٻيو فھم آھي. فھم معنيٰ پروڙ، سمجھھ يعني الله تعاليٰ جي معرفت ماڻڻ ۽ مشاھدي حاصل ڪرڻ جو فھم ٻيو آھي، جيڪو اي سالڪ! تنھنجي فھم کان مٿي آھي. مطلب تھ روزا ڀلي رک، نمازون ڀلي پڙھ جو اھو چڱو ڪم آھي، پر معرفت جي منزل اڃا مٿي آھي ۽ اھا تنھنجي فھم کان پري آھي.

سمجھو تھ ”نماز ۽ روزا“ الله تعاليٰ جو حڪم آھي جو بجا آندو ٿو وڃي ۽ ان کي بجا آڻيندو ڏسي ٻانھو پنھنجي بندگيءَ ۽ غلامي جو اظھار ۽ خدا تعاليٰ جي خدائي جو اقرار ڪري، ان جو ثبوت ڏئي ٿو. ظاھر ۾ ائين ٿو ڏسجي تھ پنج وقت نماز ادا ڪري، ھڪڙي فرض کان آجو ٿي ويو.

بس! ھن تي ڪو ٻيو فرض نھ آھي ڇا؟ نھ ائين نھ آھي! بلڪھ ٻانھي تي اڃا گھڻن حڪمن جي بجا آوري آھي. اڃا ھن کي جھاد في سبيل الله ۾ سر قربان ڪرڻو آھي. ماءُ ۽ پيءُ جي خدمت ڪندي پنھنجو سک ڦٽائڻ، مٽن ۽ مائٽن سان ڏک ۽ سک ۾ واھر ڪرڻ، پاڙي وارن ۽ يتيمن جي پروروش ڪرڻ، بيواھن جي پرگھور لھڻ، بکين کي کارائڻ، مسڪينن، اگھاڙن کي ڪپڙو ڏيئي پھرائڻ، معذورن ۽ لنگڙن لولن جي مدد ڪرڻ ۽ ڀليل کي گس لڳائڻ، اھي سڀئي الله جا حڪم ۽ سندس رضامندي حاصل ڪرڻ جا رستا آھن، جيڪي ھن کي بجا آڻڻا آھن. نماز پڙھي ڪنھن جي امانت کائي وڃڻ ۽ شراب ۽ نشو پيئڻ، ماءُ ۽ پيءُ کي رنجائڻ ۽ الله تعاليٰ جي مخلوق سان بدسلوڪي ڪرڻ، اھي سڀئي حقيقي محبوب جي مشاھدي ماڻڻ کان روڪيندڙ آھن ۽ اھڙا برا ڪم، نماز ۽ روزي جي ثواب کي ضايع ڪندڙ آھن.

انھيءَ بيت ۾ بھ شاھ صاحب جو انھن ڪمن ڏي اشارو آھي. ”سعدي رحھ“ بھ فرمايو آھي:

حاصل نھ شود رضائڍ سلطان تا خاطر بندگان نجوئي

خواھي کھ خدائڍ بر تو بخشد يا خلق خدائي کن نگوئي

”سعدي رحھ“ جي بيتن جو مطلب آھي تھ بادشاھ کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس ٻانھن جي دل وٺڻ گھرجي. الله جي بخشش گھرين ٿو تھ خدا جي خلق سان چڱائي ڪر. ھيءُ بھ اسلامي شريعت جو عقيدو آھي تھ حقوق الله جا معاف ٿي سگھن  ٿا، پر حقوق العباد معاف نھ ٿيندا. الله تعاليٰ بي نمازي کي نماز نھ پڙھڻ جو ڏوھ معاف ڪندو، پر خونيءَ کي خون ناحق جي معافي نھ ٠يندو.

شاھ صاحب جي بيت جو مطلب بھ اھو ئي آھي. ان ۾ نڪو روزن ۽ نمازن کان انڪار آھي ۽ نڪي الحاط ۽ بي دينيءَ جي تعليم ڏنل آھي، بلڪھ طريقت ۽ معرفت حاصل ڪرڻ جو اصل الاصول بيان ڪيو ويو آھي، جنھن کي ڊاڪٽر صاح مروڙي سروڙي، پنھنجي مطلب تي بطور شاھد جي پيش ڪيو آھي.

روزا ۽ نمازن واري شاھ صاحب جي بيت کي اسان ٻئي نموني سان مٿي سمجھائي آيا آھيون جو بھ ڏسڻ گھرجي، واقفيت وڌيڪ ٿيندي.

ويدانت ۾ توحيد کي تنويت جي تصور ۾ رکيو ويو آھي، جيئن مٿي ڏيکاري آيا آھيون. پر اسلامي تصوف ۾ فقط ھڪ الله تعاليٰ لا شريڪ له جي محبت، عبادت ۽ قريب حاصل ڪرڻ سان سندس مشاھدو ماڻي سگھجي ٿو.

جن صوفين شريعت اسلامي جي حد اورانگھي ۽ سنت نبوي جي تابعداري ھيٺ نھ رھيا، جھڙوڪ منصور حلاج يا سرمد، سي نيٺ گمراه ٿي، سزا ھيٺ اچي ويا. ڇاڪاڻ تھ ھنن شريعت جي عزت نھ رکي ۽ سنت نبوي جي تابعداري نھ ڪئي. سرور ڪائنات ' ھيڏي اوج، عزت ۽ تقريب حاصل ھوندي بھ فرمائي ٿو: ”انما انا بشر مثلکم“ (آءٌ نھ آھيان پر اوھان جھڙو ماڻھو) مگر منصور حلاج ”انا الحق“ (آءٌ خدا آھيان) جو نعرو ھڻي ٿو. اھو تصوف اسلام ۾ بلڪل ناجائز آھي ۽ اھڙو صوفي سزا جو مستحق آھي.

ٻانھي کي ڪنھن بھ حالت ۾ پنھنجي مقرر ٿيل ٻانھپيءَ جي حد کان مٿي نھ وڃڻو آھي. جيڪو مٿي ويندو، سو ٻانھو نھ بلڪھ پنھنجي بادشاھ جو قانون ٽوڙيندر، نافرمان ۽ باغي سڏبو. ان جي اھا سزا آھي، جا ھڪ باغي لاءِ مقرر ٿيل آھي.

صوفي ھجي يا ولي الله يا عارف ڪامل، اسلامي فرضن، نمازن، روزي وغيره کان ڪڏھن بھ ڇٽل ٿي نٿو سگھي. مطلب آھي تھ عرفان جي ڪيڏي بھ وڏي منزل تي پھچي يا محويت جي ڪھڙي بھ حالت ۾ ھجي، ليڪن تنھن ھوندي بھ کيس الله تعاليٰ جا فرض ضرور ادا ڪرڻا ۽ بجا آڻڻا آھن.

ڊاڪٽر صاحب اسلامي تصوف ۽ ويدانت کي ھڪ ڪري لکيو آھي ۽ لکي ٿو تھ صوفين جو ڪو مذھب ڪونھي ۽ ان بابت ”الصوفي لا ڪوفي“ جو مقولو شاھدي طور پيش ڪيو اٿس. ھڪڙي ھنڌ لکي ٿو تھ: ”ھر منزل ۾ سالڪ حق سان گڏجي، آخر خود حق ٿيو پوي.“ اھو قول صوفين وٽ ڪفر ۽ الحاد آھي، ڇو تھ ممڪن الوجود ڪڏھن بھ واجب الوجود نھ ٿيندو. انھيءَ بحث کي سمجھڻ لاءِ اسين شاھ صاحب جو ھيٺيون بيت لکي، ان جو سمورو شرح ڪتاب ”شرح لطيفي“ جناب واصف صاحب جي تصنيف تان بجنسي نقل ڪري، ھن بحث کي ختم ڪريون ٿا:

بيت: وحدت جي وڍيا الا الله سين اورين

ھنيون حقيقت گڏيو طريقت تورين

معرفت جي ماٺ سان ڏيساندر ڏورين

سک نھ ستا ڪڏھين ويھي نھ ووڙين

ڪلنھون ڪورين، ماس عاشق عبداللطيف چئي

معنيٰ ڏيساندڙ: پرڏيھھ. ھري عالم الغيب يعني ڳجھھ جو جھان. ووڙين: ڳولھين، آرام وٺين.

شرح: ھن بيت ۾ شاھ صاحب سلوڪ جا اھڙا نڪتا بيان ڪيا آھن، جن تي سالڪ کي عمل ڪرڻ تمام ضروري آھي. چوي ٿو تھ جنھن جي ھستي کي وحده جي تلوار وڍي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو آھي، تن جي روح ۾ الا الله جي رھاڻ آھي. ھڪ دم بھ الا الله کان واندا نھ آھن. انھن جو من حقيقت سان گڏيل آھي ۽ طريقت ۾ پير اٿن. معرفت جي ماٺ سان غيب جي جھان ۾ آھن. انھن کي ڪڏھن بھ ننڊ نٿي اچي، ڪو آرام ڪونھ ٿا ڪن. آخر انھيءَ ڪم ۾ ھو پنھنجو سر بھ قربان ڪيو ڇڏين.

معلوم ھجي تھ صوفين سلوڪ جون چار منزلون مقرر ڪيون آھن: اول منزل شريعت آھي، ٻي طريقت، ٽين حقيقت ۽ چوٿين معرفت، جيڪا آخري منزل آھي. ڊاڪٽر صاحب حقيقت کي چوٿين منزل ڪري لکيو آھي ۽ معرفت کي ٽين منزل، پر ائين نھ آھي. جيئن ھڪ ھنڌ شاھ صاحب انھن چئني منزلن کي ترتيب ۾ آڻي بيان ڪيو آھي. جيئن چوي ٿو:

ساري سک سبق شريعت سندو سھڻي

طريقتون تکو، وھي حقيقت جو حق

معرفت مرڪ اصل عاشقن کي

حقيقت جي منزل بابت ڊاڪٽر صاحب لکيو آھي تھ منزل ۽ سالڪ حق سان گڏجي، آخر خود حق ٿيو پوي. ھي قول مڙني صوفين وٽ ڪفر ۽ الحاد آھي، جيئن تھ لکن ٿا تھ ممڪن الوجود ڪڏھن بھ واجب الوجود نھ ٿيندو. بقول ”حافظ“ شيرازي:

خاکيم من کھ ازين در نتوا انم برخاست

از کجا بوسھ زنم، بر لب آن قصر بلند

يعني: آءٌ مٽي جو مخلوق، جو ھن ھستيءَ جي در تان بھ اٿي نٿو سگھان، ڇو تھ منھنجي شان ۾ ”خلق الانسان ضعيفا“ آيل آھي، سو آءٌ وري ان اوچي ماڙيءَ يعني ذات پاڪ تائين ڪيئن پھچي سگھندس؟

اي طالب! معلوم ڪر تھ طريقت ڇا کي ٿا چوڻ ۽ حقيقت، معرفت ڇا آھي؟ سو صوفين جي ٻولي ۾ طريقت ”سير الي الله“ آھي يعني سالڪن جو خدا ڏي ھلڻ، جنھن ۾ انھن کي قرب الاھي حاصل ڪرڻ لاءِ قسم قسم جا مجاھدا ڪڍڻا ٿا پون ۽ رنگ رنگ جون رياضتون ڪڍڻيون ٿيون پون. انھيءَ سير ۾ انھن جي اڳيان عجيب عجيب تڪليفون آڏو ٿيون اچن، جن کي ھي سر تي کڻي اڳتي ٿا ھلن. حقيقت آھي ڪثرت ۽ وحدت جو ظھور يعني ممڪنات (سرشتي) جي حقيقت جو کلڻ، جنھن ۾ ھر ھڪ شيءِ جي ماھيت معلوم ٿئي ٿي، جنھن کان انسان پنھنجو پاڻ سڃاڻي ٿو. جيئن تھ حديث ۾ آھي تھ: ”اي خدا! اسان کي شين جي حقيقت کولي ڏيکار.“ ھن سڃاڻپ کان موليٰ جي معرفت حاصل ٿئي ٿي، جيڪو سلوڪ جو آخرين درجو آھي.

ڪن صوفين جو قول آھي تھ طريقت عادتن کي سڌارڻ آھي. يعني بريون عادتون، حسد، ڪينو، وير، چغلي، گلا، دغا، ٺڳي وغيرھ ڇڏي چڱيون عادتون حاصل ڪرڻ. ھن کي نقشبندي طريقي ۾ ”سفر در وطن“ ٿا چون ۽ اھو ئي سلوڪ آھي. تخلقوا باخلاق الله (يعني خدا جي عادتن سان پاڻ کي سينگاريو) جي حديٿ جو بھ ايڏانھن اشارو آھي. ”گلشن راز“ وارو چوي ٿو:

شريعت پوست، مغز آمد حقيقت

ميان اين وآن آمد طريقت

يعني شريعت کل (پوش ۽ ڍڪ) آھي. حقيقت مغز آھي ۽ طريقت انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي. يعني طريقت آھي ڪوشش ڪري کل مغز مان ڪڍڻ. مطلب تھ جيسين ڪو طريقت نھ توريندو، يعني رياضتون ۽ مجاھدا ڪڍي، دل کي آرسي نھ بنائيندو، تيسين لوح محفوظ جون حقيقتون ظاھر نھ ٿيندون. بقول ”حافظ“:

تو کز سرائي طبيعت نمي روي بيرون

کجا بکوئي حقيقت گذر تواني کرد

يعني اي انسان! تون جو اڃا پنھنجي طبيعت ۽ عادت کان ٻاھر نھ ٿيو آھين، سو حقيقت جي گھٽيءَ ۾ ڪيئن وڃي سگھندين؟ يعني جيسين بشري اوصاف ۽ صفتون بدل نھ ٿينديون، تيسين حقيقت تي پھچڻ مشڪل آھي.

اي طالب! حقيقت جي ڪامل ٿيڻ بعد معرفت جو دروازو ٿو کلي، جنھن ۾ محبوب حقيقي جي جمال ۽ جلال کي ڏسي، اکين کي نظر ڪرڻ جي طاقت نٿي رھي ۽ سالڪ حيران ٿيو وڃي ۽ ماٺ ۾ پئجي غيب جي عالم جو نظارو ٿو ڪري. صوفي ”ابو سلمان دراني“ جو قول آھي تھ: خدا جي معرفت ماٺ جي بلڪل نزديڪ آھي ۽ ڳالھائڻ کان گھڻو پري آھي. سچ آھي: ”من عرف الله کل لسانه“ يعني جنھن خدا کي سڃاتو، ان جي زبان گونگي ٿي رھي. ھن وقت ھو اھڙي حيرت ۾ پئجي وڃي، جو ان کان پنھنجي ھستي بھ وسريو وڃي ۽ پوءِ سندس ڪابھ خبر نٿي ملي. جيئن ”شيخ سعدي“ چيو آھي:

اين مدعيان در طلبش بي خبر انند

آنرا کھ خبر شد خبرش باز نيامد

يعني ھي خالي دعويٰ ڪندڙ بي خبر آھن، ڇو تھ جنھن کي بھ معرفت جي ڪا خبر پيئي تھ وري ان جي خبر ئي ڪانھ پوندي. يعني ھو ماٺ ۾ رھندو ۽ زبان سان ڪجھھ بھ بيان نھ ڪندو. ڀلا ڪيئن بيان ڪندو؟ ڇو تھ ھن ويچاري اھڙو جمال ۽ جلال اڳ ڏٺو ئي ڪونھ ھو، سو مشاھدي وقت حيران ٿيو وڃي تھ مار! ھر ھڪ شيءِ محبوب جو جلوو آھي. عرض انھيءَ معرفت واري ماٺ ۾ سالڪ اھي عجائب ۽ غرائب ٿو ڏسي، جيڪي ٻئي جي خواب ۽ خيال ۾ بھ نھ اچڻا آھن. ھو جنھن وقت خيال ٿو ڪري، تنھن وقت مٿس عجيب عجيب حقيقتون کلن ٿيون. ھڪ صوفيءَ جو قول آھي تھ عارف جڏھن اکيون ٿو پوري، تڏھن خدا جو لقاءُ ٿو ڏسي ۽ جڏھن ماٺ ٿو ڪري، تڏھن خدا سان ٿو ڳالھائي ۽ ان جو ڪلام ٿو ٻڌي.

اي درويش! اھي سالڪ جيڪي انھن منزلن ماڻڻ جو شوق ٿا رکن ۽ انھن جائين جي عجائبات ڏسڻ جو عشق ٿا رکن، تن وٽ آرام وٺڻ حرام آھي. ھو سمجھن ٿا تھ اسين دنيا ۾ آيا ئي خدا جي معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ آھيون. انھيءَ ڪري انھن کي ھر وقت اھا ئي تات آھي ۽ ھر ھڪ پل اھو ئي ذڪر اٿن. مولانا روم پڻ اھڙو اشارو ڪيو آھي:

اندرين ره مي ترش ومي خراش

تا دم آخر شود فارغ ماش

يعني سلوڪ جي راھ ۾ ھميشھ گھم ۽ پيول ڳولا ڪر ۽ پڇاڙيءَ جي پساھ تائين واندو نھ رھ. انھيءَ ڏانھن شاھ صاحب جن بھ ”سک نھ ستا ڪڏھن، ويھي نھ ووڙين“ جو اشارو ڪيو آھي. ڀلا جن جي اندر ۾ عشق الاھي جو مچ متل ھوندو، تن کي آرام ڪٿان ايندو؟ ”شاھ شجاع ڪرمانيءَ“ کان پڇيائون تھ تنھنجي رات ڪيئن ٿي گذري؟ جواب ڏنائين تھ پکي ڪباب ٿيڻ لاءِ سيخ تي چڙھيل ھجي ۽ ھيٺان مچ ٻرندڙ ھجي تھ پوءِ ضرور آھي جو ان کان پڇجي تھ ڪيئن آھين؟ ھي عاشق اھڙا آھن جو سر جي ڪابھ پرواھ نھ رکي، ڪلھن تان ماس ڪوري ٿا ڏين. سر سان راند کيڏڻ انھن جو ڪم آھي.

ڊاڪٽر صاحب شاھ صاحب جي رسالي ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏيئي بيشڪ ھڪڙو اعليٰ درجي جو ڪم ڪيو اھي، جنھن ڪري شاھ جي بيتن جو مطلب ۽ معنيٰ سمجھڻ ھاڻي گھڻي قدر آسان ٿي پيو آھي. ڊاڪٽر صاحب جو اھو سنڌي زبان تي وڏو ٿورو آھي ۽ سندس ھيءَ تصنيف، جڏھن ڪوبھ ٻيو فاضل شاھ جي رسالي جو شرح لکڻ ويھندو تڏھن ان لاءِ ھڪ واقف ڪار رھنما ثابت ٿيندو. باقي غلطيون ڪرڻ انسان جي فطرتي عادت آھي، جنھن کان ڪوبھ انسان خالي نھ آھي. خيالن جو اختلاف بھ قدرتي امر آھي ۽ اھو ھرگز عيب وارو بھ نھ آھي.

شاھ جو رسالو ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي

تون جي بيت ڀانئين سي آيتون آھن

نيو سن لائين پريان سندي پار ڏي

مٿين صفحن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شاھ صاحب جي تعليم، تصوف ۽ ويدانت بابت ڪيل تشريح تي ڪجھھ خيال آرائي ڪئي ويئي آھي، جنھن مان ھي ثابت ٿيندو تھ ڊاڪٽر صاحب يا تھ نھايت بي جوابداري ۽ بي خياليءَ سان ڪم ڪيو آھي، يا کيس مغز ولوڙڻ ۽ نڪتن چونڊڻ جي سمر ئي نھ ھئي. ھاڻي ھتي جيڪي شاھ صاحب جي بيتن جي شرح، مجاذي توڙي حقيقي معزز معنائن جي چٽائيءَ سان ڪئي اٿس، انھن تي ويچار ڪريون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org