سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو : 5 

باب پنجون

 

اديبن، منشين، دربارين ۽ بهادرين جي خوشطبعي جون ڳالهيون

 

فصل پهريون

اديبن ۽ منشين جي خوشطبعي

133- رڪن الدين جي وزير ابوالفضل بن عميد پنهنجي پٽ ابوالفتح کي شاگرد ڪري، هڪڙي وڏي اديب، ابوالحسين بن احمد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، پر اهو ڏاڍو سست هو ۽ برابر ڌيان نه ڏيندو هو، ابوالحسين هڪڙي ڀيري، پڻس ڏي سندس شڪايت هنن لفظن ۾ لکي ته ”تنهنجي پٽ جو پڙهڻ يا علم جو مايو ماڪوڙيءَ جي آڱر جي ڏوڏي کان ننڍو آهي ۽ مڇر جي ڪنڌ کان ڇوٽو آهي.“

134- هڪڙي رات، حجاج بن يوسف حڪم ڏنو ته ”قيدخاني ۾ ڏسو ته ڪو پڙهيل ۽ فضيلت وارو ماڻهو هجي ته وٺي اچوس ته انهيءَ سان صحبت ڪريان.“ هڪڙو عالم ۽ فاضل شخص وٺي آيا. انهيءَ سان صحبت ڪندي، پڇيائينس ته ”تون ڪيئن قيد ۾ پئين؟“ هن چيو ته ” منهنجو هڪڙو سئوٽ هو، جنهن ڪو ماڻهو ماريو هو ۽ ڀڄي ويو هو، سرڪار انهيءَ جي بدران مون کي آڻي قيد ۾ وڌو، جو چيائون ته ”جيسين اهو پيدا نه ٿيندو تيسين تون انهيءَ جي بدران قيد ڪاٽ!“ اها ڳالهه ٻڌي حجاج کي هڪڙي شاعر جوو بيت ياد پيو، جنهن جو مضمون به اهڙو ئي ساڳيو هو.

جني ابن عمڪ ذنبا فابتليت بھ

ان الفتيٰ بابن عم السوءَ (ماخوذ)

بيت پڙهي چوڻ لڳو ته ”شاعر بيشڪ سچ چيو آهي.“ تڏهن هن قيدي عالم چيو ته ”الله تعاليٰ انهيءَ شاعر کان وڌيڪ سچي ڳالهه ڪئي آهي، جو قرآن ۾ فرمايو اٿس ته ”ولا تزر وازرقه وزر آخرا“ يعني ڪنهن تي به ٻئي جو بوجو نٿا رکن يا هڪڙي جي سزا ٻئي کي نه ملڻ گهرجي، حجاج کي هن جو جواب تمام پسند آيو ۽ چيائين ته ”الله تعاليٰ سچ چيو آهي، تو به سچو چيو آهي ۽ شاعر ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ پوءِ هن کي هزار درهم انعام ڏئي قيد مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

135- ابوالفتح حسيني، نوح سامانيءَ وٽ ڏاڍو قابل منشي هوندو هو، گهڻائي عمدا عمدا قول سندس مشهور آهن، هڪڙو هي آهي ته ”عادات السادات سادات العادات“ يعني بزرگن جون عادتون، عادتن سڀني کان اعليٰ آهن ۽ ٻيو هيءُ آهي ته ”من لم يڪن نسبيا لا ترج منھ نصيبا “يعني جيڪو چڱي نسب وارو ناهي، تنهن کي چڱي نصيب جي اميد رکڻ نه گهرجي.

 

 

 

فصل ٻيو

 

وزيرن جي خوشطبعي، بادشاهن جي روبرو

136- بني عباس جي خاندان مان هڪڙو جواب نهايت ظالم ۽ بدڪار هو، انهيءَ کي خلافت جو اچي خيال ٿيو، پنهنجي پيءُ جي وزير کي چيائين ته ”منهنجي لاءِ ڪو به لقب ٺاهي، جيئن ٻين خليفن جا لقب متوڪل باالله ۽ معتصم باالله وغيره ٺهيل آهن.“ هن چيو ته ”تنهنجو لقب نعوذ باالله هئڻ گهرجي.“

137- خليفن مان هڪڙي، پنهنجي وزير کان هڪڙي ڏينهن، ڪاوڙ مان پڇيو ته ”اي ها مان، تون هيستائين ڪٿي هوئين؟“ هن قرآن مان جواب ڏنو، جو جواب فرعون جي وزير هامان، فرعون کي ڏنو هو ته ”ذهنبي لڪ صرحا“ يعني تنهنجي لاءِ محلات ٿي، جوڙايم، هن جو جواب ٻڌي، خليفو حيران ۽ پشيمان ٿيو، ڇا لاءِ جو انهي ۾ اهو اشارو هو ته پاڻ فرعو آهي.

138- حجاج بن يوسف جو هڪڙو مصاحب هوندو هو، جو کيس کلئانيدو هو. هڪڙي ڏينهن دفتر جي ڪاتبن مان هڪڙو مره ثقفي نبالي وٽس ويو ۽ جيڪي کيس پڇڻو هو، سو پڇي هليو ويو، انهيءَ جي نالي مره چيو ته “دفتر جا ڪاتب تمام خراب ماڻهو ٿيندا آهن.“ حجاج چيو ته ”اهڙي ڳالهه ڇو ڪئي ۽ ڪاتبن جي ڇو شڪايت ڪيئي؟ خدا تعاليٰ قرآن ۾ ڪراما ڪاتبين، چيو آهي ۽ ڪاتبن کي اڪرام باعزت وارو سڏيو اٿس، جي منهنجو جهونو مصاحب نه هجين ها ته جيڪر جوڳي سيکت ڏيائين ها!“ مره چيو ته ”آءٌ دفتر جي ڪاتبن جي نالي ٿو چوان، نه آسمان جي ملائڪن جي نالي.“ حجاجج کي اهو جواب ٻڌي کان اچي ويئي ۽ هن کي انعام ڏنائين.

139- هڪڙي بادشاهه پنهنجي وزير کي چيو ته ”هن شهر ۾ جيڪي بيعقل آهن، تن جي يادداشت تيار ڪر!“ هن چيو ته ”پهرين اوهين انجام ڪريو ته جنهن جو به نالو لکندس، تنهن جي ڪري، مون تي ڪاوڙ نه ڪندو؟“ بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي، هن يادداشت ۾ پهرين بادشاهه جو نالو لکيو . بادشاهه هن کي چيو ته ”جي منهنجي بي عقلي ثابت نه ڪندين ته تو کي سزا ڏيندس،“ هن چيو ته “اوهان لک دينار فلاڻي نوڪر کي ڏنو ۽ هن کي چيو ته ”فلاڻي پر انهين شهر ۾ وڃي فقيرن کي خيرات ڏئي اچ،، انهيءَ ماڻهو کي آءٌ چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، هو کٽل ۽ سڃو ماڻهو آهي، نڪو ڪو ٻار ٻچو اٿس، امڪان آهي ته اها رقم پاڻ سان کڻي، ٻئي ملڪ ڏي ڀڄي وڃي، جتي اوهان جو ڪو به وس هلي نه سگهي! جي ايئن ڪري ته پوءِ اوهين ڇا ڪندو؟“ انهيءَ ڪري اوهان جو نالو پهرين لکيو اٿم، جڏهن اهو ڪم لاهي موٽي ايندو، تڏهن اوهان جو نالو ڊاهي ڇڏيندس، “بادشاهه کلي ڏنو ۽ هن کي انعام ڏنائين.

140- هڪڙو بادشاهه ۽ فاضل شخص، ڪنهن خفقاني ڪاوڙ واري بادشاهه جو وزير هو، انهيءَ جي اها عادت هوندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ڏاڙهي ۾ هٿ وجهي انهيءَ جا وار پيو پٽيندو هو، بادشاهه کي هن جي اها حالت پسند نه ايندي هئي، هن کي چڙي، حڪم ڏائين ته ”وري جي تو کي ائين ڪندي ڏٺو اٿم ته تنهنجا هٿ وڍائي ڇڏيندس!“ وزير کي ڏاڍو ڊپ ٿيو، جڏهن بادشاهه جي خدمت ۾ ويهندو هو، تڏهن اها ئي ڳڻتي رهندي هيس ته متان ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهان! انهي ڊپ ۽ ڳڻتي کان هو هميشه ملول ۽ موڙهل رهندو هو ۽ ٻئي ڪم ڏي خيال نه ٿيندو هوس.

هڪڙي ڏينهن بادشاهه خوشيءَ جي مجلس ڪئي هئي ۽ وزير امير سندس اڳيان حاضر هئا، انهيءَ فاضل مجلس ۾ ڪيترائي مزي جهڙا لطيفا ۽ قول ٻڌايا، جنهنڪري سڀ ماڻهو نهايت خوش ٿيا، بادشاهه آفزين ڏيئي چيس ته ”اڄ اهڙو خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو تو کي هڪڙي چڱي ٻني ڏيڻ ٿو گهران ته انهيءَ جي پيدائش مان تون تمام چڱو گذران ڪري سگهين، اها جتي تو کي گهرجي اتي ڏيان؟“ وزير عرض ڪيو ته ”حضور مون کي پنهنجي ڏاڙهيءَ جي ٻني انعام ۾ ڏئي، ته جيئن انهيءَ سان وڻيم، تيئن ڪريان، جنهن ڏينهن کان وٺي، ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهڻ بند ڪيو اٿم، تنهن ڏينهن کان وٺي، منهنجو سک آرام ڦٽي ويو آهي ۽ بي آرامي ۽ ڳڻتي ۾ ٿو گذّاريان“ بادشاهه کي کل آئي ۽ موڪل ڏنائينس ته جيئن وڻي تيئن پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڪر ۽ ٻي ٻني به جيڪا ڏيڻي ڪئي هئائين، سا به ڏنائينس.

 

فصل ٽيون

سپاهين جي خوشطبعي، بادشاهن سان

 

هڪڙي ڊگهي ڏاڙهيءَ واري شخص هارون الرشيد کان ڪا نوڪري گهري، هارون چيس ته ” تو کي گهڻو عقل ڪو نه هوندو ۽ تيز فهم نه هوندين؟“ هن چيو ته ”سائين، منهنجو وس ڪونهي اوهان ٻڌو ڪين آهي ته جڏهن ڏاڙهي ڊگهي ٿيندي آهي، تڏهن عقل ڇوٽو ٿيندو آهي.“ هارون هن جي جواب تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انعام ڏنائينس ۽ جيڪا نوڪري ٿي گهريئان سا به ڏنائينس.

سلطان عمرو ليث صفاريه هڪڙي ڏينهن، پنهنجو لشڪر نظر مان ٿي ڪڍيو، هڪڙي سوار کي ڪنهن ڏٻري گهوڙي تي چڙهيل ڏٺائين، ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو ته ”لعنت هجي اهڙن سپاهين تي، جن کي هيترا درهم ۽ دينار ڏنم ته به پنهنجا وهٽ ڏٻرا ڪيو اچن ۽ پنهنجن زالن جون رانون ٿلهيون ڪندا وتن!“ سپاهي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور پڇائي جاچ ڪري ڏسي ته منهنجي زال جون رانون انهيءَ کان به ڏٻريون آهن.“ عمرو کلي ڏنو ۽ ٻه هزار دينار هن کي انعام ڏنا ۽ چيائينس ته”هاڻ وڃي ٻنهي جون رانون ٿلهيون ڪر.“

 

فصل چوٿون

 

سپاهين جي خوشطبعي ٻين ماڻهن سان

هڪڙو سپاهي هوندو هو، سو جنهن به حمام ۾ وهنجڻ ويندو هو، تنهن مان ٻاهر نڪرڻ مهل، حمام واري کي چوندو هو ته ”منهنجي فلاڻي شيءَ فلاڻي ڪپڙي ۾ هئي سا گم ٿي ويئي آهي، سا پيدا ڪر، نه ته انهي جو مون کي ملهه ڀري ڏي!“ انهيءَ لاءِ ڏاڍو گوڙ ۽ ڌمچر مچائيندو هو ۽ نيٺ نه حماميءَ کي ڪي ڏيندو هو، نه حجام کي ۽ نه مالش ڪرڻ واري کي، ائين هليو ويندو هو، انهيءَ ڪري سڀني حمامن وارن هن کي سڃاڻي ڇڏيو هو ۽ پنهنجن حمامن ۾ اچڻ ۽ وهنجڻ کان منع ڪندا هئس، نيٺ عاجز ٿي هڪڙي حمام ۾ ويو ۽ حمام واري سان پهرين اهو شرط ڪيائين ته ”آءٌ پوءِ، ڪنهن تي به ڪنهن شيءِ چورائڻ جي تهمت نه آڻيندس ۽ث ساري عملي کي جيڪي دستوري ڏيڻو آهي سو ڏيندس،“ شاهدن جي روبرو اهوڙو شرط ڪري، پوءِ حمام ۾ گهڙيو، حمام واري پنهنجي هڪڙي نوڪر کي چيو ته ”جيڪي ڪپڙا هن لاٿا آهن، سي سڀ ٻئي سامان سميت گم ڪري ڇڏ، رڳو ترار پٽي سميت ڇڏي ڏي!“ هن ائين ڪيو، جڏهن سپاهي وهنجي سهنجي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڪپڙا ڪين ڏڍائين، هيڏي هوڏي ڳوليائين، پر نه لڌس، ڪڇيائين ڪي به ڪين، جو شرط ڪرڻ جا شاهد موجود هئا، جڏهن نوڪر سندس چوتو به کانئس گهري ورتو، تڏهن اگهاڙو ٿيو ۽ ڪمر پٽو ۽ ترار به اگهاڙي بت تي ٻڌائين! حمام واري کي سڏي چيائين ته ”مون برابر شرط ڪيو آهي، ليڪن تون پاڻ به ته دل ۾ انصاف ڪر ته آءٌ هن حال ۾ ته حمام ۾ وهنجڻ ڪين آيو هوندس؟“ سڀئي اچي کل ۾ پيا، سندس ڪپڙا موٽائي ڏنائونس، اڳتي جي لاءِ اهو انجام ڪيائونس ته ” هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو حمام ۾ وهنجڻ اچي ۽ انهيءَ لاءِ هن کان ڪي به ڪين وٺڻ ۾ ايندو.“

هڪڙو ساهه جهاد ڪندي جنگ جي ميدان مان اٿي ڀڳو، ماڻهو جٺ ڦٺ ڪرڻ لڳس ۽ چيائونس ته ”اي نامرد،. تو کي شرم نه آيو، جو غزا ڪندين، ڀڳين جي مرين ها ته شهيد ٿين ها، !“ هن ورندي ڏني ته ”مئي کان پوءِ ماڻهو چون ته فلاڻو رحمت الله عليہ، تنهن کان سواءِ اهو پسند ٿو ڪريان ته جيئرو رهان ۽ ماڻهو ڀلي پيا چون ته فلاڻو لعنت الله عليہ .“

 هڪڙي سپاهيءَ کي خوبصورت زال هئي، جنهن جو نالو حور هو، هڪڙي ڏينهن هو غزا تي ويو هو، لشڪر ۾ ڀاڄ اچي پئي، هي به ڀڳو، چيائونس ته” اي نامرد، موٽي وڃي وڙهه، جو جڏهن ڪافر ماربين ته شهيد ٿيندين ۽ بهشت ۾ حورون ملندءِ“. هن چيو ته ”مون کي هن ئي دنيا ۾ حور مليل آهي، مون کي پاڻ مارائڻو ڪونهي، منهنجي لاءِ هت ئي بهشت آهي.“

هڪڙي سپاهيءَ کان پڇيائون ته ”ڪهڙي ڳالهه تو کي وڻي ٿي، اڄ جي ڦرمار يا سڀاڻي جو بهشت؟“ هن چيو ته ”مون کي نقد گهرجي، يعني هتي جي ڦرمار ، سڀاڻي جو نمرود ۽ فرعون سان گڏ دوزخ ۾ پيس ته حرڪت ڪانهي.“

 

فصل پنجون

 

بهادرن ۽ بادشاهن جي وچ ۾ سوال جواب

هڪڙي ڳوٺاڻي، تمغاج خان کي عريضي ڏني ته مون سان هي هي ظلم ٿيو آهي، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن جي عريضي اڇلائي ڇڏيائين، هن ويچاري گهڻيون ئي دانهون ڪيون ۽ چيائين ته ”اي خان، منهنجو داد ڪر، جو مون سان ظلم ٿيو آهي.“ هن چيو ته ”هليو وڃ“ جو مون وٽ داد بچيو ئي ڪونهي، سڀ ڏئي ڇڏيو اٿم.“ هن چيو ته ”ڪنهن ئي ڏنو اٿئي، جو باقي نه بچيو آهي؟“ انهيءَ ڳالهه جو خان جي دل تي گهڻو اثر ٿيو، روئي ڏنائين، هڪدم انهيءَ جو داد ڪيائين ۽ خوش ڪري ڪڍيائين.

هڪڙي غريب سان ظلم ٿيو هو، وقت جي بادشاهه وٽ دانهين ويو ۽ ظلم جو بيان ڪري ٻڌايائين، بادشاهه خيال ڪو نه ڏنس، هن وري به دانهون، ڪوڪون ڪيون، وري به بادشاهه منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪيو، وري به هن ٽيون ڀيرو به دانهون، ڪيون، تڏهن بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چيائينس ته ”هليو وڃ، مٿي جو سور لاهه!“ هن چي ته ”مٿو تون آهين، مٿي جو سور ڪيئن لاهيان؟“ هن جي چوڻ بادشاهه تي اثر ڪيو ۽ جاچ ڪري جنهن هن تي ظلم ڪيو هو، تنهن کي سزا ڏنائين.

طائوس بمين ٿو لکي ته هڪڙو يعني ماڻهو مون ڏٺو، جو حجاج بن يوسف اڳيان بيٺو هو ۽ ساڻس بحث پي ڪيئاين ۽ سندس سوالن جا همت سان جواب پي ڏنائين، حجاج انهيءَ کان پنهنجي ڀاءُ جو احوال پڇيو، جو اهو يمن جو حاڪم هو ۽ جنهن جو نالو محمد بن يوسف هو، هن ورندي ڏني ته ”ڏاڍو ٿلهو متارو ٿيو آهي،“ حجاج چيو ته ”سندس بدن جو نٿو پڇان، سندس عدل، انصاف ۽ حڪومت جي طرز جو ٿو پڇان؟“ هن چيو ته ”نهايت ظالم، بي رحم، فاسق، فاجر، خوني ۽ بيڊيو ماڻهو آهي،“ حجاج پڇيس ته ”تڏهن ڇو نه اهڙي شڪايت انهيءَ کان وڏي عملدار ڏي نه نيئي ته انهيءَ کي اوهنا جي مٿان ٽاري ڇڏي؟“ هن چيو ته ”اهو وڏو هن کان به زياده ظالم آهي.“ حجاج پڇيس ته ”مون کي سڃاڻين ٿو ته ڪير آهيان؟“ هن چيو ته ”هائو‏، تون حجاج بن يوسف آهين ۽ هو تنهنجو ڀآءٌ آهي.“ حجاج چيس ته ”تون مون کان ڊني ڪين جو اهڙيون سخت ڳالهيون منهنجي اڳيان ڪيئي؟“ هن ورندي ڏني ته ”جيڪو خدا کان ڊڄندو، سو ٻئي ڪنهن کان نه ڊڄندو ۽ جيڪو حق چوڻ وارو هوندو، سو باطل کان نه دڄندو،“ حجاج وري پڇچيس ته ”عرب جي قبيلن مان هڪڙو سڀ کان چڱو آهي؟“هن چيو ته ”بني هاشم جو انهيءَ مان حضرت ﷺ جن هئا،“ وري پڇيائينس ته ”سڀ کان خراب قبيلو ڪهڙو آهي؟“ هن چيو ته ”ثقفي يا بني ثقب، جو تون ۽ تنهنجو ڀاءُ انهيءَ مان آهيو.“ حجاج هن کي همت سان جواب ڏيڻ لاءِ، هزار درهم انعام ڏياريو ۽ مون ڏي منهن ڪري چيائين ته ”اي طائوس، هي شخص انهيءَ جماعت مان آهي، جنهن جي نسبت ۾ خدا تعاليٰ قرآن ۾ ٿو فرمائي ته ”مجاهدون في سبيل الله ولا يخافوقون لومته لائم“ يعني هو خدا جي واٽ ۾ جهاد ٿا ڪن ۽ ملامت ڪندرن جي ملامت کان نٿا ڊڄن.

هڪڙي ڏينهن، عقيل بن ابيطالب، دمشق ۾ معاويي وٽ ويٺو هو، جو انهيءَ وقت شام جو حاڪم هو، حجاز ۽ عراق جا گهڻا ماڻهو به انهيءَ جي مجلس ۾ حاضر هئا، معاويي چرچو ڪري چيو ته ” اي شام، حجاز ۽ عراق جي رهڻ وارو، اوهان ڪي قرآن مان ٻڌو آهي ته ”تسبت يدا ابي لهب“ يعني شل ابي لهب جا ٻئي هٿ وڍيل هجن،؟ هنن چيپ ته ”هائو اهو ابولهب، عقيل بن ابوطالب جو چاچو آهي. “ تڏهن عقيل هنن کان پڇيو ته ” اي شام، حجاز ۽ عراق جي رهڻ وارو، هيءَ آيت ڪا اوهان ساڳيءَ سورته ۾ پڙهي آهي؟ ”وامرائته حمالته الحطب“ يعني انهيءَ جي زال دوزخ جي ڪاٺين کڻڻ واري آهي، هنن چيو ته ”هجائو، اها حمالته الحطب، معاويي جي سئوٽ آهي.“

هڪڙي ڏينهن يحييٰ بن سعيد بن عاصم جو عربن جي بزرگن مان هڪڙو هو، سو حجاج بن يوسف جي مجلس ۾ آيو، حجاج ارادو ڪيو ته هن کي مجلس ۾ شرمندو ڪري، چيائينس ته ”اي يحييٰ عبدالله بن هلال عجب جهڙي ڳالهه ٿو ڪري، چوي ٿه ته ”آءٌ ابليس کي ڏسندو آهيان ۽ هو منهنجو استاد آهي!“ ۽ ٻيو چيو اٿس ته ”يحييٰ بن هلال، ابليس سان مشهابت ٿو رکي!“ يحييٰ چيو ته ”مشابهت قومن جا بزرگ رکندا آهن، آءٌ انسانن ۾ بزرگ آهيان، ۽ ابليس جنن ۾ بزرگ آهي،“ حجاج هن جي حاضر جوابي ۽ هجو ملبح تي حيران ٿي ويو.

يعقوب بن ليث، بادشاهه ٿيڻ کان اڳي، غريب مفلس ماڻهو هوندو هو، بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ هن سيستان جي هڪڙي دولتمند ماڻهو تي چٽي وجهي، زور سان هن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ڪري، کسي ورتو، جنهنڪري هو مانيءَ جي ٽڪر جي لاءِ محتاج ٿي پيوم انهيءَ کان پوءَ، هڪڙي ڏينهن، اهو شخص يعقوب کي مليو، انهيءَ کي چيس ته ”هاڻي تنهنجو حال ڪهڙو آهي؟“ هن چيو ته ”جهڙو ڪالهه تنهنجو هو.“ يعقوب پڇيس ته ”ڪالهه منهنجو حال ڪهڙو هو؟“ هن چيو ته ”جهڙو اڄ منهنجو آهي.“ يعقوب شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، پر انصاف پسند ماڻهو هو، هن جي سچ ۽ همت تي آفرين ڪيائين ۽ سندس کسيل ملڪيت وري موٽائي ڏنائينس.

هڪڙي بادشاهه کي ٻڌائون ته شهر ۾ هڪڙو چرچائي ماڻهو آهي، جنهن جي شڪل بلڪل تو جهڙي آهي، بادشاهه حڪم ڏنو ته ”انهيءَ کي آڻي حاضر ڪريو!“ جڏهن هو آيو، تڏهن بادشاهه چرچو ڪري چيس ته ”فلاڻا، آءٌ ماءُ کي سڃاڻان ٿو، اها خوبصورت زال هئي ۽ بادشاهن ۽ اميرن جي گهرن ۾ عمدا عمدا ڪپڙا کڻي وڪڻڻ ويندي هئي؟“ هن شخص چيو ته ”سائين، منهنجي ماءُ ته اصل گهر کان ٻاهر ڪين نڪرندي هئي، مگر منهنجو پيءُ بادشاهه محلسراءِ جي پاسي وارن باغن ۾ باغائي هوندو هو،“ بادشاهه هن جو اشارو سمجهيو ۽ انهيءَ جي جواب کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پاڻ وٽ رکيائين.

هڪڙي ڳوٺاڻي جي ڏاڙهي ڊگهي هوندي هئي ۽ غور ۾ رهندو هو، اهو هڪڙي ڀيري ميرزا بابو وٽ آيو ۽ فرياد ڪيائين ته ”سرڪاري نوڪرن مون کان ڏهن خرارن تان سئو خرار ان جا ورتا آهن، منهنجو دادو ڪريو.“ ميرزا بابر چيو ته ”اي بيعقل، ڏهن سيرن جي ڏاڙهي کڻي مون وٽ آيو آهين! تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. ڏهن خرارن تي سئو خرار ڪير وٺندو؟۾ هن چيو ته ”سائين منهنجي ڏارهي هڪ سير مس ٿيندي، تنهن کي تون ڏهه سير ٿو چوين، تنهنجا سرڪاري خرار به اهڙا ئي هوندا!“ ميرزا کلي ڏنو ۽ هن کي انعام ڏياريائين ۽ سندس انصاف ڪيائين.

 

فصل ڇهون

 

زالن جي خوشطبعي، بادشاهن سان

 

هڪڙو جوان چوري ۾ گرفتار ٿي هارون الرشيد وٽ آيو، جڏهن مٿس چوري ثابت ٿي، تڏهن هارون هن جي هٿن وڍڻ جو حڪم ڏنو، هن جي ڪراڙيءَ ماءُ دانهون ڪندي هارون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”اي خليفا، ماڻهوءَ کي خدا هٿ سينگار ڪري ڏنا اهن، سي نه وڍاءِ!“ هارون چيو ته ”قرآن جوو اهو حڪم آهي، سو آءٌ ضرور بجا آڻيندس.“ حڪم ڏنائين ته ”جلد هن جا هٿ وڍيو،!“ زلا وري به منت زاري ڪري چيو ته ”منهنجو قوت ۽ قوت هن جي هٿن ۾ آهي، جي اهي وڍجي ويا ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حلا ٿيندو!“ هارون چيو ته ”جي هن جا هٿ نه و‎ڍائيندس ته اهو گناهه منهنجي ذمي لکبو.“ ٻڍيءَ چيو ته ”اي خليفا، تو گهڻا ئي گناهه ڪيا هوندا، هي به انهن مان هڪڙو کڻي سمجهه ۽ ٻين وانگي انهيءَ لاءِ به کڻي تو بج ڪجئين،“ خليفي کي اها ڳالهه ان جي پسند آئي ۽ کلي ڏنائين ۽ چور جي هٿن وڍائڻ جو حڪم رد ڪيائين.

حجاج جي ظلمن ڪري فساد ٿيڻ لڳو، فسادين مان هڪڙي زال کي گرفتار ڪري وٽس آندائون، حجاج هن تي عتاب ۽ الزام آندو، زال ڪنڌ هيٺ ڪيو، بيٺي هئي ۽ ڪو به جواب نٿي ڏنائين، نه اکيون کڻي ڏانهن نهاريائين ٿي، حاضر ماڻهن مان هڪڙي چيس ته ”امير تو سان ٿو ڳالهائي نه، منهن ڇو ڦيرائي انهيءَ کان پاسي ڪيو اٿيئي،؟“ زال ونردي ڏني ته ”مون کي خداد تعاليٰ کان شرم ٿو اچي، جو جنهن ماڻهو ڏي هو نظر نٿو ڪري، تنهن ڏي آءٌ ڪيئن نظر ڪريان؟“ حجاج پڇيس ته ”تون ڪيئن ٿي چوين ته خدا مون ڏي نظر نٿو ڪري؟“ زال چيس ته ”هن جي ڪري جو جي هو توڏي نظر ڪري ها ته تو کي ههڙن ظلمن ۾ مشغول نه رکي ها!“ حجاج قسم کڻي چيو ته ”هي بهادر زال سچ ٿي چوي.“ انهيءَ کي هزار دينار انعام ڏنائين ۽ انهيءَ کي پنهنجي قوم ڏي موٽائي ڏياري موڪليائين.

هڪڙي زال کي حجاج وٽ گرفتار ڪري آندائون، جو انهيءَ جو قبيلو ڏاڍو سرڪش ۽ فسادي هو ۽ انهن تي اهڙي تهمت آيل هئي، حجاج چيس ته ”اي زال، قران مان ڪا پنهنجي حال سان مناسب آيت پڙهه تو تو کي معافي ڏيان.“ زال چيو ته ”اذجاءَ نصر الله والفتح ورائت الناس يخرجون من دين الله“ حجاج ڏٺو ته پويون ڀاڱو آيت جو هن ڦيرائي غلط پڙهيو آهي، چيائينس ته، ”يد خلون في دين الله“ نه ”يخر جون من دين الله“. يعني جڏهن خدا جي مدد ۽ فتح آئي، تڏهن تون ماڻهن کي خدا جي دين ۾ داخل ٿيندو ڏسندين، پر زال پڙهيو ته خدا جي دين مان ٻاهر نڪرندو ڏسندين، زال حجاج کي سندس اعتراض جو جواب ڏنو ته ”دخلوا و انت تخر جو نهم“ يعني هو برابر داخل ٿين ٿا، پر تون انهن کي ٻاهر ڪڍين ٿو.“ حجاج کلي چيس ته ”اي بهادر زال، تو کي شاباش هجي، جو حق جي ڳالهه ڪئي اٿئي،“ هن کي ڏهه هزار دينار انعام ڏئي پنهنجي قوم ڏانهن روانو ڪيائين.

جڏهن عمرو ليث، نيشا پور ۾ آيو، تڏهن سپاهي شهر وارن جي گهرن ۾ وڃي ٿي لٿا، ماڻهو اچي بيزار ٿيا ۽ گوڙ گڙ ٻڙ شهر ۾ پئجي ويو، هڪڙي زال بادشاهه کي اچي چيو ته آءٌ غريب رن زال آهيان، چار ننڍڙا ٻار اٿم، تنهنجو لشڪر سارو شهر والاري ويو آهي، منهنجو غريباڻو گهر به اهي والاري ويهي رهيا اهن، گهٽيءَ ۾ وڃـي، ٻار وٺي ويهي رهي آهيان.“ عمرو ليث هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ”زال جو گهر خالي ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ تي ظلم نه ڪريو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org