سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌيءَ ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :1

سنڌيءَ ٻوليءَ جي لساني تاريخ

ڊاڪٽر غلام علي الانا

مهاڳ

(ڇاپو ٽيون)

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، هن ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ جي شاگردن، اُستادن، پڙهندڙن ۽ ماهرن جنهن طريقي سان قدر ڪيو آهي، اُن جو ظاهري ثبوت هي آهي جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو ۽ اُن کان چار سال پوءِ يعني 1983ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ٽئين ڇاپي جي ضرورت به ڪيترن ئي سالن کان هئي پر نيٺ 1995ع ۾ هي ٽيون ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٽئين ڇاپي ۾ دير لاءِ ادارو جوابدار نه آهي پر اُن لاءِ جواب طلبي مون کان ڪئي وڃي. اداري طرفان مون کي بار بار لکيو ويو هو پر جيئن ته مون ٻئي ڇاپي ۾ ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ پئي چاهيا، تنهن ڪري هن ڇاپي ۾ ڪافي دير ٿي ويئي ۽ اُستادن توڙي شاگردن کي انتظار ڪرڻو پيو.

پهرئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ لسانيات جي ماهرن، سنڌي ٻوليءَ جي اُستادن، شاگردن ۽ پڙهندڙن جي خدمت ۾ نهايت ئي ادب ۽ احترام سان گذارشون ڪيون هيم ۽ عرض ڪيو هئم ته:

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ واري موضوع تي لکڻ ۽ اُن لاءِ جاگرافيائي حدون مقرر ڪرڻ، دراصل ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن جو هڪ جٿو گهرجي، جيڪي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور (سابق رياست واري ايراضي)، بلوچستان جي کيتران، ساراوان، جهالاوان، قلات، لس ٻيلي، مڪران ۽ ويندي ايران جي سرحد تائين پهچن ۽ مقامي ماڻهن سان ملن ۽ مواد رڪارڊ ڪن. هر ڪارڪن وٽ هڪ هڪ ٽيپ رڪارڊر هجي ۽ اُن سان گڏ هڪ سوالنامو پڻ هجي جنهن جي آڌار تي هو مقرر خطي ۾، اُن خطي ۾ مروج سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ۽ اُن لهجي جي محاوري جا نمونا رڪارڊ ڪندو وڃي، ۽ ماڻهن سان ڳالهائيندو به وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ تي صحيح ۽ سائنسي طريقي سان ڪم ڪري سگهبو.

هن ڏس ۾ هڪ اسڪيم جو ڍانچو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي باقاعدگيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم درڪار ٿيندي، جنهن تي في الحال عمل درآمد ڪرڻ جو پروگرام ڪونهي، پر جيڪڏهن زندگيءَ وفا ڪئي ۽ حڪومت طرفان مدد ملي ۽ ساٿين سهاو ڏنو ته هي ڪم ڪو مشڪل نه آهي. هن ڏس ۾ ڪجهه ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي (ص هه).

حقيقت ۾ هيءُ ڪم ڪو ايترو آسان به نه آهي جو گهر ويٺي، ڪتابن ۾ آيل مواد کي گڏ ڪري، لسانياتي جاگرافيءَ تي تحقيق جي هام هڻجي. هي ڪم مرحليوار رٿا تي عمل ڪرڻ سان مڪمل ڪري سگهبو. هر خطي جي ٻولي، لهجي ۽ محاوري جي سروي جو ڪم ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي حوالي ڪرڻ صحيح فيصلو نه ٿيندو. هر خطي جي لهجي ۽ محاوري تي کوجنا لاءِ ڌار ڌار ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهڻي پوندي. هن ڏس ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ڪجهه عملي قدم کنيو به آهي پر اُن جي رٿا سان آءٌ اتفاق نٿو ڪريان. شڪارپور، ماٿيلي، لاڙ يا ٿر جي لهجن ۽ محاورن تي تحقيقي ڪم لاءِ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي بدران ٽن ٽن يا چئن چئن ماهرن تي مشتمل ڪميٽيون ٺاهجن ها. اٿارٽيءَ طرفان ڪرايل تحقيقي ڪم يقيناً تحسين جوڳو آهي پر هن وقت تائين لهجن ۽ محاورن جي سلسلي ۾ ڪيل تحقيقي ڪم، هر لهجي لاءِ مقرر ڪيل هڪ هڪ ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر جو ثمر آهي، جڏهن ته هن ڪم لاءِ، جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان، ڌار ڌار لهجن لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون ٺاهڻ گهربيون هيون.

اٿارٽيءَ طرفان ڪنهن خطي يا ڪن خطن جي لهجي يا لهجن تي تحقيق لاءِ اُن خطي جي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي بدران، اهڙن دوستن جي حوالي پڻ ڪم ڪيو ويو جن جو اُن خطي يا اُنهن خطن سان پري جو به واسطو ڪونه رهيو آهي. انهيءَ قسم جي تحقيق لاءِ سرگريئرسن، ڪاڪي ڀيرومل يا انگريز مشنرين جي طرفان لکيل مواد، انهن جي بيانن ۽ کوجنا کي ترجمو ڪري، يا نقل ڪري لغوي خزاني جون لڙهيون ڏيئي اٿارٽيءَ جي حوالي ڪرڻ سان اُن لهجي جي صحيح خدمت ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن انهيءَ تحقيق لاءِ مقامي ماهرن کي مقرر ڪيو وڃي ها ته شايد بهتر مواد ۽ صحيح معلومات ملي سگهي ها. ائين به ڪري سگهجي ها ته ڪن مقامي ماهرن کان اهڙي مواد تي نظرثاني ڪرائي وڃي ها. ائين ڪرڻ سان محققن جي محنت جو وڌيڪ قدر ٿئي ها، پر ائين نه ڪيو ويو. انهيءَ ڪري هن رٿا مان سنڌي لسانيات جي شاگردن کي ڪو فائدو حاصل ڪونه ٿيندو ۽ اها تحقيق، هڪ ماڻهوءَ جي سمجهه يا سوچ ۽ مطالعو سمجهي ويندي.

عيب جوئي ڪرڻ، هر ڪم مان وڏون ڪڍڻ  ۽ پاڻ ڪم نه ڪرڻ پر ٻئي ڪنهن ڪم ڪندڙ جي دل شڪني ڪرڻ اسان جي عادت آهي. هر چڱي ڪم کي خراب ثابت ڪرڻ لاءِ اسين بيان بازيءَ کان گريز ڪونه ڪريون. منهنجي هن محنت تي داد ڏيڻ جي بدران مون سان اهائي ڪار ڪئي ويئي. هن ڪتاب کي غور سان پڙهڻ جي بدران، عيب جوئيءَ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ويئي. هڪ صاحب تي اهو ڪم رکيو ويو ته هو هن ڪتاب جي رد ۾ ڪتاب لکندو جنهن ۾ هو منهنجي هر دعوا کي هر طرح سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ماهرن، اُستادن ۽ سنڌي لسانيات سان دلچسپي رکندڙ دوستن هن ڪتاب جي باري ۾ مون کي ڪجهه تعريفي ۽ ڪجهه تنقيدي خط پڻ لکيا هئا. انهن ۾ هندستان مان ڀاءُ ڊي ڪي منشاراماڻي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ۽ پنجاب (پاڪستان) مان پنجابي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري آصف خان ۽ محترم شريف ڪنجاهيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. نه فقط ايترو پر 1979ع ۾ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ايوارڊ، ۽ 1981ع ۾ پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان هن ڪتاب تي پهريون انعام ڏنو ويو آهي. گويا انهن ٻنهي انعامن لاءِ معتبر مصنفين جي راءِ ۾ هن ڪتاب کي معياري ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو هو.

جيتوڻيڪ ڪنهن به ليکڪ کي ڪنهن کان به ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. منهنجو اهو پڪو ايمان آهي ته ڪنهن به ليکڪ جو ڪو به مقالو يا مضمون يا ڪو به ڪتاب جڏهن ڇپجي ادبي ميدان ۾ اچي وڃي ته پوءِ هُن کي اهو سمجهي وڃڻ گهرجي ته اهو مقالو يا ڪتاب عوام جي ملڪيت آهي. هاڻ اهو عوام تي ڇڏيل هوندو آهي ته اُن کي پسند ڪري، اُن تي تنقيد ڪري، قوم لاءِ بهتر مواد سمجهي ۽ قوم کي سفارش ڪري ته ڇپيل مقالو يا ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي يا نه.

انهيءَ سوچ تي منهنجو هميشہ ڀروسو رهيو آهي. ان ڪري سال 1985 ۾ محترم محمد عمر چنڊ، لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراديون جي عنوان سان هن ڪتاب تي تنقيد ڪئي، جنهن ۾ چنڊ صاحب منهنجي ڪتاب جي عنوان ۽ پهرئين باب ۾ لهجي ۽ زبان جي وصف کي تنقيد جو موضوع بنايو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به ھن ڪتاب تي تنقيدي جملا لکيا ۽ تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پڻ به هن ڪتاب تي چنڊ صاحب ۽ جيٽلي صاحب  جي تنقيدن جي آڌار تي رايو ڏنو پر جوڻيجي صاحب سڄي ڪتاب کي پڙهڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي.

محترم ڊي- ڪي منشاراماڻيءَ، هن ڪتاب تي پنهنجو رايو هڪ خط ذريعي موڪليو هو جيڪو هن مون ڏانهن، تاريخ 26 آگسٽ 1979 تي لکيو هو.

منشاراماڻي صاحب جو رايو هيٺ نقل ڪجي ٿو:

هن کان اڳ ڊاڪٽر الانا، جو هن وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جو انچارج پروفيسر آهي گهڻيئي ادبي ڪتاب ۽ لسانيات متعلق تحقيقي مقالا، مضمون ۽ تصنيفون پيش ڪري چُڪو آهي ۽ ڄاڻن ۽ عالمن کان خراج تحسين حاصل ڪري چُڪو آهي. سندس اهم تصنيفون آهن: سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي نثر جي تاريخ ۽ ٻيا ڪي ڪتاب جهڙوڪ: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري ۽ 1947-1973ع تائين ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي، ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري لاءِ هنجو مقالو لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ به ڇپجي چُڪو آهي پر منهنجي نظر مان گذريو ڪونهي. سندس آخري ڪتاب آهي سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي جو حال ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان شايع ٿيو آهي. محترم ڊاڪٽر الانا لسانيات جو ماهر آهي ۽ سنڌين مان انهن چند فداين مان آهي جن ان موضوع جو گهرو مطالعو ڪيو آهي.

جيئن ته ڪتاب جي سري مان ظاهر آهي ته هيءَ پيشڪش سنڌي زبان جي چند لهجن (يعني اپڀاشائن Dialects) جو مطالعو آهي. جيئن ته فاضل اديب مهاڳ ۾ لکيو آهي ته لساني جاگرافي جهڙي موضوع تي هڪ فرد مڪمل طور ڪم ڪري نه سگهندو ۽ ان لاءِ سنڌي زبان جي سوداين ۽ شيداين جو هڪ هڪ جٿو کپي جو انهن مقامي لهجن ۽ محاورن ۽ لفظن جي ذخيري کي رڪارڊ ڪري. ان لاءِ وقت کپي، ناڻو کپي ۽ ان کانسواءِ لگن ۽ اوچائي- جيسين اهي ڪم ڪندڙ تيار ٿين تيسين الانا صاحب جو پنهنجي محنت سان مواد ڏنو آهي ان لاءِ سرحد جي ٻنهي پاسن جا عالم ۽ پارکو قدرداني ڪندا جيئن ان ڏس ۾ تيز تر گامزن ٿئي ۽ ٻين لاءِ مشعل راه بڻجي.

هن مقالي ۾ ڪن چند لهجن جو ذڪر آهي جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجسٿان (جي هينئر هندستان جو حصو آهن) ۽ بلوچستان ۽ سرائڪي لهجي وارين ايراضين (جي پاڪستان جي حدن اندر آهن) ۾ رائج آهن. مقالي جي منڍ ۾ سنڌي زبان ۽ انجا لهجا باب ۾ موجود لساني مطالعي جي مدنظر سمجهايو ويو آهي ته زبان جي وصف ڇا آهي. صاحب موصوف آمريڪا جي لسانيات جي ماهرن جا جديد نظريا پيش ڪيا آهن. ان بعد بحث ڪيل آهي ته ڪهڙا ڪارڻ آهن جنهن ڪري مختلف لهجا وجود ۾ اچن ٿا. مهاڳ مختصر پر مائيدار ۽ معنيٰ خيز آهي. ماهرن اٽڪل نَو ڪارڻ سوچيا آهن جن ۾ جاگرافيائي حالتون هڪ آهي. ان کي بنيادي ريت مدنظر رکي باقي بابن ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجسٿان ۾ سنڌيءَ جي ڦهلاءُ ۽ انهن هنڌن تي آدمشماريءَ جا انگ اکر ۽ نقشا وغيره ڏيئي هڪ معتبر ۽ سندي حوالي جو ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ سنڌي خواندا ۽ عالم جناب الانا جا مرهون منٿ ٿيندا جيئن اڳتي به باقي لهجن جو اڀياس ڪري پنهنجي راين کي پيش ڪرڻ جي جنبش جاڳي.

ازانسواءِ پنهنجي تصنيف جي پنجين باب ۾ بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ جي سري هيٺ سبي، لس ٻيلي ۽ ويندي مڪران تائين سنڌيءَ جي لاسي لهجي ۽ محاوري تي سير حاصل بحث ڪيل آهي. انهن جي خصوصيات، انجي وجود ۾ اچڻ جي ڪارڻن ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي سببن جو تفصيل سان ذڪر ڇيڙيو ويو آهي.

آخري باب ۾ سرائڪي ايراضين ۾ سنڌيءَ جي ڦهلاءَ ۽ اثر ۽ خصوصيتن تي خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. هت اهو لکڻ بيجاءِ نه ٿيندو ته ان سرائڪي لهجي جو وسيع پئماني تي گهرو مطالعو لازمي آهي. ان جي لساني تجزيي ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. جنهن صورت ۾ جي به سنڌ جي سري جا ستارا آهن تن سرائڪي لهجي ۾ سهڻو ڪلام ۽ ڪافيون لکيون آهن. سچل سرمست، بيدل، بيڪس، ڀائي ايسر لال، مير جانشاه رضوي (وجون)، نانڪ يوسف، حمل فقير وغيره شاعرن اڻ ميو سرائڪي ڪلام چيو آهي جو سرائڪيءَ جي اهم شاعرن بليشاه ۽ خواجه فريد جي ڪلام کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي ۽ شايد بهتر پڻ.

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان سرائڪي لهجي جي شاعريءَ جو به حصو ۽ مقام هئڻ گهرجي، خاص ڪري اهو سرائڪي ڪلام جو سنڌي شاعرن جي پيشڪش آهي. سنڌي شاعرن جي ان ڪلام جو مطالعو ڪري ڪم آندل لهجي جو بهاولپور/ ملتان ۾ مستعمل سرائڪي/ ملتاني لهجي سان تقابلي جائزو ڪرڻ جڳائي. ان ڏس ۾ هڪ ٻئي ڪتاب جو به حوالو ڏيڻ واجب سمجهان ٿو جو شايد الانا صاحب جي نظر مان نه گذريو آهي. اهو آهي ڊاڪٽر مهر عبدالحق جي اردو ۾ تصنيف ملتاني زبان اور ان کا اردو سي تعلق جو 1967ع ۾ اردو اڪادمي بهاولپور جو شايع ڪيل آهي.

بهرحال آخر ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي محنت جو اعتراف ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان جو هن پهريون دفعو ان طرح جو مطالعو سنڌي زبان ۾ پيش ڪيو آهي. يقين اٿم ته هن سنڌي زبان ۽ علم ادب جي فدائي ۽ لسانيات جي ماهر جي قلم مان گهڻين اهم تصنيفن جي اميد رکي سگهجي ٿي.

ڪتاب ۾ مفيد ببليوگرافي ۽ ازنسواءِ نالن ۽ هنڌن ماڳن جي ڏسڻي وغيره ان جي افاديت وڌائي ڇڏي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com