سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو : 10

باب ڏهون

 

ظريفن جا لطيفا، بادشاهن جي نسبت ۾

 

فصل پهريون

 

ظريفن جي خوشطبعي، بادشاهن سان

 

234- هڪڙو بادشاهه، صبح جو سوير، شاڪر تي ٿي ويو، هڪڙو بد شڪل شخص منهن پيس، بڇرو سڳڻ ڄاڻي، حڪم ڪيائين ته انهيءَ کي مارڪٽ ڪن، اتفاق سان انهيءَ ڏينهن، شاڪر هميشه کان چڱو لڳس!ڏاڍو خوش ٿيو، جڏهن موٽي آيو، تڏهن دل ۾ آيس ته ”صبح جو جنهن ماڻهوءَ کي مار ڏياري هيم، تنهن کري وري سڏي خوش ڪريانس،“ جڏهن انهيءَ کي وري وٺي آيا، تڏهن بادشاهه عذر ڪري، هن کي خلعت به انعام ڏني ۽ هزار درهم به ڏنائينس، هن عرض ڪيو ته ”حضور، اڄ صبح جو پهرين اوهان مون کي ڏٺو ۽ منهنجو منهن نحس ڄاڻي ۽ سڳڻ بڇڙو شمار ڪري، مون کي مار ڏياريو، پر منهنجو منهن سڀاڳو هو، جو اهو اوهان پهرين ڏٺو ته چڱو شڪار لڳو ۽ خوش ٿيو ۽ مون پهرين اوهان جو منهن ڏٺو ۽ مار کاڌيم ۽ سڄو ڏينهن ڏک ۾ گذاريم! هاڻ انصاف ڪريو ته ڪنهن جو منهن نحس هو ۽ ڪنهن جو سعد؟“ بادشاهه کليو ۽ هن کي ٻيو به انعام ڏيارئين.

235- ڪن شاعرن، قصيدا جوڙي بادشاهه جي خدمت ۾ آندا ۽ انعام ملين، هڪڙو طريف يا چرچائي ماڻهو، انهن سان گڏجي آيو ۽ شاعرن وانگي انعام گهرڻ لڳو، بادشاهه چيو ته ”جي شاعر آهن، تن شعر چئي انعام ورتو آهي، تون به شاعر آهين ڇا؟“ هن چيو ته ”نه آءٌ غاو ون، مان آهيان ۽ هميشه شاعرن جي تابعين مان آهيان ۽ انهن جي پٺيان لڳو وتندو آهيان،“ پڇيائونس ته ”غاوون، ڪر آهن؟“ هن چيو هت ”قرآن ۾ آهي ته ”الشعراءِ يتبعهم غاوُ ون“يعني شاعرن جي پڍيان غاوُ ون گهمندا وتن، جي انهن جي شعر ياد ڪري ڪافرن وٽ پڙهندا آهن ته مسلمانن کي ستائين!“ بادشاهه کليو ۽ هن کي به انعام ڏياريائين.

236- هڪڙي مسخري کي ڪنهن ڏوهه ۾ گرفتار ڪري بادشاهه وٽ نيائون، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بادشاهه حڪم ڏنو ته ”هن جي دماغ ۾ نڪ مان سوراخ ڪن!“ هن عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت، منهنجي نڪ ۾ اڳئين ٻه سوراخ آهن، ٽئين جي نڪا جاءِ آهي، نڪا ضرورت آهي.“ بادشاهه کلي ڏنو ۽ هن کي معافي ڏنائين،
237- هڪڙي ظريف کي ڪنهن تهمت ۾ قيد ۾ وڌائون هڪڙي ڏينهن، حاڪم قيد مان پنهنجي روبرو گهرايس. پڇيائينس ته ”فلاڻا تنهنجي مرضي آهي ته تو کي مار ڏياري ڇڏي ڏيان؟“ هن چيو ته ”نه سائين، منهنجي اهڙي مرضي ناهي، “وري پڇيائينس ته ”تو کي ڪا سيکت نه ضرور گهرجي ته اڳتي انهيءَ مان سبق سکين ۽ خبردار رهين؟“ هن چيو ته ”سائين ڪنهن ٻئي کي مار ڏيار ته ڏسي، آءٌ اڳتي لاءِ سبق سکان ۽ خبردار رهان.“ حاڪم کليو ۽ هن کي معافي ڏنائين.

238- هڪڙي ڏينهن، بغداد جو مشهور ظريف، ابوالعينا ۽ مصر جو مشهور ظريف، ابن مڪرم بادشاهه گهڻو ڳالهايائون، بادشاهه هنن کان پڇيو ته ”ڪهڙي بڪ پيا ڪريو، ٻٽاڪ سٽاڪ پيا هڻو ۽ ڪوڙ پيا ڳالهايو؟“ هنن عرض ڪيو ته ”حضور جي تعرف ٿا ڪريون، پوءِ جيئن سمجهو.“

 

فصل ٻيو

 

خوشبطعي، ساداتن۽ عالمن وغيره سان

 

239- هڪڙي ڏينهن ڪنهن سيد، ابوالعينا کي چيو ته”ڪهرو سبب آهي جو سادات گهڻا ٿي پيا آهن؟“ هن چيو ته ”هن ڪري، جو اوهان جي ڏاڏي، يعني نبي ڪرين ﷺ جي امت جا ماڻهو، سڀ ڪنهن نماز ۾ مٿن صلوات ٿا پڙهن ۽ هيءَ دعا ٿا گهرن ته يا الله محمد ۽ ان جي آلھ تي برڪت موڪل، انهيءَ ڪري انهن ۾ برڪت پئي آهي ۽ گهڻا ٿي ويا آهن.“

240- هڪڙي چرچائي ماڻهوءَ ڪنهن کان ٻڌو ته؛ جيڪو حج کان اڳي عرفه جي ڏينهن روزو رکندو، تنهن جا هڪڙي سال جيترا گناهه معاف ٿي ويندا، انهيءَ ماڻهوءَ اهو روزو رکيو، اتفاق سان سخت آرڙهه جي موسم هئي ۽ گرمي گهڻي هئي، جڏهن گهڻي بک ۽ اڃ لڳس تڏهن روزو ڀڃي ، ماني کاڌائين ۽ پاڻي پيتائين، پڇيائونس ته ”ڇو روزو پورو نه ڪيئي؟“ چيائين ته ”اڄوڪي ڏينهن جو روزو هڪ سال جي گناهن جي ڪفارت آهي، مون اڄ ٻنپهرن تائين روزو رکيو آهي. تنهن ڪري اڌ سال جي يا ڇهن مهينن جي ڪفارت في الحال منهنجي لاءِ ڪافي آهي.“

241- هڪڙي ماڻهوءَ قاضيءَ وٽ ڪنهن ٻئي تي دعوا ڪئي، قاضيءَ شاهد گهريس، مدعي، هڪڙي مسخري کي شاهد ڪري وٺي آيو، قاضيءَ پڇيس ته ”ڪي شرعي مسئلا اچن ئي ٿا ؟جنهن ڪري تنهنجي شاهدي قبول ڪرڻ ۾ اچي.“ هن چيو ته ”ايترا جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي.“ قاضي پڇيس ته ”قرآن پڙهيو اٿئي؟“ هن چيو ته ”ڏهن قرائتن سان، “پڇيائينس ته ”مردن کي غسل ڏئي ڄاڻندو آهين،؟“ هن چيو ته ”اهو به منهنجو ڌنڌو آهي.“ پڇيائينس ته ”غسل مهل مردي کي ڇا چوندو آهين؟“ هن چيو ته ”چوندو آهيانس ته ٻيلي، تون ڏاڍو نصيب واروآهيم، جور يم ويئين ۽ شاهد ٿين ۽ قاضيءَ جو ساولن پڇڻ کان ڇٽي ويئين!“

242- هڪڙو ڪاسائي، مسلمان ٿيو، قاضيءَ چيس ته ”اڄ تنهنجا گناهه سڀ معاف ٿيا ۽ تون اهڙو آهين، جهڙو ڄڻ ته اڄ مآءٌ جي پيٽان ڄائو آهين.“ ڇهن مهين کانپوءِ آس پاس جي ماڻهن قاضيءَ وٽ هن جي شڪات ڪئي ته ”هي نئون مسلمان نماز نٿو پڙهي،“ قاضيءَ هن کي چيو ته ”اي دوست تون نماز ڇو نٿو پڙهين؟“ هن چيو ته ”سائين، انهيءَ ڏينهن، جڏهن مسلمان ٿيو هوس، تڏهن اوهان ڪين چيو هو ته اڄ تون ڄڻ مآءٌ جي پيٽان ڄائو آهين، انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڇهه مهينا مس گذريا آهن، ڇهن مهينن جو ماڻهو نماز کان ڇٽل آهي؟“ قاضيءَ کلي ڏنو.

243- هڪڙو چرچائي ماڻهو، ڪنهن مسجد ۾ ويو،  ماڻهو نماز تي اٿيا هئا ۽ صف ٻڌي بيٺا هئا، هٿي به وڃي ساڻن گڏ بيهي رهيو، پيش امام تمام تڪڙي نماز پڙهائي، جڏهن سلام واريائين، تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيس ته ”آخوند، ته انهيءَ نامز ۾ ڇا پڙهايو، جون مون ڪي ڪين ٿي پڙهيو ته به تو کي پڄي نٿي سگهيس؟“

 

فصل ٽيون

مسخرن جي خوشطبعي، ٻين مسخرن سان

244- ابوالعينا، عرب جي ظريفن مان هو، انهيءَ کي ماڻهن چيو ته ”اسعد بن اسلام، جو عرب جي فاضلن مان آهي، سو تو تان کلندو آهي ۽ جڏهن تون وٽانئس لنگهندو آهين، تڏهن نوڙي اکين سان اشارو ڪري، تو کي خبث العين، يعني بڇڙين اکين وارو سڏيندو آهي.“ هن جواب ۾ قرآن جي هيءَ آيت پڙهي ”الذيناجرموا يتغامزون“ يعني جيڪي بي ايمان ۽ مشرڪ آهن، سي ايمان وارن تي کلندا آهن.

245- هڪڙو ظريف، ٻڍو ٿيو ۽ لٺ کان سواءِ هلي نٿي سگهيو، هڪڙي جوان چرچو ڪري چيس ته ”هاڻ اچي نڪمي عمر کي پهتو آهي؟“ هن چيو ته ”هائو اميد آهي خدا ۾ ته تون انهيءَ عمرکي نه رسدين ۽ ڪهڙي تڪليف نه ڪڍندين!“

246- هڪڙو خوشطبع ماڻهو، جنهن کي نوان ڪپڙا پيل هئا ۽ پيرن ۾ موزا به هئس، سو ننڍڙي نهر مان لنگهڻو هو ۽ ڪپڙا لاهڻ ۽ موزا ڪڍڻ مشڪل لڳس، اوچتو هڪڙو مسخرو اتي اچي نڪتو، اهو ڪپڙا کنجي، پاڻيءَ امن لنگهي پار ٿي ويو، انهيءَ کي هن چيو ته ”جي مون کي پٺن تي کڻي لنگهندين ته ڇا ٿيندو؟ آءٌ تنهنجو احسانمند رهندس.“ هن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هن کي پٺن تي کڻي اٿي هليو، اهو شخص هن تي چڙهڻ کان پوءِ اها دعا پڙهڻ لڳو، جيڪا وهٽ تي سوار ٿيڻ وقت پڙهندا آهن، يعني ”الحمد الله الذي سخر لنا هذا وما ڪنا لھ مقريبين مطعين.“ مسخروڪي به ڪين ڪڇيو، جڏهن وچ نهر ۾ آيو، تڏهن گوڏا کوڙيءَ پاڻي ۾ ويهي رهيو ۽ منزل تي وهٽ تان لهڻ واري دعا پڙهڻ لڳو، يعني”رب الزلني منزلا مبارڪا والنت خير المنزلين،“ پوءِ ٽٻي هنيائين، جنهن ڪري اهو ماڻهوءَ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو ۽ ڪپڙا خراب ٿي پيس ۽ غوطا به کاڌائين.

247- هڪڙو مسخرو، ٻئي مسخري وٽ اچي مهمان ٿيو، ٽن ڏينهن کان پوءِ به رهي پيو، هو انهيءَ مهمان جي ڪري ڏاڍو تنگ ٿيو، زال کي چيائين ته ”هيءَ مهمان الهجي ڪيترا ڏينهن اسان وٽ رهيو پيو هوندو؟“ زالس چيو ته ”آءٌ ٿي اها ڳالهه هن سان ڪڍان.“ پوءِ مهمان وٽ ويئي ۽ چُوڻ لڳيس ته ”اي سائين، جنهن تو کي ٽي ڏينهن اسان وٽ مهمان ڪيو ۽ سڀاڻي جي تنهنجي روزي ٻئي هنڌ ڪئي آهي! تون ڀلائي ڪري منهنجي مڙس کي سمجهاءِ جو هو مون سان ظلم ٿو ڪري.“ اتي انهيءَ زال جو مڙس به لنگهي ويو، مهمان روندي ڏيئي، انهيءَ کي چيو ته ” ادا، آءٌ تو کي خدا جو قسم وجهان، جنهن مون کي هڪڙي مهيني لاءِ آڻي تو وٽ مهمان ڪيو آهي، تون هن مائيءَ تنهن زال کي نه ستاءِ ۽ هن سان ٺهي گذار!“

 

فصل چوٿون

ظريفن جي خوشطبعي، تونگرن ۽ بخيلن سان

 

248- هڪڙي دولتمند ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ قبر ۽ قبو ٺهرايو، هڪڙو سال ڪاريگرن انهيءَ تي ڪمايو.ڪاريگرن ۾ جيڪو وڏو استاد هو، اهو خوشطبع ۽ چرچائي ماڻهو هو، تنهن کان مالڪ پڇيو ته ”هاڻي باقي هن عمارت ۾ ڇا گهرجي ته ڪم لهي پورو ٿئي؟“ هن چيو ته ”سائين هن ۾ باقي اوهين پاڻ گهرجو، ٻيو سڀ ڪم تيار آهي.“

249- هڪڙو خوشطبع ماڻهو، ڪنهن دولتمند بخيل وٽ آيو، در جي وٿيءَ مان ڏٺائين ته هو انجيرن جي هڪڙي رڪابي اڳيان رکيو ويٺو کائي، هن در کڙڪايو، بخيل پنهنجو پٽڪو کڻي انجيرن جي رڪابيءَ مٿان رکيو ته اهي نه ڏسجن ۽ پاڻ اٿيو ۽ در پٽيائين، هو ماڻهو اندر آيو ۽ سلام ڪري ويٺو، هن پڇيس ته ”تون ڪير آهين ۽ ڪيئن آيو آهيم؟“ هن چيو ته ”آءٌ قرآن جو حافظ آهيان ۽ اوهان جي ملاقات لاءِ آيو آهيان.“ هن چيو ته ”ڀلا ڪي قرآن مان پڙهي ٻڌاءِ ته ڏسان ته ڪيئن ٿو پڙهين؟“ هن بسم الله ڪري انجيرن واري سور پڙهڻ شروع ڪئي، پر پهريون لفظ والتين، يعني انجيرن وارو نه پڙهيائين، هيئن پڙهيائين، ”والز يتون وطور سينين“ هن پڇيس ته ”والتين، ڪيڏي ويو؟“ هن ماڻهوءَ جواب ڏنس ته ”اوهان جي پٽڪي جي هيٺ.“

250- ٻه چار خوشطبع ماڻهو، هڪڙي دولتمند بخيل وٽ ويا ته هن کان ڪي ڇڏائين، بخيل اهو مطلب معلوم ڪري پنهنجي نوڪر کي چيو ته ”انهن کي چئو ته گهر جو مالڪ فلاڻو رات مري ويو، هينئر ماٿف ڪريو،“ هن وڃي هنن کي ائين چيو، هن چيو ته ”هو اسان تي هميشه مهرباني ڪندو هو، هن جا اسان تي گهڻا حق آهن، اسين ترسون ٿا، سندس جنازو نڪري ته ان سان گڏيا وڃون ۽ مٿس جنازي نماز به پڙهون.“

 251- هڪڙي حجام، ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو مٿو پي سنواريو، اوچتو هٿ ڏڪي ويس ته مٿي کي زخمي ڪري ڇڏيائين، هو دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ”اڙي تو ته منهنجي سسي لاهي ڇڏي؟“ حجام چيو ته ”سائين ماٺ ڪريو، سسيءَ لٿل ماڻهو ڪيئن ڳالهائي سگهندو.

252- مشيد شيرازي، مشهور ظريف ٿي گذريو آهي، هو ڪباب ٺاهيندو هو ۽ سڄا سڄا ڇيلا پچائيندو هو، هڪڙي ڏينهن، هڪرو ڏٻرو ڇيلو آلين ڪاٺين جي باهه تي پچايائين، پر اهو ڪچو ٿي پيو، ڪ به خريدار ڪو نه ٿيس، لاچار هڪڙي غاسل وٽ ويو ۽ چوڻ لڳس ته ”آءٌ ڪراڙو آهيان، خبر ناهي، ڪڏهن مران ۽ مرڻ کانپوءِ الهجي ڪو منهنجي ڪفن دفن جو ڪم پوري طرح ڪري يا نه. اڄ منهنجي دل ۾ آيو آهي ته هڪڙو ڇيلو پچائي ڪباب ڪري تو کي ڏيان ۽ انهيءَ جي عيوضي ۾ جڏهن آءٌ مران، تڏهن مون کي تون سواءِ اجوري جي غسل ڏجئين ۽ دفن ڪرائجئيم؟“ پوءِ غسل ڇيلو وٺي خوش ٿيو ۽ اهو شرط قبول ڪيائين. ڇيلو وڍي ٽڪي پنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ عزيزن کي ورهائي ڏئي ڇڏيائين.ڪن ڏينهن کان پوءِ مشيد شيرازي نوان ڪپڙاڍڪي، وري انهي غاسل وٽ آيو، چيائينس ته ”آءٌ دمشق ڏي ٿو وڃان، جو اتي منهنجن مائٽن مان ڪو مري ويو آهي ۽ هن پنهنجو مال من کي ورثي ۾ ڏياريو آهي، سو هاڻي تون به تيار ٿيءَ ۽ من سان هل، متان آءٌ اتي بيمار ٿي پوان ۽ مري وڃان ته پوءِ تون، جي نه هوندين ته شرط موجب ڪيئن مون کي غسل ڏئي، دفن ڪري سگهندين؟ هن چيو ته ”جيسين تون مرندين، تيسين آءٌ ڪو تو سان ڌڪا کائيندو وتندس ڇا؟“ هن چيو ته ”ضرور ائين ڪرڻو ٿيندءِ.“ انهيءَ تي پاڻ ۾ ڏاڍو تڪرار ڪيائون، ماڻهو اچي وچ ۾ پيا، سڀني چيو ته ”شرط موجب هو ضرور ٻڌل آهي، جو هن جو ڇيلو کاڌو اٿس،“ آخرڪن وچ ۾ پئي هو ٺهرآءٌ ڪيو ته ”هو ڇيلي جا پئسا هن کي ڀري ڏي ته پوءِ انهيءَ شرط کان آزاد رهندو.“ انهيءَ طرح مشيد، پنهنجي خراسب پڪل ڇيلي جا پئسا نيٺ پيدا ڪيا.

 

فصل پنجون

ظريفن جي خوشطبعي، ٻن ماڻهن سان

253- ڪي ماڻهو، هڪڙي بزرگ ماڻهوءَ کي پڇڻ آيا، جو بيمار هو، هن وٽ گهڻي وقت تائين ويهي رهيا، جنهن ڪري هو ڏاڍو بيزار ٿيو، جڏهن هو اٿڻ لڳا، تڏهن انهيءَ بزرگ کي چيائون ته ”سائين، اسان کي ڪا نصيحت ڪر!“ هن چيو ته ”ابا سڀ کان چڱي نصيحت اها آهي ته اڳتي جڏهن ڪنهن بيمار کي پڇڻ وڃو، تڏهن ٿورو ويهي، پوءِ جلد اٿو ۽ گهڻي وقت تائين ويهي نه رهو.“

254- هڪڙو شخص، جو تمام بدشڪل هو، ۽ هٿ کڻي خدا کان دعا ٿي گهريائين ته ”يا الاهي مون کي بهشت نصيحت ڪج ۽ دوزخ جي باهه کان بچائج،“ هڪڙي ظريف، اها دعا ٻڌي، هن کي چيو ته ”اڙي ميان، ايتري بخيلي ڇو ٿو ڪرين، اهڙو منهن ڇو ٿو دوزخ جي باهه کان لڪائين!“

255- هڪڙي ڪاري بدشڪل ماڻهوءِ ڪنهن کدڙي کي واٽ ويندي ڏسي، چيائينس ته ”اوهان کي حضرت سليمان جو اهوحڪم مليل ناهي ڇا ته ڏينهن جو نه نڪرو، فقط رات جو نڪرندا وڃو؟“ کدڙي ورندي ڏني ته ”برابر مليل آهي پر منهنجي نظر تنهنجي منهن تي پئي ۽ ڄاتم ته رات ٿي آهي!“

256- هڪڙو ظريف، ڪنهن درويش وٽ وڃي مهمان ٿيو، جنهن جو گهر تمام پراڻو ۽ ضعيف هو ۽ رات جو ڇٿ جي ڪاثين مان ٽڙڪي جا آواز پي آيا، هن درويش کي چيو ته ”مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ سمهار، جو ڇت مان آواز پيا اچن.“ هن چيو ته ”ابا، فڪر نه ڪر، فقيراڻو گهر آهي، اهو به خدا کي ٻيو ياد ڪري، تسبيحون پڙهي ۽ ذڪر ڪري.“ هن چيو ته ”اهو برابر، پر ڊڄان ٿو ته متان درويش وارو وجد ۽ حال اچي وڃيس ۽ نچي ٽپي يا ذڪر ڪري ڪري متان نماز پڙهي ۽ سجدو ڪري!“

257- ابوالعينا هڪڙي درويش وٽ وڃي مهمان ٿيو، هن کيس جون جي ماني ۽ تمام سرڪو آهر پيل کائڻ لاءِ ڏنو، اهو اهڙو تيز لڳس جو کائي نه سگهيو، هٿ جهلي ويهي رهيو، درويش پڇيس ته ”کائين ڇو نٿو؟“ هن چيو ته ”سرڪو اهڙو تيز آهي، جو مون کي ڊپ آهي ته متان منهنجي دل تان توحيد جو حرف ئي ڊاهي ڇڏي ۽ آءٌ ڪافر ٿي مران!“

 258- هڪڙو گهڻي کائڻ وارو ماڻهو هو، ڪنهن باغ ۾ آيو ۽ ڊاک جي منهن ۾ وڃي ڏسي ته هڪڙو جهنگلي رڇ ڊاک پيو کائي، پاڻ به بيهي ڊاک کائڻ لڳو ۽ ساڳئي وقت کيسا به ڀرڻ لڳو ته کڻي وڃي، اوچتو باغائي اچي نڪتو ۽ لٺ کڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ آيو۽ هن رڇ ڏي ويو ئي، ڪين، تنهن تي پڇيائينس ته ”ميان هن رڇ به ته ڊاک پي کاڌي، انهيءَ کي نه ماريئه، مون کي مارڻ لاءِ ڪاهي آيو آهين؟“ باغائي چيو ته ”رڇ ڊاک کائي ڀڄي هليو ٿو وڃي ۽ پاڻ سان ڪيي کڻي نٿو وڃي، پر تون نه فقط پيٽ ڀري کائين ٿو. پر ڇني پاڻ سان کڻي به وڃين ٿو.“

259- هڪڙي شخص، ڪنهن پاڙيسري جي ٻانهيءَ سان زنا ڪيو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي پئي، انهيءَ جي مالڪ هن شخص کي گهڻ وڌ ڳالهايو ۽ چيائينس ته ”پهرين ته تو کي اهڙو ڪم ڪرڻ نه گهربو هو، پر جي ڪيئي ٿي ته عزل، ڪرين ها ته هن کي پيٽ نه ٿئي ها ۽ حرامي ٻار نه ڄمي ها.“ هن چيس ته ”مون علمائن کان ٻڌو هو ته عزل ڪرڻ مڪروهه آهي.“ هن چيو ته ”عالمائن کان اهو ڪين ٻڌو هوءَ ته زنا حرام آهي، مڪروهه ڪم جي ڳڻتي رهيئي حرام جي نه؟“

260- هڪڙي ڪميني ماڻهوءَ، پيءَ کي ٿي ماريو، ماڻهن سمجهايس ته ”توکي شرم ڪونه ٿو اچي، جو پنهنجي ٻڍي پيءُ کي ٿو مارين! هن جا تو تي ڪيترا حق آهن، سي سڀ وساري ٿو ڇڏين؟“ هن چيو ته ”جي پيءُ جا پٽ تي حق آهن ته انهيءَ کان اڳي، پهرين پٽ جا پيءُ تي به حق آهن. پڇيائونس ته ”اهي ڪهڙا آهن؟“ هن چيو ته ”پهريون اهو حق اٿس ته زال خوبصورت ۽ اشراف ڳولي، انهيءَ سان شادي ڪري، پر منهنجي ماءُ هڪڙي شيدياڻي ۽ غريب آهي، ٻيو حق اهو اٿس ته ننڍي هوندي پٽ کي پڙهائي پر آءٌ قرآن نه خير پر الف بي جو هڪڙو اکر به نٿو ڄاڻان، ٽيون حق اهو آهي ته پيءُ پٽ جي ننڍي هوندي طهر ڪرائي. ۽ آءٌ پنجويهن ورهين جو اچي ٿيو آهيان، جو هن مون کي اڃا ڪين طهرايو آهي.اجهو ڏسو!“ پوءِ هنن کي پاڻ اگهاڙو ٿي ڏيکاريائين.

261- هڪڙو چرچائي ماڻهو، ڪنهن ڳوٺ ۾ آيو.جنهن ڳوٺ جي هڪڙي پاسي کان وڏو ٽڪر بيٺل هو، جو هوا کي روڪيو بيٺو هو، جنهن ڪري اتي جي رهندڙن کي البت تڪليف هوندي هئي، هن ماڻهن کي چيو ته ”جي آءٌ ڪنهن تجويز سان هي ٽڪر ڪڍي ڇڏيان ته اوهين خوش ٿيندو يا نه؟“ هنن چيس ته ”اسين جيڪر تنهنجا ڏاڍا شڪر گذار ٿيون ۽ جيڪي تون چوين سو ڪريون؟“ تڏهن هنن کي چيائين ته ”هڪڙو ورهيه اوهين مون کي پاڻ وٽ رهائي منهنجي مهماني ڪريو ۽ عمدا طعام ۽ ميوا کارايو ته پوءِ جڏهن هي ٽڪر ڪڍي، ميدان صفا ڪري ڇڏيان، تڏهن هزار دينار مون کي ڏجو ته رستي جو خرچ ڪري پنهنجي وطن موٽي وڃان؟“ هنن اها ڳالهه قبولي ۽ هڪڙو سال هن کي اتي رهائي، هر طرح سندس خدمت چاڪري ڪيائون، جڏهن سال پورو ڪر!“هن چين ته ”چڱو، هاڻ اوهان مان هرڪو پنهنجي گهر وڃي ننڍا وڏا رسا، جيڪي هجنو سي کڻي اچو!“ سڀئي رسا کڻي آيا، انهن جو وڏو ڍير ٿي ويو، اهي رسا سڀ ڳنڍي، هڪڙو ڇيڙو پاڻ ورتائين ۽ ٻيو ٻين ماڻهن کي لڏنائين ۽ چيائين ته ”هن ٽڪر کي چوڌاري ڦري اچو ۽ رسو چيلهه ۾ ٻڌي وڃوس!“ جڏهن هو ائين ڪري رهيا، تڏهن پاڻ جهڪي بيهي رهيو ۽ هنن کي چيائين ته ”هاڻي اهو کڻي منهنجي پٺن تي رکو ته پري اڇلائي ڇڏيائينس.“ هنن چيس ته ”چريا، ٽڪر کي اسين ڪيئن پٽي کڻي تو تي رکنداسين؟“ هن چيو ته ”چريا اوهين آهيو، هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهيو ته ٽڪر کڻي نٿا سگهو ۽ مون هڪڙي کي ٿا انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ چئو!“

263- هڪڙو لنگهو، جنهن جو آواز تمام خراب هو، سو ڪنهن مجلس ۾ وڃي ڳائڻ لڳو، هڪڙو راڳ يا غزل شروع ڪيائين، جنهن جي مصرع هيءَ هئي، جيڪي عاشق ڪري، سو ان کي معاف، اها مصرع هن گهڻائي ڀيرا وري وري چئي،هڪڙو مسخرو اتي حاضر هو، تنهن اٿي ڏاڙهيءَ کان وٺي پادر لاهي، مٿي تي ڦهڪائي ڪڍيائينس. هو گاريون ڏيڻ ۽ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳو، ٻين ماڻهن به عتاب ڏنس، هن چيو ته ”تو هيترا ڀيرا پاڻ پي چيو ته جيڪي عاشق ڪري سو ان کي معاف، آءٌ پنهنجي پاڙيسري جي ڌيءَ تي عاشق آهيان، تنهنجو گگهو آواز ٻڌي مون کي چڙ آئي، هاڻي جيڪي ڪيم سو مون کي معاف آهي؟“

263- جوجيءَ مشهور مسخري، دجلي نديءَ جي ڪناري تي انڌن جي جماعت ويٺل ڏٺي، هنن جو ارادو هو ته ٻار لنگهن، انهن کي چيائين ته ”جي اوهان کي پار لنگهايا ته اوهين مون کي ڇا ڏيندو؟“ هنن چيس ته ”اسان وٽ اکروٽ آهن، هر هڪ اسان مان ڏهه اکروٽ تو کي ڏيندو.“ تڏهن چيائين ته ”اوهين سڀئي هڪٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وجهي بيهو ته اوهان کي آءٌ لانگهي وٽان لنگهائي پار نيان!“ جڏهن هنن ائين ڪيو، تڏهن پهرين جو هٿ وٺي، پاڻي ۾ گهڙيو، ۽ هو سڀ قطار ٻڌي هن جي پٺيان هليا، جڏهن تار پاڻيءَ ۾ آيو، تڏهن هڪڙو انڌو ٻڏڻ لڳو ۽ پير نڪري ويس، انڌن رڙيون ڪيون ته اسان مان هڪڙو انڌو لڙهي ويو، جو جي چوڻ لڳو ته افسوس ڏهه اکڙوٽ مهنجا ويا!“ ائين ڪندي ٻيو به نڪري ويو، جڏهن هنن اها دناهن ڪئي، تڏهن هن وري به چيو ته ”گهوڙا ، ٻيا ڏهه اکروٽ به وڃايم،“ وري جڏهن ٽيون به لڙهي ويو، تڏهن انڌن هن کي چيو ته ”هيءَ ڪهڙو رستو ٿو هلين ۽ هائو ڇا ٿو چوين؟“ هن چين ته ”اوهان کي انهيءَ مان ڪهڙو نقصان؟ اکروٽ ته منهنجا ٻيا زيان ٿين، سو آءٌ ته ڪڇان ئي ڪين ٿو. اوهين پيا دانهون ڪريو؟“

264- هڪڙي ملي ڪنهن مجلس ۾ چيو ته ”خبر ناهي ته هيلوڪو رمضان اسان مان خوش ٿي ويو آهي يا نه؟“ هڪڙي چرچائي ماڻهوءَ چيو ته ”بلڪل خوش ٿي ويو آهي.“ پڇيائونس ته ”ڪيئن ٿو ائين چوين؟“ هن چيو ته ”ڏسو ته ٻئي سال اچي ٿو يا نه خوش ٿي نه ويو هوندو ته مور ڪين ايندو“

265-هڪڙي طبيب، ڪنهن چرچائي ماڻهوءَ کي مڇي ۽ کير گڏ کائيندو ڏٺو، منع ڪيائينس ته ”اهڙا مخالف طعام نه کائندو وڃ!“ هڪڙي ڀيري اهو بيمار ٿي پيو ۽ طبيب هن کي ڏسڻ ويو چيائينس ته ”مون تو کي ڪين چيو هو ته مخالف طعام پاڻ ۾ ڪين ٺهندا آهن؟“ هن چيو ته ”هن ڀيري ته پاڻ ٺهي پيا آهن۽ ارادو ڪيو اٿن ته مون کي بيمار ڪري ماري ڇڏين.“

266- هڪڙي قزوينييءَ ڳالهه ڪئي ته ”مون هڪڙو خواب ڏٺو جو اڏ ڪوڙو ۽ اڌ سچو آهي.“ پڇيائونس ته ”اهو ڪهڙو آهي؟“ هن چيو ته ”ڏسان ٿو ته مهرن جي ٿيلهي ڪلهي تي کنئي اٿم، جا اهڙي ڳري آهي، جو ڪلهي ۾ سور پئجي ويو اٿم، جڏهن جا ڳيس، تڏهن ڏسان ته ٿيلهي ڪا نه آهي، باقي ڪلهن ۾ سور سو هوم!“

267- هڪڙو ماڻهو مفلس اچي ٿيو، پڇيائونس ته ”تو کي ڪي رهيو به آهي؟“ هن چيو ته ”هائو ٽي سئو رپيا روڪ ۽ خرار ان جو، منهنجي ذمي رهيو آهي، جو اهو ڪابين، مون پنهنجي زال کي ڏيڻو ڪيو هو، جو نه ڏنو اٿم.“

268- هڪڙو مسخرو، ڪنهن عالم وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”مون خواب ڏٺو آهي، ته آءٌ اٺ جا ليڏوڻا واڱڻن وانگي رڌيان ويٺو، ڀلائي ڪري انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ؟ هن چيس ته ”هڪڙو درهم ڏي ته پوءِ تو کي انهي خواب جو تعبير ٻڌايان،“ مسخري چيس ته ”جي درهم هجي ها ته ڇو نه واڱڻ وٺي رڌيان ها! وڻڻ رڌڻ جا خواب ڇو ڏسان ها؟“

269- هڪڙو مسخرو هميشه مجلس ۾ مسخريون وجهندو هو، هڪڙي وعظ چيس ته ”نو پنهنجي سڄي عمر مسخريون ڪرڻ ۾ گذاري آهي، تو کي آخرت ۾ اونڌو ڪري دوزخ ۾ وجهندا.“ هن چيو ته ”اها به هڪڙي مسخري آهي!“

 

فصل ڇهون

ظريفن جي خوشطبعي، عربن سان

270-هڪڙو ظريف، ڪنهن عرب سان گڏيو ويو، رستي ۾ پڇيائينس ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي،؟“ هن چيو ته ”مطر“ يعني مينهن ، پڇيائينس ته ”تنهنجي ڪنيت ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”ابوالغيث“ يعني مينهن جو پيءُ، پڇيائينس ته ”تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”فرات“ جو هڪڙي درياءَ جو نالو آهي. وري پڇيائينس ته ”انهيءَ جي ڪنيت ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”ابوالغيث“ يعني مينهن جو پيءُ، وري پڇيائينس ته ”تنهنجي ماءُ جو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”سحاب“ يعني ڪڪري پڇيائينس ته ”انهي جي ڪنيت ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”آم البحر“ يعني درياءَ جي ماءُ اتي ظريف چيس ته ”ادا ذرو ترسجين ته ڪا ٻيڙي هٿ ڪريان نه ته هيترن پاڻين جي وچ ۾ تو سان گڏ هلندي آءٌ ٻڌي پوندس!“

271- هڪڙي طريف، بيابان ۾ رستو گم ڪيو، ڪن عرب چورن اچي ورايس، هن کي پڪڙي پنهنجي قبيلي ۾ وٺي ويا ۽ هن جو سڀ سامان کسي ويا ۽ ڪپڙا به گهريائونس، پوءِ به سمجهيائون ته هو پڪو ماڻهو آهي، شايد ڪي جواهر يا سون ڳهي ويو آهي، تنهن ڪري کٽو ڏڌ زور ڪري گهڻو پياريائونس، انهيءَ لاءَ ته دت ٿينس، جڏهن هن کي گهڻو تنگ ڪيائون تڏهن هو چوڻ لڳو ته ”پنهنجي وطن ۾ آءٌ عمدا طعام کائيندو هوس ته به پيٽ مان گند ڪڍندو هوس، هتي ڏڌ پيتو اٿم، سو سون ڪٿان هنگندس!“

273- بشر نالي، هڪڙو مشهور ظريف، ڪوفي ۾ رهندو هو، هڪڙي ڏينهن، وٽس گهڻا مهمان اچي لٿا، هن وٽ پئسو ڪو نه هو، هنن کي ويهاري، پاڻ ٻاهر ويو ته ڪٿان اڌارو سڌارو ڪو پئسو هٿ ڪري اوچتو هڪڙي اعرابي ڏٺائين، جو پنهنجو اٺ وڪڻي پئسا ڳنڍ ۾ ٻڌي. ڳوٺ ڏي وڃڻ لاءِ نڪتو هو، بشر پٺيان لڳس، ان کان ڦري سلام عليڪم ڪري، نالو پڇي، چيائينس نه ”چڱو جو گڏجي ويو آهين، سگهو ٿيءُ اوڻيهه دينار جي مون کان ورتا هيئي سي ڏي، گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، آءٌ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان، تو کي ڪيترو ڳوليو اٿم، پر هٿ نٿي آئين.“ هو حيران ٿي ويو، چيائينس ته ”آءٌ شهر ڏي، هيءُ پهريون دفعو آيو آهيان، تو کي سڃاڻان ئي ڪين، اڌرا پئسا ڪين ورتا هوندم؟“ بشر چيو ته ”اهي ڳالهيون ڇڏ، نٽاءِ نه، پئسا ڏي!“ اعرابي شوخي ڪرڻ لڳو، ٻئي وڙهي پيا، ماڻهو اچي گڏ ٿيا، انهن اعرابيءَ کي چيو ته ”هي ماڻهو مسخرو آهي. اسين هن کي سڃاڻون ٿا، ڪي ڪجهه کڻي ڏينس ته هليو وڃي، ساڻس معاملو ڇو ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته ”قسم آهي، آءٌ هن کي نٿو سڃاڻان، شايد ڀل ۾ مون کي ٻيو ڪو سمجهيو اٿس،“ بشر چيو ته ”آءٌ اهڙو ڀورڙو يا ديوانو ناهيان، جو اهڙي پل ڪندس، مون کي اوڻيهه دينار ڏي نه ته هل شهر جي قاضي وٽ، اتي آءٌ شاهد ڏيندس، پوءِ تو کي به جيڪي چوڻو هجي، سو هلي چئو!“ آخر ٻئي قاضيءَ وٽ ويا، قاضيءَ ٻنهي جا نالا پڇيا، ظريف چيو ته ”منهنجو نالو بشر آهي،“ اعرابيءَ چيو ته ”منهنجو نالو لواحته آهي.“ بشر اوڻيهن دينارن جي دعوا قاضيءَ وٽ پيش ڪئي، قاضيءَ هن کان شاهد گهريو، هن چيو ته ”منهنجو شاهد خداتعاليٰ آهي، جو قرآن ۾ فرمائي ٿو ته ”لواحته للبشر عيلها تسعته عشر“ يعني دوزخ جي باه مشرڪن جو ڪارو مينهن ڪندڙ آهي، ۽ انهيءَ باهه تي اوڻيهه ملڪ مقرر آهن، جڏهن قاضيءَ ۾ هيءَ آيت ٻڌي، تڏهن انهيءَ اعرابيءَ کي هن جي چنبن مان ڇڏايائين ۽ پنهنجي هڙان هن کي اوڻيهه دينار ڏنائين، جي کڻي هو گهرويو ۽ مهمانن کي کارايائين.

 

فصل ستون

ظريفن جي خوشطبعي، زالن سان

273- هڪڙي بد شڪل زال، پنهنجي مڙس کي چيو ته ”تو کي شرم نٿو اچي جو چڱي ۽ حق حلال جي زال جي گهر ۾ اٿئي ته به حرام ڪندو وتين؟“ هن چيو ته ”حق حلال جي برابر آهي. مگر چڱي ناهي ، تنهن ڪري ائين ٿو ڪريان.“

274- هڪڙي مسخري جي زال، بدطبيعت، شوخ ڪراڙي ۽ بدشڪل هئي ۽ ورهين کان بيمار رهندي آئي، ڪنهن انهيءَ کي چيو ته ”تون پنهنجي زال کان ڏاڍو بيزار هوندين ۽ هن جي مرڻ جي خبر ٻڌڻ لاءِ ڏاڍي خواهش رکندو هوونديون؟“ هن چيو ته ”بيزار برابر آهيان، مگر هن جي موت جي خبر ٻڌڻ ٿو گهران، متان اهڙو ٿيان، جو شاديءَ مرڳ (هن جي موت جي خوشي) ۾ مري وڃان!“

275-هڪڙي مسڪين فقير جي زال،ڪنهن پاڙيواري جي گهر ۾ روئڻ پٽڻ ٿي ويئي،جو ڪو ماڻهو گذريو هو، مڙس پڇيو ته ”ڪيڏي ٿي وڃين؟“ هن چيو ته روئڻ پٽڻ ۽ ماتم ڪرڻ.“ مڙس چيو ته ”گهر ۾ ٻارن لاءِ ڪي آهي؟ جو ڇڏيو ٿي وڃين!“ زال چيو ته نه ”نه. اٽو ڪونهي، ڪاٺي به ڪانهي، ڪي به ڪينهي. مڙس چيو ته ”تڏهن ماتم اسان جي گهر ۾ ئي آهي. هتي ويهي رئو ۽ پٽ، ٻئي پاسي ڇو ٿي وڃين!“

276- هڪڙي مسخري شادي ڪئي، جڏهن سندس يار، مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيس، تڏهن هن کان پڇيائونس ته ”تنهنجي زال ڇا سان مشابهت ٿي رکي؟“ هن چيو ته ”نرگس جي شاخ سان، ڇا لاءِ جو ان جو مٿو اڇو آهي، منهن ڀلو ۽ ٽنگون سايون ۽ سنهيون!“

277-هڪڙي مسخري شادي ڪئي، چئين- پنجن مهينن کان پوءِ هن کي پٽ ڄائو، پڇيائونس ته ”هن جو نالو ڇا رکون؟“ هن چيو ته ”ٽپالي. ڇا لاءِ جو هو تڪڙو ڊوڙڻ وارو آهي ۽ نون مهينن جو پنڌ، چئن پنجن مهينن ۾ ڪيو اٿس!“

278- خطا جي ملڪ ۾ هڪڙو تصوير خانو آهي، انهيءَ ۾ ٽي شڪليون نڪتل آهن، هڪڙي تصوير هڪڙي مڙس ماڻهوءَ جي آهي، جو ڪنڌ هيٺ ڪيو فڪر ۾ ويٺو آهي ۽ هيٺيان لکيل اٿس ته هي شخص خيال پيو ڪري ته شادي ڪريان يا نه، ٻي تصوير هڪڙي شخص جي آهي، جو هڪڙي هٿ سان پنهنجي ڏاڙهي پٽيو بج پيو اڇلائي ۽ ٻئي هٿ سان پهڻ پنهنجي سيني تي پيو هڻي ۽ هيٺانئس لکيل آهي ته هن ماڻهوءَ شادي ڪئي آهي پشيمان ٿيو آهي، ٽي تصوير هڪڙي شخص جي آهي. جو خوشيءَ مان پيو ٽپ ڏئي ۽ هيٺانس لکيل آهي ته هن ماڻهو زال کي طلاق ڏني آهي ۽ خوشيءَ مان پيو ٽپ ڏئي.

 

فصل اٺون

 

زالن جي خوشطبعي

279- عرب ۾ عمران بدشڪليءَ جي ڪري مشهور آهي، انهيءَ جي زال تمام خوبصورت ۽ نيڪ سيرت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن، انهيءَ پنهنجي مڙس کي چيو ته”پاڻ ٻئي بيشڪ بهشتي آهيون.“ هن پڇيو ته .سو ڪيئن؟“ زال چيو ته ”جڏهن تون منهنجو منهن ٿو ڏسين، تڏهن شڪر ٿو ڪرين ۽ جڏهن آءٌ تنهنجو منهن ٿي ڏسان،تڏهن صبر ٿي ڪريان ۽ خدا جي حڪم موجب، شاڪر ۽ صابر،بهشت جي رهڻ وارن مان آهن.“

280- جو جي، مشهور مسخرو تمام بد شڪل هوندو هو، اهو ڳالهه ٿو ڪري ته هڪڙي ڏينهن، بازار وٺيو ٿي ويس ته هڪڙي زال اچي چتائي منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳي، مون پڇيس ته ”ڪهڙي مطلب سان مون کي ئي ڏسين؟“ زال چيو ته ”منهنجن اکين ڪو وڏو گناهه ڪيو هو، سو ڀانيم ته انهن کي سزا ڏيان ۽ اهڙي شيءَ انهن کي ڏيکاريان. جنهن کان وڌيڪ بڇڙي ٻي شيءَ ڪا نه هجي، تنهن ڪري تنهنجي منهن ۾ چتائي ٿي ڏسان.“

281- ساڳيو جو جي ڳالهه ٿو ڪري ته هڪڙي ڏينهن هڪڙي زال مون کي اچي چيو ته ”تو ۾ ڪو ڪم اٿم، سو مون سان ٿورو هل!“ آءٌ هن سان گڏجي ويس، هن مون کي وٺي آڻي هڪڙي نقاش وٽ بيهاريو ۽ پوءِ هلي ويئي، نقاش کلي ڏنو، مون پڇيس ته ڇو ٿو کلين؟“ هن چيو ته ”ٿورا ڏينهن ٿيا ته هي زال مون وٽ آئي ۽ چيائين ته مون کي شيطان جي تصوير ڪڍي ڏي! مون پڇيس ته جنهن شخص کي مون ڏٺو ئي ڪين آهي، تنهن جي تصوير ڪيئن ڪڍندس؟“ هن چيو ته بيهه، تنهنجي لاءِ هڪڙو نمونو وٺي اچان، پوءِ تو کي وٺي آئي آهي!“

282- هڪڙي شخص ڪا خوبصورت زال ڏٺي، چيائين ته ڇا ٿئي، جي مون کي پاڻ چکڻ ڏين ته خبر پويم ته تون مٺي آهين، يا منهنجي زال؟“ انهيءَ زال ورندي ڏنيس ته ”منهنجي مڙس کان پڇ، جو هن مون کي به چکيو آهي ۽ تنهن زال به.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org