سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :12

وائي

ساٿِيَنِ نَنڌا [1] بارَ، وو! تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،

توکي آرَسُ [2] اَکڙِيُنِ ۾.

پاتا پاڙيوارِييـٖـن، پَڳَهَه [3] مَنجِهه پاتارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

پَتَڻُ ٿو پُورَ [4] ڪَري [5] ، آئِي تنهنجَڙِي [6] وارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهيـٖـن، کِيو [7] مَنجِهه خُمارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

ڪِ [8] تو ڪَنين نه سُئِي، هَلَڻَ جِي هاڪارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

تائِبَ ٿِيو [9] تَڪِڙا، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

نِنڊَ نه ڪِجي ايتَرِي، سُڻجِ، اَدا يارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

سائِينءَ مُڪهءِ [10] سَچَ کي، تون ڪُوڙو مَنجِهه قَطارَ [11] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي [12]، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

گِهڙان ٿِي رِيءَ [13] گَهڙي، اِلاهِي تُهارَ [14] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

هُو جو شَڪُ شارِڪَ [15] جو، تِئان [16] رَکُ [17] ، سَتارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

ڪُلَ نَفسِ ذائِقَةالمَوتِ [18] ، پَڙهو اِيءَ پَچارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

شِڪارُ تون شَهبازَ [19] جو، تون تان مَنجِهه شِڪارَ [20] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

يومَ يَفرّالمَرَءُ مِن اَخِيہِ [21]، جِتِ ڀَڄِندا ڀارَ [22] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچِجِ تُون، اوسارَ [23] !

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنهِين [24] وِيا هَزارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

ڏِنَئِي جي اَللهَ کي، هُوند ٿِييـٖـن پَرييـٖن پارَ [25] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

جوٽَن [26] مَٿان جُٽِڪي [27] ، دُنِي [28] تُنهنجي دارَ [29] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

جِيفو [30] حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ [31] ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

وَٽِيَئِي [32] ڪِينَ وِلَهَنِ [33] سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

سا [34] ڪيئن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ ؟

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

جِيئَڻُ، جالَ نه نِبَهي [35] سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

جِمَ [36] وِسارِين ويسَرا ! ڀِتِنِ [37] جِي ڀُلڪارَ [38]،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

 

داستان چوٿون

1

سَڀيئِي سَئِين ڪَرين، ڪو مَ مُنجهايين واٽِ،

سُپيرِيان جي ساٿِ، لائو [39] لَڱو [40] ميڙِيين!

2

سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،

ٿِيءُ تَحقيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،

قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلُ ڪَري حاجَ تو.

3

چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيُون، ايئن سَڀَڪو هوءِ،

تو جيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون.

4

چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون مَٺائِيون مَٺَنِ،

جو وَڙُ [41] جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيِئي ڪَنِ.

5

مَيَنِ [42] مَٿي سَمَرا، [43] کُهِيَنِ [44] سَڏَ ڪَرينِ،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءُ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.

6

وِتُ [45] وِيمي [46] جو جي لَهيـٖـن، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِييـٖـن ڪا،

سا پَرُوڙِج ڳالَهڙي، وَڻجارَنِ وٽان،

موتِي جَنِ هَٿان، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين.

7

اَمُلَهه آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٽِ [47] ،

جِتِ گَڏِجيـٖـئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِيَهين [48] مَٽِ،

جَنِين سونَ سين سَٽِ [49] ، تَنِ هَڻِي رِيءُ [50] رَدِ ڪِيو.

8

سونا [51]! وانءُ [52] صَرافَ[53] سِينءَ، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي [54]،

چاندِي ڪِيو چَلائِييـٖـن، رُپو [55] رَوازِي [56] ،

جِتِ ٿِيندو رَبُ قاضِي، اُتِ تورِيندا تَجِويزَ [57] سين.

9

سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ،

سودو سوئِي ڇَڏِ، جنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِين.

10

سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو هَڏِ مَ لاهِه،

آهي تُنِ اُنداهِه، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.

11

جُهه [58] صَرافَنِ، تَه تُون پُڻِ لَڏِج، سونَ!

قُدُرُ لَهَندُءِ ڪونه، نيئِي گَڏِيندَءِ [59] سين.

12

جي نَه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُه مَ تِنِي وَٽِ،

اَمُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،

وَڃِي مُهرَ [60] تِنِي وَٽِ، جي پارَکُو [61] پارِسَ جا.

13

قَدُرَ وارا ڪَم [62] ٿِيا، کُٽا خَرِيدارَ،

پاڻِيَٺَ [63] جـٖـي پَرَکَڻا [64]، وِيا سي وِينجهارَ [65] ،

ڪَنيَرُ [66] پائِي اَکِيين، لَهَنِ سڀڪنهن سارَ،

صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو [67] ٿِئـٖـي [68] !

14

اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،

پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.

15

وِيا سي وينجهار، هِيرو لَعلُ وِنڌِينِ [69] جي،

تَنِين سَندا پوئِين، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،

ڪُٽِنِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين [70] ڀيڻييـٖـن [71] .

16

وَڃَنِ مَ وِينجارَ پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،

ڪَنَيرُ پايو اَکِييـٖـن، لَهَنِ سڀ ڪنهن سارَ،

موتِيءَ جي مزارجَ جو قَدرُ مَنجِهه ڪِنارَ [72] ،

صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.

17

ٿا صَراف سُڄَنِ، [73] پاڻُ ڪوٺائِنِ جو هَرِي،

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ [74] وَٺِي وَٽِ تَنِ،

سَندُسِ ئِي سَيّدُ چي، ڪِهَڙو قَدُرُ ڪَنِ،

پاڻِيَٺُ ئِي پَرکَنِ، ڪِ ڪَئِنچَلُ [75] گَڏِنِ ڪَچَ سين؟

18

اَمُلُهه، اَسارِي پئِي [76]، ڀورِي [77]! ڀَڳُئِي جِتِ، [78]

ڪُلهه [79] نه رُنِئي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.

19

اَمُلُهه، اَسارِي پَئِي، ڀورِي! ڀڳئي جيئن،

وانءُ صَرافَنِ سيئن [80]، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.

20

ماڻِڪَ، مُنڌَ [81] هَٿان، پيتِيءَ [82] ۾ پُرِزا ٿِيو،

سَڄو تان، سَيّدُ چي، لَهي لَکُ سَوا،

ڀَڳي پُڄاڻا [83]، پَدَمان [84] ئِي پَري [85] ٿِيو.

21

جِتي ماڻِڪ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو [86] ،

سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ [87] جَنِ اوباهِيو [88] .

22

چورُ [89] اُڀو ايئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهِيان،

جي اَسِي اَکِيَنِ هوءِ، ته لِڪئـٖـي [90] کي ڪونَه لَهي.

23

جَهنگُ [91] کامِي پَٽُ ٿِيو لَٿِي چوران لِڪَ،

وَئِي وُجُودان نِڪِري، جيڪا دَڙِي دِڪَ [92] ،

هِڪُ سَڄَڻُ، ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پَهڻا [93] پاڻَ ۾.

وائي

جاڳو، يارا جيڏِيُون! پاڻِ پَرَنِجي [94] ،

جاڳو جوشا [95] ، جيڏِيُون ! پاڻُ پَرَنِجي.

هلندي حَبِيبَنِ ڏي، ويلو [96] وِچِ نه ڪِجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

مَٿان اُهِسَ [97] اُسِرِي، پَتنگَ جيئن [98] پَئجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

عَرَضَ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيَ ڀَتِ [99] چَئجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

ڪَري نِيازُ نِڪَڻُو [100] ، واحِدَ ڏي وَرِجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

آهي موتُ مِڙِنِ تي، گوڙِيُون ڪِيو گَجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

اَجَلُ [101] اِيندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي [102] ،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

اَڳِيان اُونداهِيءَ [103] جو، سَمَرُ [104] ساڻُ ڪِجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

کَڻُ تُون قُوتُ قَبَرَ جو، گَهڻُو ٿو گُهرِجي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

آگو [105] عَيبَ اَوهِنجا [106] ، ڍَڪِيا ڳُجَهه ٻُجهي [107] ،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

جيڪِين وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمُجهي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

ڊِڄِي ڊاءِ [108] ڌَڻِيَ جي ، جيڪو ڀَئِي [109] ڀڄي،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

اَمُنُ اهي اُنَ کي، جو مَنجِهه اَلله اَجهي [110] ،

جاڳو جوشا، جيڏِيُون!

 

داستان پنجون

1

مون ٿي چَيُئه، ڪانُدَ [111]! ڀُتِي [112] ڀاڙِ مَ مَڪُرِي [113] ،

سِڙَهَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون سَهِي [114] لَڳَندِيُون.

2

لَهرِن ليکو ناهِه ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،

آڇارا [115] عَمِيقَ [116] جا، اَچَنِ اوڀارا،

اُٿِي، اَسارا [117] ! وِيرِ وِڙَ هندِيءِ، ويسَرا [118] !

3

وِيرِ وِڙَهندِيءِ، ويسَرا! اُٿِي توهُه [119] طَلَبِ،

سائِرَ [120] ڪنهن سَبَبِ، ڪالَهه نه وڌءِ [121] ڪُنَ ۾.

 

4

ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا [122] جُنگَ [123] جَهازَ،

تنهنجي اَڄُ تَرازَ [124]، آهي آرَ [125] اکين ۾ [126] .

5

آهي آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا! ڪِجِ نِگاهَه،

وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساهه [127] ،

مُلاحِظو [128] ، مَلاحَ ! ڪِجِ ڪو اِنهيءَ [129] ڪُنَ جو.

6

مُلاحِظو مِهراڻَ [130] جو، مُورِ مَ لاهِه مَناءُ [131] ،

سامُونڊِي! سَنڀالِ، ڪِين، [132] سُمَڻَ آيَئِه ساءُ [133] ،

جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاريٖ وانءُ [134] تَرازَ [135] کي.

 

7

تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ!

دانهُون ڪَنِ درياهَه جُون، اونِهي جا آگاهَ [136] ،

سُونهَنِ [137] جِي صَلاحَ، وَٺ ته وِيرَ لَنگهي وَڃِين.

8

سُونهان سُڌِيُون [138] ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَه جون،

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِين، [139] رُڳو سَچُ سودِينِ،

عِجزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ،

ساٿُ [140] نِباهِيو نِينِ ثابِتُ انهين [141] سيرَ مان.

9

ثابِتُ لَنگِهيا سِيرَ، لَهرِن لوڏِيا ڪِينَ ڪِين،

وَڃِي پَهُتا پارَ کي، نِرِ تُؤن [142] مَنجهان نِيرَ [143] ،

ماءِ [144] پَهُتا مِيرَ، ٻارِ [145] لَنگِهيائُون ٻاجَهه سين.

10

تون ويسَرو، وِيرَ! [146] ساٿِيَنِ سَنڀَتِ [147] پَنڌَ جِي،

جوڙي جُنگَ جهازَ کي، ڪوڏِ [148] هَڻائِج ڪِيرَ [149]،

وَهي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهن بَهِيرَ [150] ،

گَهرِ تَنِين جي کِيرَ [151]، جَنِ لاڳيدارَ [152] لَنگهائِيا.

11

ڦَرَڦَلَ [153]، ڦوٽا، پارِچا [154] ، پاڻِيَٺَ [155]، پاتائون [156]،

ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائون [157]،

لاڄُنِ [158] مَنجِهه، لطيفُ چي، ٻِيڙا ٻَڌائون،

نَذَرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،

جي ڇُهي [159] ڇوڙِيائون، سي ٻيڙيون رَکين ٻاجَهه سين!

12

وِچَينءَ جان ويهِي، جَرِ پَلئو پائِيان [160] ،

”تَڙِ ٻيڙا، گَهرِ سُپِرِين،“ اوسَهِه [161] اِيءَ پيئِي،

جيئن وَڻجارو سين وَکرين، سَرَها سَڀيـٖـئِي،

حُرمَتَ [162] ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِئا [163] نه سيئِي،

پاڻِهي اُوءِ ٻيـٖـهِي، کَنڊَ – کيڙائُو [164] آئِيا.

 

وائي

عُمرِ سَڀَ عبَثُ [165] ويلَ [166] وِڃايَمِ، وَقتَ وِڃايَمِ پانهنجا،

ويٺي لِکيو لوڙِيان [167]، جيڪِين [168] ڪِيڙو مَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

اَچي اَڀاڳِيَنِ کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

حالُ مُنهنجو هِهَڙو جِهَڙو [169] ، تان تُون پِرِيمِ! پَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

قَلبُ جو ڪارو ٿِيو، ڪاتِبَ [170]! لاهِين ڪَسُ [171] !

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

 

داستان ڇهون

 

1

تانگهـٖـي ۾ تاڻـٖـي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو،

اُونهـٖـيءَ ۾ آڻـٖـي، ڪونَه ڏيندُءِ ڪو ٻِيو.

2

ڪوڙيين جي ڪائو [172] ٿِئي، سَمُنڊَ ڪِيئن نه سِڪَنِ [173]؟

پاڻِيءَ سين پيکُ [174] ڪِيو تيلانهن وَڻِجارَنِ،

لالُون سي لَهَنِ، جِنِين سودو سَچَ سين.

3

تارُن تَرِيو وَڃَنِ، ننڍا وَڏا واهُڙا،

هَئـٖـي، ٻَرِ! [175] اَتارُنِ [176] جيئن ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا [177] .

4

ڏوري لَهُه ڏاتارُ، جِمَ ويـٖـهين ويسَرو!

هَڪيو هوئجِ [178] هُشِيارُ، کِنوَڻِ [179] کِوَندِئي اوچِتِي.

5

سُتين [180] ڪِهَڙِيءَ سارَ، وِڄُ کِوَندِيئي، ويسَرا !

تو جيڏا تو يارَ لَهِرِن لَهِوارا ڪِيا [181].

6

سُتيـٖـن سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيئي، ويسَرا!

وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچتي.

7

کِنوَڻِ کِنوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ [182] جي،

جَنين نه ڀئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.

8

سامُنڊِي! ٿو سَنبَهيـٖـن، ساڄو [183] جَهلِ سُکاڻُ،

لَڳي واءُ وَڏاندَرو [184]، مُنجهائـٖـي مَهراڻُ،

جَنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.

9

نَڪو سُکُ نَکَٽيـٖـن [185]، نَه ويساندِ [186] نَئين [187]،

جيڪا اَچَئِي سامُهِين ، ڀايين سا سَنئين [188] !

مُوڙِي [189] ڪوهُه [190] مَئين [191]؟ جيئن [192] سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين!

10

اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيَ ڀَتِ [193] ،

هُوءِ جي ڏِيهائِي ڏيهَه جا [194]، تَنِ پُڻِ مُوڙهِي مَتِ،

آڇارانِ اُبَتِ [195]، گِهڙِجِ گهاٽـٖـي نينهن سين.

11

مَ ڪِين هيجِ، مَ هوجِ [196]، تَرسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي،

چ؟و ڪَلِمُو مُحَمّدَ تي، ته اَڳِيان اَچيئِي اوڄَ [197]،

سَهُکِيَ ڀَتِ، سَٻوجَهه [198] ، تنهنجي مَڪـٖـي ڍُڪي مَڪُرِي.

12

تَنَ ۾ تَرازَ توهَه جِي، گَهڻُو لَهُه گهورُ [199]،

اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، سِڙَه ٻَڌِجِ سوري،

وَکَرُ وينَتِيُنِ جو، تنهن ۾ پاءِ توري،

ته عادَنِئُون [200] اوري، تنهنجو تَوائِي نه ٿِئـٖـي.

13

توڻي تُوائي، توءِ [201] تنهنجو آسَرو،

سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي [202] کِيرُون ڏِيندِيَسِ جيڏِييـٖـن.

وائي

هي جي، هُو جي لَڪَ! مون مارِيندا لَڪَ،

مون مارِينديا لَڪَ!

يا والِي ڪيچُ نه اوڏِيءَ ڇَڪَ [203] !

مون مارِينديا لَڪَ!

اَتُ [204] نه ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،

مون مارِينديا لَڪَ!

پاڻَ ۾ پارِيُون [205] ڪَري، نينهن وَهائِجي نِڪَ [206] [207] ،

مون مارِينديا لَڪَ!

 

سر سامونڊي

سر بابت

سامونڊيءَ نالي، بابت نه ڪو راڳ ۽ نه ڪا راڳڻي سجهي. هيءُ نالو شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيندڙن جو، من گهڙت لفظ ٿو ڏسجي، جو هنن ضرور، هن سر کي مضمون ۽ موضوع جي مدنظر ڏنو هوندو.

هي هڪڙو سر آهي، جنهن ۾ نه ڪو ڌاريون بيت هو ۽ نه ڪو شاهه جو ڪو بيت ترڪ ڪيل ٿو ڏسجي. هن سر ۾ عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون قائم رکيون ويون آهن، جي ٻين نسخن ۾ به گهڻو ڪري ساڳيون ئي آهن.


[1]- ٻڌا

[2]- مستي، ننڊ

[3]- لنگر سان ٻڌڻ جون نوڙيون

[4]- وارا، ڀيرا

[5]- پتڻ (موت) هڪڙا پهچايو ٻيا کڻڻ اچي

[6]- تنهنجي

[7]- کايو، خوش ٿيو

[8]- ڪا، ڇا

[9]- توبه ڪريو

[10]- توکي موڪليو

[11]- هڪ جيڏن ۾.

[12]- ٻڌي

[13]- کان سواءِ

[14]- آڌار، آسري (توهار)

[15]- شرڪ ڪندڙ، شيطان

[16]- تنهن کان

[17]- پناهه ڏي

[18]- سڀ ڪو ساهوارو موت جو ذائقو چکندو (ق.ش. 3، 184)

[19]- وڏو باز، موت

[20]- شڪار ٿيڻ وارو مان

[21]- انهيءَ ڏينهن (قيامت) انسان پنهنجي ڀاءُ کان به پيو ڀڄندو (ق. ش 8،3).

[22]- ڀائر

[23]- آڌار، پناهه

[24]- هونئن ئي، اجايا

[25]- جيڪڏهن اي الله جي واٽ ڏين ها ته جيڪر نجات حاصل ٿئين ها.

[26]- گوڏن

[27]- ڪري، ڪڙڪي پوي

[28]- دنيا، دولت

[29]- گهر ۾

[30]- ڍونڍ

[31]- حديث ۾ آهي، الدنيا جيفہ و طالبها کلاب: دنيا هڪ ڍونڍ آهي ۽ ان جا طالبو ڪتا آهن.

[32]- ونڊيئي، ورهايئي

[33]- مسڪينن، ڪنگالن

[34]- اها (دنيا)

[35]- جٽاءُ ڪري

[36]- متان

[37]- قبر

[38]- ڀڻ ڀڻ، آواز

[39]- لمو، جڏو، عيبدار

[40]- خراب منڊو

[41]- سلوڪ، ڀلائي

[42]- اٺن

[43]- سفر جو سامان

[44]- ٿڪلن، پوئتي پيلن

[45]- طاقت، سگهه، پهچ

[46]- وڻج واپار.

[47]- مٺ، ملاوت، ڪوڙ، سودو، واپار

[48]- انهيءَ هنڌان، اُتان

[49]- واپار

[50]- ريتي، ڪسوٽي

[51]- اي سون، اي اصيل

[52]- وڃ

[53]- سون، واپاري، قدرشناس

[54]- حرفت

[55]- رپيو جنهن ۾ مٺ مليل آهي

[56]- رواجي، خسيس

[57]- قابليت، رٿا

[58]- جيڪڏهن، جڏهن

[59]- پتل جو لوٽو، مٺ، گند، ڪچرو (گڏون)

[60]- گني، سونو سڪو

[61]- سڃاڻيندڙ، ڄاڻو

[62]- گهٽ

[63]- پاڻي، آب، جرڪندڙ موتيءَ جو چلڪو

[64]- پارکو، سڃاڻيندڙ

[65]- هيرن ۾ لالن ۾ سوراخ ڪندڙ، قدرشناس

[66]- خوردبيني

[67]- ڏسجي

[68]- سچن صرافن جي وڃڻ (مرڻ) بعد جواهر پيا ٿيلهجن

[69]- سوراخ ڪن

[70]- انهن

[71]- هنڌن، ماڳن، جاين تي.

[72]- ٻاهريون پاسو، جنهن جي ڏسڻ مان موتي پرکبو آهي.

[73]- سُجَهنِ

[74]- وچ

[75]- سون

[76]- غافل ٿي، ويسر ڪري

[77]- نادان

[78]- اي ڀوري جڏهن ويسري ٿي سمهڻ جي ڪري املهه ماڻڪ (تو هٿان) ڀڄي پيو.

[79]- ڇو (ڪوه)

[80]- ڏانهن تائين

[81]- عورت، زال

[82]- صندوق، بدن

[83]- بعد

[84]- مرتبي کان، پدمن کان

[85]- گهڻو.

[86]- جاءِ، ٿان، ٿمُ

[87]- املهه،، ماڻڪ، روح

[88]- بچايو

[89]- شيطان، لڪل

[90]- نفساني خواهشون جيڪي بي ترتيبيءَ سان دل ۾ اُڀرن ٿيون. (لڪل چور)

[91]- گهاٽا وڻ، شيطان جي لڪڻ جي جاءِ

[92]- دڪي کڙٻڙ

[93]- صحبت ڪرڻ وارا، ڳجهه ۾ ڳالهائڻ وارا

[94]- حوالي يا سپرد ڪجي

[95]- جوش مان، اشتياق سان

[96]- وقت، دير، ترسڻ

[97]- روشني، نور

[98]- جيان، وانگر

[99]- طرح، طور، نموني

[100]- مڪمل، پورو پورو (ن+و= جنهن ۾ ڪاڻ يا کوٽ نه هجي)

[101]- موت

[102]- ٻڌجي، سجهي.

[103]- قبر جي اونداهي

[104]- سامان، توشو

[105]- آغا، ڌڻي

[106]- اوهان جا، توهان جا

[107]- سمجهي، پروڙي

[108]- خوف

[109]- خوف

[110]- پناهه

[111]- معشوق، مڙس، ڀتار

[112]- ڀڳل ٽٽل

[113]- ٻيڙي (مَڪڙي)

[114]- سهي سهي، رکي رکي، ضرور

[115]- پاڻيءَ جي اڇ

[116]- اونهو سمنڊ

[117]- غافل

[118]- ڪاهل

[119]- آڌار، ٽيڪ، اجهو

[120]- سمنڊ

[121]- توکي وڌو

[122]- تمام وڏا، ٿلها

[123]- مضبوط

[124]- ٻيڙي

[125]- ڪن

[126]- تڪيو ويٺو آهي

[127]- ساهه کڻي، ڦوڪجي

[128]- ڏسج، خوف

[129]- انهيءَ

[130]- درياه

[131]- من يا دل تان

[132]- ڪيئن؟

[133]- مزو، لذت

[134]- وڃ

[135]- ٻيڙيءَ

[136]- واقف

[137]- رهبرن

[138]- خبرون

[139]- ڪي

[140]- جماعت

[141]- انهيءَ

[142]- دل، سڪ، پيار

[143]- پاڻي، درياهه

[144]- ماڳ تي، جاءِ تي، منزل مقصود تي

[145]- درياهه

[146]- پيارا، ڀاءُ، سڄڻ

[147]- تياري

[148]- ڪوڏي مان، شوق مان

[149]- ڪليون

[150]- قطار، قافلو

[151]- واڌئي

[152]- لاڳ وٺندڙ، واسطيدار، محصول وٺندڙ

[153]- لونگ

[154]- ڪپڙا

[155]- آبدار موتي

[156]- حاصل ڪيائون

[157]- جهاز جي تري ۾ بند ڪيائون

[158]- نوڙن

[159]- ڇوهي، طوفان ۾

[160]- جيئن ٽپهريءَ مهل ويهي اکا وڌم (عبادت ڪيم)

[161]- خيال، پور، فال

[162]- مهابي، صدقي

[163]- جهليا، روڪيا، (محصول نه ڏيڻ ڪري)

[164]- (کنڊن (Continents) کيڙيندڙ،  Voyagers، ملڪن جا مسافر، وڏا مسافر، سيلاني، گهمندڙ.

[165]- اجائي

[166]- وقت

[167]- ڀوڳيان

[168]- جيڪي

[169]- ضعيف

[170]- (قسمت جا) لکندڙ، خدا

[171]- ڪٽ، عيب

[172]- ڪوڙا موتي، ڪچ

[173]- جيڪڏهن دنيا ۾ ڪوڙا موتي جام ٿي پون، ته به سمنڊ لاءِ وڻجارا ضرور سڪندا.

[174]- محبت، پيار

[175]- تڪليف، مصيبت

[176]- اڻ تارن

[177]- پنهنجا ڪپڙا، مٿي جي پڳ

[178]- هُججانءِ

[179]- وڄ، موت

[180]- تون ستين

[181]- لوڙهيا، ٻوڙيا

[182]- نڀاڳي

[183]- قابو

[184]- سخت، خوفائتو.

[185]- تارن جي ميڙ کي

[186]- آرام

[187]- ندي، نڪو تارن کي  نڪو پاڻيءَ کي آرام آهي، سڀڪا شيءَ پئي چري ڦري.

[188]- جيڪ بنا تڪليف جي مليئي ٿو تنهن جي نعمت سمجهين ٿو.

[189]- پيسا، خزانو، زخيرو

[190]- ڇو

[191]- ماپين، تورين

[192]- جيئن ته، جڏهن ته

[193]- ڀانت، ڀَنٽِ، ڀَت، طرح، طرح

[194]- ٿر جا رهاڪو

[195]- لهرون (روحاني رمزون) ابتييون وهن ٿيون.

[196]- گهتون گوهيون نه ڏج، نٽائج نه

[197]- سگهه، فائدو

[198]- اي سياڻا

[199]- گهڻي ڪوشش ڪري اندر ۾ روحاني ٻيڙي حاصل ڪر

[200]- عدن بندر کان، آخرري منزل کان.

[201]- ته به، تڏهن به

[202]- ڀاڪر پائي، ملي، وصل حاصل ڪري

[203]- نزديڪي، ويجهائي

[204]- انت، منجهه، راز

[205]- قطارون، وسڪارا (ڳوڙهن جا)

[206]- ننڍي نهر، ڪسي

[207]- اندر ۾ ڳجها ڳوڙها ڳاري نينهن جي نئين وهائڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com