سيڪشن؛ادب

ڪتاب:  شرح لطيف

باب:

صفحو:1

شرح لطيف

رسول بخش ڏيرو

ناشر طرفان ٻه لفظ

اما بعد! حضرت شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ جي ڪلام ۾ جا وسعت ۽ بيڪراني آهي، ان کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهي. شاهه صاحب جي ڪلام مان هر طبقي جي ماڻهن پنهنجي لاءِ موتي لڌا، ليڪن اڃا ڪي پهلو تشنہُ تڪميل هئا، جن جي لاءِ حاجي رسول بخش خان صاحب قلم کڻي ڪري، اسان کي ”نئين شرح لطيف“ عطا ڪيو. فاضل مصنف هن شرح ۾ چند خصوصيتون رکيون آهن، جهڙوڪ:

(1). شاهه صاحب جي هن دعويٰ کي ”بيت نه ڀانيو ڀائرو اهي آيتون آهين“ ۾ ثابت ڪيو ويو آهي، جو هر هڪ بيت جي ثبوت لاءِ قرآن شريف مان آيتون پيش ڪيون ويون آهن.

(2). قرآن شريف جو خاص امتياز هي به آهي، جو هر هڪ صورت ۽ هر هڪ آيت جو هڪٻئي سان ربط ۽ ڳانڍاپو آهي، اهڙيءَ ريت فاضل مصنف به هر هڪ سُر ۽ هر هڪ بيت جو هڪٻئي سان ربط به رکيو آهي.

(3). تصوف جي هر هڪ منزل کي شاهه صاحب جي بيتن مان ثابت ڪري، ان جو تفصيلي بحث به ڪيو آهي ۽ ان ۾ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون به آنديون ويون آهن.

(4). هر هڪ بيت جي آسان سمجهاڻيءَ لاءِ عقلي ۽ نقلي مثال به ڏنا ويا آهن.

(5). ڏکين لفظن جي پٽي ڏيڻ بدران انهن کي جملي ۾ چئي ڏيکاريو اٿن.

(6) الله وارن صوفين سڳورن جا اخلاص ۽ اخلاق، بيتن جي تقريرن ۾ اهڙيءَ طرح آندل آهن، ڄڻ هن ”نئين شرح لطيف“ کي زور، زيبدار ۽ لذيذ بڻايو آهي. ساڳئي وقت گهڻو پئسو خرچ ڪري هن ڪتاب کي ظاهري نموني به سينگاريو ويو آهي.

هنن باطني ۽ ظاهري خوبصورتين سان ”نئين شرح لطيف“ کي معزز قارئين ۽ قدردانن جي آڏو رکيو ويو آهي، اميد ته هن ڪوشش ۾ اُهي هن شرح جي دلي آجيان ڪندا.

آخر ۾ مان دربار ايزديءَ ۾ شڪر ٿو ادا ڪيان، جو ههڙيءَ شرح جي تحفي پيش ڪرڻ جي توفيق ”لطيف پبليڪيشنس فريدآباد“ کي عطا ڪئي. انشاءَ الله العزيز هن کان بعد ”سر آسا“ سڄڻن وٽ پيش ڪبو.

غلام دستگير ڏيرو

سيڪريٽري

”لطيف پبليڪيشنس“ فريد آباد

تعلقه ميهڙ، ضلع دادو سنڌ.

تعارفي نوٽ

تعارفي نوٽن جا لکندڙ

*الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

*مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

*ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

*مولانا غلام محمد گرامي

*سيد محمد صالح شاهه بخاري

*مولانا مولوي در محمد ”خاڪ“

*مولوي در محمد پنهور

الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

تعارفي نوٽ

(1)

نَحٌمَدُهٗ وَ نُصَلِّـّﻶ عَليٰ رَسُولِہِ الٌڪَرِيٌمِ

آءٌ عبادت ۾ اعتقاد رکان ٿو ۽ دعا ۾ منهنجو يقين آهي. منهنجي واسطي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪي ڳالهيون خاص اهميت رکن ٿيون، جيڪي دنيا جي ڪنهن به شاعر ۾ نه ملنديون. ڪنهن ڪنهن شاعر ۾ پنهنجي صلاحيت جو گهمنڊ ۽ لکڻ تي انفراديت جو احساس نظر ايندو. شاهه صاحب جو ڪلام آءٌ عام فهم نظم جي خيال کان نٿو ڏسان، شاهه صاحب جو رسالو منهنجي نظر ۾ نظم جو ڪتاب نه آهي.

شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سندس ڪلام ٻن بنيادي شين سان ڀريل آهي: هڪ نوَڙت  ۽ نياز ۽ پروردگار تي پوري يقين جواحساس. اهو انهيءَ احساس جو نتيجو آهي، جو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ شاعرانه مبالغو يا فطرتي اڻ ٿيندڙ ڳالهين جو ذڪر نه آهي. شاهه صاحب جو ڪلام نئڙت ۽ نياز جو ڪلام آهي، ۽ خدا جي در تي ٻاڏائڻ ان جو راز آهي. مون شاهه صاحب کي ڪڏهن به ممڪن آهي ته ماڻهن جي نظر ۾ هو شاعر ليکيو وڃي، شاعر جو ڪلام سمجهي نه پڙهيو آهي. شاهه صاحب جو ڪلام دعا جو ڪلام آهي. شاهه صاحب ماڻهن جي دلين جو مالڪ آهي، سندس لفظ ۽ انهن جو استعمال هر طبقي جي انسانن لاءِ يڪسان مقبول آهي. هوڏ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ بدترين گناهه آهي. مظلوم جي دانهن هر ڳالهه ۾ نمايان آهي. شاهه صاحب جو ڪلام قرآني تصورات جي ترجماني آهي.

آءٌ رسول بخش ڏيري کي سندس محنت تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

حيدرآباد سنڌ

4-4-1973ع                  سيد غلام مصطفيٰ شاهه

از: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

تعارفي نوٽ

(2)

ڪجهه سال اڳ سنڌي ساهت جي، هتي جي رهواسين جي دلين ۾ جيڪا صورت ويٺل هئي، سا اڄ نئين شڪل ۾ بدليل نظر اچي رهي آهي. ساڳيءَ ريت اديب جو تصور به اڳ کان گهڻو ڦريل آهي. دنيا ۾ مشيني انقلاب ۽ سائنسي ايجاد نه رڳو حضرت انسان جي فڪري ۽ ذهني بلنديءَ جو ڌاڪو ويهاريو آهي پر علم، ادب زندگيءَ جي قدرن ۽ ماڻهن جي سوچ، ويچار ۾ به وڏو ڦيرو آندو آهي. هاڻي سنڌي ”اديب“ انکي نه چئبو، جيڪو چونڊ سنڌي نظم يا نثر جوڙي يا روايت ڪري يا ان جي شرح لکي ۽ درس ڏئي، پر “اديب“ هڪ روشن آئينو ۽ ادب جو امين ۽ پارکو ڄاتو وڃي ٿو، جيڪو ڌرتيءَ کي اهڙو ادب ڏئي، جو سماج لاءِ مفيد ۽ ان جي اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هجي. ادب ۽ اديب جي هن جديد تصور ڪري ادبي دنيا ۾ وڏي اُٿل پٿل آئي آهي. گهڻين ٻولين جا ڪيترا ادبي شاهڪار هن نئين نظريي ڪري بنہ بيڪار خيال ڪيا وڃن ٿا. اسان جو سنڌي ساهتيه به انهيءَ بحراني حالت ۾ ڦاٿل آهي. اسان جي نئين ٽهيءَ وارا ڪي اديب ۽ شاعر هن خيال جا آهن ته سنڌي ساهتيه تازگي تڏهن ٿيندي، جڏهن ان کي اسين ڌارئي ادب جي طرز تي پيش ڪريون. اسين ڌارئي ادب جي وسعت ۽ نون موڙن کان انڪار نٿا ڪريون، پر اسان کي هن چوڻ ۾ معاف ڪيو وڃي، ته اهو خيال سنڌي ساهتي جي بحرانيءَ ڪيفيت جو پورو علاج نه آهي، اها مڃيل ڳالهه آهي ته هر هڪ ٻوليءَ جي ادب تي ان جي ڌرتيءَ ۽ مقامي ماحول جو اثر اوس پوندو آهي. تڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ادب کي ڇڪي، تاڻي زوريءَ بنهه ٻيو ويس پهرائڻ، ان ٻوليءَ سان وڏي ناانصافي آهي. اسان کي نئين دور جي تقاضائن سان گڏ، قديم دور جي ساهتيه کي به سانڍڻو ۽ سنوارڻو آهي ۽ ان سان ئي اسان جي سلوڻي ۽ سهڻي سنڌي ٻولي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وڃي پار پوندي.

سنڌي ساهتيه ۾ ” شاهه جو رسالو“ اهو سنهري وٿ ۽ ڏاتر جي ڏات آهي، جنهن کي نوان توڙي پراڻا اديب ۽ عالم هميشہ عزت ۽ احترام سان ڏسندا آيا آهن. اهو ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪمال ۽ اعجاز هو، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي سٻاجهڙن کي اهو سبق ڏيئي ويو، جو ڪڏهن به وسرڻ وارو نه آهي. سوين سال گذرڻ کان پوءِ به هن علمي ۽ ادبي گلاب جي هٻڪار گهٽ نه ٿي آهي. هڪ اديب ۽ عالم کان وٺي ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻڪرار تائين سڀ هن جي خوشبوءَ مان واس وٺندا رهن ٿا. هن عالمي خزاني مان هڪ پاسي تصوف ۽ شريعت جا موتي هٿ اچن ٿا، ته ٻئي پاسي سياست ۽ زندگيءَ جي نون قدرن ۽ سماجي انصاف جا سبق پڻ ملن ٿا.

جي آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ،شاهه صاحب جي ڪلام جي لغوي شرح ڪئي ۽ اسلامي تصوف ۽ ويدانت جا روحاني راز لکيا، ته سائين جي ايم سيد سنائيءَ ان کي وري سياست ۽ ملڪي ضرورت تي پيغام جي شڪل ۾ پيش ڪيو- هن عاجز پڻ شاهه سائينءَ جي ڪلام کي سياسي نقطه نظر ۽ سندن همعصر شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فلسفي ۽ فڪر جي عينڪ سان پروڙي پيش ڪيو، منهنجي بزرگ دوست مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ جن سندن تاليف ”شاهه جو مطالعو“ ۾ پڻ ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي سياسي،سماجي، ادبي ۽ مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو ان کي پوري ڪرڻ کان اڳ ئي ٻي دنيا ڏانهن  اُسري ويا. هن سلسلي ۾ مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽه، جناب عثمان علي انصاري، مولانا درمحمد ”خاڪ“ ۽ ڀارت جي سنڌي هندو اديبن پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻين جي ڪوششن کي وساري نٿو سگهجي. حضرت شاهه ڀٽائي صاحب جن پنهنجي ڪلام بابت جو اها دعويٰ فرمائي آهي:

جي تو بيت ڀائيا سي آيتون آهين،

سڳر سونهائين پريان سندي پار ڏي.

ان جي صداقت ۽ وضاحت لاءِ ضرورت هئي، ته ”شاهه جي رسالي“ کي قرآن حڪيم جي آيتن سان ڀيٽي ڏسجي ۽ اسلامي رنگ ۾ ان جي شرح لکي وڃي، اها سعادت سنڌ جي مردم خيز ضلعي دادوءَ جي هڪ سنڌي امير رئيس رسول بخش خان ڏيري جي حق ۾ لکيل هئي، جو ان مٿئين ضرورت کي نظر ۾ رکي، شرح جو اهو ڪٺن ڪم ٻهراڙيءَ ۾ ويهي، چپ چپات ۾ پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ڪيترن سُرن جي شرح لکي راس ڪئي  ۽ هيءَ ان جي ٻن سُرن ”ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ“ جي شرح آهي،جا ڇاپي هيٺ به اچي ويئي آهي.

رئيس رسول بخش خان ڏيري سان پنهنجي چڱي ڄاڻ سڃاڻ آهي، رئيس صاحب نه ته ڪنهن دارالعلوم جو فاضل آهي ۽ نه ڪنهن ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهي، رڳو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻ رکي ٿو. رئيس موصوف سان اسان جون علمي ۽ ادبي ريهاڻيون ۽ ڪچهريون به ٿيون آهن، اسان سنڌي ٻوليءَ جو کين مهاساگر سمنڊ ڏٺو ۽ سنڌيءَ جي جهوني رسم الخط جو وڏو ڄاڻو لڌو. الله تعاليٰ سندن دل واري ڦرهيءَ تي الاهي فيض جي اهڙي پالوٽ ڪئي آهي، جو ڀٽائي صاحب جي هر بيت ۽ وائي جي اها شرح ڪئي اٿن، جو قرآني آيتن سان مطابقت کائي ٿي، اهو وهبي فيض جو اثر آهي، جو آيتن جو تفسير به صحيح ڪندا ويا آهن ۽ انهن جو ترجمو به آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿن، جو ڏاڍو سلوڻو ۽ سهڻو پيو لڳي، سندن عبارت نهايت سادي ۽ سولي آهي، جنهن کي گهڻو يا ٿورو پڙهيل هر هڪ سمجهي سگهي ٿو. هن شرح جي اهميت ۽ تعريف ان جي پڙهڻ تي مدار رکي ٿي. بيتن جو مطلب بيان ڪندي ڏکين اکرن جي صحيح ۽ عمدي معنيٰ به بيان ڪندا ويا آهن، ڪٿي ڪٿي اڳين شارحن کان صورتخطي جي غلط اُچار ڪري جيڪي غلطيون ٿيون آهن، انهن تي به صورتخطي ۽ لغت جي لحاظ کان تحقيقي روشني وجهندا ويا آهن.

آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ، رئيس صاحب کي هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي تڪميل جي توفيق عنايت فرمائي---- آمين.

20 جنوري 1973ع           غلام مصطفيٰ قاسمي

اعزازي پروفيسر- سنڌي شعبو،

                         سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سنڌ.


 

از: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

تعارفي نوٽ

(3)

پنڌرهن سال اڳ سنڌ جي ادبي ۽ تاريخي ذخيري جي تلاش ۾ دادو ضلعي جا گشت ڪندي،25 جنوري 1958ع تي فريد آباد ۾ ميان رسول بخش ڏيري سان سندس اوطاق تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو. پاڻ وڏي محبت سان رسالي جي رهاڻ شروع ڪيائين ۽ ڪن بيتن جي معنيٰ ۽ شرح بيان ڪيائين. خاص طرح ”سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وٽيج“ بيت جي تفصيلي سمجهاڻي ڏنائين. رسالي جي شروع وارن سرن کان سواءِ، ٻيا بيت پڻ زير بحث آيا. جيئن ته:

ڪِي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنيو،

تنهين مان تر جيتري جي خبر پَئي کَڙن،

هي تان سڀ مرن، هن پڻ اوراتو نه لهي.

چيائين ته: حضرت آدم جي بوتي بنائڻ لاءِ مٽيءَ ۾ غم ۽ گوندر جو پاڻي ملائي ان کي ڳوهيائون. پوءِ ان ۾ ڪِني گپ ”سلسالٍ کالفخار“ ملايائون. جيڪڏهن اها خبر مٽيءَ جي کَڙن کي پوي ها ته اهي انهيءَ غم ۽ اندوهه ۾ ڳري وڃن ها.

رسالي جي بيتن جي شرح ۽ معنيٰ سان ميان رسول بخش جو ايترو شغف ڏسي، آءُ نهايت متاثر ٿيس ته ڀٽ شاهه کان ڪوهين پري ڪاڇي ۾، فريد آباد شهر جو راڄ – وڏيرو ۽ زميندار ، اڪيلي سر ۽ ٻين ساٿين جي صحبت کان سواءِ، رسالي جي رهاڻ ۾ ڪيترو نه رڌل آهي!

ميان رسول بخش ولد مرحوم ميان علي نواز ڏيرو،پنهنجي خاندان ۽ ڏيرن قبيلن جو چڱو مڙس آهي. هو فيبروري 1901ع ۾ فريد آباد ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ڀٽ شاهه جي اوڀر طرف ويٺل هئا، جتي اڃا تائين ڏيرن جا ڳوٺ آهن، پر ڀٽائي صاحب جي زماني کان اڳ لڏي وڃي ڪاڇو وسايائون، سندس والد ميان علي نواز وڏو ديندار، متقي، نيڪ بخت ۽ علم دوست هو. وٽس ڪتابن جو ڪافي ذخيرو هو. ميان رسول بخش ننڍو هو جو سندس والد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس والده سندس تربيت ڪئي ۽ کيس قرآن شريف ۽ ٻيا سنڌي ديني ڪتاب پڙهايائين. ڇهه درجا سنڌي اسڪول ۾ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي عبدالڪريم صاحب ديروي جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين. مولوي صاحب موصوف پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ اهل دل صوفي هو، جنهن جي صحبت ۽ فيض جو ميان رسول بخش تي وڏو اثر ٿيو ۽ سندس دل ۾ اڳين صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڪلام کي پڙهڻ جو ذوق پيدا ٿيو ۽ خاص طرح حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي جي مطالعي ڏانهن متوجهه ڪيو.

شاهه جي رسالي کي پڙهندي، بيتن ۽ واين جي معنيٰ کي سولو ڪري سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ڪيائين ۽ 1953ع کان وٺي رسالي جي تفصيلي شرح لکڻ لاءِ قلم کنيائين. هن وقت تائين هو صاحب هيٺيون ڪم پورو ڪري چڪو آهي؛

(الف) سر سامونڊيءَ جي هڪ بيت ”سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وٽيج“ جو شرح ٻه جلد، هر هڪ جلد چار سئو صفحا (اڻ ڇپيل).

(ب) ”سريمن“ جي پهرئين ۽ ٻئي فصل جو شرح ۽ سر ”ڪلياڻ“ جو موجوده شرح جيڪو ڇپجي چڪو آهي.

(ج) سر آسا جو شرح، چار سئو پنجاهه صفحا (اڻ ڇپيل). هيءَ موجوده شرح، جيئن ته لائق لکندڙ پاڻ پنهنجي مهاڳ ۾ بيان ڪيو آهي، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي معنوي نڪتن مطابق آهي، جنهن ۾ آيات ۽ احاديث جي روشنيءَ ۾ بيتن جي معنيٰ کي کولي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. تفصيل جي لحاظ کان هيءَ تشريح هن نوع جو پهريون ڪشالو آهي، جيڪو ميان رسول بخش ڏيري جي قلم مان نڪتو آهي، اهو هڪ وڏو ڪشالو آهي، جيڪو شاهه جي ڪلام سان سندس محبت ۽ ذاتي ڄاڻ موجب ان کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مسلسل محنت جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ هو مبارڪ جو مستحق آهي.

سنڌ جي داناءَ دانشمند علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مرحوم چئي ڇڏيو آهي، ته حضرت شاهه عبداللطيف دنيا جي اعليٰ شاعرن جي پهرينءَ صف جو علمبردار آهي. مختلف سرن ۾، مختلف نگاهن کان، حضرت شاهه صاحب انسان جي اعليٰ ڪردار کي حڪمت ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ جيترو اجاگر ڪيو آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ڪيو هجي، ان سان گڏ حضرت شاهه صاحب مختلف صورتن ۽ حالتن ۾ انساني نفسيات جي ڪيفيتن کي جنهن حقيقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اهو پڻ انسان کي ”انسان“ جي حيثيت ۾ سمجهڻ لاءِ آئينو آهي. هڪ حقيقي شاعر جي حيثيت ۾ حضرت شاهه صاحب جو مثال بي مثال آهي، جنهن جي ڪلام اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل کي يڪسان متاثر ڪيو. شاهه ٻوليءَ جو اهو شهنشاهه آهي، جنهن پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ اهڙو ته اثر ۽ دلپذيري پيدا ڪئي آهي جو سنڌي ٻولي هميشه لاءِ جيئري جاڳندي رهندي. انهن جامع مگر جدا جدا حقيقتن کي روشن ڪرڻ لاءِ حضرت شاهه صاحب جي ڪلام کي پڻ جدا جدا نموني سان کولي، سمجهائي، دنيا جي آڏو پيش ڪرڻو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ اسان مان جيڪو به ڪي ڪجهه ڪري ٿو، سو ڄڻ انهيءَ ڏَسَ ۾ اڳتي قدم وڌائي ٿو. ميان رسول بخش ڏيري وک وڌائي، پڙهيلن ۽ عالمن لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي: جيڪڏهن ڳوٺ جو هڪ روشن خيال زميندار هيترو ڪشالو ڪري سگهي ٿو ته عالمن ۽ استادن کي ته گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

حيدرآباد سنڌ                          خادم العلم

10-1-1973ع                         نبي بخش

از: مولانا غلام محمد گرامي

تعارفي نوٽ

(4)

شاهه لطيف رحمة الله عليہ جهڙي عظيم شخصيت جي ڪلام ۽ فن تي ”وادي – مهراڻ“ کي فخر حاصل آهي. شاهه صاحب جي شعور ۽ شاعريءَ جي ناقدن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب زندگيءَ جو ترجمان آهي. سندس شاعريءَ ۽ فن کي زندگيءَ جو فن سڏيو ويو آهي. سندس سماجي شعور، مشاهدا ۽ تجربا، رايا ۽ نتيجا نهايت تعميري، پائدار ۽ زندگي بخش آهن، سنڌ ۽ ان جي حالات، سماجي ردو بدل،مذهبي ماحول، عوامي زندگيءَ ۽ سياسي نظام کي شاهه صاحب رڳو سطحي حيثيت سان نه، پر بصيرت وارين اکين سان مطالعو ڪيو آهي ۽ پوءِ هڪ پيغامبر جي زبان سان بيان ڪيو اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڪلام صحتمند قدرن جو حامل آهي. سندس ڪلام بي مقصد شاعريءَ واري لغو بيانيءَ، مبالغه آرائيءَ، لفاظيءَ ۽ انشا پردازيءَ کان پاڪ آهي. ان سان گڏ سندس ڪلام جو افادي پهلو اهو آهي، ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ”ادب برائي ادب“ جي مهمل ۽ ذوقيه پس منظر مان ڪڍي، ”ادب برائي زندگي“ جي روشن ۽ تابناڪ مقصد تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سندس افاديت پسنديءَ کي جيڪڏهن نفسياتي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته پوءِ واضح ٿئي ٿو ته سندس طريقِ ڪار حڪيمانه هو. شاهه، سنڌ جي تسليم ٿيل روايتن ۽ داستانن ، لوڪ ڪهاڻين ۽ ضرب الامثال لساني محاورات ۽ اصطلاحات کي، استعاري ۽ ڪنائي جي زبان ۾ بيان ڪري، ”سنديان را اصطلاح سند مدح“، جي مصداق پيغام ڏنو آهي: منجهس ڪا به اجنبيت ڪانه آهي، نه زبان جي لحاظ کان ۽ نه مواد جي لحاظ کان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org