سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :21

داستان ٻيو

 

1

اَڄُ پِه وَسائِي اوٺِين، مَٿي مارَڳ[1] ماڪَ،

پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،

هَيهَاتَ هَيهَات لِمَا تُوعَدُونَ[2]، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،

چُڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هلي وِيا.

2

مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساهيڙِيُون سَهجان[3]،

اَلسفَرُ قِطعَہُ مِنَ النّارِ[4]، هارِي موٽُ هِتان،

سَگُ صِرَاطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿِئِي تان اَڳِيان،*

سي ڪيچِي نيندءِ ڪِئان[5]، تُنهِنجو نينهنِ نِفاقَ سين.

3

جَڏان[6] ڪُن فَيَڪُونُ[7] چَئِي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،

انگُ اَڳهِين لِکِيو، مُنهِنجو مِثاقاءَ[8]،

مَن طَلَبَ شَيئا وَ جَدّ وَجَدَ[9]، اُتو عَلِيءَ شَاهه،

 اَڃا هِنَ حَدِيثَ[10] جو، مُون آسَرو آهه،

پُنهُونءَ جي پَيغامَ تان، منهنجو موتَ مُباحُ[11]،

سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاهُه، ته ميڙائو مُون ٿِئي.

4

سَبَہَ[12] سِياهي، آهي آرِيءَ ڄاَ ري،

ڪَڏِهن پَسي ڪانَه ڪا، ريءَ لالَنَ لالائِي،

دُودُ[13] دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ، ساڄَنَ صَفائِي،

’مَن لَا شَيخَ لَہُ فَشيخُہُ الشيّطانُ[14]‘ اِنَ رِيءَ اُونداهِي،

هُوءَ جا هَلِي هيڪَلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي[15]،

’بِلا شَيخِ مَن يّمشِي فِي الطّرِيقِ[16] اَهَڙِي اَوائِي[17]،

تنهن[18] رِيءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِينِ ڪِيتَريُون.

5

بَرُ وَڏو بارُ گَهڻُو، وِيجهو نَه وَڻِڪارُ،

ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ[19]،

وَڻَندُنِ ته وَڙِ ڪَندا، نَاتَ اَڳِينِ جو اختِيارُ،

ڪاڏي ٿِيو ڪوهيارُ، ڪِٿي ٿِي هَٿَ کَڻي!

6

ڪيڙي[20] ڪيچايَنِ، گورا گَسِ هَلائِيا،

لَڙِيو، چَڙهِيو چوٽِيين، ڪَرِيو ڪوهَه ڪِڙَنِ[21]،

سُونهَنِ جي سَردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرٽِجَنِ[22]!

لَطِفَ ساڻُ، لَطِيُ چي، لنگِهيو بَرُ بوتُنِ[23]،

تَنِ ڪِهڙو غَمُ گُنگَنِ[24]، هوتُ حِماتِي[25] جَنِ جو.

7

جاڳائي جَتَنِ، گنئورا گَسِ هلائِيا،

پَهُتي رِيءَ پَهاڙَ ۾، اُٺَ مَ آگَهٽجَنَ[26]،

لَتاڙي، لَطِيفُ چي، لنگِهيو بَرُ بوتَنِ،[27]

تَنِ ڪِهڙِي چُڪَ[28] چانگَن، هوتُ حِماتِي[29] جَنِ جو.

 

8

ڀنِيءَ ٿا ڀَرِين، ساٿِيَنِ سَنڊَ[30] هَٿَنِ ۾،

ليڙَن جو، لَطيفُ چي، مُون کي مَنجُهه نه ڏِينِ،

هوتُ پُنهُون ٿا نِينِ، اَسُونِهيءَ[31] جو آجِڪو[32]!

9

پُڻِ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَچُ اُباکَرا[33]،

پَہَ، پَاريسِيُون[34] پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏيِهاڻِي ڏِين،

هوتُ پُنهُون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِيو.

10

پُڻِ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گَهڻُو اُٻاهَرا،[35]

هُوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳاهُون[36] ڳالهائِين،

مون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سانباهِي[37] ڪِيو.

11

اوڳارِينِ نه آنِر[38]، ٻڌا چَرَنِ نه ٻُورُ،

ليڙَنِ کي، لَطِيفُ چي، هَلَڻَ جو مَذڪُورُ،

مَيَنِ کي مامُورُ[39]، آهي اُڻِتُڻِ اَڳِيين پَنڌَ جِي.

12

ويٺي ٻُڪي ٻاڦَ،* جهلي جُهنڪَ[40] جُهِڻي ڪِي،

آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ دُدا[41] ڌَڙَ داڦ[42]،

لَنگِهيا لَڪَ، لَطِيفُ چي، توڏا تَڙَ، ٻَنگَ، طاڦ[43]،

ڪيرَ لَنگهندِي قافَ[44]، اِيءُ بَرَ بَرَهمَڻِ باسِيو.

13

دوڪَ[45] دَهِلِيا جِتِ، گنؤرا هَلَنِ نه گَسَ ۾،

چَؤ سالَ ئِي نه چَلِڻا، ٿِي تَنگَ[46] نِهاري تِتِ،

سُوِي اُنِين[47]، سَيّدُ چي، پوءِ[48] پانچارِيَنِ[49] پِرِتِ[50]،

اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جِي، ڪا نيشَنِ[51] پوءِ نِرِتَ[52]،

سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا اَهَڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.**

14

هَئي هَئي ڪِيو ’هاءِ‘، ٿِي پانُ هَڻي سِرِ پاهَڻين[53]،

لَڌائِين، لَطِيفُ چي، جُوءِ جَتَنِ جِي جاءِ،

شُڪَرَ، بارِ[54] سَنداءِ، سُٽاڻي[55] ساٿِ مِڙِي.

 

وائي

لالَڻُ آيَو پيهِي، ويَئڙا سُورَ سَڀيئِي،

جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيُون! منهنجو لالَنُ آيو پيهي.

ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجهيُون، مُنهن مقابِلِ ويهِي،

جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيُون!

کَٿُورِيءَ بارُ ڀَري، آيو ڏُونگَرَ ڏيهِي،

جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيُون!

سَرڪَشي سَردارَ سين، مون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهي[56]،

جِيَس جِيَس، وو جيڏِيُون!

هُئِي شِڪَسِتي سَسُئي، رازَ پُنهُونءَ جي ريهِي[57]،

جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيُون!

اَدِيُون، عَبدُاللطِيفُ چئي، سَڄَڻِ آيَمِ سيئِي،

جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيُون!


 

 

داستان ٽيون

 

1

اللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا ڪَرَها مَ ڪاهِيو،

جانِبَ! جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو[58] آهِيو،

لاڳاپو لاهِيو، مَتان منهنجو سُپِرِين!

2

اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِهو[59] مَ لُرَ[60]،

نِهو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانهِيءَ جَهلي ٻُرَ[61]،

مون کي ماري مَنجِهه ٿِي، سَندي هوتَنِ هُرَ[62]،

ڪَچو لائِيان ڪُرَ[63]، ڪيچان اوري جي وَران.

3

ڪيچان اوري ڪِٿَهِين، وَڻُ نه ويساهين[64]،

ڪَمِيڻِي ڪيچِينِ لَئي، پُورِج[65] پَرانهين،

تاڻِج تيڏانهِين، وارِج[66] ڪا مَ وَرَڻ جِي.

4

ڪيچان اوري ڪيتِرِيون، مَعذُورِيُون مُيُون،

واٽُون وِيهَه ٿِيُون، ڪُهُه ڄاڻان ڪيهِيءَ وِيا؟

5

اَلا! اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿِيئي،

پسان مانَ پَرِ ڪنهين[67]، جَتَنِ سَندِي جُوءِ[68]،

لَنگهي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، سُڻِيان هوتَنِ هُوءِ،

گولِي ٿِيان گُلبُوءِ[69]، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.

6

ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ[70]،

بوتي[71] ۽ بَلوچَ جِي، رِڙهِي پَسان رُوءِ[72]،

لَنگهي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پُڇان ڪيچِيَنِ ڪُوءِ[73]،

گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي مُون نِهو[74] پاڻَ سين.

7

ڪيچا آيو قافِلو، ڀَليرو ڀانئيان،

پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱنِ کي لايان،

چَنبيلِي چايان[75]، جي مُون نِهو پاڻَ سين.

8

ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،

پَسَندي پُنهُونءَ کي، اکين ڪِيو آرامُ،

ناتَرِ[76] چايان نامُ، جي مُون نِهو پاڻَ سين.

9

ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ[77] سُونهارِيءَ جوڙَ،

تَلِيارا[78] توڏَنِ کي ڳِچِيءَ سُونهَنِ موڙَ[79]،

دؤلَتَ[80] چايان دوڙَ[81]، جي مُون نِهو پاڻَ سين.

10

ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچارِيءَ توڏَ[82]،

سِينگارِيائون، سَيدُ چي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏَ،

لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان! تَنِ جَتَنِ جي.

11

ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌڻِي سَرواڻُ[83]،

وارَ وَڍي واڳون ڪَرِيان، پُئان[84] هُوند پَلاڻُ،

جِهَڙو پُنهُون پاڻُ، تَهِڙي سِٽا[85] ساٿَ جِي.

12

جُهوڙا[86] جَنِ جُهلُنِ[87] ۾، هِيري لَکَ هَزارَ،

لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهُونءَ کي پالارَ[88]،

آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِهَڙِيءَ سِٽَ سُوارَ،

لَنگهي ڪالهَه قَطارَ، تُون آئِي[89] اَڄُ نِهارِيين.

13

مِزِمانَنِ مَهِرِي[90]، آڻِي جهوڪِيا جهوڪَ[91] ۾،

چائي[92] چَنَبنِ ۾ وِيا، جيئن بازُ سَٽي بَحرِي[93]،

ڪوهِيارو[94] قهرِي، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾!

14

ڪيچِي ڪالَهه وِيا، اَدِيُون! آڌِيءَ راتِ،

جاڳان تان جيڪِين ٿِيو، وِهاڻِيَ پِرِڀاتِ،

ڦوڙائو[95] فَقِيرِ کي، ڏنو جَتَنِ ذاتِ،

رَفِيعَ الدّرجَاتِ[96]، پَرَمَلُ[97] پُنهُون ميڙِيين!

15

مُون ڀانيو مُون وَٽِ، هَميشَه هُوندا پرِين،

ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو[98]، پَهرِي ويا پَٽِ،

ساهُه جَنِين جي سَٽِ[99]، وِڪِيمُ ٿي وَڻِڪارِ ۾*.

16

مُون ڀانيو مِزِمانَ، هَميشَه هُوندا پِرِين،

ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ڪَهَلَ ڪِيائُون ڪانَ،

ڏيئي وِيا ڏاهِه[100] کي، سُورَنِ جا سامانَ،

جورو[101] راتِ جُوانَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!

17

ڀانيُمِ جي سَرِواڻَ، ڇُلائِيندَمِ ڇَپَرين،

کانيَمِ[102] هوند پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَم[103] اُنِ جا.

18

ڪاڏي مُنهن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو؟

هِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تانم ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،

ڪوهِيارو ڪامَ[104] هَڻِي، چوري چِتُ وِيو،

جَنِين جَتُ نيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آهِيان.

19

بِرهَه مَڻايُسِ[105] بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌون ڪَري،

گَهڻُو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لئي ڏُنگَرُ،

وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُييءَ جا سابِ پِيا[106]،

20

وَرَ[107] ۾ ڪونهي وَرُ[108]، ڏيرَنِ وَرُ[109] وَڏو ڪيو،

نِهارِينديَسِ نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَه[110] رَتيُون ٿِيين!

21

وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪ،

هُو جي آڏا حَقَ[111]، سي ڪَندا ڪوهُه ڪَندِيَنِ[112] کي؟


 

وائي

هوتَ! نه ڀانُيمِ هيئن، آئُون جا مارِي، سَڄَڻَ تنهنجي نينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

عِشِقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

جهونگاريندي جَهنگَ ۾، ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙِي ڏينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

آن جا ڇَڏِي ڇَپَرَين، ڪيچِ رَسَندِي ڪيئن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

وِلَهِي[113] هِتِ وَسائِيا، سَندا مَحَبَتَ مينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇپَرِ وِيندين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، پَهُچان سيڻَن سِينءَ[114]،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپرِ وِيندين.


 

 

داستان چوٿون

 

1

وارو![115] وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا[116] اَظلامَ[117]،

آندائُون آرِيءَ جا، پُنهُونءَ ڏي پَيغامَ،

پَهُه ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُونهان[118] مَخِفي مامَ،

سَنڀُوڙا[119] ساٿُ کَڻِي، ويساهي[120] وَرِيامَ،

ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا.

2

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جابِرَ ڪَري جورُ،

بيدِي[121] ٿِي ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.

3

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،

هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قولَ[122] قِيامَ* جا.

 

4

وارو[123]! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏير ڪَري ڏورو[124]،

ساڄَنَ رِيءَ سَرَتِيُون! آتَڻُ[125] اَڌُورو،

نِيءَ[126] سين نسورو، حَشَرُ ڪَري هَلِيا!

5

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جوري سين جابِرَ،

صَبُرُ ڪيئن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.

6

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙِهِيءَ ڀَنڀا[127] ڏِيرَ،

ڏينديَسِ ڏاڍين ڏُنگَرِينِ، اُنِين لَئي اُلِيرَ[128]،

ڪيچِ پَهُچي ڪيرَ؟ وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.

7

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، تَه ڪِي اوٺِي ڪَندا ايئن،

ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪيئن، جَڏِي راتِ جَتَنِ ڪِي!

8

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبُحِ سارِيَمِ سُورَ،

جَتَنِ لاءِ ضَرُورَ[129]، گَهڻا گهارِيَمِ ڏينهَڙا.

 

9

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبُح سارِيَمِ سُورَ،

آڌِيءَ راتِ اُڌَمِيو[130]، ڏينِ پَلُٽِيو پُورَ،

جَتَنِ جي ضَرُورَ،[131] مادَرِ! مارِي آهِيان!

10

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَس سُورَ صُبُوحِ،

نيڻَ هيرايئه نِنڊَ سين، جِتنِ لَنگهي جُوءِ،

هاڃِو ڪَري هُوءِ آڌِيءَ راتِ اُٿِي وِيا!

11

آڌِيءَ اوءِ اُٿِي وِيا، ڪَرُ[132] رَکِيائُون ڪيچ،

ٻاروچاڻي پيچ، مُنهِنجو مَنُ مُنجهائِيو!

12

جَڏِي وَٽِ جالي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ[133] سِينءَ[134]،

آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،

عَيبَ مُون ۾ اَڳَرا[135]، مانَ نِرمَلُ[136] نِڪالي[137]،

پَرِٽِياڻي[138] پالي[139]، ڪامِلُ نيندو ڪيچَ ڏي.

13

پَرِيَٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي[140] آهِيان،

حُسنَ هوتَ پُنهُونءَ جي، ماري مَوتِ وِڌِياسِ،

جانڪِين تان[141] جيئندياسِ، پيَسِ وَرِ[142] وِصالَ جي.

14

پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذاريَمِ، جيڏِيُون!

جَنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،

ايرادي آڻي، سانگِيَنِ[143] سين سَڱُ ڪِيو.

15

اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورهِيَتَ پُنهُونءَ ڄامَ جو،

هوتُ کَٿُورِيءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،

آتَڻَ مَنجِهه اُگَهٽَ[144]، ڪانڌُ ڪِهِين[145] جِي مَ ڪَري.

16

گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهُونءَ پارِچو[146] هَٿَ ۾،

اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ،

ايءُ ڪامِلَ! ڪَمُ نَه سَندوءِ، جيئن پَهَسَ[147] پڇاڙِيين[148] پوتِيين.

17

نه ڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ نه ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

هورُ[149] مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هورُ،

زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.

18

ڇورِي نِدورِي، نه ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،

آئُون پُڻ آهِيان اُنِ ۾، لَنگِهي[150] ۽ لورِي[151]،

لَنگهائِن، لَطِيفُ چئي، ٿَرَنِ جا ٿورِي[152]،

آهِيان اَزورِي[153]، تُنهنجي جوري[154] جَبَلُ لَنگِهيان.


 

 

وائي

ڇا کي ٿا ڪَرَهَه قَطارِيو، وو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نه چَيو.

اللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! اَئين واڳَ وَٺي وَرُ وارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.

رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان ڪا گَهڙِي هِتِ گهارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.

سِڪِي جنهن سَڱُ ڪِيو، تنهن مَعذورِ کي مَ مارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، دوستَ! دَرَسَنُ ڪارِيو[155]،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.

موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.

اَڀَرِ، عَبدُاللّطِيفَ ڏي، واڳَ وَنهِيَلَ[156] اَئِين[157] وارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪِين نَه چَيو.


 

 

داستان پنجون

 

1

جيئن سو هَرَڻُ هُماءُ[158]، سَرگَردان سَنسارَ ۾،

هِيءَ پَڳُ[159] نَه کوڙي پَٽِيين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساهُ،

جيڪُسِ[160] تَنِ مُلاءُ[161]، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.

2

راتِ ڏِٺائِين روجَهه[162]، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا،

پِرِيَتَڻي[163] پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهه[164]،

هُئِي گَهڻُو اَٻوجَهه، سُورَنِ سُونهائي[165] سَسُئِي.

3

روجَهه ڏِٺائِين راتِ، هوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،

ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِيئي، توءِ[166] تَنِين جي تاتِ،

ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَناءَ[167] مُئِيءَ نَه وِسَرِي.

4

جَبَلَ ۾ جانارَ[168]، سَرَهَه[169] گَڏِبئي سَسُئِي،

ڀِنِيءَ پوءِ ڀَوارِئي[170]، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،

هوتاڻِي هيڪارَ، مولا! مون کي ميڙِيين.

5

سَمَرُ جَنِين نَه ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو،

ڪَري ڇيڄَ[171] ڇَپَرَ ۾، پُنهُون اِيندو پاڻَ،

ٿِيندِي رِيجَهه رِهاڻِ، لَحظي مَنجِهه، لَطِيفُ چئي.

6

پَسِي سي سَرَهِي ٿِيئي، جي مَيَنِ لَنگِهيا مَسَ،*

تِٿُ[172] تنهن کي ناهِه ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،

حُبَ جَهِين کي هوتَ جِي، وندُرُ[173] تنهن کي وَسَ[174]،

سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ[175]، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.

7

سَسُئِي لنگِهيو سو[176]، مَردَ جنهن ماتُ ڪِيا،

جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ[177] مِڙوِئي نينهن کي.*

8

جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،

توڻي لَڪَنِ لَکَ، سَڀ لَنگِهيندِيَسِ سِڪَ سين.

9

جَبَلُ جيڏوئِي، جو آڏو آريچَنِ کي،

وَٺِي وَرُ، واٽَ وِيا، بُرفَتَ[178] بِروهِي،

رُڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!

10

جَبَلَ سُڄَن جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،

هاڙي ڏانهن هَٿُ کَڻِيو، ڇَپَرِ مِڙان شالَ،

ڪيچِي وِيئڙَمِ ڪالَ،[179] تي[180] ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.

11

ڇَپَرَ ڇَمَرُ[181] ڀانئِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو[182]،

پَٻُ وِجَهنديَسِ پُٺِ تي، صُبُحِ سَوارو،

وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِيهَنديَسِ وِچَ ۾.

12

ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَهَه[183] لَڳَنِ پاڻَ ۾،

آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا[184]، ويڌَ[185]، وِنگايُون[186]، وَرَ،

آئُون پِيادِي پَٽِين، نِماڻِي، نِڌَرَ[187]،

سُورِيُون جِتِ، سَڳَرَ[188]، اُت ٻاتاڙِي[189] ٻيلِي ٿِيين!

 

وائي

هينئڙو ٿو هُنِ ساري، منهنجو ساهُ سَيدَ کي ٿو ساري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

هوتَنِ هَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گَهڙِي هِتِ گهاري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

آسَرَ ڀَرِي آهِيان، مانَ واحِدُ آڻِينِ واري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

پَنڌَ اڙانگا پَٽِين، مون کي ڪوهِيارو ٿو ڪاري[190]،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

سَچو سُخُنُ سُپِرِين، مانَ پُنهَلُ پنهنجو پاري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

ڄيرو اَندَرِ ڄِندَڙي، ويو ٻاروچَلُ ٻاري!

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، هِنَ ويچارِيءَ واري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چِي، وِهَندُمِ ڪِينَ وِساري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي، وِيندِي هوتَ ڏي،

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهَندِي، وِيندِي ڪيچَ ڏي.


 

 

داستان ڇهون

 

1

آڏَتِراڇا [191]، آهُڙا [192]، ڏُونگَر کي ڏاڪا،

ڪِيَم آهَه عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،

پيئِي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَن[193] ڪا،

منهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.

2

آڏَتِراڇا آهُڙا، ڏونگَر کي ڏاڪا،

وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙهِي باڪا[194]،

ڦَٽِيا پيرَ فَقِيرَ جا، چَڙَهندي چَڙهاڪا،

هُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا،[195] وِيا پُڄائي پانهنجي.

3

آڏَتِراڇا آهُڙا، ڏاڪا ڏُونگَر کي،

هُو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،

هاڙهو هيڻِيءَ کي، لَنگهائِجِ لَطييفُ چي.

4

آڏَ تِراڇا، آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ،

حُبّ جِنهِين کي هوتَ جِي، سا ڏوريندِي ڏُونگَرَ،

پَهُچايين، پَرَوَرَ! لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چي.

5

آڏَ تِراڇا آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا واڪَ،

اُجهايَسِ[196] اُٺَنِ جي، ڦوڙائي فِراقَ،

پُنهُون پَرَمَلَ پاڪَ! واحِدَ لَڳِ وَريجِ تُون.

6

آڏَتِراڇا آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ،

جيرا، جِڳَرِ، بُڪِيُون، آرِيَ لَئي آٽَنِ[197]،

ڪَسي[198] ڪُنواٽَنِ[199]، سَنڀُوڙا[200]، سَيّدُ چي.

7

ڪوڏَرِ نَه ڪاتِي، جنهن سان ٽَڪَرُ ٽانڪِيان،

جيڪو جَبَلُ لَنگِهيان، سو هَيبَتَ جو هاٿِي،

پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَه لَهي.

8

ڪَرِڙا[201] ڏُونگَرَ، ڪَهَه[202] گَهڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، بَيرانُ،

ڏاهَنِ ڏاهَپَ وسَرِي، ٿيا حَرِيفَ ئِي حَيرانُ،

سَسُئِيءَ لَنگِهيو، سَيّدُ چي، مَحَبّتَ سين مَيدانُ،

جنهن جو آرِياڻِي اَڳواڻُ، تنهن جِي ڪانهي باکَ[203] بَهيرَ[204] ۾.

9

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهِڻي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي،

آڏا لَڪَ، لَطِيفُ چي، بَرَ سُڄَنِ بارِي[205]،

جا مَنزَلُنِ[206] مارِي، سا، قادِرَ ڪيچِ رَسائِيين!

10

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُون[207]،

ليڙَنِ جون، لَطِيفُ چي، تَنگِ[208] تَنوارُون پُونِ،

جَن ڏِٺو پيرُ پُنهُونءَ جو، سي نه ڪِين رُونِ نَه چُونِ،

هُوندَنِ[209] مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا*.

11

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ ماتَرِ مَٿانهِين،

سُڄَنِ ٿا، سَيّدُ چي، اُتِ مِرُون مَهائِين[210]،

تُون، آرِياڻِي! آهِين، مَنَهِه[211] مَذُورِيَنِ جي.

12

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهِڻي، جِتِ وِيا روڏا[212] رِنگائي،

ساڱاپي[213] سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،

رهِيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چي، تنهن ڪَمِيڻِيءَ ڪاهي،

آرِياڻِي آهي، مَنَهِه مَعذُورِيَنِ جي.

13

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،

تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،**

جَڏهِن ڄامُ پُنهُون ڄائو، تَڏهِن ٿِي وَسَ وَڻِڪارَ ۾.

14

سِڪِي جان سُتياسِ، تان سِڪَ سُمَهَڻُ نه ڏئي،

جاڳِي سُتِيَسِ جَنِ لَئي، سي آيا تان نَه اُٿِياسِ،

ڀينَرُ! آئُون ڀُلِياسِ، نَه تَه سِڪَ سُمَهَڻُ ڇا لَڳي.

15

ماڻِڪُ[214] مِٽُ سَندومِ، اُونداهِيءَ ۾ سوجِهرو،

حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَه وِيندومِ،

سارِيو سَڏُ ڪَندومِ ڪوهِيارو ڪيچَ- ڌَڻِي.

 

وائي-1

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ سَهِي[215]،

وو ڀينَرُ! آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَه جَتَنِ ري.

وِهان ڪيئن ماٺِ ڪَري، هيڏو سُورُ سَهِي[216]،

وو ڀينَرُ! آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَه جَتَنِ ري.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي[217]،

وو ڀينَرُ! آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَه جَتَنِ ري.

اَڳِيان آرِيءَ ڄامَ جو، وِيَڙو ساٿُ وَهِي،

وو ڀينَرُ! آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَه جَتَنِ ري.

صَبحَ ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪنهن پَرِ راتِ رَهِي،

وو ڀينَرُ! آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَه جَتَنِ ري.

 

وائي-2

گُهمان جالَ جَبَلُ، مِيان! جيڏِيُون! جانِبَ جَتَ لَئي،

ڏورِيندِيَسِ ۾ ڏُونگَرين، ڪَندِيَسِ آئُون اُڇَلُ،

جيڏِيُون! جانِبَ جَتَ لَئي.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀورَ ۾، رَهان نا هِڪُ پَلُ،

جيڏِيُون! جانِبَ جَتَ لَئي.

پُنهُون پاڻَ نَه وَڃِڻو، ڪو مُنهِين ۾ وَلُ[218]،

جيڏِيُون! جانِبَ جَتَ لَئي.

اوڏي ٿِي، عَبدُاللّطِيفُ چي، هوتَ ڪارَڻِ هَلُ،

جيڏِيُون! جانِبَ جَتَ لَئي.


 

 

داستان ستون

 

1

پُنهُون سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ،

ڀَنڀي[219] هِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِهَڻُ وِهُه ٿِيومِ،

مَتِيُون[220] موٽَڻُ سَندِيُون، ڪاڪِيُون! ڪِيمَ ڏِيومِ،

سَرَتِيُون! ساهُه سَندومِ، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.

2

ڪُڄاڙِئان ڪاهي، شُتَر[221] اُن سِينگاريا،

ٽَلِيُون، ٽؤنَر، هَلَوِيُون[222]، وِيا ڇيرون[223] ڇَمَڪائي،

لَنگِهيا لَڪق، لَطِيفُ چي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسَرو آهي،

واڳؤن وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي!

3

ڏانجَهن تي ڏانجها،[224] ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،

لَڳِيَسِ نائُڪَ[225] نينهن جِي، ڪُڙِهه[226] اَندَرِ ڪا جا،

ٿَرَنِ ۾ ٿاجا[227]، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.

4

ڪو مِنهُن[228] ڪُٺَلِ آئِيو*، وَسِ نه ويچاري،

هوتَ! تنهنجي هَٿَ ري، پَهُچي نَه پارِي[229]،

اَچين جي، آرِي! ته پاندَ پُڄِي لَڪُ لَنگهِيان.

5

ڪو مِنهُن ڪُٺَلِ آئِيو، ناهِه ويچاريءَ وَسِ،

هوتَ! تنهنجي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي مَ گَسِ،

ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، تَه مُوڙِهِيءَ ڪو مُنهَن ٿِئي[230].

6

ڪَڏِهن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ! مُڃُ[231] سَلامُ،

سِڪَ تنهنجي سُپِرِين، ڪِيو تَنُ تَمامُ،

هَٿين حاجَ وِهُه ٿِئي،[232] نيڻين نِنڊَ حَرامُ،

دوسَ! نَه سَهان دمُ[233]، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرين[234].

7

سُرَهِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،

بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ[235]،

سَندِيَ هوتَ حِماتَ[236]، ڪيچِ پَهُتو قافلو.

8

بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون[237] مُڪِيُون،

ٻَهِه ٻَهِه ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ[238]،

راڻِنِ وَرِي رُوءِ[239]، گُوندرَ لَٿا گولِيين.

9

جَڏِهن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهُونءَ جِي،

پَرَهي[240] وِيٺِيُون پَٽَ، گُوندرَ لَٿا گولِيين.

10

جَڏِهن پيئِي باسَ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهُونءَ جِي،

اَدِيُون! آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،

آيَلِ! پُنِي آسَ، پُنهُون آيو ڪيچَ ۾.

11

آيَلِ! اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي هَلِيا،

سُڪِيُون نَه سيڻَنِ جيِ، ماڳَنِ تان ماڪُون،

نِسورِيُون ناڪُون[241]، سَڃي[242] هَلِيا سُورَ جُون.

12

جَتَنِ سان جانڪُون،[243] سَرَتِيُون! مُون سَڱُ ٿِيو،

ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون[244]،

آئُون پُڻِ تَڏاڪون[245]، اَڌَ- ڏُکوئِي آهِيان.

13

مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَهي،

هوندَ نَه سُتِيَس، سَرَتِيُون! وِيهِي رَهِيَسِ وَڙِي[246]،

جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گَهڙِي،

ڪيچِيَنِ آن نَه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.*

14

ڏيرَنِ ڏوهُه نَه جيڏِيُون، ماءِ! مِڙوئِي مُون،

آئُون اَسُونهِين، اُو سُونهان، پِرين سَندا پَرَڀُون[247]،

اَصلِ آرِيءَ ڄامُ جو، پاندُ نه پُڄِتوسُون[248]،

جنهن جو تونهِين تُون، سي پِيادِيُون پَهُچائِيين!

15

اَدِيُون! آئُون نه تيئن، جيئن پِرِيَتَڻُو پِرِينِ سين،

ٻَڌِي سُتِيَس سوگهو، ڇَلوَرُ[249] ڇاتيءَ سِينءَ،

تَه ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها، مونهان وَڃَنِ ڪِيئن؟

ڏوهُه منهنجي ڏينهن[250]، پُنهُونءَ کي ڪامَ چَئي.

 

وائي-1

لَڳَڙِي آهِه لَغارَ، وو! يارَ! لُونءَ لُونءَ[251] ۾ لالَنَ جِي،

سَنڌَ سَنڌَ ۾ ساڄَنَ جِي.

آئُون سُتِي، هُو هَلِيا، سَنجهي ٿِيَئڙا سُوارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

جيڪِين اورَڻُ پِرِيَنءَ سين، جيڪِين پريَنِ پَچارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

کُوءِ[252] سي جيئڻ ڏينهڙا، جِي پُونِ پِرِيِنَئان[253] ڌارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

لَڳِي آهي، نه لَهي، سَندِي عِشقَ پَچارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

گَهڻُو اُڪَنڊِي آهِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ[254]،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون! ساڻُ قَطارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، هينئَڙي مَنجِهه هَزارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ[255] کي چَوڌارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي[256] دَمِجَ[257] تُون دِلِدارَ،

وو يارَ! لُونءَ لُونءَ ۾ لالَنَ جِي.

 

وائي-2

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان! دَردَ فِراقَ نِي، مِيان!

پُنهُونءَ سائِينءَ، جيڏِيُون! اَلولو! مارِي آهيان!

اَدِيُون! آرِيچَنِ جي، آئُون نِهوڙِيَسِ نِفاقَ،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!

ڏُونگَرُ ڏورِيو نَه ٿِئي، مُون وِلَهِيءَ کان واڪ[258]،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!

 

وائي-3

تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، لَڪَ لَنگِهيائُون،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيهَه ۾، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آئُون،

چَڙهِي ڏاڍِين ڏُونگَرين، ٻانڀَڻِ اُڇَلي ٻانهُون،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيهَه ۾.

هُيَسِ پاسِ پَرِٽَ جي، ٻانڀَڻِ ڌِيءَ نائُون،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيهَه ۾.

وائي-4

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، ٻاروچَلَ! ٻانهِي.

جانِبَ جَهِڙو جَڳَ ۾، ناهي ڪو ثانِي،

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَريين.

پُنَهَلَ! نِيو پاڻَ سين، پورِهيَت پَرِٽِياڻِي،

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

پورِهيو ڪَندِيَسِ پِرَ[259] جو، ڀَرِينديَسِ پاڻِي،

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين.

هوتَ! مَ ڇَڏِيو هيڪَلِي، هيءَ جا وِندُرِ وِڪاڻِي،

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، اِيندَمِ آرِياڻِي،

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.


[1]. رستي، گس

[2]. پري پري آهي اها ڳالهه، جنهن جو توهان کي ڊپ ڏنو ويو آهي (ق-23، 38)

[3]. سهج يا ڪوڏ مان

[4]. مسافري باه يا دوزخ جو ٽڪرو آهي. (عربي پهاڪو* جتن سان تنهنجو انگ اهڙو اڙانگو آهي، جهڙو پل صراط تان هلڻ، جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي آهي.

[5]. ڪٿان

[6]. جڏهن

[7]. ’ٿي‘ ۽ پوءِ اها ٿي پوي، (الست کان).

[8]. ازل کان

[9]. جو ڪنهن شيءِ جي طلب ڪري ٿو، ۽ ان جي ڳولا ۾ سعيو ڪري ٿو، سو ضرور اها شيءِ لهندو

[10]. چيو

[11]. حضرت علي

[12]. سڀ

[13]. دونهون

[14]. جنهن کي ڪو مرشد نه آهي، تنهنجو مرشد شيطان آهي (صوفي چوڻي)

[15]. هٺ گمراهه ڪئي

[16]. جو مرشد کان سواءِ طريقت ۾ هلي ٿو

[17]. بد وائي يا خراب ڳالهه

[18]. تنهن (مرشد)

[19]. جوابداري (آسرو)

[20]. سيکاري، سزا ڏئي

[21]. ڪڻڪن

[22]. ٿڪجن، ٽٽي پون

[23]. اٺن

[24]. گونگن، اُٺن

[25]. حمائتي، مددگار.

[26]. ٿڪجن، ٻوساٽجن

[27]. اُٺن

[28]. چيلهه جو سور

[29]. حمائتي، مددگار

[30]. ساندارا

[31]. اڻ واقف

[32]. آذقو، سمر، آڌار

[33]. اڀکڙا، تڪڙا

[34]. پارسي يا ٻروچڪي ٻولي

[35]. اُٻهرا، تڪڙا

[36]. پروليون

[37]. تياري.

[38]. گاهه جو قسم (لؤنش)

[39]. امر ٿيل، ڪنڌ تي پيل

*. ٿڪ سبب ويٺي ٻڪ ڦوڪي

[40]. واءَ جو جهوٽو

[41]. ٿلها

[42]. گول مول

[43]. گهيڙ ۽ وَر وَڪَڙ ۽ ڏنگا پيچرا

[44]. جبل

[45]. ٻه ڏندا پنجن يا ڇهن سالن جا اُٺ

[46]. لڪ

[47]. انهن لڪن تي

[48]. پوي

[49]. ڦوه جوان گهوڙو (اٺ)

[50]. ٻاجهه

[51]. پورو جوان اٺ

[52]. ٻوجهه، سمجهه

**. پنڌ اهڙو اڙانگو آهي جو ننڍا اٺ ته ڇڏيو، پر انهن کان پڪي عمر وارا اٺ به بتال ٿيو بيهيو رهن: پر نيشن کي ئي انهيءَ جو پورو پتو آهي. سسئي سچي ڪامل عاشقياڻي چئبي جو اهڙا پنڌ ڪري ٿي.

[53]. پٿرن مٿان

[54]. باري، خدا

[55]. سٺي وقت.

[56]. ڪهڙي

[57]. ريجهائي

[58]. آسرو، آڌار

[59]. نيو، وٺي وڃو

[60]. تڪڙ ۾، اٺ جي تيز رفتار

[61]. وارن جي چڳن کان

[62]. يادگيري

[63]. ڪٽنب، خاندان

[64]. ساهي پٽڻ

[65]. هلج

[66]. چئج

[67]. ڪنهين نموني

[68]. جاءِ، هنڌ

[69]. گلبوءِ نالي ٻانهي.

[70]. نموني ريت

[71]. اُٺَ

[72]. منهن

[73]. گهٽي

[74]. نيو، وٺي هلو

[75]. چنبيليءَ نالي ٻانهي چوايان، سَڏايان

[76]. ٻانهيءَ جو نالو

[77]. جوان، بهادر، وڏو

[78]. ٽلين وارا (موڙ)

[79]. ٽؤنر، جهاٻا

[80]. ٻانهيءَ تي ڪوڏ جو نالو

[81]. خسيس (ٻانهي).

[82]. لوڏ، رفتار

[83]. سردار، شتربان، جت

[84]. پَوان

[85]. ترتيب، رٿا

[86]. لٽڪندڙ، ٽؤنر

[87]. اٺ جو پوش

[88]. ٽاريون، باندر

[89]. اَمڙ

[90]. ڀلا اٺ

[91]. اٺن جي وهڻ جي جاءِ

[92]. جهپو هڻي کڻي ويا

[93]. سامونڊي، وڏا

[94]. جابلو، پنهون.

[95]. جدائي

[96]. اي وڏي درجي وارا

[97]. پاڪ

[98]. وڏو چڪر هڻي

[99]. عيوض

*. جن تنا ساه وڻڪار ۾ صدقي ڪيم.

[100]. ٻانهي نڀاڳي

[101]. جور، ظلم، زور، زبردستي

[102]. ساڙيم

[103]. ڏنڊن سان ڪٽايم.

[104]. ڪامڻ، جادو

[105]. منايم، قبول ڪرايم

[106]. سجايا ٿيا

[107]. مڙس

[108]. ڏنگائي لڱائي

[109]. مڪر، ڍونگ ڦيرو

[110]. جبل

[111]. مڙس، خدا، سچ

[112]. ڪوشش ڪندڙن، مجاهدياڻين.

[113]. غريب، مسڪين

[114]. تائين.

[115]. وارو ڪريو!

[116]. آريءَ جو اولاد، پنهونءَ جا ڀائر

[117]. ظالم

[118]. مون کان

[119]. سنڀرائي روانا ٿيا

[120]. ويساهه ڏيئي دولاب ڪري

[121]. سڃ، رڻ پٽ

[122]. ڳالهيون (نشانيون)

*. قيامت

[123]. وارو ڪريو! مدد ڪريو!

[124]. زور زبردستي

[125]. ڪتڻ لاءِ وهڻ جي جاءِ

[126]. کٽياڻيءَ.

[127]. ڳاڙهي ڏاڙهيءَ وارا

[128]. اُڇل، ٽپو، اُلر ڪري ويندس

[129]. ضرَرَ وارا، ڏکيا

[130]. جوش کائي، اُٿلي

[131]. گهرج، تانگهه

[132]. رخ

[133]. ذري، لحظي

[134]. تائين

[135]. گهڻا

[136]. پاڪ

[137]. ڪڍي

[138]. کٽياڻي

[139]. پالي وڏي ڪري، پنهنجي ڪري

[140]. ڌيءَ

[141]. جيسين تائين

[142]. حوالي

[143]. اتفاقي پرديسين

[144]. اوگهڙ، پڌرائي، راز کولڻ

[145]. ڪنهن.

[146]. ڪپڙو

[147]. زور سان

[148]. ڌوئين

[149]. فڪر، ڳڻتي

[150]. مڱڻهار، پينو

[151]. ڪميڻي؛ ذات جو نالو

[152]. ذات جو نالو

[153]. ڪمزور

[154]. زور تي، آسري.

[155]. ڪرايو، حاصل ڪرايو

[156]. مڙس، ڀتار

[157]. اوهين

[158]. (سوداءُ) وهمي پکيءَ جو نالو

[159]. پير

[160]. شايد

[161]. وٽان.

[162]. اڇن پيرن وارا هرڻ، جهنگلي جانورن جو قسم

[163]. عشق

[164]. سمجهو

[165]. واقف ۽ هوشيار ڪئي

[166]. تڏهن به

[167]. من مان

[168]. جانور

[169]. ڦاڙهي جهڙو جانور

[170]. ڀؤ يا ڊپ واري، هيبتناڪ

[171]. ناچ جو قسم

*. پيچرا جي اٺن تڪليف سان لتاڙيا.

[172]. تت، اتي

[173]. نئين ۽ جبل جو نالو

[174]. آبادي

[175]. ذائقو.

[176]. اهو جبل

[177]. هيٺاهين زمين

*. عشق اڳيان وڏو جبل به ميدان (آسان) آهي.

[178]. ذات جو نالو، ڦورو، چور

[179]. ڪالهه

[180]. تنهن ڪري

[181]. ڪڪر، نالو جبل جو

[182]. نالا ٽڪرين

[183]. ڪارا ڪڪر

[184]. سخت، ارڏا

[185]. ويڌن، تڪليفون

[186]. ڏنگايون

[187]. نڌڻڪي

[188]. رستا

[189]. بتال، منجهيل

[190]. ڪرائي.

[191] ڏنگا ڦڏا، آڏا ابتا

[192]. اوکا، اهنجا

[193]. (ڪن رسالن ۾) ڪاڪا

[194]. بانڪا، بهادر.

[195]. جيڪا

[196]. ساڻي ڪَيَس، نِسَتي ڪَيَس.

[197]. سڙن

[198]. ڪشي، ڇڪي

[199]. جڙا اٺ

[200]. تيار ٿيا

[201]. کَهَر، ڏُکيا

[202]. مٽي، دز

[203]. بات، پچار

[204]. قطار

[205]. وڏا ڳرا، تڪليف وارا

[206]. ڊاٻن، گهڻي پنڌ.

[207]. قسمين قسمين

[208]. لڪ ۾ ٿوريون

[209]. هستيءَ وارن

*. دنيا جو مامرو جيرن لاءِ آهي تارڪن کي هن دنيا سان ڪهڙو واسطو!

[210]. ماٿري

[211]. ڇپر، پناه، اجهو

[212]. اٺ

[213]. مائٽيءَ

**. سل! تتر سندن کاٻي پاسي کان نه ٻولي- (اهو بد سوڻ آهي).

[214]. ياقوت (پُنهون)

[215]. برابر، تحقيق

[216]. برداشت ڪري

[217]. ساهي، آرام.

[218]. ور، ڏنگ، عيب

[219]. بي ڊؤلي، بدزيبي

[220]. صلاحون.

[221]. اُٺ

[222]. اٺن جي سينگار جون شيون

[223]. آواز ڪندڙ زيور

[224]. ڏنجهن يا عذابن تي عذاب

[225]. نؤڪ

[226]. سيني

[227]. جٿا، ٽولي؛ رهاڻ

[228]. بهانو، عذر، رنڊڪ

*. ڪٺل جي منهن سامهون اهڙي ڪا مصيبت آئي.

[229]. پاليل؛ ٻانهي

[230]. منهن ٿئي، بلو ٿئي.

[231]. مُنج، موڪِل، اُماڻِ

[232]. ٿي (لاڙي لهجي ۾)

[233]. دم، پل

[234]. وقت گذارين، دير ڪرين

[235]. عمدي مشڪ (زباد)

[236]. حمايت، مدد

[237]. خوشبوءِ

[238]. خوشبوءِ

[239]. منهن وريو، سرهيون ٿيون

[240]. پهري، ڍڪي.

[241]. نائڪون، تيز چهنبون

[242]. هڻي

[243]. جڏهن کان

[244]. تڏهن کان

[245]. انهيءَ وقت کان وٺي

[246]. واڻجي، مڙهجي

*. پنهونءَ کي آئون ڪڙي نه آهيان، پر شادي وقت ڏاوڻ ڏائڻ جي رسم ڪنهن نڀاڳيءَ ادا ڪئي آهي، جو ڏيرن مون سان هي ظلم ڪيو آهي.

[247]. پرديسي

[248]. پهتوسون.

[249]. ڇليوارن گهنڊيدار وارن وارو (پنهون)

[250]. قسمت

[251]. وار وار ۾ (رڳ رڳ ۾).

[252]. کڏ ۾ پون

[253]. پرين کان

[254]. سينگار.

[255]. ٿڪل، مانديءَ

[256]. بيجان، نِستي

[257]. ساهه وجهج، جيئرو ڪج

[258]. اصل، بنهه.

[259]. پرينءَ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com