سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:9 

هاڻي اهو مطلب ۽ مقصد آهي عاشقن جي زهر پيئڻ يعني تڪليفن سهڻ ۽ انهن تڪليفن زهر جهڙين لاءِ وهسڻ يعني خوش ٿيڻ جو. ان جي عيوض الله تعاليٰ انهن کي بهشت جو انعام ۽ شراب طهورا ڏئي ٿو. پوءِ، توڙي انهن تڪليفن جي پٺيان ٻيون تڪليفون کين اچن ٿيون،يعني اڳيان ڦٽ ڇٽا ئي نه هجن ته وري دوباره تڪليف گويا اهي فٽ نئين سِر چِڪي اُکلِي پيا، ”تڏهن به آهه نه سلن عام کي“. جهڙي طرح اڃا هڪڙي روزي جي تڪليف طعام جي نه کائڻ سبب مِٽي ئي ڪانه هئي ته وري ٻئي ڏينهن تڪليف پيدا ٿي ۽ ان ڏينهن به سوالي آهيو. وري اها بک اڃا لٿي ئي نه، ته وري ٽئين ڏينهن ٽيون سوالي آيو. اها ڳالهه به ٻين سان نه ڪيائون- ”توڻي چڪن چاڪ، تڏهن به آهه نه سلن عام کي“. جيڪو اهڙين زهر جهڙين تڪليفن کي، جي راهِه خدا ۾ ان کي پهچن، برداشت نه ڪري ۽ ان جي ڪؤڙائيءَ کان ڀڄي، سو انهيءَ شراب طهورا جي سڌ يا ارادو به نه ڪري. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 24 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

مَ ڪَر ِ سَڌَ شَراب جِيٌ، جو تُون ٽَاريِنٌ ٽُوههُ،

پِيٌتي جَنٌهِن پَاسي ٿِئي، مَنجهَانٌ رَڳُن ِ رُوحُ،

ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُه لاَهي سِرُ لَطِيفُ چَئي.

هن جي معنيٰ آهي ته نه ڪر سَڌ يا ارادو شراب جو، جيڪڏهن تون ٽوهُه، جو حد درجي جو ڪؤڙو آهي، ان کي ٽارين يا پري ڪرين، جنهن جي پيئڻ جي ڪؤڙاڻ ۽ تيزيءَ سبب رڳن مان روح به پاسي ٿيندو يعني سُست ٿيندو آهي. تنهنڪري لطيف ٿو چوي ته تون اول لذتن جي خواهش ڪاٽي ڇڏ ۽ پوءِ ڪڪوهه يعني خالص شراب، نسورو ۽ نج چک. پر نفس آماري جو لاهي سِرُ، جو لذتن جو خواهان ۽ ڪؤڙاڻ جو مانع آهي، ان جو سِر لاهه.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته اي طالب شراب محبت موليٰ سائينءَ جا! تون محبت جي انهيءَ شراب جي تيستائين سَڌ يعني ارادو نه ڪر، جيستائين آزمائشن جي تڪليف کان پاڻ کي ٽارائيندو يعني گسائيندو وتين. انهن تڪليفن جا ڏک ۽ سور، جي مثل ٽوهه جي ڪؤڙا آهن، جيستائين انهن تڪليفن جي هر قسم جي ڪؤڙائيءَ کي برداشت نه ڪندين، تيستائين انهيءَ شراب طهورا جي سَڌ به نه ڪر ۽ اهو شراب بهشت ۾ آهي. اُهي چکيندا، جن خدا جي راهه ۾ هر قسم جي تڪليف جي ڪؤڙائي سَٺي ۽ لذتن نفس جي کي ڪاٽيائون ۽ سِر پنهنجو به لاٿائون. پوءِ الله تعاليٰ انهن کي بشارت يعني مبارڪ ڏني پنهنجي رحمت ۽ راضپي ۽ بهشت جي نعمتن جي، جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة توبہ جي رڪوع 3 ۾ فرمايو آهي ته:

اَلَّذِيٌنَ آمَنُواٌ وَ هَاجَرُوٌ وَ جَاهَدُوٌ فِيٌ سَبِيٌلِ اللهِ بِاَمٌوَالِهِمٌ وَ اَنٌفُسِهِمٌ اَعٌظَمُ دَرَجَةً عِنٌدَاللهِ وَ اَولٰئِڪَ هُم الٌفَائِزُوٌنَ يُبَشِّرُهُمٌ رَبُّهُمُ بِّرَحٌمَةٍ مِّنٌہُ وَ رِضٌوَانٍ وَّ جَنّٰتٍ لَّهٌمٌ فِيٌهَا نَعِيٌمُٗ مُّقِيٌمُٗ خَالِدِيٌنَ فِيٌهَا ابَداً اِنَّ اللهَ عِنٌدَهٗ اَجٌرُٗ عَظِيٌمُٗ

ترجمو: سي شخص جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيائون ۽ جنگ ڪيائون منجهه واٽ خدا جي، مالن ۽ جُسن پنهنجي، سي ويجها آهن درجي ۾ خدا وٽ هو مقصود وارا فتح وارا آهن. ٿو بشارت ڏئي ان کي خدا رحمت پنهنجي ئي راضپي ۽ بهشت جي انهن لاءِ – تنهن ۾ هميشہ نعمتون هونديون ۽ هميشہ هوندا ان ۾ - تحقيق خدا وٽ آهه اجر وڏو.!

هن آيت شريف ۾ صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ بهشت ۽ بهشت جي سڀني نعمتن، جنهن ۾ شراباً طهورا به شامل آهي، ان جي انهن شخصن کي مبارڪ ڏني آهي، جن پنهنجي مال، ملڪيت، مائٽن ۽ پنهنجي گهرن کي ڇڏي ۽ لڏي راههِ موليٰ ۾ جهاد ڪيو. اهو انهن جو پنهنجي گهرن ۽ مالن کي ڇڏڻ، لذتن جو ڪاٽڻ هئو. جهاد ۾ سِر لاهڻ لاءِ تيار هئا. انهن کي ئي ڪڪوهه يعني نج، خالص، سموري شراب جي چکڻ جي خوشخبري خدا تعاليٰ مٿينءَ آيت ۾ ڏني آهي. جيئن هن بيت جي پوئين تڪ ۾ ڪاٽي جو لفظ ۽ لاهي جو لفظ ٻئي آيل آهن، تيئن آيت سڳوريءَ ۾ به مالن ۽ جُسن ٻنهي جو بيان آيل آهي. يعني مالن ۽ گهرن جي لذتن کي ڪاٽي قربان ڪري ۽ سرن جو آسرو لاهي جهاد ڪيائون. انهن کي ئي الله تعاليٰ خوشخبريون موڪليون آهن. ڪڪوهه يعني خالص، نج شراب جو چکڻ ۽ ٻين بهشتن جي نعمتن جو. باقي هن بيت ۾ جو ٽوهه جي ڪؤڙائي جو مثال مجازي طرح شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي، سو انهيءَ ڪري جو مجازي شراب جو ڪڪوهه به ڪؤڙو هوندوآهي.ظاهر ۾ ٽوهه ڏاڍو نزاڪت ۾ سهڻو هوندو آهي،پر اندر ۾ هو به ڪؤڙو آهي. اهڙيءَ طرح اسباب ۽ مال دنيوي ظاهر ۾ سهڻو، پر درحقيقت اندر هن جو ڪؤڙو ۽ نقصانڪار آهي.

جهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ آهي ته اوهان کي ٺڳيو آهي مال ۽ حياتيءَ دنيا جي، جيڪو ظاهر ۾ لذت وارو پر حقيقت ۾ ڪوڙو آهي. اوهان کي ٺڳيو اٿس يعني برغلايو اٿس ظاهر جي نزاڪت تي. اهڙيءَ طرح ٽوهه ڳاڙهو ۽ سهڻو گدري جهڙو ظاهر ۾ برغلائيندڙ آهي، پر اندر حقيقت ۾ ڪؤڙو آهي. پوءِ جي انهيءَ ٽوهه جي سهڻي شڪل گدري جهڙيءَ تي ڀلجي، ان جي رس يا ڳر پيئندو يا کائيندو، ته اهڙي تڪليف ٿينديس جو رڳن جو روح به پاسي ٿيندس يعني اڌ مئو ٿي پوندو- ”پِيتي جَنهِن پَاسي ٿئي منجهان رَڳُن ِ رُوحُ“- اهڙيءَ طرح هن دنيا جي اسباب جهڙوڪ پيءُ پٽ، ڀائر، عورتون، قبيلا، مال ۽ انهن جا کٽيا، سودا ۽ جاين تي ڀلجي مِٺو ڀانئين گدري وانگيان پيارو ڪندو ته انهن کي آخرت ۾ اهڙو عذاب ٿيندو، جنهن سان نه مرندو نه جيئندو ۽ عذاب دوزخ جو ڏکيو آهي. جيئن الله تعاليٰ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي فرمايو ته جيڪي مؤمنن سان پيار ڪندا، ڪافر مائٽن، ڀائرن ۽ دوستن سان، ته اهي ظالم آهن ۽ تون انهن کي چئه، سورة توبہ ع 3:

قُلٌ اِنٌ ڪَانَ اَبٌاؤ ُکُمٌ وَ اَبٌنَاؤ ُڪُم وَ اِخٌو َانَڪُمٌ وَ اَزٌو َاجُکُمٌ وَ عَشِيٌر َتَکُمٌ وَ اَمٌوَالُ ن اِقٌتَر َفٌتُ مُوٌهَا وَ تِجَارَةءُ تَخٌشَوٌنَ کَسَادَهَا وَ مَسٰکِنَ تَرٌضَوٌنَهَا اَحَب َّ اِلَيٌڪُمٌ مِّن َ اللهِ وَ رَسُوٌلِہٖ وَ جَهَادِ فِيٌ سَبِيٌلِہٖ فَتَر َبَّصُوٌا حَتَّيٰ يَاٌتِي َ اللهُ بِاَمٌرمِ وَاللهُ لاَ يَهٌديِ الٌقَومَ الٌفَسِقِيٌنَ. 

ترجمو: چئه جي هجن پِئُرَ اوهان جا ۽ پُٽَ اوهان جا ۽ ڀائر اوهان جا ۽ عورتون اوهان جون ۽ قبيلا اوهان جا ۽ مال کٽيل اوهان جا ۽ سودا، ڊڄو ٿا نقصان ان جي ڀر ۽ جايون وڻندڙ اوهان جون؛ اهي ٽول، جي زور وڻن ٿا اوهان کي، خدا ۽ رسول کان ۽ جنگ في سبيل الله جي کان، پوءِ منتظر ٿيو، جيستائين ڪري اوهان کي خدا عذاب ۽ الله نه هدايت ڪري قوم ڦِريلن کي.

هن ‎آيتن شريفن مان صاف ظاهر آهي، ته جيڪي به شيون دنيا جون عزيز، قريب يا مال ملڪيتون، جايون وغيره زور وڻندڙ، ظاهر ۾ آهن ٽوهه وانگيان، پر درحقيقت ان جي محبت ڪؤڙي آهي ۽ ڪُوڙي آهي ۽ خدا تعاليٰ ۽ سندس رسول جي محبت سچي سٺي ۽ نفعي واري آهي ۽ جنگ في سبيل الله ۾ سر لاهڻ صدر بار سٺو آهي، دنيوي اسباب جي محبت کان، پر جيڪي انهيءَ دنيوي اسباب کي، جنهن جو مٿين آيتن سڳورين ۾ بيان آيو آهي، پيارو گهُرن ٿا، ان جي ظاهر جي نظاري کين ڀلايو آهي ته اهي بهشت جي نعمتن ۽ شراب طهورا جي رڳي سڌ به نه ڪن، ڇاڪاڻ ته هيءُ شراب انهن لاءِ تيار ٿيل آهي، جيڪي ٻيا لاڳاپا لوڪ جا ته ڇا پر سر به سٽي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهن. انهيءَ شراب محبت موليٰ سائينءَ جي پچر يا پڇا، ڪُوڙي سڌ رکندڙ خبر ناهي ته ڇو ٿا رکن؟

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 25 ۾ فرمائي ٿو:

بيت

سَڌَڙ ِيَا شَرابَ جا ڪوههُ پَچَارُون ڪَنِ،

جو ڪُاتَ ڪَلالَن ِ ڪَڍيَا ته موٽِئو پوءِ وَڃَن ِ،

پِڪُون سي پِين سِرَ جَنِينٌ جا سَٽِ ۾.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته سڌڙيا يعني اجايون سڌون رکندڙ، ڪوڙيون خالي سڌون رکندڙ، محبت جي شراب جون ڪوهه يعني ڇو ٿا پچارون يعني ڳالهيون يا پڇاڳاڇا، پچر، ‎ذڪر ۽ بيان ڪن؟ جو اڃا ڪات يعني آزمائش جي تڪليف جا ڪات، ڪلالن يعني شراب ڏيندڙن ڪڍيا ته موٽئو پوءِ يعني پوئتي موٽيا واپس پيا وڃن. پِڪون سي پين، يعني هن شراب جون پڪون يعني ٿُڪ جيترو ذرڙو به اهي پيئندا، سر جنين جا سٽ ۾ يعني انهيءَ شراب جي سَٽ يعني عيوض، بدلي، نذراني شراب جي ۾ سِر هوندا جن جا.

        هن جو خلاصو مطلب آهي ته هن شراب محبت موليٰ سائينءَ جي مان پڪون يعني ٿورڙو ذرڙو به اهي پيئندا آهن، جيڪي شراب جي عيوض ۾ سر پنهنجو نذر رکندا آهن. باقي ڪوڙي سکڻي شراب محبت جي سَڌ ڇو ٿا ڪن؟ اهي سَڌ ڪن ئي نه. جو اڃا شراب محبت جو مالڪُ، انهن کي سڌ شراب جي سچيءَ يا ڪوڙيءَ جي پرکا لاءِ ڪا تڪليف يا ايذاءُ ڏئي يا ڏيکاري، ته پوئتي موٽيا وڃن. اهي سچيءَ سَڌ ۽ سڪ وارا نه، پر منافق آهن. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة عنکبوت رڪوع 1 ۾ فرمايو آهي:

وَمِنَ النَّاس ِ مَنٌ يَّقُوٌلُ اَمَنَّا بِاللهِ فَا ِذَا اُوٌذ ِيَ فِي اللهِ جَعَلَ فِتٌنَةَ النَّاس ِ اٌلاَيٰة. 

ترجمو: ۽ منجهان منافق سي آهن، جي چون ٿا ته وسهياسون خدا کي، پوءِ جڏهن ايذاءُ پهچين ِ منجهه واٽ خدا جي ته ڪفر ڪن.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته منافقن جو اهو وسهڻ، ايمان آڻڻ، ڪوڙي سَڌ سکڻي آهي. هنن کي ايذاءَ سان آزمايو پيو وڃي ته موٽي ڪفر پيا ڪن. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ڪات ڪلالن آزمائش جا ڪڍيا ته موٽئو پوءِ وڃن. جڏهن اهي وات سان چون پيا ته اسان ايمان آندو الله تعاليٰ تي، ته گويا سَڌ پيا رکن سندس محبت جي. اڃا ايذاءُ پيو پهچين ِ ته ايمان واري زباني سڌ ڇڏي موٽي ڪفر پيا ڪن. تڏهن اهڙن سڌڙيَن سکڻي سڌ رکندڙن لاءِ شاهه صاحب ٿو فرمائي ته اهڙا سڌڙيا شراب محبت جون ڇا جي لاءِ ٿا پچارون ڪن ۽ زباني بيان ڪن ۽ چون ته اسان به ايمان وارا آهيون؟ اهي اِها سکڻي پچر ڪن ئي نه. انهيءَ سکڻي سڌ ۽ پچر، سکڻي زباني چوڻ، جنهن تي پاڻ کي عمل ئي نه هجي، ته چوڻ گناهه ۽ منع آهي. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ٿو فرمائي، سورہ الصَف َّ ع 1؛

يَا اَيُّهَا الَّذ ِيٌنَ اَمَنُوٌا لِمَ تَقُوٌ ُلُوٌنَ مَالاَ تَفٌعَلُوٌنَ کَبُرَ مَقٌتاً عِنٌد َاللهِ اَنٌ تَقُوٌلُوٌ مَا لاَ تَفٌعَلُوٌنَ. 

        ترجمو: اي مومنا! ڪوهه ٿا چئوسي ڳالهيون نصيحت جون، جن تي اوهين عمل نٿا ڪريو؟ وڏو قبيح آهي گناهه اڳيان خدا جي، چوڻ سان نصيحت جا پاڻ نٿا ڪريو.

آيت شريف جو به ساڳيو مطلب آهي ته جڏهن اوهين پاڻ ان تي عمل نٿا ڪريو ته باقي زباني ٻين کي چوڻ، اها رڳي سکڻي سڌ مثال آهي، جا اوهان کي ته ڪجهه به فائدو نه ڏيندي. ٻئي کي نصيحت چوڻ، گويا پاڻ کي چڱو ڀانئڻ ۽ ربوبيت آهي ۽ وڏو گناهه آهي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اها سکڻي پچر ڏيکارڻ محبت جي، ته ٻيا مَنَ ڄاڻن ته هيءُ به ويچارو محبتي ۽ نيڪ ٿو ڏسجي، پر اڃا آزمائش يا پرکا ٿي يعني ڪو ايذاءُ پهتن، ڪات ڪلاڪن ڪڍيا ته موٽئو پوءِ وڃن. اهي جيڪي نيڪ عمل جهڙوڪ: حج، جهاد، نماز وغيره ٻين کي وعظ ۾ چون، پر انهن عمل جي تڪليف کان پاڻ وري ڀڳا وتن ۽ شراب محبت جي بوءِ به انهن وٽ ڪانه آهي، پوءِ اهي اهڙيون پچارون ڇو ٿا ڪن؟ محبت جي شراب جي پچار اهي ڀلي ڪن ۽ پيئن پڪون يعني ذرڙو ذرڙو ڪري سنهڙا ڍُڪ ڀري لذت حاصل ڪن، ”سِر جن جا سَٽِ ۾“. پوءِ سر جي سودي ڏيڻ ۾ خود شراب محبت جو مالڪ – خدا تعاليٰ انهن سان محبت رکي ٿو. جيئن سورة الصَف َّ ۾ خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته:

اِنَّ اللهَ يُحِب ُّ الَّذ ِيٌنَ يُقَاتِلُوٌنَ فِيٌ سَبِيٌلِہ صَفًّا کَاَنَّهُمٌ بُنٌيَانءُ مَّرٌصُوٌصُٗ

ترجمو: تحقيق خدا حب ّ رکي ٿو تن سان، جي جنگ ڪن ڪافرن سان منجهه واٽ خدا جي صفون ڪري، ڄڻ ته اهي صفون ڀتيون آهن شيهو پلٽايل.

سِرَ سَٽِ ۾ ڏيڻ ائين آهن، جيئن جنگ جي صف يا سَٿَ ۾ ائين ڏئي بيهن، ڄڻ ته اِها صف ساهوارن جي نه آهي، پر گويا شيهي جي ڀت مضبوط ۽ محڪم بيٺل آهي ۽ پير نه موڙن پوئتي. پوءِ خدا تعاليٰ انهن سان محبت رکي ٿو ۽ اهي به محب آهن الله تعاليٰ جا ۽ پڪون پي شراب جون لذت وارا ٿيندا ۽ سر سندن به پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ جي راهه ۾ سٽ آهن يعني نذر آهن.

اهڙو هڪڙو نقل ٿو ڪجي: عبدالله بن قيس رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته مان جهاد ۾ هوس. جڏهن دشمن اچي گڏ ٿيا، تڏهن لشڪر ۾ اچي سڏ پيو ۽ سڀ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا. ان ڏينهن هوا ڏاڍي تکي ۽ گرم لڳي. مون ڏٺو ته هڪڙو شخص منهنجي اڳيان بيٺو آهي ۽ پنهنجي نفس کي مخاطب ٿي پيو چوي ته اي نفس! مان فلاڻي جهاد ۾ شريڪ ٿيس، ته تو چيو ته پنهنجي زال ۽ پٽ ڏي هلي انهن جو سماءُ رک. مان تنهنجو چوڻ وٺي موٽي ويس . وري فلاڻي جهاد ۾ شريڪ ٿيس ، ته  به ائين چيو، جيئن پهرئين دفعي چيو هوءِ ۽ مون تنهنجو چوڻ مڃيو. مگر اڄ، خدا جو قسم آهي ته توکي خدا تعاليٰ جي سامهون ٿو ڪريان. پوءِ توکي پڪڙي توڙي ڇڏي ، راوي ٿو چوي ته مون دل ۾ چيو ته مون کي به اڄ اهو شخص ڏسڻو آهي، ان کي ڏسندو رهيس. ماڻهن دشمنن تي حملو ڪيو ۽ اهو شخص حملي ڪندڙن جي مهڙ ۾ هئو. پوءِ جڏهن دشمنن حملو ڪيو، تڏهن سڀئي هٽجي ويا مگر اهو شخص پنهنجي پيرن کان نه مڙيو، تانجو ڪئين دفعا ائين پئي ٿيو، جو ٻيا سڀ هٽجي وڃن ۽ اُهو اتي ئي بيٺو لڙي. اهڙيءَ طرح لڙندي لڙندي نيٺ شهيد به آخر انهن پيرن تي ٿيو ۽ مون انهيءَ جي جسم ۾ (ستر) تيرن ۽ نيزن جا نشان ڏٺا. ان جي گهوڙي کي (سٺ) نشان زخمن جا هئا. اهي مڙس آهن شراب جا طالبو! ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پڻ اهڙن عاشقن جو بيان فرمايو آهي ته انهن محب وارن کي جنگيون، جهاد ۽ ٻيون تڪليفون ته ڇا، پر جي سِرُ سندن جدا ڪري ۽ ڌڙ انهن جا ديڳين ۾ ڪاڙهيا وڃن، تڏهن به مُڙن ڪونه، اڃا به پيا چون ۽ هٿ سان سر حاضر ڪيو ڏين. جيئن ايندڙ بيت نمبر 26 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ دوڳَ جَنِينٌ جَا ديڳِ ۾،

سي مَرُڪَن ِ پَچَارَ حَاضُرُ جَنِ جي هَٿ ۾.

هن بيت جي معنيٰ کان اول وري به اوهان جو ڌيان هن طرف ڇڪايون ٿا، ته ڏسو ته ڪهڙيءَ طرز ۽ عجيب نوع سان شاهه صاحب رحمة الله عليہ شراب محبت جو اگهه، قدر ۽ قيمت وڌائيندو ٿو اچي. پهريون نرخ شراب جو هئو ته سر ڏني پيالو شراب جو پِڙ ِ پوي ته چڱو. ان کان پوءِ وري وٽيون شراب جون سر ڏني ملن، ته به سهانگو آهي. ان کان پوءِ وري سر ڏني هڪڙي سُرڪي ملي ته سُڳڻي آهي سيّد چوي. پوءِ وري سر ڏني، انهيءَ شراب محبت موليٰ سائينءَ جو فقط چکڻ نصيب ٿئي، ”ڪاٽي چک ڪڪوهه لاهي سر لطيف چئي“. ان کان وڏي، قيمت ۽ قدر شراب جو، ملهه کان مهانگو ٿي ويو. باقي سر ڏني جي ”رڳي سکڻي وٽِي پَوَئي وَر ِ“ ته سهانگي آهي سيّد چوي. هاڻي، منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب هن بيت نمبر 26 ۾ انهيءَ شراباً طهورا، جو هوندو شراب قرب خدا تعاليٰ جي سان گڏيل قدر قيمت ٿو فرمائي ته ”اي طالب! سر جدا، ڌڙ جدا يعني رڳي سر ڏني ته هيءُ سودو شراب جو نه ٿيندو، پر سر به جدا ۽ ڌڙ به جدا ديڳين ۾ پيا ڪڙهن ۽ رجهن ته پوءِ اهڙي قيمت، جنهن جي هٿ ۾ حاضر هوندي، اهي ڀلي هن شراب محبت واري جي پچار، پڇا ڳاڇا ۽ گفتگو ڪن. يعني جي انهيءَ قيمت جي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي ته شراب جي رڳي پڇا به نه ڪن“. سوال آهي ته تڏهن ڀلا ڪهڙا پڇا ڪن؟

هن بيت جي پوئين تڪ ۾ جواب آهي”سي مرڪن پچار حاضر جنين هٿ ۾“. يعني جيڪا مُهڙين تڪ ۾ قيمت رکي وئي آهي، اها جنهن جي هٿ ۾ حاضر آهي، سي مَرُ يعني ڀلي پچار ڪن. جيئن اصحابن سڳورن جڏهن پنهنجي محبوب رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم لاءِ ٻڌائون ٿي ته جنگ ۾ آهن ته هنن جا جيءَ ۾ جيرا جليا ٿي، ته هن وقت ۽ هن گهڙيءَ اتي پهچون ۽ پنهنجي محبوب جي مٿان سر قربان ڪيون ۽ جيستائين حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن وٽ جنگ ۾ نٿي پهتا، تيستائين ٻيون لذتون دنيوي، گهر، ٻار، عورتون، کين وههِ جي بجاءِ ٿي لڳيون ۽ سندن سِرَ ۽ ڌَڙَ گويا ديڳين ۾ ڪڙهيا ٿي.

اهڙو نقل ٿو ڪجي: اَبُوٌ خَيٌشِمَةِ نالي هڪڙو مڙس انصاري مديني شريف جو رهاڪو هئو. هڪ ڏينهن ٻنپهرن جي وقت گهر ۾ آيو. ڏينهن به ان مهل زور گرم هئو ۽ هوا به سخت پئي لڳي. سندس ٻه زالون هيون، جي تمام حسين هيون ۽ سندس سامهون ويٺيون هيون. انهن کي خوشبوءِ مکيل هئي. هنن ٿڌو پاڻي ۽ سٺا طعام تيار ڪيل اچي آڏو رکيس. اتي خبر ٻڌائين ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جنگ تبوڪ لاءِ ويو آهي. تڏهن زالن ڏانهن نهاري چيائين ته اهو لائق نه آهي، جو نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم هجي سختيءَ ۾ ۽ ابوخيشمة گهر ۾ عيش ڪري، قسم آهيم الله تعاليٰ جو! نه کٽ تي ويهندس، نه طعام کائيندس، نه پاڻي پيئندس، تانجو پهچندس پنهنجي پرينءَ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي. پوءِ چڙهيو ۽ پهتو نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي جنگ تبوڪ ۾. تڏهن الله تعاليٰ اهڙن مڙسن جي پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ تعريف ٿو فرمائي، سورة التوبہ ع 15:

مَا کَانَ لِاَهٌلِ الٌمَد ِيٌنَةِ وَ مَنٌ حَوٌلَهُمٌ مِّنَ اٌلاَعٌرَابِ اَنٌ يَّتَخَلَّفُوٌ عَنٌ رَّسُوٌلِ الله ِ وَلاَ يَرٌغَبُوٌاٌ بِاَنٌفُسِهِمٌ عَنٌ نَّفٌسِہ ذَالِڪَ بِاَنَّهُمٌ لاَ يُصِيٌبُهُمٌ ظَمٌاً وَّ لاَ نَصٌبءُ وَّ لاَ مَخٌمَصَةءُ فِيٌ سَبِيٌلِ اللهِ. 

ترجمو: نه لائق آهي اهل مديني کي ۽ تن کي، جي ٻهراڙي ۾ ان جي ڪي عرب آهن، پوئتي ويهن رسول خدا جي کان گهر ۾ پنهنجي ۽ نه مِٺو رکن جسو پنهنجو سر رسول جي کان. اهو امر سبب هن ڳالهه جي ته مؤمنن کي نه پهچندي اُڃ ۽ نه ڏک ۽ نه بک منجهه واٽ خدا جي.

جڏهن خدا تعاليٰ اهڙن مردن مؤمنن جي تعريف ڪئي آهي، جي راهه ِ موليٰ ۾ سندس محب رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت ۾ پنهنجا سر مَڏيون مال قربان ڪرڻ وارا هئا، تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به انهن عاشقن محبت وارن جي تعريف فرمائي آهي ۽ ٻين طالب موليٰ جي کي پڻ ٻڌائي رهيو آهي، ته جيڪي پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سي ڀلي محبت وارا سڏائينِ ۽ انهيءَ محبت جي شراب جي پچر ڪن، جن جا جُسا ته موليٰ سائينءَ جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ گويا ديڳين ۾ ڪڙهن پيا، پر سندن جسن جي اندر محبت موليٰ حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ته جوش ۽ جنبش ۽ چؤرا کؤرا هئي ۽ آهي، جو سندن ساهه مان ائين پيو معلوم ٿئي، جيئن ديڳيون يا وڏيون ڪڻاهيون، کؤنرا هڻنديون يا ٽهڪنديون آهن. جيئن ايندڙ بيت نمبر 27 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

ديڳئين دوڳ ڪڙهن جِتي ڪڙئين ڪڙڪو نه لهي،

تِتي طبيبن چاڪ چِڪندا ڇڏيا.

        هن جي معنيٰ آهي ته جتي ڪڻاهين جي ٽهڪڻ جا ڪڙڪا، يعني آواز لهي ئي ڪونه، ڇاڪاڻ جو انهن جا ديڳين ۾ دوڳ هميشه پيا ڪڙهن ته انهن جي انهيءَ سڙڻ ۽ ڪڙهڻ جو علاج طبيبن به نه ڪيو. جيئن چاڪ يعني ڦٽ يا چير هنن جا چِڪيا پئي يعني وهيا پئي ۽ ڇٽا ئي ڪونه هئا ته کين طبيب ڇڏي هليا ويا.

هن بيت جو خلاصو مطلب، هن ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته جڏهن حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جنگ تبوڪ تي تيار ٿيا، تڏهن ضعيفن ۽ مريضن پڻ حضور جن کي عرض ڪيو ته اسين پڻ جنگ تي هلون. تڏهن حضور جن فرمايو ته اوهان ضعيف ۽ مريض آهيو ۽ بي ثمرا آهيو ۽ اوهان لاءِ مون وٽ وهٽ نه آهن. تڏهن هو روئندا پوئتي موٽيا ۽ هنن جي سيني ۾ جوش محبت جي ڪري سندن جيرا، جگر بُڪيون يعني دوڳَ سيني ۾ ديڳين مثال ڪڙهي رهيا هئا. ڪَڙيُن جي ڪڙڪي طرح هنن جي سُڏڪڻ ۽ روئڻ جو سنهو آواز هئو. تِتي طبيبن چاڪ چڪندا ڇڏيا. هن تڪ جو اشارو انهيءَ ساڳيءَ ڳالهه ڏانهن آهي. جيئن ته حقيقي طبيب الله تعاليٰ ۽ الله تعاليٰ جو رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن آهن ۽ حضور جن انهن مريضن ۽ ضعيفن جا چاڪ چڪندي يعني دل جي ڦٽن، جيڪي انهن جي اندر ۾ هئا، جنهنڪري سندن ڳوڙها وهيا ٿي ۽ سندن سيني وارا ڦٽ چاڪ ٿي چِڪي يعني وهي رهيا هئا، تن کي ڇڏيا ويا.

اهو بيان خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ انهن جي ڳوڙهن وهائڻ ۽ سندن محبت ۽ انهن کي اجوري ملڻ جو سورة التوبہ ع12 ۾ فرمايو آهي؛

لَيٌس َ عَلَي الضُّعَفَاءِ وَ لاَ عَلَي الٌمَرٌضيَ وَ لاَ عَلَي الَّذ ِيٌنَ لاَ يَجِدُوٌنَ مَا يُنٌفِقُوٌنَ حَرَجءُ اِذَا نَصَحُو اٌ لِلهَ وَ رَسُولِہٖ مَاعَلَي الٌمُحٌسِنِيٌن َ مِنٌ سَبِيٌلِ وَاللهُ غَفُوٌرءُ رَّحِيٌمءُ وَّ لاَ عَلَي الَّذِيٌن َ اِذاَ مَا اَتَوٌڪَ لِتَحٌمِلَهُمٌ قُلٌت َ لاَ اَجِدُ مَا اَحٌمِلُکُمٌ عَلَيٌہِ تَو َلَّوٌا وَّ اَعٌيُنُهُمٌ تَفِيٌضُ مِنَ الدَّمٌع ِ حَزَناً اَلاَّ يَجِدُوٌ مَا يُنٌفِقُوٌنَ. 

ترجمو: ناهه جنگ فرض مٿي ضعيفن، نڪي مريضن، نڪي مٿي تن، جي نه لهن ٿا خرچ، جڏهن خيرخواهه هجن خدا ۽ رسول جا- ناهه مٿي تن نيڪن ڪو عذاب ۽ الله مرهيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي- ناهه جنگ فرض مٿي تن، جي آيا تو وٽ ته وهٽ ڏي اسان کي. تو چيو ته ناهه مون وٽ وهٽ، کڻان اوهان کي جنهن تي. پوءِ موٽيا ۽ اکيون انهن جو ٿي وهيون ڳوڙهن سان، سبب خوف خدا جي ۽ نٿا ڏسن، جيڪي خرچ ڪن.

هن آيت شريف ۾ صاف ظاهر آهي ته انهن کي ڳوڙهن وهائيندي يعني چاڪن چڪيندي، ڦٽن اندر جي ڪري، ڳوڙهن وهندي، حقيقي حڪيم سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم جن انهن کي ڇڏيو، جو اهو بيان خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ڪيو آهي ۽ انهن محبت وارن جا اندر ديڳين ۽ ڪڻاهين مثل کؤنرا ۽ ٽهڪا هڻي رهيا هئا. جنهن جو جوش ۽ روئڻ ۽ سڏڪن جو آواز مثل ديڳين ۽ ڪڻاهين جي کؤنرن ۽ ٽهڪڻ جي آواز مثل هئو. توڙي هيڻا ۽ ڏٻرا مريض ۽ مسڪين هئا، تڏهن به خوف خدا تعاليٰ جو مٿن پنهنجن ساهن کان به وڌيڪ غالب هئو ته متان ناراض ٿي وڃي؛ ناراضپي پرينءَ جي کان به اهو ڊڄندو ۽ روئندو. جنهن کي محبت گهڻي ۽ گهاٽي هوندي. حضور ڪريم رحمت العالمين به قياس ۽ رحم آڻي هن ضعيفن ۽ بيمارن کي چاڪ چڪندا، انهيءَ محبت موليٰ جي سوز کان ڳوڙها وهائيندي ڇڏيو. حقيقتاً انهيءَ جنگ تبوڪ جو وقت نازڪ هو ۽ سختي به ته اهڙي هئي، جو انهيءَ وقت ۾ ڪنهن کي به ڇڏڻ ڏکيو هئو. ڇاڪاڻ ته جنگ تبوڪ ۾ به گويا ديڳين ۾ دوڳن ڪڙهڻ وارو ئي حساب ۽ ڪڻاهين جي ڪڙڪڻ يعني ٽهڪڻ وارو حساب هئو. انهيءَ جنگ ۾ واقعي مردن مجاهدن جا دوڳ يعني جسم، جيرا ۽ آنڊا رجهي رهيا هئا. اهڙي سختي هئي، جو ڏهن مڙسن کي هڪڙو وهٽ هئو ۽ کارڪ هڪڙي ٻن مڙسن کي رات ۽ ڏينهن جو قُوت ٿي ڏنائون، پاڻيءَ جي اُڃ ايڏي هئي، جو وهٽن جا اوجهه نپوڙي پيتائون ٿي. تڏهن به نڪي پورو ٿي پيتائون ۽ نڪي موجود ئي هئو. گهڻن ماڻهن جون دليون انهن سختين ۾ ٽهڪي رهيون هيون. ڪن جون دليون ته ڦرڻ کي ويجهيون ٿيون هيون. ايترو ميدان جنگ جو ڪشادو به انهن تي تنگ اچي رهيو هئو. تِتي وري ڀلا ڪنهن ٻئي مجازي طبيب جي ڪهڙي جاءِ هئي، جو اهو انهن جي اهڙي قسم جي تڪليفن يا چاڪن جو ڪو علاج ڪري ها، جتي انهن جي اندر جا دوڳ، جيرا، جگر، بڪيون، آنڊا ۽ دليون ديڳين مثل ٽهڪي ۽ ڪڙهي رهيون هيون! رات توڙي ڏينهن ڄڻ ڪڻاهيون چڙهيون پيون آهن ۽ ڪڙڪو لهي ئي ڪونه، تِتي طبيبن يعني الله تعاليٰ يعني الله جي رسول صلي الله عليہ وسلم هنن جي توبہ قبول فرمائي يعني چاڪ چڪندا ڇڏيا.

اهو بيان خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ سورة التوبہ جي رڪوع 14 ۾ فرمايو آهي ۽ اتي ڏسڻ گهرجي. هن سڄي سر ڪلياڻ جو يمن ڪلياڻ ۾ ڪشادو شرح ڪيل آهي. هتي جيڪر هن بيت جي شاهديءَ لاءِ يمن ڪلياڻ جا بيت آڻجن، ته پوءِ گهڻو بيان ڪرڻو پوندو ۽ ڪتاب گهڻو ٿي پوندو، ڇو ته انهن بيتن جا وري سڄي رسالي ۾ شرح آهن. سر يمن ڪلياڻ جو شرح آهي ٻيو سڄو رسالو؛ ۽ سر يمن ڪلياڻ ۾ پهريان ٻه فصل سڄا هنن بيتن جو شرح رکن ٿا. انهن جي اچڻ تي اهو بيان ڪيو ويندو.

هن بيت جي هيئن به معنيٰ ٿي سگهي ٿي، ته جن عاشقن جي اندر جا سمورا عضوا- جيرا، جگر، بڪيون، ديڳين ۽ ڪڻاهين مثل ٽهڪي رهيا آهن، پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ جي محبت جي شراب ۾، تڏهن انهن جو علاج هي ظاهر جا طبيب ڪهڙو ڪن! جيڪي چاڪ يا ڦٽ محبت جا اندر ۾ هنن کي آهن، تن جو علاج ته هنن ظاهر ٻين طبيبن وٽ آهي ئي ڪونه. انهن عاشقن جي علاج لاءِ جڏهن مجازي طبيبن کي آندائون، تڏهن هنن عاشقن کي عشق جي بيماريءَ جا چاڪ چڪندا ڏسي ڇڏي ويا، ڇاڪاڻ ته هن عشق يا محبت جي بيمار جو علاج وري به الله تعاليٰ وارا ئي ڪندا آهن ۽ پنهنجن محبن مريدن کي پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ سان ملائيندا آهن. جيئن ايندڙ بيت نمبر 28 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو:

بيت

سِسِي سي گهُرَن ِ جي واڻِينٌدَڙَ و ِچَ ۾،

اُوءِ ڪِي ٻيو پُڇَن ِ سَرَوُ سَنباهِيو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جيڪي واڻيندڙ يعني ڳنڍيندڙ، يا گڏيندڙ ڪنهن کي محب يعني مريد پنهنجي کي، پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ سان ڳنڍيندڙ، سسي يعني سر ته اُهي گهرندا آهن. يعني جيستائين مريد پنهنجي مرشد جي محبت ۾ گم نه ٿيندو يعني فنا في الشيخ نه ٿيندو، تيستائين اڳتي وڌي نه سگهندو. ڇو ته جيستائين مرشد هن تي راضي نه ٿيندو ۽ هن سان انهيءَ راههِ سلوڪ ۾ مدد نه ڪندو، تيستائين انهيءَ راهه سلوڪ ۾ هلڻ مشڪل آهي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”سسي سي گهُرن جيڪي واڻيندڙ وچ ۾“.

پر جن جو شراب آهي ۽ جو اهو شراب محبت جو ٺاهيو آهي، اهي ڪي ٻيو پڇن، يعني اهي هيءُ مجازي سر يا سسي نه گهرندا آهن. ڇاڪاڻ ته هن سسيءَ جي ڏيڻ سان، جي موليٰ  سائينءَ جو قرب حاصل ٿئي، ته سڀڪو جيڪر ڦاهو کائي پاڻ گهات ڪري موليٰ سائينءَ جي محبت جو شراب حاصل ڪري. پر ائين نه آهي. اهو ته پاڻ گناهه آهي. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ پاڻ ٿو فرمائي ته”اوءِ ڪي ٻيو پڇن“ – يعني سر نه – اهي ٻيو ڇا ٿا گهرن؟ اي طالب محبت جا! اهي توکان گهرن ٿا صاف دل، جا غير الله جي محبت کان صاف هجي يعني ڪنهن به ٻي شيءِ، مال ملڪيت، مٽ مائٽ، عورت ۽ اولاد جي محبت کان صاف ۽ انهن جي نفعي ۽ نقصان کان آزاد ۽ علحدي هجي ۽ فقط موليٰ جي محبت هجيس.

اي سالڪ! اول اها ڳالهه ياد ڪر ته الله ۽ غير الله ٻئي تنهنجي دل ۾ گڏ نه ٿيندا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٻئي هنڌ هڪ بيت جي تڪ فرمائي آهي ته ”ٻِن تَرار ِنِ جَاءِ ڪَا آهي هٻڪَ مِيَاڻَ ۾“. جيئن ٻه تراريون هڪڙي مياڻ ۾ نه ماپنديون آهن ۽ نه وري ان ۾ ٻن ترارين جي جاءِ ٺهيل آهي، تيئن دل ۾ به اهڙي جاءِ ٺهيل نه آهي- جو هڪڙي ۾ الله تعاليٰ جي جاءِ ۽ ٻيءَ ۾ غير الله جي جاءِ هجي. نه دل ۾ ٻه جايون ٺهيل آهن ۽ نه ٻه دليون مليل آهن، تنهنڪري ان ۾ ٻن شين جي جاءِ ئي ڪانه آهي. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”ڪِينَ مَائِينٌدا مَنَ ۾ خُود َيَ ۽ خُدا“ – خودي آهي پنهنجو هٺيلو نفس، جنهن کي نفس امارو سڏيو ويو آهي ۽ نفس جون ٻيون شهواتون، جي انهيءَ راهه سلوڪ ۾ رنڊڪ وجهن، اها خودي ۽ خدا ٻئي تنهنجي من ۾ ڪونه ماپندا.

هاڻي هن مان وري هڪڙو سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته سر ته اُهي ٿا گهرن (مرشد)، جيڪي ناتو ڳنڍيندڙ آهن محب جو موليٰ سائينءَ سان، ته پوءِ اهو به ته غير الله چئبو نه؟

ان جو جواب آهي ته ائين ته شاهه صاحب ڪونه فرمايو آهي ته پنهنجي دل ۾ فقط مرشد جي محبت اهڙي رک، جو تون ان جي پوڄا يا عبادت ڪرين ۽ الله تعاليٰ جي محبت نه هجي. مرشد سان محبت رکڻ جو هي مطلب آهي ته تنهنجو سر ان جو اهڙو ته مطيع ۽ محبت رکندڙ هجي، جو جيڪو به توکي تڪليف جهڙو ڪم مثلاً روزا، چلا، ذڪر، فڪر، زهد، تقويٰ وغيره ڏَسي، ته وڏيءَ خوشيءَ ۽ محبت سان تنهنجي دل اهو ڪرڻ لاءِ تيار هجي ۽ ان جو ڪوبه حڪم تنهنجي دل تي بار ۽ ڏکيو نه لڳي، اهي عبادتون ۽ پرهيزگاريءَ جون تڪليفون يا ورد وظائف تڏهن ڏکيا نه لڳندا آهن، جڏهن اول محبت قوي درجي جي هجي. جيتريقدر پنهنجي مرشد جي فرمان جو مطيع ۽ محبت رکندڙ هوندو، اوتريقدر هو پنهنجي مقصد ۽ اصل مطلب ۾ ڪامياب ٿيندو، ڇو ته مرشد آهي مريد کي پنهنجي موليٰ سان ڳنڍڻ واسطي. پوءِ جي مريد مرشد جو چيو ئي نه مڃيندو ته مرشد ان کي موليٰ سائينءَ سان ڳنڍي ڪيئن؟ مثلاً هڪ نيڪ ماڻهو ٻن ڌرين ۾ صلح يا ڳانڍاپو ڪندو آهي ته هنن جو پاڻ ۾ صلح تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان نيڪ ماڻهوءَ جو چوڻ وٺندا آهن. جنهن کي صلح ڪرڻ جي مرضي ۽ محبت به آهي، پر صلح ڪرائڻ واري جو چوڻ نٿو وٺي ته هو صلح ڪهڙيءَ طرح ڪرائي سگهندو؟ جيڪڏهن انهيءَ نيڪ ماڻهوءَ ۾ پورو اعتماد هوندس ۽ ڄاڻندو ته هيءُ منهنجو پورو خيرخواهه آهي، ان سان دلي دوستي هونديس، ان جي چوڻ ۾ هوندو ۽ پنهنجا عذر معذور به ڇڏي ڏيندو- مطلب ته ان جي محبت ۽ ان جي چوڻ ۾ مجبور هوندو ۽ ان جي اڳيان ڪو پنهنجو وس يا اختيار نه رکندو هوندو، ته ان جي چوڻ سان سندس دشمن سان به صلح ٿي ويندو.

هاڻي اِتان پنهنجو قياس ڪري ڏسو، ته جڏهن مجازي دوست جي چوڻ سان ان جو ڳانڍاپو دشمن سان به ٿي وڃي ٿو، تڏهن اهڙيءَ طرح مريد جڏهن مرشد جي محبت ۽ سندس امر جو مطيع ٿئي ٿو، تڏهن ان جو ڳانڍاپو سندس مرشد کي پنهنجي موليٰ سائينءَ سان ڳنڍڻ سولو ٿو ٿئي. پر مرشد پنهنجي مريد کي جيڪي ورد، روزا، نمازون وغيره ڏَسي ۽ هو چيو نه مڃي ته پوءِ ان جو صلح پنهنجي حقيقي سڄڻ سان به نه ٿيندو.

هاڻي مرشد سان محبت رکڻ جو اهو مطلب ٿيو، ته ان ۾ پورو يقين ۽ اعتماد هجي، ته منهنجي محبت جو اصل مقصد ان جي چوڻ مڃڻ ۽ راضپي حاصل ڪرڻ مان ئي ٿيندو. پوءِ ان کي ايترو ته راضي ڪري، جو انهيءَ راهه ۾ هو سندس مدد ڪرڻ ۾ شائق ٿئي. جيئن مجازي طبيب جي چوڻ موجب بيمار پوريءَ طرح پرهيز ڪندو آهي ۽ دوا ڪؤڙي به پي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن طبيب هن جا ڦٽ ڌوئي يا ڏکوئي يا چيري، تڏهن به صبر ڪري انهيءَ اعتماد تي سهي ته هو منهنجو خيرخواهه آهي ۽ مون کي اتان فائدو ٿيندو. پوءِ فائدو به ٿيندس. پر جي هن جو چوڻ ئي بيمار نه وٺندو ته فائدو به نه ٿيندس، ان مثال جو اهو مقصد آهي ته هن طبيب جو چوڻ بيمار تڏهن وٺندو ۽ پرهيز ڏکي به تڏهن ڪندو، جڏهن بيمار کي اول هن سان محبت هوندي ۽ پڪ هونديس ته حڪيم چڱو به آهي ۽ منهنجو خيرخواهه به يقيناً آهي، تڏهن کيس فائدو ٿيندو.

هاڻي خيال ڪرڻ گهرجي ته بيمار جو اصل مقصد هئو پنهنجي جُسي جي صحت جو، پيار ۽ محبت به کيس پنهنجي جُسي سان هئي ۽ ان جي صحت سببان طبيب سان ۽ طبيب جي محبت سببان ڪؤڙين پُڙين سان به ان جي محبت هئي، ته من اتان پنهنجو اصل مقصد، يعني منهنجو پيارو جسو صحت وارو ٿئي. انهيءَ طبيب ۽ پڙُين سان محبت رکڻ ڪري هن جي پنهنجي جسي جي محبت ۾ ڪو تفاوت ته نه آيو، پر جلد دلي مطلب حاصل ٿيس. اهڙيءَ طرح الله وارن سان محبت رکڻ ۽ مرشد سان محبت رکڻ ۾ ڪوبه توحيد ۾ نقص ته نه ٿيندو، پر اڃا به جلد ۽ سڻائو ۽ سولو فائدو انهيءَ محبت موليٰ سائينءَ جي ۾ ٿيندو، جو مريد جو اصل مقصد آهي ئي موليٰ سائينءَ جي محبت حاصل ڪرڻ. هن توحيد جي بابت بيان هن کان اول ٻنهي فصلن جي وچ ۾ وائي نمبر پهرينءَ جي معنيٰ ۾ ڪري چڪا آهيون. وڌيڪ اتي ڏسڻ گهرجي. تنهن کان سواءِ شاهه صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ ساڳئي بحث جو شرح اڳتي سر يمن ڪلياڻ جي فصل پهرئين ۽ ٻئي ۾ مرشد کي طبيب سان ۽ بيمار کي مريد سان تمثيل ڏئي بيان ڪيو آهي. اتي انشاءَ الله تعاليٰ ان جي اچڻ وقت وڌيڪ دل کولي بيان ڪيو ويندو.

باقي هتي هن بيت جي پوئين تڪ آهي ته ”اهي ڪِي ٻيو پُڇَن ِ سَروُ جَن ِ سَنباهِيو“، جن شراب محبت جو يا شراب طهورا جو تيار ڪيو آهي پيئندڙن لاءِ، اهي سر نه، پر ٻيو ڪي پڇن يا گهُرن ٿا. اهي ٿا گهرن دل ذاڪر، زبان شاڪر، عمل صالح ۽ نفس جو سر ڪٽيل؛ عاشقن جو ڪم رڳو سر ڏيڻ نه هوندو آهي، پر ان سان گڏ پنهنجي نفس جون سڌون ماري، سزائون ڏئي، ان کي مطيع ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن ايندڙ بيت 29 ۾ ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي:

بيت

اَصُلُ عَاشقَ پَنٌهِنٌجِيٌ سِسِي نه سَانٌڍ ِين ِ،

لاَهِيو سِرُ لَطِيٌفُ چَئي سَاههُ سَلٌهَاڙ ِيو ڏ ِيٌن ِ،

ڪُلَهٌن ِ ئو ڪور ِيٌن ِ پُڇَن ِ پوءِ پِريٌتَڻو.

        هن بيت جي معنيٰ آهي، ته اصل کان وٺي عاشقن جو اهو ڪم نه آهي، جو پنهنجي سسيءَ کي سانڍين يعني لڪائن. پر ڇا ڪندا آهن، جو سر لاهي يعني نفس جو سر ڪَٽي ۽ هيءُ ظاهر جو سر ۽ ساهه ٻئي گڏي، سلهاڙي ڏيندا آهن. اول جڏهن هيءُ سر ڪلهن تي ئي هوندو اٿن، تڏهن ان کي ڪورڻ پوندا آهن، يعني ان کي سزائون ڏئي ڳاريندا آهن ۽ پوءِ پريتڻي يعني محبت موليٰ سائينءَ جو پڇندا آهن.

هن بيت جو خلاصو مطلب آهي، ته عاشقن جو اصل کان وٺي اهو دستور هليو آيو آهي ۽ هوندو آهي،ته انهيءَ پريتڻي يعني دوستي ۽ محبت موليٰ سائينءَ جي پڇا پوءِ ڪندا آهن، اول پنهنجي سر کي انهيءَ راههِ  سلوڪ ۾ سزائون ڏئي، پنهنجي نفس کي شريعت جو پورو پورو مطيع ۽ فرمانبردار ڪندا آهن. اهي سزائون هوريان هوريان پنهنجي نفس کي ترتيبوار ڏئي، سر ۽ ساهه ٻئي گڏي، سلهاڙي ڏيندا آهن. هاڻي اهو سلهاڙي يعني گڏي ڏيڻ ڪيئن آهي؟ ان جو جواب آهي ته جهاد ۾ وڃي سر ڏيڻ سڻائو آهي، بنسبت انهيءَ جي، جو سڄي عمر پنهنجي نفس کي سزائون ڏئي. جهڙوڪ زهد، تقويٰ، فقر، فاقو، خوف خدا جو ۽ صبر وغيره اهو نفس کي سزائون ڏئي ڳارڻ آهي. تنهن کان سواءِ روزا، نمازون، حج، زڪواة ۽ شريعت جا امور سڀني تي محڪم بيهڻ. اهي سڀ بيان ڪيل ڪم نفس اماري جي سر کي ڪورڻ آهي، جو هي مجازي سر ڪلهن تي هجي، ته انهيءَ کي اِهي سزائون ڏئي مطيع ۽ فرمانبردار ڪري، پوءِ خدا تعاليٰ وارا مرد پريتڻو پڇندا آهن. انهن سزائن کان نفس کي جهاد ۾ وڃي سر ڏيڻ سڻائو لڳندو آهي.

اهڙو هڪڙو نقل ٿو ڪجي ته؛ هڪ ڏينهن لشڪر اسلام جي کي جهاد تي ويندو ڏسي، حضرت بايزيد بسطامي رحمة الله عليہ کي پنهنجي نفس چيو ته تون به هن لشڪر سان هل، جو جهاد وڏو ثواب آهي. حضرت بايزيد سڳوري چيس ته تون هميشہ ثواب جو ڪم نه ڏسيندو آهين. هن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو ته منهنجو ٻيو مطلب ڪونه آهي، پر چوان ٿو ته تون ثواب جي ڪمن جو شائق آهين ۽ هيءُ به ثواب حاصل ڪرين. تڏهن حضرت بايزيد رحمة الله عليہ خدا تعاليٰ کي عرض ڪيو ته ”اي موليٰ سائين! تون مون تي هن جو راز ظاهر ڪر“. تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته ”تون هن کان پڇ، هاڻي توکي ٻڌائيندو“. پوءِ نفس کان وري پڇيائين، تڏهن هن چيو ته ”تو مون کي طرحين طرحين جون تڪليفون ڏنيون آهن. ڏينهن جو روزا ۽ ٻيون تڪليفون، رات جو سڄي رات عبادت ڪرڻ ۽ جاڳڻ- مطلب ته مون کي ڪنهن به وقت آرام ڪونه ٿو ڏين. مان اهڙو تومان ناراض آهيان، جو چوان ٿو ته جهاد تي وڃين ۽ مرين ته پوءِ من منهنجي تومان جند ڇٽي ۽ آزاد ٿيان“. اهڙيءَ طرح خدا وارا پنهنجي نفسن کي ڳاري، ڪوري ۽ ان جو مٿو لاهي، يعني مطيع ڪري پنهنجي ساهه سان ڳنڍي ڇڏيندا آهن.

تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته عاشق الله جا ته سر اصلي ڪونه سانڍيندا، يعني پوئتي نه رکندا آهن. انهيءَ جي ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن، پر انهيءَ کان وڌيڪ ڏکيو آهي، هوريان هوريان سڄي عمر ان کي سزائون ڏئي ڳارڻ ۽ ڪورڻ. سو به خوشيءَ سان ويٺا ڪورين ِ عاشق، عبداللطيف چئي. ڇو ٿا ويٺا خوشيءَ مان ڪورين ِ؟ ڇو ته هيءُ هڪ سر ته ڇڏ، پر اهڙا سوين سر به دوست جي محبت ۽ ان جي لذت جي هڪڙي ذرڙي ۽ لحظي کان گهٽ آهن. تنهنڪري ايڏي وڏي نعمت جي ملڻ لاءِ عاشق اصلي سر پنهنجي کي بنهه سانڍيندا ئي ڪونه آهن. جيئن ايندڙ بيت نمبر 30 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

اَصُلُ عَاشِقَن ِ جو سِرُ نه سَانڍ ِڻُ ڪَمُ،

سَوَ سِسِنِئَانٌ اَڳَرو سَنٌدو دوسان دَمُ،

هِي هَڏو ۽ چَمُ پِڪَ پِريَانٌ جي نه پَڙي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته سر پنهنجو سانڍڻ يا لڪائڻ، يعني سر ڏيڻ کان نٽائڻ يا ان جي ڏيڻ کان ڀڄڻ، ته عاشقن جو اصل يعني بنهه يا پٽيءَ، ڪم نه آهي. اصل جي معنيٰ اول کان وٺي به، عاشق پنهنجو سر ڪونه سانڍيندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته سَونِ سِسين يعني سرن کان به اڳرو، يعني وڌيڪ دوسان يعني دوستن سان هڪڙو دم يعني لحظو گڏ گذارڻ آهي. سو انهيءَ ڪري ظاهر جو هڏي ۽ چم وارو سر ته انهيءَ پرينءَ جي پِڪ يعني ٿُڪ جي ٿورڙي ذرڙي، محبت جي شراب جو مَٽَ نه آهي، نه پڙي ۽ نه عيوض ئي آهي.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمت الله عليہ پنهنجي موليٰ سائينءَ جي محبت جي مزي ۽ لطف جو قدر قيمت ۽ شان بيان فرمايو آهي، ته انهيءَ منهنجي محبوب جي محبت واري شراب جي هڪڙي پڪ  جيتري ذرڙيءَ جي عيوض هي منهنجو سر به مٽ ٿي نٿو سگهي، ڇو ته هي سر فقط هڏي ۽ چم جو آهي ۽ قيمتي نه آهي. ان کان به وڌيڪ قيمت جي وڌائڻ جي لحاظ سان ٿو فرمائي ته هي هڪڙو سر ته ڇا، پر سَوَن سرن کان به منهنجي انهيءَ محبوب جي ملاقات جو هڪڙو دم يا لحظو يا ذرڙو وڌيڪ آهي. هن بيت ۾ موليٰ سائينءَ جي محبت جي قدر جو بيحد درجي جو بيان ڪيو ويو آهي. ان کان وڌيڪ زبان بيان ڪرڻ کان قاصر آهي. وري ان قصور جي بيان ڪرڻ کان به قاصر آهي ۽ عاجز آهي. وري اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته هن بيت ۾ جو چيو ويو آهي، ته عاشق ڪڏهن به پنهنجو سر پرينءَ کان ڪونه سانڍيندا يا وانجيندا آهن. اهڙا هڏي ۽ چم جا سَوَ سِرَ هجن، تڏهن به محبوب جي ملاقات جي هڪڙي ذرڙي جي مَٽ نه آهن ۽ هڪڙو دم دوست جي ملاقات جو گهڻو مٿي آهي.

هاڻي، اهو بيان ڪيئن ڪيو ويو آهي؟ نه سَوَ سر ڪنهن عاشق کي هوندا ئي آهن، نه وري هن هڏي ۽ چم واري ظاهر جي سر وڍائڻ سان موليٰ سائينءَ جي محبت حاصل ٿيندي آهي. تنهن کان سواءِ سر وڍئي کان پوءِ وري محبت حاصل هتي ڪيئن ٿيندي؟ جي هن مجازي ڪنڌ ڪپائڻ سان قرب حاصل ٿئي ها، ته پوءِ جهادن ۾ ڪيترا ڪنڌ ڪافرن ۽ منافقن به وڍيا ٿي، پوءِ انهن کي ڪو فائدو ٻنهي جهانن ۾ نه ٿيو! تڏهن چئبو نه ته هن مجازي سر جو بيان نه آهي. پر نفس جي طرحين طرحين جي خواهشات ۽ شهوات جي سِرن جو مثال آهي ۽ انهن جي مٿي وڍڻ جو بيان آهي ۽ نه هن هڏي ۽ چم واري سر جو. ڇاڪاڻ ته گهڻن الله وارن مڙسن ته پنهنجا هي مجازي سر وڍايا ڪونه آهن، پوءِ قرب خدا جو ڪيئن حاصل ٿين؟ تڏهن چئبو ته نفس جي انهن سوَن قسمن جي شهواتن ۽ لذتن جو مٿي وڍڻ يا رد ڪرڻ جو بيان آهي، جو نفس جون ٻيون سَون قسمن جو دنيوي لذتون انهيءَ حقيقي پرينءَ جي محبت جي پِڪ برابر يعني ٿورڙي ذرڙي برابر ۽ وقت ۽ وري هڪڙي دم برابر به نه آهن. انهيءَ ڪري مرد خدا جا پنهنجي نفس جون شهواتون ۽ لذتون وڃائي، رد ڪري، ان کي ذلت ۽ خواريءَ ڏي مائل ڪندا آهن. اهو گويا هن مجازي سر وڍڻ کان به ڏکيو آهي ۽ سڄي عمر ائين ڪرڻ گويا سون سرن جي ڪپڻ مثل آهي پر سڄي عمر ائين ڪرڻ به، انهيءَ حقيقي پرينءَ جي محبت واري شراب جي پڪ برابر نه آهي ۽ سَو دفعا پنهنجي نفس کي ذلت ڏئي ذليل ڪرڻ کان انهيءَ دوست جو محبت ۽ ملاقات وارو هڪڙو دم وڌڪ آهي.

خدا وارن مڙسن کي پنهنجي نفس جون شهواتون وڏائي ۽ شهرت وغيره پسند نه آهن، پر انهن کي پنهنجي نفس جي ذلت ۽ خواري پسند آهي.

هڪڙو نقل آهي ته: اِبن ڪَرني، جو حضرت جنيد رحمة الله عليہ جو استاد هئو، ان کي هڪڙي شخص دعوت لاءِ سڏيو. جڏهن هو دروازي جي ويجهو پهتو تڏهن هن کي منع ڪيائين. جڏهن هو پري ويو تڏهن وري ان کي سڏيائين ۽ جڏهن هو وري موٽي آيو تڏهن وري هن کي منع ڪيائين. اهڙيءَ طرح ٽي ڀيرا هن کي سڏيائين ۽ موٽايائين؛ تانجو چوٿين ڀيري ان کي گهر ۾ وٺي ويو ۽ چيائينس ته ”مون تنهنجي تواضع جي آزمائش ٿي ڪئي، تڏهن ائين ڪيم“.

هن سڳوري فرمايو ته ”مان پنهنجي نفس کي ويهن ورهين کان ذلت تي هيرايو آهي ۽ ايتري قدر هاڻي ٿيو آهي، جو مثل ڪُتي جي عادتي ٿي ويو آهي. هٽائينس ته هٽي وڃي، ۽ وري هڏو يا لقمو اڇلائينس ته هليو اچي. تون جيڪر پنجاهه سؤ دفعا مون کي هٽائين ۽ وري سڏين ها ته مان هليو اچان ها“. ان سڳوري جو هيءُ به احوال آهي جو فرمائي ٿو ته ”مان هڪڙي پاڙي ۾ ويس. اتي منهنجي تعظيم ڪرڻ لاءِ اٿيا ۽ ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ لڳا ته هيءُ ڀلو ماڻهو آهي. منهنجي دل انهيءَ ڳالهه کان پريشان ٿي، انهيءَ ڪري مان حمام ۾ ويس ۽ اتي ڄاڻي واڻي پنهنجا ميرا لٽا لاهي ۽ ٻئي ڪنهن جا عمدا ڪپڙا، جي اتي پيل هئا، سي پاتم ۽ مٿان ان جي وري پنهنجي گودڙي ڍڪيم ۽ ٻاهر نڪري هوريان هوريان هلڻ لڳس. ماڻهن مون کي پڪڙيو ۽ منهنجي گودڙي لاهي، هنن ڪپڙا مون کان پنهنجا لهرايا ۽ خوب ڌڌڙ وجهي مون کي ماريائون. آئينده لاءِ مان حمام جو چور مشهور ٿيس ۽ مون تي اهو نالو پئجي ويو. تڏهن منهنجي دل مطمئن ٿي.“

هاڻي خيال ڪرڻ گهرجي ته اهي مڙس پنهنجي نفس کان ڪهڙي رياضت ڪرائي رهيا هئا؟ اِها مجازي سر وڍڻ کان سؤ دفعا ڏکي آهي. پر تڏهن به پنهنجي پرينءَ جي پڪ برابر ذرڙي محبت ملڻ واسطي، اهڙيون رياضتون ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس جو مٿو مرتبي جو وڍڻ، گهٽ ٿي ڀانيائون، ۽ پنهنجي پرينءَ جي پڪ جيتري محبت کي به گهڻو وڌيڪ ٿي ڄاتائون، ڇاڪاڻ ته هن مٿي مجازي جي ڏني، جيڪڏهن محبت موليٰ سائين جي ملي ته جيڪر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سَڌ ٿئي ۽ عاشق ته انهيءَ سودي لاءِ يڪدم اچن، جيئن ايندڙ بيت نمبر 31 ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو:

بيت

جي مَٿي وَٽِ مِڙنِ ته سَڀَ ڪَنٌهِنٌ سَڌَ ٿِيئي،

سِر ڏِني سِٽَ جُڙي ته عاشقَ اِيٌئن اَچَنِ،

لِڌاَ تي لَڀَنِ، مُلهُه مَهَانٌگَا سُپرِينٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن مٿي وٽ، يعني مٿي ڏني ملن، ته سڀ ڪنهن يعني سڀني کي سَڌ يعني ارادو يا سڪ ٿئي ته سر ڏئي پرين لهون. پر جي اهو سودو سر ڏني سٽ جُڙي، يعني جوڙَ جُڙي وڃي ته جيڪر ائين عاشق گهڻا اچن- پر لِڌا تي يعني نصيب تي، قسمت چڱيءَ تي، لکئي تي، پرين لڀندا آهن ۽ ٻيءَ ڪنهن به قيمت يا ملهه کان مهانگا اهي پرين حقيقي آهن.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته جيڪڏهن اهو سودو آخرت جو فقط سر ڏني ٺهي وڃي ته ائين انهيءَ سودي جا عاشق گهڻا پيدا ٿي پون ۽ گهڻا ئي انهيءَ سودي لاءِ اچن ۽ سڀني کي اها سَڌ پيدا ٿي. پر جي پرين مٿي ڏني نه ملن يعني سر ڏني به نٿا ملن،ڇاڪاڻ ته انهيءَ حقيقي پرينءَ جي محبت جو ڪو ملهه ڪونه آهي ۽ ملهه يعني قدر قيمت ڪرڻ کان، هي سودو محبت موليٰ سائين وارو گهڻو مٿي ۽ مهانگو آهي ملهه ڪرڻ کان، باقي هن سودي ۾ هڪ شرط وڏو آهي؛ جنهن مان اهو پرين لڀندو آهي. شاهه صاحب رحمة الله عليہ پوئين تڪ ۾ فرمايو آهي ته” لِڌا ٿي لڀن“ يعني لکئي، نصيب ۽ قسمت چڱيءَ تي لڀندا آهن. هتي لڀن جو لفظ ڇو آندو ويو آهي؟ ملن چيو وڃي ها، تڏهن به ٺهي وڃي ها. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته جيڪڏهن اتي چيو وڃي ها ته لِڌا تي ملن، يعني لکئي تي ملن، يعني جيڪڏهن تقدير ۾ چڱو لکيل هوندو ته پرين ملندو، ته پوءِ سعيي ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونه ٿيو. پوءِ نيڪ عملن جي ڪرڻ جي ضرورت به ڇٽي وئي، پر ائين نه آهي. سڀ ڪنهن دنيوي اسباب لاءِ ڪوشش ڪجي ٿي، باقي حقيقي پرين لکئي تي ملندو، سو ائين به نه آهي. انهيءَ ڪري هيءُ عجيب لفظ ”لڀڻ“ جو آندو ويو آهي. لڀڻ جو  لفظ تڏهن ڪم آڻبو آهي، جڏهن ڪا شئي گهڻي ڳولا يا ڪوشش بعد ملندي آهي تڏهن چئبو آهي ته اها شيءِ لڌي يا چئبو آهي ته تون جيڪا شيءِ ڳولين ٿو سا لڀندي. تنهنڪري اهو”لڀڻ“ جو لفظ جو هن تڪ ۾ اهڙي نوع تي آندو ويو آهي، جو ٻئي معنائون گڏ ٿو رکي: هڪڙي ملڻ ۽ ٻي لڀڻ جي. انهيءَ ڪري هن تڪ ”لِڌا تي لڀن“ جي معنيٰ آهي ته ڪوشش ۽ سعيي بعد جيڪڏهن لکئي، تقدير ۽ نصيب ۾ به چڱو هوندو ته ملندا، نه ته ٻئي ته ڪنهن به ملهه کان مهانگا ۽ ڏکيا آهن.

وري هاڻي هن پهريءَ تڪ ڏي ڌيان ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”مٿي ڏني ملن ته هوند سڀڪنهن کي سڌ ٿئي“ ان جو مطلب ٿيو ته رڳو سر ڏني به نٿا ملن، تڏهن هن تڪ مان به هڪرو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڀلا شهيدن جو پنهنجا سر ڏنا ۽ انهن لاءِ خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته بهشت ۾ وڏا اجر ۽ لقاءَ انهن کي پڻ نصيب ٿيندا ۽ هتي تڪ ۾ آهي ته ”سر ڏني به نٿا ملن“، اهو ڪيئن؟

ان جو جواب آهي ته انهن شهيدن رڳو سر ڏني اهي درجا حاصل نه ڪيا آهن، پر انهن سڳورن انهيءَ مجازي سر ڏيڻ کان اول پنهنجي نفس جي شهواتن کي رد ڪري، ان جو مٿو وڍيائون ۽ پنهنجي مالن، گهرن، زالن ۽ اولادن جي لذتن کي ڇڏي محبت موليٰ جي حاصل ڪيائون. پوءِ سندس راهه ۾ هي سر مجازي به ڏنائون، تڏهن پرين ملين. ڀلا تون پنهنجي سر جو خيال ڪري ڏس، جيستائين تنهنجو نفس تنهنجي چوڻ ۾ نه ٿيو آهي، تيستائين تون پاڻ جهاد ۾ اڄ وڃي سر ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟ تڏهن ئي جهاد ۾ سر ڏئي سگهبو، جڏهن اول نفس کي ماري ۽ ان جو سر وڍي  سواءِ پنهنجي نفس جي مٿي وڃڻ جي رڳو سر ڏيڻ يا رڳو سجدن ڏيڻ ۽ چلن ڪڍڻ ۽ روزن رکڻ سان فائدو نه ٿيندو- هيءُ بيان گهڻو آهي، تنهنڪري هڪڙو نقل آڻي مثال ٿو ڏجي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org