سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :1

شاهه جو رسالو

غلام محمد شاهواڻي

پبلشر نوٽ

شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي ڪلام جا رسالا گهڻو ڪري 50 کان 100 سال اڳ جا ترتيب ڏنل آهن. انهن رسالن جي مرتب ڪرڻ وقت مرتبن انوقت رواج ۾ آيل صورتخطي استعمال ڪئي. ان وقت تائين ٽيڪسٽ جي ڪتابن وانگر صورتخطيءَ جو ڪوبه اسٽينڊرڊ مقرر ڪونه هو، بلڪ عالمن ۽ اديبن پنهنجي وقت جي رائج يا پنهنجي علميت ۽ادارڪ جي بنياد تي صروتخطيءَ کي پئي لکيو. مثلاً ۽ کي ڪن ساڳي شڪل ۾ ته ڪن وري ايئن ۽ ايئن ڪري پيو لکيو. ۽ منهنجي کي ڪن ساڳي شڪل ته ڪن وري مهجي، منہ جي ۽ منهن جي ڪري پئي لکيو. اهو سمورو فرق سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لاڙن جي ڪري به پئي ٿيو. ڇاڪاڻ جو ٻوليءَ جا مختلف لاڙا ڳالهائڻ ۽ اچارڻ ۾ ان فرق کي قبول ڪندڙ هئا.

شاهه جي رسالي جي صورتخطي جي حوالي سان بي ڳالهه اهم هي هئي ته ان جي مرتبن رسالي کي ترتيب ڏيڻ وقت شاهه جي رسالي جا قلمي نسخا سامهون رکيا. جيڪي به سئو کان وٺي ٽي سئو سال اڳ جا لکيل هئا. انهن قلمي نسخن ۾ جيڪي لکڻيون آيل هيون. تن کي ڀيٽي گهڻو ڪري ساڳي صورت ۾ قائم رکيو ويو. ان جو هڪ سبب جيئن اڳ ڄاڻايو ويو ته صورتخطيءَ جي ڪنهن به سٽينڊرڊ جو موجود نه هئڻ هو ۽ ٻيو سبب مرتبن جي شاهه لطيف سان اها عقيدت به هئي ته ان جو ڪلام پوين تان جيئن جو تيئن نقل ڪري پهچائجي، جيئن فقيرن ان کي نوٽ ڪيو آهي.

علام. آءِ. آءِ. قاضي پهريون علام هو، جنهن رسالي جي صورتخطي کي اڪاني حدن تائين پنهنجي وقت جي مروج صورتخطيءَ ۾ مرتب ڪيو. اهوئي سبب آهي جو شاهه جي رسالن ۾ سڀ کان وڌيڪ سولي پڙهڻي هيستائين ان رسالي جي سمجهي ويندي آهي.

غلام محمد شاهواڻي جي رسالي کي جيئن ته سڀني رسالن کان وڌيڪ عام قبوليت هاصل آهي، ان ڪري ضرورت هئي ته ان رسالي کي موجوده صورتخطيءَ ۾ شايع ڪيو وڃي. شاهه جي رسالي لاءِ عام پڙهندڙن جو تاثر رهيو آهي ته سمجهڻ ۾ ڏکيو آهي، ان جو هڪ سبب هي به آهي جو اهي رسالا موجوده صورتخطيءَ ۾ لکيل ناهن، جنهن ڪري عالم ۽ اديب ۽ انهيءَ پراڻي لکڻي جي صورت کي سمجهي ۽ پڙهي وڃن ٿا، پر عام سنڌي پڙهندڙن لاءِ شاهه جو رسالو سمجهڻ سان گڏوگڏ ان کي پڙهڻ ۽ اچارڻ به ڏکيو مسئلو آهي.

سنڌيڪا اڪيڊمي هي ڪم سنڌ جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪيو آهي. انهن لاءِ ڪيو آهي، جيڪي موجوده ٽيڪسٽ جي سنڌيءَ جا پنج ۽ ڏهه درجا پاس ڪري رسالي کي پڙهڻ شروع ڪن ٿا، ۽ يقيناً رسالي جي موجوده صورتخطيءَ ۾ شايع ٿيڻ سان موجوده نسلن جو ان کي پڙهڻ ۽ اچارڻ ۾ ته پڪ سان سولائي ٿيندي، بلڪ صورتخطيءَ جي سمجهڻ ڪري ان جي مفهوم ۽ معانائن کي سمجهڻ ۾ به آساني ٿئي ٿي.

غلام محمد شاهواڻي هر صفحي تي آيل بيتن ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ هيٺيان حاشي ۾ ڏني آهي. جيڪا نه صرف پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي، بلڪ هن رسالي جي سنواريندڙن انهن حاشين ۾ بريڪيٽ جي اندر معنائن ۾ واڌارو ڪيو آهي ته جيئن وڌ کان وڌيڪ لفظن جي معنيٰ سامهون رکي پڙهندڙ شاهه جي رسالي جو ڀرپور حط حاصل ڪن.

رسالي کي سنوارڻ جو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻوئن ۽ شاهه جي پارکوئن جناب ممتاز مرزا ۽ جناب عبدالرحمان نقاش سرانجام ڏنو آهي، جن نئين صورتخطي ۾ لکڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو پورو خيال رکيو آهي ته رسالي جو اصل روح پنهنجي جاءِ تي قائم رهي، لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ فرق نه اچي، رسالي جو ماترائون نه ٽٽن ۽ ان جي موسيقي به پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي. ڪيترن جاين تي اهڙا لفظ جيئن جو تيئن قائم رکيا ويا آهن، جيڪي عام طرح موجوده صورتخطيءَ کان ڪجهه گهٽ وڌ آهن. ان ڪري جو جيڪڏهن انهن لفظن کي سڄو سارو موجوده صروتخطيءَ ۾ آندو وڃي ها ته، يا ته ان جي ماترا ٽٽي ها يا وري ان جي موسيقيءَ واري لئي قائم نه رهي ها. اهڙن هنڌن تي هيٺ جوٽ نوٽ ۾ انهن لفظن جي اصل موجوده صورتخطي واضح ڪئي وئي آهي.

رسالي جي متن کي موجوده صورتخطيءَ ۾ سنوارڻ جو ڪم محض ان جي پڙهڻي کي سولو بنائڻ جي نيت سان ڪيو ويو آهي. اُن ڪم ۾ پورو پورو احتياط ڪيو ويو آهي ته اُن جي معنائن، ماترائن ۽ ترتيب ۾ ردو بدل نه ٿئي. اُن هوندي به جيڪڏهن ڪتي پڙهندڙ سهو محسوس ڪن ته اصلاح خاطر اُن جي نشاندهي ڪري اداري کي ڏياري موڪلين ته جيئن هِن رسالي جي آئنده اشاعتن ۾ اُن جو واقعي تدارڪ ڪيو وڃي.

اسان جناب ممتاز مرزا ۽ جناب عبدالرحمان نقاش جا ٿورائتا آهيون جن رسالي کي نئين صورتخطي ۾ آڻڻ جي ڪم کي وقت سر سرانجام ڏنو. جناب بدرالدين هيسباڻي خاص هن رسالي جي ڪمپوزنگ جي لاءِ هڪ نئون ۽ خوبصورت فاؤنٽ ٺاهي ڏنو ۽ جناب اقبال احمد جاکرو دل ۾ دماغ جي حضور سان پروف پڙهيا، ان کان سواءِ سنڌيڪا جي سٿ مان جناب علي حسن چانڊيو، جناب نياز حسين گبول، جناب قمرالدين گهانگهرو ۽ جناب طارق حسين هيسباڻي هن رسالي کي خوبصورت ڪري ڇاپڻ لاءِ فراخدلانه خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن لاءِ هنن سڀني جس لهڻي.

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي

گذارش

سوين سلام، سنڌ جي صوفين، شاعرن، عارفن ۽ عالمن توڙي دل وارن درويشن تي، جن اسان جهڙن اٻوجهن کي سنڌ جي ساڃهه ڏني، اهڙن عالمن جو سَرموڙ، سردار ۽ سرواڻ، اسان جو اصل رسالي - ڌڻي، ڀٽ جو شاهه، ۽ سنڌ جو سائين شاهه عبداللطيف آهي، جنهن تي ڪيل عالمن جي تحقيق بي مثال ۽ بي بها آهي. هر عالم پنهنجي فهم ۽ ادراڪ سان، رسالي جي تدوين ۽ ترتيب ۾ پنهنجو نور نچويو، ۽ اسان کي ڀٽ ڌڻي تن کي اڃان ڏينهن ڏئي ته هو علم جون راهون اڃان وڌيڪ روشن ڪن، ۽ جيڪي اسان کان وڇڙي ويا آهن تن تي مالڪ جا ڪوڙين ڪرم هوندا، جو هنن جي عشق جو پورهيو، سڄي هڪ سماج لاءِ، ڄڻ اونداهيءَ ۾ جرڪندڙ جوت آهي. ڪنهن جا نالا ڳڻي، ڪنهن جا ڳڻجن، سڀ سرواڻ ۽ حرف جا اصليت جا پارکو، رسالي جي گهرائي جا غواص ۽ موتين ميڙڻ وارا، تن سان برميچڻ، ڄڻ سج ڏانهن نهارڻ، ۽ جيڪي سج ڏي نهاريندا آهن، انهن جون اکيون سوجهري جي باوجود ااونداهيون ٿي وينديون آهن.

رسالي جي طالب علم جي حيثيت ۾، اکيون ادب سان جُهاڪائي، نهايت عقيدت ۽ احترام سان، انهن عالمن جي محنت کي جسُ ڏيندي، هتي رسالي جي انهيءَ محنت جو ذڪر گهربل آهي، جيڪو محترم غلام محمد شاهواڻيءَ صاحب شايع ڪرايو، ۽ اهو ٽيون ڀيرو، موجوده صورتخطيءَ ۾، اوهان جي هٿن ۾ موجود آهي.

ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي پنهنجي رسالي جو آخري جلد سنه 1924ع ۾ شايع ڪرايو، ۽ ان کان پوءِ وڏي وٿي پئجي وئي. لڏ پلاڻ ۽ نئين ملڪ ۾ نيون ذميواريون، تن اسان جي اُن دور جي عالمن کي اصل وجهه ئي نه ڏنوو جو ان ڏس ۾ ڪو علمي قدم کڻن. باوجود انهيءَ جي جو اسان جي ڪيترن عالمن ۽ صاحبن جو دلي چاهه ۽ سعيو هو ته لطيفي لات کي عام ڪجي، ۽ اُهي وٿون جي ٻهراڙي جي سگهڙن ۽ سالڪن جي دلين ۾ لڪل آهن، ۽ جيڪي اُن سڄي ماحول جا مالڪ آهن، جن جو بي بها بيان ڀٽائي بادشاهه پاڻ پنهنجي بيتن ۾ فرمايو آهي، تن کان ڪي حاصل ڪري، لطيفي وکر کي عام ڪجي.

ڀٽائي سان عضق رکڻ وارن محض سندس رسالا ويهي کليا، ۽ اڄ تائين به اسان جي آڏو ڪيئي نوان نوان قلمي رسالا اچن پيا جو سنڌين محبت ۽ عقيدت وچان، قرآن پاڪ سان گڏ ٺپي ويڙهي رکي ڇڏيا. نئين دور جي روشنيءَ ۾ جڏهن اسان عقل جي ڏيڍي پار ڪري، فڪر جي محلات ۾ پيرڙا ڌريا آهن، تڏهن اهڙا ڪيئي قلمي نسخا اسان جي عالمن جي آڏو اچي چڪا آهن، ۽ ايندا رهن ٿا، ايستائين جو بمبئي مان ڇپيل رسالا به ان ريت پيا ملن، جو صورتخطي اهڙي جو ڀانءِ ته قرآن پيو پڙهجي. پر آڳاٽو جن اهي رسالا ايئن قرآن سان تاڪن تي رکيا، تن جي دل ۾ اهو ئي دور هو ته:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيون من لائين، پريان سندي پار ڏي.

اهڙي محبت ۽ عقيدت، منهنجي ڄاڻ ۾، عالمي ادب جي شاعرن مان ڪنهن کي ورلي ملي هوندي. فالون ڪڍڻ ۽ شعر پڙهي چريي ٿيڻ جا قصا ته انيڪ، پر هيءُ پنڌ اڃان ڪنهن اونهي اسرار وارو. قلم لکڻ کان قاصر آهي ته ڪيئن هڪ شاعر، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنهنجو ڪلام پهچايو، شايد جڏهن رڳون رباب ٿينديون آهن ته اهي هر ويل وڄنديون آهن ۽ وحدت واري وائي جو هل هلاچو اهڙو ته جهر جهنگ تونهين تون جي پچار، وڻ ٽڻ، وايون ساڳيون.

غلام محمد شاهواڻي جو سوانحي خاڪو

خانداني روايتن موجب، سورهين صدي عيسوي جي آخر ڌاري، هندستان جي رياست گجرات جي شهر موروي مان ٻه نوجوان ڀائر، ماڻڪ سنگهه جي جاڙيجو ۽ ويڌا سنگهه جي جاڙيجو، خانداني اڻبڻت ڪري، پنهنجي جاگير ڇڏي، سنڌ ۾ آيا ۽ موجوده ٽنڊي الهيار تعلقي جي اگهم ڪوٽ ۾، مشهور درويش ۽ ولي الله مخدوم محمد اسماعيل سومري (وفات 996هجري) وٽ اچي ٽڪيا، ۽ اُتي ئي هنن اسلام قبول ڪيو، ۽ مخدوم صاحب جي حڪم موجب، پٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائون. مرشد جي مهر واري نظر، ۽ زمين تي پير کُپائڻ جي خيال سان، هنن ٻن ڀائرن پنهنجي ڪرت کي وڌايو، ۽ جلد ئي علائق جي سرند ماڻهن ۾ ڳڻجڻ لڳا. ڪاروبار سان گڏوگڏ، زمينداري ڏي به رخ رکيائون. ٿوري ئي عرصي ۾ سندن ڀاڳ وڌيو، پنهنجو پڪوسرو ڪوٽ ٺهرائي، اُن ۾ رهڻ لڳا، ۽ ان لحاظ کان پوءِ هيءُ گهراڻو ڪوٽائي به ڪوٺجڻ لڳو. مدد خان پٺاڻ جي جڏهن سنڌ تي گهل چڙهي، تڏهن هيءُ خاندان به ٽڙي پکڙي ويو، ۽ لاڙ جي مختلف شهرن ۾ ڳوٺن، حيدرآباد، ٽنڊي باگي، ماتلي ۽ ملان ڪاتيار ۾ وڃي آباد ٿيا. انهيءَ خاندان مان، هن شاهه جي رسالي جو مانائتو محقق، شارح ۽ مرتب مرحوم غلام محمد شاهواڻي به ٿيو.

مرحوم غلام محمد شاهواڻي بن حڪيم محمد ابراهيم بن ۾همد يعقوب شاهواڻي، حيدرآباد شهر جي ڪورين جي پڙ ۾، شاهواڻي گهٽيءَ ۾، سنه 1912ع ۾پيدا ٿيو. سندس والد، پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ ڏاهو ماڻهو هو. شهر ۾ هن بزرگ جو مان ۽ مرتبو مٿانهون هو، ان لحاظ کان شهر جي ميونسپل واري سياست ۾ سندس تمام گهڻو عمل دخل هو، ۽ سڄي عمر، ميونسپل جي ميمبر جي حيثيت ۾ شهر جي خدمت ڪيائين، ۽ ڪجهه وقت لاءِ حيدرآباد ميونسپل جو قائم مقام صدر به ٿي رهيو. هيءُ زمانو، ان لحاظ کان اهم هو، جو ماڻهن ۾ روايتي محبت ۽ خلوص جي گهڻائي هئي، اوطاقون آباد هيون، علمي ۽ ادبي ڪچهريون قائم هيون. ننڍڙي غلام محمد شاهواڻي جي ذهني ۽ فڪري تربيت انهيءَ ماحول ۾ ٿي. فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن جو جو چالامان هو. مولانا رومي جي مثنوي ۽ سعدي جي گلستان جون ڪچهريون عام هيون. ننڍڙي غلام محمد، انهن رهاڻين مان گهڻو ڪي پريو، علم ۽ ادب سان سندس عشق وڃي انبرين چڙهيو. جيئن ته هوننڍي هوند کان نهايت ذهين ۽ حوشيار هو، تنهنڪري انهن ڪچهرين هن جي عقل کي اڃان گهڻيون مهميزون ڏنيون، ۽ وءِ جڏهن ٻاراڻي تعليم کان، تعليم جي مٿانهين ڏاڪي تي پير پاتائين ته هو اعزازن سان ويو، علم جون وڏيون منزلون ماڻيندو. حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچي جي سنڌ مدرسة الاسلام مان ميٽرڪ ڏنائين، جيڪي بمبئي يونيورسٽي طرفان ورتا ويندا هئا. انهيءَ يونيورسٽي مان ايم. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان ڏئي، ڪامياب ٿيو، ۽ تعليم جو پيشو اختيار ڪيائين. تعليم سان سندس دلي رغبت رهي، جو پاڪستان جي قائم تيڻ کان پوءِ، سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله، جيڪو سندس ذاتي دوست هو، کيس ڪيئي انتظامي عهدا آڇيا، پر نوجوان غلام محمد شاهواڻي، انهن عهدن قبولڻ کان انڪار ڪيو، ۽ تعليم کاتي سان پنهنجي وابستگي کي مان ڏيندي چيو ته مون لاءِ تعليم ان لحاظ کان اهم آهي جو آئون سمجهان ٿو ته، منهنجي هئڻ سان، مون جهڙا ۽ پڻ مون کان وڌيڪ ذهين ٻار پڙهائي تيار ڪري، عملي ميدان ۾ آڻيندس. جيڪي سنڌ لاءِ ڄڻ ته هڪ اهم اثاثو بنجي ڪم ڪندا.

مرحوم غلام محمد شاهواڻي تعليم جي تڪميل کانپوءِ، پهرين حيدرآباد سنڌ جي جي مسلمانن جي مکيه تعليمي اداري نور محمدهاءِ اسڪول جوهيڊ ماستر مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول سان هن جي محبت اهڙي بنجي ويئي جو اباڻا ڪک، جيڪي ڪورين جي پڙ ۾ هئا.ڇڏي، بنهه نور محمد هاءِ اسڪول جي آڏو پنهنجي گهر آباد ڪيائين. انهيءَ دوران سنڌ جي مدرسه اسلام جي هم مڪتب ساٿي آخوند الهه بچائي مرحوم جي مدد سان، مسلم ايڊيوڪيشن فائونڊيشن قائم ڪيائين، جنهن ۾ کائنس سواءِ، مرحوم مرزا اسڪندر بيگ، سيٺ ڪمال الدين ميمڻ، مرحوم جيميل شاهه استراڻي ۽ ٻيا رفيق شامل هئا. انهيءَ فائونڊيشن جي زير اهتمام، مسلم هاءِ اسڪول قائم ڪيو، ۽ بعد ۾ مسلم لا ڪاليج به قائم ٿيو، جنهن جو باني سربراهه مرحوم آخوند الله بچايو صاحب ٿيو. بعد ۾ شاهواڻي مرحوم، نور محمد هاءِ اسڪول مان تبديل ٿي، موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ٿيو، جنهن جي احاطي ۾ مسلم لا ڪاليج پڻ هو. علمي ادبي لحاظ کان، حيدرآباد شهر سنڌ جو ڄڻ مرڪزي ماڳ هو، ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي سربراهي ۾، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، ادب جي ميدان ۾ ڪيئي ڪارناما سرانجام ڏئي رهي هئي. مرحوم غلام محمد شاهواڻي، پنهنجي تحريري ۽ علمي پورهئي جي اشاعت جي ابتدا، انهيءَ اداري طرفان سنه 1940ع ۾ ڪئي. سندس پهريون ڪتاب، چاليهه حديثون شايع ٿيو. ان کان پوءِ سندس علمي ڪارنامن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيو، جن جي فهرست هيٺينءَ ريت آهي:

چاليهه حديثون

رسول پاڪ (سيرت)

ترڪن جي بهادري (تاريخ)

گلشنِ بهار (گلستان سعدي جو نثر ۾ سنڌي ترجمو)

راز ۾ رمزون (نفسيات: ڊيل ڪارنگي جي ڪتاب جو ترجمو)

علمي خزانو (مولانا رومي جي مثنوي جو نثر ۾ ترجمو، ٽن جلدن ۾)

ادبي خزانو (علم ادب)

ادبي اصول (تنقيد جي فن تي، سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، جيڪو ٻن جلدن تي مشتمل آهي)

گلدسة اقوال (مشاهير جا قول: اخلاقيات)

سر سارنگ (شاهه جي سر جي شرح)

سر سامونڊي (شاهه جي سر جي شرح)

سر سسئي آبري (شاهه جي سر جي شرح)

جاگرافي (چوٿين درجي جي نصاب لاءِ)

خليفو پهريون (سوانح حيات)

خليفو ٻيو (سوانح حيات)

خليفو ٽيون (سوانح حيات)

خليفو چوٿون (سوانح حيات)

نظري ۽ علمي تعليم (اُستادن جي نصاب بابت: هن ڪتاب جا ست ڇاپا شايع ٿيا)

روحاني راز (اخلاقيات: هن تصنيف جو فقط پهريون ڀاڱو شايع ٿيو)

فتوح الغيب (اسلاميات: ترجمون- ٻه جلد)

چونڊ نثر ۽ نظم (علم و ادب)

خلفاءِ راشدين (شخصيات)

جوهرِ اسلام : اسلامي افسانا (اسلاميات)

انتخاب نثر (مضمون)

فلسفه روزه (اسلاميات)

سنڌي گرامر (لسانيات: پهريون جلد)

شاهه جو رسالو

تقريباً اٺاويهن سالن جي عمر ۾، شاهواڻي صاحب جو پهريون ڪتاب شايع ٿيو، ۽ وفات تائين، ستاويهه ڪتاب فصنيف ۽ ترجمون ڪري چڪو هو. سنه 1950ع ۾، ذيابيطس جي عارضي ۾ بيمار ٿي پيو، کيس پهرين ڪراچي ۽ پوءِ لاهور نيو ويو، جتي هڪ آپريشن دوران سندس انتقال ٿيو. سندس آخري آرامگاهه، خانداني قبرستان ٽنڊي يوسف، حيدرآباد ۾ آهي.

رسالي جو موجوده نئون ڇاپو

غلام محمد شاهواڻي صاحب جو مرتب ڪيل رسالو پنهنجي نوعيت ۾ نهايت منفرد آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌ ۾ اڄ به جيڪي رسالا شايع ٿيل آهن ۽ اسان جي آڏو آهن، انهن مڙني کان مقبول ۽ دل گهريو رسالو، شاهواڻي صاحب جو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پهريون رسالو هو، جو مڪمل هڪ ئي جلد ۾، معنائن سان، پهريون دفعو شايع ٿيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com