سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :13

مذڪور ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد) ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته آرين هن ماٿر جي اصلوڪي زبان کي پراڪرت سڏيو، پر پراڪرت جون هڪ کان به وڌيڪ شاخون يا لهجا هئا. هر هڪ لهجي کي به صوبائي نالي سان پراڪرت سڏيو ويندو هو. ماهرن ان وقت انهن پراڪرتن کي ٽن گروهن ۾ تقسيم ڪيو. اهو گروهه يا اهي پراڪرتون جيڪي اولهه واري حصي يعني قديم سنڌ (ديبل کان ڪشمير) ۾ چالو هيون، انهن کي گڏي ”اُڌيچيه“ نالو ڏنائون، يعني اُتر – اولهه وارو لهجو، اهو گروهه جيڪو وچ هندستان ۾ مروج هو، ان کي ”مڌيه ديشيه“ گروهه يا لهجو سڏيائون، ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي اوڀر حصي ۾ مروج لهجي کي ”پراچيه“ سڏيائون. انهيءَ دعوا کي سامهون رکي، اُيچيه پراڪرت کي هيٺين ٽن لهجن ۾ ورهايو ويو:

اُڌيچيه

 

                ڇاندس      تڪسالي پئشاچي      

انهن مان پئشاچي لهجي مان جيڪي ٻوليون اُسريون، اُهي هيون: شِينا، درادي، ڪافرستاني ۽ ڪوهستاني. شري جيرامداس دولترام جي راءِ موجب اُڀي واريءَ ٻولي جو واسطو اُڌيچيه سان هو. هن جون حدون اروڙ کان مٿي، ڪشمير جي قديم اورينءَ سرحد تائين هيون. هن جي راءِ موجب اهو لهجو، جو اروڙ کان هيٺ مروج هو، هڪ طرف ڪرمان تائين، ٻئي طرف ديبل تائين ۽ ٽئين دطرف ڪڇ تائين ڦهليل هو. اهو لهجو جاگرافيائي لحاظ کان ”ڪڇي“ ”لاسي“ ۽ جدگالي شاخن ۾ ورهايل هو.

مون اڳي هيءَ راءِ ڏني هئي ته: هر لهجي ۾ فرق وڌندو ويو، ۽ اهو فرق محاورن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، ۽ هر محاوري تي خطي وار نالو پيو ۽ اڳتي هلي اُڀي وارو لهجو هيٺين مقامي ٻولين يا محاورن جي نالن سان يعني ميانوالي، ديري والي، ۽ کيتراني سڏيو ويو. جڏهن ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪيترائي قبيلا ديري غازي خان ۽ ٻين اُترين علائقن کان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا، تڏهن سنڌ وارن انهن جي ٻوليءَ کي خطيوار نالن جي پڍيان ’سرائين جي ٻولي‘، ’سري وارن جي ٻولي‘ يا ’سرائڪي ٻولي‘ سڏيو“، ڀيرومل لکي ٿو:

”صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪ ٻئي سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آيا آهن، ۽ خود ڪشمير وارو پاسو پنجاب سميت، ڪيترو وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، تنهن ڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان جهجهو ناتو ٿيو آهي. اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اُتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو اختيار ڪندي، بهاولپوري ڏي به اهو ئي بيک ڌاريندي، ملتاني ٻوليءَ سان وڃي گڏي آهي، ۽ ملتاني، لاهور ۽ امرتسر طرف، اڻلکيءَ طرح ڦرندي ڦرندي، وڃي پنجابيءَ سان گڏي آهي، جنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي، جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي اتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي.

انهيءَ ريت سنڌ کان ڪشمير تائين ٻولين جو پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آهي“(1).

هن سڄي بحث مان نتيجو ٿو نڪري ته موجوده سنڌي ۽ سرائڪي زبانون، بنيادي طرح هڪ ئي زبان جا ٻه لهجا آهن، يعني انهن ٻنهي زبانن جو بڻ بنياد ڪا هڪ قديم ٻولي آهي، جا ڪا قديم سنڌي يا سئنڌوي زبان هئي، جا اڳتي هلي ڌار ڌار لهجن ۾ ورهائجي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. سيد نور علي ضامن حسينيءَ جي لفظن ۾ سرائڪي ۽ سنڌيءَ جو ماءُ ڌيءَ وارو تعلق آهي.(2) اها هڪجهڙائي صوتي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي روپن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. اهڙا ثبوت ضامن صاحب پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ ڏنا آهن. هو 1962ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ لکي ٿو:

”بهاولپوري زبان جي صوتياتي تشڪيل سنڌي حرفن سان ملي ٿي، ۽ حضرت راضي ملتانيءَ سنڌي زبان جي حروف تهجيءَ ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ڪري، انهن کي بهاولپوري – ملتانيءَ لاءِ ڪم آندو“(3).

هو اڳتي لکي ٿو:

.سنڌي زبان سان هن زبان (بهاولپوري – ملتاني) جو قديم زماني کان اصولي اشتراڪ ۽ تعلق رهيو آهي، ۽ اهو تعلق ۽ اشتراڪ اڄ به قائم آهي“(1).

عتيق فڪري صاحب پڻ ساڳي ڳالهه ٿو ڪري، هو لکي ٿو:

”ملتاني ۽ سنڌي ۾ صوتي هڪجهڙائي آهي“(2).

ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته موجوده سنڌي ۽ موجوده سرائڪي هڪ ئي قديم سماجي، ثقافتي لساني گروهه جون ٻه شاخون آهن.

عتيق فڪري صاحب هن سلسلي ۾ فرمائي ٿو:

”برصغير ۾ ديسي زبانون جيڪي ٿوري اختلاف جي باوجود ويدڪ زبان تي چڱيءَ طرح موثر ثابت ٿيون، انهن سڀني ۾ زياده موثر سنڌ ۽ ملتان جي علائقي جي زبان هئي، جا لهجي جي اختلاف ۽ چند لفظن جي ڦير گهير جي سبب کان ٻن نالن سان منسوب ٿيڻ لڳي، ۽ اڳتي هلي اُن ۾ نمايان فرق پيدا ٿيو“(3).

سرائڪي ٻولي، ڪنهن زماني ۾ قديم سنڌ جي اُترئين حصي ۾ قديم سنڌي زبان جو هڪ مروج لهجو هو، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي م سرائڪي ٻولي سڏيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو عرب سياحن سرائڪي زبان کي سنڌي زبان سڏيو(4).

ضامي پنهنجي ڪتاب ’سرائڪي ڪا ارتقا‘ ۾ صفحي 69 کان 87 تائين سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي جيڪا ڀيٽ ڪئي آهي، تنهن مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته سنڌي زبان ڪا سرائڪي زبان جي شآخ آهي، پر هن ڀيٽ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته موجوده سنڌي ۽ سرائڪي، ڪنهن هڪ ئي قديم زبان جون شاخون آهن، بلڪل ائين جيئن ڪڇي ۽ لاسي اُن جا لهجا آهن لهجا، البته جيئن ڪڇيءَ تي گجراتي زبان جو اثر ٿيو، ۽ جيئن لاسي تي بلوچيءَ جو اثر ٿيو، پر انهيءَ جي باوجود اُهي ٻوليون، سنڌي زبان جا لهجا مڃيا ويا آهن(1)، تهڙيءَ طرح سرائڪيءَ تي ڪجهه قدر مشرقي پنجابيءَ جو اثر ٿيو، پر اُن جي مشرقي پنجابيءَ سان ڪا به خانداني نسبت ڪانهي: مثلاً،

سنڌي فعل            سرائڪي فعل

کاڌو                    کاڌا

چکيو                  چکيا

پاتو                    پاتا

انهيءَ ٿوري تبديليءَ کان سواءِ، باقي سنڌي ۽ سرائڪي ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، مثال طور صوتي روپ، مصدر بنائڻ جون واٽون، امر ٺاهڻ جا اصول، اسم فاعل جوڙڻ جا قانون، اسم مفعل ۽ اسم حاليه جي ٺاهڻ جا قائدا، سرائڪي توڙي سنڌيءَ ۾ هوبهو هڪ جهڙا آهن. جيئن هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿيندو:

(الف) صوتي هڪجهڙايون: (i) سنڌي ۾ ڪي خاص آواز (چوسڻا يا چوسڪاري وارا) آهن، جيڪي سواءِ سرائڪيءَ جي، برصغير جي ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ موجود نه آهن مثلاً:

 

سنڌي                  سرائڪي(1)

ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ         ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ

(ii) سنڌيءَ جي اترادي لهجي ۾ ”ٽ“ ”ٽر“ ۽ ”ڊ“ ”ڊر“ صوتيا آهن. لاڙي لهجي ۾ ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ صوتيا مروج نه آهن، پر سرائڪيءَ ۾ ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ صوتيا موجود آهن. جيئن:

 

معياري سنڌي

اترادي سنڌي

سرائڪي

چنڊ

چنڊر

چندر

پٽ

پٽر

پتر

        (ب) مصدر: سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ مصدر جي علامت ’ڻ‘ آهي، مثال طور(1)

سنڌي

سرائڪي

سنڌي

سرائڪي

لکڻ

لکڻ

سڻڻ

سڻڻ

پڙهڻ

پڙهڻ

چڙهڻ

چڙهڻ

(ت) اسم فاعل: سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ اسم فاعل ٺاهڻ جو قانون ساڳيو آهي، مثال طور:

سنڌي

سرائڪي(2)

مارڻ وارو

مارڻ والا

لکڻ وارو

لکڻ والا

هنن مثالن ۾ ’وارو‘ ۽ ’والا‘ ۾ ’ل‘ متبادل آواز آهن. ’ل‘ ۽ ’ر‘ جي تبديليءَ جا اهڙا ٻيا به مثال موجود آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ’او‘ ۽ ’آ‘ سر به متبادل آهن.

(ث) عدد جمع: اُترادي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ واحد اسم مان جمع اسم ٺاهڻ جو قانون پڻ ساڳيو آهي، مثال طور:

معياري سنڌي

اترادي سنڌي

سرائڪي

کٽون

کٽان

کٽان

چنگهون

ڄنگهان

ڄنگهان

سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي انهيءَ ڀيٽ مان حاصل ٿيل نتيجن کي سامهون رکي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته صوتياتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ سٽاءَ موجب سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي: ڪا به زبان هڪ ٻئي کان برتر ڪانهي: ڪا به زبان هڪٻئي کان اُتم ۽ اعليٰ ڪانهي: پر ٻئي زبانون قديم زماني ۾ هڪ ئي زبان هيون: يعني ساڳيءَ زبان جون ٻه شاخون هيون: يعني ٻئي هڪ ئي قديم زبان ’سئنڌويءَ جا لهجا آهن، جن مان موجوده سرائڪي، قديم سنڌ جي اترئين حصي ۾، عوام ۾ وڌي ويجهي ۽ موجوده سنڌي اروڙ کان وٺي هيٺئين حصي ۾ ترقي ڪئي. اهي زبانون هڪ ئي سماجي ۽ ثقافتي گروهه جون زبانون آهن. ماڻهن جي رهڻي لهڻي، لباس، طبيعتون پڻ هڪجهڙيون آهن. سندن روزانه زندگي ۽ رسمون رواج هڪجهڙا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪاڪي ڀيرومل جيڪي خصوصيتون سنڌي لاءِ يا سنڌ جي ماڻهن لاءِ گڏ ڪيون، اُهي ئي ضامن صاحب، ڀيرومل جي ڪتاب مان کڻي، سرائڪي ڳالهائيندڙن لاءِ مثال طور پيش ڪيون آهن. ضامي صاحب لکي ٿو:

”بهاولپور، ملتان ۽ سنڌ جا ماڻهو لباس به هڪجهڙو پائيندا هئا، مثال طور هڪ ٿانَ جو وڏو پٽڪو ٻڌندا هئا، وڏن وڏن وارن کي پٽڪن ۾ ويڙهي بند ڪندا هئا، گول قسم جا ڊگها ڪڙتا پائيندا هئا ۽ سوڙهي پانچي واري هڪ ٿان جي شلوار پائيندا هئا. سندن لباس ۾ اڄ به گهڻو فرق ڪونهي. سلام دعا ۽ ميل ملاقات جو طريقو به ساڳيو اٿن.

سرسري ملاقات ۾ ٿورو جهڪي، مٿي تي هٿ رکي سلام ڪندا هئا، پر خاص ملاقات ۾ ڀاڪر پائي ملندا هئا. دير تائين ادا يا چاچا خبرون چارون ٻڌاءِ، ۽ خوش خير عافيت ڊگهي ڪندا آهن“(1).

ظامي صاحب اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته سنڌي زبان جو، بهاولپوري- ملتاني (سرائڪي) تي گهڻو اثر رهيو آهي. هو لکي ٿو:

”اهي زبانون (سنڌي- بهاولپوري- ملتاني) هڪ ٻئي جي بلڪل قريب آهن، جنوب مغرب ۾ بهاولپوري- ملتانيءَ جون سرحدون سنڌي زبان جي اتر ۽ اُتر- اوڀر وارين سرحدن سان ملن ٿيون، بلڪ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. ٻين طرفن کان هن زبان جون حدون پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ماڙيچڪي يا ماڙيءَ سان ملن ٿيون، ليڪن انهن زبانن جو اثر بهاولپوري-ملتانيءَ تي صرف حدن جي ويجهي هجڻ سبب آهي. انهن جو زبان جي مرڪزيت تي ڪو به اثر ڪونهي.ان جي برعڪس سنڌي زبان، بهاولپوري ۽ ملتانيءَ تي مڪمل طور حاوي آهي، ۽ اها زبان سنڌ ۾ سرائڪيءَ جي نالي سان مشهور آهي“(2).

ٻنهي زبانن جي اشتراڪ کي جاچڻ لاءِ ماهرن جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، انهن کي سامهون رکي بهاولپوري- ملتاني ۽ سنڌي زبانن جو جائزو ورتو وڃي ته انهن زبانن ۾ وسيع اتحاد ۽ اشتراڪ نظر اچي ٿو، ۽ اسين آسانيءَ سان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته انهن ٻنهي زبانن جو ماخذ لازماً هڪ آهي، ۽ اهي ٻئي هڪ ئي ماءُ جون ڌيئر آهن.

هن سلسلي ۾ محترم عتيق فڪريءَ جو رايو آهي ته:

”سنڌ ۽ ملتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت، تمدني زندگيءَ جون روزمره جون شيون ۽ انهن کان سواءِ قديم مذهبي عقيدن وغيره مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هي ٻئي علائقا پنهنجي روايتن جي ڪري هڪ تهذيبي يڪرنگي ۽ هم آهنگي رکندا هئا، قديم ترين آثار هن ڳالهه جي شهادت ڏين ٿا ته هڙپه، سنڌ توڙي ملتان ۾ هڪ خاص مرڪزي رابطو هو، يعني سنڌ جا ماڻهو هڪ زماني تائين ملتان ۾ ياترا لاءِ ايندا هئا، هنن جي نظر ۾ ملتان هڪ مقدس شهر هو“(1).

عبدالحميد راشد صاهب پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو:

”هيءَ (سرائڪي) هڪ قديم زبان آهي. لفظن جي ذخيري، شتگي، فصاحت ۽ بلاغت جي ڪري هيءَ زبان ڪنهن ٻيءَ قديم زبان کان گهٽ نه آهي. مسلمانن جي برصغير ۾ آمد کان پوءِ هن تي عربي ۽ فارسيءَ اثر ڪيو. موجوده لساني اعتبار کان هيءَ زبان سنڌي سان وڌيڪ نسبت رکي ٿي“(2).

سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي ڀيٽ مان حاصل ٿيل نتيجن کي سامهون رکي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته صوتياتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ سٽاءَ موجب سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. ٻئي زبانون قديم زماني ۾ هڪ ئي زبان هيون، پر اڄ سرائڪي زبان جي حيثيت ائين آهي جيئن ڪڇ واري خطي ۾ ڪڇيءَ جي آهي. جيئن ڪڇي لهجي سياسي طرح هڪ ڌار ۽ الڳ زبان سمجهن ٿا، تيئن سرائڪي زبان، سياسي طرح سنڌ کان الڳ خطي ۾ ڳالهائجڻ لڳي، جنهن ڪري هڪ ڌار زبان جي حيثيت ۾ پنهنجي سياسي دائري اندر ڦهلي. هونئن جيئن مٿي بحث ڪيو ويو آهي ته موجوده سنڌي ۽ سرائڪي هڪ زبان جا لهجا آهن، جن مان سرائڪي قديم اُتر سنڌ ۾ عوام ۾ وڌي ۽ ويجهي، ۽ موجوده سنڌي زبان اروڙ کان وٺي يعني قديم سنڌ ۾ ترقي ڪئي.

سرائڪي خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ:

مٿي سماجي، سياسي ۽ مذهبي ناتن جو ذڪر ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلهوڙن ۽ ميرن جي راڄ تائين سنڌ جو سرائڪي خطي ۾ سبزل ڪوٽ تائين، اثر رهيو. ملتان سان مذهبي رشتا رهيا. انهيءَ ڪري خانپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد تائين موجوده سنڌي زبان جو اثر رهيو. اڄ به هيءَ زبان انهيءَ ايراضيءَ ۾ ثانوي زبان طور ڳالهائي ويندي آهي.

انهيءَ خطي ۾ ڪيترن ئي شاعرن سرائڪيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ پڻ شاعري ڪئي، ايتري قدر جو خواجه فريد جهڙي بزرگ سرائڪي سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ گهڻو ئي ڪلام چيو آهي ۽ اسماعيلي داعي ۾ پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبيرالدين جو گهڻو ئي سنڌي ڪلام (گنان) موجود آهي.

سر گريئرسن ۽ ڊاڪٽر سورلي طرفان برصغير جي ٺاهيل لساني نقشي ۾ سنڌي زبان جون حدون سرائڪي خطي ۾ اوڀر طرف ڏيکاريون ويون آهن.

سما سردار، صوفي بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاه جا مريد هئا. سمن سردارن توڙي سنڌ جي عام ماڻهن سان روحاني تعلق کان سواءِ ڄام سمي بهاولپور وارو ڀاڱو فتح ڪري سنڌ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيو.

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته باهمي شادين، سماجي ناتن، سياسي رشتن، مذهبي ۽ روحاني لاڙن سبب سنڌ جا ماڻهو هر سال اترئين حصي ۾ ويندا رهيا آهن. واپاري ۽ تجارتي ناتا به قائم رهيا آهن. انهيءَ ڪري سنڌي زبان کي بهاولپور کان مٿي هڪ طرف اُچ تائين ڦهلجڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. ته ٻئي طرف ديره غازي خان تائين سنڌي زبان جو چالان رهيو. انهيءَ کان سواءِ هر دؤر ۾ قديم زماني کان روزگار جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ ۾ ايندا ويندا رهيا آهن، پر انهن جو ناتو پنهنجي خطي سان رهيو آهي. انهيءَ ڪري به سنڌي زبان جو اُنهيءَ ايراضيءَ م اثر رهيو آهي. سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي وڌيڪ اڀياس لاءِ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

حاصل مطلب ته سنڌي زبان نه فقط ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان ۽ راجسٿان ۾ پنهنجي پکيڙ وڌائي، پر قديم سنڌ جي ملتاني صوبي ۾ پڻ سنڌي زبان پنهنجو اثر قائم رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.

ببليو گرافي

سنڌي ڪتاب

الله بچايو يار محمد سمون: سير ڪوهستان، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع.

الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

علي ڪوفي: چچنامو، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ 1954ع.

گل حسن ڪربلائي: مهراڻ جون موجون ۾ مضمون ”ٽالپر حڪمرانن جا علمي ڪارناما“، ايڊٽ ڪيل سيد حسام الدين شاهه راشدي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس.

مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي- اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

اردو ڪتاب

ابن خردازبه:  المسالک و المالک اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙه، دارالمصنفين، 1960ع.

اصطخري: المسالک و المالک اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙه، دارالمصنفين، 1960ع.

اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، لاهور مرکزي اردو بورڊ، 1971.

سيد سليمان ندوي: عرب و هند کي تعلقات، اشاعت دوم، کراچي، کريم سنز پبليشرز، 1971ع.

ظفر ندوي: تاريخ سنده اعظم گڙه، مطبع معارف، 1947ع.

عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، بهاولپور، سرائڪي ادبي مجلس، 1971ع.

مسعودي: عروج الذهب و معاون الجوهر، اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، 1960ع.

منهاج سراج: طبقات ناصري، جلد اول، مترجمه غلام رسول مهر، لاهور، مرکزي اردو بورڊ، 1975ع.

منشي عبدالرحمان: آئينه ملتان، ملتان مکتبه اشرف المعارف، 1973ع.

سرائڪي ڪتاب

عبدالحميد راشد: مقالو:“ سرائکي زبان کا ايک جائزه“ ماهنامه قومي زبان، انجمن ترقيء اردو، پاڪستان، مئي، 1976ع.

محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني، بهاولپور، عبدالعزيز مڪ، پرنسپال گورنمينٽ ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، نومبر 1962ع.

محمد بشير احمد ظامي بهاولپوري: عهد هائي قيام مين سرائکي ادب کا ارتقا، بهاولپور، مرکز سرائکي زبان تي ادب، حبيب کالوني، 1970ع.

نور علي ضامن حسيني سيد: معارف سرائکي، احمد پور شرقيه، مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي، 1972ع.

 

انگريزي ڪتاب

Bloomfield, L., Language, George Allen Unwin Ltd., 1961.

Burnes, A., Visit to the Court of Sind, Edinburgh, Robert Cadet, 1831.

Gankovsky, yu., The Peoples of Pakistan, Lahore, Peoples publishing House, U.S.S.R., Academy of Science Dravary, 26 Shahrah-e-Quaid-i-Azam.

Grierson, G., Linguistic Survey of India, Vol: VIII. Par I, Calutta, Superintendent Government Printing, India, 1919.

Rev. Robert Calswell, A Comparative- Grammar of the Dravidian or South Indian Family of Languages, London, Triber & Co., Ludgate Hill, 1875.

Sachau Al-Beruni’s India, Vol. I, Lahore, Government of Pakistan, 1962.

Extracts from the District & States Gazetteers of Punjab. (Pakistan), Vol.II, Lahore, Research Society of Pakistan, University of Punjab, 1977.

Imperial Gazetteer of India, Vol. I.

Wagha Ahsan, The Siraiki language Its Growth and Development, M. Phil thesis, Sulintted at the Area Study Centre, (Central Asia), University of Peshawar, 1986.


(1)  ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ص 85.

(2)  سيد نور علي ضامن حسيني: معارف سرائڪي، ص 40

(3)  ضامي: بهاولپوري – ملتاني، ص 55.

(1)  ايضاً، ص 120.

(2)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 74.

(3)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 82.

(4)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 48.

(1)  Grierson, H.I. Linguisttic Survey of India, Vol: VIII, pp. 140, 158, 183.

(1)  البت گجراتيءَ ۾ ”ٻ“ جو آواز موجود آهي، پر اهو آواز ان زبان ۾ صوتيه طور استعمال نٿو ٿئي.

(1)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 73.

۽ پڻ ڏسو: بهاولپوري- ملتاني، ص 93، ۽ وڌيڪ ڏسو: ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 86

(2)  ايضاً.

(1)  ظامي: بهاولپوري – ملتاني، ص ص 117- 118.

(2)  ايضاً، س س 86- 85.

(1)  علامه عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص.

(2)  عبدالحميد راشد: مقالو: سرائڪي زبان کا ايک جائزه، ماهنامه ”قومي زبان“، انجمن ترقي ۽ اردو پاڪستان. مئي. 1976ع، ص 38.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com