سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 12

باب ٻارهون                       مسلمانن جي حڪومت جو اثر

 

عربيءَ جو خاندان

192 عربي ٻولي ”سيمٽڪ“ خاندان مان آهي، جنهن سان ”هيبرو“ يعني عبراني يا يهودين جي ٻولي، سريا يا شام جي ٻولي ”ڪئلڊي“، ۽ ايشيا جي ڏکڻ- الهندي طرف جون ٻوليون پيدا ٿيون آهن. انهن ٻولين جو خاندان يا ڪل هڪڙو آهي، تنهنڪري سڀاويڪ طرح نحوي بناوت ۾ هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون، ۽ ڪيترا لفظ ساڳيا اٿن * سنسڪرت ٻولي، جنهن مان سنڌي، هندي، گجراتي، وغيره ٻوليون پيدا ٿيون آهن، سي آريه ٻوليون آهن، ۽ انڊو- يوروپين خاندان جون ٻوليون ليکجن ٿيون، تنهنڪري سنڌيءَ جو عربيءَ سان ڪو به جگري ناتو ڪونهي، پر عربيءَ جو مٿس اثر ٿيو آهي- اهو ڪيئن ٿيو ۽ ڪيترقيدر ٿيو، تنهن لاءِ اول ڪجهه تاريخي احوال ڏجي ٿو، ته سڄي ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.

 

آڳاٽن عربن تي آرين جو اثر

193- قديم زماني ۾ وچ ايشيا کان وٺي ايران تائين آرين جون بيٺڪون هيون. آرين وانگر عرب به ٺاڪرن کي پوڄيندا هئا. قرآن شريف ۾ ٽن بتن- منات، عزيٰ ۽ لات- جا نالا ڄاڻايل آهن.

”ڳالهين منجهان تان ڪين ٿئي، ڀڃ اوٽ عزا لات کي،

سچل ڇو روئين ايترو، بس ڪر برسات کي.“ (سچل)

هتي ’عزيٰ‘ ۽ ’لات‘ نالا ڪم آيل اهن. عربن ۾ آرين جي پاڻ ۾ گهڻي لڙهه وچڙ هئڻ سبب، ڪي سنسڪرت لفظ عربيءَ ۾ اچي ويا. جهڙو صندل ( Sandal) ۽ ڪافور (Camphor)، اصل ۾ سنسڪرت لفظ چندن ۽ ڪپوُر آهن. ”ڪافور“ لفظ قرآن شريف ۾ به ڪم آيل آهي. ويدانت ۽ تصوف يا صوفي مت به ساڳيائي آهن، ۽ اها هڪجهڙائي به انهيءَ لڙهه وچڙ سبب آهي، پر وارا ڄمارا آهن: هينئر ڏسو ته ڪيئن عربن جو اتر ايران ۽ سنڌ جي آرين تي ٿئي ٿو؟

عربستان ۾ اسلام ۽ اُتساهه

194- سنه 570ع ۾ حضرت محمد () مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا. ڪچيءَ کان ئي پنهنجي پاڪ نفسي،خلق ۽ فياضيءَ جي ڪري مشهور ٿيا، پر اسلام جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون، ته عربن پنهنجون اڳوڻيون ريتون رسمون ڇڏڻ واجب نه سمجهي، سندن گهڻي مخالفت ڪئي: ساڻن ايتريقدر اچي پاتائون، جو سنه 623ع ۾ هجرت ڪري مديني شريف ڏي وڃڻو پينِ- مسلمانن جو هجري سنه انهيءَ هجرت واري واقعي کان وٺي شروع ٿئي ٿو- انهيءَ وقت حضرت محمّد () جن کي پنهنجي جيءَ کي جفائون ۽ ڏِيل کي ڏاکڙا ڏيڻا پيا، ته به پنهنجي ارادي تي ثابت قدم رهيو. انهيءَ ثابت قديءَ نيٺ سندين من جي مراد پوري ڪئي: عربن پوءِ خوشيءَ سان اِسلام اختيار ڪيو ۽ حضرت محمّد () جن کي ڌڻي پاڪ جو رسول ڪري مڃڻ لڳا. پيغمبر صاحب منجهن نئون ساهه ڦوڪيو، ته ايترو اُتساهه جاڳين، جو ٻين هنڌ به اسلام جو جهنڊو کڙو ڪرڻ ويا. اسلام اختيار ڪرڻ کان پوءِ اٽڪل هڪ سؤ ورهين جي اندر ايران، سنڌ، ايشيا کنڊ جو گهڻو ڪري سمورو الهندوطرف، مصر ملڪ ۽ آفريقا جو اتر وارو پاسو فتح ڪندا، فرانس تائين به ڪاهي ويا- ٽوئرس (Tours) وٽ جيڪڏهن شڪست نه اچي ها، ته سڄو يورپ پنهنجو ڪري ڇڏين ها.

ڪاغذن جوڙڻ جو هنر

195- ”انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو رواج، چين ولايت ۾، عيسوي سنه شروع ٿيڻ کان اڳي هو. سنه 751ع ۾ عربن سمرقند تي ڪاهيو، ته چين جو لشڪر سامهون ٿين. عربن ڪي چينائي قيد ڪيا، جن پنن جوڙڻ جو هنر سيکارين. عربن پوءِ اهو هنر هندستان ۽ يورپ کي سيکاريو. هندستان جي ماڻهن اهو ٿورو لاهي ڇڏيو، جو حسابي علم ۽ ٻيا ڪي علم عربن کي سيکاريائون عربيءَ ۾ حسابي علم کي چون ئي ”علم هندسه“، جو اهو علم هندستان مان پرايو هئائون.

196- آڳاٽن آرين کي ويدن جا منتر ۽ ٻي پاڻي ڪنٺ هوندي هئي، ۽ ان جو ڦهلاءُ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ڪندا هئا. شروع ۾ عرب به ائين ڪندا هئا، لکڻ جو هنر به هون. سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ’Write‘ جي اصل معنيٰ هئي.”کرڙڻ يا اُڪرڻ“- اڳي پٿر، ٽامي وغيره تي اکر اُڪريندا هئا؛ اهو دستور گهڻو هوندو هو. اڳي هيئن به ڪندا هئا جو کجيءَ جا ويڪرا پن، جن مان وڃڻيون ٺهن ٿيون، تن تي لکندا هئا: جنهنڪري سنسڪرت لفظ ”پتَر“ ۽ انگريزي لفظ (leaf)  جي هڪڙي معنيٰ آهي وڻ جو پن ۽ ٻي معنيٰ آهي ”پرت‘ يا ”ورق“ (ڪتاب جو)؛ خود ”وراق“ لفظ جون به اهي ٻه معنائون آهن.

سنسڪرت لفظ ”پتر“ جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو آهي ”پرت“. هندستان ۾ گهڻا، ڀوڄ پترن يعني ڀوڄ وڻ (Birch tree) جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اهي پن هڪٻئي جي پٺيان رکندا ويندا هئا؛ پر متان ڪنهن وقت سڄو ٿهو ڪِري پوي ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهنڪري ڀوڄ وڻن جا ڇوڏا انهن پنن جي مٿان پٺو يا جلد ڪري ڪم آڻيندا هئا. انهن ڇوڏن توڙي پنن جي آر پار ٽنگ ڪري انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. ان کي سڏيندا هئا ”گرنٿ“، جنهن جي سنسڪرت ۾ هڪڙي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“ ۽ ٻي معنيٰ ”ڪتاب“ (جنهن کي ڳنڍ ڏنل هجي). سنڌيءَ ۾ ”گرنٿ“ جو اچار بگڙجي ”گرٿ“ ٿيو آهي.

”ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو هڻجي سور جو“ (شاهه)

هتي گرٿ (گرنٿ گرنٿي) معنيٰ ڳنڍ (ناڻي جي).

سنڌيءَ ۾ ”گرنٿ گرنٿي“ جو اچار ڦري ”ڳنڍ“ به ٿيو آهي. سکن جي گُرن جي ٻاڻِي  جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ سڏجي ٿو، نه ته اصل معنيٰ اٿس. ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنيٰ ٿيس ”گُرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب، ”قرآن“ يا ”القرآن“ (قرء معنيٰ پڙهڻ) ۽ ”مصحف“ يا ”المصحف“ (صحف معنيٰ لکيل پرت) سڏجي ٿو، پر انهن ٻنهي لفظن جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”ڪتاب“ ۽ اهو ”الڪتاب“ (The Book) سڏجي ٿو: ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون- هاڻ اچو ٻولي جي ڳالهه تي.

ايران ۽ پارسي

197- پرشيا کي ” ايران“ * چئبو آهي ۽ اُتي جا رهاڪو پاڻ کي ”ايراني“ سڏائين ٿا ۽ سندن ٻوليون به ايراني ٻوليون سڏجن ٿيون. ”پرشيا“ مان ”پرشن“ (Persian) لفظ ٺاهيو اٿن، جنهن جي معنيٰ آهي ” پارسي“ يا ”فارسي“، پر اصل ۾ اها سڄي ايران جي ٻولي نه آهي. اها اصل ايران جي گهڻن پرڳڻن مان فقط پارس يا فارس نالي هڪ پرڳڻي جي ٻولي آهي: پر انهيءَ پرڳڻي ۾ عيسوي سنه کان ڇهه صديون اڳي ڪياني بادشاهه (Achaemenian Kings) دارا وغيره (330 کان 550 ق. م)، ۽ عيسوي ٽين صديءَ ۾ ساساني بادشاهه (Sasanian Kings)، پيدا ٿيا، جي سڄي پرشيا (ايران) جا والي ٿيا، ته سندين ٻولي ”پرشن“ سڏجڻ ۾ آئي، جا درحقيقت فقط پارس پرڳڻي جي ٻولي آهي  عربيءَ ۾ ”پ“ اکر ڪونهي، تنهن ڪري عربن پارس ۽ پارسي لفظن جا اچار ڦيرائي فارس ۽ فارسي ڪيا.

عربن جي ايران تي ڪاهه

198- سنه 37-634 ڌاري عربن ايران تي ڪاهه ڪئي. ان وقت ايران جي پارس پرڳڻي مان ڪيترا پارسي (پارس جا رهاڪو) لڏي، هندستان ۾ گجرات طرف اچي رهيا، جنهنڪري هينئر سندين مادري زبان گجراتي آهي. عربن جي ڪاهه وقت ايران ۾ پهلوي يعني پهلوُ (پرٿوُ-آرين) لوڪن جي ٻولي چالو هئي. انهيءَ پهلويءَ تي عربيءَ جو ايترو اثر ٿيو، جو اها رفتي رفتي ڦري هاڻوڪي عربيءَ آميز پارسي ٻولي ٿي پيئي.

(الف) پارسيءَ جا ٽن قسمن جا درجا آهن: قديم، وچولي، ۽ آخرين. قديم پارسي دارا بادشاهه جي وقت جي ٻولي آهي، ۽ وچولي ”پهلوي“ آهي؛ آخرين درجي واري پارسي  (Classical Persian) اها آهي، جا اڄڪلهه اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچي ٿي. پارسي ۽ سنسڪرت آريه ٻوليون آهن ۽ هڪٻئي کي گهڻو ويجهيون آهن.

عربيءَ جو سنڌيءَ تي اثر

199- سنه 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي اهو سڀاويڪ آهي ته جڏهن ڪا ڌاري قوم ڪنهن ملڪ تي غالب پوندي آهي، تڏهن انهيءَ ملڪ جا رعيتي ماڻهو، فتح ڪندڙ حاڪمن جي عام طرح پيروي ڪندا آهن: اول ڌاريءَ قوم جا لفظ، روز مره جي محاوري ۾ اچي ويندا آهن، انهيءَ کان پوءِ رعيتي ماڻهو سندين پوشاڪ، کائڻ پيئڻ جا نمونا، اُٿَ ويهه جا قاعدا ۽ ٻيون ڳالهيون اختيار ڪندا آهن، ڪي ته انهن جو دين به اختيار ڪندا آهن. مطلب ته عام قاعدو هيءُ آهي ته ڌاريءَ قوم جو اثر پهريائين پهريائين ٻوليءَ تي، ۽ سڀ کان پوءِ دين يا ڌرم تي ٿيندو آهي. پر، سنڌ جي حالت ۾ قصوئي ٻيءَ طرح ٿيو: عربن جيسنڌ فتح ڪرڻ سان هزارها هندو اسلامي دين ۾ داخل ٿيا، جنهنڪري اول اثر ڌرم تي ٿيو. عربن ڪيترن هنڌ مسجدون جوڙايون ۽ نون مسلمانن کي نمازون سيکارڻ ۽ قران شريف پاڙهڻ جو بندوبست ڪيائون. پارسي تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي ته ڪيترا نؤمسلم شوق سان عربي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيا. ابو عطا نالي هڪ سنڌي شاعر، عيسوي نائين صديءَ ڌاري بغداد ۾ وڃي رهيو ۽ عربيءَ ۾ جيڪو شعر چيائين، سو خود عربستان جي شاعرن به ساراهيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين ڪن عالمن به عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا، جي اڄ تائين موجود آهن ۽ مصر جي ”جامع ازهر“ (ازهر يونيورسٽي، قاهره) ۾ درسي ڪتابن طور پاڙهيا وڃن ٿا*.  پر مٿي اڳيئي چيو ويو آهي  ته عربن جي ڪاهه وقت سنڌ ۾ وراچڊ اپڀرنش چالو هئي، سنه 1100ع ڌاري سومرن جي صاحبيءَ ۾ ڦِري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي هن حقيقت مان چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو ته عربيءَ جو جيڪو به اثر سنڌ جي ٻوليءَ تي ٿيو هوندو، سو وراچڊ اپڀرنش تي، يعني هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ تي. انهيءَ اپڀرنش پراڪرت ۾ لکيل هڪ ڪتاب به موجود ڪونهي. تنهنڪري، چئي نٿو سگهجي ته انهيءَ تي عربيءَ جو ڪهڙو ۽ ڪيتريقدر اثر ٿيو- هن ڳالهه تي وڌيڪ روشني وجهڻ لاءِ ڪي تاريخي حقيقتون ڄاڻائجن ٿيون.

200- سنه 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي، ۽ 13- 7128ع ڌاري ملتان به ورتائون. انهيءَ وقت کان وٺي، اُموي خلافت پاران، سنڌ ۾ نائب مقرر ٿيا. محمد بن قاسم جنهن سنڌ فتح ڪئي، سو انهيءَ وقت ڌاري گذاري ويو. سندس وفات کان سگهوئي پوءِ سنڌي ماڻهن، عربن سان جنگيون جوٽي، گهڻو ڪري سنڌ جو سڄوئي پرڳڻو موٽي پنهنجي قبضي ڪيو. خليفن جي نائبن جي هٿ ۾ رڳو ڪراچي ضلعي جي لاڙ وارو ڀاڱو ”ديبل ٺٽي کان وٺي سمنڊ تائين“ رهيو*.  انهن نائبن جي حڪومت 711ع کان وٺي 50-749ع تائين يعني اٽڪل چاليهه ورهيه هلي. ”تحفة الڪرام“ موجب انهيءَ عرصي اندر برهمڻ آباد ۾ دلو راءِ، ۽ ڀنڀور (تعلقي ميرپور ساڪري) ڀنڀوراءِ جو راڄ هو. هن مان ظاهر آهي، ته ڪراچي ضلعي واري لاڙ مان به ميرپور ساڪري وارو پاسو هنن جي هٿ ۾ هو. اُموي خليفن جي پاران منصور بن جمهور سنڌ ۾ هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿورا ميل پري هڪ شهر ٻڌايو هو، جو سندس نالي پٺيان ”منصوره“ سڏبو هو. مطلب ته عربن جي هٿ ۾ سنڌ جو رڳو ٿورڙو ٽڪر شهدادپور طرف هو، باقي ٻي سموري سنڌ، سنڌي ماڻهن موٽي هٿ ڪئي هئي.

201- سنه 750ع کان وٺي عباسي خلافت جو زمانو شروع ٿيو، ته انهيءَ گهراڻي وارن پنهنجا نائب سنڌ ۾ موڪليا. منصور بن جمهور انهن نون نائبن کي سامهون ٿيو. پر پوءِ شڪست کائي ٿر ڏي ڀڄي ويو، جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب، اڃ ۾ عاجز ٿي، ساهه ڇڏيائين *- هن مان ظاهر آهي ته منصور بن جمهور رڳو حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ عربي ڦهلائڻ يا عربي علم ادب کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪا نه ٿي ڪيائين. حقيقت به هن طرح آهي ته ان وقت جيڪي مسلمان نه هئا، سي جزيي واري ڍل ڀري، پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت جو بار خليفن تي وجهندا هئا. اهي هندو ”ذمي“ سڏبا هئا، يعني آهي رعيتي ماڻهو جن جو بچاءُ حڪومت جي ذمي هوندو هو.  ايلفنٽسن صاحب پنهنجي جوڙيل تاريخ ۾ انهيءَ سبب خليفن جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي، جو ڪيترن هندن کان رڳو جزيو وٺي کين هندڪي ڌرم ۾ رهڻ ڏنائون ٿي،مطلب ته عربي سکڻ لاءِ ڪو به ٻڌل ڪو نه هو.

202- بني عباس گهراڻي وارن خليفن جي ڏينهن ۾ عراق ۾ ڪي بغاوتون ٿيون هيون، جنهنڪري هو پنهنجي ئي مونجهاري ۾ هئا ۽ سنڌ ڏانهن پورو ڌيان ڏيئي نٿي سگهيا. اهووجهه وٺي سنڌ جو پرڳڻو سولائيءَ سان موٽي خودمختيار*. حاصل مطلب ته سنه 711ع کان وٺي، سنڌ مان هندن جي صاحبيءَ  جو صفا خاتمو ٿي ڪو نه چڪو هو، جيئن ڪي غلط طرح سمجهندا آهن. حقيقت ته پاڻ هن طرح آهي، ته گهڻو ڪري سموري سنڌ هندن موٽي هٿ ڪئي هئي، باقي رڳو ڪراچي ضلعي جي لاڙ وارو ٿورو ٽڪر ۽ هاڻوڪي نوابشاهه ضلعي ۾ شهدادپور جي پريان، برهمڻ آباد جي ويجهو، منصوره جو شهر عربن جي هٿ ۾ هو. تنهن ڪري، عربيءَ جو جيڪو به اثر ٿيو هوندو، سو انهيءَ ٿوريءَ ايراضيءَ ۾، ۽ نه سڄيءَ سنڌ تي: اُتي به رڳو ڪي ٿورا عربي لفظ چالو ٿيا هوندا ۽ ٻوليءَ تي گهڻو اثر ڪو نه ٿيو هوندو، جو خود هاڻوڪي سنڌي انهيءَ ڳالهه جي ساک ڀري ٿي، جيئن اڳتي هلي ڄاڻائبو.

203- ٿر جي سوڍن راجپوتن جي دستخط احوالن مان معلوم ٿئي ٿو، ته وڪرمي سنبت 1054 يعني 996ع ڌاري الور، امرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر، مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه جي هٿ ۾ هئا، ۽ پٽس جو گراج امرڪوٽ ۾ راڄ ٿي ڪيو- هن مان ظاهر آهي ته الور جو شهر، جو عربن جي ڪاهه وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، سو به انهن راجپوتن پنهنجي قبضي ڪري ڇڏيو هو، ۽ خليفن جي نائبن جو زور ڀڃي ويٺا هئا.

204- سنڌ جي باقي رهيل جن ڀاڱن ۾ خليفن جا نائب هئا، تن بابت به ڪجهه حقيقت ملي ٿي: ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جي صفحي ٽيهتر ۾ ڄاڻايو آهي ته ’سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ”پُراڻ“* طرف جيڪي هندو (راجپوت) حاڪم هئا، سي جيتوڻيڪ خليفن جي پاران ڪي هندو نائب به هئا ۽ انهن ته عربيءَ جو ڦهلاءُ هرگز ڪو نه ڪيو هوندو. سنڌ جي تاريخ ۾ هيئن به لکيل آهي ته ’سن 1024ع ۾ محمود غزنويءَ سنڌ مان خليفن جي نائبن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سنڌ جو پرڳڻو دهليءَ جي بادشاهن جي هٿ هيٺ رهيو، ته به حڪومت جون واڳون انهن راجپوت حاڪمن جي هٿ ۾ هيون. انهن پوءِ اهڙو ته زور ورتو جو سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌين (راجپوتن) جي صاحبي ٿي، جا سومرن جي صاحبي سڏجي ٿي.

سنڌ ۾ سومرن جي صاحبي

205- سومرا اصل هندو راجپوت هئا، جيئن يورپي عالمن کوجنائون ڪري ظاهر ڪيو آهي. سنڌين صاحبيءَ ۾. سن 1100ع ڌاري، وراچڊ اپڀرنش پراڪرت ڦِري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي. ان وقت جو هڪڙو به سنڌي ڪتاب موجود ڪونهي، نڪي ڪنهن شعر جون مصراعون ملي سگهن ٿيون.

عيسوي يارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن شهاب الدين غوريءَ کي پرٿويراءَ تي فتح حاصل ٿي، تڏهن انهيءَ وقت چند بردائي نالي هڪ چارڻ ”پرتيراج رسن“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو - اُنهيءَ مان ٻه سٽون نموني لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون:

”ٻــڌ ڌرم لـــيو بــانڌي نه تيگ،

سُن سرون راج من ڀيو اُديگ.“

يعني (اجمير جي راجا بيسل ديو جي پٽ سارنگ ديو) ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو، ۽ تيغ (ترار) نٿي ٻڌائين. راجا اها خبر ٻڌي، من ۾ وياڪل ٿيو- هتي پارسي لفظ ”تيگ“ (تيغ) ڪم آيل آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به منجهس پارسي ۽ عربي لفظ گهڻيئي آهن- جهڙوڪ:

پيگام (پيغام)، فرمان، سرطان (سُلطان)، باتشاه، وغيره. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اُردو زبان جو ٻج اڳيئي ڇَٽيل هو، اهو غزنوي گهراڻي جي حڪومت جو اثر چئبو.

غزنوي گهراڻي وارن جو ٻوليءَ تي اثر

206- محمود غزنوي، جنهن سنڌ مان خليفن جي نائبن کي ڪڍي، حڪومت جون واڳون سومرن جي هٿ ۾ ڏنيون، تنهن کان وٺي عيسوي چوڏهين صديءَ تائين، جن مسلمان حاڪمن سنڌ ۽ سڄو اتر هندستان پنهنجي تابعي ڪيا، سي ايران جي اتر- اڀرندي ۽ هاڻوڪي افغانستان ۾ رهندا هئا: اهي ترڪ هئا، پر پارسي ٻوليءَ سان چاهه هون. محمود غزنويءَ جي حڪم سان فردوسيءَ نالي شاعر ايران جي بادشاهن جي تاريخ پارسي شعر ۾ لکي تيار ڪئي، جنهن جو نالو ”شاهه نامو“ رکيائين- پارسي ٻوليءَ بابت مٿي اڳيئي چيو ويو آهي (صفحو 203) ته عربيءَ جو مٿس نهايت گهڻو ۽ گهاٽو اثر ٿيو آهي. پر هيئن بهٿيندو آهي ته ڀر وارين ٻولين جا لفظ به ٻوليءَ ۾ گڏجي مسجي ويندا آهن. انهيءَ سبب پارسيءَ  ۾ ترڪي لفظ به اچي ويا. ائين پارسي ٻولي، جا اصل ۾ آريه ٻولي آهي، سا ترڪيءَ جي ٿوري اثر ۽ عربيءَ جي ججهي اثر سبب هڪ گاڏڙ ٻولي ٿي پئي. سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ عربي، ترڪي وغيره اچي ويا آهن، سي سڀ پارسيءَ جي معرفت؛ باقي سڌيءَ طرح عربيءَ جو اثر جيڪڏهن ڪو ٿيو به هوندو، ته هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ تي، جا وراچڊ اپڀرنش سڏبي هئي.

سنڌ ۾ سمن جي صاحبي

 207- سومرن بابت سڀني تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي، ته اڪثر عيش عشرت جا ڪوڏيا هئا. ”عمر مارئيءَ“ جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي- اهڙو قهر جو ڪم عمر سومري کان گهڻو اڳي، همير سومري 1030ع ۾ ڪيو هو، جو ”جاسل“ نالي هڪ نئين پرڻيل ڪنوار کي زبردستيءَ کڻي ويو هو. جنهن سبب راءِ ڏياچ جو پٽ راءِ نو گهن گجرات مان سنڌ تي ڪاهي آيو هو، ۽ سومرن کي شڪت ڏيئي جاسل جا بند خلاص ڪيا هئائين*. سومرن تي خود سنڌ جا سما سڙيا ويٺا هئا، جن نيٺ حڪومت جون واڳون پنهنجي قبضي ڪيون.

سنڌيءَ جو ڦهلاءُ

208- عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن کان اڳ ڪڇ ۽ گجرات وارا پاسا، بلڪ لسٻيلو به، هندو راجائن جي هٿ هيٺ هئا. سمن جي صاحبيءَ ۾ ڪن سمن سنڌ مان وڃي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي دِڳو ڄمايو ، ته سنڌيءَ جو ڦهلاءُ اوڏهين هيڪاري گهڻو ٿيو.ڄام انڙ جي خاندان مان ”رونجها“ هئا، جن لسٻيلي ۾ حڪومت ڪئي. انهن مان ”سپڙ“ سخاوت ۾ اهڙو نالو ڪڍيو، جو سڏيندائي ”سپڙ سخي“ اٿس. شاهه جي رسالي ۾ سنديس ۽ ٻين ڪن سمن جي گهڻي ساک لکيل آهي. لسٻيلي ڏي اهي سما حاڪم زور ٿيا، ته سنڌيءَ جو ڦهلاءُ ايڏهين به ٿيو.

209- سمن گهراڻي جو حاڪم ڄامتماچي اڄ تائين مشهور آهي. سندس وقت ۾ ستن فقيرن ڪي اڳڪٿيون شعر ۾ ڪيون هيون. سندن چيل بيت اڄ تائين موجود آهن. اهي عام طرح ”ماموئي“ فقيرن جا بيت سڏجن ٿا. حقيقتون،صحيح اچار ”معمائي“ آهي. معما معنيٰ ڳجهارت. انهن فقيرن ڳجهارن ۾ ڳايو هو، تنهنڪري اهو نالو پين. سندن چيل بيت هي آهن:

 

 

پهريون -             هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
                                بهه مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙا !

 

ٻيون -  وسِي وسِي آر جڏهن وڃي ڦٽندو،
                                تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو!

 

ٽيون -  ڪاري ڪاٻاري جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
                                مر مچي ماري، سک وسندي سنڌڙي!

 

چوٿون -               مر مچي ماري، مر مچي ڪهڙا پار،
                                هيٺين ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار!

 

پنجون -              لڳندي لاڙان سؤنڪو ٿيندو سري ۾،
                                جڏهن ڪڏهن سنڌڙي اوڳاڻا وڻاهه
*

 

                         (يا)جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو!

 

ڇهون -                نيرا گهوڙا ڏٻرا، اتر کؤن ايندا،
                                گهاگهيريون گسن تي، وراهي ويندا،
                                تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا!

 

ستون -                اچي ويجها ماڙهئا! ننگر جي آڌار،
                                پراڻا پرار، نوان مَ اڏجانجهرا!

 

هيءُ آهي سنڌ ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽو موجود سنڌي شعر، جنهن ۾ عربي توڙي پارسيءَ جو اثر لکائي ئي ڪو نه ٿو.

ارغونن ۽ ترخانن جو راڄ

210- سمن کان پوءِ سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو راڄ ٿيو. ارغونن جي خاندان جو وڏو ارغون خان هو، تنهن جي نالي پٺيان اهي پاڻ کي ارغون سڏائيندا هئا. سنه 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو، ته هن پاڻ سان ايراني ۽ ترڪي شاعر ۽ ٻيا ڪي عالم آندا. سندس پٽ ميرزا شاهه حسن به ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. ان وقت عام طرح پارسي ٻولي چالو هئي، جنهنڪري چئبو ته غزنوي گهراڻي وارن پارسيءَ جو ٻج ڇٽيو، ۽ ارغونن انهيءَ کي اُسرايو. انهيءَ وقت سنڌ ۾ مسلمانن جو تعداد ججهوئي هو، جنهنڪري چئبو ته عربيءَ سان گڏ پارسي تعليم جو سلسلو سنڌ ۾ انهيءَ وقت کان وٺي باقاعدي شروع ٿيو.

سنڌي شعر جي شروعات

211- سڀڪنهن ٻوليءَ جو علم ادب يا ساهت (لٽريچر) شعر سان شروع ٿئي ٿو. سنڌ جو قديم شعر آهي ”دوهرو“ يعني ٻن سٽن وارو بيت. معمائي فقيرن جا بيت جي مٿي ڏنا ويا آهن، سي به دوهرا آهن ، رڳو ڇهين بيت ۾ ٽي سٽون آهن، جنهنڪري چئبو ته دوهري جي ترتيب ۾ ٿورو ڦير اڳيئي پيل هو. اهي بيت ٿورڙا آهن، تنهنڪري نڪي ليکي نڪي چوکي. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ شيخ حماد ٺٽي وارو جو ”کجي وارو پير“ سڏجي ٿو، تنهن ڪجهه شعر سنڌيءَ ۾ چيو هو، پر اهو موجود ڪونهي. هن وقت جيڪو سنڌي شعر موجود آهي. تنهن ڏي نظر ڪري چئجي ٿو، ته سنڌي شعر عيسوي سورهين صديءَ کان وٺي شروع ٿئي ٿو. اهو سڀ مسلم شاعرن جو چيل آهي. هندن جو جوڙيل شعر عدم موجود آهي، باقي ان جو نمونو سکن جي گرنٿ صاحب مان ملي ٿو.

لوئڻ لوئي ڏٺ، پياس نه ٻجهي مون گهڻي.

نانڪ سي اَکڙيان ٻين، جن ڏسندؤ مان پري.

                                       (راڳ ماروُ محلا پنج)

]مطلب- اکين سان مون جوتي سروپ يا جلال واري ڌڻيءَ کي ڏٺو، مون کي درسن جي پياس يا ديدار جي تمنا(اڃا) گهڻي آهي ۽ اها ٻجهي يا مٽجي نٿي: پر اهي اکيون ئي ٻيون آهن، جن سان منهنجي پياري کي ڏسي سگهندؤ.[

212- عيسوي سورهين صديءَ ۾ جيڪي مسلم شاعر ٿيا، تن مان نامور شاعر قاضي قاضن سيوهڻ وارو هو، جو سمن جي صاحبيءَ جي پڇاڙيءَ ۾، ۽ ارغون گهراڻي جي راڄ جي اڳياڙيءَ ۾، ٿي گذريو آهي. هن جي وفات جي تاريخ 1551ع آهي. سندس فقط ڇهه بيت رسالي ڪريمي مان ملن ٿا. انهيءَ وقت کان وٺي جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن، تن جو شعر موجود آهي، تنهنڪري ئي سنڌي شعر جي شروعات عيسوي سورهين صديءَ کان وٺي ليکجي ٿي، قاضي قاضن جي شعر جا مثال آهن:

(1)          سي ئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻا،
      اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.

 

 (2) ڪنز، قَدوري، ڪافيه- ڪي ڪين پڙهيوم،
      سو پارئي ٻيو، جتان پرين لڌوم.

 

سندس پهس يا همعصر Contemporaries ٻيا به هئا، جن مان هت رڳو هڪ جو ذڪر ڪجي ٿو:

213- قاضي قاضن جي وقت ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو پيد اٿيو، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو ۽ مشهور اولياء هو. جو سنه 1536ع ۾ ڄائو ۽ سنه 1623ع ۾ وصال ڪيائين. مطلب ته سيد صاحب انهيءَ زماني ۾ ئي گذريو آهي، جنهن ۾ ارغون ۽ ترخان سنڌ جا حاڪم هئا. هو ڇهاسي ورهيه جيئرو رهيو،تنهن ڪري مرزا شاهه حسن ارغون،مرزا عيسيٰ ترخان، مرزا محمد باقي، مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ- انهن سڀني جا راڄ سنڀريو ٿي. تاريخن موجب اهي راڄ سنه 1521ع کان وٺي 1612ع تائين هليا.

يوروپي لوڪن جي ٻوليءَ جو اثر

214- انهيءَ وقت ڌاري پورچوگيزن، فرينچن ۽ ڊچن هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته سندن ڪي لفظ چالو ٿيا، جن جا مثال اڳيئي ڏنا ويا آهن عجب ته ڏسو ته ”روٽي“ ۽”ماني“ لفظ به اسان کي پورچوگيزن سيکاريا! سنسڪرت لفظ ”پرشٽ،“ معنيٰ پڪل: انهيءَ لفظ جو اچار پورچوگيزن بگيڙي ڪيو ”پاروٽي“ يعني پڪل ماني. اسين”پا“ جو اچار ڪڍي باقي چئون ۽ اسين چئون ”ڍوڍو“. هاڻ ”روٽي“ لفظ پورچوگيز ٻوليءَ مان ۽ ”ڍوڍو لفظ پشتو مان آيل ليکجن ٿا، نه ته حقيقت ڪري اسان جا ئي لفظ آهن ۽ بنياد سنسڪرت مان اٿن. ”ماني“ (Manna) لفظ اصل بني اسرائيلن (يهودين) جو آهي، جو پورچوگيزن اسان وٽ چالو ڪيو، ”پئسو“ لفظ به اسان وٽ پورچوگيزن چالو ڪيو، جو اصل سپين (Spain) جو (pess) آهي. اهو اصل سونو سڪو هو، پر هاڻ پئسي ۾ اسين ٽي پايون ليکيون ٿا. ساڳئي وقت ”پئسي وارو“ معنيٰ ڌن دولت وارو شاهوڪار انهيءَ اصطلاح ۾ اهو لفظ پنهنجي اصلوڪيءَ معنيٰ جو اهڃاڻ ڏئي ٿو. ساڳيءَ طرح ”ٽَڪو“، جنهن ۾ ڇهه پايون (اڌ آنو)  ليکيون ٿا، سو اڳي سون جو سڪو هو، تنهنڪري ”رتن ٽَڪن جو ٿالهه“ معنيٰ اشرفين جو ٿالهه ”ٽَڪو- ٽڪڪ“ اصل سنسڪرت لفظ ”ٽنڪڪ“ آهي.

”معلم ماڳ نه اڳين،  ڦلمگي منجهه  ڦريا،

ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا.“ (شاهه)

ڦلنگي، فلنگي يا فرنگي اصل يوروپي لفظ ”فرئنڪ“ (Frank) آهي. عيسوي پنجين صديءَ ۾ جرمنيءَ جي هڪ قوم فرئنڪونيا (Franconia) مان وڃي گال (Gaul) فتح ڪيو، اهو سمورو پاسو ”فرانس“ سڏجڻ ۾ آيو. فرانس جي ماڻهن تي ”فرئنڪ“ نالو پيو. رفتي رفتي سڀيئي يوروپي انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آيا. هندستان ۾ اول پورچوگيزن واپار جي سانگي ڪوٺيون وڌيون؛ پر منجهانئن ڪي دريائي چور (Pirates) هوندا هئا. سنڌ ۽ گجرات جا وڻجارا مليار ڪناري ڏي ويندا هئا،  ته اهي چور سندين دنگين ۾ ڪاهي پوندا هئا ۽ سندن مال ڦري ويندا هئا. سنڌ ۾ ٺٽي جي شهر کي انهن پورچوگيزن باهه ڏيئي جلايو هو. ”باد فرنگ“ لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”يورپ جي هوا.“ اهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو، ته انهيءَ بڇڙيءَ ۽ بدچالن جي بيماريءَ جي اسان جن ماڻهن کي اڳي ٻوجهه ئي ڪا نه هئي. پورچوگيزن ڏکڻ هندستان طرف گهڻيئي ڪم ڪيا ۽ انهيءَ طرف جون ڏيهي ڇوڪريون پرڻيا. انهن  مان جيڪي پٽ ڄاوا سي پورچوگيزن وانگر ٽوپلا پائڻ لڳا، تنهنڪري ”ٽوپس“ سڏجڻ ۾ آيا. اهو لفظ پوءِ سڄي هندستان ۾ ٽوپلن پائيندڙن لاءِ عام ٿيو. هي حقيقت يول ۽ برنيل صاحبن جي جوڙيل لغت ”هابسن جابسن“ ۾ ڄاڻايل آهي. پر اچو پنهنجي ٻوليءَ جي ڳالهه تي.

دهليءَ جي بادشاهن جي حڪومت

215- دهليءَ جي بادشاهن مان ناميارو اڪبر بادشاهه اسان وٽ امرڪوٽ ۾ ڄائو هو، ۽ ٿورا مهينا ”جؤڻ“ نالي شهر ۾ نپنو هو. همايون بادشاهه جنهن وقت سنڌ آيو، تنهن وقت سنڌ ۾ شاهه حسن ارغون جي حڪومت هئي، ته به ٿر ۾ سوڍن راجپوتن جو راڄ هو. امرڪوٽ جي گاديءَ تي راڻو پرساد ويٺل هو، تنهن همايون بادشاهه کي پنهنجو قلعو خالي ڪري ڏنو، جنهن ۾ اڪبر بادشاهه 14 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو. انهيءَ کان اڳي سنڌ ۾ ڪٿان ڪٿان جا سيد ۽ ٻروچ اچي رهيا هئا، پر هنن ارغونن جي صاحبيءَ ۾ مغل ۽ شيرازي گهڻا هئا، ۽ اڄ تائين ”مغل واڙو“ ۽ ”شيرازي واڙو“ ٺٽي ۾ آهي.شاهه حسن ان وقت اهڙو زور هو، جو همايون بادشاهه جي آڻ نٿي مڃيائين، تنهنڪري هو ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ”جوڻ“ واري واٽ وٺي ٿي ويو. انهيءَ ڀيري ٺاهه ٿيو، پر پوءِ اڪبر بادشاهه سنڌ جو پرڳڻو پنهنجي تابعي ڪري ڇڏيو.

216- هاڻوڪي ڦليلي واهه کان اڳي ”ريڻ“ واهه هو، جو هاڻ ڦٽو پيو آهي، تنهنڪري ”ڦٽو“ (Phito) سڏجي ٿو. ان جي ڪپ تي جوڻ ۽ فتح باغ (هڪٻئي کان ٽي ڪوهه پري) اهڙا آباد هئا، جو چوڻي هئي ته:

”تڙت نورائي، نار نصرپور، ڦر فتح باغ،

هلي ڏســو جـوڻ، جت ڪـپهه جـو واپـار.“

] مطلب- نرت يعني تکي نظر يا (سهڻيون) اکيون ته نورائي جي ماڻهن جون، زالون (سهڻيون) ته نصيرپور جون، ڦل ڦول يا ميوو ته فتح باغو جو! جوڻ جو به هلي ديدار ڪريو، جتي ڪپهه جو واپار (جام) ٿئي ٿو.[

اڪبر بادشاهه جو ناميارو وزير بيربل برهمڻ فتح باغ جو ويٺل چوڻ ۾ اچي ٿو. اهي ٻئي وسيل شهر ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ مدد خان پٺاڻ باهيون ڏياري جلائي پورا ڪيا.

سنڌ جي ڦرلٽ ۽ باهيون

217-ٺٽي جو شهر ڄام نندي ٻڌايو هو. سنه 1521ع ۾، سندس پٽ ڄام فيروز کان حڪومت کسڻ وقت شاهه بيگ ارغون ٺٽي کي باهه ڏياري. ان وقت ٺٽي جا ڪي سيد اچي وچ ۾ پيا، جنهنڪري گهڻو نقصان ڪو نه ٿيو. بکر وارن سيدن کي به شاهه بيگ ارغون لڏايو هو، جنهن ڪري هو روهڙيءَ ۾ وڃي رهيا هئا: ڪيترن بلوچن جو خون ڪرايو هئائين ۽ سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ نابود ڪرائي ڇڏيا هئائين.(”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 100). ارغونن کان پوءِ سنڌ ۾ ترخانن جي صاحبي سنه 1554ع ۾ شروع ٿي، ته مرزا عيسيٰ ترخان سان مرزا شاهه حسن ارغون جي لشڪر جو هڪ مهندار سلطان محمد لڙڻ لڳو ۽ بکر وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪري ويٺو. انهيءَ تي مرزا عيسيٰ پورچوگيزن کان مدد گهري، جن پنهنجو بحري لشڪر پيڊرو بريٽو رولم (Pedro Baretto Rolim) جي مهنداريءَ هيٺ موڪليو. انهن پورچوگيزن ٺٽي جي هندن توڙي مسلمانن جي ملڪيت ايتريقدر ڦري، جو سڄي ايشيا ۾ اهڙي ڦرلٽ ڪا ورلي ٿي هوندي (”سنڌ گزيٽيئر“ صفحو 105): ڪيترن لکن جي ملڪيت ڦريائون، تنهن کان پوءِ به ٺٽي جي شهر کي باهه ڏنائون:- هيءَ سنه 1555ع جي ڳالهه آهي. وري نئون شهر ٻڌائون ته ٻيو اتفاق ٿيو: سنه 1591ع ۾ اڪبر بادشاهه جو لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو، جو مرزا جاني بيگ سنديس آڻ مڃي. مرزا کي پرون پيا، ته هاڻ ٺٽو هٿان ويندو، تنهن پنهنجي شهر کي پاڻيهي ڦوڪي ڏياري باهه ائين ٽي گهمرا ٺٽو جليو!

ساهت جو واڌارو سدائين صلح سانت ۾ ٿيندو آهي، پر هتي اجهو ههڙا ويل پئي وهيا!

218- سنه 1591ع ۾ اڪبر بادشاهه ترخانن سان جنگ جوٽي کين پنهنجي تابع ڪيو؛پر کين صوبو (گورنر) ٿي ڪم ڪرڻ ڏنائين. سنه 1612ع ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ تي ترخانن جي خاندان جو صفا خاتمو ٿيو. انهيءَ وقت کان وٺي دهليءَ جي بادشاهن جي پاران صوبا يا نواب مقرر ٿي ايندا هئا. انهيءَ نئين انتظام جو اثر هيءُ ٿيو، ته سنڌ ۾ شاهاڻي ٻولي (پارسي) ۽ ديني ٻولي (عربي) هيڪاري زور ٿيون ۽ مسلمانن جو تعداد به ڏينهون پوءِ وڌندو رهيو.

هندو- مسلم ميلاپ

219- اڪبر بادشاهه جي وقت جون ٻه مکيه ڳالهيون گهڻو ڌيان ڇڪين ٿيون: هڪڙي ڳالهه ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ شير شڪر ٿيڻ لڳا. هندڪي مسلمانڪي جو ڀيد ايتريقدر نڪري ويو، جو مسلمانڪي پوشاڪ ڍڪڻ کان هندو عار ڪو نه ڪندا هئا ۽ مسلمان ڏاڙهين کي صفائي ڏيندا هئا. مسلمان، راجائيءَ جي لقب کي فخر سمجهندا هئا ۽ هندو، مرزا ۽ نواب جي خطاب کي مانُ سمجهندا هئا. ان وقت هندو مسلمانڪا لفظ ۽ مسلمان چالهه سان هندڪا لفظ ڪم آڻڻ لڳا *.اهو دستور سنڌ  ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين به زور هو. جهڙوڪ ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙيءَ) وارن جي ٻاڻي صفا هنديءَ ۾ آهي.

220- اڪبر بادشاهه جي وقت جي ٻي هيءَ مکيه ڳالهه گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، ته سندس صاحبيءَ ۾ دهليءَ طرف ڪيترن هندن کي سرڪاري نوڪريون مليون، ته به پارسي سکڻ لاءِ کين ٻڌل ڪو نه رکيو هئائون. ڪيترا هندو، سرڪاري حساب-ڪتاب پنهنجي هندي ٻوليءَ ۾ رکندا هئا. ان وقت اڪبر بادشاهه جو روينيو وزير راجا توڏر مل هو، تنهن حڪم جاري ڪيو ته آئيندي سڀ ڪامورا پارسي سکن ۽ سڀ سرڪاري حساب- ڪتاب پارسيءَ ۾ رکڻ ۾ اچي. سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت هئڻ سبب سڀ سرڪاري حساب-ڪتاب اڳيئي پارسيءَ ۾ رکندا هئا.

سنڌ ۾ مسلمان عالمن جو سنڌيءَ ڏي ڌيان اڪثر هوئي ڪونه. اهي رڳو عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ڪتاب لکندا هئا، پر پوءِ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون جو ڪيترا هندو دين اسلام ۾ داخل ٿيا هئا. اهو احوال اڪبر بادشاهه جي زماني کان گهڻو اڳ جو آهي، تنهنڪري هتي منڍ کان وٺي ان جو مختصر طرح ذڪر ڪجي ٿو.

درياءَ پنٿي ۽ اُڏيرو لعل

221- لهاڻا (لواڻا) اصل ۾ سري رامچندر پٽ ”لوَ“ (Lava) جو اولاد آهن، جو عام طرح ”واڻيا“ يعني وڻج ڪندڙ يا واپاري ۽ (ڀائيبند) سڏجن ٿا. هن وقت منجهانئن ڪيترا عاملن ۾ گڏجي ويا آهن. منجهانئن گهڻا اصل لوه ڳڙهه ۾ رهندا هئا، جو هاڻ ”لاهور“ سڏجي ٿو*. رامائڻ واري زماني ۾ سري رامچندر جو ڀاءُ ڀرت، سنڌ جو راجا هو، تنهنڪري سمجهجي ٿو، ته انهيءَ وقت ئي لهاڻا سنڌ ۾ ججهي تعداد ۾ هئا. آڳاٽن آرين وانگر اهي اڄ تائين درياهه جي پوڄا ڪن ٿا، سورج (سج) ديوتا کي هٿ جُوڙين ٿا ۽ جوت جي پوڄا به ڪن ٿا، جنهن جي مزاد آهي. ته اڳيان جي اوندهه ٽري ۽ اندر ۾ انڀوءَ جي جوت جاڳي. اهي ”درياءَ پنٿي“ سڏجن ٿا ۽ ٽَڪرن جا شيوڪ“ آهن. اهي درياءَ ۾ آکو وجهندا آهن ۽ بحرانا (بحر-نذرانا)  ڪڍندا آهن.

ٺُڪرن جي دستخط ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ۾ مرک شاهه نالي هڪ حاڪم اتي جي هندن کي زوريءَ مسلمان ٿي ڪيو، ته هنن درياءَ شاهه کي پڪاريو، جنهن سندين دانهن اونائي: اوچتو هڪ جوان، گهوڙي تي سوار ٿيل، پاڻيءَ مان پر گهٽ ٿيو ۽ مرک شاهه کي وڃي سمجهايائين ته ڪنهن به حاڪم کي زور زبردستي ڪرڻ نه  جڳائي، ۽ هندن توڙي مسلمانن کي پاڻ ۾ ڀائرن جيان ميٺ محبت ۾ گڏ گذارڻ گهرجي. مرک شاهه سندس ڪي معجزا ڏسي حيران ٿيو ۽ هندن توڙي مسلمانن سان هڪجهڙي هلت هلڻ جو اقرار ڪيائين. انهيءَ اوتاري پرش سگهوئي پوءِ نصرپور جي شهر ۾ رتني نالي هڪ ڀائيبند جي گهر ۾ جنم لڌو، ۽ اهو ”اڏيرو لال“ سڏجي ٿو. سنسڪرت ۾ ”اُڊو“ معنيٰ پاڻي، جنهن ۾ ورڻ ديوتا رهي ٿو، تنهنڪري ورڻ ديوتا کي اُڊوراج. اُڊو ور چئبو آهي. انهيءَ ”اُڊوور“  لفظ جو اُچار ڦري ٿيو آهي ”اڏيرو“، ۽ هُو ورڻ ديوتا جو اوتار ليکجي ٿو. سندس جنم وڪرمي سنبت 1007 ۾ چيٽي چنڊ (ٻيج تٿ) تي شڪروار ]جمعي[ جي ڏينهن ٿيو هو. اهو ڏينهن هاڻ ”ٿاروُن“ سڏجي ٿو. جنهن جو اچارڪي ”ٺارؤ“ به ڪن (جيئن ”ٺارومل“). درياءَ جا شيوڪ انهيءَ ڏينهن گوشت ۽ شراب ڪونه ورتائين. اهو ”ٺاروُ“ يا ”ٿاروُ“ اصل ۾ آهي. سنسڪرت لفظ ”سٿاروُ“، معنيٰ بيهڪ وارو يعني محڪم يا سدائين قائم. اهو ڌڻيءَ جو هڪ صفاتي نالو آهي، جو اڏيري لال تي به رکيو اٿن. هو سدائين قائم آهي، تنهنڪري ”امر لال“ به سڏجي ٿو. ”اَمر“ معنيٰ نه مرندڙ، يعني سدائين جيئرو، انهيءَ ڪري ”زنده پير“ به ڪوٺجي ٿو. اڄ تائين هندن توڙي ڪيترن مسلمانن جو منجهس اعتقاد آهي، اُڏيري لال جي درگاهه جا مجاور مسلمان آهن ۽ کيس ”شيخ طاهر“ ڪري ڪوٺين ٿا*. سنڌي سال چيٽ مهيني کان وٺي شروع ٿئي ٿو، ۽ اڏيري لال به چيٽي چنڊ جي ڏينهن جنم ڌاريو هو، تنهنڪري چيٽ جو مهينو دهلن دمامن، ڇيڄن ڇڻڪارن ۽ ملاکڙن ميلن سان شروع ٿيندو آهي.

سومرن ۽ سمن جو دين اسلام اختيار ڪرڻ

222- پارسي تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي ته سومرا اصل عربستان طرفان ”سامره“ مان آيل هئا. يوروپي عالمن کوجنائون ڪري ظاهر ڪيو آهي ته سومرا اصل هندو هئا، ۽ پرمار راجپوتن مان هئا- جيئن ” سنڌ گزيٽيئر“ ۾ به ڄاڻايل آهي - انهن اڏيري لال جي جنم ڌارڻ کان اڳي دين اسلام اختيار ڪيو يا پوءِ، سو پتو ڪونهي، باقي سمن بابت پڪ آهي ته اهي گهڻو پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اهي سما اصل جادوونسي ڪُل مان آهن، جن مان سري ڪرشن پيدا ٿيو هو. اهي راجا يدوُ* جو اولاد آهن، تنهنڪري يادوُ يا جادؤ ڪوٺجن ٿا. انهيءَ لفظ جو سنڌيءَ ۾ اچار ”جادم“ آهي.

”پسي پاٽ پُر ٿيو سندو جادم جُود.“ (شاهه)

هتي راءَ ڏياچ کي شاهه صاحب ”جادم“ سڏيو آهي. ڄام تماچيءَ جو ڀاءُ ڄام اوڍو هو. جنهن جو پٽ جکرو هڪ نهايت نيڪ انسان ٿي گذريو آهي. شاهه صاحب هن کي به ”جادم جکرو“ سڏيو آهي- هن مان ظاهر آهي ته شاهه کي خبر هئي ته اهي سما جادؤونسين جي ڪل مان آهن.

لهاڻن جو ڦري ميمڻ ٿيڻ

223- اينٿوون صاحب هڪ ڪتاب بمبئي کاتي جي قومن ۽ ذاتين بابت لکيو آهي. انهيءَ ۾ هو صاحب لکي ٿو ته ’پيران پير دستگير‘سنه 1165ع ۾ بغداد ۾ رحلت ڪئي (گذري ويو). دنيا مان موڪلائڻ کان اڳ، پنهنجي پٽ تاج الدين کي هدايت ڪيائين ته تون هندستان ۾ وڃي رهه، اتي جي ماڻهن کي اسلام جي روشني ڏيکار (سومرا ۽ سما شايد انهيءَ وقت مسلمان ٿيا). سيد تاج الدين کان پنج پيڙهيون پوءِ، سيد يوسف الدين قادري پيدا ٿيو. تنهن کي سنه 1421ع ۾ خواب ۾ آيو، ته تون سنڌ ۾ وڃي اتي جي ماڻهن کي اسلام جي راهه ڏيکار. هو صاحب جنهن وقت سنڌ ۾ آيو، تنهن وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو، ۽ اتي جو حاڪم سما گهراڻي جو مرڪب خان هو‘. اينٿوون صاحب لکي ٿو ته ’من جي صاحبي‘ 1351ع کان وٺي 1521ع تائين هلي ۽ اهو مرڪب خان، جو شايد ڄام رائدان (سنه 1454ع) هو، تنهن سيد صاحب کي ججهي عزت ڏيئي پنهنجو مهمان ڪري رهايو. انهيءَ حاڪم وٽ ماڻڪجي نالي هڪ سيٺ برک هو، جو لهاڻن جي چوراسي لکن يا برادرين جو مکي هو. ٺٽي جو حاڪم هن سيد صاحب جو مريد ٿيو، ته سٺي ماڻڪجيءَ به پنهجي حاڪم جي پيروي ڪئي، ۽ پنهنجن ٽن پٽن مان ٻن پٽن ۽ لهاڻن جي ست سؤ آڪهين سميت شاهه صاحب جو مريد ٿيو ۽ دين اسلام اختيار ڪيائين. سيٺ ماڻڪجيءَ جو پٽ سيٺ رائجي هو، تنهن تي احمد نالو پيو. رائجي جا ٻه پٽ سندر جي ۽ هنسراج هئا، سي آدم ۽ تاج محمد سڏجڻ ۾ آيا *. لهاڻن ۾ ڪي ”موٽا“ ڪوٺبا هئا، پر پوءِ لهاڻن توڙي موٽن تي نالو پيو ”ميمڻ“ يعني ”مومن“ يا ايمان آڻيندڙ (ڌڻيءَ جي وحدانيت ۾). انهيءَ وقت ٻين لهاڻن درياءَ شاهه کي پڪاريو هو ۽ درياءَ شاهه سندين پڪار اونائي هئي‘- هن مان سمجهجي ٿو ته اڏيري لال جي جنم ڌارڻ کان پنج صديون کن پوءِ جي هي ڳالهه آهي: هي موقعو ئي ٻيو پيو ڀانئجي.

 224-اينٿوون صاحب هيئن به لکيو آهي ته ’ڀُڄ ۾ جاڙيجو راءُ کنگهار 1548ع تائين حاڪم هو. هن ٺٽي جي ميمڻ کي دعوت ڏيئي ڀُڄ ۾ گهرايو، جتي هو پنهنجو پاڙو ٻڌي وڃي رهيا. اتان پوءِ ڪنهن وقت ڪڇي ميمڻ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ڏي ويا. سورت جو شهر 1580ع کان وٺي 1680ع تائين وڻج واپار ڪري برک هو، ۽ هيءُ ميمڻ اهو وقت اتي رهي ساڄا ٿي پيا هئا. سورت جي واپار جو پوءِ چلتو گهٽيو، ته ڪيترا ميمڻ بمبئيءَ ڏي ويا‘- مطلب ته ڪڇ ۽ بمبئيءَ وارا ميمڻ به سنڌ جي لهاڻن مان آهن.*

ابوالحسن جي سنڌي

225- سمن جي صاحبيءَ کان وٺي، سنڌ جا ڪيترا لهاڻا ڦري ميمڻ ٿيا ۽ اهي وڌيا ويجهيا، ته ائين مسلمانن جو تعداد سترهين صديءَ ڌاري وڌي گهڻو ٿيو. ان وقت ڪن مسلمان عالمن ضرور سمجهيو، ته سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا ڪتاب ڪڍجن، جن جي وسيلي ميمڻن ۽ سندن اولاد کي اسلام جي عقيدن ۽ فرضن کان چڱيءَ ريت واقف ڪجي. ان وقت ٺٽي ۾ هڪ مولوي ”ابوالحسن“ نالي هو، جو مسلمان ٻارن کي مذهبي تعليم ڏيندو هو. سنه 1700ع ڌاري هن صاحب هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ نالي لکيو، جنهن ۾ نماز پڙهڻ، وضو سارڻ، ۽ ٻين اهڙين ديني ڳالهين جو ذڪر آهي. کانئس اڳي قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ ٻين شاعرن ڪي بيت جدا جدا وقتن تي چيا هئا ؛ پر هينئر هيءُ سنئون سولو ڪتاب مولوي ابوالحسن سنڌيءَ ۾ جوڙيو، تنهنڪري هو صاحب سنڌي علم، ادب يا ساهت (لٽريچر) جو بنياد وجهندڙ ليکجي ٿو، ان وقت مسلمان عالم عام طرح عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب لکندا هئا. اهي بزرگ اڪثر ٺٽي، سيوهڻ ۽ ٻين هنڌن جا هئا. انهن مان سنڌيءَ ۾ جن ڪو ڪتاب لکيو، تن جي سنڌيءَ کي، بلڪ سندن ڪتابن کي، انهن جي سنڌي سڏيندا هئا. مولوي ابوالحسن جا عربيءَ ۾ لکيل ڪي ڪتاب اڳي ئي هئا، پر هينئر جو هيءُ ڪتاب پهريون گهمرو سنڌي شعر ۾ لکيائين، ته اها ”ابوالحسن جي سنڌي“ سڏجڻ ۾ آئي. ان وقت کان وٺي ٻيا به ڪي مسلمان عالم اهڙا ديني ڪتاب لکڻ لڳا ۽ سندين سنڌي سندن نالن پٺيان سڏجڻ ۾ آئي. اهڙيءَ طرح جملي پنجاهه کن ڪتاب ابوالحسن جي سنڌيءَ جي نوني، آڳاٽي صورتخطيءَ ۾ لکيل موجود آهن، جي هينئر سڀڪو آسانيءَ سان پڙهي ڪين سگهندو. ان وقت جي هندن جو هڪڙو به ڪتاب موجود ڪونهي، پر سندن شعر جو نمونو مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي.

226- مولوي ابوالحسن جو شعر دوهري جي ترتيب تي ٻڌل آهي مثال:

”ساراهجي سو ڌڻي، سندو جہ (جنهن) فرمان،
مڃيو مڙنئي مومنين، آندائون ايمان،
ت
ہ (تنهن) ساراهائي سڀڪو منجهه پٽاندر پاڻ،
ماڙوُ، مرُون، پکي، پري، ملڪ مت سڄاڻ:
جيڪي آهي جت ڪي ڳجهو ۽ پڌرو،
سو سڀ ساراهائي رب کي پاڻ پٽاندرٿو.“وغيره وغيره.

 

رواجي طرح هر هڪ دوهري ۾ ٻه سٽون ٿينديون آهن، جي پنهنجي جاءِ پوريون بيٺيون هونديون آهن؛ پر هتي ڳالهه لاڳيتي هلي اچي. هن قسم جي بيتن کي علم طرح ”ڪبت“ (ڪوُتا) چوندا آهن. ڪٿي وري سڀڪنهن سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ الف گڏي قافيو جوڙيو اٿس. مولوي عبدالرحمان جو ٺاهيل ”سنڌي نورنامو“ سڄوئي ائين جڙيل آهي، جنهن مان مثال ڏجي ٿو:

”سـاراهـيان  سـچو  ڌڻــي، جـو  آگو  عليما،

جڳاءِ جہ (جنهن) صاحب کي سڀڪا ساراها،

عالم عليم مون ڌڻي،مولو ملڪ خدا“- وغيره وغيره.

اهڙيءَطرح سڄي ڪتاب جي سڀڪنهن سٽ پٺيان”آ آ آ“هلي اچي. شاهه جو رسالو به دوهري جي ترتيب تي ٻڌل آهي،پر ان جو نمونو ئي نرالو.رڳو سرسراڳ جي هڪ وائي انهيءَ آڳاٽي نموني جڙيل آهي،جنهن جون ٿوريون سٽون هي آهن:

”حمد چئج حڪيم کي جور هڻي جانا،

تو ڏيکاري تو ڌڻــي بــاطــن جـــا بـــانـــا،

دوست رکي دل ۾ پـڙهه لالـن لســـانـــا“ وغيره وغيره.

جنهن وقت مولوين ۽ مخدومن جو زور رڳو ديني ڳالهين تي هو، تنهن وقت تصوف جي لهر به نئين سر سنڌ ۾ جاري ٿي هئي اها ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي ڳالهه آهي.

ڪلهوڙن جي صاحبي

227- ڪلهوڙا ”عباسي“ سڏجن ٿا، ڇاڪاڻ ته حضرت محمد () جي چاچي حضرت عباس جي نسل وارن خليفن جو اولاد آهن. اڪبر بادشاهه جي صاحبيءَ ۾، سندس پاران، نواب خان خانان سنڌ جو پهريون صوبو يا نواب مقرر ٿي آيو هو. ان جي وقت ۾ عباسين مان ميان آدم شاهه ڪلهوڙو لاڙڪاڻي جي ڀرسان اچي رهيو هو. انهيءَ سڄي پرڳڻي ۾ چانڊيا گهڻا هئا، تنهنڪري اهو چانڊوڪو پرڳڻو سڏبو هو. اتي جي ماڻهن جو ميان آدم شاهه ڪلهوڙي ۾ گهڻو اعتقاد هو ۽ پير ڪري پوڄيندا هئس. ملتان طرف جا به ڪيترا مسلمان مريد هئس. سکر جي شهر ۾ هُو جنهن ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي، سا سندس نالي پٺيان آدم شاهه جي ٽڪري سڏجي ٿي.

228- ميان آدم شاهه کان پوءِ ميان شاهل محمد لاڙڪاڻي (قنبر) جي ڀرسان مريدن جي گهڻائيءَ سبب زور ورتو. لاڙڪاڻي جو شهر اتي جي لاڙڪ ذات جي مسلمانن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو.اتي اصل وانڍ هئي.”وانڍ“معنيٰ ڍنگرن يا وڻن جي سڪل ڏارن ٽارن مان ٺهيل ڀونگي. اهڙيون گهڻيون ڀونگيون ٺاهي جتي ڳوٺ ٻڌي ماڻهو ويهن، تنهن ڳوٺ کي به ”وانڍ“ چون. ميان شاهل محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه کڻايو، ته اهو پاسو جنسي غنچو ٿي پيو، جنهنڪري هيءَ چوڻي عام ٿي ته: ”جي هجيئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو: نه ته وت ويڳاڻو.“

229- دهليءَ جي مغل بادشاهه اورنگزيب جي صاحبيءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي زور ورتو. بادشاهه جي پاران سنڌ ۾ اچي ڪي فتحون ڪيائين. پنهورن کان لاڙڪاڻي وارو طرف ڦري، دادوءَ جي نزديڪ، خداآباد جو شهر پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيائين. سندس وقت ۾ هڪ وڏو قهر ٿيو، جنهن جو مختصر طرح ذڪر ڪجي ٿو.

شاهه عنايت الله صوفي

230- ميان يار محمد جي صاحبيءَ ۾ ميرپور بٺوري تعلقي جي ڳوٺ ميران پور ۾، شاهه عنايت الله صوفي نالي هڪ نامور صوفي درويش رهندو هو. هن الله جي عاشق ۾ اهڙو ته ڪو چقمق هو، جو جنهن جون تنهن جون دليون پاڻ ڏي کينچي ورتيون هئائين. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس مريد ٿيا *، ۽ سندس در ڇڏڻ تي دل نه پئي ٿين: رهگذر پنهنجا اُٺ جهڪائي سندس درسن ڪرڻ ويندا هئا! اهڙِءَ طرح آئي وئي جي اُٺن جي جهوڪ اُتي هئي، تنهنڪري ڳوٺ تي نالو ئي پيو: ”جهوڪ“.

”جت وِهن اُٺ، جاءِ تنهن کي چون ’جهوڪ‘.

(ديوان گل).

سنڌ ۾ ڪلهوڙن کي ماڻهو پِير ڪري پوڄيندا هئا، پر هيءُ وڏو پير پيدا ٿيو، ته ميان يار محمد ڪلهوڙي کي اچي ڊپ ورتو، سو دهليءَ جي بادشاهه کي رپورٽ ڪيائين ته شاهه عنايت جا ايترا مريد آهن، جو ڪنهن وقت سڄي سنڌ فتح ڪري وجهي ته عجب ڪونهي! انهيءَ تي حڪم آيو ته اهڙي ماڻهوءَ جي سسي لهرائي دهليءَ موڪليو! هن درويش جو دنيا سان ڪو به مطلب ڪو نه هو، پر شڪ جو شڪار ٿيو- جنهن جلاد سسي ٿي لاٿيس تنهن کي چيائين ته:

”رهـــانــيدي مرا از قيد هستي:

جزاڪ الله في الدارين خيرا!“

يعني ڇٽايو اٿئي مون کي هستيءَ جي قيد مان، ڌڻي اُجورو ڏيندءِ، ٻنهي جهانن ۾ خير ٿيندءِ‘ اها دعا هن ڪري ڪيائينس جو ڏٺائين ته آءٌ پنهنجي سچي سائين سان اجهو ئي وڃي ٿو مِلان‘ انهيءَ خوشيءَ وچان سسئيءَ لهڻ کان اڳ جلاد کي هڪ سوني اشرفي به انعام ڏنائين- هي انسان يا ملائڪ!  جيتري به تعريف ڪجيس تيتري ٿوري- جنهن وقت سسي ڌڙ کان ڌار ٿيس، تنهن وقت سندس سسئيءَ ٻوليو:

”ســر در قـــدمِ يــار فدا شد، چه بجا شد؟

اين بار گران بود، اَدا شد، چه بجا شد؟“

يعني سچي سائينءَ جي قدمن تان هيءُ سر صدقي ٿيو، ته ڇا بجا آندوسين؟ يعني ڪجهه به بجا نه آندوسين (اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي): هيءُ ڳرو بار (فرض جو) ادا ٿيو، ته ڇا بجا آندوسين؟ اهڙيءَ ريت سندس سسئيءَ ڪيترا بيت ٻوليا اهو بيتن جو ڪتاب ”بيسرنامو“ سڏجي ٿو- مطلب ته هيءُ الله جو عاشق سنڌ جي تاريخ جا ورق پنهنجي رت سان رڱي ويو آهي، ۽ اها لالاڻ ڪڏهن به لهڻ جي نه آهي.

شاهه عبداللطيف سندس پهس يا همعصر هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ ججهي پريت هئي. سهڻي لال لطيف کي جنهن وقت هن هولناڪ حادثي جي سڌ پيئي، تنهن وقت شاهه عنايت کي ياد ڪري، زار زار رنائين ۽ هيءُ بيت چيائين:

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا!“

(شاهه)

 

جهوڪ شريف ۾ هر سال ميلو لڳندو آهي، ۽ سنڌ جا صوفي ۽ ٻيا ماڻهو سون جي تعداد ۾ اتي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن.

231- شاهه عنايت بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اول مارئيءَ بابت بيت چوندو هو، شاهه عبداللطيف جا سسئي بابت بيت پوءِ ٻڌائين، ته اهي اهڙا وڻي ويس جو پاڻ به اهڙا بيت چوڻ لڳو.

 

”اَڌر، نڌر، اَڀري، ڪوهي، ڪميڻي،
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيون، هوت ڏسي هيڻي،
اگهائي، ’شاهه عنايت‘ چوي، تنهنجي ٽڪر مان ٽيڻي،
جا هئي ور جي وهيڻي،
تنهن کي محب مليو مهباڙ ۾!“

 

سنڌي شعر جي ترقي

232- دوهرو معنيٰ ٻن سٽن وارو بيت. معمائي فقيرن جا بيت، جي هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، تن مان بيت ڇهين ۾ ٽي تُڪون آهن. شاهه عنايت جي مٿئين بيت ۾ چار تُڪون آهن- تنهنڪري تاريخي لحاظ کان، شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جا جوڙيل چؤنُڪا بيت شعر جي ترقيءَ ۾ هڪ سونهري ڪڙي ڪري ليکبا. هنن، دوهرن جي ماترائن ۾ به ڦير ڦار ڪئي. حقيقتؤن دوهري جي هر هڪ مصرع ۾ چوويهه ماترائون هئڻ گهرجن، پهرين اڌ ۾ تيرهن ۽ پوئين اڌ ۾ يارهن. هنن ٻنهي شاعرن اهي ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا: ڪٿي چوويهه پنجويهه ته ڪٿي ڇويهه، ڇويهه ماترائون به آندائون- اهڙيءَ طرح نمونو ئي نئون اختيار ڪيائون.

ڏوهيڙا، لوڙائو ۽ سنڌي ڪافيون

233- شاهه عبداللطيف کي راڳ جو شوق گهڻو هو. سندس فقير يا مريد ڪافين سان گڏ بيت به ڳائيندا هئا. ائين رفتي رفتي، مضمون توڙي ڳائڻ جي ڍنگ پٽاندر، بيتن تي نالائي نرالا پيا: خود ”دوهرو“ لفظ جو اُچار ڦري ٿيو ”ڏوهڙو-ڏوهيڙو“، ته ڪي ”ڏوهو) (دوهو) به چون- هاڻ انهن لفظن جي معنيٰ ۾ به ڦير پئجي ويو آهي:  دوهرو معنيٰ اهو ٻن سٽن وارو بيت، جنهن ۾ ڪا ڌرمي يا اخلاقي ڳالهه هجي. ”ڏوهيڙو“ معنيٰ اهو بيت، جنهن ۾ عشق جي ڳالهه هجي ۽ منجهس سٽون ڪيتريون به هجن، ٻڪرار، جت ۽ ٻيا ڪن تي هٿ رکي، وڏي سڏ ڏوهيڙا ڏيندا آهن؛ تن کي عام طرح ”لوڙائو“ چئبو آهي؛ ڀَٽ، ڀڳت ۽ ٻيا، ڪُهنن قصن ٻڌائيندي، ٽپ ٽپ تي جيڪي بيت سُر سان ڳائيندا آهن، تن کي”ڳاهون“(سنسڪرت ”گاٿا“) چئبو آهي، جيڪي ڏوهيڙا منگتا يا مڱڻهار ۽ ٻيا نڙ تي تنبوري تي چوندا آهن، سي اڪثر ”بيت“ ڪوٺبا آهن، جن بيتن ۾ سنت ساڌو ويدانت جون ڳالهيون يا ٻيون ڌرمي يا ٽيئي (اخلاقي) ڳالهيون آڻن ٿا، تن کي بيتن بدران ”سلوڪ“ سڏبو آهي. شاهه جي رسالي ۾ پهريائين بيت ۽ پوءِ وايون يا ڪافيون آهن. هاڻ دستور آهي، ته جيڪي ڪافيون ڳائڻ ويهن، سي اول ڏوهيڙا ڏين ۽ پوءِ ڪافي شروع ڪن. اهو نمونو اسان جن ماڻهن کي سهڻي لال لطيف سيکاريو، جو سنڌ ۾ ڪافين جوڙڻ جو رواج ئي پهريائين پاڻ وڌائين.

سنڌي ڪافيون ۽ انهن جو اثر

”اڱڻ آيام پيهي، او الا، مون ساريندي سپرين.
مشڪ عطر مون پرين، سيڪس ڄم سڀيئي،
تن جني جو طالبو، روح تني سين ريهي-
ساجن سنديءَ سونهن جي، آءٌ ڳالهه ڪريان ڪيهي.
ٿيو لطف، ’لطيف‘ چي، دوست آيو در پيهي.“
                                             (سر کنڀات)

شاهه عبداللطيف، ههڙيون من موهيندڙ ڪافيون چئي، ماڻهن کي مستان ڪري ڇڏيو. سنڌي ماڻهن کي هيءَ نئين چاٽي چکايائين، تنهن کان پوءِ ماڻهن به پنهنجو هوش هلائي، ڪافين جوڙڻ جا نوان نوان نمونا ڪڍيا: هاڻ ڪا ڪافي ”يڪي“(جيئن مٿين ڪافي آهي) ته ڪا ”سوائي“،ته ڪا ”ڏيڍي“ وغيره- شاهه صاحب ڪافين جو رواج وڌو، سو سنڌ مان هڪ وڏو وڙ ڪيو اٿس. سنڌ جو راڳ آهي ئي اهو: انهيءَ روح ريجهائيندڙ راڳ اسان جي پرڳڻي ۾ ڏاڍي موج مچائي آهي! ٻنيءَ ۾ ڏسو هاري ناري ڪنهن وقت جهار(پکي) پيو هڪليندو، ته ڪنهن وقت اها لات پيو لوَندو، جو ڪيا بات! هو جو اوٺي، جنهن کي جيڪو تيڪو ”جت“ سڏيندو آهي، سو اڪثر غزل ڪو نه ٿو چوي، باقي ڪافين جو ڪوڏيو آهي. جهنگ مان ڪرها (اُٺ) قطاريو پيو ويندو، ته ڪنهن محل لوڙائو ڏيئي، اها وٺي ڪافي آلاپيندو، جو جهنگ ۾ رنگ لائي ڏيندو! ڪنهن صوفي فقير جي درگاهه يا ٻئي آستان تي، جڏهن ڳائڻا اچي ٿا گڏ ٿين، تڏهن ته لوليون لايو ڏين: دلا ۽ يڪتارا کڻي، اهي غضب جون ڪافيون چون، جو ٻڌندڙن جو پِتو به پاڻي ڪيو ڇڏين: ڪٿي ڀڳت پوندي آهي، ته ماڻهو هڪٻئي جي مٿان ڳاهٽ وڃي ٿيندا آهن، ۽ تِر ڇٽڻ جي جاءِ ڪانه هوندي آهي! رواجي طرح به ڏسو ته سنڌ جا گهڻو ڪري سڀيئي ڪاسبي، حاج- وٿڻ اڳيان رکي پنهنجي ڪرت به پيا ڪندا، ته جهونگاريندا به پيا: ڪو مومل راڻي جا مذڪور ته ڪو سسئيءَ جا سور پيو ڳائيندو، يا مارئيءَ جي ساڻيهه جي سڪ ۽ اباڻن جي اُڪير وچان وڇوڙي جا ورلاپ پيو ڪندو! هي سڀ شاهه صاحب جو پرتاب آهي، جنهن ڪافين جو رواج ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ وڌو. هن سنڌي شاعرن جي سرتاج کان پوءِ بيدل، بيڪس، ڀائي دلپتراءِ صوفيءَ ۽ ٻين به اهو نمونو اختيار ڪيو.

مداحون ۽ مناجاتون

234- مداحن ۽ مناجاتن جوڙڻ جو رواج به ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ پيو، جن ۾ هر هڪ دوهري ۾ ننڍيون ننڍيون تُڪون رکندا هئا- مثال لاءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي مداح، مسلمانن جي نبيءَ بابت، هيٺ ڏجي ٿي:

”ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون،
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،

 

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين مون- ڀلا ڄام......

 

لنگهيا لڪ، لٿا شڪ، هلي حق گڏياسون،

 

في الحال منجهه وصال، اچي محب ملياسون ڀلا ڄام .....

 

’سرفراز‘ کي اداس؛ آهي آس اوهان ڏانهن،

 

رهه راس، بند خلاص، خوبي خاص ڏئين مون- ڀلا ڄام.......“

 

235-جمن نالي هڪ چارڻ اکين کان سڄو هو، تنهن پيران پير دستگير کان اکين جي روشنائي گهرڻ لاءِ هڪ مداح جوڙي، جنهن مان ٿوريون تُڪون هي آهن:

”فرزند آهين حسنين جو، آءٌ سائل تنهن ثقلين جو،
درگهه مٿي دِن رين جو، اوجر مڱان عينين جو،
دارُو ٿئين دارين جو، يا پير پيران پاتشاهه!
’جمن‘ چوي جاهل آهيان، ڪِرتن ڪَچو ڪاهل آهيان،
تو در سندو سائل آهيان، يا پير پيران پاتشاهه!“

 

اهڙيءَ ريت بند بند ڏيندو هليو اچي. هندن به پوءِ مداحون جوڙيون- جهڙوڪ: گرونانڪ صاحب جي مداح درياءَ شاهه جي مداح، ۽ ٻيون مداحون.

فارسي نموني جو شعر

236- شاهه صاحب کان پوءِ سچل ۽ ٻين ڪن شاعرن فارسي بحر ۽ وزن تي ڪي ڪافيون جوڙيون، اهو رواج عيسوي ارڙهين صديءَ  جي پڇاڙيءَ ڌاري مير ڪرم علي خان جي راڄ ۾ وڌيو. ان وقت ايران جا ڪي قابل ماڻهو سنڌ ۾ آيا، جي فارسي غزل، قصيدا، رباعيون، مسدس وغيره جوڙيندا هئا، خود سنڌ جا مير صاحب، فارسي بحر ۽ وزن تي شعر چوندا هئا: کين ائين ڪندو ڏسي ان وقت جا ڪي سکر ماڻهو به سندن پيروي ڪرڻ لڳا. انهيءَ وقت ڌاري ثابت علي شاهه سنڌيءَ ۾ ”مرثيا“  جوڙيا، جي فارسي بحر ۽ وزن تي ٻڌل آهن؛ ڪن ڪن مرثين ۾ ته نج فارسي تُڪون وڌيون اٿس. پهريون سنڌي شاعر، جنهن پنهنجا غزل فارسي بحر ۽ وزن تي الف- بي وار جوڙي ” ديوان“ تيار ڪيو، سو خليفو ميان گل محمد هو، جنهن جو ”ديوان گل“ مشهور آهي. هو صاحب حيدرآباد ضلعي جي هالا پراڻا (تعلقي هالا) ۾ سنه 1740ع ۾ ڄائو هو. ۽ اتي جي سانوڻي مُلن مان هو- ”ديوان“ لفظ خاص طرح  انهيءَ شعر جي ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ سمورو شعر الف- بي وار ڏنل هجي- ” ديوان گل“ جڙيو ته ٻين کي به رشڪ آئي؛ جنهنڪري هن وقت ديوان فاضل، ديوان قاسم، ديوان سانگي، ديوان خاڪي، ۽ ٻيا ٿورا گهڻا ديوان سنڌيءَ ۾ آهن. ڪن وري رباعيون، مسدس ۽ ٻيو شعر چيو آهي. هن وقت اهو فارسي نموني جو شعر هليو اچي. ڪامسين ڪامروپ، سسئي پنهون، ۽ ٻيا قصا دوهرن جي ترتيب تي ٻڌل آهن؛ پر هاڻ اهو نمونو ڪي ٿورا اختيار ڪن ٿا. 

سري جا ستارا

237- مولوي ابوالحسن جي وقت کان وٺي، ڪيترن مسلمان عالمن رڳو ديني ڳالهين بابت ڪتاب پئي جوڙيا، پر ساڳئي وقت شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف تصوف جي نهر نئين سر جاري ڪئي، ته سچل، سامي، جانڻ شاهه، روحل، مراد، غلام علي، دريا خان، بيدل ۽ بيڪس، پارو شاهه، ڀائي وسڻ، شنڪر ڀارتي ۽ ٿَلهي جي ساڌن، ۽ ٻين سري (سرحد سنڌ) جي ستارن پنهنجي فيض جي درياءَ جا در کولي، نه رڳو سري پر سڄيءَ سنڌ کي بهار بهار ڪري ڇڏي! انهن صوفين ۽ ويدانتن عجيب پلٽون پلٽي، ٻيائيءَ جون ٻنڌيون ڀڃي ڇڏيون، هندن توڙي مسلمانن  لاءِ هڪ اهڙو پڪو ۽ وسيع ميدان پيدا ڪيو، جنهن ۾ اڄ تائين ٻنهي قومن وارا هڪٻئي سان رل مل ڪن ٿا- هنديءَ ڪم آڻيندي به مسلمانن عار نه ڪونه ٿي ڪيو: ڪنڊڙي، تعلقي روهڙيءَ وارن درويشن جي ڪيتري ٻاڻي هنديءَ ۾ آهي، جنهن مان هڪ تُڪ هي آهي:

”گُران جي، مئن شرڻ تماري آيا.“

ڪير جيڪر چوي ته هيءُ ڪنهن مسلمان جو چيل ڪلام آهي؟ اهڙيءَ طرح انهن سري جي ستارن، توڙي ٻين، تصوف ۽ ويدانت جون ايتريقدر پلٽون پلٽيون، جو اڄ جيڪڏهن سنڌي ساهت مان سمورو صوفياڻو ڪلام ۽ ويدانتي واڻي ڪڍي ڇڏجي، ته سنڌ جو علم ادب بجنسي مڙدي مئل ٿي پوي!

عامل ۽ ڀائيبند

238- سنه 19-1718ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي وفات ڪئي. کانئس پوءِ پٽس ميان نور محمد ڪلهوڙي، اُچ ۽ ملتان مان ديوان گدومل ۽ ٻيا ڪي هندو آندا، جي اول دادوءَ  جي ڀرسان خدا آباد ۾ اچي رهيا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، سنه 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر ٻڌايو ته ڪيترا هندو اوڏنهين وڃي رهيا، سو اڄ تائين سندن اولاد خداآبادي عامل ۽ ڀائيبند سڏجن ٿا. انهن پاڙي پاڙي ۾ ٽڪاڻا کولايا، نه گُرن جي ٻاڻي ۽ گُرمکي اکرن جو ڦهلاءُ ٿيو. ڪيترا ديوان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جدا جدا هنڌن ۾ وڃي رهيا، جنهنڪري اوڏنهن به ديوان آهن. ڪي ڀائيبند جيسلمير، گجرات ۽ ٻين هنڌان آيا، جن مان ڪي ديويءَ جا پوڄاري ته ڪي ويشنو هئا- ائين پرڳڻو ويو وڌندو ۽ ٻولي به ويئي وسيع ٿيندي. ڀائيبند جدا جدا هنڌن مان آيا، تنهنڪري هندو-سنڌي اکرن ۾ ٿورو ڦير هو، جو اڄ تائين آهي.

سنڌ جو پرڳڻو قنڌار جي تابعي

”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌاران جوکو.“

                                                                  

239- سنه 1739ع ۾ ايران جي بادشاهه نادر شاهه، مغلن جو زور ڀڃي، پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي تابعي ڪيا. ميان نور محمد سندس آڻ مڃڻ کان نٽايو، ته نادر شاهه سنڌ تي ڪاهي آيو. پٺاڻن ڏاڍا قهر ڪيا. ميان نور محمد وٽ هڪ ڪروڙ رپيا ڌرتيءَ ۾ پوريل هئا، سي جڏهن ڏنائين، تڏهن وري حڪومت ڪرڻ مليس، پر انهيءَ لاءِ به ويهه لک رپيا سالياني ڍل ڀرڻ جو بوجو نادرشاهه مٿس رکيو- نادر شاهه جا ”نادري حڪم“ اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن.

سنڌ ۾ وري ڦرلٽ ۽ باهيون

240- نادر شاهه کان پوءِ احمد شاهه دراني توڙي سندس پٽ تيمور شاهه سالياني ڍل طلبڻ لڳا؛ پر ايترو ٽَڪو  اچي ڪٿان؟ پوءِ ته قنڌار کان ڪٽڪ ڪهي، اها ڍل زوريءَ اڳاڙڻ ايندا هئا. هڪڙي ٿيندي هئي ڦرلٽ ۽ ٻيون لڳنديون هيون باهيون! بيٺل فصل به پٺاڻ چٽ ڪري ويندا هئا! ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي ميرن مان خطرو هو، تنهن قنڌار جي حاڪم  جي مدد گهري. انهيءَ گهمري مدد خان پٺاڻ آيو، تنهن ته هيڪاري وڌيڪ ڦرلٽ ڪرائي ۽ شهرن جا شهر باهيون ڏياري ناس ڪرائي ڇڏيائين! انهيءَ سبب ”مدد“ معنيٰ ٿي ”مصيبت“. اُنهيءَ ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾، جوڌپور جي راجا به راجپوت ايلچي ڪري موڪليا، جن مير بجار سان خلاصين ڳالهين ڪندي کيس خنجر هڻي ماريو، انهيءَ ڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”ڪَنَ جي ڳالهين مير بجار مارايو“.

ميرن جي صاحبي

241- سنه 1783ع کان وٺي ميرن جي صاحبي ٿي ته قنڌار جي حاڪم مٿن به اها ڍل مڙهي. نيٺ 1792ع ۾ مير فتح علي خان اُٽي- مُٽي اٺاويهه لک رپيا اڳوڻي بقايا جي عوض توڙي آئيندي لاءِ ڏيئي. پنهنجي جند ڇڏائي *. سنه 1793ع ۾ ميرن حڪومت جو ورهاڱو ڪيو. مير سهراب خان خيرپور هٿ ڪئي، ته ڪي ديوان اوڏنهين ويا، جنهنڪري ”خيرپوري ديوان“ سڏجڻ ۾ آيا، نه ته اصل حيدرآباد جي ديوانن جا ڀائر آهن. مير سهراب خان جي پٽ ٺاري خان، شاهه بندر هٿ ڪيو، ته ڪي ٺٽئي وٽس نوڪريءَ ۾ گهڙيا، جنهنڪري هينئر ٺٽي ۾ به ديوان آهن. سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته سڀني ميرن جي صاحبي پوري ٿي. باقي رڳو خيرپور ۾ علي مراد خان ٽالپر جو راڄ قائم رهيو. حيدرآباد ۾ ميرن جا قبا اڄ تائين آهن.

242- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ٻه عيسائي اميرزادا جارجيا (ڪاڪيرس) کان عجيب حالتن هيٺ سنڌ ۾ آيا، جن کي مير ڪرم علي خان دين اسلام ۾ آندو. سنڌ جا مرزائون انهن جو اولاد آهن، جن مان مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ نظم توڙي نثر جا جيتريقدر علمي خزانا سنڌ کي ڏيئي ويو آهي، تيتريقدر ٻيو ڪوبه سنڌي عالم اڄ تائين نه ڏيئي سگهيو آهي.

تعليم جو انتظام

 243- سنسڪرت ۽ پراڪرت وارن زمانن، ۾ وديا (علم) سيکارڻ لاءِ هڪڙا هوندا هئا ”آچاريه“ جي گويا پروفيسر هئا ۽ ٻيا هئا ”اُپاڌيايه“ جي ماستر هئا. اُپاڌيايه جو اُچار بگڙجي ”اوجها“ ۽ ”واجهو“ ٿيا آهن. سنڌ ۾ اڄ تائين هڪ آڪهه وارا ”اوجها“ سڏجن ٿا. ”واجهڪا“ يعني هندو ماسترن جا اسڪول ته انگريزن جي صاحبيءَ جو اوائل ۾ به گهڻيئي هئا. هندن جي شاسترن ۽ يونانين جي لکيل احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو طب مان گهڻو واقف هئا. اڄ تائين ويڄ (ويديه) آهن ۽ ڳوٺن ۾ به ڏاهيون ۽ ڏاها گهڻيئي آهن. اسان جي ڏسندي به ننڍڙن ٻارن جي ڦڪِي سُتِي اسان جون ٻڍڙيون مايون ڪنديون هيون.

244- مسلمانن جي صاحبي شروع ٿيڻ سان عربن تعليم جو انتظام رکيو. انهيءَ وقت کان وٺي سيد ۽ مولوي سنڌ ۾وڌيا، جي اڪثر وعظ ڪندا هئا. ارغونن جي صاحبيءَ ۾ به گهڻو زور ديني تعليم تي هو، ۽ شريعت جي پابندي گهڻي هئي، جنهنڪري شيخ الاسلام مقرر ٿيندا هئا- جهڙوڪ شاهه قطب الدين شاهه محمود، جو اصل خراسان جو ويٺل هو ۽ بکر ۾ اچي رهيو هو. جمعي جمعي تي وعظ ڪندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. دهليءَ جي بادشاهن جي پاران صوبا مقرر ٿي ايندا هئا، ته به تعليم جو سرشتو اهو ئي هوندو هو. سنه 1700ع ۾ مولوي ابوالحسن ديني ڪتاب لکيو، ۽ تنهن کان پوءِ ٻيا به ديني ڪتاب سنڌيءَ ۾ جڙيا ته به اهو سڀ وقت عربي ۽ فارسيءَ جو واهپو گهڻو هو.

245- ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين ۾ ٺٽو ۽ روهڙي گويا سنڌ جون يونيورسٽيون هيون، ۽ اتي جي سيدن کي حاڪمن لوازما ٻڌي ڏنا هئا (”سنڌ گزيٽيئر، صفحو 472). هندن توڙي مسلمانن جي ٻارن لاءِ آخوندن جا ”ختاب“ يا مڪتب هونداهئا، جن ۾ هاڻوڪن اسڪولن وانگر درجا ڪونه هوندا هئا، ڪريما، گلستان، بوستان، پندنامو ۽ٻيا فارسي ڪتاب پاڙهيندا هئا. نڪا هئي تاريخ، نڪا جاگرافي، نڪو ڪو حسابي ڪمن پٺيان گهڻو مٿو ماريندا هئا. شاگردن کي خط پٽ لکڻ سيکاريندا هئا. خوشنويسيءَ تي گهڻو زور هوندو هو. هيءَ چوڻي عام هئي، ته ”اکر آهن اڌ علم“ اها تعليم پنجن- ستن سالن ۾ پوري ڪري، شاگرد وڃي روزگار کي لڳندا هئا. عام چوڻي هئي ته ”فارسي، گهوڙي چاڙهسي“. ڪو فارسي خواندو جهڙو تهڙو ڌنڌو ڪندو هو، ته ٻيا عجب کائيندا هئا.

”پڙهبو فارسي، وڪڻي تيل،

ڏسو يارو، قسمت جو کيل!“          (پهاڪو)

پڙهڻ لاءِ ڪي مدرسا يا اسڪول هاڻوڪي وانگر ٺهيل ڪونه هوندا هئا. آخوندن جا مڪتب خانگي جاين ۾ يا وقتي ڪن اوطاقن ۾ بلڪ مسجدن ۾ هوندا هئا، جتي هندو شاگرد به ويندا هئا- ويجهڙائيءَ ۾ به ائين هوندو هو- ڪن مسجدن ۾ رڳو مسلمانن جا ٻار ويندا هئا، ڪي هوند وارا پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ آخوندن کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا ۽ پاڙي جا غريب ٻار به اتي اچي مفت ۾ تعليم وٺندا هئا (”سنڌ گزيٽيئر“ صفحو 472)

عام طرح شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آخوندن ۽ مُلن جي پيدائش ”جمعگي“ هوندي هئي، يعني جمعي جمعي ڏينهن شاگرد پنهنجن استادن کي ڪجهه روڪڙ يا اَنّ داڻا  يا ڪاٺيون ڏيئي ايندا هئا. اَنّ ڏيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. انهيءَ کان سواءِ، آخوندن کي ڏڻ وار تي ڏڻ شاگردن جي مائٽن وٽان ڪجهه ملندو هو. هيئن به هوندو هو، ته ٻارن کي جيڪو ٽول سندن کائڻ لاءِ گهران ملندو هو، يا پنهنجيءَ خرچيءَ مان ڳنها هئا، ته آخوند کي صلاح ڪندا هئا، ۽ آخوند صاحب جو حصو به ”صلاح“ سڏبو هو- انهيءَ ريت اها تعليم اڪثر ڪامورن جا ٻار وٺندا هئا؛ ڀائيبندن جا ٻار گهر ۾ ئي هندو-سنڌي اکر سکي، اباڻڪي ڪِرت وڃي ڪندا هئا. ٿورڙيون پاٺشالائون به هونديون هيون.

عربيءَ جو فارسيءَ جي معرفت اثر

246- عربن جي ڪاهه وقت عربيءَ جو جيڪو به سڌو اثر ٿيو هوندو، سو وراچڊ اپڀرنش تي، يعني سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ تي، پر وڏي ڳالهه ته عربن نڪي ڪنهن کي عربيءَ سکڻ لاءِ ٻڌل رکيو هو، نڪي سنڌ جو سڄو پرڳڻو سندن هٿ ۾ هو، سنه 1024ع ۾ محمود غزنويءَ سنڌ مان خليفن جي نائبن کي ڪڍي ڇڏيو. غزنوي گهراڻي وارن جي وقت کان وٺي، فارسيءَ جو واهپو ٿيو. فارسي اڳيئي عربي آميز آهي، تنهنڪري فارسيءَ جي معرفت عربي لفظ آيا. آڳاٽي ۾ آڳاٽو موجود سنڌي شعر معمائي-فقيرن جا بيت آهن، جي عيسوي چوڏهين صديءَ جا جُڙيل آهن. انهن ۾ عربي توڙي فارسيءَ جو اثر لَکائي ئي ڪو نه ٿو. سنه 1521ع کان وٺي ارغونن جي سنڌ ۾ صاحبي ٿي. انهيءَ وقت کان وٺي ارغونن جي سنڌ ۾ صاحبي ٿي. انهيءَ وقت کان وٺي فارسي تعليم جو سلسلو سنڌ ۾ باقاعدي شروع ٿيو، ۽ سنڌي شعر جي تاريخ به انهيءَ وقت کان وٺي شروع ٿئي ٿي. ”شاهه ڪريم جي بيتن جي ٻولي اڳوڻي نج سنڌي آهي، جا بلڪل صاف ۽ عربي ۽ فارسي لفظن جي آميزش کان پاڪ آهي. عربيءَ جا فقط اوڻٽيهه لفظ ۽ هڪ اصطلاح، ۽ فارسيءَ جا اَٺ لفظ ڪم آندا اٿس“ *.

دهليءَ جي بادشاهن جي حڪومت کان وٺي فارسيءَ جو واهپو وڌيوو ته به شاهه جي رسالي ۾ ڏسو ته نج سنڌي بلڪ نج سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظ گهڻا آهن، ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ عربي ۽ف ارسي لفظ پنجين پتيءَ جيترا به مس ٿيندا.

ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين ۾ هندو ڪامورا خانگي خط پٽ به فارسيءَ ۾ لکندا هئا. سنڌيءَ ڏي ماڻهن جو ڌيان اِجهو اهڙو هو، جو 45-1847ع ۾ ڪئپٽن جارج سٽئڪ جي چوڻ موجب پنهنجي مادري زبان (سنڌيءَ) کي مسخرن جي ٻولي ڪري سمجهندا هئا!

سنه 1872ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جي وقت ۾، اتر- هندستان جي ٻين ٻولين کان سنڌيءَ ۾ ڌاريا لفظ گهٽ هئا. سنه 1879ع ۾ شرٽ صاحب واري ڊڪشنري جُڙي، تنهن ۾ اڍائي هزار عربي ۽ ٻه هزار فارسي لفظ آهن. انهيءَ وقت کان اڄ تائين، ٻيا به ڪيترا عربي فارسي لفظ عام ٿيا آهن- اهڙيءَ طرح فارسيءَ کان، عربي لفظ سنڌيءَ ۾ وڌيڪ آهن، جن مان گهڻا اسم عام، ٿورا اسم ذات، ۽ انهن کان گهٽ صفتي لفظ آهن. سنڌيءَ ۾ عربي عدد ۽ ضمير آهن ئي ڪين، ۽ حرف ۽ ظرف به ايترا ٿورا آهن، جي آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ سبب هيٺ ڄاڻائجن ٿا.

ڌارين لفظن جي چالو ٿيڻ جا قاعدا

247- ٻوليءَ ۾ مکيه ڳالهائڻ جا لفظ به آهن: هڪڙو اسم، ٻيو فعل. اهي گويا اڏاوت لاءِ ڪُپڪا يا ٽاڪيل پٿر آهن. جيڪي حرف ۽ ظرف آهن، سي ڄڻ ته چُن، ريتي ۽ سيمينٽ آهن، جي ڪُپڪن جي سنڌن ملائڻ ۽ اڏاوت کي پختي ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. ڌارين قومن جا لفظ جي روز مرهه جي محاوري ۾ اچي ويندا آهن، تن مان سڀني کان اڳ اسم چالو ٿيندا آهن. هڪڙي قوم ٻيءَ تي ڪاهي ويندي، ته ٻنهي قومن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪٻئي جي ملڪ، قوم ۽ جنگ ڪندڙ مکيه عملدارن جي نالن جي سڌ ضرور پوندي. جنگ بند ٿيڻ کان پوءِ، سڀاويڪ طرح، اول روزمرهه جي ڪم اچڻ جي شين جي خريد فروخت ٿيندي- ائين شين جي نالن جي خبر پوندي: فتح ڪندڙ حاڪمن جا دفتر کلندا، ته سرڪاري لکپڙهه ۾ ڪم ايندڙ لفظ، ۽ عهديدارن جي عهدن، لقبن وغيره جي ڄاڻ پوندي. نوان هنر ۽ ڌنڌا کلندا، ته انهن سان لاڳاپو رکندڙ لفظ عام ٿيندا. مڪتب کلندا ۽ ڪتابي علم زور وٺندو، ته پوءِ قسمين قسمين لفظ مروج ٿيندا. اهو آهي ڌارين لفظن جي چالو ٿيڻ ۽ ٻوليءَ تي اثر ٿيڻ جو عام قاعدو- مطلب ته اول اسم چالو ٿين ٿا، ۽ صفت به وقتي اسم ٿي ڪم اچن ٿا، تنهنڪري اهي به ٻوليءَ ۾ اچي وڃن، باقي ٻيا ڳالهائڻ جا لفظ تمام دير سان چلو ٿين ٿا. انگريزيءَ جا به هن وقت تائين رڳو اسم سنڌيءَ ۾ چالو آهن، ۽ هڪڙو به صفت، ضمير، فعل، ظرف، يا حرف چالو ڪو نه ٿيو آهي.

سنڌيءَ ۾ عربي لفظ

249- سنڌيءَ ۾ عربي لفظ هيٺين قسمن جا آهن:

اسم- بصر (بصل)، ٿوم (ثوم-فوم)، ڪلف- ڪرف (قفل) قلم، ڪتاب، مدرسو، منشي، عامل، حڪيم، طبيب، قاضي، ولي، وظيفو وغيره.

اسم ذات ادب، ظلم، طاقت، نقصان وغيره.

صفت حلال، حرام، غافل، ظالم وغيره.

عدد رڳو ”واحد“ لفظ عام آهن. سنڌيءَ جا سڀ عدد شماري ۽ قطاري سنسڪرت بنياد جا آهن.

ضمير- هڪڙو به ڪونهي.

فعل- هڪڙو به عربيءَجو ڪونهي.

ظرف ۽ حرف- بلڪل (بالڪل)، فقط، ضرور (ظرف) عام آهن. انهن کان سواءِ ڪاتر (خاطر)، بگر(بغير)، مقابل، موجب، واسطي (اسم- واسطو)، ۽ ٻيا اهڙا عربي لفظ اڪثر حرف جر ٿي ڪم اچن ٿا. بغير، فقط ۽ واسطي بدران سواءِ، رڳو ۽ لاءِ لفظ ڪم آڻي سگهجن ٿا، جنهنڪري انهن لفظن جو جيڪر کپ ڪونه پوي، پر تڏهن به اچي ويا آهن، ۽ اها وڏي ڳالهه آهي.

حرف ندا- الا (الله)! شال- شل (شاءَ الله)، معنيٰ ڌڻي ڪري ته!هن پوئين لفظ جي صورت گهڻي قدر بگڙيل آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪي عربي لفظ ڪن ايامن کان ڪم پيا اچن، ته انهن مان ڪن جي صورت گهڻي قدر ڦري ويئي آهي- جهڙوڪ ”تعويذ“ جو اچار بگڙجي ”تائيٿ“ ٿيو آهي، ”مسجد“ جو اُچار بگڙجي”مسيد“ ”مسيت“ ۽ ”مهت“ ٿيو آهي، ”بدره“ بدران ”بدڙي“ چئون ٿا.

سنڌيءَ ۾ فارسي لفظ

249- جيڪي فارسي لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن، تن جا ٿورا مثال هي آهن:

اسم- آب، آبادي، آبرو، آتشبازي، بادشاهه، بازيگر، لنگي، پروانو، پرواهه، پهراڻ (پيرهن)، پانجيب (پازيب)، پيشگير، جام يعني پيالو يا گلاس، جليبي (زلابيه)، دامن، ديگ، رستو، زيور، گجر (گور) وغيره.

صفت- آباد، برباد، بيزار، پاڪ، تازو، چالاڪ، روشن، هوشيار وغيره.

ضمير- رڳو ”خود“ لفظ عام آهي.

عدد- دو-دستو، معنيٰ ڇسو يا ڄٽ ۽ دو- آتشه، سہ آتشه = شراب- اهڙن مرڪب لفظن ۾ فارسي عدد دو(ٻه) ۽ سہ (ٽي) ڪم اچن ٿا، باقي عام طرح اسين پنهنجا سنڌي عدد- هڪ، ٻه، ٽي وغيره ڪم آڻيون ٿا، جي سڀ سنسڪرت بنياد جا آهن.

ظرف- هر دم ۽ هرگز.

حرف جر- ”روبرو“ لفظ ظرف توڙي حرف جر ٿي ڪم اچي ٿو.

حرف جملو- اگرچه، مگر، بلڪ ۽ باوجوديڪ (اڌ عربي ۽ اڌ فارسي).

حرف ندا- افسوس! يا خدا!

سنڌيءَ ۾ ٻِه- ٻوليا يا گَڊا لفظ (Hydrids)

250- ٻوليءَ جو اثر ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو ٻاهريون، ٻيو اندريون يا جگري، عربي، فارسي، ترڪي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن، ته اهو ٻوليءَ تي ٻاهريون اثر چئبو- اڄ تائين اهي ڌاريا لفظ ليکجن ٿا- اندريون يا جگري اثر اهو آهي، جنهن ۾ ڌاريا لفظ ڳنڍجي ڳُتجي ٻيءَ ٻوليءَ جو ڀاڱو ٿي پون.جهڙوڪ ڪن عربي اسمن ۽ صفتن سان، سنڌيءَ جي مصدر واري پڇاڙي ”اَ“ گڏي، فعل جوڙيا اٿئون: نظر- نظرڻ، قطار- قطارڻ، دفن- دفنائڻ، قبول- قبولڻ، ۽ قرار- قرارجڻ.

”مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو.“  (شاهه)

فارسي فعلن ”آزمودن“ ۽ ”رسانيدن“ مان امر واحد آهن”آزماي“ ”رساي“، انهن مان ”آزمائڻ“ ۽ ”رسائڻ“ لفظ جوڙيا اٿئون. ساڳيءَ طرح عربي لفظ ”شان“ ۽ فارسي لفظن ”آب“ ۽ ”ننگ“ مان ”شانائتو“، ”آبائتو“ ۽ ”ننگائتو“ لفظ (”آئتو“ پڇاڙي گڏڻ سان) جوڙيا اٿئون. انگريزي لفظن کي اڃا تائين ايتريقدر سنڌي لفظن سان ڳنڍجڻ ڳتجڻ نه ڏنو اٿئون. ”آگبوٽ“ لفظ ۾ ”آگ“ هندي ۽ ”بوٽ“ انگريزي لفظ آهي، انگريزي لفظ ”ڪاليج“ مان سنڌي صفت ”ڪاليجي“ (جوان).  اهڙي حالت ماڻهن جي نالن ۾ به نظر اچي ٿي، جهڙوڪ حشمتراءُ قيمتراءُ، نعمتراءُ، ۽ سخاوتراءُ. خانچند نالي ۾ ”خان“ ترڪي ۽ ”چند“ سنسڪرت (چندر). محمد آچار ولد سومار خان- هتي ”محمد“ عربي ۽ ” خان“ ترڪي لفظ آهن. آچار ۽ سومار (آدتيه وار ۽ سوم وار) سنسڪرت بنياد جا لفظ آهن- اهڙيءَ طرح عربي ۽ فارسيءَ جي اثر ڪري ٻيا به ڪيترا ٻه- ٻوليا لفظ سنڌيءَ ۾ ٺهيا آهن، جن ۾ ڌڙ ريڍو ته سسي ٻاڪري! هڪ ڪري، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو اهو وڏو اثر چئبو: پر اهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ ڪي گهڻا ڪينهن.

عربي ۽ فارسي اڳياڙيون ( Prefixes)

251- عربي ۽ فارسي اڳياڙيون، رڳو عربي فارسي لفظن سان گڏبيون آهن- جهڙوڪ الغرض، في الحال، غير حاضر ۽ لاجواب لفظن ۾ ”ال“، ”في“، ”غير“ ۽ ”لا“ عربي اڳياڙيون آهن، باقاعدي، بيقاعدي، ناپسند، ۽ هر روز لفظن ۾ ”با“، ”بي“، ”نا“ ۽ ”هر“ فارسي اڳياڙيون آهن. انهن فارسي اڳياڙين مان ”بي“ ۽”هر“  اسين ڪن سنڌي لفظن سان گڏيون ٿا جهروڪ: بي ڳُڻو، بي نَڪو (بيشرم) ۽ هر گهڙي انهيءَ سبب به ڪي لفظ ٻه ٻوليا ٿي پيا آهن.

کوٽي مناسبت (False Analogy)

252- عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ خ، غ ۽ ٻيا اهڙا اکر ڏسي، اسان جا ڪيترا ماڻهو نج سنڌي لفظ ۾ ”ک“، ”گ“ وغيره جا اُچار به ڦيرائي ائين ڪن ٿا- جهڙوڪ: پکال (پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ کل) ۽ ملاکڙو(ملهه وڙهڻ لاءِ آکاڙو يا جاءِ) جا اُچار ڦيرائي پخال ۽ ملاخڙو چون ٿا. ”گڦا“ بدران ”غفا“ چوڻ جو رواج ته هندستانيءَ ۾ به آهي- هي کوٽي مناسبت جا مثال آهن. اهو به عربيءَ فارسيءَ جو اثر ڪري ليکبو، جيتوڻيڪ اهڙيون ڦير ڦاريون رڳو غلط فهميءَ سببان ٿين ٿيون*.

عربي ۽ فارسي جو ڪتابي ٻوليءَ تي اثر

253- سنڌيءَ ۾ فارسيءَ جا ڪي اصطلاح به عام ٿي ويا آهن. جهڙوڪ باز اچڻ( باز آمدن)، دادي نه استادي (نه داده نه ستانده) ۽ سير پياز پڌرو ڪرڻ- اکري معنيٰ ٿوم ۽ بصر پڌرو ڪرڻ (سير = ٿوم، ۽ پياز = بصر) ڪي عربي ۽ فارسي پهاڪا به ترجمو ڪري چالو ڪيا اٿن شاهه جي رسالي ۾ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جا ڪي بيت ترجمو ٿيل آهن مثنويءَ جو پهريون بيت هيءُ آهي:

”بشنو از ني چون حڪايت ميڪند،

از جــــدائـيهـا شـــڪايـــت مــيـڪـنــد“.

شاهه صاحب ان جو ترجمو ڪيو آهي:

”وڍيــل ٿـي وايــون ڪــري، ڪُــٺــل ڪُــوڪــاري،

هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئه هاري“.

اهڙيءَ طرح مثنويءَ جا ٻيا بيت به ترجمو ڪيا اٿس. ”ديوان گل“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ عربي ۽ فارسي ڪتابن وارا خيال ترجمو ٿيل آهن. ڪيترا ڪتاب ته اکر به اکر فارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن، جهڙوڪ: ”چچ نامو“، ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”رباعياتِ عمر خيام“ وغيره ساهت جي واڌاري جي اها به هڪ واٽ آهي، جو ٻين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪن.

سرائڪيءَ جو اثر

254- سرائڪي ٻولي ڄائي نپني سنڌ ۾، تنهنڪري سنڌيءَ تي ان جو اثر گهڻو ئي آهي سرائڪيءَ ۾ ”ڄُل“ معنيٰ ”هل“، ۽ ”گهِن“ معنيٰ ”وٺ“ اهي لفظ شاهه ڪريم ۽ ٻين گهڻن شاعرن ڪم آندا آهن.

”اُٺ ئي پهر اندر ۾ نانءُ سائين دا گهِن.“ (سامي)

سرحد سنڌ وارو پاسو ٻروچڪو ملڪ آهي، جتي اڄ به سرائڪي عام آهي. ڪلهوڙا ۽ مير به رواجي طرح سرائڪي ڳالهائيندا هئا. جنهنڪري هندو ڪامورا به اها ٻولي ڳالهائيندا. سرائڪي پهاڪا به سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن، جهڙوڪ:

(1) اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.

(2) آپ نه پالي، پالي ڏون.

(3) ڀؤنڪ مئڏي ڪتي، مئن نندِر نال سُتي.

(4) شينهن نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چورنه ڏيکيا ڏيک سونارا!

(5) ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي نون کاوڻ آيا.

(6) تو آکيسين، مئن نه ميڃسان، مئن بازي کٽي.


 

*  آخر، آدم، رضا، عمل. علم، عمق (اُونهائي). عميق (اُونهو)، فتح، فراق، فعل، قي(اُلٽي)، ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا لفظ، جهڙا عربيءَ ۾ تهڙا عبرانيءَ يا يهودين جي ٻوليءَ ۾ آهن.

حساب، غيب، طعنو، قصر(محلات يا ماڙي)، فم (وات)، ۽ قرنائي(شرنائي) لفظ، ڪئلڊي ٻوليءَ ۾ به آهن. اهڙا ٻيا ڪئين مثال جان شيڪسپيئر واري هندستاني ڊڪشنريءَ ۽ ٻين ڪتابن مان ملي سگهن ٿا.

*  “Iran, Eran, Airan the Airiyana, of the Avesta. Is the land of the Aryans.”

Edward G. Browne “ A Literary History of Persia,”p.4.

*  مسٽر محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، صفحو 4.

*  Henry Cousens “ Antiguities of Sind”, p. 29.

* ”سنڌ گزيٽيئر“، جلد پهريون، صفحو 91.

*  Major General Haig “Indus Delta Country”, p. 73.

* ”پُراڻ“ معنيٰ پراڻو درياءَ- اڳي ’مهراڻ‘ يا ’هاڪڙو‘ ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي هاڻوڪي ڍوري پراڻ جي پيٽ مان وهندو، لکپت ڏي ويندو هو.

ميجر جنرل هيگ: ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ صفحو 73

*   سموري حقيقت لاءِ ڏسو، ڪئپٽن ولبر فورس بيل جي جوڙيل ”ڪاٺياواڙ جي تاريخ“

* سنڌڙي اوڳاڻا وڻاهه = اي سنڌ، تو کي اڀرندي طرف کان نقصان رسندو.(اُڳهيو=اُڀرندو)

*  ميرزا قليچ بيگ: سنڌي شعر‘، صفحو 12.

* R.E. “Emihoun. The tribes and Castes of Bombay” Vol:ii”

*  ساڳيءَ طرح قلندر لال شهبازکي هندو ”راجا ڀرتري“ ۽ پير پٺي کي ”راجا گوپيچند“ سمجهي پوڄين ٿا.

*  يدوُ آريا لوڪ اصل بئبلونيا طرفان آيل چوڻ ۾ اچن ٿا.

* سنڌي ماڻهن جا نالا اصل ڪڇين جهڙا هئا ۽ هاڻوڪن نالن وارا هندو، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت کان وٺي آيا.

* R. E. Enthoven: “The Tribes and Castes of Bombay”. Vol. ii, pp. 52-53

*  انهن مريدن مان هڪ صديق (صادق) فقير به هو.

*  ميجر جنرل هيگ: ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، صفحو 117.

*  ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو:”رساله ڪريمي“، صفحو 29”

*  اَمرڪوٽ ۽ سلام ڪوٽ بدران عمرڪوٽ ۽ اِسلام ڪوٽ چوڻ جو رواج غلط فهمي سببان پيو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org