سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

باب: --

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

قومن جي سگهه ۽ سُڃاڻپ ۾ علائقو، آبادي، ثقافت ۽ معاشي مُفاد وغيره تمام اهم جُز سمجهيا وڃن ٿا، پر دُنيا جي بيشمار ڏاهن اُنهن کان به اهم ترين جُز ٻولي کي قرار ڏنو آهي. انهيءَ ڪري جو ٻولي نه رڳو هم وطنن وچ ۾ رابطي جو ذريعو بڻجي ٿي، پر اُها احساسن، خيالن، تصورن ۽ خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيئي، ڪنهن به قوم کي وحدت ۽ اجتماعيت جي سَندَ سان سرفراز ڪري ٿي.

دنيا جي قومن جون ٻوليون دراصل آسمان ۾ جرڪندڙ انهن ستارن جيان آهن، جن جي روشني ۽ سونهن ذهن ۽ دل کي ترو تازه ڪندي رهي ٿي. مختلف ٻوليون انساني سماج ۽ سندس ڪلچر ۾ سڀاويڪتا جي سئربين تخليق ڪن ٿيون، جنهن سبب هيءَ دنيا وڌيڪ وڻندڙ ۽ دلڪش ٿي پوي ٿي.

سنڌ جي حوالي سان اها دلڪشي ۽ موهه پيدا ڪرڻ ۾ جن ليکڪن ۽ اديبن ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ سرڳواسي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جو نالو پهرين صف ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هن صاحب سنڌي سماج جي مختلف پهلوئن تي ته قلم کنيو ئي آهي، پر جنهن دلسوزي، جذبي ۽ محبت سان لائق محقق هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ، اُن جي بُڻ بُڻياد ۽ ارتقا تي عرق ريزي ڪئي، تهڙو مثال سنڌ جي ساهتي تاريخ ۾ اڻ لڀ نظر اچي ٿو. گهري کوجنا، وسيع مطالعي ۽ اڻ کٽ مشاهدي ذريعي ديوان صاحب سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي نتيجا اخذ ڪيا آهن سي اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق جي معيارن مطابق به انتهائي ڪارآمد ۽ نقص کان مٿڀرا آهن. اصل ماخذن (Primary Resources) مان لاڳاپيل معلومات هٿ ڪرڻ ۽ سڌن سنون رابطن ذريعي حقيقتون ڄاڻڻ کان پوءِ ديوان ڀيرومل جيڪي ٺوس تجزيا ڪندي سنڌي ٻوليءَ جا مُهانڊا چٽيا آهن، تنهن جاکوڙ نه رڳو بيشمار رازن تان پردا کڻي ڇڏيا آهن، پر تمام گهڻين حقيقتن کي به متعارف ڪرايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيءُ ڪتاب رڳو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ سنڌ جي فڪري، سماجياتي ۽ ادبي ترقيءَ جو وچور به نظر اچي ٿو.

ديوان صاحب جي هن پيار ڀريي پورهئي جو سندس مرتيي کان ٽي سال پوءِ جوڳو قدر ڪندي ڪتاب جو پهريون ڇاپو بورڊ طرفان 1956ع ۾ آندو ويو ۽ اڌي صديءَ اندر هيءُ ڇهون ڇاپو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي. اُميد آهي ته جيئن ڪتاب جا پهريان پنج ڇاپا عوامي، علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ مقبوليت ماڻي چُڪا آهن، تيئن هيءُ ڇاپو پڻ ڀرپور طريقي سان قبول ڪيو ويندو. ذاتي حوالي سان منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته جن ڪتابن کي پڙهي آءٌ ڪچو ڦڪو لکڻ سکيس، تن مان ڪجهه ڪتاب منتظم جي حيثيت ۾ ٻين لاءِ ڇپائي پڌرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿئيم ٿي.

 

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org