سيڪشن؛ علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 10

باب ڏهون                                       سنڌي لغت

(Vocabulary or Word-stock)

لفظن جي ورڇ

سنڌيءَ ۾ جيڪي به لفظ ڪم اچن ٿا، تن کي چئن دفعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) تتسم (2) تدڀوَ (3) ديشي (4) وديشي. پهريان ٽي نالا اصل پراڪرت نحوين ڪم آندا هئا، جي هاڻ يوروپي توڙي ڏيهي عالم ڪم پيا آڻين؛ ۽ چوٿون نالو اسان پنهنجو گڏيو آهي، جو سنڌي ۾ ڪيترا وديشي يعني ڌارين ملڪن جا لفظ به اچي ويا آهن.

تتسم  (Tatsama)

165- ”تتسم“ معنيٰ نج سنسڪرت لفظ، جي سنڌيءَ ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ بجنسي، يا جيئن جو تيئن ڪم اچن ٿا. جهڙوڪ: ندي، ڪَوي معنيٰ شاعر، راجا، ڪريا معنيٰ ٻاجهه، ديا معنيٰ ٻاجهه يا رحم، چِنتا معنيٰ ڳڻتي، ڪايا معنيٰ سرير يا جسم، ۽ سُندر معنيٰ سهڻو. اهڙا نج سنسڪرت لفظ جي قديم زماني کان وٺي سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن، يا ويجهڙائيءَ ۾ ماڻهو سنڌيءَ ۾ ڪم آڻڻ لڳا آهن؛ تن کي ”تتسم“*سڏجي ٿو، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ” هن جهڙا“ يعني سنسڪرت جهڙا يا هُوبهو سنسڪرت.

166- سنسڪرت ”ڌيانَ“ (Dhyana) بدران چئون ”ڌيانُ“ (Dhiyanu) ۽ ”سندرَ“ (Sundara) بدران چئون ”سندرُ“ (Sundaru) معنيٰ سهڻو. اهڙن سنهن تفاوتن ڪري عالمن اهڙن لفظن کي اڌو گابرا تتسم (Semi-Tatsama) سڏيو آهي. لفظن ۾ پهريائين ائين ٿورو ڦير پوندو آهي ۽ پوءِ وڌيڪ ڦير ڦار ٿيندي آهي، ته ”تتسم“ ڦري ”تدڀَو“ ٿي پوندا آهن.

167- سنسڪرت لفظ ”ڌرم“ ۽ ”پريم“ جا اچار پاليءَ ۾ ڦري ٿيا ”ڌم“ ۽ ”پيم“پر هاڻ اسين وري ساڳيا نج سنسڪرت لفظ ڌرم ۽ پريم ڪم آڻيون ٿا، جي پاليءَ واري زماني کان پوءِ وري چالو ٿيا. اهڙيءَ  طرح ٻيا ڪئين نج سنسڪرت لفظ آهن، جي هڪ واريءَ گويا مري ويا، سي هاڻ وري نئون جنم وٺي ٻوليءَ ۾ آيا آهن. اهڙن نج سنسڪرت لفظن کي عالمن ”هاڻوڪا تتسم“ (Modern Tatsama) سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ويجهڙائيءَ ۾ سنسڪرت مان اُڌارا ورتا ويا آهن- اها به ٻوليءَ کي ڀرپور يا مالا مال ڪرڻ جي هڪ واٽ آهي.

تدڀوَ      (Tadbhava)

168- ”تدڀوَ“ لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”اُنهيءَ جي ڀاءَ يا سڀاءَ جهڙا“ (Of the nature of it)، يعني بجنسي سنسڪرت نه، پر انهيءَ (سنسڪرت) جهڙا. جهڙوڪ:

تتسم                   تدڀوَ                       تتسم                   تدڀوَ

سوُريه                     سوُرج، سج          چندر                      چنڊ

اُشتر                       اُٺ                          ڪوڪل               ڪوئل (پکي)

اُتٿان                      اُڻڻ                          درشن                    ڏسڻ

متر                         مِٽ، مائٽ           پُترِ (Putra)    پٽ (Son)

وياپار                     واپار                       لوهڪار                لوهار، لوهر

سنڌي ٻوليءَ ۾ مکيه لفظ آهن ئي اهڙا تدڀوَ لفظ، ڇاڪاڻ ته قدرت جي عام شين ۽ ساهوارن جا نالا، رورز مرهه جي ڳالهين سان لاڳاپو رکندڙ لفظ، مٽي مائٽي، واپار ۽ ڪرت ڪار وغيره جا لفظ- مطلب ته اهو سڀ ذخيرو يا مال، جنهن تي ٻوليءَ جي پيڙهه ٻَڌجي ٿي، سو گهڻو ڪري سمورا سنسڪرت مان ورتل آهي، ۽ اهي ئي تدڀوَ لفظ نج لفظ سڏجن ٿا.

”آءٌ نه گڏي پريءَ کي، تون ٿو لهين سج!

آءٌ جـــي ڏيـــنءِ ســنــيــها، نيئي پريان ڏج“

    (شاهه)

هي سڀ سنڌي لفظ آهن. اهڙا تدڀوَ لفظ جيڪڏهين ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏبا، ته چئبو ته ٻوليءَ جو خاتمو ٿيو. سنڌيءَ ۾ جيڪي عدد، ضمير ۽ حرف جر آهن، سي گهڻو ڪري سڀ تدڀوَ آهن. ٻوليءَ مان جيڪڏهن رڳو حرف جر (کي، ۾، تي، سان، لاءِ وغيره) ڪڍي ڇڏجن، ته جيڪر جملا جوڙي ڪين سگهجن- اهي ڳالهيون ڳڻي چئبو ته ٻوليءَ جو اصلوڪو ۽ سچو پچو خزانو آهي، نج سنڌي لفظ آهن. ڪي سنڌي لفظ ٻين ٻولين ۾ به عام آهن ، پر اسان جا اُچار ئي علحدا: انهن اچارن مان پريان ئي پروڙي سگهبو آهي، ته اِها آهي اسان جي مادري زبان، جنهن جي شعر جي شيرينيءَ هندن توڙي مسلمانن کي موهت ڪري ڇڏيو آهي.

169- ڪن سنسڪرت لفظن جي صورت ايتريقدر بگڙجي ويئي، جو سڃاڻڻ ئي مشڪل- مثال:

سنسڪرت                                                         سنڌي

پتار سوسري يعني پيءُ جي ڀيڻ پڦي، پڦي

ماتر سوسري    ”   ماءُ جي ڀيڻ                      ماسي

ڀگني پتي       ”    ڀيڻ جو مڙس   ڀيڻيويو

شيالي و وڍر   ”    ساليءَ جو مڙس                سنڍوُ

ڀراتر جايا       ”    ڀاءُ جي جوءِ                           ڀاڄائي

شيت ڪال     ”     ٿڌو وقت                             سيارو

اُشنه ڪال      ”     گرم وقت                            اونهارو

سنسڪرت ”شوشره“ (Shavashurah)، پراڪرت- ”سسر“ (Sasura)، ۽ هندي ”سسرا“: انهيءَ ”سسرو“ لفظ جو اچار سنڌي ۾ آهي ”سهرو“( Father-in-law)، ته ڪي ڀلجي ائين پيا ڀانئين ته اهو عربي لفظ صهرو آهي. حقيقت ڪري سهرو (سسرو) لفظ نهايت قديم آهي ۽ پالي ٻوليءَ ۾ به آهي، جا عيسوي سنه کان هزار کن ورهيه اڳي چالو هئي. اهڙا روز مره ڪم ايندڙ لفظ صدين کان ڪتاب پيا اچن، ته گَسي پيسي ويا آهن- ۽ ماسي پڦي وغيره، جي اصل ۾ مرڪب لفظ آهن، سي هينئر ڇڙا يا يڪا لفظ پيا ڀانئجن.

170- تدڀوَ لفظن مان ڪي آڳاٽا ته ڪي هاڻوڪا آهن- جهڙوڪ سنسڪرت لفظ ”هرديه“ مان هِنئوُن، هنئانءُ ۽ هيج لفظ ٺهيا آهن. اهي آڳاٽا تدڀو چئبا. اهو ساڳيو ”هرديه“ لفظ وري چالو ٿيو ته اچار ٿيس هردو- ردو، پر معنيٰ ساڳي اٿس- اهي هاڻوڪا تدڀوَ چئبا.

”هردو دنيادار جو پاهڻ کان به پري“

171- سنسڪرت لفظ ”ونش“ ڦِري ”بانس“ ۽ ”ونجهه“ ٿيو آهي- ڪهڙيءَ به بانس جي ڪاٺيءَ کي ”بانس“ چئبو؛ پر ”ونجهه“ اها بانس جي لٺ آهي، جنهن سان ٻيڙي هلائين ٿا- اهڙيءَ طرح ڪن سنسڪرت لفظن ٻه- ٻه، ٽي- ٽي، بلڪ وڌيڪ صورتون ورتيون آهن، ته ڪن جي معنيٰ ۾ به ٿورو ٿورو ڦير پيو آهي.

172- ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.“ (شاهه)

مارئي چوي ٿي ته، ”منهنجن ماروئڙن جا احسان مون تي ٿورا ڪينهن“، يعني مون سان گهڻي ئي ڀلايون ڪيون اٿن- اهي ٻه لفظ هن ريت ٺهيا آهن:

(1) هتي پهريون ”ٿورو“ معنيٰ احسان يا ڀلائي، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ستوَڪَ (Stavaka) آهي، ۽ اصل معنيٰ اٿس ”ساک يا ساراهه“. ڪنهن تي ٿورو ڪبو ته هو ضرور احسان مڃيندي، اڳلي جي ساک ڪندو. اهو ” ستوڪ“ لفظ اول بگڙجي ٿيو ” ڻوڪ“، ۽ پوءِ ’ڪ‘ حذف ٿيو ته باقي بچيو ”ٿيو“، جنهن جي پٺيان ”رو“ پڇاڙي (Suffix) گڏي چئون ”ٿورو“.

(2) ٻيو ”ٿورو“ معنيٰ گهٽ (ضد- گهڻو اهو اصل سنسڪرت لفظ ” ستوڪ“ (Stoka) آهي، جنهن جو به اچار بگڙجي اول ٿيو ” ٿوڪ“، ۽ پوءِ ”ٿو“ ٿيو آهي. انهيءَ جي به پٺيان ” رو“ گڏي چئون ’ٿورو‘- مطلب ته سنسڪرت جي ٻن جدا لفظن بگڙجي سنڌيءَ ۾ هڪجهڙي صورت اچي ورتي آهي، پر معنيٰ ۾ فرق پڌرو بيٺو آهي.

(3) مٿين ٻنهي سنسڪرت لفظن جو اچار سنڌيءَ ۾ اول ٿيو ’ٿوڪ‘، ته اهو لفظ به اسان وٽ آهي:

”هنِئون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کروتون، اي پـــڻ ســکــر ٿــوڪ.“

(شاهه ڪريم)

يعني دل ڏجي پنهنجي پياري ( سچي سائينءَ) کي، ۽ پنهنجا لڱ يا عضوا ڀلي ته لوڪ سان گڏجن: يعني ٻن عام ماڻهن سان ڀلي ته رلمل ڪجي، پر چِت ۾ ڌيان ڌڻيءَ جو ڌارجي؛ مندر ۽ حجرا (مسجدون) به چڱيون شيون آهن. اهو ’ٿوڪ‘ اصل سنسڪرت لفظ ”ستوڪ“ (Stoka) مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٿورو: تنهنڪري ٿوڪ لفظ جي بنيادي معنيٰ چئبي ”ٿوري شئي“ هتي معنيٰ ”شئي“، ۽ ”سکر ٿوڪ“ معنيٰ چڱيون شيون.

(4) ”چانگا چندن نه چرين، مَيا پيٻين نه موڪ،

اگـــر اوڏو نـــه وڃــــيـــن، ٿُــڪــيو ڇــڏين ٿوڪ.“

(شاهه)

هتي به ’ٿوڪ‘ معنيٰ چڱي يا لذيذ شئي وٺبي ته ٺهندي، پر مصنف جي خيال موجب هيءُ ساڳيو پهريون لفظ ستوڪ (Stavaka) آهي، جنهن جي سنسڪرت ۾ هڪڙي معنيٰ آهي ساک، ٻي معنيٰ آهي ٻُور جو جهڳٽو يا ڇڳو، ۽ اُٺ لاءِ اِهائي لذيذ شئي آهي..

(5) انهيءَ ساڳيءَ سنسڪرت لفظ ستوَڪ (Stavaka) جي ٽين معنيٰ آهي: ڌن، پدارت.

”ٿڙڪي پَسي ٿوڪ، تِرڪي تڪبر ۾ پئي.“(شاهه)

ڪونروءَ وٽ ليلا نوَ لَکو هار ڏٺو، ته اهو ٿوڪ ڏسي هرکجي ويئي هئي- هتي ’ٿوڪ‘ (پدارٿ) نَولَکي  هار جي معنيٰ سان ڪم آيو آهي.

(6) ”مون کي ڏيهان نڪتي، ٻه- ٽي ٿوڪ ٿيا“. (شاهه) هتي ٿوڪ معنيٰ مند يا موسم: مارئي چوي ٿي ته ’ٿر مان نڪتي (امرڪوٽ ۾ عمر سومري وٽ اچي قيد ٿي آهيان، تنهن ڳالهه کي) ٻه ٽي مندون (سيارا ۽ اونهارا) ٿي وييون آهن‘ هي ”ٿوڪ“ به اصل ۾ سنسڪرت لفظ ستوڪ (Stavaka) آهي، جنهن جي سنسڪرت ۾ چوٿين معنيٰ ”ميڙ“ به آهي. گهڻن ڏينهن جي ميڙي کي مُند يا موسم چئجي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪڙئي لفظ جون سنڌيءَ ۾ گهڻيون معنائون ٿيون آهن. اهڙا مثال ٻيا به ڪيترائي آهن.

173- سنسڪرت لفظ ”درشن“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڏسڻ“. هندو ماڻهو ڪا ٺاڪر جي موت يا ڪنهن مهاتما کي ڏسڻ وڃن، ته چون ته ”درشن ڪرڻ ويا هئاسين“. ڪنهن عزيز خويش  لاءِ چون ته ”کيس ڏسڻ ويا هئاسين“  اهڙيءَ طرح ڪيترن نج سنسڪرت (تتسم) لفظن ۾ جيڪو ڌرمي يا عزت جو خيال سمايل آهي، سو تدڀوَ لفظن ۾ ڪونهي. مسلمان به ائين ”ڏسڻ“ بدران عربي تتسم ” زيارت“ ڪم آڻين ٿا.

(الف) جڏهن ڪو لفظ ڪم آڻڻ ۾ سنسو پوندو آهي، تڏهن ان جي بدران ٻيو ڪو لفظ ڪم آڻبو آهي- جهڙوڪ ڪنهن ٻار کي تپ ٿيندو، ته ماڻس چوندي ته ’سندس دشمن کي تپ ٿيو آهي‘ يا ’سندس ويري تپيا آهن‘، يا چوندي ته ’سُکالڙو آهي‘.هن کي علم لغات جي صاحبن سڏيو آهي Pejorative tendency.

174-                سنسڪرت                سنڌي

ڪشتهه= ڪوڙهه(اسم)       ڪوڙهيو ڪشٽيو(صفت)

ڇمنڊ (Chhamanda)                  ڇڙهو ڇانڊ

هن ريت هڪ سنسڪرت لفظ مان ٻه سنڌي لفظ ٺهيا آهن، پر ٻيئي گڏ ڪم آڻجن ٿا. ’ڪشٽيو‘ ۽ ’ڇانڊ‘ ڌار ڪم نٿا اچن ۽ زائد يا بي معنيٰ لفظن جي دفعي ۾ ليکجن ٿا ساڳيءَ طرح ”آمهون سامهون“ (سنسڪرت- آمک سنمک). مان ’آمهون‘ لفظ ڌار ڪم نٿو اچي.

175-”آپ گهاتي“ ۽ ”آب گهڙي“ ۾ ’آپ‘ ۽ ’آب‘ هندستاني لفظ آهن. ”کان پان“ ۽ ”کانو پينو“ معنيٰ کاڌو پيتو. اهي به هندي (هندستاني) لفظ آهن.

(1) ”ٿيو غلغلو گرنار ۾ ته ڪو اَتائي آيو.“(شاهه)

(2) ”گل ڇنو گرنار جو پٽڻ ٿيو پِٽين.“ (شاهه)

(3)”اکين سوئي اور کيو، ڪنين جوسئوم.“(شاهه)

’اَتائي‘ معنيٰ رمتو فقير، ’پٽڻ‘ معنيٰ شهر، ۽ ’اورکڻ‘ معنيٰ سڃاڻڻ يا ڏسڻ- اهي گجراتي لفظ آهن. ”گربو“ (ناچ جو قسم) ۽ ’هڙتال‘(هٽ تاڙ) به گجرات طرف جا لفظ آهن، جي ويجهڙائيءَ ۾ اسان وٽ چالو ٿيا آهن. اهڙيءَ ريت ٻين ڏيهي آريه ٻولين جا تدڀوَ لفظ سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. ٻوليءَ جي واڌاري جي اها به هڪ واٽ آهي.

ديشي لفظ

176- ديشي يا ديسج * معنيٰ ديس ۾ ڄاول يا پيدا ٿيل. ديشي (ديسي يا ڏيهي) لفظ اهي آهن، جي آرين جي اچڻ کان اڳيئي ديس (هندستان) ۾ چالو هئا، يا آرين جي اچڻ کان پوءِ ديس ۾ چالُو ٿيا، پر بنياد سنسڪرت مان نه اٿن. اهي ڪولن، سنٿالن، دراوڙن ۽ ٻين اصلوڪن رهاڪن جي ٻولي مان اُڌارا ورتل ليکجن ٿا. جيڪي ديشي لفظ سنسڪرت ۾ داخل ٿي ويا ، سي هاڻ سنسڪرت  ڪري ليکجن ٿا. پر ويدن واري زماني کان پوءِ به دراوڙن وغيره سان لڙهه وچڙ هلندي آئي، جنهنڪري پالي ۽ پراڪرت ۾ ديشي لفظ پاڻ گهڻا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ تهانئين وڌيڪ، جو ملبار طرف سان سنڌ جو وڻج واپار گهڻو هلندو هو.

(الف) ايلاچي، ڪونمير، ڪانجهي، ڪڙهي، چاڏي، ۽ ڪاٻار- انهن بابت پڪ آهي ته اهي دراوڙي لفظ آهن. ناريل جي تاندورن مان ٺهيل ڪاٻاري جون رسيون هندستان مان يورپ  ڏي وينديون هيون، تنهنڪري دراوڙي لفظ ”ڪاٻار“  اوڏهين عام ٿيو. انگريزيءَ ۾ چون ’Coir‘ گجرات ۾ سنڌ جا واپاري ۽ ميربحر چوندا هئا ”ڪانبار“، جنهن جو اچار هاڻ ”ڪاٻار- ڪاٻارو“ آهي. اهو ”ڪانبار“ لفظ، البيرُونيءَ سنه 1030ع ڌاري ڪم آندو آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته سنڌ جو ملبار سان واپار انهيءَ کان گهڻو اڳي هلندڙ هو.

(ب) اُڙد معنيٰ مانهه (دال جو قسم)، ڇنار معنيٰ کريل زال، ڪوٽ معنيٰ قلعو ۽ پڳڙي، ديشي لفظن جا مثال آهن؛ پر انهن بابت گهڻي پڪ ڪانهي، ته اهي دراوڙي ٻولين مان ورتل آهن يا نه.

177- ڪن ديشي لفظن مان سنڌي لفظ ٺاهيا اٿئون:

ديشي                                                                   سنڌي

آلم ول                                                  البيلو

چڊئي = چڙهي ٿو- چڙهڻ، چاڙهي، چاڙهه چاڙهيڪو.

اُونگهئي = ننڊ ڪري ٿو: اُونگهه = ڳوڙهي ننڊ، غشي.

178- ملبار سان لڙهه وچڙ هئڻ سبب اُتي جي اِٽي ڏڪر راند سنڌ ۾ چالو ٿي. انهيءَ راند ۾ اسان جا ٻار دراوڙي (تيليگو) انگ ڪم آڻيندا آهن:

سنڌي        تيليگو             معنيٰ       سنڌي      تيليگو      معنيٰ

وڪٽ         اوڪٽ              هڪ          لئن(لئنڊ)  رينڊو               ٻه

مون(مرنڊ)   مُوڊ         ٽي        نار           نال     چار

آر                 آر                      ڇهه           وئي            ويهء (Vei)    ڏهه

”يڪو“ شايد تيليگو لفظ ”اوڪ“ (اوڪٽ) مان آهي- مطلب ته اسان جا واپاري اهي انگ نمبروار جهٽي نه آيا آهن. اِٽي ۽ ڏڪر ٻيئي سنسڪرت بنياد جا لفظ آهن*.

179- ڊيشي لفظن جي هڪ لغت”ديشي نام مالا“ نالي هيمچندر آچاريه جي جوڙيل آهي. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجن تقريرن ( ”ولسن فئلالاجيڪل ليڪچرس“، صفحو 157) ۾ ديشي لفظن جي ذڪر ڪندي چيو آهي ته ’جن لفظن کي ديشي سڏيو ويو اهي، تن مان ڪي سنسڪرت بنياد جا سمجهڻ ۾ اچن ٿا‘- اهڙا ڪي مثال به ڏنا اٿس، جهڙوڪ:

ديشي                                                   سنسڪرت

اُجڊ = اُجڙ (ويران)                              اُججول(اوجل) صفا (سڃ)

بئل                                                        بليورڊ

ڦنسيءَ = ڦسلائي تو                       پاشا = ڦاسي (ڦاسائڻ)

ڇاسي = ڇاڇ، لسِي                         تڪر (فارسي تاشڪ)

اهڙيءَ طرح، ڪنهن وقت، ٻين ڪن ديشي لفظن بابت ثابت ٿئي ته اهي سنسڪرت بنياد جا آهن، ته انهيءَ ۾ عجب ڪونهي.

وديشي لفظ

180- وديشي يعني ڌارين ملڪن جا لفظ، جي سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن، تن جا مثال آهن:

يوناني (1) يونان، يوناني (Greek) ’IONIAN‘.

(2) ”پرسرام“ نالي ۾ ’پرسو‘- سنسڪرت ’پرشُو‘ معنيٰ ڪهاڙو. يوناني ’ Pelekus‘.

(3) ”دلم“ معنيٰ ملهه يا ناڻو، ۽ ”درم“ هڪ ننڍو سِڪو- سنسڪرت ”درميه“: يوناني ’drakhme‘: ’درم‘ جا بگڙيل اُچار ’ڊم‘ ۽ ’ڊاٻ‘ (ڊٻ) آهن.

(الف) ”پنجين ڊمين ڊم، ڪڍجي کي سڄڻين.“ (شاهه ڪريم)

يعني ڌڻيءَ پاڪ جي صديقي هڪ درم بدران پنج به پنهنجي ڳنڍيان ڪڍجن.

(ب) ”جــا خــزانــا سـوُ لٽي ڪو اهل دنيا جو هزار،

ناهي تهڙو جهڙو ڏئي مسڪين ٿو هڪڙي ڊاڀ.“

                                                                                (ديوان گل)

(4) ”سرنگهه لفظ اصل يوناني (Syrinx) ’Surinks‘: سنسڪرت ۾ ان جو اچار ”سرڱگ“ آهي. اسان جا ماڻهو شايد يونانين کان سرنگهون هڻڻ سکيا هئا!

(5)ميدي مان ٺهيل”سييوُن“، اصل يوناني لفظ ’Semidalis‘: ان جو سنسڪرت ۾ اچار ”سميد سميت“ ۽ معنيٰ ڪڻڪ جو سنهو اَٽو،

(6) مغدي، بختي ۽ بلغاري.

عربي ۽ فارسي- هنن جو ذڪر ڌار ڪبو.

ترڪي- آغا يا آقا (سنڌي- آگو). اُزبڪ = تاتاري ترڪ، جي چنگيز سان آيا ۽ ڏاڍا ظلم ڪيائون، تنهنڪري ”اُزبڪيون هلڻ“ يعني ظلم جهڙي هلت ڪرڻ يا اُچائڻ. اُردا بيگ مونث اُردا بيگمي معنيٰ حرمسرا تي پهرو ڏيندڙ عورت. اوطاق (اُطاق، اوتاغ)، ايلچي، بندوق. بندوقچي، بورچي (باورچي)، بيگ معنيٰ حاڪم مونث بيگم چلمچي، چاق معنيٰ چڱو ڀلو (هاڻ لکن چاڪ ڏسو شرٽ صاحب واري ڊڪشنري. اصل ترڪي اچار چاغ جو، اصل سنسڪرت لفظ چڱگ، سنڌي چڱو- (چانگو معنيٰ اُٺ به انهيءَ سنسڪرت لفظ مان)، چوغو (چوغا- چوخا)، چق = پردو (دروازي جي اڳيان ٽنگڻ لاءِ هاڻ لکن ’چڪ، چقمق، خان = حاڪم،  مونث خاقن، خرچ (قاچر)، قليچ بيگ (قليچ =ترار)، (قيطون = ريشم يا زريءَ جي ڪناري، جا زالون ڪپڙن کي هڻن، قينچي، ڪوُلي معنيٰ مزدور- اصل اچار ’قُلي‘ ترڪ لوڪ لڙاين ۾ دشمن لشڪر مان جيڪي ماڻهو گرفتار ڪندا هئا، تن کان مزوري ڪرائيندا هئا، تنهنڪري ترڪيءَ ۾ ”قُلي“ جي هڪڙي معنيٰ قيدي ۽ ٻي معنيٰ مزور.

بلوچي-                             ڏسو ضميمو ٽيون

پشتو-                                                ڏسو ضميمو چوٿون

ملايا-                                                 سيگُو (چانور)

چئنا- چاهه، چانهه (rea) (اصل چنائي لفظ ”شا“).

يوروپي ٻولين جا لفظ

181- عيسوي پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ پورچوگيز، ڊچ، فرينچ ۽ انگريز آيا، ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ ٿيو ته ڪئين لفظ سنڌيءَ ۾ ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ چالو ٿيا.

پورچوگيز- ”آپوسي“ (Alphanso) ۽ ”پائري“(Pires) (بمبئي طرف جي انبن جا قسم)، پادري، پستول، پيپ (Pipa)، ڦيٿ (فٽا)،ڪمرو معنيٰ ڪوٺي ( Camara) ،نيلام (لئيلام)، وغيره.

ڊچ پتي راند ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، تن مان ڪي ڊچن جا آهن. جهڙوڪ تُرپ (Troef) ’Trump‘، ۽ هارپان- لعل پان (Harten) ’ Hearts‘.

فرينچ- ڪارتوس (Cartouch) ’Cartridge  لفظ فرينچن جي اچڻ وقت هندستان ۾ چالو ٿيو.

انگريز- انگريز، انگريزي، اردلي (Orderly)، آرماڙ (Armada)، اسٽامپ، اسپتال، اسٽيشن، اسڪرو،اسڪول، بٽن (ٻيڙو)، بوتل (باٽل)، بوراڪ (بئرڪ)، بورڊ، برويو (Buoy)، ٽجوڙي (ٽريري)،  ٽِڪسَ (ٽڪيٽ) ٽيشن (سٽيشن)، ٽيڪس (ٽئڪس)، پتلون، پينشن، پلٽن (Platoon)، پئن (Pen)، جج، چاڪ، ڇاپ (شاپ)، درجن (ڊزن)، رپورٽ، رنگروٽ (Recruit)، سٽل (Settle)، اسڪول، سليٽ، ڪاليج، ڪرنل، ڪوچ، ڪپتان (ڪئپٽن)، ڪوٽ، ڪورٽ، گرمٽ (ائگريمينٽ) گلاس، ماجسٽريٽ، مڊم (مئڊم)، هَنَروٽ ( Hundred-Weight) ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي لفظ آهن ۽ روزمرهه انهن جو تعداد وڌندو پيو وڃي.

لفظن جي موجودات    (Word- Stock) 

182- سنڌي ڇهين جي چوٿين سبق ۾ لکيو اٿن ته 8

”انگريزي لفظن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ اٽڪل ويهه هزار لفظ آهن، جي هيٺين پٽاندر ورهايل آهن:

سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ پراڪرت ٻولين مان 13000

ديسي  .............            ...........              ............              ............   ............. 35000

فارسي .............            ...........              ............              ............   ............. 2000

عربي .............              ...........              ............              ............   ............. 2500

                                                                                    جوڙ   20000“

اهي سڀ انگ سراسر غلط آهن: اها غلطي هن منجهان ئي ظاهر آهي، ته سنڌي ڇهين ڪتاب جي انهيءَ ساڳئي سبق ۾ لکيل آهي، ته شاهه جي رسالي ۾ ويهه هزار کن لفظ آهن- هاڻ ويچار جي ڳالهه آهي ته شاهه جي رسالي ۾ ويهه هزار لفظ، ۽ سڄيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ويهه هزار لفظ! رسالي ۾ کچڻي، پاپڙ، سيرو ۽ پوري لفظ به ڪم آيل آهن ڇا؟- تڏهن اهي انگ آيا ڪٿان؟

پڇائن مان معلوم ٿيو، ته ڳچ ورهيه ٿيا، ته بمبئي سرڪار پڇا ڪئي، ته سنڌيءَ ۾ اٽڪل ڪيترا لفظ آهن. اهڙو تخمينو اڳي ٿيل ڪونه هو، تنهنڪري شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ جيڪي لفظ لکيل هئا، سي ڳڻي رپورٽ ڪيائون- شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ ڪل 928 صفحا آهن، جن مان ڪنهن صفحي ۾ پندرهن- سورهن، ته ڪنهن صفحي ۾ ٽيهه- ٻٽيهه لفظ آهن. جيڪڏهن هر هڪ صفحي ۾ سراسري ايڪيهه- ٻاويهه لفظ ليکبا، ته سڄي ڊڪشنريءَ ۾ ويهه هزار کن لفظ بيشڪ اچي ٿيندا. ٻي ڳالهه ته شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترن هنڌ هر هڪ لفظ جي پٺيان ڄاڻايل آهي، ته اهو سنسڪرت يا عربي بنياد جو آهي يا ديسي وغيره آهي، انهيءَ ڄاڻايل ڳالهه پٽاندر جيڪڏهن سڄي ڊڪشنريءَ جا لفظ ويهي ڳڻبا، ته مٿيون سمورو تفصيل نڪري ايندو- مطلب ته سرڪاري رپورٽ لاءِ جنهن کي اهي انگ ڏيڻا هئا، تنهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي، شرٽ صاحب واري ڊڪشنريءَ جا انگ ڄاڻايا. انهيءَ وقت کان وٺي اها ڳالهه ڦهلي ته ”سنڌيءَ ۾ فقط ويهه هزار لفظ آهن!“ حقيقتؤن ٻولي اٿاهه لٿي پيئي آهي ۽ گهر ويٺي لفظ جو تخمينو ٻڌڻ اهڙو آهي، جهڙو:

”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪَٿي ”اُڀ.“(شاهه ڪريم)

سنڌي وسيع ٻولي

183- سنڌي نهايت وسيع ٻولي آهي: سري جا لفظ هڪڙا، وچولي جا ٻيا، لاڙ جا وچائين ٽيان، ۽ ٿر جا ٽنهين کان اؤر! وري واپارين، ڪاسبين، حڪيمن وٽ لفظ ۽ اصطلاح ئي پنهنجا. پسارين وٽ ڏسو ته سوين شيون: وڻ ٽڻ، گاهه ٻوٽا، گل ڦل، ڏوٿين جا ڏٿ ۽ ٻيون انيڪ شيون آهن، جن مان ڪيترين جا نالا ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل ڪينهن-ڪراچيءَ جي هڪ پير مرد مهاڻي ڳالهه ڪئي، ته مڇيءَ جا سوا سؤ کن قسم ڏٺل اٿم!جهڙوڪ: سرمائي، سينئري، رائرس، دوٿر، منگرو، گوج، مڪر، ڏانگري، پلو، کڳو، ڏنڀرو، جهينگا، گانگٽ (جن کي سانا ۽ هَڪم به چون)، وغيره- ”سنڌ گزيٽيئر“ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر جيمس صاحب پکين جي ذاتين جا چار سؤ کن نالا ڪٺا ڪيا هئا‘. هيئن به لکيل آهي ته ’سنڌ ۾ نانگن، بلائن ۽ ٻين سُرڻن ۽ جيتن جون ايتريون ذاتيون آهن، جو رواجي طرح جيڪر ڪو اعتبار ئي ڪو نه ڪري ته سنڌ ۾ ايترا بيشمار جيتن جا قسم آهن! انهن کان سواءِ مالدارن جا لفظ جاچيو- اسين ماڻهو عام طرح ’گانءِ‘، ’ڳئون‘ ۽ ’ڍڳي‘ لفظ ڪم آڻيون ٿا، پر مالدار ماڻهو انهن ٻن لفظن تي راضي نٿو ٿئي: سندس گانءِ جي تازي ويائل هوندي، ته ان کي ”سوئا“ سڏيندو؛ جيڪڏهن گانءِ کير ڏيڻ مهل کيٽو ڪندي، ته ان کي ”کَٽر“ سڏيندو، جيڪڏهن ڪا گانءِ وهڪي ويندي ۽ کير ڏيڻ بنهه بند ڪري ڇڏيندي، ته ان کي ”ڦَنڊي“ سڏيندو، جيڪڏهن سندس گانءِ يا مينهن کي سڱ نه هوندا، ته ان کي ”روڏي“ سڏيندو، جيڪڏهن ڪنهن مينهن جا سڱ وريل يا پيچدار هوندا، ته ان کي ”ڪنڍي“ ڪوٺيندو. ساڳيءَ ريت، اسين سڀڪنهن قسم جي ڪاني کي ”ڪانو“ ڪوٺيون ٿا، پر کيتي ڪندڙ ائين نٿا ڪن: سارين يا چانورن جي ڪاني کي”پلال“، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ڪاني کي ”ڪڙٻ“، ۽ ڪڻڪ جي ڪاني کي ڪي ”ڪانگڙي“ ته ڪي ”ناڙ“ ڪوٺين ٿا. رڳو ڪنهن کوهه وٽ وڃي بيهو ته هاري ناري نار جي هر هڪ ساز لاءِ اوهان کي لفظ ٻڌائيندو- هي سڀ ڳالهيون سنڌيءَ جي شاهوڪاريءَ جي ساک ڀرين ٿيون. وسيع يا ڀرتو ٻولي چئبو ئي انهيءَ کي آهي، جنهن ۾ هڪ معنيٰ  لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هجن، ۽ جا اصطلاحن ۽ محاورن، تشبيهن، استعارن ۽ پهاڪن سان ڀرپور هجي، ته فصاحت ۽ بلاغت سان هر ڪو مضمون چئي يا لکي سگهجي. وسيع ٻوليءَ ۾ هم قافيه يا تُڪڀائي لفظ به جهجها هوندا آهن، ته نظم چوڻ يا لکڻ مهل منجهي نه بيهجي. رڳو شاهه جو رسالو ئي کڻي ڏسو ته منجهس ڇا پلٽ پلٽي پيئي آهي! اُٺ ۽ اُٺن جي قسمن لاءِ منجهس ڪئين لفظ آهن: بوتو يا دوبو، بور، ڀوُر، توڏو، چانگو، ڪرهو، ليڙو، ميو، وغيره ”اُٺ“  لاءِ ايترا لفظ انگريزيءَ ۾ به ڪينهن. پهلوان ۽ جنگي جوان لاءِ به ڪيترائي لفظ ڪم آيل آهن: بهادر، پهلوان، پانوُ، وريام، وير، مانجهي، جهونجهار، کڳمارو (کڙڳ يا ترار ماريندڙ، شمشير زن)، وغيره. رسالي ۾ جيتري تجنيس حرفي (Alliteration) آهي، اوتري انگريزي شعر ۾ به ڪانهي. هيءَ ڳالهه خود ڄاڻائي ٿي، ته سنڌيءَ ۾ لفظن جي ڪمي ڪانهي. سرڳواسي ديوان ڏيارام گدومل جا جوڙيل نثر جا ڪتاب ”شريمد ڀاڳوت گيتا“ ۽ ”يوگ درشن“ ۽ ڪي ليک، خاص ڪري ساميءَ جي سلوڪن جو تانپرج ۽ رباعيات عمر خيام جوتا تپرج، پڙهي ڏسو ته سندس نثر مان هاڻوڪن ڪيترن شاعرن جي نظم کان به وڌيڪ مزو پيو اچي. هن صاحب کي ٻوليءَ تي ڪلي ضابطو هو، تنهنڪري پنهنجن خيالن کي عمدو لباس ڍڪائي سگهيو ٿي- اهي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جا اهڃاڻ آهن: ٻولي جيڪڏهن کٽل هجي ها ته مصنف جيڪر منجهي بيهن ٿا.

184- ڪيترن انگريزي خواندن جي دلين تي اهو وهم ويٺل آهي، ته سنڌي هڪ کٽل آهي، جنهن ۾ پورا لفظ ئي ڪينهن، جي گهرج مهل ڪم آڻي، پنهنجا خيال پوريءَ ريت ظاهر ڪري سگهجن! اهو سچ آهي، ته انگريزي ٻولي انيڪ قسمن جي لفظن سان ڀرپور آهي، ۽ ڪيترن انگريزي لفظن لاءِ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ پورا لفظ ڪينهن، پر هيئن به ڏٺو ويو آهي، ته ڪيترن انگريزي لفظن لاءِ سنڌيءَ ۾ بلڪل پورا  ۽ ٺاهوڪا لفظ موجود آهن، جن جي انهن جوانن کي سڌ ڪانهي. ٻيون ڪيتريون سائنسون هاڻ نڪتيون، باقي علم نباتات (Botany) جي ته اسان جي ماڻهن کي ايامن کان سڌ هئي. ڪنهن سنڌي مالهيءَ سان ڳالهائي ڏسو، ته هڪڙي هڪڙي انگريزي لفظ لاءِ اوهان کي بلڪل پورا پورا لفظ ٻڌائيندو. جهڙوڪ: ڳڀيرڻ (Ovary) ڳڀ (Ovule)، گل جو مٽڪ، چوٽو، يا گؤنچ (Corolla)، پنکڙي يا پانکڙي (Petal-Sepal)، پراڳ يا رج (Pollen)، مادي دار (pistil) ۽ نردار (Stamen)- منطق توڙي بجليءَ سان لاڳاپيو رکندڙ لفظ، ”سالبو“ (Negative)، مؤجبو (Postitive)، وڄ پرواهڪ (Lightning Condutor)، ۽ ٻيا آهن. جيڪڏهن انهن جوانن کي ههڙن ٺاهوڪن لفظن جي سڌ ڪانهي، ته اهو ٻولي جو نه، پر سندن ئي قصور ليکبو.

185- هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي، ته سڀڪنهن ٻوليءَ جو ڀاؤ يا ذاتي ڍنگ (Genius) پنهنجو پنهنجو آهي. انهيءَ سبب انگريزيءَ ۾ جنهن نموني ڳالهه ڪرڻي هوندي، تنهن ساڳئي نموني سنڌيءَ ۾ ڪرڻ مشڪل ٿيندي. ساڳيءَ ريت سنڌيءَ وارو رنگ ڍنگ پوريءَ طرح انگريزيءَ ۾ آڻڻ اؤکو لڳندو. اسان جا ڪيترا جوان جڏهن ڪو سنڌي مضمون لکڻ ويهن، تڏهن اول دل ۾ سڄو گهاٽ انگريزيءَ ۾ گهڙين، ۽ جنهن مهل اهو سنڌيءَ ۾ آڻڻ چاهين، تنهن مهل کين گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي، ۽ پوءِ ڏوهه ليٽائي سنڌيءَ تي وجهن ۽ چون ته سنڌي کٽل ٻولي آهي! حقيقتؤن، خيال ئي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي، ته پوءِ پورا پورا لفظ، جي پڙهيل يا ٻڌل هوندا، سي پاڻمرادو دل تي تري ايندا ۽ وقتي نون عمدن لفظن جوڙڻ جو خيال به پيدا ٿيندو. انهيءَ نموني اختيار ڪرڻ سان جملا وڌيڪ سهڻا ۽ نزاڪت ڀريا ٿيندا، ۽ دل گهريو اثر به پيدا ڪندا. پر، جيڪڏهن سنڌيءَ سان گڏ انگريزي لفظ ڪتب آڻي، ڳالهه جي پورائي ڪبي، ته اصليت چٽ ٿيندي، يعني نون عمدن لفظن جوڙڻ جو خيال پيدا نه ٿيندو. ائين اُٿامار تي هلبو ته ٻوليءَ کي ڌڪ  پيو لڳندو ۽ ترقيءَ ڪرڻ بدران پوئتي به پوندي ويندي.

186- انگريزيءَ ۾ جيڪي وڏيون ڊڪشنريون آهن، تن ۾ جملي ٽي لک کن لفظ آهن- جيئن ايمرسن صاحب جي جوڙيل انگريزي ٻوليءَ جي نريخ ۾ ڄاڻايل آهي. هن وقت سنڌ سرڪار جي پاران جيڪا نئين سنڌي لغت ‎ٺهي پيئي، تنهن ۾ رڳو ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ پنج هزار کن ٿيندا: سڄي تيار ٿئي، ته پوءِ ڪل جوڙ جي ڪل پوي. انهيءَ هوندي به ڪنهن به رد ڪد جي خطري ڌاران ايترو اڳواٽ چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي ٻولي صفاتي لفظن ۾ بلڪل ڀرپور آهي؛ باقي سائنس جي لفظن ۽ ذاتي اسمن جو گهڻو زور ڪونهيس، سائنس جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪبا، ته ساڳيا انگريزي لفظ ڪم آڻڻا پوندا، يا عربي ۽ سنسڪرت مان مدد وٺڻي پوندي؛ ڪن حالتن ۾ پنهنجا لفظ جوڙڻا پوندا. ڪيترا لفظ ويجهڙائيءَ ۾ جڙيا به آهن، جهڙوڪ: انگريزي لفظ ’Thermometer‘ لاءِ اڳي عام طرح ”مقياس الحرارت“ چوندا هئا؛  هاڻ ڦيرائي ڪيو اٿن ”حررارت پيما“ يا ”گرمي ماپ“. ساڳيءَ طرح (Barometer) لاءِ اڳي ”مقياس الهوا“ لفظ ڪم آڻيندا هئا؛ هاڻ چون”هوا ماپ“. انهيءَ نموني ”پاڻي ماپ“ (Hydrometer)، ”پنڌ ماپ“ (Pedrometer)، ۽ ٻيا ڪي لفظ جوڙيا اٿن. موٽر، ٽرام، بس، ۽ ٻيون اهڙيون شيون جي ويجهڙائيءَ ۾ چالو ٿيون آهن، تن لاءِ اهي ساڳيائي لفظ ڪم اچن ٿا، ته انهن جو ڦيرو به سنڌي نموني ٿئي ٿو- جهڙوڪ جمع ۾ چئون موٽرون، ٽرامون ۽ بسون. جرمنيءَ جي پهرينءَ جنگ وقت به ڪي نوان لفظ ٺهيا، جهڙوڪ: هوائي جهاز ۽ زير آبي ( Sub-marine) سنڌ جي اخبار نويسن به ملڪي ڳالهين سان لاڳاپو رکندڙ ڪي لفظ جوڙيا آهن- جهڙوڪ:

سنڌي                       انگريزي                سنڌي                   انگريزي

آپيشاهي                Autocracy                لوڪشاهي           Democracy 

شاهوڪار شاهي   Plutocracy             قدامت پسند Conservative  

اِنتهاپسند             Extremist                  اَعتدال پسندModerate     

اهڙيءَ طرح، سنڌي ٻولي ڪجهه ڪجهه واڌارو ڪندي پيئي هلي. ته به ايترو چئبو، ته اڃا پنهنجن ٻين ڀينرن (هندستاني، گجراتي وغيره کان) گهڻو پٺتي پيل آهي.

سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد

187- سنڌ ۾ اٽڪل اٺٽيهه لک آدم آهي: جنهن مان پوڻا چوٽيهه لک کن ماڻهو ڄاوا ۽ نپنا سنڌ ۾ آهن ۽ انهن جي مادري زبان سنڌي آهي، جنهن هندن توڙي مسلمانن کي ملائي، گويا هڪ ڪٽنب جو ڀاتي ڪري ڇڏيو آهي. سنه 1931ع واري آدم شماريءَ جي برخلاف هلچل هلائي هئي، جنهنڪري ڪيترن سندو واسين داخلائون ڪونه ڪرايون هيون- انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته هاڻ آدم گهڻو وڌيل آهي.


 

*  ”چيٽيءَ ۽ ڪنچر ۾ سم ڏسي ڀڳوان.“ (سامي ”سم“ معنيٰ ساڳيو يا هڪجهڙو. (”تتسم“ لفظ ۾ تت =  tat ۽ سم =  Same. تتسم = The Same as it i.e. Sanskrit

*  ديس = ڏيهه+ ج--- جن = ڄڻڻ.

ديسج = Country-born.

*  سنسڪرت ”ويٽا“، مراهٽي .”وٽي“، سنڌي ”اِٽي“؛ دنڊڪ: سنڌي ”ڏڪر“ (”ر“ پڇاڙي).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org