سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو :1

لطائف الطوائف

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ  مرحوم

ناشر طرفان ٻه اکر

 

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقاءَ جو دارو مدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي، جيڪڏهن ڪتاب هڪ دفعو ڇپيو ۽پوءِ ائين گم ٿي ويو، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر ان جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهو ڪتاب ۽ منجهس جيڪي ادبي سرمايو موجود هو، سو ڄڻ هميشه لاءِ فنا ٿي ويو.

زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بي دردي سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندائي رهندا آهن.

افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ ادبين ، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن اڄ تائين ان طرف ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو، نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندرن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي،ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءُ ۾ ڪڏهن لکيائي ڪو نه ويا هئا، ظاهر آهي ته پنهنجي ادبي ورثي ڏانهن ايتريءَ سرد مهريءَ ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ جي لائق ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي مٺين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا بچندو، سا اها ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي، ته ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن احترام ۽ عزت سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي، انهيءَ مقصد جي پورائيءَ لاءِ بورڊ پراڻن اڻلڀ، ڪتابن جي ازسرنو اشاعت جو هڪ سلسلو جاري ڪيو آهي، جنهن هيٺ هيءُ ڪتاب ”لطائف الطوائف“ شايع ٿي رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ، شمس العلماءَ ميرزاقليچ بيگ جا هن وقت تائين جملي 46 ڪتاب شايع ڪيا آهن، جن مان 33 اڳ ڇپيل ۽ 13 اڻ ڇپيل هئا ”لطائف الطوائف“ ڪتاب هن وقت تائين ڇپيل ڪين هو. هيءُ پهريون دفعو آهي، جو اهو ڪتاب ڇپجي سنڌي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ٿي رهيو آهي،

” لطائف الطوائف“ هڪ بينظير ڪتاب آهي، جو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين سياڻپ جي سخنن ۽ دلچسپ لطيفن سان ڀرپور آهي، اميد ته ان جو اڀياس  پڙهندڙن لاءِ هر طرح مفيد ٿيندو.

هي ڪتاب فخر الدين علي بن حسين واعظ صفي ڪاشفيءَ جو لکيل آهي، جو فارسي زبان جو هڪ ناميارو عالم ٿي گذريو آهي. سندس والد، جو بين الاقوامي شهرت رکندڙ ڪتاب ”انوار سهيلي“ جو مصنف هو، پنهنجي دور جو هڪ مڃيل عالم هو.

شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ سنڌي زبان جو وڏو محسن هو. سندس ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪافي وسيع آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوشش آهي ته سنڌي زبان جي لائق ۽ فائق عالمن ۽ا ديبن سان گڏ ميرزا صاحب جا سمورا اڻ ڇپيل ۽ ڇپيل ڪتاب آهستي آهستي ڪري شايع ڪيا وڃن. اميد آهي ته سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جا پڙهندڙ، هنن املهه ڪتابن جو جوڳو قدر ڪندا ته جيئن مرحوم شمس العلماءِ جا رهيل ڪتاب پڻ شايع ٿي وڃن.

 

حيدرآباد سنڌ

5-4-1968ع       محمد ابراهيم جويو

اعزازي سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

ديپاچو

 

هي ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ ملا علي ابن حسين واعظ صفي ڪاشفيءَ جو لکيل آهي، جو مشهور عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي ۽ جنهن مشهور ڪتاب انوار سهيلي ۽ روضة الشهدا ۽ ٻيا ڪيترا عمدا ڪتاب لکيا آهن. هي ڪتاب هن 939هه ۾ لکيو، جڏهن هرات ۾ آيو هو ۽ وقت جي بادشاهه، سلطان محمد جي لاءِ لکيو هئائين. اميد آهي ته انهيءَ جا عجيب غريب لطيفا ۽ ظريفا ۽ علمي عقلي ۽ تاريخي خوشطبيءَ جون ڳالهيون پڙهي سنڌ جا ماڻهو خوش ٿيندا.

حيدرآباد سنڌ

مئي 1920ع                                     قليچ بيگ

 

 

باب پهريون

 

حضرت ﷺ جن جي خوشطبعيءَ جون ڳالهيون

 

 

فصل پهريون

خوشطبعي جي روا هئڻ بابت

صحيح حديثن ۽ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت ﷺ جن پنهنجي اولاد ۽ اصحابن ۽ بيبن ۽ ٻارن جي ٻين سان خوشطبعي ڪندا هئا. ۽ اصحاب به سندن آڏو پاڻ ۾ اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندا هئا ۽ کين کلائيندا هئا.

اها ڳالهه به ثابت ٿيل آهي ته سندن ڪچهري ۾ اڪثر شعر پڙهڻ ۾ ايندا هئا ۽ پاڻ اهي ٻڌندا هئا ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ خواهش ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته سئو کن بيت به پڙهي وينداهئا ۽ اڳئين وقت جون ڳالهيون ۽ آکاڻيون به حضرت جن جي مجلس ۾ کڻندا هئا. ڪڏهن ته پاڻ به ٻين کي اهڙيون ڳالهيون ڪري ٻڌائيندا هئا.

عبدالله بن حارث روايت ٿو ڪري ته حضرت جن کان زياده خوشطبعي ڪندڙ ماڻهو مون ڪو نه ڏٺو، ليڪن سندن خوشطبعي جون ڳالهيون حق جي مرضيءَ موجب وعظ ۽ نصيحت لاءِ هونديون هيون، هن هيئن به چيو آهي ته ”ڪو به ٻيو ماڻهو حضرت جن جيترو مرڪندو، مون ڪو نه ڏٺو، ليڪن سندن گهڻو کلڻ ايترو هوندو هو، جو سندن، اڳيان ڏند مبارڪ ڏسڻ ۾ ايند هئا.“

حرير بن عبدالله ٿو چوي ته ”ايمان آڻڻ کانپوءِ مون کي ڪو نه سجهي ته ڪڏهن آءٌ حضرت جن وٽ ويس ۽ پاڻ نه مرڪيائون!“ “ ثابت ٿيل آهي ته پاڻ سڀني ماڻهن کان زياده مرڪندڙ ۽ خوشطبع ۽ کلمک هوندا هئا ۽ اهو سندن هڪڙو معجزو شمار ۾ ايندو هو، جيئن قرآن ۾ به آهي ته ”والله عليٰ خلق، عظيم“.

هڪڙي ڏينهن ڪن وڏن اصحابن عرض ڪيو ته ” يا رسول الله ! اوهين اسان سان چرچا گهٻاٿا ڪريو، اها ڳالهه ته نبين جي شان وٽان ناهي؟“حضرت جن ورندي ڏني ته ”اني لااقول الاحقا“يعني ته آءٌ سچ کان سواءِ ڪي به ڪين ٿو چوان ۽ خدا تعاليٰ سچ ڳالهائيندڙن کي نٿو وٺي، حضرت جن جو قول آهي ته؛ افسوس آهي، انهيءَ ماڻهو جي حال تي جو ڪوڙي ڳالهه ڪري، ٻين کي کلائي ٿو! ٻه ڀيرا ائين فرمايائون، علماءِ ٿا چون ته انهيءَ حديث مان ثابت ٿو ٿئي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو چرچي مان سچ ڳالهائي ٻين کي کلائي ۽ خوش ڪري ته حرڪت ڪانهي، جيئن ڪاهي حديث آهي. ته ”من سر مومنا ڪمن سرني ومن سرني ڪمن سر ”الله“ يعني جنهن ماڻهوءَ ڪنهن ٻي مومن کي خوش ۽ سرهو ڪيو، تنهن ڄڻ ته مون کي خوش ڪيو ۽ جنهن مون کي خوش ڪيو ، تنهن ڄڻ ته خدا کي خوش ڪيو ۽ هي جو حديث ۾ منع ٿيل آهي ته پنهنجن  ڀائرن مومنن سان مسخريون ۽ ٺٺوليون نه ڪريو، تنهن جو مطلب آهي ته حد کان وڌيڪ چرچو مسخريون نه ڪريو ۽ اها پنهنجي عادت ڪري نه ڇڏيو ته رات ڏينهن کل مسخري ۾ مشغول رهو ته ماڻهو گهڻو کلن، جو انهيءَ لاءِ قرآن ۾ به منع ٿيل آهي، ته ”فليضحڪوا قليلا وليبڪوا ڪثيرا“ يعني کلو ٿورو ۽ روئو گهڻو. سو انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جا قلب ڪارا نه ٿين ۽ عبادت کان، غفلت نه وڌين. پاڻ حضرت جن ڪڏهن ڪڏهن خوشطبعي ڪندا هئا، سا به سچي ۽ پوري پني ۽ مناسب تنهن مان اسان کي موڪل نٿي ملي ته سڀني ڪمن ۾ کلندا ۽ مسخريون ڪندا وتون. چوڻي آهي ته ”المزاح في الڪلام، ڪاالملح في الطعام“ يعني ڳالهائڻ يا گفتگو ۾ خوشطبعي اهڙي آهي يا اهڙي هئڻ گهرجي. جهڙو لوڻ کاڌي ۾، تنهن کان سواءِ نبين ۽ ولين سان ڪا اسان عام ماڻهن جي ريس آهي؟ جيئن ڪا مولوي روميءَ جي مثنوي ۾ آهي ته : پاڪ ماڻهن جو مثال پاڻ سان لاڳو ڪرڻ نه گهرجي.

ماکيءَ جي مک ۽ ڏينڀو ٻئي ساڳيو کاڌو ٿا کائين پر هڪڙي ان ماکي ٿي ملي ۽ ٻئي مان ايذآءٌ ٿو پهچي. خدا جا پاڪ ٻانها ۽ ٻي عام خلق به ساڳيو کاڌو ٿا کائين، پر هڪڙن ۾ اهو کاڌو بدلجيو ، خدا جو نور ٿيو پوي ۽ ٻيا گند ڪڍن ٿا ۽ منجهن حسد ۽ بخل ۽ ٻيا خراب اخلاق پيدا ٿين ٿا. حقيقت ڪري حد کان وڌيڪ چر چيبازيءُ مان ٻين مومنن ڀائرن کي رنج ۽ ايذآءٌ ٿو رسي ۽ ماڻهو پنهنجو قدر ۽ مان ۽ حشمت ۽ هيبت وڃائي ٿو ليڪن پورو پنو وچولو چرچو، جو سچو هجي ۽ ڪوڙو نه هجي، سو بيسڪ روا آهي، بلڪ مستجب آهي، جو انهيءَ ڪري ڀائرن جون دليون خوش ٿيون رهن ۽ دوستن جي صحبت مان زياده لذت ۽ فرحت حاصل ٿئي ٿي.

حضرت جن جو چوڻ آهي ته مومن ضرور خوشطبع ۽ مٺو ڳالهائيندڙ هوندو ۽ منافق بدطبع ۽ ترش رو۽ گهنڊ وجهندڙ هوندو، حضرت شاهه ولايت پناهه جو قول آهي ته: جيڪو مومن خوشطبعي کان نه بدخوئي کان ڪو چرچو ڪري ماڻهن کي خوش ڪري ٿو، سو بهشت ۾ ويندو. شيخ فريد الدين عطار به ٿو فرمائي ته؛

تون عيسيٰ وانگي رهه کلڻو ۽ خوشخو

گڏهه وانگي نه رهه بدخو، ترش رو

 

فصل ٻيو

حضرت رسول ﷺ ۽ علي مرتضيٰ جن جي پاڻ ۾ خوشطبعي

 

1. هڪڙي ڏينهن حضرت جن ۽ مولا علي ڪٿي گڏ ويٺا هئا ۽ کارڪو ويٺي کاڌائون. حضرت جن کارڪون کائيندا ۽ ککڙيون آهستي لڪائي علي مرتضيٰ جي اڳيان رکندا ويا. جڏهن کائي کپايائون، تڏهن مولا علي جي اڳيان گهڻيون ککڙيون هيون ۽ حضرت جن جي اڳيان ڪا نه هئي. حضرت جن فرمايو ته ”من ڪثير نواهه فهو اڪول “ يعني جنهن جي اڳيان گهڻيون ککڙيون آهن، سو گهڻو کائيندڙ آهي، مولا علي ورندي ڏني ته ”من اڪل نواهه فهو آئڪل“ يعني جيڪو ککڙين سميت کارڪون کائي ٿو سو گهڻو کائيندڙ آهي.

2- حضرت جن جناب امير کي جو ”ابوتراب“ جي ڪنيت ڏني، يعني “ميٽي جو پيءُ“ سو به خوشبطعي کان هو، انهيءَ بابت ٽي قول آهن: هڪڙو صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ سهل بن سعد کان روايت ڪيل آهي ته: علي مرتضيٰ کي ڪو به نالو ابوتراب کان وڌيڪ پسند نه ايندو هو. انهيءَ نالي جو سبب سهل هي ڏنو ته هڪڙي ڏينهن حضرت جن پنهنجي نياڻي بيبي فاطمه زهرا جي گهر آيا ۽ ”پڇيائونس ته“منهنجو سئوٽ ڪٿي آهي؟“ بيبي صاحبه جواب ڏنو ته “اسان جي وچ ۾ ڪجهه تڪرار ٿيو ۽ پاڻ مون تي ڪاوڙجي ڪنهن پاسي نڪري ويا آهن ۽ ٻنپهرن جي ننڊ هتي مون وٽ نه ڪيائون.“

حضرت جن ڪو ماڻهو سمآءٌ لهڻ لاءِ موڪليو، انهيءَ اچي چيو ته مسجد ۾ ستو پيو آهي. حضرت جن اتي وٽس آيا. ڏسن ته هن جي ڪلهن تان چادر لٿي پئي آهي ۽ بت جو هڪڙو پاسو مٽيءَ سان ڀريو پيو آهي، وڃي سندس پاسي ۾ ويٺا ۽ پنهنجن هٿن سان هن جي پاسي ۽ ڪلهن تان مٽي اگهيائون ۽ خوشطبعي ڪري چيائون ته ”قم يا ابا تراب“ يعني اٿي اي مٽيءَ جا پيءَ انهيءَ کانپوءِ اهو نالو هن تي پئجي ويو. ٻيو قول ڪتاب ”ڪشف الغمه “ ۾ ابن عباس جي روايت سان ڏنل آهي ته: جڏهن پهرئين هجري سال ۾ حضرت جن مهاجرن ۽ انصارن جي وچ ۾ ڀائپيءَ ٿي ڳنڍي ۽ ٻن- ٻن ماڻهن کي گڏي ڀائر ٿي ٺهرايائون، تڏهن جناب مولا عليءَ سان ڪنهن کي به ڀآءٌ ڪري نه ڳنڍيائون، تنهن ڪري حضرت امير ملول ٿيو ۽ مسجد مان نڪري جهنگ ڏي منهن ڪري هليو ويو. اتي هڪڙو سڪل واهه ڏسي انهيءَ جي تري ۾ وڃي ليٽي پيو ۽ ننڊ اچي ويس، هوا زور سان لڳي، تنهن ڪري مٽي سندس بت جي اگهاڙي ڀاڱي تي لڳي پئي. اتي حضرت جن کيس ڳولي اچي لڌو ۽ هٿ سان مٽِي اگهي جاڳائي مرڪي چيائونس نه “يا ابا تراب“ تنهنجي لاءِ ڀآءٌ پيدا نه ڪيم تنهن تي تون ڪاوڙيو آهين؟ پڪ ڄاڻج ته تو کي مون پنهنجي ڀائپائي لاءِ ڇڏي ڏنو هو. تون منهنجي لاءِ اهڙو ڀآءٌ آهين، جهڙو هارون موسيٰ جو هو، جيتوڻيڪ مون کان پوءُ ڪو به پيغمبر ٿيڻو ڪونهي. يا علي، جيڪو تو کي دوست رکندو، سو رب جي امان ۾ هوندو ۽ جيڪو تو سان دشمني رکندو. تنهن کي رب جاهل ڪري ماريندو، ٽيون قول ”روضقه الاحباب“ ۾ عمار بن ياسر جي روايت سان هن طرح ڏنل آهي: ته هجري ٻئي سال ۾ درالعشره واري غزا وقت جناب امير عليه السلام هڪڙي کجيءَ جي پاڙ وٽ زمين تي ستو پيو هو ته حضرت رسول ﷺ اجن چي کيس جاڳايو ۽ چيائونس ته ”قم يا ابا تراب “ جڏهن جناب امير اٿيو تڏهن فرمايائون ته ”يا علي، تو کي ٻڌايان ته ماڻهن مان سڀني کان زياده بد بخت ڪير آهي؟ اهڙا بدبخت ٻه ڄڻا آهن: هڪڙو اهو جنهن حضرت صالح جي ڏاچي ڪٺي ۽ ٻيو اهو جو تنهنجي منهن کي رت سان ڳاڙهو ڪندو!“ ائين به پي چيائون ۽ حضرت امير جي مٿي تي هٿ به پي گهمايائون.

 

فصل ٽيون

حضرت جن جي امامن سان خوشطبعي

 

لکيل آهي ته: ٻاراڻي وهي ۾ حضرت جن پنهنجي ڏوهٽي امام حسن سان راند ڪندا هئا، پنهنجي زبان وات مان ڪڍي هن کي ڏيکاريندا هئا، زبان جي ڳاڙهاڻ ڏسي، امام حسن خوش ٿيندو هو ۽ کلندو هو.

ابن عباس روايت ٿو ڪري ته: حضرت جن هڪڙي ڏينهن امام حسن کي ڪُلهي تي ويهاري جاءِ ۾ هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پي ڊوڙيا ۽ ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ پي آيا، امام حسن چيو ته ”نانا اٺن کي ته مهار هوندي آهي ۽ منهنجي اٺ کي مهار ته آهي ئي ڪا نه؟“ تڏهن پاڻ پنهنجا وار وٺي گڏ ڪري امام جي هٿ ۾ ڏنائون، انهيءَ وقت سندن خوشيءَ جي حالت اڳي کان به زياده ڏسڻ ۾ آئي. وري امام حسن چيو ته “نانا، اٺ رڙندا آهن ۽ ”عف عف“ ڪندا آهن. منهنجو اٺ ائين نٿو ڪري؟“ تڏهن پاڻ ”العغو العفو“ جون رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ انهيءَ وقت سندن حالت محوئي جهڙي ٿي ويئي ۽ جبرئيل نازل ٿيو ۽ اهو وحي آندائين ته ”يار رسول الله پنهنجو وات بند ڪريو، جو هڪڙي ئي ڀيري عفو چوڻ سان الاهي رحمت جو درياءَ جوش ۾ اچي ويو آهي. جي وري به عفو چوندو ته اڳين پوئين خلق عذاب کان ڇٽي ويندي ۽ ست ئي طبقا دوزخ جا هميشه لاءِ خالي ٿي ويندا“.

فصل چوٿون

 

حسن جن جي امام حسين سان خوشطبعي

 

ابوهريره روايت ٿو ڪري ته: هڪڙي ڏينهن حضرت ﷺ جن، امام حسين جي ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس ٻئي هٿ وٺي، پنهنجي منهن جي اڳيان جهلي وري وري چوڻ لڳا ته “ترق عين البق“ يعني مڇرجي اک چڙهي آءٌ عرب جي اصطلاح ۾ ننڍڙي ٻار کي پيار مان ”عين البق“ يعني مڇر جي اک چوندا آهن، تڏهن امام حشين حضرت جن تي ڏاڪڻ وانگي چڙهي مٿي ويا، حسين ڪه سندس پير حضرت جن جي سيني تي آيا. پوءِ حضرت جن چيس ته “هاڻ وات پٽ“ امام جي وات پٽڻ تي پاڻ هن کي وات تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ته ”اللهم احبيھ فاني احبھ“ يعني خدايا هن کي دوست رک جو آءٌ هن کي دوست ٿو رکان.

علي بن مره عامري روايت ٿو ڪري ته آءٌ حضرت رسول ﷺ جن سان گڏيو هڪڙي دعوت تي ٿي ويس،ته رستي ۾ امام حسين مليو سين، جنهن ٻين ٻارن سان راند پئي ڪئي، حضرت جن پنهنجي ڏوهـٽي کي ڏسي ڏانهس هليا ته هو اٿي ڀڳو، ۽ وڃي ماڻهن جي پٺيان لڪو. حضرت جن ڊوڙي وڃي ورتس ۽ پنهنجو وات هن جي وات تي رکي فرمايائون ته ”حسين مني وانا من حسين“ يعني حسين مون مان آهي ۽ آءٌ حسين مان آهيان. خدا تعاليٰ انهن ماڻهن مان راضي رهندو، جنهن جي حسين سان محبت هوندي. حسين منهنجي ”سبط“ مان آهي. يعني چڱائي ۾ حسين، امتن مان هڪڙي امت يا جماعت آهي، مطلب ته هن هڪڙي ئي شخص ۾ ايتري چڱائي آهي. جيتري ڪنهن امت يا جماعت ۾ هجي. سبط لفظ جي ٻي به معنيٰ آهي. حسين کي سبط انهيءَ لاءِ فرمايائون جو انهيءَ جي نسل مان گهڻا سادات پيدا ٿيڻا هئا ۽ انهيءَ ڪري سندس پٽ امام زين العابدين علي کي ”آدم آل عبا“ چوندا آهن، جو سڀئي حسيني سادات انهيءَ جي نسل مان آهن.

 

فصل پنجون

 

حضرت جن جي اصحابن سان خوشطبعي

 

ثابت بن شده کان روايت آهي ته هڪڙي غزا ڀيري ڪنهن شخص حضرت جن کان سواريءَ لاءِ ڪو اٺ گهريو، جو پيادي هلڻ ڪري هن جا پير ڦٽجي پيا هئا، حصرت جن چيس ته” تو کي ڏاچيءَ جو ٻچو يا گورو ڏيان؟“ هن چيو ته ”يا رسول الله“ ڏاچيءَ جي ٻچي کي آءٌ ڇا ڪريان ۽ مون کي اٺ گهرجي، جنهن تي چڙهي منزل تي پهچان.“ پاڻ مرڪي چيائونس ته ”ابا ڪو اهڙو اٺ به آهي جو ڏاچيءَ جي ٻچي ناهي؟“ پوءِ هڪڙو مضبوط اٺ هن کي ڏنائون.

هڪڙو بدوي يا ٻهراڙيءِ جو عرب زاهر نالي هوندو هو. جو جڏهن شهر ۾ ايندو هو، تڏهن هميشه حضرت جن جي لاءِ ٻهراڙيءَ جي ڪا شيءِ سوکڙيءَ ڪري آڻيندو هو ۽ جڏهن هو موٽي ڳوٺ ويندو هو، تڏهن حضرت جن کيس ڪي ڏيندا هئا۽ چوندا هئا ته ”زاهر اسان جو ٻهراڙيءَ وارو آشنا آهي ۽ سين هن جا شهر وارا آشنا آهيون،“ اهو حضرت جن کي گهڻو وڻندو هو اگرچ ظاهريءَ ڪري بدشڪل ۽ ڪارو هو.

هڪڙي ڏينهن هن بازار ۾ ڪا خريد فروخت پئي ڪئي ته حضرت جن پٺيان اچي آهستو کڻي ڀاڪر وڌس. زاهر حضرت جن کي نه ڏٺو. پڇڻ لڳو ته ”ڪير آهين؟، ڇڏ مون کي.“ جڏهن اک سان ڏٺائين ته حضرت جن آهن، تڏهن برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پٺ حضرت جن جي سيني سان گهڻ لڳو. حضرت جن چيو، ”آءٌ هي غلام ٿو وڪڻان، ڪير خريد ڪندو؟“

زاهر چيو ته “سائين آءٌ اهڙو خراب آهيان. جو ڪو به مون کي خوشيءَ سان خريد نه ڪندو.“ حضرت جن فرمايو ته ”خدا تعاليٰ وٽ تون خراب ناهين، انهيءَ وٽ تنهنجو ڳرو ملهه آهي.“

8- ابن جبير انصاري، جو اهل بدر مان آهي، سو روايت ٿو ڪري ته؛ آءٌ حضرت جن سان مڪي جي ويجهو نظيران جي منزل تي هوس، پنهنجي تنيوءَ مان ٻاهر نڪتس ته ڳچ جيتريون خوبصورت زالو هڪ هنڌ ويٺل ڏٺيم، جن پاڻ ۾ ويٺي، ڳالهايو، موٽي،تنبوءَ مان چڱا، ڪپڙآ ڍڪي انهن وٽ ويس، انهيءَ لاءِ ته ڏسان ته ڪير آهن، ڇا ٿيون ڪن يا چون، انهيءَ وقت حضرت جن به پنهنجي تنبوءَ مان نڪتا، مون کي ڏسي، سڏي پڇيائون ته ”تون ڇو انهن زالن وٽ وڃي بيٺو آهين؟“ آءٌ ڦڪو به ٿيس ۽ ڊنس به چيم ته ”يارسول الله منهنجو هڪڙو ڏاگهو مست ٿي پيو آهي، انهيءَ لاءِ رسو گهريو هوم، ته انهيءَ کي ٻڌي قابو ڪري ڇڏيان،انهيءَ لاءِ هنن وٽ ويو هوس.“ حضرت جن مون کي انهيءَ مهل ته ٻيو ڪي به ڪين چيو، اٿي هليا ۽ آءٌ به سندن پٺيان لڳس. انهيءَ کان پوءِ جتي جتي منزل ٿي ڪئيسون، اتي حضرت جن مون کي ٿي ڏٺو، ۽ مرڪي مون کي ٿي چيائون ته ”يا ابا عبدالله تنهنجو مست اٺ ڪيئن ٿيو؟“ آءٌ ڏاڍو شرمندو ٿي ٿيس، جڏهن مديني ۾ پهتاسون، تڏهن مون، وٽن وڄڻ يا مسجد ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ته متان مون کي ڏسي وري به چرچو ڪن. ڳچ مدت کان پوءِ آءٌ مسجد ۾ ويس ۽ نماز پي پڙهيم ته حضرت جن به آيا مون ڄاڻي ٻجهي ڊگهي نمازڪئي ته پاڻ ويهي هليا وڃن. پر پاڻ منهنجو مطلب سهي ڪيائون. چوڻ لڳا ته ”يا ابا عبدالله، نماز ڪيتري به ڊگهي ڪندين ته به آءٌ جند نه ڇڏيندوسين، ويٺو هوندس، جيسين نماز پڙهي واندو ٿيندين،“ سگهو ئي مون سلام ورايو. تڏهن پاڻ فرمايائون ته ”السلام عليڪم يا ابا عبدالله، تنهنجي مست اٺ ڇا ڪيو؟“ مون چيو ته ”يا رسول الله، آءٌ خدا جو قسم ٿو کڻان ته جنهن ڏينهن اسلام تي آيو آهيان، تنهن ڏينهن کان وٺي منهنجي اٺ  مستي ڇڏي ڏني آهي ۽ سرڪشي ڪانه ڪئي اٿس.“ تڏهن حضرت جن ٻه ڀيرا فرمايو ” رحمڪ الله رحمڪ الله.“ انهيءَ کان پوءِ وري انهيءَ بابت ڪڏهن به ڪي ڪين زبان تي آندائون.

 

فصل ڇهون

 

حضرت جن جي اصحابن جي ٻارن ۽ زالن سان خوشطبعي

 

حضرت جن اڪثر ٻارن کي ”يا ذوالاذنين“ يعني اي ٻن ڪنن وارا چئي، پوءِ ڳالهائيندا هئا، اصحابن جي هڪڙي ڇوڪر ابو عمير نالي وٽ هڪڙو ننڍو جهرڪيءِ جيڏو پکي هو، جنهن کي ”نعير“ چوندا هئا، اهو ڇوڪر هميشه انهيءَ سان راند ڪندو هو، اتفاق سان اهو پکي مري پيو، جنهن ڪري هو ڏاڍو غمگين ۽ ملول ٿيو، انهيءَ کانپوءِ جڏهن ڪڏهن حضرت جن انهيءَ کي ڏسندا هئا، تڏهن چرچي مان تڪ ٻڌي فرمائيندا هئا ته “يا ابا عمير مافعل النعير ؟“ يعني اي ابا عمير، ڇا ڪيو نعير؟ انهيءَ ڪري هو خوش ٿيندو هو.

هڪڙي ڀيري زال ڪا حضرت جن وٽ آئي ۽ چيائين ته ”يا رسول الله منهنجو مڙس تو کي ٿو سڏي.“ حضرت جن پڇيس ”تنهنجو مڙس ڪير آهي؟ اهو ته ناهي، جنهن جي اکين ۾ اڇاڻ آهي؟“ جڏهن هوءَ منجهڻ لڳي، تڏهن پاڻ مرڪي چوڻ لڳا ته ”مائي اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونهي، جنهن جي اکين ۾ اڇاڻ ڪا نه هوندي. يعني تارن جي چوڌاريءَ واري اڇاڻ.“

صفيه بنت عبدالمطلب حضرت جن جي چاچي هڪڙي ڏينهن حضرت جن وٽ آئي، اها تمام ٻڍي هئي، چوڻ لڳي ته ”يا رسول الله، دعا ڪر آءٌ بهشت ۾ وڃان“، حضرت جن چرچو ڪري چيس ته ”چاچي ، ٻڍيون زالون بهشت ۾ ڪين وينديون.“ صفيه ويچاري نا اميد ٿي، اٿي ۽ رئندي گهر ڏي موٽڻ لڳي، تڏهن حضرت جن مرڪي فرمايو ته ”وڃي چئوس ته ٻڍيون زالون پهرين جوان ٿي پوءِ بهشت ۾ وينديون.“ ۽ هيءَ آيت پڙهيائون. ”آنا انشاءَنا هن خلقا آخر فجعلناهن ابڪارا“، يعني اسين هنن کي ٻيو ڀيرو پيدا ڪنداسين ۽ ڪنواريون ڪري رکنداسين.

ڪتاب” روضتھ الاحباب“ ۾ آهي، ته سوده بنت جا هڪڙي مومن زال هئي، سا ڪڏهن حضرت جن سان اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي، جو پاڻ کلندا هئا، هڪڙي رات حضور جن جي پٺيان نماز بيٺي پڙهيائين. صبح جو حضرت جن کي چيائين ته ”يا رسول الله رات مون اوهان جي پٺيان نماز پڙهي، ڏاڍو ڊگهو رڪوع کڻي پڙهيو، مون ته کڻي پنهنجو نڪ جهليو ته متان بيهي بيهي نڪ مان رت نڪري پئي!“ حضرت جن هن جي ڳالهه ٻڌي کليا.

ڪتاب ”صفته الصفوه“ ۾ ابن جوزيءَ لکيو آهي ته؛ معتبر ڪتابن مان ثابت ٿيو آهي ته ام المومنين عائشه چيو ته ”هڪڙي سفر ۾ آءٌ پيغمبر ﷺ جن سان هيس ۽ آءٌ تڏهن سنهي ۽ هلڪي هيس، هڪڙي منزل تي حضرت جن ماڻهن کي چيو ته اوهين اڳڀرا ٿيو، جڏهن ماڻهو اڳڀرا ويا، تڏهن پاڻ مون کي فرمايائون ته اچ ته گڏجي ڊوڙون ڏسون ته ڪير ٿو اڳي وڃي، پوءِ ٻئي ڊوڙياسين، آءٌ کانئن اڳي نڪري ويس، وري ڪن ڏينهن کان پوءُ آءٌ جڏهن ٿلهي ٿيس، تڏهن هڪڙي سفر ۾ وري به مون کي ڊوڙڻ لاءِ چيائون، انهيءَ ڀيري پاڻ مون کان اڳي نڪري ويا، تڏهن کلي چوڻ لڳا ته ”هذه بتلڪ“ ته هاڻي ٻئي مٽ ٿياسين“

شيخ مجدالدين فيروز آبادي، جو پوين وڏن محدثن مان آهي، تنهن صحيح سند سان پنهنجي ڪتاب ”صراطالمستقيم“ ۾ آندو آهي ته حضرت ﷺ جن اڪثر پيادا ٿي به ٻين سان گڏ ڊوڙندا هئا ۽ گهوڙي تي چڙهي به ٻين سان ڪشتي يا ملهه به وڙهندا هئا.

 

 

 

 

فصل ستون

 

حضرت جن جي روبرو اصحابن جي پاڻ ۾ خوشطبعي

 

15- اسد بن حصير، جو وڏن انصارن مان ۽ آوس  خرزج قبيلي مان هو، سو اصحابن کي حضرت جن جي روبرو چرچا ڪري گهڻو کلائيندو هو ۽ حضرت جن پاڻ به مرڪندا هئا. عوف بن مالڪ ، جو وڏن اصحابن مان هو، سو ٿلهو مڙس هوندو هو، اهو روايت ٿو ڪري ٿو؛ تبوڪ واري جنگ ۾ آءٌ رسول الله ﷺ جن وٽ ويس، پاڻ کل جي ننڍڙي رانوٽيءَ ۾ ويٺا هئا، مون سلام ڪيو مان، پاڻ جواب ۾ فرامايائون ته ” لنگهي آءٌ“ مون عرض ڪيو ته ”يا رسول الله پنهنجن سڀني عضون سان اچان ڪي ٻاهر ڇڏي اچان؟“ حضرت جن مرڪي فرمايو ته ”هائو سڀني عضون سان لنگهي آءٌ.“

16- ضحاڪ بن سفيان ڪلابي، مديني وارن مان آهي ۽ نجد جو ويٺل هو ۽ پنهنجي قوم جي سردارن مان هو ۽ ڏاڍو بهادر مڙس هو، مگر ڏاڍو بد شڪل هو، جڏهن بيعت ڪرڻ لاءِ حضرت جن وٽ آيو، تڏهن حجاب يا پردي واري آيت نازل نه ٿي هئي، انهيءَ وقت بيبي عائشه رضه حضرت جن وٽ ويٺل هئي، ضحاڪ چيو ته ”يا رسول الله مون کي ٻه زالون آهن، جي ٻئي خوبصورت آهن ۽ اها زال جا توهان وٽ ويٺل آهي، تنهن کان سهڻيون آهن، اوهان جي مرضي هجي ته هڪڙيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏيان ته اوهين ساڻس شادي ڪريو.“بيبي عائشه پڇيس ته ”تنهنجون زالون تو کان چڱيون آهن يا نه؟“ هن ورندي ڏني ته ”نه آءٌ هنن کان چڱو آهيان“ حضرت جن هنن جو اهو سوال جواب ٻڌي مرڪيا.

17- ابن عبدالرب روايت ٿو ڪري ته جڏهن حضرت رسول الله ﷺ جن قباد ۾ هئا، تڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ ويس، ڪي کارڪون ۽ ڪجهه ڪتل سندن اڳيان انهيءَ وقت رکي هئي، منهنجي هڪڙي اک اٿيل هئي ۽ سور ٿي ڪيائين ۽ مون گهڻو پرهيز نه ٿي ڪئي، حضرت جن مون کان پڇيو ته ”اک اٿيل اٿئي، کارڪون کائيندين؟“ مون چيو ته ”يا رسول الله، هن ٻي اک واري پاسي کان کڻي کائيندس. انهيءَ ۾ سور ڪو نه اٿم.“ حضرت جن ايترو مرڪيا جو سندن ڏند ڏسڻ ۾ آيا.

 

فصل اٺون

 

حضرت جن جي پر پٺ اصحابن جي پاڻ ۾ خوشطبعي

 

”ڪشفالغمه “ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آهي ته ؛ حضرت امير عليه السلام جو قد وچولو هو نه ڊگهو نه بندرو، هڪڙي ڏينهن مسجد نبويءَ ۾ نماز پي پڙهيائون، اصحابن مان هڪڙو، جو قد جو تمام ڊگهو هو، تنهن چرچو ڪري، حضرت امير جي جتي کڻي تمام مٿي جاري تي رکي ڇڏي، انهيءَ خيال سان ته جڏهن اٿندو ته انهيءَ هنڌ پهچي نه سگهندو، پوءِ مسجد جي هڪڙي ٿنڀ جي پاسي ۾ بيهي نماز پڙهڻ لڳو، جڏهن هو تشهد ۾ ويٺو ، تڏهن حضرت امير واندو ٿي اٿي، هن جي ڪپڙي جو پلو، مسجد جو ٿنڀ مٿي ڪري، انهيءَ جي هيٺان رکي ڇڏيو، پوءِ پنهنجو هٿ ڊگهيري جاري مان جتي لاهي، نڪري ٻاهر وڃڻ تي هو ته هن سلام ورايو، ڏٺائين ته سندس ڪپڙو ٿنڀ هيٺ ڦاٿو پيو آهي، ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو، حضرت امير کي منت ڪرڻ لڳو ته ڪپڙو ڇڏائيس، پر حضرت امير پي کليو، آّخر هن کي چيائين ته ”وري ته اهڙي اجائي مسخري نه ڪندين؟“ هن قسم کنيو ته ”نه ڪندس،“ تڏهن هن جي دامن ٿنڀ هيٺان ڪڍيائين.

19- هڪڙي ڏينهن حضرت امير واٽ ڏيو پي ويو، سندس ٻنهي پاسن کان ٻه ٻيا اصحاب به پي ويا، جن مان هڪڙو ڊگهو هو ۽ ٻيو بندرو، انهن مان هڪڙي  چرچو ڪري حضرت امير کي چيو ته ”انت بيننا ڪالنون في لنا“ يعني تون اسان ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو آهين. جهڙو ,لنا, لفظ ۾ .نون، حضرت امير فرايو ته ”لعلم اڪن بينڪما لڪمتما، لا“ يعني جي آءٌ اوهان جي وچ ۾ نه هجان ها ته اوهين ,لا, هجو ها يعني ڪي ڪين يا نابود ٿي وڃو ها.“

20- ابن الرب پنهنجي ڪتاب ”استيعاب“ ۾ آندو آهي ته نعمان بن عمرو انصاري، جو قديم اصحابن مان آهي ۽ بدر وارن مان هو، سو ڏاڍو چرچائي ۽ خوشطبع هوندو هو، اهو هڪڙي ڀيري، ٻئي اصحابي سوبيط بن حرمله عدريءَ سان گڏ واپار جي لاءِ بصري ڏانهن ٿي ويو ۽ سوبيط پئي هڪڙي وڏي اصحابيءَ جي طرفان ئي ويو ۽ انهي جي مال وغيره جي سنڀال ڪرڻ وارو هو، اهو ڪاري رنگ جو هوندو هو، هڪڙي ڏينهن، ڪنهن منزل تي لٿل هئا ته نعمان، سوبيط وٽ اچي چيو ته ”ٻيلي مون کي بگ لڳي آهي، ڪا  کاڌي جي شيءِ هجئي ته ڏي  ته کان“ سوبيط چيو ته ”اٿم سهي، پر مالڪ جي موڪل کان سواءِ ڏيئي نٿو سگهان،نعمان چيو ته ”چڱو ، ڏس انهيءَ جي آءٌ تو کي سزا ٿو ڏيان“ پوءِ هڪڙي ويجهي ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن کي چيائين ته مون وٽ هڪڙو شيدي غلام آهي، سو وات جو گندو ۽ بڪبڪيو آهي، انهيءَ ڪري آءٌ هن کي وڪڻڻ ٿو گهران،“جڏهن هنن وٺڻ جي خواهش ڏيکاري تڏهن انهن کي پري سوبيط ڏيکاري چوڻ لڳو ته ”هو اهڙو خراب آهي، جو اجائي بڪ ڪندو ۽چوندو ته آءٌ ڪنهن جو ٻانهون ناهيان، آزاد آهيان، پر اوهين انهيءَ تي اعتار نه ڪجو، ڇڏي نه وڃجوس، جي ڇڏيندوس، ته آءٌ اوهان جي واپار جو مال خريد نه ڪندس.“هن چيوته”تون دلجاءِ ڪر ، اسين ڪين ڇڏينداسين،“پوءِ انهيءَ جو ملهه مقرر ڪري، ڪي اٺ ڏيئي، اهو خريد ڪيو۽ کيس وٺڻ آيا هو، انهن سان تڪرار ڪرڻ لڳو ته”آءٌ آزاد شخص آهيان، ٻانهون ناهيان ۽ حضرت جن جي اصحابن مان آهيان، اوهان سان نعمان چرچو ڪيو آهي، اوهين هن جي چوڻ تي ٺڳيا آهيو، آءٌ هن جو ڀائيٽو آهيان، هو چرچائي ماڻهو آهي، اوهين پنهنجا اٺ وٺي موٽي وڃو،“ پر هو گهڻا ڄڻا هئا، هن کي گهلي اٿي هليا، جڏهن سوبيط جو سوداگر،جو انهيءَ ڳوٺ ڏي ويو، سڀني وڃي، اتي جي ماڻهن کي خاطري ڏني ته ”هو آزاد شخص آهي ۽بدر وارن اصحابن مان آهي. نعمان اوهان سان چرچو ڪيو آهي، اوهين وڃي پنهنجا اٺ وٺي اچو،“ انهيءَ طرح مس مس هن کي ڇڏيائين ۽ پنهنجي قافلي ۾ موٽي آيو ۽ هو پنهنجا اٺ موٽي وٺي ويا، جڏهن اهي سڀ ماڻهو موٽي مديني آيا، تڏهن اها ڳالهه حضرت ﷺ جن کي ڪري ٻڌايائون، حضرت جن کليا ۽ هڪڙي سال تائين اها ڳالهه وري ٻي ٻڌائون ۽ پي کليا.

21- هڪڙو اعرابي ٻهراڙي مان حضرت ﷺ جن وٽ آيو، پنهنجي ڏاچي مسجد جي اڳيان ويهاري، پاڻ مسجد ۾ لنگهي ويو، ڪن اصحابن نعمان کي چيو”جي هيءَ ڏاچي کڻي ڪهين ته هن جو گوشت ورهائي کائون، نيٺ حضرت جن هن ڏاچيءَ جو ملهه هن اعرابي کي ڀري ڏيندا ۽ هن کي خوش ڪري روانو ڪندا.“نعمان هنن جي چئي وڃي ڏاچي ڪٺي، جڏهن اعرابي ٻاهر آيو ۽ پنهنجي ڏاچي ڪٺل ڏٺائين! تڏهن گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳو، نعمان ته ڀڄي ويو، حضرت جن اعرابيءَ جون دانهون ٻڌي مسجد کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڏاچي ڪٺل ڏٺائون، پڇيائون ته”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ ماڻهن چيو ته ”نعمان ڪيو آهي“ حضرت جن ماڻهو موڪلي نعمان کي گهرايو، انهن اچي خبر ڏني ته ”هو مسجد جي ويجهو زبير بن عبدالمطلب جي ڌيءَ صناعه جي سراءِ ۾ لڪوپيو آهي.“ حضرت جن ٻين سان گڏ اتي آيا، ڏسن هت هڪڙي کڏڙيءَ ۾ گاه وانگي لڪو پيو آهي ۽ مٿانئس گاهه پيو هو، حضرت جن جي حڪم پٺيان، اهو گاهه پاسي ڪيائون ته نعمان نڪتو، سندس منهن ۽ ڪپڙاگاهه جي رنگ ۽ مٽيءَسان ڀرجي پيا هئا، حضرت جن پڇيس ته ”تو هي ڪم ڪيو آهي؟“ هن چيو ته ”يا رسول الله، جن اوهان کي وٺي مون تائين آندو آهي، تن مون کان اهو ڪم ڪرايو آهي.“

حضرت جن کليا ۽ پنهنجن هٿن سان هن جي منهن ۽ ڪپڙن تان مٽيءَ رنگ آگهيائون ۽ ڏاچي جو ملهه اعرابيءَ کي ڏيئي راصي ڪري روانو ڪيائون.

22- مخرمه بن نوفل زهري تمام پير مرد هو، هڪ سئو پندرهن ورهي عمرهيس ۽ وڏن مهاجرن مان هو، عربن جون پيڙهيون هن کي ياد هيون، عمر جي پڇاڙيءَ ۾ اکين کان نه ڏسندو هو، هڪڙي ڏينهن اهو مسجد ۾ ويٺو هو، پيشاب ڪرڻ لاءِ اٿيو، ته نعمان آيو ۽ هن جو هٿ وٺي ٻاهر آيو، مخرمه چوڻ لڳس ته ”اي خدا جا بندا، مون کي ماڻهن جي نظر کان پاسي تي نيئي ڪٿي ويهار ته پيشاب ڪريان“ نعمان هن کي هيڏي هوڏي گهمائي، نيٺ ماڻهن جي سامهون ڪري ويهاريائينس ۽ چيائينس ته ”هان، اها خالي جاءِ آهي، اتي پيشاب ڪر،“ پوءِ هن کي اتي ويهاري، پاڻ ڀڄي ويو، مخرمه فرحت سان پيشاب ڪرڻ ويٺو، ماڻهن ڏسي اچي چيس ته ”هي ڇا ٿو ڪرين، مسجد جي اڳيان ماڻهن جي روبرو اگهاڙو ويهي پيشآب ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته ”جنهن مون کي آڻي هتي ويهاريو، انهيءَ کي چيم ته ماڻهن کان پاسي تي مون کي ويهار، هن شايد مونسان جٺ ڪئي آهي!“ هنن چيس ته ”اهو نعمان بن عمرو انصاري هو.“ هن چيو ته ”آءٌ انجام ٿو ڪريان ته جڏهن مون کي وجهه مليو، تڏهن هن لٺ سان، اهڙي سيکت ڏيندو سائين جو عمر لاءِ ياد رکندو.“

ڪن ڏينهن کان پوءِ اتفاق سان مخرمه ۽ نعمان ٻئي مسجد ۾ آيا، اصحابن مان هڪڙي شخص اچي محراب جي اڳيان نماز شروع ڪئي، نعمان پنهنجي جاءِ تان اٿي مخرمه وٽ آيو ۽چيائينس ته ”ڏاڏا، نعمان آيو اٿئي ۽ محراب جي اڳيان نماز بيٺو پڙهئي، جيڪو انجام ڪيو هئي، سو جي پورو ڪرڻُو اٿئي ته اٿي ڪر، مهل اٿئي.“ مخرمه چيس ته ”ابا مون کي انهيءَ تائين وٺي هل ته پنهنجو اندر ته ٺاريان“ نعمان هن کي محراب جي ويجهو آڻي بيهاري، پوءِ پاڻ ڀڄي ٻئي پاسي ويو، مخرمه پنهنجي لٺ مٿي ڪري، ڏاڍي زور سان انهي ماڻهو کي اهڙي ٺڪاءَ ڪرائي، جو مٿو ڦاڙي وڌائينس. ماڻهو ڊڙي آيا، چوڻ لڳا ته ”اي مخرمه، هي ڪهڙو ڪم ڪيو اٿئي؟ هن ويچاري جو مٿو ڦاڙي وڌو اٿئي، آخر ته هيءَ به اصحابن مان هڪڙو آهي.“ بني زهره جا ماڻهو، جي مخرمه جا مائٽ هئا، سي عذر خواهيءَ جي لاءِ انهيءَ زخميل ماڻهو وٽ آيا ۽ جيئن ڳالهه هئي، تيئن هن کي ڪري ٻڌايائون ۽ نعمان جي حرڪت جو بيان ڪري ٻڌايائونس ۽ چيائونس ته ”اسين انهيءَ کي ڳولي هٿ ڪري، تو وٽ آڻي ٿا حاضر ڪريون.“ هن چيو ته ”انهي کي ڇڏي ڏيو، هو بدر وارن اصحابن مان آهي، رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته ”خدا تعاليٰ بدر وارن کي بخشيو آهي، آءٌ ڪير آهيان، جو نه بخشيان!“

23-جڏهن ڪو قافلو ماکي يا ٻيو کاڌي جو سامان کڻي مديني ۾ ايندو هو، تڏهن اڪثر نعمان بن عمرو انصاري انهن کان ڪي چڱيون شيون چونڊي رکت تي کڻي، پيغمبر ﷺ جن کي تحفو ڪري آڻي ڏيندو هو ۽ حضرت جن دستور موجب پاڻ به کائيندا هئا ۽ ٻين کي به ورهائي ڏيندا هئا ، جڏهن قافلي وارا انهن شين جو ملهه هن کان گهرندا هئا، تڏهن انهن کي وٺي حضرت جن وٽ آڻي بيهاريندو هو ۽ چوندو هو ته ”يا رسول الله، مون وٽ پئسو انهيءَ وقت موجود نه هو ۽ هي شيون مون ڏٺيون ۽ مونکي وڻيون، منهنجي دل چيو ته اوهين انهن مان ڪي کائو.“ حضرت جن کلندا هئا ۽ انهن جي قيمت ڏيندا هئا.

24- نعمان جي نسبت، عبدالرب هيءَ به ڳالهه ٿو ڪري ته ؛ اوائل ۾ هن کي ڪي ڏينهن شراب پيئڻ جي عادت هوندي هئي، هڪڙي ڀيري هن کي نشي جي حالت ۾ حضرت جن وٽ وٺي آيا، حضرت جن انهيءَ کي سيکت لاءِ چهبڪ هڻايا، چار ڀيرا اهـڙو اتفاق ٿيو، پوءِ هڪڙي اصحاب هن تي لعنت ڪئي، حضرت انهيءَ تي ڪاوڙيا ۽ چيائون ته “نعمان تي لعنت نه وجهو، جو هو خدا ۽ رسول کي دوست ٿو رکي.“

25- زمخشري، ڪتاب ”ربيع الابرار“ ۾ آندوآهي، ته نعمان اصحابن مان هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جو کل مسخري کان سواءِ رهندو ئي نه هو، ڏهاڙي جن وٽ ايندو ۽ کين کلائيندو هو ۽ حضرت جن سندس حق ۾ فرمائيندا هئا ته ”نعمان کلندو بهشت ۾ داخل ٿيندو“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org