سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:12 

بيت

سِڪِينٌ ڪُہٌ سَلامَ کي، ڪَر ِينٌ ڪُہٌ نه سَلامُ،

ٻِيَا دَرَ تَن ِ حَرَامُ، اِيءُ دَرُ جَنِينٌ ديکِيو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي دل کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته، ڇاڪاڻ ٿي تون سلام لاءِ سڪين ۽ ڇونه ٿي تون انهيءَ محبوب جو سلام ڪرين، جو اهو منهنجو محبوب موليٰ سائين اهڙو ته مهربان آهي ۽ سخي آهي، جو جن اهو در منهنجي محبوب جي رحمت جو ڏٺو، تن کي ٻيا غير جا در سڀ حرام ٿي ويا. اهو قانون عشق جو آهي ته عاشق وڃي معشوق جو سلام ڪري. پوءِ ڇو نه ٿي تون وڃين سلام ڪرين؟ باقي انهيءَ ڳالهه ۾ يعني انهيءَ راهه موليٰ جي ۾، هڪڙو ور يا پيچ رکيل آهي، جو ظاهر مجازي طرح انهيءَ محبوب موليٰ سائينءَ جو حڪم يا ڪم ڪار ڏکيو لڳندو آهي. جيئن مثال طرح روزا، نماز، حج، زڪواة، جهاد، سخاوت، صبر وغيره، جي ظاهر ۾ ڏکيا لڳندا آهن، پر درحقيقت اهي سٺا ۽ چڱا ۽ مٺا آهن ۽ فائدي وارا آهن. انهيءَ ۾ ڪابه ڪَسائي ۽ ڪَڙائي يعني ڪؤڙائي ڪانه آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 11 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

مِٺاَيِانٌ مِٺو گهَڻو ڪَڙو نَاههِ ڪَلامُ،

سُڪُوتُ ئِي ٌ سَلاَمءُ پِريَانٌ سندي پَارَ جو.

انهيءَ بيت جي معنيٰ آهي ته پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ جيڪو به حڪم فرمايو اٿس، سو سمورو سٺو ۽ مٺو آهي. ان ۾ ڪؤڙائي اصل ڪانه آهي. پر اهو جيڪو توکي سندس ڪلام جي حڪم موجب هلڻ، جي توتي فرض ۽ واجب ڪيا ويا آهن، هلڻ ان تي ڏکيو ۽ انهن ظاهر جي تڪليفن تي صبر ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي، اهو ئي صبر تنهنجي لاءِ انهيءَ پارَ پِرين ِ جي جو سلام آهي.” سڪوت ئي سلام پريان سندي پار جو“. سڪوت يعني ماٺ ۽ صبر جو، جيڪو توکي پرينءَ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ حڪم فرمايو آهي، اهو ئي تنهنجي لاءِ سلام آهي. جي تون محبت وارو سچو مؤمن عاشق آهين ۽ هن ڳالهه کي چِتَ سان چکين ۽ آزمائي ڏسين ته انهيءَ پرينءَ جي پار جي جا ڳالهه موڪليل آهي، سا مٺي آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 12 ۾ منهنجو مرشد گهوٽ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

پِر ِيَانٌ سَنٌدي پَارَ جِي مِڙئِيٌ مِٺَائِيٌ،

ڪَانهي ڪَڙَائِيٌ، چَکِينٌ جي چيتُ ڪَري.

        هن بيت جي معنيٰ آهي ته انهيءَ پرينءَ حقيقي الله تعاليٰ جي پار يعني طرف ڏانهن، جيڪا به توکي سندس شرع جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ مجازاً ڏکي ٿي لڳي، يا جنهن به سندس موڪليل شيءِ کي توهان ڏکيو ٿا ڄاڻو، ان ۾ اوهان لاءِ ڀلائي ۽ مِٺائي آهي. پر جي تون ان تي صبر ڪري ۽ چِت سان ان جي چاشني چکين، جو ڪم يا ٽول اوهان کي مجازاً چڱو ٿو لڳي، اهو اوهان لاءِ بڇڙو ۽ ڇيهو آهي. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة البقرع 26 ۾ فرمايو آهي ته:

وَ عَسَيٰ اَنٌ تَڪٌرَهُوٌ شَيٌئاً وَّ هُوَ خَيٌرُٗ لَّڪُمٌ وَ عَسَيٰ اَنٌ تُحِبُّو ا شَيٌئاً وَّ هُوَ  شَرُّلَّڪُمٌ وَ اللهُ يَعٌلَمُ وَ اَنتُمٌ لاَ تَعلَمُوٌنَ

ترجمو: ڏکيو ۽ اهنجو ڄاڻو جنهن ٽول کي اهو ڀلو آهي واسطي اوهان جي. ۽ اميد آهي ته حب رکون ٿا. جنهن ٽول کي اُو مَٺو آهي. اوهان لاءِ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نٿا ڄاڻو.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ جي طرفان جيڪي ڪي اوهان کي ملي، پوءِ توڙي اها شيءِ يا ڏک تڪليف اوهان کي ڏکي لڳي، تڏهن به اها اوهان لاءِ ڀلي ۽ چڱي آهي. الله تعاليٰ ان جي ڀلائي کي ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نٿا ڄاڻو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به فرمائي ته” پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي“ ان ۾ ڪانهي ڪَڙائي، جيڪا توکي ظاهر ڏکيائي ٿي نظر اچي، اها ان ۾ ڪانه آهي؛ پر چکين يعني پرکين چيتُ ڪري يعني دل سان ۽ عقل سان جاچي ڏسين، ڇو ته الله تعاليٰ پنهنجي راز کي پاڻ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نٿا ڄاڻو. تڏهن توکي اي سالڪ! پرينءَ جي پار جي مڙئي موڪليل ڏک سک کي تون مِٺائي ڄاڻي، يعني سوکڙي يا سوغات ڄاڻي، ان مان ڪا چاشني دل کي چکاءِ ۽ ان تي صبر ڪر، ڇاڪاڻ ته سک جي ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ، ته هيءَ منهنجي مالڪ مون تي مهرباني ڪئي آهي، ته اهو شڪرانو آهي انهيءَ نعمت جي مالڪ جو، جيڪو جائز ۽ ثواب آهي؛ پر جي ڏکيائي ۽ سور جي ڳالهه ٻين سان ڪرڻ، گويا سورن جي ڏيندڙ جي شڪايت آهي، جا گناهه آهي. ۽ نه وري سورن جي ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو فائدو آهي، ڇو ته ٻيو ان جي لاهڻ وارو ڪونه آهي. جنهن ڏنا آهن، وري سورن جي لاهڻ وارو به اهو مالڪ الله تعاليٰ ئي آهي. هن ڳالهه جو وڌيڪ شرح سر يمن ڪلياڻ جي فصل پهرئين ۾ کولي بيان فرمايو اٿس. ان کان سواءِ انهن آزمائشن جي سورن ۽ تڪليفن سهڻ ۽ ان تي صبر ڪرڻ جو ثواب، جو وڏو ثواب ريءَ حساب آهي، اهو به نه ملندو. جيڪڏهن ٻئي سان ڳالهه ڪندو ته ان صبر نه ڪيو ۽ ثواب ايڏو وڏو، جنهن جو حساب ئي نه آهي،وڃائي ڇڏيائين. انهيءَ ڪري جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 13 ۾ منع فرمائي آهي ته، تون پرينءَ جي ڏنل سور جي ٻئي سان پچر نه ڪر، اهو هن تنهنجو فائدو سمجهي توکي ڏنو آهي:

بيت

ڄَاڻِيٌ ٻُجهِي جَن ِ توسِينٌ سُورَ سَڃَ ڪَئِيٌ،

تُونٌ ڪِيئن سَند ِيُون تَن ِ پَرَ سِينٌ پَچارُون ڪَريِنٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته ڄاڻي ٻجهي يعني سمجهي سوچي جن توکي سور سڃيو، آڇيو يا لاڳو ڪري ڏنو آهي، تون انهن سورن جي ڏيندڙ جون ڪيئن، ڪهڙيءَ طرح سان يا ڪهڙي سبب کان، وڃي پَرَ يعني ٻين سان پچارون يعني شڪايتون ٿو ڪرين؟

هن جو خلاصو مطلب آهي ته تنهنجي پرينءَ توکي، تنهنجو فائدو ڄاڻي سور ڏنو آهي. تون وري ان جون ٻين سان پچرون ڪندو وتين. اها ڳالهه ڪيئن آهي؟ ۽ ڪيئن ٿو ڪرين، جو هو توسان ڀلائي ڪري ۽ تون شڪايت ڪرين؟ جيئن شيخ عطار رحه پنهنجي ڪتاب”تذڪرة الاولياء“ ۾ نقل ڪيو آهي، ته شيخ جنيد بغدادي رحه ڪنهن شخص کي الله جل جلالہٌ جي نالي سان ذڪر ڪندو ڏٺو. پاڻ ان شخص کان پڇيائين ته ” تون هي ذڪر ان کي حاضر ڄاڻي ٿو ڪرين يا غائب ڄاڻي ٿو ڪرين؟ جي ان کي غائب ڄاڻي ذڪر ٿو ڪرين ته گويا شڪايت ٿو ڪرين ۽ جي حاضر ڄاڻي ٿو ڪرين ته خلاف ادب جو ٿو چوين“.

هاڻي هن نقل جو مطلب آهي، ته خدا تعاليٰ جو ذڪر قهار ۽ جلال جي نالن سان ان کي قهاري ۽ جلالي وارو ڄاڻي نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي قهاري ۽ جلالي ائين آهي، جيئن پنهنجي ٻار تي ماءُ، پيءُ ڪاوڙبا آهن. انهن جي ڪاوڙ ٻار لاءِ فائدي واري آهي ۽ ان جي فائدي لاءِ ڪندا آهن. تيئن الله تعاليٰ پنهنجي قهاري هجڻ کان نه ڊيڄاري ته بندي کي ڪيئن خوف ٿئي ها ۽ گناهن کان ڪيئن توبہ ڪري ها؟ اها سندس ڪاوڙ اسان لاءِ فائدي واري آهي ۽ جيڪي پنهنجي بندي کي ڏک سور ڏئي ٿو، انهيءَ ۾ به بندي جو فائدو آهي، جو گناهن کان باز اچي ٿو ۽ توبہ ڪري ٿو. بندي جو ان ڏک سور کي سانڍڻ ۽ ٻين سان پچار نه ڪرڻ، يعني صبر ۽ شڪر تي ان کي بيحد ثواب بخشي ٿو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اها ڳالهه تنهنجي لاءِ نفعي واري سمجهي توکي جن سور ڏنو آهي، ته هن سور ۾ هن جا ئي فائدا آهن، من گناهن کان ڇٽي ۽ ثواب وارو ٿئي. اهو توکي سور انهيءَ لاءِ ڏنو اٿس ته من سور ۾ سندس يادگيري ڪرين! تون اهو يقين پڪو ڪر ته جي توکي انهيءَ جي طلب آهي، ته انهيءَ کي به تنهنجي يادگيري آهي. تنهنجي ئي نفعي لاءِ، جيئن ايندڙ بيت نمبر 14 ۾ شاهه صاحب ٿو فرمائي ته:

بيت

تو جَنِينٌ جِي تَات ِ تَن ِ پُڻُ آهي تونهِنٌجيٌ،

فَاذٌڪُرُوٌنِيٌ اَذٌڪُرٌڪُمٌ اِيٌ پَروڙ ِج ِ بَات ِ،

هَٿِ ڪَاتِيٌ ڳُڙُ وَاتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَن ِ جي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته توکي جڏهن پرينءَ جي طلب آهي، تڏهن تون اهو يقين ڪر، جو انهيءَ کي به تنهنجي تات يعني طلب آهي. جنهن جو هن آيت شريف، جا سورة البقر جي ع 19 ۾ آهي، ان ۾ ثابت آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ ۾ صاف ظاهر آهي ۽ اها سڄي آيت هن طرح آهي:

فَاذٌ ڪُرُوٗنِيٌ اَذٌڪُرٌڪُمٌ وَ اشٌڪُرُوٌلِيٌ وَ لاَ تَکٌفُروٌنَ يَا اَيُّهَاالَّذ ِيٌنَ آمَنُو اٌسٌتَعِيٌنُوٌ بِالصَّبٌر ِ وَالصَّلَوَاةِ  اِنَّ اللهَ مَعَ الصَّابِر ِيٌنَ وَ لاَ تَقُوٌلُوٌا لِمَنٌ يُّقٌتَلُ فِيٌ سَبِيٌل ِ اللهِ امٌواتُٗ بَلٌ اَحٌيَاءُ وَّ لٰڪِنٌ لاَّ تَشٌعُرُوٌنَ وَ لَنَّبٌلُوَنَّڪُمٌ بِشَيٌءٍ مِّنَ الٌخَوٌفِ وَالٌجُوعِ وَ نُقٌصٍ مِّنَ  الٌاَمٌوَالِ وَاٌلاَنٌفُسِ وَالثَّمَرَاتِ وَ بَشِّرِ الصَّابِرِيٌنَ الَّذ ِيٌنَ اِذَا اَصَابَتٌهُمٌ مُّصِيٌبَةُٗ قَالُوٌ ا اِنَّا لِلهِ وَ اِنَّا اِلَيٌہِ رَاجِعَوٌنَ. اُولٰئِڪَ عَلَيٌهِمٌ صَلَوَاتُٗ مِّنٌ رَّبِّهِمِ وَ رَحمَةٍ وَ اُولٰئِڪَ هُمُ المُهٌتَدُوٌنَ

ترجمو: پوءِ ياد ڪريو مون کي ته ياد ڪريان اوهان کي ۽ شڪر ڪريو واسطي منهنجي ۽ نه ڪفر ڪريو نعمتن منهنجن جو. اي مؤمنا همراهي مدد وٺو ساڻ صبر ۽ نماز تحقيق خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهي. ۽ نه چئو واسطي تن جي. جي ڪُسن ٿا منجهه واٽ خدا جي ته اُوءِ مئل آهن. بلڪ اُو جيئرا آهن، پر نٿا ڄاڻو اوهين. ۽ آزمايون ٿا اوهان کي ساڻ ٽولن ڪنان خوف ۽ ڏکن ۽ بکن ۽ ٿورو ٿيڻ مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي ۽ نه ٿيڻ ميون جي ۽ بشارت ڏي تن صابرن کي ۽ اُوءِ صابر سي آهن. جڏهن رسي ان کي سختي، چون تحقيق اسين واسطي خدا جي آهيون ۽ تحقيق طرف ان جي موٽندڙ. اُوءِ صابر تن تي آهن رحمتون ڪنان ربّ ان جي ۽ رحمت خاص ۽ اُوءِ هدايت وارا آهن.

هن آيت شريف جي اول ۾ آهي ته ياد ڪريو مون کي ته ياد ڪريان اوهان کي. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پهرينءَ تڪ ۾ فرمايو آهي: تو جنين جي تان يعني طلب يا يادگيرو آهي، انهن کي به تنهنجي تات يعني يادگيرو آهي. اها بيت جي پهرين تڪ هوبهو انهيءَ آيت شريف جو ترجمو آهي. ٻيءَ تڪ ۾ آيت کان پوءِ لفظ آهي ته ”اِي پروڙجِ بات“- اهو هن آيت ڏانهن اشارو آهي: واَشٌکُروٌلِيٌ وَ لاَ تَکٌفُرُوٌن ِ. ۽ شڪر ڪريو واسطي منهنجي ۽ نه ڪفر ڪريو نعمتن منهنجن جو- يعني تون اها ڳالهه پروڙ ۽ نعمت جي ملڻ تي شڪرانو ڪر، پر نعمتن جي کسجڻ تي به ڪفر نه ڪر ۽ شڪرانو ئي ڪندو رهه. ڇو ته اها آزمائش ئي آهي ۽ انهيءَ ۾ به تنهنجي لاءِ ڀلائي آهي. جيئن اڳتي آيت شريف ۾ آهي ته جيڪي جنگ ۾ ڪُسن ٿا، انهن کي مئل نه چئو، بلڪ هو جيئرا آهن. پر اوهين نٿا ڄاڻو ۽ آزمايون ٿا اوهان کي مڙنين تڪليفن سان، جهڙو خوف، ڏکن، بکن، نقصانن مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي. پوءِ جيڪي انهيءَ آزمائش ۾ به شڪرانو ڪندا رهندا ۽ آزمائش ۾ سچا ۽ پڪا صابر هوندا، ته انهن لاءِ مبارڪ آهي.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اِي پروڙج بات – ڪهڙي؟ جيڪا ٽينءَ تڪ ۾ ٿو فرمائي ته ”هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پَرِ پرين جي“- اها ڳالهه پروڙ ۽ سمجهه ته جيڪو آيت شريف ۾ آزمائشن جو بيان آهي، اهي سخت آزمائشون مثل ڪاتيءَ جي مجازاً ڏکيون آهن. پر درحقيقت مٺيون ڳڙ مثل آهن، جو انهن ۾ پنهنجي پيارن ۽ صابرن کي گهڻو ثواب ۽ درجا ٿو ڏئي. جيئن آيت شريف ۾ آهي ته اهي مئل ئي نه آهن، بلڪ جيئرا آهن. بيت ۾ به آهي ته ظاهر ۾” هٿ ڪاتي پر ڳڙ وات“. درحقيقت مٺائي آهي، جو هو جيئرا ۽ بهشتي ۽ نعمتن وارا آهن، ته اهڙي مٺائي ڪا ٻي!

آيت شريف ۾ ذڪر جو لفظ آيل آهي. ان ذڪر مان مراد غفلت دور ڪرڻ به آهي. حضرت مجدد الف ثاني رحه پنهنجي مڪتوب پنجويهين جي ٻئي جلد ۾ لکيو آهي ته، ذڪر مان مطلب غفلت دور ڪرڻ آهي. پوءِ جيڪو عمل موافق شريعت جي ڪيو اٿئي، سو ذڪر ۾ داخل آهي. توڻي خريد و فروخت هجي. بيهقي شعب الايمان ۾ ساڻ روايت ابن مسعود جي لکيو آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته جنهن شخص چار چيزون حاصل ڪيون، تنهن هيءُ چار حاصل ڪيون؛ پهريون ته جنهن توفيق الله تعاليٰ جي ذڪر جي حاصل ڪئي، ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ ان کي ياد ٿو فرمائي. ٻيو جنهن شخص توفيق دعا جي لڌي، تنهن اجابت پڻ حاصل ڪئي: اَدٌعُوٌنِيٌ اَسٌتَجِبٌلَکُمٌ. ٽيون: شَکَرٌتُمٌ لَاَزِيٌدَنَّکُمٌ ۽ جنهن توفيق شڪر جي لڌي، تنهن زيادتي نعمت جي پڻ حاصل ڪئي- چوٿين: اَسٌتَغٌفِرٌ رَبَّکُمٌ اِنَّہٌ کَانَ غَفَارَا- جنهن توفيق استغفار يعني توبہ جي لڌي، تنهن مغفرت يعني بخشش پڻ حاصل ڪئي. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته”اِي پروڙج بات“ – اهو پڻ پروڙڻ جو ايڏانهن اشارو آهي ته الله جي ذڪر جو ضد آهي غفلت اها پروڙ ڪر ته غفلت کي ڇڏي ڏي. پوءِ جو عمل تنهنجو موافق شرع جو هوندو، اهو به ذڪر ۾ ليکيو ويندو. آيت شريف ۾ آهي ته جي اوهان کي الله تعاليٰ جي مدد گهرجي ته صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، جي به ٻئي ڪم ظاهري طور وڏا ۽ ڏکيا آهن. انهن جو به اهو ساڳيو مثال آهي، جو شاهه صاحب فرمايو ته هٿ ڪاتي، ظاهر ۾ ڏکيا ڪاتيءَ مثل، پر در حقيقت صبر ۽ نماز ڳڙ مثل آهن.

شاهه صاحب عبدالعزيز دهلوي رحه لکيو آهي، ته حضرت ابوبڪر صديق رضه کي حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم چيو ته، حضرت جبرئيل عليہ السلام ٿو فرمائي، ته چئهُ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي ته توکي الله تعاليٰ سلام موڪليا آهن، ته انهيءَ مفلسي ۾ تنگدستيءَ ۾ به خدا تعاليٰ سان راضي آهين؟ پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه ڏاڍي آواز سان چوندو رهندو هو ته مان توسان اي ربّ منهنجا، راضي آهيان. پر اهي لفظ ڏاڍيان چوندو هو ۽ ورد ڪري ڇڏيائين، جو هميشہ چوندو هو. جڏهن به خدا وارن کان سندن سورن ۽ تڪليفن جو پڇيو ٿي ويو، تڏهن ان تي راضپو ٿي ڏيکاريائون ۽ انهيءَ سور ۽ تڪليف کي به الله تعاليٰ جي مهرباني ڄاڻي، راضي رهي، ڳڙ مثل مٺي ڀانئين، سڄي عمر انهيءَ تڪليف کي وندر ڄاڻي اوريائون ٿي. انهن تڪليفن ۽ آزمائشن جي سورن اڃا به کين الله تعاليٰ جي يادگيريءَ ۽ ذڪر ۾، وڌيڪ مشغول ڪيو ٿي ۽ غفلت دور ٿي ڪئي ۽ انهن ڏکن کي موليٰ جي پاڻ مهر ٿي ڀانيائون، جيئن ايندڙ بيت نمبر 15 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

حَبِيٌبَن ِ هيڪَارَ مَنٌجهَان مِهر َ سَڏُ ڪَيو،

سو مُون سَڀ ِ ڄَمَارَ اور ِڻُ اُهوئِيٌ ٿِيو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته منهنجي انهيءَ محبوب حقيقي، هيڪار يعني هڪ دفعي ئي منجهان مهر، يعني شفقت ۽ ٻاجهه منجهان سڏ ڪيو آهي، اهو ئي سڏ مون کي اورڻ يعني وندر يا ريجهه رهاڻ ٿيو آهي. جيئن منهنجي محبوب موليٰ سائينءَ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي مسڪيني ڏئي وري مهر منجهان پيو پڇي، ته ڪيئن انهيءَ مسڪينيءَ تي راضي آهين؟ حضرت ابوبڪر صديق رضه اهو سڏ پرينءَ جو سڄي ڄمار اوريندو رهيو ته هائو سائين، مان توسان راضي آهيان، راضي!

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته هن بيت ۾ سڏ جو اشارو انهيءَ ميثاق جي سڏ ڏانهن آهي، جو الله تعاليٰ ميثاق جي ڏينهن روحن کي سڏي فرمايو ته اَلَسٌتُ بِرَبِّکَمٌ، يعني مان اوهان جو ربّ آهيان؟ ۽ روحن چيو ته قَالُوٌا بَليٰ، هائو- اسان جو ربّ آهين. شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ، ته انهيءَ ڏينهن ئي الله تعاليٰ پنهنجي مهر ۽ شفقت سان مون کي سڏ ڪيو، جو اهو سڏ سنديس مهربانيءَ جو ئي منهنجي اورَ يعني رهاڻ ۽ فرحت دل جي آهي، جو ان ڏينهن ئي مون کي پنهنجو بندو ۽ رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو اُمتي ڪيائين ۽ منهنجي نصيب ۾ چڱو لکيائين. انهيءَ سڏ ۽ لکڻي موجب مون کي سڄي ڄمار گهارڻو، گذارڻو ۽ اورڻو اهو ئي پيو. جيئن ايندڙ بيت نمبر 16 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

پَاٻُوهي هيڪَارَ مُون کي پُڇِيو سَڄڻينٌ،

اَلَسٌتُ بِربِّکُمٌ چَيَائِينٌ جَنٌهِنٌ وَار ِ،

سَنٌد ِيٌ سُورَ ڪِنَارَ، تَن ِ تَڏ َاهِڪُونٌ نه لَهي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته منهنجي سڄڻ موليٰ سائينءَ جو منهنجي سڄاين ۾ آهي، هڪ دفعي ئي، هڪ ڏينهن پاٻوهي يعني مشڪي محبت مان پڇيو ته مان اوهان جو ربّ آهيان؟ ان ڏينهن کان وٺي، انهيءَ محبت جي مٺڙي سور جي ڪنار منهنجي اندر مان نٿي لهي.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته ميثاق جي ڏينهن منهنجي سڄڻ ربّ، محبت مان مون کان پڇيو ته مان اوهان جو ربّ آهيان؟ انهيءَ ڏينهن کان وٺي، سندس محبت جي مٺڙي سور جي ڪنار يعني وٽ، پاسو، سنڀال، جُکُ جُکُ مون کان نٿي لهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ميثاق جي ڏينهن ئي مون کي پنهنجيءَ محبت ۽ پنهنجي پياري رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت سان نوازيائين، يعني لکيائين. هن بيت جي معنيٰ ۽ مطلب کي شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي ۾، گهڻن سرن ۾، گهڻين جاين تي کولي ‎شرح ڪيو آهي، جن جو پڻ مطلب اِهو آهي ته ميثاق جي ڏينهن ئي سڀڪنهن جي حق ۾ چڱو بڇڙو لکائي ڇڏيو. پوءِ ان لکئي يعني تقدير موجب هتي گهارڻو ۽ گذارڻو پيو آهي. جيئن سر سهڻي جي فصل 6 جي بيت نمبر 1 کان وٺي بيت نمبر 6 تائين انهيءَ حقيقت ميثاق جي ڏينهن ۽ تقدير جي لکئي جو بيان فرمايو اٿس. مثال طور ان مان هڪ بيت پيش ٿو ڪجي؛ سر سهڻي بيت نمبر 4 فصل ڇهون:

بيت

اَلَسٌتُ اَرَو ِاحَن ِ کي جَڏَهِنٌ چَيَائُون،

مِيثَاقَانٌ ميهَارَ سِينٌ لَڌ ِيُون مُون لاَئُون،

سو موٽي ڪِيئَنٌ پَاهُونٌ، جو مَحٌفُوظَان مَعَافُ ٿِيو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جنهن وقت ارواحن کان پڇيو ويو ته مان اوهان جو ربّ آهيان، انهيءَ ميثاق جي ڏينهن، يعني روز ازل جي ڏينهن کان وٺي،مان ميهار يعني حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن سان لائون لڌيون، يعني لڙهه لڳس ۽ ڀاڱي آيس. هاڻي اهو انگ لکيل ڪيئن پوئتي هٽندو، جو لوح محفوظ تان مون کي مليو ۽ بخشش ٿيو آهي؟ هن جو پڻ خلاصو مطلب مٿئين بيت وانگر ساڳيو آهي. انهيءَ ميثاق جي ڏينهن الله تعاليٰ روحن کان واعدو ورتو هئو، ته آخر زماني جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي مڃجو. اهو شڪرانو آهي سندس، جو انهيءَ ڏينهن ازل واري ۾ ئي اسان کي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي ڀاڱي ۾ ڏنائين ۽ سندس اُمتي ڪيائين. اهو يقين آهي ته اهو لکيل محفوظ جو انگ ڪونه موٽندو، جنهن ۾ هيءَ سٺي بخشش اسان کي بخش ٿي آهي. انهيءَ ميثاق جي ڏينهن جي واعدي ورتل جو قرآن شريف ۾ گهڻين جاين تي بيان آيل آهي. جيئن سورة آل عمران ع 9 ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي:

وَ اِذٌ اَخَذَ اللهُ مِيٌثَاق النَّبِيّنَ لَمَا اَتَيٌتُکُمٌ مِّنٌ کِتَاب وَّ حِڪٌمَةً ثُمَّ جَاءَ کُمٌ رَسُوٌلُٗ مُصَدِّقُٗ لِّمَا مَعَکُمٌ لَتُؤ ٌمِنَن َّ بِہٖ وَ لَتَنٌصُرَ نَّہٗ قَالَ  ءَ اَقٌرَرٌتُمٌ وَ اَخَذٌتُمٌ عَليٰ ذَالِڪَ اِصٌرِيٌ قَالُوٌا اَقٌرَ رٌنَا قَالَ فَاشٌهَدُوٌ اَنَا مَعَکُمٌ مِّنَ الشَّاهِد ِيٌنَ فَمَنٌ تَوَلّيٰ بَعٌدَ ذَالِڪَ فَاُ وٌلٰئِکَ هُمُ الٌفَاسِقُوٌنَ

ترجمو: ياد ڪر جڏهن ورتو خدا ٻول نبين کان ته جڏهن ايندو اوهان کي قرآن ۽ حڪمت، پوءِ ايندو اوهان کي رسول محمَد عربي سچو ڪندڙ ڪتابن اوهانجن کي، البت ايمان آڻيندا ساڻ ان ۽ مدد ڏيندا ان کي- چيو خدا ڪر اقرار ڪيو اوهان ۽ ورتو اوهان ان تي پڪو انجام منهنجو- چيو ان اقرار ڪيو اسان – چيو خدا پوءِ شاهد هجو ۽ آئون پڻ شاهد آهيان اوهان تي- پوءِ جيڪي ڦرندا پڄاڻان ان جي، پوءِ اهي فاسق آهن.

هنن آيتن مان صاف ظاهر آهي ته ميثاق جي ڏينهن ئي روحن کان اهو ٻول يعني انجام ورتو ويو هو، ته محمّد عربي صلي الله عليہ وسلم کي مڃجو ۽ سندس مدد ڪجو ۽ اهو فيصلو به انهيءَ ڏينهن ٿي چڪو ته ڪهڙا سندس اُمتي ٿيندا. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”ميثاقان ميهار سين لڌيون مون لائون“- انهيءَ ڏينهن کان وٺي، منهنجو ڳانڍاپو ميهر يعني حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان ڳنڍيو ويو. ميهر جو مثال هن ڪري آندو ويو آهي، جو جيئن ميهار مجازي طرح مينهن جو ڌنار ۽ مالڪ آهي، اهڙي طرح اسان اُمتين جو ڌنار، مالڪ ۽ سنڀاليندڙ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم آهي. جو اسان کي محفوظان لوح محفوظ تان ميثاق جي ڏينهن بخش ٿيو آهي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته انهيءَ ڏينهن، جنهن ڏينهن کان منهنجي موليٰ مون کان واعدو ورتو، تنهن ڏينهن کان وٺي ئي سندس محبت جي سور جي لغارَ، ڪنار، اڻ تڻ نٿي لهي. ڇو ته جن کي انهيءَ سڄڻ هڪڙي ئي دفعي پاٻوهي ، يعني مشڪي خوشيءَ ۽ راضپي سان، ٻاجهه ۽ مهر مان سڏيو آهي ۽ واعدو ورتو آهي ۽ روز ازل کان ئي پنهنجي محبت جي لنؤ، لغار يا ڪنار لاتي آهي ۽ لوح محفوظ ۾ لِکي آهي، اهي به اهڙيءَ طرح سندس محبت ۾ خوشيءَ سان پڇي رهيا آهن، ته محبوب جو اهو هٿ وصل وارو الاجي ڪٿي آهي؟ جيئن ايندڙ بيت نمبر 17 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

پَاٻُوهِيو پُڇَن ِ ڪِٿي هَٿُ حَبيٌبَ جو،

نيزي هيٺَان نِينٌهَنٌ جي پَاسي پَاڻُ نه ڪَن ِ،

عَاشِقَ اَجَلَ سَامُهُونٌ اُوچي ڳَاٽ اَچَنِ،

ڪُسَڻُ قُرٌبُ جَن ِ مَرَڻُ تَن ِ مُشَاهِدو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته، جن کي انهيءَ سڄڻ خوشيءَ ۽ مهر منجهان، روز ازل کان سڏي سور، ڪنار يا لغار لاتي آهي، اهي به پاٻوهي يعني مشڪي، مرڪي خو‎شيءَ سان، انهيءَ حبيب حقيقيءَ جو هٿ پڇي رهيا آهن، ته ڪٿي آهي هٿ حبيب جو، جنهن ۾ نيزو يعني ڀالو نينهن يعني عشق ۽ محبت جو آهي؟ انهيءَ نيزي نينهن جي کان پاسو ته نٿا ڪن، ڇو ته انهن عاشق کي اجل جو ته ڀؤ يا ڊپ اصل ڪونه آهي؛ اڃا به اجل يعني موت کي پنهنجي ڳچي سامهون سڻائي ۽ سهنجي ڪري ڏيندا آهن ته، من انهيءَ سڄڻ جي نيزي محبت واري سان مرون ته چڱو. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”عاشق اجل سامهون اُوچي ڳاٽ اچن“- اجل جي سامهون ڳاٽ يعني ڪنڌ مٿي ڪيو اچن ته من اهو نيزو اسان کي لڳي. جيئن حضرت حمزو رضه ۽ حضرت عباس رضه عمر جي آخر ۾ جهاد ۾ زرهون نه کڻندا هئا ته من هن جنگ ۾ شهيد ٿيون ۽ اوچي ڳاٽ ايندا هئا، اهو نيزو نيهن جو پڇندا هئا ته ڪٿي آهي ته من اسان کي لڳي ۽ اسان شهيد ٿيون! ”نيزي هيٺان نينهن جي پاسي پاڻ نه ڪن“- ۽ الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته منهنجا دوست اُهي آهن، جيڪي جهاد منهنجي راهه ۾ ڪن. انهيءَ ڪري موليٰ جي محبت ۾ ۽ انهيءَ جي راهه ۾ ڪسڻ پاڻ اُن سان قرب، يعني ويجهڙائي آهي. پوءِ اها ويجهڙائي جن کي حاصل ٿي ته مرڻ انهن جي لاءِ مشاهدو يعني ديدار ۽ وصل آهي. ”ڪسڻ قرب جن مرڻ تن مشاهدو“ – جيئن قرآن شريف جي سورة طٰہٰ ع 3 ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي:

فَاُلٌقِي َالسَّحٌرةُٗ سُجَّداً قَالُوٌا آمَنَّا بِرَبِّ هَارُوٌنَ وَ مُوٌسَيٰ قَالَ آمَنٌتُمٌ لَہٗ قَبٌلَ اَنٌ آذَنَ لَڪُمٌ اِنَّہٗ لَڪَبِيٌرُ کُمُ الَّذِيٌ عَلَّمَکُمُ السِّحٌر ِ فَلاَ قَطِّعَن َّ اَيٌديٌکُمٌ وَ اَرٌجُلَکُمٌ مِّنٌ خِلاَف وَّ َلاُ وصَلّبِنَّکُمٌ فِيٌ جُذُوٌعِ النَّخٌلِ وَ لَتَعٌلَمَنَّ اَيُّنَا اَشَدُّ عَذَابًا و َّ اَبٌقَيٰ قَالُوٌ الَنٌ نُّؤثِر ُکَ عَليٰ مَا جَاءَ نَا مِن َ الٌبَيّنٰتِ وَ الَّذِيٌ فَطَرَنَا فَاقٌض ِ مَا اَنَتَ قَاضٍ اِنَّمَا تَقٌضِيٌ هٰذِهٖ الٌحَيٰواةِ الدُّنٌيَا

ترجمو: ته پوءِ ڪريا جادوگر سڀ سجدي ۾، ۽ منجهه سجدي ڏٺائون بهشت کي، ۽ چيائون ايمان آندوسون رب ّ هارون ۽ موسيٰ جي ته ته حق آهي؛ ۽ چيو فرعون ته ڇو آندُوَ ايمان مٿي موسيٰ سواءِ اجازت منهنجي؟ اهو موسيٰ وڏو ساحر آهي، جنهن سيکاريو اوهان کي سحر، پوءِ وڍيندس هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ٻن طرفن کان ۽ سوريءَ چاڙهيندس اوهان کي مٿي ٿُڙن ِ کجين جي، ۽ پاڻهين ڄاڻندؤ ته ڪهڙو ڏاڍي عذاب ۽ هميشہ ڪندڙ آهي؟ چيو ساحرن ته نه ڀلو ڀانيون توکي مٿي تنهن بهشت، ڏسڻ ۾ جو آيو اسان کي منجهان معجزن ۽ مٿي تنهن خدا جنهن خلقيو اسان کي، پوءِ ڪر جيڪو عذاب تون ڪندڙ هجين- نه عذاب ڪندين مگر مدت عمر دنيا جي.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي،ته اهي فرعون جي عذابن کان اصل ڪونه ڊنا. ان جي ڦاسيءَ تي مرڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار ٿي ويا ۽ انهيءَ موليٰ جي محبت جي نيزي کان پاڻ پاسي نه ڪيائون؛ ۽ اهي تڪليفون سر تي سهي ۽ ڪسي قرب خدا تعاليٰ جو حاصل ڪيائون ۽ لِقاءُ ڏٺائون. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو“. جيئن، جڏهن ساحرن ڪسڻ قبول ڪيو، تڏهن مري مشاهدو موليٰ جو ماڻيائون. پر الله تعاليٰ انهن ساحرن جي حق ۾ چڱو گهريو هئو. تڏهن ئي قرب خدا جو حاصل ٿين ۽ اها انهيءَ پرينءَ جي تجويز ۽ آزمائش آهي، جو پاڻ ڏانهن پنهنجي محبن کي ڪسڻ جهڙين سخت تڪليفن سان سڏيندو آهي. جنهن کي پنهنجي راهه ۾ شهادت جو درجو ڏيڻ گهرندو آهي، ان کي سڏي ڪهندو آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 18 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

ڪوٺي ڪُهي سُپِرِينٌ ڪوٺي ڪُهَڻَ سَاڻُ،

نيزي هيٺَان نِينٌهَنٌ جي پاسي ڪَرِ مَ پَاڻُ،

ڄُلُ وِڃَائي ڄَاڻُ، آڏو اَجَلَ سَامُهُونٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته منهنجو سو پرين سڏيندو آهي، ڪسجڻ جهڙين تڪليفن سان ڪوٺي، يعني سڏي ڪُهي. جيئن ساحرن کي سَڏَ هدايت جي سان سڏي ڪُٺائين، يا حضرت زڪريا عليہ السلام کي سڏي ڪٺائين ۽ حڪم ڪيائين ته تون نه ڪڇج، ۽ امام حسين رضه کي به سڏي ڪٺائين، پر پاڻ ڏانهن به سڏيائين ڪهڻ سان، جو انهيءَ جي ڪسجڻ سان مٿن راضي ٿي کين پاڻ وٽ مٿانهان درجا ڏنائين ۽ پنهنجا محب ۽ محبوب ڪيائين ۽ انهن جو ڪسجڻ گهريائين. هاڻي، تو کي اي سالڪ! صلاح آهي ته ”نيزي هيٺان نينهن جي پاسي ڪر مَ پاڻ“- ڇاڪاڻ ته جن شهادت، رضا، رجا، صبر ۽ شڪر جا مزا ماڻيا، تن پنهنجو پاڻ انهيءَ پرينءَ جي نينهن جي نيزي يعني ڀالي، سور، تڪليف کان وار به نه واريو. يعني اهي تڪليفون ڏسي ذرو به نه لڏيا يا هٽيا ۽ انهن اهي درجا شهادت جا تڏهن ماڻيا، جڏهن ٻيون سڀ دنيوي شهواتون ڇڏيائون، اول ئي پنهنجي نفس تي فتح ڪيائون ۽ ان جي مرضي ڦٽي ڪري رضا ربّ جي گهريائون. اهو خيال يا ڳَڻَ ڄاڻ پنهنجي مال مڏي، گهر ٻار، ڪم ڪار ته ڇڏ، پر سر جو سانگ نه ڪيائون. مطلب ته سڀ خيال خطرا، وهم وسواس، تجويزون عقل جون ڇڏي، اجل کي پنڌ سامهون ڪيائون. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اي سالڪ! تون به سگهو ”ڄل وڃائي ڄاڻ آڏو اَجل سامهون“.

هاڻي هل ڄاڻ، يعني اٽڪل عقل جي وڃائي اجل جي سامهون سڌو پنڌ ڪر، ڇاڪاڻ ته هيءَ اها منزل مڪان آهي، جتي جي پنهنجون اٽڪلون ۽ رٿون، خواهشات ۽ نفسيات جون ڪندين، ته پوءِ آڏو اجل جي هڪ وک به وجھي نه سگهندي. تنهن ڪري پنهنجي سمجهه ۽ تڪ تور ڇڏي، اجل جي آڏو سامهون هَلُ، پنڌ پاسيرو ڦٽي ڪر، پنڌ پاسيرو اهو آهي، جو پنهنجي نفس جي راضپي جون رٿون به ڪندو رهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي حقيقي پرينءَ جي راضپي جون اميدون به ڪندو رهي.

روايت آهي ته بازار ۾ باهه لڳي، ماڻهن حضرت سِري سِقطي رحه کي خبر ڏني ته بازار سڙي وئي ۽ تنهنجو دوڪان نه سڙيو. پاڻ فرمايائين ته الحمد لِله! پوءِ چيائين ته مون الحمد لله ڪيئن چيو، جو فقط مان ئي بچيو آهيان، پر مسلمان ته نه بچيا. پوءِ تجارت کان توبہ ڪيائين ۽ حياتيءَ ڀر انهيءَ ڪري دوڪانداري ڇڏي ڏنائين، جو رڳو پنهنجي دوڪان جي بچڻ تي الحمد لله چيو هئائين. ان کان توبہ استغفار ڪرڻ جي لاءِ واپار جي ڪاروبار کان دستبردار ٿيو.

ان نقل ڏي خيال ڪيو ۽ سمجھو ته خواهش جي مخالف ڳالهه تي رضا محال نه آهي، پر اهو هڪ وڏو مقام اهل دين جي مقامات مان آهي، تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”نيزي هيٺان نينهن جي پاسي ڪر مَ پاڻ“ – هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته تڪ نمبر پهرينءَ ۾ خدا تعاليٰ جي گھُرَ ۽ تقدير جو بيان آهي،  ۽ تڪ نمبر ٻيءَ ۾ رضا، رجا، صبر ۽ شڪر ۽ توڪّل جو بيان آهي. جيئن تڪ ۾ آهي ته ”نيزي نينهن جي کان پاسي پاڻ کي نه ڪر“، يعني سر جو سانگ نه ڪر. سو ائين تڏهن ڪري سگهندو جڏهن ٻيون پنهنجي نفس جون خواهشون، گهرٻار، مال ملڪيت جا اوسيڙا ۽ اُلڪا ڦٽي ڪري رڳو رضا ربّ جي گهرندو. اها آهي رضا، ۽ رضا تڏهن حاصل ڪري سگهندو، جڏهن پنهنجي نفس جي سڄي ڪاروبار ۽ سَڌُن کي ڇڏي ۽ پنهنجي تدبيرن کي ڦٽو ڪري، خاص خدا تعاليٰ تي تڪيو ۽ توڪّل رکندو ته انهن ڪمن جي پوري ڪرڻ وارو قطعي مالڪ اهو منهنجو خدا آهي، تڏهن ئي انهيءَ سڄڻ جي نيزي نينهن جهڙو جهاد يا ٻيون تڪليفون ان جون ڏنل برداشت ڪري سگهندو.

ظاهر هجي ته رضا ۽ توڪّل ٻئي دين جون عالي منزلون آهن. اهي ٻئي تڏهن حاصل ٿينديون، جڏهن انهن تڪليفن ۽ نفس جي دنيوي خواهشاتن تي صبر ڪندو. صبر ۽ شڪر تڏهن ڪندو، جڏهن ان کي انهن دنيوي تڪليفن ۽ نفس جي خواهشاتن تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ جي عيوض ثواب ۽ محبوب جي راضپي جي رجا يعني اميد اول هوندي. مثال جھڙيءَ طرح سِير ڇوڙائڻ، سِنڱين هڻائڻ، ۽ ڪؤڙي دوا پيئڻ تي راضي رهڻ، شفا جي اميد تي هوندو آهي. اها رضا، جيڪا ثواب جي رجا يعني اميد آهي، سا گھٽ درجي جي آهي ۽ اعليٰ درجي جي رضا اُها آهي، جا ڪنهن به مجازي يا حقيقي حِظ يعني مزي لاءِ نه هجي. رڳو انهيءَ غرض کان هجي ته اهو تڪليفن جو امر، محبوب جي مراد ۽ مرضي آهي. ڪڏهن ته محبت ايتري قدر وڌي ويندي آهي، جو عاشقن جي مراد معشوق جي مرضيءَ ۾ لڪي ويندي آهي. انهيءَ صورت ۾ سڀني چيزن کان زياده لذيذ ان عاشق جي اڳيان محبوب جي دل جي خوشيءَ ۽ ان جي مرضيءَ جي موافق ڪم جو هجڻ هوندو آهي، پوءِ ان ۾ عاشق جي جان ئي هلاڪ ڇو نه ٿي وڃي.جيئن هن فصل جي گذريل بيت نمبر 17 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ تڪ نمبر ٻيءَ ۾ انهن عاشقن جو بيان فرمايو آهي ته ”نيزي هيٺان نينهن جي پاسي پاڻ نه ڪن – عاشق اجل سامهان اوچي ڳاٽ اچن.“ – نيزي کان پري پاڻ کي نه پيا ڪن ۽ اڃا به اجل سامهان ڳچي مٿي ڪيو پيا اچن، ڇو ته سندن مرضي رڳو محبوب جي مرضي هئي. تڏهن خوشيءَ سان پاٻوهيو پڇن ته ڪٿي هٿ حبيب جو، جنهن ۾ سندس نينهن، محبت، مراد ۽ مرضيءَ جو اهو نيزو آهي ته من، اسان کي لڳي! ڪنڌ اڳتي ۽ اوچو ڪيو پيا ڏين، ته متان اهو نيزو گُسي وڃي ۽ محبوب ناراض ٿئي. تڏهن پيا پڇن ته نيزي وارو هٿ حبيب جو ڪٿي آهي.

هاڻي هيءَ رضا تڪليف جي معلوم هجڻ تي به هوندي آهي، پر ڪڏهن ته محبت اهڙيءَ طرح غالب هوندي آهي، جو انهيءَ تڪليف جي سور جي سمجھڻ کان به بيهوش ڪري ڇڏيندي آهي. قياس ۽ تجربي کان اهڙي محبت ۽ ان جو وجود ثابت آهي. جيئن حضرت علي رضي الله عنہ تي نماز ۾ موليٰ جي محبت ايتري ته غالب ٿيندي هئي، جو جنگ ۾ لڳل تير سندس بدن مان ڪڍيا ويندا هئا، ته ان سور جي کيس خبر نه پوندي هئي، پر جو شخص هن ڪيفيت کان واقف نه هجي، تڏهن به ان کي ان جو انڪار ڪرڻ نه گهرجي. انهيءَ لاءِ جو ان کي هيءَ حقيقت معلوم انهيءَ سبب کان نه آهي، جو ان ۾ ان جو سبب يعني محبت موجود نه آهي. پوءِ جو شخص محبت جي ذائقي ۽ لذت کان واقف نه آهي، اهو محبت جي عجائب ڇا ڄاڻي! جيئن صغير ٻار جماع جي لذت کان واقف نه آهي ۽ لذت جماع کان انڪار ڪري ۽ نٿو ڄاڻي، جو ان ۾ سبب لذت جو نه آهي. اهڙيءَ طرح محبت جي عجائبن کان انڪار ڪندڙ وٽ به محبت نه آهي. محبت الاهيءَ جي دلين ۾ گهٽ هجڻ جو سبب هڪڙو ته هيءُ آهي، جو دنيا جي محبت دلين ۾ قوي آهي ۽ ان ۾ محبت زال ۽ پٽ ۽ مال، مائٽن، زمين، زر، چوپاين ۽ باغات، سير ۽ تماشن جي داخل آهي. انهن جي محبت جي سبب کان نقصان محبت الاهيءَ ۾ ايتري قدر هوندو، جيتري قدر ان جي محبت اسباب دنيويءَ سان هوندي. جنهن شخص کي دنيا ۾ جيترو ملي ٿو، اوترو آخرت ۾ گهٽ ٿئي ٿو، جهڙوڪ ڪو شخص اُڀرندي کي ويجهو آهي اوترو ئي اُلهندي کان پري آهي، جيئن جيترو ڪو پنهنجي هڪڙي زال کي خوشي ڪري، اوترو ئي ان جي ٻي زال کي، جا ان جي پهاڄ آهي، رنج ٿيندو آهي. انهيءَ مثل دنيا ۽ آخرت مثال پهاڄن جي آهن. اڃا به اهل دل وارن جي بصيرت سان وڌيڪ دشمني هنن جي ظاهر آهي. انهيءَ ڪري انهن دنيوي لذتن ۽ خواهشن جي مقصدن کان موٽي، ۽ انهن دنيوي مڪرن ۽ تجويزن ۽ تدبيرن ۽ معلوماتن کان ماٺ ڪري ۽ انهن سڀني دنيوي اسبابن جي ۽ ان سان گڏ پنهنجي نفس جي نفعي نقصان ۽ ڏک سور جي ڳڻ ڳوت، سمجھ سوچ، ڄاڻ پڇاڻ ڇڏي، انهيءَ محبت موليٰ جي ۾ مستغرق ٿئي، جو غير جي سڀ ڄاڻ وڃائي “ڄُل آڏو اجل سامهون.“

هن پوئين تڪ ۾ شاهه صاحب مخاطب ٿي سالڪ کي ٿو فرمائي ته تون به ائين ڪر، جو غير الله جي سڀ ڄاڻ وڃائي ڄُل اي عاشق، اجل سامهون! ڇو ته جيتري قدر عاشق ٻين رڪاوٽن، رنڊڪن، اغيارن ۽ رقيبن، ۽ ڪدورت کان صاف آزاد ٿي، ڇٽي، پنهنجي محبوب سان ملندو. اوتري قدر لذت وارو ٿيندو – ان محبوب حقيقيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ غير آهي. پنهنجو نفس به غير آهي. ان جي به ڄاڻ ڇڏي ڄُل يعني هل، انهيءَ محبت واري ميدان ۾، اي عاشق اجل سامهون! سامهون اجل يعني موت ڄڻ نظر ايندو آهي جهاد ۾ - جهاد ۾ به اهو وڃي سگهندو، جيڪو ٻيون دنيوي خواهشون ۽ انهن جي ڄاڻ ته ڇڏيندو، پر پنهنجي نفس ۽ سر جي نفعي نقصان جي ڄاڻ به وڃائيندو. هتي ڄاڻ جي وڃائڻ جو اشارو خاص نفس جي ڄاڻ ڏانهن آهي ۽ جهاد اڪبر به نفس جو جهاد آهي. ان جي آڏو ظاهر جا جهاد اصغر آهن. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ سر بلاول جي فصل 3 جي بيت نمبر 4 ۾ فرمائي ٿو ته:

بيت

نَنڍِيَان نَفعو نَاههِ ڪو وَڏِيٌ مَ وِسَاري،

مَجُوسِيٌ مَارِي، اَڪٌبَرَ ڏي اَچيج تُونٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جا ظاهر مجوسين ڪافرن سان جنگ آهي، سا ننڍي جنگ سڻائي ۽ سولي آهي، ڇو ته ان جو کٽڻ هارائڻ هڪ ڏينهن آهي ۽ ان جي لحاظ تي جنگ نفس جي وڏي آهي، ، جا سڄي ڄمار آهي، ان جو مدو ميعاد موت تائين آهي. نفعو به ان جهاد ۾ وڏو آهي. اوترو نفعو ننڍي جنگ مان نه آهي، تنهنڪري سالڪ کي کپي ته وڏي نه وساري جو ننڍين جنگين مان نفعو ناهه ڪو. جيڪو کڻي نفعو آهي، سو به تڏهن ملندو، جڏهن پنهنجي نفس جي وڏي جنگ اول کٽي هوندائين. يعني نفس مان بهادريءَ جي ناموس ۽ جنگ جي فن وغيره جو رياءُ ڪڍي ڇڏيو هوندائين، يا غنيمت جي مال جو حرص پڻ ڇڏيو هوندائين، تڏهن ئي انهيءَ ظاهر جهاد جو ثواب حاصل ڪندو.

تڏهن حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته ننڍي جنگ فتح ڪئيسون، هاڻي هلو وڏيءَ جنگ ڏانهن، جا نفس جي جنگ آهي. سورة حج جي ع 17 ۾ به خدا تعاليٰ ڪافرن سان ظاهر جهاد ۽ نفس جي جهاد ڏانهن اشارو ڪرڻ فرمايو آهي، هيءُ بيان مٿي فصل ٻئي سر ڪلياڻ ۾ وڌيڪ گذري چڪو آهي، تنهن ڪري هتي وڌيڪ نٿو آڻجي. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اها نفس جي ڄاڻ، جيڪا هو ظاهر جي جهاد ۾ رکي ٿو، ته منهنجو نالو ناموس ٿيندو ۽ غنيمت جو مال هٿ ايندو، يا ثواب ملندو وغيره، اها سڀ ڄاڻ وڃائي خاص محبوب موليٰ جي راضپي لاءِ سندس راهه ۾ هل، اي عاشق اجل سامهون! هن تڪ ۾ جو شاهه صاحب ڄاڻ جي وڃائڻ جو تاڪيد فرمايو آهي، ان جو هيءُ سبب آهي ته جيتري قدر دل ۾ ٻيا خيال، خطرا دنيوي موجود هوندا، اوتري قدر محبت الاهي دل ۾ گهٽ ماپندي. دل مثل ٿانءَ جي آهي، پوءِ انهيءَ ٿانءَ ۾ جيتري قدر پاڻي ڀريل هوندو، اوتري قدر ٻي شيءِ گهٽ ماپندي. تڏهن شاهه صاحب ٿو فرمائي ته ٻي سڀ ڄاڻ، خيال خطرا وڃائي، دل صاف سالم رکي هَل عاشق، اجل سامهون! سواءِ الله تعاليٰ جي محبت جي، ٻيا سمورا خيال يعني ڄاڻ نفس جي سَڌُنِ جي ۽ جي متابعت، اُن سَڌُنِ ۾ ڪرڻ توحيد ۾ شرڪ آهي. قرآن شريف ۾ آهي، سورة جاثيہ ع 3

اَفَرَاَيٌتَ مَنِ تَّخَذَ اِلٰهَہٗ هَوَاهُ

ترجمو: ڀلا ڏِس ته جنهن پوڄيو پنهنجي سَڌن کي.

پنهنجي سَڌن کي پوڄڻ اهو آهي، جو پنهنجي نفس سان انهن سَڌن ۾ ان جي متابعت ڪري – آنحضرت صلي الله عليہ وسلم فرمائي ٿو:

اَبٌغَضِ اِلٰہٍ عَبٌدُ فِي الٌاَرٌضِ الٌهَوَى

ترجمو سڀ کان وڌيڪ وڏو معبود زمين ۾ پوڄڻ خواهش نفس جي آهي.

تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اي عاشق! تون به دل کي اخلاص سان خالص خدا تعاليٰ جي واسطي ڪر، جو ان ۾ ٻي شرڪت نه هجي، جيئن حديث شريف ۾ آهي:

مَنٌ قَالَ لَا اِلٰہَ اِلَّا اللهُ خَالِصاً مُّخٌلِصاً دَخَلَ الٌجَنَّةً

ترجمو: جو شخص چوي لَا اِلٰہَ اِلَّا اللهُ خالص ۽ مخلص ٿي ته اهو داخل ٿيندو بهشت ۾.

معنيٰ اخلاص جي هيءَ آهي ته دل کي خالص خدا تعاليٰ جي واسطي صاف ڪري، جو ان ۾ ٻئي جي شرڪت نه هجي. دل جو محبوب ۽ معبود ۽ مقصود صرف اللہ تعاليٰ جي ذات پاڪ هجي. پوءِ جنهن شخص جو اهو حال هوندو ته دنيا ان لاءِ قيد خانو آهي – انهيءَ ڪري جو اها مشاهدي محبوب کان ان کي روڪي ٿي ۽ مرڻ ان جي حق ۾ قيد کان ڇٽڻ، ۽ محبوب جي پاسي وڃڻ آهي، پوءِ جنهن شخص جو محبوب اهو هڪڙو آهي، ٻي ڪا به ڄاڻ غير الله جي ڪا نه اٿس، ان محبوب هڪڙي جي طرف گهڻي وقت کان شوق رکندو هجي ۽ قيد خاني ۾ بند هجي، اهو جيڪڏهن قيدخاني کان ڇٽڻ ۽ محبوب سان ملي ۽ اتي هميشہ تائين امن ۽ آرام ۾ رهي، ته ان جي مزي ۽ فرحت جي حد ڇا چئي سگهجي!

تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ٻي ڄاڻ وڃائي يعني دنيوي اسباب کي ته ترڪ ڪر، پر ان جي فقط ڄاڻ به وڃائي ڄُلُ اجل سامهون، جو اهو جيڪو ظاهر ۾ اجل يعني مرڻ آهي، پر در حقيقت ان محبوب هڪڙي سان ملاقات آهي. موت کان منافق ڊڄندو آهي، مؤمنن جي لاءِ موت ملاقات محبوب سان آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي:

اَلٌمَوٌتُ جَسٌرُ يُوٌصِلُ الٌحَبِيٌبَ اِلى الٌحَبِيٌبَ

ترجمو: موت ٻنڌِ آهي جيڪا دوست کي دوست سان ملائي ٿي.

پر شرط اهو آهي، جيڪو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن پوئينءَ تڪ ۾ فرمايو ته ٻي غير الله جي ڄاڻ پڇاڻ بلڪل نه هجي. اسان هن کان اڳ به لکي چڪا آهيون ته هيءُ سر ڪلياڻ جي سڄي رسالي جو مقصد ۽ مثال ٿلهه جي آهي، ٻيو سڄو رسالو ان جو شرح آهي. ان اصول موجب غير الله جي ڄاڻ وڃائڻ جو وڌيڪ بيان ۽ شرح سر آسا جي فصل چوٿين ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي، جتان مثال طور هڪڙو بيت فصل 4 جو، بيت نمبر 4 پيش ڪجي ٿو.

ترڪ ڪر ترڪ کي وڃڻ ڪنا وڃ،

آهي ايءُ اَهنج سڻي سڻائيج تون.

هن جي معنيٰ پڻ ساڳي آهي ته اي طالب موليٰ! دنيوي سڌن کي ترڪ ڪر، پر تون جو اها ڄاڻ ٿو رکين ته مون انهيءَ محبوب موليٰ کان سواءِ، ٻيو سڀ ڪجهه ترڪ ڪيو آهي. اها ڄاڻ به وڃاءِ، پوءِ جيئن تو کي غير الله جي سموري معلومات ياد به نه اچي. پر جي سمجھين ته مون ٻيا سڀ خيال خطرا به ڇڏيا آهن، تڏهن به چئبو ته تو اڃا پنهنجو خيال ۽ ڄاڻ نه وڃائي آهي. اِهو تون جيڪي سمجھي رهيو آهي ته مون سواءِ محبوب هڪڙي جي، ٻي سڀ ڄاڻ ڇڏي ۽ وڃائي آهي، ته اها سمجھ وڃائڻ جي به وڃاءِ. جيئن تڪ ۾ آهي – ”وڃڻ ڪنا وڃ“ – اهو ئي هڪڙو موليٰ سائين محبوب مٺڙي جي ملڻ جو اُهنج يعني اشارو آهي، تون به ٻُڌ، اي سالڪ! ۽ ٻين کي به ٻڌاءِ. ”آهي ايءُ اُهنج سڻي سڻائيج تون“- اُهنج ڪهڙو جيڪو شاهه صاحب رحمة الله عليہ پوئين تڪ ۾ فرمايو ته ڄُلُ وڃائي ڄاڻ“ – ته پوءِ تو کي موت به سڻائو ۽ سکيو لڳندو، جو باعث محبوب جي ملاقات جو آهي.

هن بيت نمبر 18 ۾ (1) رجِا، (2) رضا، (3) صبر، (4) شڪر، (5) توڪّل، (6) تقدير، جو بيان گڏ آيل آهي. انهيءَ ڪري هن بيت جو کولي بيان ڪرڻ، هن ضعيف بندي جي وسعت کان ٻاهر آهي، ڇو ته هيءُ ڪتاب ننڍو آهي. انهن مٿين سالڪن جي منزلن ۽ مقامن ۽ ان جي نمونن جو بيان امام صاحب غزالي رحمة الله عليہ پنهنجي ڪتاب ”احياءُ العلوم“ جي جلد چوٿين ۾ اٽڪل چار سؤ صفحن ۾ ڪيو آهي. ان مان اندازو لڳايو وڃي ته وقت جي امام صاحب به ايترو ڪشادو بيان ڪندي فرمايو آهي، ته هيءُ بيان گهڻو آهي، جو هن ڪتاب ”احياءُ العلوم“ ۾ سمورو آڻي نٿو سگهجي. جڏهن چار سؤ صفحن جي بيان هوندي به امام صاحب عذر پيش ڪيو آهي، تڏهن هن ضعيف بندي جي ڇا مجال آهي، اُتي ڪجهه ڄاڻڻ جي!

پوءِ سبب هيءُ آهي ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي سڄي رسالي ۾، سر ڪلياڻ جي بيتن جو گهڻو ۽ سڄو بيان مختلف سرن ۾، عجيب ۽ غريب نوعن سان فرمايو آهي. انهن سمورن بيتن جي ۽ وري ان جي معنيٰ جي آڻڻ جي هتي گنجائش نه آهي؛ ۽ نه وري پوءِ هن کي خالص سر ڪلياڻ جو بيان ئي چئبو، ڇاڪاڻ ته ٻين سرن جا جڏهن سڀ بيت هن ۾ اچي ويندا ته پوءِ هي سر ڪلياڻ به گڏيل ٿي ويندو. تنهنڪري صبر ڪري، ان ساڳي پوئين تڪ، جا آهي ته ”ڄُلُ وڃائي ڄاڻ، عاشق اجل سامهون“ – اي عاشق! تون هن توحيد جي باب ۾ هَلُ، پنهنجي ڄاڻ وڃائي. ڇاڪاڻ ته اهي توحيد جا راز ۽ رمزون ڄاڻڻ ۾ ڏکيون ۽ اُبتيون آهن. تنهنڪري ان کي سڪ وارا ئي سمجهندا. ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون ظاهر مثال ۾ ائين اُبتيون آهن، جو اهي پرين سڏين ِ، ته ڄڻ تڙين ِ ٿا. جيئن ايندڙ بيت نمبر 19 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

ڪَوٺِڻُ قَريٌبَن ِ جو عينُ تَڙَڻُ آهِه،

ايءُ اُلِٽِيٌ ڳَالهَڙ ِيٌ سِڪَ وَرَنديٌ سَاهِه،

آسَرَ هَڏِ مَ لاهِه، ڇِنَڻُ ڳَنٌڍِڻُ اُنَ جو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته قريبن جو ڪوٺڻ، يعني سڏڻ پاڻ ڏانهن عين يعني خالص، نج، نسورو، رڳو تڙڻ مثل آهي. ايءَ اُلٽي ڳالهڙي يعني هيءَ اُبتي ڳالهه محبت واري اهڙي مٺڙي آهي، جو قريبن جي تڙڻ سان سڪ عاشق کان ويندي ته نه آهي، پر اڃا ورندي يعني موٽندي وڌندي آهي ساهه ۾.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته جيڪو الله تعاليٰ جو پنهنجي پيارن کي سَڏُ آهي هدايت ڏانهن، سو مجازي طرح اهڙو ڏکيو ۽ ڏنگو ابتو آهي، جو ڄڻ سڏڻ نه آهي، پر تڙڻ مثل آهي. پر در حقيقت اهو سکيو، سولو، سڻايو، سٺو ۽ مٺو آهي. جيئن الله تعاليٰ جو پنهنجي پيارن مؤمنن کي سڏ يعني امر آهي نماز،روزي، زڪواة، سخا، صبر، شڪر، رضا، توڪّل ۽ جهاد ڏانهن. پر اهي مڙئي ڪم ظاهر ۾ سندن پيارن کان سواءِ ٻين کي ڏاڍا ڏکيا لڳندا آهن، گويا تڙڻ مثل آهن. پر سندس سڪ وارن کي سولا، سڻاوا ۽ سٺا لڳندا آهن. انهن جي ڪرڻ سان سندن اندر ۾ محبت موليٰ جي اڳئين کان به وڌيڪ سڪ ساهه ۾ ورندي آهي. ”سڪ ورندي ساهه“ – هيءُ سموري دنيا جي ڳالهه آخروي ڳالهين جي ابتڙ، الٽي، اونڌي ۽ ابتي آهي. جهڙيءَ طرح ظاهر دنيا ۾ سموري عبادت ۽ اُن تي صبر ۽ تڪليفون سهڻ ڏکيون ۽ ڏک مثل آهن، پر آخرت ۾ اهي سڀ ڪم سُکُ آهن ۽ جيڪي دنيا ۾ ظاهر سکيا ۽ وڻندڙ ڪم آهن، جهڙوڪ شراب، ڪباب، جوا، چوري، زنا، پرائو مال ڦرڻ، لُٽڻ ۽ وڏائي نفس کي وڻندي آهي ۽ سموريون دنيوي عيش عشرتون، حرص هوا، سڀ مال ملڪيت، زال، اولاد، جي دنيا جا سک آهن، سي آخرت ۾ ڏک آهن. پر اهي دنيا جا سڻاوا ڪم ۽ سُک انهن جي لاءِ آهن، جن کي سڪ سڄڻن جي نه آهي. آخروي ڪم نماز، روزو وغيره، جن لاءِ خدا تعاليٰ ۽ سندس رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو حڪم آهي، اهي به انهن ڏکيا لڳندا، جن کي قريبن جو قرب حاصل نه آهي. قريب حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي نالن مان هڪڙو نالو آهي. الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته؛

وَ نَحٌنُ اَقٌرَبُ اِلَيٌہِ مِنٌ حَبٌلُ الٌورَ ِيٌدِ

ترجمو: ۽ اسين هن کي (يعني انسان کي) سندس ساهه جي رڳن کان قريب يعني ويجها آهيون.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ به زور قريب آهي. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾ قريبن جو جيڪو لفظ آندو آهي، سو الله تعاليٰ ۽ سندس پياري رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم ڏانهن اشارو ٿو ڪري. انهن منهنجن قريبن جو، جيڪو سندن امر جو سڏ آهي، سو ظاهر گويا تڙڻ آهي؛ پر اِهو انهن لاءِ آهي، جن کي سڪ نه آهي. جن سندن پيارن کي هن ابتيءَ ڳالهه جي پوري پروڙ آهي ته دنيوي سڀ عيش ۽ سک ڏک آهن، جيڪي ڪوٺي قريبن هتي دنيا ۾ اسان کي ڏک ظاهر ۾ ڏنا آهن تڙڻ مثل، سي سڀ سُکُ آهن. اها ظاهر جي ابتي ڳالهه سندن ساهه ۾ سِڪَ ورائي ۽ وڌائي ٿي. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ هن بيت جي ٽينءَ تڪ ۾ عاشق کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته ”آسر هڏ ۾ لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ ان جو“- آسر يعني اميد، هڏ يعني اصلي نه لاهه، ڇو ته انهيءَ ۾ الٽيءَ يا ابتيءَ ڳالهه يا قانون موجب اهو، جيڪو قريبن جو ظاهر ڇنڻ مثل آهي، سو پاڻ انهيءَ جو ڳنڍڻ آهي. هن تڪ ۾ رجا ۽ توڪّل جو سبق آهي ته اميد اصلي نه لاهه؛ اهو ڇنڻ نه آهي، پر انهن جو ڳنڍڻ آهي. تون توڪّل ۽ رجا رک. هاڻي انهيءَ پرينءَ جو ظاهر ڇنڻ، ڇنڻ نه آهي پر پڪ ڄاڻ ته ڳنڍڻ آهي. اهڙو بيان مثال طرح قرآن شريف مان پيش ٿو ڪجي. سورة القصص ع 1 ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي:

وَ اَوٌحَيٌنَاَ اِلَيٰ اُمّ ِ مُوٌسَيٰ اَنٌ اَرٌضِعِيٌہ ِ ج فَا ِذَا خِفٌت ِ عَلَيٌہ ِ فَاَلٌقِيٌہ ِ فِي الٌيَم ِ وَ لاَ تَخَافِيٌ وَ لاَ تَحٌزَنِيٌ ج اِنَّا رَآدَّوٌهُ اِلَيٌڪَ وَ جَا عِلُوٌهُ مِنَ الٌمُرٌسَلِيٌنَ فَالٌتَقَطَہٗ اٰلُ فِرٌعَوٌنَ لِيَکُوٌنَ لَهُمٌ عَدُوًّ وَّ حَزَناً اِن َّ فِرٌعَوٌنَ وَ هَامٰنَ وَ جُنُوٌدَ هُمَا کَانُوٌ خٰطِئيِنَ. وَ قَالَتِ امٌرَاتُ فِرٌعَوٌنَ قَرَّتُ عَيٌنٍ لِّيٌ وَ لَڪَ لاَ تَقٌتُلُوٌهُ قصلي عَسيٰ اَنٌ يَّفَعَنَا اَوٌنَسَّخِذهٗ وَلَداً وَّ هُمٌ لاٰ يَسٌعُرُوٌنَ وَ اَصٌبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوٌسيٰ فٰرِغاً ط اِنٌ کَادَتٌ لَتُبٌد ِيٌ بِہٖ لَوٌلآ اَنٌ رَّبَطٌنَا عَلَيٰ قَلٌبِهَا لِتَکُوٌن َ مِنَ الٌمُؤٌمِنِيٌنَ وَ قَالَتٌ ِلاُخٌتِہٖ قُصِيٌہِ فَبَصُرَتٌ بِہ عَنٌ جُنٌبٍ وَّ هُمٌ لاَ يَشٌعُرُوٌنَ وَحَرَّمٌنَا عَلَيَہِ الٌمَرَاضِعَ مِنٌ قَبٌلُ فَقَالَتٌ هَلٌ اَدُلُّکُمٌ عَليٰ اَهٌلِ بَيٌتٍ يَّکٌفُلُوٌنَہٗ لَکُمٌ وَ هُمٌ لَہٗ نَاصِحُوٗنَ فَر َدَدٌنٰہُ اِلَيٰ اُمِّہ کِيٌ تَقَر َّ عَيٌنُهَا وَ لاَ تَحٌزَنَ وَ لِتَعٌلَمَ اَنَّ وَعٌدَ اللهِ حَقُٗ و َّ لٰکِن َّ اَکٌثَرَهُمٌ لاَ يَعٌلَمُوٌنَ

ترجمو: وحي ڪيوسون ماءُ موسيٰ جي ڏانهن ته کير ڏج موسيٰ کي (ٽي مهينا) ۽ لڪائج موسيٰ کي سڀني کان، پوءِ جڏهن ڊڄين تون موسيٰ تي فرعون کان ته اڇلائج ان کي درياءَ ۾ ۽ نه ڊڄج ۽ نه ڏک ڪج. اسين موٽائي آڻينداسون ان کي تو وٽ ۽ ڪنداسون منجهان مرسلن- پوءِ وٺتو موسيٰ کي گهَرَ فرعون جي پٽ ڪري پر عاقبت ڪري هوندو ان جو دشمن ۽ غم تحقيق فرعون ۽ هامان ۽ لشڪر ان جو هئا ڪافر پوءِ جڏهن ڏٺائون موسيٰ کي صندوق ۾ چيو آسيت عورت فرعون جي پٽ آهي ٺاريندڙ اکين منهنجن ۽ تنهنجن جو نه ماريو ان کي اميد آهي ته نفعو ڪندو اسان کي ۽ ڪنداسون ان کي پٽيلو ۽ انهن نٿي سمجهو ۽ ڦري ٿو قلب ماءُ موسيٰ جي جو پريشان اوڏي ٿي ان ڳالهه ته ظاهر ڪري وجهي ڳالهه موسيٰ جي- جي هوند نه جهليو اسان ساڻ صبر قلب ان جو ته هجي منجهان مؤمنن. ۽ چيو ماءُ موسيٰ جي ڀيڻ موسيٰ جي کي ته ڳولا ڪري موسيٰ جي پوءِ ٿي ڏٺائون پري کان ۽ فرعون نٿي سڃاتي. ۽ حرام ڪيو اسان موسيٰ تي کير داين جو اول اچڻ ڀيڻ ان جي پوءِ چيو مريم ڏَسُ ڏيان اوهان کي عورت گهر تعظيم واريءَ جو اُو نپائيندي موسيٰ کي اوهان لاءِ اُوءِ بادشاهه جا خيرخواهه آهن. پوءِ موٽايوسون موسيٰ ماءُ وٽ ته ٺرن اکيون ان جون ۽ نه غم ڪري ۽ ڄاڻي ته تحقيق واعدا خدا جا سچا آهن. پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.

هاڻي هنن مٿين آيتن مان صاف ظاهر آهي ته جڏهن خدا تعاليٰ حضرت موسيٰ جي ماءُ کي، جنهن جو نالو يوخابذ بن لاوي بن يعقوب عليہ السلام هو، فرمايو ته جڏهن تون فرعون کان ڊڄين ته متان منهنجي پٽ موسيٰ کي قتل ڪرائي، ته ان کي اڇلائج درياءَ ۾؛ اسان موٽائي آڻينداسون، ان کي تو وٽ. هاڻي اتي الله تعاليٰ بيبي صاحبه کي، گويا پنهنجي مهربانيءَ ۽ لطف سان سڏي رهيو هو ۽ کيس وحي موڪليائين ته پنهنجي پٽ کي درياءَ ۾ ڦٽو ڪر، جو ظاهر ۾ سڏڻ نه هو، پر تڙڻ هئو ۽ ظاهر ۾ ڳنڍڻ نه هئو، پر ان کان پٽ ڇنو ٿي ويو. درحقيقت، بيبي صاحبه کان پٽ ڇنو ڪونه ٿي ويو،پر اڃا به ڳنڍيو ٿي ويو. پر خدا تعاليٰ فرمايو ته هونئن جيڪر بيبي صاحبه، ماءُ، حضرت موسيٰ جي،اها ڳالهه ظاهر ڪري ڏئي ها، جي اسان سندس قلب کي صبر سان نه جهليون ها، جو سندس دل پريشان هئي. پر الله تعاليٰ جي واعدي (موسيٰ عليہ السلام جي موٽائي ڏيڻ) تي، پڪو يقين ۽ توڪَل ڪري ۽ سڪ منجهان قوي اميد رکي، پنهنجي پٽ، حضرت موسيٰ کي لوڙهي ڇڏيائين، پٽ جي موٽائي ملائڻ جو آسرو نه لاٿائين ۽ ظاهر جي ڇنڻ کي ڇنڻ نه ڄاتائين. تڏهن الله تعاليٰ به پنهنجو واعدو ساڻس پاڙيو ۽ موسيٰ عليہ السلام موٽائي ملايس ۽ اهو ٿورو وقت ظاهر ڇنڻ موسيٰ عليہ السلام جو سندس ماءُ کان نه هئو. پر اهو ڇنڻ ان جو ڳنڍڻ هئو. پوئين آيت شريف ۾ آهي ته خدا جا واعدا سچا آهن پر ماڻهو نٿا ڄاڻن. تڏهن ڀٽائي صاحب به تسليم جي نموني فرمائي ٿو ته انهيءَ قريب مان آسرو اصلي نه لاهه، جو ان جا واعدا سچا ۽ پڪا آهن. باقي جيڪو ظاهر ۾ تون آزمائش جي تڪليفن ۾ ڀلجي ٿو وڃين ته شايد مون کي ڇني ڇڏيائون، ائين اصلي نه آهي. اهو ان جو ڇنڻ، ڳنڍڻ آهي. پر اهو انهيءَ قريب جو دستور ۽ رواج آهي. جيئن ماءُ موسيٰ عليہ السلام جي دل پٽ جي جدائيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ ڦَٽي، وري صبر جي توفيق بخشي، سندس سنڀال لڌائين ته ڀلي هجي منجهان مؤمنن- اهڙو ڦَٽڻ يا ڪُهڻ ڏکن ساڻ، پاڻ سندس ڀلائي ۽ گهڻگهرائي آهي. جنهن کي تڪليف جي آزمائش سان ڪُهي- پر وري جنهن جي پيار سان ڪَرَ رکندو آهي، تنهن کي ظاهر جي آزمائش سان ڪُهندو آهي. ڏکَ ۽ سورَ ڏيندو آهي. ته وري ان جي پويان سک، فرحت ۽ راحت روح جي به اهو ئي ڏيندو آهي ۽ راحت روح جي به ٿيندو آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 20 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

ڪُهَن ِ تَان گهَڻَگهُرَا جَان ڪَر َ لَهَن ِ تَان ڪُهَن ِ،

سيئِي مَاءِ مُهَن ِ سيئِي رَاحَتَ رُوٌحَ جِيٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي، ته انهن قريبن جي پيار ۽ قرب جي ڪهڙي نشاني آهي؟ جي ڪُهن توکي آزمائش جي تڪليفن سان، ته سمجهه ته گهڻو ٿا گُهرن، پر جي تنهنجي ڪَرَ يعني خبر ۽ سنڀال ٿا رکن، ته توکي ضرور آزمائشن جي تڪليفن سان ڪُهن. سيئي يعني اهي ئي مون کي مُهَنِ يعني ڏکوئن ۽ رنجائن ٿا ۽ اهي ساڳا ئي منهنجي روح کي راحت يعني فرحت ۽ سُکُ ۽ خوشي پهچائيندڙ آهن.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته خدا تعاليٰ جڏهن پنهنجي پيارن عاشقن کي وڌيڪ مرتبو ڏيڻ گهرندو آهي، تڏهن انهن جي ڪَرَ يعني سنڀال ڪهڻ جهڙين تڪليفن ۽ آزمائشن جي سورن سان لهندو آهي. جيئن مٿين بيت ۾ بيان حضرت موسيٰ جي ماءُ جو ٿي چڪو آهي، ته پنهنجي مهربانيءَ سان سندس ڪَرَ لڌائين، کيس پٽ واپس موٽائي ملايائين. اِها آزمائش ۽ جدائي پٽ جي ۽ ان کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏڻ ۽ اِن تي وري صبر سان ورتائينس يعني ڪَرَ لڌائينس بعد آزمائش جي، يعني گويا ڪهڻ جي. الله تعاليٰ اول آزمائش جا ڏک سور بيبي صاحبه کي ڏنا پٽ جي وڇوڙي ۽ دشمن جي خوف جا، ته وري بيبي صاحبه جي روح کي راحت ۽ خوشي به الله تعاليٰ پهچائي. جيئن مٿي ڏنل قرآن شريف جي آيتن ۾ آهي ته فرمايو خدا تعاليٰ، ”ته پوءِ موٽايوسون موسيٰ ماءُ وٽ، ته ٺرن اکيون ان جون، ۽ نه غم ڪري“ – اهڙا مثال سڄي قرآن شريف ۾ گهڻا آيل آهن. جيئن حضرت يعقوب عليہ السلام کان پٽ يوسف عليہ السلام الله تعاليٰ جدا ڪيو ۽ حضرت يقوب کي ڏک ڏئي آزمايائين ۽ ان کي اکين کان يوسف عليہ السلام جي جدائيءَ ۾ روئڻ سببان، نابين ڪيائين. وري حضرت يعقوب جي صبر ڪرڻ تي راضي ٿي، کيس حضرت يوسف عليہ السلام ملايائين ۽ وري نور نئين سر ڏئي خوش ڪيائين، تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ اهڙن واقعن ڏانهن اشارو ٿو ڪري ۽ تڪ ٻيءَ ۾ ان جو جواب ٿو فرمائي ته هائو، پر اهو هڪڙو ئي ساڳيو آهي، جيڪو مون کي ڏک سور رسائي ٿو، سوئي راحت روح جي به آهي- ” سي ئي ماءِ مهن سي ئي راحت روح جي“ – اهي ئي ڏک پهچائيندڙ آهن ۽ اهي ئي راحت روح کي پهچائيندڙ ۽ سک ڏيندڙ آهن. ڏکن پويان سک ملندا آهن.

        جيئن خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي فرمايو:

فَا ِن َّ مَعَ الٌعُسٌرِ يُسٌراً اِنَّ مَعَ الٌعُسٌر ِ يُسٌراً

ترجمو: پوءِ تحقيق ساڻ اهنجن ڏکن دنيا جي، جي آهن مٿي بدن تنهنجي،سهنج آهي ۽ تحقيق ساڻ اهنجاين ، ڏکن دنيا جي مٿي تنهنجي سهنج ٿيندو، منجهه آخرت.

هاڻي هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته جيڪي هت دنيا ۾ ڏک نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي مليا- زهد، فقر، جهاد، تقويٰ وغيره جا، انهن جي عيوض الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته سگهو توکي سک ملندا بهشت ۾، جي گويا روح جي راحت ۽ فرحت آهن. ڏک به آزمائش لاءِ انهيءَ مالڪ جا ئي موڪليل هئا. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”سيئي ماءِ يعني مون کي مُهَن ِ ڏک ڏين، سيئي راحت روح جي“. اهو پرين ڀلي سڏي ڪهي، جو ڪهڻ کان پوءِ ڪَرَ ته لهي ٿو. جيئن ايندڙ بيت نمبر 21 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته؛

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org