سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :4

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ڪڇ جو ملڪ اول محمد بن قاسم مطيع ڪيو، ۽ ان بعد سنڌ جي عربي حڪومت جي اثر ۽ رسوخ هيٺ رهيو. ان کان پوءِ سنڌي نسل وارين ذاتين جو دائمي وطن ٿي رهيو، ۽ اهي ذاتيون اڄ تائين ڪڇ ۾ آباد آهن. موجوده سنڌ ۽ ڪڇ جي قديم لاڳاپي، ۽ انهن ملڪن جي ذاتين ۽ نسلن وغيره جي اڄ به ڪڇ جي ڀٽن کي پوري ۽ پيرائتي خبر آهي، ڀڄ پور، ناندرو ۽ سانئرو انهن بڻائتن ڀٽن جا قديمي ماڳ مڪان آهن(1)“.

جڏهن سنڌ جي لاڙ واري حصي تي سومرن جو راڄ (1010ع کان 1351ع) هو(2)، ان زماني ۾ ڪڇ وارو حصو پڻ سومرن جي حڪومت جي سرحدن ۾ اچي ٿي ويو. سومرن جي چوٿين حاڪم سنگهار بن دودي جي ڏينهن ۾ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين، سڄو ملڪ سومرن جي تابع هو(3). جنهن زماني ۾ دهليءَ تي غلام گهراڻي جو راڄ هو ۽ سلطان ناصر الدين محمود بن التتمش دهليءَ جو حڪمران هو(4)، انهيءَ زماني ۾ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين سڄي علائقي تي سومرن جو قبضو هو. انهيءَ لحاظ سان هيئن چئبو ته سنڌ جو علائقو ٽن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ حصو بکر کان وٺي ملتان تائين هڪ گورنر جي حوالي هو، ٻيو حصو بکر کان سيوهڻ جي ڏکڻ تائين ڦهليل هو(5). انهيءَ حصي جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو، ۽ ٽيون حصو سومرن جي قبضي ۾ هوندو هو، جو ٿر، لاڙ ۽ ڪڇ تائين ڦهليل هو(6).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ڏکڻ – اوڀر سنڌ ۾، سنڌ – ڪڇ جي سرحد سومرن جي حڪومت جي خاص اثر ۽ طاقت جو مرڪز بنيا، ۽ انهيءَ مرڪزي ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي. سومرن جي اوائلي دؤر ۾، سومرن جي طاقت جو رخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين سرحدن طرف رهيو. انهيءَ ڪري ڪڇ طرف سومرن، سمن ۽ ٻين قومن جون بستيون قائم ٿيون، ۽ ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي(1)“.

سومرن، سمن جي مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو هو. حاڪم بنجڻ کان پوءِ هو سمن کي ستائڻ لڳا. نيٺ سمن کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائون، جن اتي چاوڙا راجا وٽ پناهه ورتي، پر جيڪي سما سنڌ ۾ رهجي ويا، ان اسلام قبول ڪيو. سمن کان سواءِ سوڍا ۽ جاڙيجا پڻ ڪڇ ڏانهن لڏي ويا. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته سومرن جي سنڌ جي راڄ واري زماني ۾ ئي، 1320ع ۾ سنڌ جا سما ڪڇ جي حڪومت تي قبضو ڪري چڪا هئا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:

”سما اصل جادوَ گهراڻي جا راجپوت هئا. سن 1053ع ڌاري، جڏهن سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن هو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. انهيءَ ڪري ڪيترائي جاڙيجا سما، سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. اتي 1320ع ڌاري پنهنجو راڄ کڙو ڪيائون. اڄ ڏينهن تائين سندن پويان پاڻ کي جاڙيجا سڏائيندا آهن.(2)“.

ڪڇ جي راءِ جو خاندان جاڙيجا راجپوت آهي، جيڪو سنڌ جي سمن سان نسبت رکي ٿو. اهو خاندان، ڪڇ جي اترئين علائقي، يعني سنڌ کان ڄام لاکي ولد جاڙي جي رهمنائيءَ هيٺ پندرهين صدي عيسوي ۾ ڪڇ پهتو هو.(1) جاڙيجا خاندان جو نالو ڄام جاڙي جي نالي پٺيان پيل آهي.(2) ”جاڙيجا يعني جاڙي جو اولاد يا ”جاڙي جا ٻار“.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي:

”ڪڇ ۾ جاڙيجن سمن جي عروج جو زمانو 1300ع آهي، ڇاڪاڻ ته اٽڪل 1340ع ڌاري جاڙيجن سمن ڪڇ جي حڪومت چاوڙن کان وٺي، 1540ع تائين يعني اٽڪل سوا ٻه سؤ سال جاڙيجن سمن جي ٽن خاندانن ڪڇ تي حڪومت ڪئي“.(3)

اهڙيءَ طرح سمن جي حڪومت ۾ ڪڇ جو سارو علائقو سنڌ جي سياسي تسلط هيٺ هو، ايتري قدر جو جڏهن 1521ع ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو خاتمو آيو، تڏهن به ڪڇ تي سنڌ جا سما قابض هئا. انهيءَ ڪري شاهه بيگ ارغون، مرزا شاهه حسن ارغون توڙي سنڌ ۾ مغلن جي نوابن جي راڄ ۾، ويندي غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت تائين، سنڌ جي حاڪمن ۽ باغي نوابن کي ڪڇ مان نه فقط لشڪر جي مدد ملندي هئي، پر انهن کي پناهه پڻ ڏنو ويندو هو.

سمن جي حڪومت جي زماني ۾، 1472ع ۾، گجرات جي حاڪم محمود شاهه ٻيڳڙي (14579ع – 1513ع) جي ڏينهن ۾ چاليهه هزار سنڌين، گجرات جي قافلي کي لٽيو هو. انهيءَ ڪري سلطان محمود شاهه ٻيڳڙي، سنڌ تي ڪاهيو، ۽ ڪڇ ۽ ٿر تي قبضو ڪيائين(4).

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا مان معلوم ٿو ٿئي ته جاڙي خاندان جي ٽن نسلن، 1540ع تائين ڪڇ تي راڄ ڪيو. انهيءَ سال يعني 1540ع ۾ احمد آباد جي مسلمان حاڪم جي مدد سان راءِ کنگهار، جاڙيجا خاندان جو اڳواڻ ۽ ڪڇ جو حاڪم بڻيو، ۽ بادشاهه کان راءِ جو خطاب مليس. هو ساڳئي وقت ”موروي“ جو حاڪم ٿيو(1).

راءِ کنگهار جي ڇهن نسلن ڪڇ تي حڪومت ڪئي. پوءِ راءِ رائڌڻ جي وفات کان پوءِ، سندس ٽيون نمبر پٽ ”راءِ پراگجيءَ“ خون خرابيءَ سان تخت هٿ ڪيو. هن پنهنجي ڀاءُ کي پڻ قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري پنهنجي ڀائٽئي کي خوش ڪرڻ لاءِ هن کي ”موروي“ جو حاڪم مقرر ڪيائين(2).

سنڌ تي سمن جي راڄ واري زماني ۾، ڪڇ وارو علائقو پڻ سندن قبضي ۾ هو. ارغونن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ سنڌ جي سمن جو مرڪز ڪڇ بڻيو. اتان سنڌ تي ٻيهر قبضي ڪرڻ لاءِ ڄام فيروز جي مدد پڻ ڪئي ويئي. مير محمد بن جلال ٺٽوي لکي ٿو ته: ”شاهه بيگ ارغون جي مرڻ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسن تخت تي ويٺو. تڏهن هن کي پهرين ڄام فيروز سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ٺٽي تي حملو ڪرڻو پيو.(3) ڄام فيروز وڙهڻ جي همت نه ساري، درياء ٽپي، ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان پنجاهه هزار سوارن ۽ پيادلن جي فوج وٺي، ٻيهر حملو ڪيائين(4). چاچڪن جي ڳوٺ ۽ رهمڪي بازار جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام فيروز جا ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ هو هار کائي گجرات هليو ويو.(1) هن مان ظاهر آهي ته ڪڇ جي سمن جي سنڌ جي سمن حاڪمن سان، همدردي هئي، ۽ هنن سنڌ تي سمن جي حڪومت ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ٿي ڏني.

ترخانن جي دؤر ۾ ڪڪرالا جي ڪيهر ڄامن، لاڙ جي راٺوڙن، جاڙن، ڦلاڻين ۽ مهاڻن مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. ڪڇ جي سمن سردارن سان انهن جي رسائي هئي. اهڙيءَ طرح مرزا محمد باقيءَ جي وفات کان پوءِ جڏهن مرزا جاني بيگ تخت نشين ٿيو تڏهن مظفر بيگ، هڪ ترخان سردار بدين تي حملو ڪيو(2)، پر مظفر بيگ، خان زمان جي هٿان شڪست کائي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتي وڃي پناهه ورتائين.(3) اهڙيءَ طرح ونگي جي نهڙين اربابن توڳاچي ڄامن، منڌرن ۽ جتن جي ڪڇ ۾ ڪافي پهچ ۽ رسائي هئي.

ڪلهوڙن جي حڪومت جي زماني ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راڄ ۾ نادر شاهه جي حملي کان پوءِ ننڍن ننڍن سردارن ۽ حاڪمن سرڪشي ڪئي. ڌاراجا جي راڻي، ڪڪرالا جي ڄام هوٿيءَ، منڌرن جي سردار تاجن منڌري، ونگي ۽ چاچڪان جي نهڙين اربابن، تماچي ۽ توڳاچي ڄامن، آسو سومري بغاوت ڪئي. نهڙين جي ارباب، ڪانجي ڪوٽ تي مقرر ٿيل ڪڇ جي راءِ جي نواب، ۽ نواب ٽيڪراءِ، ميان نور محمد سان کئونسڻ شروع ڪيو. انهيءَ وچ ۾ منڌرن جي سردار تاجن منڌري بغاوت ڪئي، ۽ ڪانجي ڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتائين. (1)ميان صاحب ڪانجي ڪوٽ تي حملو ڪيو. ۽ بارود سان قلعي جون ديوارون اڏائي ڇڏيائين(2).

ان کان پوءِ ميان نور محمد، تاجن منڌري جي چرپر کي منهن ڏنو. هن پهرين ”بلوچ خان فرد“ کي تاجن منڌري خلاف چاڙهي موڪليو. پر تاجن منڌري وجهه وٺي، هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو(3). انهيءَ کان پوءِ شاهه بهاري، هن (تاجن) تي حملو ڪيو. تاجن هار کاڌي ۽ گرفتار ٿيو. ميان صاحب کيس قتل ڪرائي ڇڏيو(4).

ميان نور محمد جي وفات (1755ع – 1168هه) کان پوءِ، ميان غلام شاهه جي راڄ ۾، جڏهن ميان صاحب ۽ ڀائرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پيئي، تڏهن نوابن ۽ سردارن وري بغاوت ڪئي. پهرين ڪڪرالا جي ڄام ڏيسر بغاوت ڪئي. ميان غلام شاهه ڄام ڏيسر کي شڪست ڏني. ڄام ڏيسر هار کائي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو(5). ان کان پوءِ ميان غلام شاهه تاجن منڌري جي پٽ، راڌڻ منڌري کي منهن ڏنو. جنهن پڻ بغاوت ڪئي هئي. بدين کان اٺ کن ميل ڏکڻ طرف، راڌڻ منڌري جو ڪوٽ هو. ميان صاحب راڌڻ منڌري تي حملو ڪيو. راڌڻ منڌرو ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ميان صاحب سندس ڪوٽ کي ڀسم ڪرائي ڇڏيو. اهو ڪوٽ هڪ دڙي جي صورت ۾ هن وقت به سيراڻين جي ويجهو سلامت آهي. هاڻ ان کي مالهين جو دڙو چوندا آهن.

راڌڻ منڌري جي خاتمي کان پوءِ ميان صاحب ونگي جي نهڙين سان مقابلو ڪيو. هن نهڙين جي ارباب هوٿي نهڙي جو ڪوٽ ڊاهرائي، پٽ ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ حالت جي ڪري نهڙيا سردار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا.

انهيءَ کان پوءِ ميان صاحب ڪڇ جي راءِ کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ڇو جو هو سدائين سندن مخالفن ۽ باغين کي همٿائيندو ۽ پناهه ڏيندو رهندو هو. ميان غلام شاهه 1762ع (9 ربيع الثاني 1176هه) ۾ ڪڇ تي حملو ڪيو(1)، واٽ تي پراڻ جي ڇوڙ وٽ، ڪوري کاريءَ تي آباد مشهور واپاري بندر ”سنڌڙي بندر“ جو قلعو فتح ڪيائين(2). پوءِ سنڌڙي بندر کان اڳتي،، جاڙي جبل وٽ ڪڇ جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. ميان جو لشڪر پوءِ جڏهن ڀڄ کان ٻارهن ميل اورتي هو، تڏهن ڪڇ جي راءِ کيس صلح جو پيغام موڪليو. انهيءَ صلح موجب ’بستا‘ ۽ ’لکپت‘ جا بندر ميان کي ڏيڻا ڪيائين، ۽ ميان صاحب کي پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ پڻ آڇيائين(3). انهيءَ صلح کان پوءِ ميان صاحب 1764ع/2- رجب 1177هه ۾ شاهه ڳڙهه (شاهبندر جي ويجهو) واپس موٽيو. ميان صاحب جي موٽي اچڻ کان پوءِ، ڪڇ جو راءِ پنهنجي واعدي تان ڦري ويو، تنهن ڪري ميان صاحب مٿس وري حملو ڪيو. پهريون موروي جي قلعي تي حملو ڪيائين. جنهن ۾ بيشمار ڪڇي قتل ٿيا. جڏهن سنڌي فوج ڀڄ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هئي ته راءِ وري صلح جي درخواست ڪئي(1)، ۽ ميان صاحب کي پنهنجي سوٽ جي ڌيءَ جو سڱُ پڻ ڏيڻو ڪيائين. نيٺ صلح ٿيو. ميان صاحب هن شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ هن ڪڇي شهزاديءَ کي شاديءَ کان پوءِ ’سنڌ راڻي‘ جو لقب ڏنائين(2).

هن ساري بيان مان نتيجو هي ٿو نڪري ته ڪڇ وارو علائقو، راءِ گهراڻي جي حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين، سنڌ جي ماتحت رهيو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، ٻوليءَ، اقتصادي ۽ ٻين حالتن جو ڪڇ تي سدائين غلبو رهيو آهي.

(ب) تجارتي ۽ واپاري ناتا:

سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ سمنڊ ۽ خشڪي رستي واپار جام هلندو هو. اهو واپار قديم زماني کان هلندڙ هو. طبعي بيهڪ جي ڪري سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪيترائي مشهور بندر هوندا هئا. عربن جي آمد وقت ديبل مشهور بندر هو، ۽ واپاري منڊيءَ جي حيثيت رکندو هو. هتان عمان، چين، جاوا، سوماترا کان سواءِ ڪڇ، بمبئي ۽ مانڊوي بندرن سان واپار هلندو هو.

چوڏهين صدي عيسويءَ ۾، سومرن جي پوئين دؤر ۾، لاڙي بندر ۽ ٺٽو وڏا واپاري بندر هئا. انهن کان سواءِ فتح باغ، جوڻ ۽ رڙي پڻ وڏا واپاري مرڪز هئا، جتان ٻين خطن کان سواءِ ڪڇ سان پڻ واپار هلندو هو.

سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ غير ملڪي سياحن سنڌ جي ڀر وارن ملڪن سان واپار جو ذڪر ڪيو آهي. سترهين صدي ۾ لاڙي بندر ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ان وقت جي مغل گورنر اورنگزيب عالمگير (1648ع-1662ع) ڪڪرالا واري خطي ۾ ”اورنگا بندر“ نالي نئون بندر تعمير ڪرايو. هن بندر تان به گهڻو واپار هلندو هو. اليگزينڊر هئملٽن جي اچڻ وقت (1699ع) لاڙ ۾ ”اورنگا“ ۽ ’بستا‘ مکيه بندر هئا، جتان سمنڊ رستي واپار هلندو هو.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت واري زماني ۾ شاهبندر نالي نئون واپاري بندر تعمير ڪرايو، جتان ڪافي واپار هلندو هو. اهڙيءَ طرح هن جي دؤر ۾ درياءَ جي ريڻ شاخ تي فتح باغ، جوڻ ۽ رڙي مشهور واپاري بندر ۽ شهر هوندا هئا. ساڳيءَ طرح پراڻ تي ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ (ٻنگار جو شهر)، رهمڪي بازار، ۽ ڪوري کاريءَ تي علي بندر ۽ سنڌڙي بندر هوندا هئا، جتان لکپت سان واپار هلندو هو.(1) اهڙيءَ طرح سير کاريءَ تي سنڊو بندر ۽ ٻيءَ ڀر طرف حجامڙي شاخ تي وڪر بندر هوندو هو، جتان گهڻو واپار هلندو هو(2). حجامڙي شاخ جي سڪي وڃڻ کان پوءِ، وڪر بندر ختم ٿي ويو، ۽ ڪيٽي بندر جو ڀاڳ وريو. هن بندر تان پڻ ڪافي واپار هلندو هو. هنن ٻنهي بندرن توڙي کارو ڇاڻ ۽ سوکي بندرن تان 1947ع تائين ڪڇ سان تمام گهڻو واپار هلندو هو. آزاديءَ واري سال تائين سنڌ جي سيٺين جا منيب، لکپت، مانڊوي ۽ پالنپور ۾ رهندا هئا(3).

سامونڊي ساحل کان پوءِ ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ خشڪيءَ رستي پڻ واپار هلندو هو. ٺٽي کان هڪ رستو براهه چاچڪان (بدين) ڪڇ ڏينهن ويندو هو. ٻيو رستو عمر ڪوٽ کان ننگر پارڪر ويندو هو. جتان ويراٿائون ۽ پالنپور کان احمد آباد، کنڀات، برهانپور ۽ سورت ڏانهن ويندو هو. پر ٺٽي ۽ چاچڪان وارو رستو انهيءَ ڪري اهم هو، جو ان جو مفاصلو گهٽ ۽ سفر سهنجو هوندو هو. انهيءَ رستي کان ئي ڄام صلاح الدين سمي، ڪڇي لشڪر اڻي. سنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ ڄام فيروز جڏهن مرزا شاهه حسن تي ڪڇي لشڪر سان ڪاهي آيو هو، تڏهن انهيءَ رستي کان ئي آيو هو.

(ج) سماجي ناتا:

سياسي ۽ واپاري ناتن کان سواءِ سنڌ ۾ ڪڇ جي حاڪمن ۽ عام ماڻهن جا پاڻ ۾ سماجي ناتا پڻ هوندا هئا، انهن ۾ باهمي شاديون ۽ ميل جول، ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ اچ وڃ، مذهبي تبليغ، ميلا ملاکڙا، اوليائن جا ڏيهاڙا ۽ عرس مکيه هئا.

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪڇ جو راءِ خاندان، سنڌ جي جاڙي سمي جي اولاد مان هو، سنڌ تي جن سمن حاڪمن جي حڪومت هئي. اهي ۽ ڪڇ تي جن  سمن حاڪمن راڄ ٿي ڪيو، سي هڪڙي ڏاڏي جو اولاد هئا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:

”وڏي ڄام لاکي (ڏسو شجرو) جي اولاد مان هوٿي ٿيو. ڄام هوٿيءَ جي پٽ ڄام راهوءَ جي اولاد مان ٻه ڄام لاکا ٿيا، جن تي پڳ هئي. ڄام لاکو پٽ گڙراهو(1) ۽ سندس پوٽو. ڄام ڳاهي جو پٽ ڄام. لاکو، جنهن جو پٽ ڄام جوڻو، جو ٺٽي جو پهريون سمو بادشاهه ٿيو“(2).

هن ڏس ۾ هسٽري آف ڪاٺياواڙ ۾ گجرات، سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن جو جيڪو شجرو ڏنل آهي، سو ضميمي ”الف“ ۾، ۽ صفحي 45 ۽ 46 تي ڏنو  ويو آهي.

هن ڏس ۾ سيد حسام الدين شاهه راشدي جي مرتب ڪيل تحفةالڪرام مان نقل ڪيل سمن جو شجرو ضميمي ”ب“ صفحي 46 تي ڏنو ويو آهي.

سمن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون سنڌ مان لڏي ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيون، ۽ ڪيترائي ڪڇ مان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا. انهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽيءَ سبب انهن جي اچ وڃ سدائين جاري هوندي هئي. ڪن قبيلن جا سردار سنڌ ۾ رهندا هئا ته راڄ جا ماڻهو ڪافي تعداد ۾ ڪڇ ۾ به رهندا هئا. اهڙيءَ طرح ڪن قبيلن جا سردار ڪڇ ۾ رهندا هئا ته سندن راڄ وارا سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد هوندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ انهن قومن جي اچ وڃ دائما جاري هوندي هئي. انهن ۾ ٻارڻ. نهڙيا، منڌرا ۽ جت خاص قبيلا هئا، جن جو بيان اهميت کان خالي نه ٿيندو. انهن قبيلن جي زبان بنيادي طرح سنڌي هئي، انهيءَ ڪري به سنڌيءَ جو هڪ خاص لهجو گجراتي اثر قبول ڪندو، ڪڇي لهجي جي روپ ۾ وجود ۾ آيو، ۽ لس ٻيلي جي عوام وانگر ڪڇ جي عوام جي ٻولي سنڌي بنجي ويئي.

مٿي جن قبيلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي انهن جي اچ وڃ آزاديءَ کان پوءِ سرحد کليل هئڻ تائين جاري هوندي هئي. 1953ع تائين به جت، ٻارڻ ۽ منڌرا ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ايندا ويندا رهندا هئا، ۽ هڪ ٻئي سان مائٽيون پڻ ڪندا هئا(1). ڪڇ ۽ سنڌ جي جتن جي سردار جو نالو غلام حسين هو(1)، جنهن کي ”ملڪ“ سڏيو ويندو آهي. ملڪ صاحب جاتيءَ کان 16 ميلن جي مفاصلي تي ”راڄ ملڪ“ ۾ رهندو هو. مارچ 1953ع ۾ ملڪ صاحب پنهنجي اليڪشن جي سلسلي ۾ پنهنجي قبيلي جي چڱن مڙسن، وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ ۽ ڪڇ مان جتن جي ڌار ڌار اوڙڪن جا جملي 4800 نمائندا اچي گڏ ٿيا. اهو تعداد اڃا به گهٽ هو ڇاڪاڻ ته سرحد تي ڪجهه سختي شروع ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ڪڇ جا سڀ نمائندا پهچي ڪونه سگهيا. انهيءَ هوندي به مذڪوره تعداد ۾ وڏو حصو ڪڇ کان آيو هو. ڪڇ مان ايڏي تعداد ۾ نمائندن جي شرڪت جو وڏو ڪارڻ هي به هو ته ڪڇ جي جت قبيلن اهو ثابت ڪرڻ ٿي ڇاهيو ته سياسي طور الڳ هجڻ جي باوجود هنن ملڪ غلام حسين کي پنهنجو سردار ۽ ملڪ تسليم ٿي ڪيو. سرحد جي بلڪل بند ٿيڻ کان پوءِ ظاهري طور هيءَ قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آهي. هاڻ راڄ جي نظام خاطر ڪڇ ۾ پڻ سندن ڌار سردار آهي، پر سندن مرڪز پاڪستان ۾، ٺٽي ضلعي جي جاتي تعلقي ۾، ”راڄ ملڪ“ آهي، جتي سندن مرڪزي سردار رهندو آهي.

جت قوم ڪيترين ئي اوڙڪن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ اوڙڪ کي پنهنجو پنهنجو چڱو مڙس آهي، جنهن کي وڏيرو ڪوٺيندا آهن. انهن مان هڪ اوڙڪ لاکاڻي آهي. اهي مينهون ۽ ٻڪريون پاليندا آهن. هو ’لاکي‘ نالي پٺيان لاکاڻي سڏبا آهن. صدري ڳالهين مان ائين معلوم ٿيو آهي ته جتن جي جن پنجن سردارن سنڌ ۽ ڪڇ جي فتح ڪرڻ ۾ غازي محمد بن قاسم جي مدد ڪئي هئي ۽ ساٿ ڏنو هو، لاکو انهن مان هڪ هو. لاکاڻي جت، انهيءَ لاکي جو اولاد آهن، هن اوڙڪ وارا لاکاڻي، ڪڇ ۾ سراڙو نالي مڪان ۾ رهندا آهن. سندن ملڪ جو نالو نور محمد هو. ملڪ نور محمد ۽ سندس عزيزن کي ڪڇ ۾ جاگيرون مليل هونديون هيون. ملڪ نور محمد سرحد بند ٿيڻ کان اڳ ’ملڪ راڄ‘ ۾، ملڪ غلام حسين کي پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ ملڪ مڃيندو هو. هن وقت هي قبيلو گهڻي ڀاڱي ڪڇ ۾ آباد آهي.

اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ ڪڇ ۾ جتن جي هڪ ٻي اوڙڪ ’بجار پوٽا‘ نالي رهندي آهي، اهي به پاڻ کي لاکي جو اولاد سمجهندا آهن. بجار پوٽن جو وڏيرو پاڻ کي بجار خان جي لقب سان سڏائيندو آهي. هن کي لکپت ۾ جاگيرون مليل هونديون هيون. لکپت کان سواءِ کارو ڇاڻ (سنڌ) ۾ پڻ هن جون زمينون هونديون هيون، پر سرحد بند ٿيڻ کان پوءِ، هن ڪڇ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ ڪري هو سنڌ ۾ رهندڙ اوڙڪ جي بيشمار ماڻهن کان الڳ ٿي ويو. هن جي علحدگيءَ جو داستان جتن وٽ مروج لوڪ گيتن ۽ ڪهاڻين ۾ ملي ٿو(1).

اهڙيءَ طرح هڪ اوڙڪ ”فقيراڻي“ سڏبي آهي. سانولو فقير نالي جت هنن جو وڏيرو هو. هن کي لکپت جي ويجهو جاگير مليل هئي. هي، پير گولاڙ وٽ رهندو هو، جتي سندس قبر آهي. اتي 1964ع ڌاري سندس پڙ پوٽو رهندو هو. ان جو نالو علي محمد هو. هن کي فقيراڻي اوڙڪ جو وڏيرو سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ سندس پاران سندس خليفو فقيراڻين جي نگراني ڪندو آهي.

اهڙيءَ طرح ڪڇ جي اقتصادي حالت جو مدار سدائين سنڌ تي رهيو آهي.

ڪڇي ماڻهو ڏکين سکين ڏينهن ۽ ڏڪار سڪار جي حالت ۾ سدائين سنڌ ۾ ڪمائڻ لاءِ لڏي ايندا هئا(1). برسات کان پوءِ ڪي ڪڇي مالوند ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڪاهي، گاهه پٺي جي سانگي سنڌ ۾ ايندا هئا. انهيءَ ڪري به قومن ۽ قبيلن جي اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي. ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾، مير غلام علي خان ٽالپر جي راڄ ۾، (1813ع – 1218هه) ۾، ڪڇ ۾ سخت ڏڪار پوڻ سبب هزارن جي تعداد ۾ ڪڇي ماڻهو سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ روزگار لاءِ لڏي آيا هئا. مير غلام علي خان انهن بي گهر ڪڇين ۾ انن جا انبار خيرات ڪيا، ۽ پنهنجي خزاني مان رقمون ڏيئي، اهي ٻار خريد ڪري ڪڇ جي ”راءِ ڀاڙا“ ڏانهن موڪليا، جيڪي ڪڇي ماڻهن ڏڪار واريءَ حالت سبب، سنڌ ۾ وڪيا هئا(2).

انهن ذاتين کان سواءِ سنڌ ۾ مرزا شاهه حسن جي راڄ واري زماني ۾ فتح باغ ۽ جوڻ ۾ صاحب سومرو زور هوندو هو. صاحب سومري ان وقت اسماعيلي خواجن پٺيان وٺ – پڪڙ لائي ڏني هئي. انهيءَ ڪري هزارن جي تعداد ۾ اسماعيلي خواجا، پير دادوءَ سان گڏ فتح باغ، جوڻ، بدين، رڙي، علي بندر، راهمڪي بازار، وانگي پتڻ، باغ جي پتڻ، ملان ڪاتيار ۽ ڍنڍيءَ مان قافلن جي صورت ۾ لڏي، ڪڇ ۾ لکپت، مانڊوي ۽ ٻين شهرن ۽ واپاري بندرن ۾ وڃي آباد ٿيا(3).

اهڙيءَ طرح برهمڻن جي ’راجگوڙ‘ قوم، اصل ٺٽي کان لڏي ڪڇ ۾ وڃي ويٺي. اهي جاڙيجن جا درٻاري برهمڻ ٿي رهيا(1). ساڳيءَ طرح سنڌ جا ڪيترائي سارسوت برهمڻ ڪڇ ۾ وسي ويا. ڪمي ڪاسبي، هندو توڙي مسلمان، وقت بوقت سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ کان وڃي ڪڇ ۾ آباد ٿيا. جاڙيجن جي راڄ ۾ سونارا سنڌ مان گهرايا ويا هئا(2). هتي جا واڻيا توڙي گجرات کان آيل واپاري گهر ۾ توڙي ٻاهر گجراتي ٻولي ڳالهائين. ڪڇي انهن جي مادري ٻولي ڪانهي، پر ڪڇ ۾ رهڻ ڪري گجراتي گاڏر ڪڇي به ڄاڻن. سنڌ ۽ ملتان کان پڻ ڪيترائي ماڻهو هت لڏي آيا.(3) ٺٽي مان پڻ ڪيترائي ڀاٽيا ۽ لوهاڻا هن طرف لڏي ويا. ٺٽي جا ميمڻ پڻ هن طرف لڏي ويا هئا.

(ii) باهمي شاديون:

ماڻهن جي لڏپلاڻ کان سواءِ ڪيترن ئي ڪڇين ۽ سنڌ جي سمن سردارن هڪ ٻئي سان مائٽيون پڻ ڪيون. شجري ۾ بيان ڪيل آهي ته سمن جي ڄام لاکيار سنڌ جي هڪ سوڍيءَ سان شادي ڪئي هئي. ساموئيءَ جي حاڪم ڪڇ جي چاوڙا قوم مان شادي ڪئي(4). اهڙيءَ طرح ٻين قومن ۽ قبيلن، منڌرن، نهڙين ۽ ٻارڙن جون هڪٻئي سان سڱابنديون ٿيل هيون. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ جي راءِ جي سوٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. جنهن کي پيار وچان ”سنڌ راڻي“ جو خطاب به ڏنو هئائين.

(د) مذهبي تبليغ ۽ ميل جول:

سومرن ۽ سمن جي حڪومت جي زماني ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ڪاهي پيا هئا. انهن ۾ غوثي بزرگ ۽ اسماعيلي فرقي جا داعي پيش پيش هئا. اسماعيلي مبلغن جي ڪڇ ۾ ’ڪڙهيو‘ نالي ڳوٺ مرڪز بنجي ويو، جتان اسماعيلي پير ۽ درويش سنڌ ۾ ايندا هئا. انهن سيدن کي سنڌ ۾ ”ڪڙيوال سيد“ ڪوٺيو ويندو. ٽنڊي محمد خان ۾ جيڪي شمسي اسماعيلي سيد رهن ٿا، اهي شمسي ڪڙيوال سيد آهن، ۽ انهيءَ خاندان مان آهن. اهڙيءَ طرح رڙيءَ جي ڦٽل شهر ۾ سيد نور شاهه ڪڙيوال جي مزار آهي، سو پڻ انهيءَ خاندان مان آهي. هن جي مزار جو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل پڻ ڪيو آهي.

اٽڪل 500 سال اڳ ڪڇ ۽ سنڌ جو پاڻ ۾ سياسي ۽ واپاري گهاٽ ناتو هو. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ چڱي اچ وڃ هئي. ڪڇ ۾ پڻ اسلام جو زور هو. ان وقت ڪڇ جو اٽڪل اڌ تعداد مسلمان ٿي چڪو هو. هن وقت به ڪڇ ۾ 25 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا.(1)

خليفو نبي بخش پير صاحب پاڳاري جي روحاني فيض جي تبليغ خاطر سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف ويو ۽ پنهنجي تبليغ جي دائري کي وسيع ڪيائين.

خليفي صاحب جي تبليغ هيٺ هزارين ماڻهو حر جماعت جي ذمري ۾ داخل ٿيا. ڪڇ ۾ ”ٻنيءَ“ واري پرڳڻي ۾ گام مستوا ۽ ٻين ڳوٺن جا رهاڪو مريد ٿيا، جيڪي سرحد کليل رهڻ تائين درگاهه شريف سان پابند رهيا. (2)

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون درگاهون پڻ آهن جتي آزاديءَ کان اڳ هزارن جي تعداد ۾ ڪڇي مريد، هندو توڙي مسلمان ڏيهاڙن ۽ عرسن جي موقعي تي اچي حاضري ڀريندا هئا. انهن ۾ بدين ۾ شاهه قادريءَ جي درگاهه، ٽنڊي باگي طرف شاهه طريل جي درگاهه، ڪڙهيي گهنور ۾ خليفي محمود نظاماڻيءَ جي درگاهه، ٺٽي کان 12 ميل پري پير پٺي ۽ جميعل شاهه گرناريءَ جي درگاهه، جاتيءَ ۾ مغل ڀينءَ جي درگاهه، شاهه لطيف ۽ شاهه ڪريم جون درگاهون، شاهه بندر ۾ شاهه يقيق جي درگاهه ۽ چوهڙ جماليءَ کان اڳتي شاهبندر – چوهڙ روڊ تي ابن شاهه جي درگاهه، سيراڻين کان اڳتي، ساحلي خطي ۾ احمد راڄي جي درگاهه، ساري سنگهار جون دونهيون، اهڙي خاص ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا هئا، جتي هر سال هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ڪڇ کان اچي حاضري ڀريندا هئا.


(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقالو، ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، مهراڻ جون موجون، 1956ع، ص 228.

(2)  ڏسو: غلام علي الانا، ڊاڪٽر: مقالو، منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت ڄامشورو، ٽماهي مهراڻ نمبر 1/1989 ص ص 56.25.

(3)  علي شير قانع: تحفة الڪرام، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص 88.

(4)  اعجازالحق قدوسي: تاريخ سنڌ، حصه اول، لاهور، انجمن ترقي، اردو 1971ع، ص 352.

(5)  ايضاً

(6)  علي شير قانع: تحفة الڪرام، ص 98.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد 1962ع، ص 54.

(2)  ڊاڪٽر گربخشاڻي ه – م : روح رهاڻ، حيدرآباد،،سنڌي ڪتاب گهر، ص 57

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol. IV, p.61.

(2) Ibid.

(3)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: لاکو ڦلاڻي، حيدرآباد، سنڌي مجلس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 1958ع، ص 5.

(4)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سن، ص 220.

Also see: Black Hills

(1)  Imperial Gazetteer of India, Vol. IV, p.61.

(2) Op. Cit.

(3)  مير محمد بن جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 12.

(4)  مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 184

(1)  مير معصوم بکري، ص 184، ۽ پڻ ڏسو: مير محمد بن جلال تتوي: ترخان نامه ص 26

(2)  ايضاً، ص 186.

(3)  علي شير قانع: مقالات الشعرا فارسي، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، صص 225 ۽ 721

(1)  ايضاً

(2)  ايضاً

(3)  ايضاً

(4)  ايضاً

(5)  علي شير قانع: تحفةالڪرام، ص 280.

(1)  ايضاً

(2)  ايضاً

(3)  ايضاً

(1)  تحفة الڪرام، ص 280.

(2)  ايضاً، ۽ پڻ ڏسو: غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا (اردو)، جلد دوم، ص ص 632 ۽ 633.

(1) Raverty, H.G., Mehran of Sindh, Calcutta. 1892, pp 654-66.

(2) Smyth, J.W.Gazetteer of the Province of Sind, Vol. B. Karachi, 1919 p. 91,

(3)  نائون مل: يادگيريون، مترجم حنيف صديقي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ. 1968ع. ص ص 81 ۽ 82.

(1)  تاريخ ڪاٺياواڙ موجب ڄام لاکو، ڄام گڙراهو جو پٽ نه هو، پر دراصل لاکو گڙرا هڪ ئي شخص جو هڪ نالو هو. جو لاکير جو پٽ هو. ڄام لاکو گڙرا 1520ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هن کي اٺ پٽ هئا. ڏسو:

Captain Wilberforce, H. Bell, The History of Kathiawar,London, William Heinmann, 1916.

(2)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکو ڦلاني، حيدرآباد، سنڌ مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، 1958ع، ص25.

(1) Dr. Sigrid Westphal Hellusch and Dr. Heniz WestphalE The Jats of Pakistan, Berlin, Duneker as Humboet 1964, p.26.

(1)  ملڪ غلام حسين اپريل 1982ع ۾ وفات ڪري ويو.

(1)  انهن مان ڪي لوڪ گيت تاريخ 13-5-1982ع تي ڪيٽي بندر ۾ هڪ ڪچهريءَ ۾ رڪاڊ ڪيا ويا. هن ڪچهريءَ جو بندوبست محترم ’عبدالقادر منگي‘، اسسٽنٽ ڪمشنر گهارو ۽ مشتاق باگاڻيءَ ڪيو هو. ڪيٽي بندر ۾ ميزبانيءَ جا فرائض محترم عزيزالعزيز ميمڻ بجا آندا.

(1)  نائون مل: يادگيريون، مترجم محمد حنيف صديقي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1968ع، ص 78.

(2) Aitken, E.H., Gazetteer of the Provinde of Sindh, Karachi, American Mission Press, 1907, p. 188.

۽ پڻ ڏسو نائون مل: يادگيريون. حوالو ڏسو 1، ص 71.

(3)  زباني احوال مرحوم همير لاکا کان 1957ع ۾ مليو هو.

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو: ،ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون: هند واسي، 20 ڊسمبر، 1962ع ص 5 ۽ ص 6

(2)  لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو: ”ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون: هند واسي، 20 ڊسمبر، 1962ع ص 5 ۽ 6

(3)  ايضاً

(4) John Wilson, History of the Suppression of Infanticites in Western India, Bombay, 1855, pp. 167-168.

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: حوالو ڏنو ويو آهي. ص ص 5-6

(2)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: خليفي صاحب جو رسالو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع ص 18.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com