سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:4  

باب چوٿون

سنڌ جي ٽن سڀ کان زياده مشهور مصنفن جي حياتي

هجوَ جا مثال - ساموئيءَ جون پيشنگويون

سـسـئي ۽ پـنـهون ۽ مـارئي سومري

جي ڪهاڻين مان انتخاب

پڙهندڙن جي اڳيان سنڌي ادب جي انتخاب پيش ڪرڻ کان اڳ، واجب آهي ته سنڌي زبان جي ٽن سڀ کان مشهور مصنفن، مخدوم هاشم، مخدوم عبدالله ۽ سيد عبداللطيف جو ڪجهه احوال ڏجي.

پهريون بزرگ پنوهر قوم جو سنڌي هو. ٺٽي ۾ ڄائو هو ۽ وفات به اتي ڪيائين. هو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ رهندو هو. هن جا پويان جي اڃان آسودا ۽ رسوخ وارا آهن، سي عالم جي ڪوٽ ۾ رهن ٿا. هن هندستان ۽ عربستان جو سير ڪيو هو ۽ عربي ۽ فارسي ٻوليون ۽ فقھ چڱيءَ طرح سکيو هو. چون ٿا ته مسافريءَ جي دوران ۾ هن عيسائي پادرين سان ڪيترا مناظرا ڪيا ۽ سندن مذهب جي خلاف رسالا لکيا. پنهنجي وطن موٽي اچڻ کان پوءِ، هن کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ويو. هن کي سندس علميت ۽ فضيلت جي ڪري وقت جا حاڪم چڱو مان ڏيندا هئا. هو هينئر هڪ وليءَ ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن جو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جو مقبرو آهي ۽ پنهنجي هم وطنين لاءِ هڪ زيارت جي جاءِ آهي. هن جون مکيه عربي تصنيفون هي آهن:

1. اشباه، 2. فاڪهة البستان ۽ 3. بياض هاشمي.

هن جي خاص شهرت هيٺين ڪتابن تي ٻڌل آهي، جي هن عالمن لاءِ عربيءَ زبان ۾ لکيا هئا ۽ انهن جو عام ماڻهن جي سهولت لاءِ سنڌي ترجمو ڪيو هئائين:

1. عقائد، 2. فرائض، 3. ذبح شڪار، 4. اغثني، 5. ذڪر خلفاءِ راشدين، 6. ذڪر قيامت، 7. بدرالمنير ۽ 8. مولود.

هن قرآن جي ڪن پارن جو ترجمو پڻ سليس سنڌيءَ ۾ ڪيو هو. سندس ترجمي ڪيل مصحف جو پويون پارو، ٻارن کي، جڏهن هو مڪتب ۾ داخل ٿيندا آهن. تڏهن ڏنو ويندو آهي. اهو سليس، آسان ۽ معنيٰ سمجهائڻ لاءِ هڪ تمام ڪارائتو ڪتاب آهي. ترجمي جي لياقت ٻين علمي ٻولين ۾ جيڪي مشهور تفسير آهن، تن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. هن جون ٻيون تصنيفون گهڻو ڪري حنفي فرقي وارا پڙهندا آهن.  هو پاڻ به ان فرقي جو فرد هو.

مخدوم محمد هاشم کان پوءِ ٻيو سنڌيءَ جو مشهور نثر نگار، مخدوم عبدالله ناڙيءَ وارو هو. هو ڀُڄ جي ڀرسان ناڙيءَ (ڪڇ) ۾ تولد ٿيو هو ۽ مينڌرن جي سنڌي قوم مان هو. هو اٽڪل ٽيهه سال ٿيا ته سٿڙيءَ ۾ گذاري ويو. ڪڇ جو هندو واءُ سندس مريد هو ۽ کيس ساليانو وظيفو ڏيندو هو. هن جي ڪتابن جي مختصر فهرست هيٺ ڏجي ٿي. چون ٿا ته هن عربيءَ يا فارسيءَ ۾ ڪجهه به ڪو نه لکيو هو.

1. ڪنزالعبرت، 2. قصص الانبياءِ، 3. خزانة الابرار، 4. خزانة الاعظم، 5. خزانة الروايت، 6. تنبيه الغافلين، ”معيار سالڪان طريقت“، جو فارسي زبان ۾ هڪ تذڪره آهي ۽ اسلام جي ولين جي زندگيءَ جي احوال سان گڏوگڏ سيد عبداللطيف  تارڪ ]1 [ جو هيٺيون احوال پڻ ڏنل آهي:

”هي ولي، سيد حبيب شاهه جو پٽ هو ۽ ٻارهين صديءَ هجريءَ جي اول ۾ (1689) پيدا ٿيو هو. هو رياضت لاءِ مشهور هو ۽ مجذوب عاشق هو ۽ آخر وڃي مشائخ جي درجي کي پهتو هو. هن جيتوڻيڪ تعليم ]2 [ڪڏهن ڪا نه ورتي هئي، ته به هو سڀني علمن ۽ فنن جو مالڪ هو. هن جا بيشمار مريد ]3 [هئا ۽ انهن مان ڪيترن جي ساڻس ايتري ته محبت هوندي هئي جو هو سندس وفات تي انهيءَ ڏک ۾ مري ويا. انهن مان ڪيترا مشهور ولي ٿي ويا. شاهه عبداللطيف هن جهان مان 1161 هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن کان پوءِ سيد جمال شاهه سندس گاديءَ تي ويٺو. هن جو مقبرو ڀٽ ]4 [ تي آهي، ۽ هڪ مقدس جڳهه سمجهيو وڃي ٿو.“

اڪثر مؤرخ ايترو ئي لکن ٿا، پر ماڻهن وٽ دستور مطابق سندس معجزن جي هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي ۽ هو هن جي سير ۽ رياضت جون عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا آهن. مقبري تي گهڻا ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن ۽ اتي ماه صفر ۾ ساليانو ميلو لڳندو آهي. هن جي پوين کي سندن پارسائي جي ڪري عزت ڏني ويندي آهي ۽ هو ڪافي دولت وارا ]5 [ آهن.

سيد عبداللطيف جي شاعراڻي شهرت سندس مشهور ڪلام ”شاهه جو رسالو“ ]6 [ تي ٻڌل آهي. هن جا هموطني کيس سنڌ جو ”حافظ“ ڪري ليکيندا آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا ٿورا هوندا، پڙهيل خواهه اڻپڙهيل جن سندس درد ڀريو داستان پڙهيو يا ٻڌو نه هوندو. هو هن جي سرن جي ساراهه ۾ خود سندس چوڻيءَ جو حوالو ڏيندا آهن:

”بيت مَ ڀانئيجا ماڙ هوئا، هي (مڙيوئي) آيتون آهين،

پريان سندي پار ڏي نيو لنؤ لائين.“

هجوَ جي ڪلام جو هڪڙو مختصر مثال هيٺ ڏجي ٿو. اها مهرو نالي، هڪ مڱڻهار جي چيل آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀَٽ شاعر ڳائيندا آهن. ان ۾ محمد خان ٺوڙهي ڪؤڙي ناريجي ۽ ٻين ديش دروهين جي خلاف عام ماڻهن جي غصي جو اظهار ڪيل آهي:

”ڪل نه پيئي مير کي قيد، چي ڏاڍو رب ستار،

لکيا خط خريب جا سڙيل صوبدار،

ڪنڌ ڀڳو ڪؤڙي جو، پيئي منشيءَ کي مار،

کهنبڙيا وارو خراب ٿيو، جنهن کي لعنت جي لغار،

لک لعنت صوبدار کي، جنهن لائي باهه هنڀار،

ٺوڙهو    ڀڳو ٺاهه سي،   سڻ ]9 [    گانڊوءَ    جا     پار،

لک لعنت ٺوڙهي کي، جنهن لهرائي داروءَ کي باهه:

ڪلڪتي کان ڪوٺايائين”اچي چاچا پڳ ٻڌاءِ،

ڪنجون وٺو ڪوٽ جون، ويهي سنڌ هلاءِ،

”مهرو“ مڱڻهار چوي.

سگهون وجهي تو شير ۾، اوانجي والي واڳ ورائي.

شاعر مير نصير خان جي حماقت تي افسوس ٿو ڪري، جو هن انگريزن تي ڀروسو ڪيو هو ۽ مير صوبدار تي لعنت ٿو ڪري، جو هن سرچارلس نيپيئر کي پڳ بنسبت خط لکيو هو ۽ هٿياربند ڪوهستاني قومن کي فاتح سنڌ تي حملي ڪرڻ کان روڪيو هو. هلندي هلندي هو ڪؤڙي ناريجي نالي هڪ عملدار ۽ آوتراءِ منشيءَ کي سندن لياقت آهر کينڪر ڪري ٿو، جو انهن نصير خان جي فوج کي جنگ جي ميدان ۾ ڌوڪو ڏنو هو. پوءِ زوردار لفظن ۾ محمد خان ٺوڙهي ]7[ تي ڦٽڪار ڪئي وڃي ٿي، جو هن شخص سنڌيڻ جي چوڻ موجب دٻي ]8[ جي لڙائي ۾ انگريزن سان منصوبو ڪري شير محمد جي داروءَ کي باهه ڏيئي اڏايو هو. تنهن کان پوءِ، شاعر، ميرن جي حماقت تي ٺٺولي ڪري ٿو، جو هنن گهرو معاملن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ اجنبي ماڻهن کي دعوت ڏيئي گهرايو هو. آخر ۾ هو پنهنجي پاران شير محمد کي دعا ڪري ٿو ته هو شل موٽي پنهنجا ماڳ ماڻي.

هن شعر جي طرز ٿلهي- موٽي ۽ سادي آهي، پر اها ڳالهه يورپي  مطالعي ڪندڙن کي به قبول ڪرڻي پوندي ته ان جا جذبا حب الوطنيءَ ۽ بلند خيالن کان خالي نه آهن ۽ ”مهرو“ بيشڪ جس جو حقدار آهي.

ڪن پيشنگوين بنسبت روايت هن ريت آهي: هڪ لڱا ملتان جو مشهور ولي مخدوم بهاؤالدين ذڪريا، جنهن کي عام طرح بهاو الحق چوندا آهن، سو پنهنجن مريدن سان ملاقات ڪرڻ ٺٽي آيو. مريدن هن جي دائمي حضوريءَ ]11[ جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ، کيس مارڻ جو منصوبو ڪيو. پر شيخ جيئي نالي، هڪ مريد وڃي هن کي سازش جي سموري خبر ٻڌائي. پاڻ ۾ صلاح ڪري شيخ، مرشد جي جاءِ تي سمهي پيو ۽ انهيءَ ئي رات هن کي ننڊ ۾ شهيد ڪيو ويو. ذليل مريدن اچي لاش کنيو ته رڌي پچائي کائون]12[. مگر چاڙهڻ کان پوءِ هو پشيمان ٿيا ۽ گوشت ڪني ۾ وجهي، ڍڪڻ ڏيئي، درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. قضا سان اهو ڪنو ستن مهاڻن جي ور چڙهي ويو. هنن کي به حقيقت جي ڪل ڪا نه هئي، سو اهو کائي ڍؤ ڪيائون. پوءِ ته هو گوشت کائڻ سان ئي وليءَ ٿي پيا ۽ اڃا تائين ساموئي يا ماموئي يا ”هفت تن ]13[“ جي نالي سان مشهور آهن. هو پوءِ غيب جي اشاري تي، سڌو ٺٽي ڏي ڄام تماچي ]14[ جي درٻار ۾ ويا ۽ هن کي چيائون ته تنهنجي تخت جي هيٺان هڪ نانگ جي ڦڻ آهي، جنهن جو پڇ دهليءَ ]15[ ۾ آهي. جيستائين نانگ انهيءَ جاءِ تي آهي، تيستائين سنڌ کي هندستان جي والين مان خطرو نه آهي. آخر هنن، ڄام جي چوڻ تي زمين ۾ ڪلو کوڙي، نانگ جو سر قابو ڪيو. پر ٺٽي جي ماڻهن کي ان ڳالهه تي ويساهه نه آيو ۽ بادشاهه ۽ هنن ٻاهران آيل پارسا صلاحڪارن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، چي، جيستائين پاڻ ڪلو ڪڍي رت نه ڏسنداسين، تيستائين اسان کي اعتبار نه ايندو. بدقسمتيءَ سان ڄام تماچيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ساموئين جو چوڻ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڪلي پٽڻ جي اجازت ڏني. جڏهن هنن ڪلي جي چهنب مان رت ٽمندي ڏٺي، تڏهن سڀني کي دهشت وٺي ويئي ۽ انهيءَ پيشنگوئيءَ تي يقين آين. ان کان پوءِ جو آقي باقي فقيرن ٻڌاين ته نانگ ڦيرو کاڌو آهي ۽ سنڌ تي جيڪو منڊ چڙهيل هو، سو لهي ويو، تڏهن هنن جي خوف جي حد ئي نه رهي.

ڄام تماچيءَ غصي ۾ اچي حڪم ڏنو ته ساموئين جا سر ڌڙن کان ڌار ڪيا وڃن، پر تڏهن خبر پيئي جو هڪ هڪ ڌڙ پنهنجو سر هٿن ۾ کڻي، اوڀر طرف هلڻ لڳو، ۽ هلندا هلندا اچي آمريءَ (لڳ ٽنڊو جان محمد) ۾ پراڻ نديءَ جي ڪناري تي پهتا. اتي هنن جي حياتي پوري ٿي ۽ حرڪت بند ٿي وين ۽ هو زمين تي ڪري پيا. آسپاس جا ماڻهو هنن کي ڏسڻ لاءِ اتي اچي ڪٺا ٿيا، تن هنن کي دفن ڪيو ۽ اهي مقبرا اڃا تائين آمريءَ ۾ موجود آهن.

پيشنگويون ستن شهرن ۾ آهن. چون ٿا ته جيئن هڪ هڪ وليءَ جو ڌڙ پنهنجو سر کڻي اٿندو  ويو، تيئن ڄام تماچيءَ کي سنڌ جي مستقبل متعلق هڪ هڪ پيشنگوئي ٻڌائيندو ويو. تعجب آهي ته جڏهن انهن پيشنگوين جو ڄام تماچي يا سندس زماني سان واسطو ئي نه آهي، تڏهن انهن تي هرڀرو ويساهه ڪرڻ ضروري ڪينهي. پر انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته بيت تمام پراڻا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ]16[ ۾ پکڙيل آهن.

يورپ جي رائمبر، بيد ۽ مرلن جي اڳڪٿين وانگر ]11[، ماڻهو انهن پيشنگوين ۾ سورهن آنا يقين رکندا آهن. اهي بيت مبهم ۽ ذومعنيٰ اصطلاحن ۽ شعبده بازيءَ ۾ اسان جي شاعر ”ارڪلڊون“ ۽ ٻين قديم غيبدان شاعرن جي ڪلام سان مشاهبت رکن ٿا. منهنجي خيال ۾ انهن بيتن جو اصل وڏو تعداد هوندو. انهن بيتن جو گهڻو حصو گم ٿي ويل آهي، جيئن عام طور قديمي چيزن سان ٿيندو آهي ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، سي ٽٽل ڦٽل شعر وڃي رهيا آهن.

هاڻي اچو ته ڏسون ته پهرين لاش پنهنجي سر کڻڻ وقت ڪهڙو شعر چيو:

هــاڪ وهـنـدو هــاڪــڙو، ڀڄـنــدي ٻـنـڌ اروڙ،

بهه مڇي ۽ لوڙهه، ويندي سمي سوکڙي. ]17[.

اها پيشنگوئي اڃا پوري ڪا نه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اروڙ جي ٻنڌ ]18[ اڃا ڪا نه ڀڳي آهي ۽ ’هاڪڙي‘ ۾، جيڪو عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ ڦٽل درياءُ آهي، پاڻي ڪو نه آيو آهي. شعر جي ٻي مصرع ۾ پهرئين مصرع جي شرح ٿيل آهي. ان جي لفظي معنيٰ آهي ته پٻڻ جا نڙ يعني بهه، مڇي ۽ پٻڻ جون سپڱارن جهڙون پاڙون يعني لوڙهه، جيڪي منڇر ۽ ٻين ڍنڍن ۾ ٿين ٿا، سي جيلسمير، ڪڇ ۽ ٻين اندرين ايراضين ۾ وڃي پهچندا، جتي هن وقت سمي قوم جا ماڻهو رهن ٿا. هيءَ پيشنگوئي اسان جي شاعر جي هيٺئين بيت جي هڪ يادگيري ڏياري ٿي:

”ايلڊن جي وڻ وٽ، جي تون زنده آهين،
ته ٽويڊ نديءَ جي مٿان پل ڏسندين.“

هڪڙي زرخيز ملڪ لاءِ اهڙي پيشنگوئي ڪرڻ ته ان ۾ ڪنهن وقت نهرون کوٽبيون ۽ پليون ٺهنديون، اهڙي آسان ڳالهه آهي جهڙو چوڻ ته عربستان جي بيابان ۾ اهي ڳالهيون نه ٿينديون. ]19[ ٻئي. لاش چيو:

”وسي وسي آرُ، جڏهن وڃي ڦٽندو،
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.“

سنڌين جو چوڻ آهي ته هيءَ اڳڪٿي آهستي آهستي پوري ٿيندي ٿي وڃي. آڙ ۽ آواڙ، بگهاڙ جا ٻيا نالا آهن، جو هاڻي ڏينهون ڏينهن تانگهو ٿيندو ٿو وڃي. ۽ بلوچ، جيڪي اڳي ملڪ جا والي هوندا هئا، تن کي هاڻي انگريز، سنڌين، جَتن ۽ ٻين رعيتي قبيلن کان وڌيڪ مان نٿا ڏين. هن پيشنگوئيءَ جي لفظن جو مطلب آهي ته آخر ٻروچن جا ٻار، پنجين درمين ]20[ يعني ٿوريءَ قيمت تي وڪامندا. ان کان پوءِ ٽئين سر آلاپيو:

”ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مرمچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.“

          ماڻهو چون ٿا ته هن شعر ۾ مير شير محمد جي لڙاين ڏانهن اشارو ڪيل آهي. جنهن سر چارلس نيپئر جي هٿان شڪست کاڌي هئي. حقيقت کي ڄاڻندڙ اهڙين خسيس ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڪو نه ٿا ڏين، ڇاڪاڻ ته اها لڙائي ڇهه پهر ڪا نه هلي هئي ۽ نه ڪي وري ڪاري ڪاٻاري وٽ ٿي هئي. هن ڪهني بيت ۾، ”مرمچي“ جي ڪنهن به اڃا خاطريءَ جهڙي سمجهاڻي ڪا نه ڏني آهي. جڏهن ٽالپر سنڌ جا والي ٿيا هئا، تڏهن ائين سمجهيو ويو هو ته ڪلهوڙن ڏي اشارو آهي. ان بعد شايد چوٿين ڌڙ ائين سمجهيو هجي ته اهڙي مبهم لفظ جي ڪري مونجهاري ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري هڪدم سوال جواب شروع ڪيائين:

”مر مچي ماري، مرمچيءَ ڪهڙا پار،
هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.“

          هي بيت ڪجهه زياده واضح آهي، پر ساڳئي وقت مبهم به آهي. بلوچ نيرا يا ڪارا پوتڙا چيلهه سان ٻڌندا آهن. پر ڪيتريون ٻيون قومون به ائين ڪنديون آهن. ڪي وري انهيءَ بيت جي ٻي مصرع هن ريت چوندا آهن:

”زالن مٿي ٻه چوٽا، مڙسن مٿي وار.“

پنجين ڌڙ پنهنجي بيت ۾ آئيندي جو احوال هيٺين لفظن ۾ ڏنو آهي:

”لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سري ۾،
جڏهن تڏهن سنڌڙي، اڳوڻان وڻاه
]قنڌارن جوکو[.“

هيءَ هڪ مشهور پيشنگوئي آهي، جنهن سنڌ کي 1839ع کان 1843ع تائين پريشان ڪيو هو ۽ آخر هڪ عجيب نموني ۾ پوري ٿي ]21[ هئي. ”مياڻي“ ۽ ”دٻو“، جتي لڙايون لڳيون هيون.  سي لاڙ ۾ آهن. انگريزن جي فوج ڏکڻ کان ڪا نه موڪلي ويئي هئي، جيئن ٿيڻ کپندو هو، پر ميرن کي هيسائڻ لاءِ سکر کان رواني ٿي هئي. ڏکڻ اوڀر بمبئي جي ڏس ڏيکاري ٿو.

ڇهين ڌڙ جي پيشنگوئي صاف به آهي ته منجهائيندڙ به جيڪا هيٺينءَ ريت آهي:

”نــيــرا گـهوڙا ڏٻــرا، اُتــر کـئـون ايـنـدا،

گگهيون گـسـن تــي ورهـائــي ويـنــدا،

تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.“

پهرين ٻه مصرعون عجيب آهن. ڏيهي ماڻهو چوندا آهن ته انگريزن کي نُقرن گهوڙن جو شوق آهي، اهو اشارو انهن ڏانهن آهي. پر 1843ع ۾ انگريزن جي فوج جا گهوڙا نُقري رنگ جا ڪو نه هئا. ماڳين ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻيءَ مصرع ۾، ٻروچن جي زالن جو ذڪر ڪيل آهي. وڏن گهرن جون زالون پنهنجو بدن چيلهه کان وٺي پيرن تائين،  گگهن سان ڍڪينديون آهن. گگها ستر جي نشاني آهن ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو ڪو نه واپرائيندا آهن. هو سوڙهن پانچن وارين سٿڻن تي قناعت ڪندا آهن.

سنڌ جي فتح وقت، زالن جيڪا روش اختيار ڪئي هئي، سا هن شعر ۾، تمام موزون لفظن ۾ بيان ٿيل آهي.ميرن جي ڏينهن ۾، ڪنهن ٻروچاڻيءَ جي عصمت سان هٿ چراند ڪرڻ کي موت جي برابر سمجهيو ويندو هو. تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ٻروچن جي عورتن لاءِ هيءَ عام چوڻي هوندي هئي، ته ”ماين جي گگهي هيٺان، تلوار ٻڌل آهي.“ ان کان پوءِ، سماج جي حالت ۾ ڪهڙو نه عجيب ڦيرو اچي ويو آهي!

آخر ۾ ستين لاش هيٺيون عجيب بيت چئي، پيشنگوئيءِ جو خاتمو ڪيو آهي:

”اچي ويهجا ماڙهوئا، ننگر جي آڌار،

پــــراڻا پـــرار، نــــوان م اڏجــا نـجـهــرا.“

 ننگر يعني شهر، عام طرح ٺٽي کي چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌ اوج ۾ هئي، تڏهن ٺٽو سندس بهترين شهر هو. سمجهيو وڃي ٿو ته هيءَ پيشنگوئي تڏهن پوري ٿي، جڏهن اسان ميرن جي گادي، حيدرآباد ڇڏي، اچي ڪراچيءَ کي حڪومت جو صدر مقام بڻايو هو.

 آخر ۾، ايترو چوڻ واجب آهي ته سمجهه وارن پڙهندڙن کي اهو ٻڌي تعجب به ٿيندو ته انهن ۾ واهيات بيتن جو سنڌ جي تقدير ]22 [تي نهايت گهَرو اثر پيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها خاطري ٿي ويئي هئي ته هن سرزمين جي قسمت جو اهو فيصلو ٿيل آهي ته انگريز کين جيتي، مٿانئن حڪومت ڪندا. رياست ڀرتپور جي ماڻهن کي به اهڙو اثر ويٺل هو، جڏهن لارڊ ڪمنبر ميئر ]23[ مٿن حملو ڪيو هو.

سنڌ جي ماڻهن کي جيڪي ڪهاڻيون ۽ گيت پسند آهن، تن جو هاڻي مختصر ترجمو ]24 [نموني طور ڏجي ٿو. پهريان سسئيءَ ۽ پنهون جو مشهور قصو ٻڌائجي ٿو. هن ملڪ جو رواج آهي ته شاعر اڪثر ڪري منڍ کان قصي شروع ڪرڻ بدران وچ مان کڻندو آهي. تنهنڪري اول قصي جا شروع وارا واقعا ڏيڻ ضروري آهن.

چون ٿا ته جڏهن اسلام، سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ اڃا پورو نه پکڙيو هو، تڏهن ڀنڀور کان پري هڪ برهمڻ کي ڌيءَ ڄائي، جنهن لاءِ پيشنگوئي ڪئي ويئي هئي ته هوءَ وڏي ٿي مسلمان ٿيندي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي ٽِڪو لائيندي. پيءَ جي مرضي هئي ته اهڙي ٻار کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ڇڏجي، پر کيس انهيءَ ڳالهه کان باز آندو ويو ۽ پنهنجي زال جي چوڻ تي ٻار کي هڪ پيتيءَ ۾ وجهي. سرن درياءَ ڪري ڇڏيو.  ڪن ڏينهن کان پوءِ اها پيتي ڀنڀور ]25 [ جي محمود نالي هڪ ڌوٻيءَ کي هٿ آئي. هن کي پنهنجو ٻار ڪو نه هو، تنهنڪري نينگر کي گود ۾ ورتائين. سنڌي چون ٿا ته جڏهن اها ڇوڪري وڏي ٿي، تڏهن هن جي حُسن ۽ فضيلت ڪلور ڪري ڇڏيا. هاڻي شاعر پنهنجو قصو شروع ڪري ٿو:

”ٻاٻيهي نالي هڪڙو هندو واپاري، اتفاق سان ڪيچ مڪران جي حاڪم، آري ڄام، جو وکر جا اٺ ڪاهي، ڀنڀور آيو. هڪڙي ڏينهن هو هڪ گهر جي آتڻ وٽان اچي لنگهيو. سسئي ۽ سندس سهيليون جي اتي ويٺيون هيون، تن کيس سڏي، کانئس وکر بنسبت پڇا ڳاڇا ڪئي. هن وراڻي ڏني:

”چوٽا،   چندن،   ڪيوڙا ]26 [، مون   سان وکر جون   ويهون،

مُــــل مـــهـانــگــي آءٌ  ڏيـــان، ٻــيــو وڻــــج کَــٽـيـي ٻـــيــڻــون.“

انهيءَ جواب تي مايون چونس ٿيون، ته تو کي زالن سان ڪجهه مروت ڪرڻ کپي.

”اسان جي آتڻ ۾ ويهي تو کي کٽيو کائڻ نه کپي پنهنجو مشڪ ڪڍ، اٿي، حاضرينن کي مک.

واڻيو، انهيءَ جو، واپارين وانگي جواب ڏئي ٿو ته.

”مان ڌاريو ۽ مسافر آهيان، ڇو ڪڍان. زالون ڀنڀور ]27 [ ۾ اهڙا ظلم ڪو نه ڪنديون آهن.“

اتي سسئي پنهنجي نيڪي ظاهر ڪري ٿي.

”واڻيا، اچ ۽ ڊڄ نه پنهنجو وکر ڪڍ، مان تو کي روڪ ڏيندس، هڪ خدا ڄاڻي ٿو.“

واڻيو وکر ڪڍي ٿو ته مائي سهيلين کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته:

”واپاري واڻيو گهمندو گهمندو اسان جي ملڪ ۾ پهتو آهي، هن جي سونهن ڏسو . سهيليون! هو ڪهڙو نه حسين آهي!“ هندو خاڪساريءَ مان ڪم وٺي چوي ٿو ته انهيءَ تعريف جي لائق مان نه پر منهنجي مالڪ جو پٽ، پنهون آهي:

”آءٌ ڪڄاڙو آهيان جي ڏسو مون ڀي ڌڻيوم]28 [،

تهـيـن جـي سـونـهـن جـو مـون کي چاليهون واٽوم.“

سسئي ۽ سندس سهيليون اها ڳالهه ٻڌي، تڪڙو تڪڙو پڇن ٿيون ته:

”واڻيا، تنهنجي ماءُ - پيءُ تو تي ڪهڙو نالو رکيو هو ۽ اهو جوان ڪير آهي، جنهن جي سونهن جي تون تعريف ڪرين ٿو.“

هندو جواب ٿو ڏئي ته:

”منهنجا ماءُ پيءُ مون کي ٻاٻيهل ]29 [ جي نالي سان سڏيندا آهن. ۽ انهيءَ جوان کي پنهل خان بلوچ سڏيندا آهن، جنهن جي مون واکاڻ ڪئي آهي.“

مائي نهايت اڻسهائيندڙ بيتابيءَ سان منٿ ڪري ٿي ته:

”منهنجا ننڍڙا ٻاٻيهل، بلوچ کي ڪوٺي اچي ته مان کيس ڏسان.“

ٻاٻيهو پهريائين قاصد ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ طرحين طرحين جا اعتراض اٿاري ٿو، جيئن ته:

”هن کي ماڻس شڪار جي اجازت به نه ڏيندي آهي، بلوچ تي سخت چوڪسي آهي. مان هن کي ڪين آڻي سگهندس.“

مائي انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وزن ڪونه ٿي ڏئي:

”سوين قافلا ۽ لکين ماڻهو اچن وڃن ٿا، بلوچ کي اچڻ ۾ ڪهڙي مشڪلات آهي؟“

جڏهن ٻاٻيهو ڏسي ٿو ته خوبصورت مائي مڙڻ جي نه آهي، تڏهن پنهنجو آخري داءُ کيڏي ٿو:

”پنهون،     پرٽ      سهڻو،   واڌو   جنهن جا   وار،

ٻه ڪنواريون تنهن جون، ڪوئل ]30 [ جهڙي ڪار.“

سسئ انهيءَ ڳالهه جي به پرواهه نه ڪري، چوي ٿي ته:

”مان به ڪنواري، ڀنڀور جو نڪ آهيان، منهنجو آواز به ڪوئل جي ڪوڪ کان گهٽ مٺو نه آهي.“

اهڙين حالتن هيٺ انسان ويچارو ڇا ڪري سگهي ٿو ٻاٻيهي کي ترس پوي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته:

آءٌ پڻ هليس ڪيچ ڏي، ٻائي، الاهي توهار،

ڪــيـڙم ٻـــول ٻـــروچ جـــو، لڳ ڌڻـــيءَ آڌار.“

سسئي گد گد ٿي چوي ٿي ته:

ٻاٻيهل بلوچ کي منهنجا سلام ڏيج،

ڄام، مان تو کي اُچا اُچا ڪپڙا سوکڙيءَ طور موڪليان ٿي.“

قصي جو پهريون حصو اتي ختم ٿيو. هندو موٽي پنهنجي مالڪ ڏي وڃي ٿو ۽ کيس وڻج واپارجو سمورو احوال ٻڌائي ٿو. موقعي ملڻ تي هو گهر جي لاڏلي پنهونءَ کي پاسي ڪري، وڏيءَ شدمد سان کيس احوال کان واقف ڪري ٿو ۽ ناريءَ جو نياپو ۽ تحفا ڏئيس ٿو. اها ڳالهه ٻڌي پنهونءَ]31 [ جي دل ۾ محبت جو مچ ڀڙڪاٽ کائي ٿو ۽  هو ڀنڀور هلڻ جي تياري ڪري ٿو ۽ ٻاٻيهي جي اڳيان هيٺين دل ڀڄائيندڙ لفظن ۾ پنهنجي انتظار ۽ محبت جو اظهار ڪري ٿو.

”دوس، دمامان ]32[ دائرا مون کي ويهڻ وهه ٿيا،

توجي بابو موڪل نه ڏي، آءٌ ڀي هلندس تونسان.“

ٻاٻيهو بيزاري ڪري چويس ٿو ته دل قابو رک تحمل سان آخر ڪاميابي حاصل ٿيندي. پيرسن ڄام وري جڏهن وڻج واپار لاءِ ٻئي قافلي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏئي ٿو ته چالاڪ گماشتو چئيس ٿو ته جيستائين پنهونءَ کي هلڻ جي اجازت نه ملندي تيستائين اسان مان ڪو به ڪو نه ويندو. ٻڍڙو وراڻي ڏئي ٿو ته:

”هو تو، نو تو، جکرو، نيو ٻٻر ٻانهو ساڻ.“

انهيءَ تي ٻاٻيهو ورندي ڏئي ٿو ته:

”هت هوتي، نوتي ۽ ٻير ٻانهي جي ڪانهي ڪاڻ،

اسان کي پنهون ڏي ته هلي حاڪمن سان گڏجي“

آري ڄام پهريائين ته پڙ ڪڍي بيهي ٿو، پر پوءِ جڏهن ڏسي ٿو ته اوٺي ضد ڪيو بيٺا آهن، تڏهن پٽ کي وڃڻ جي اجازت انهيءَ شرط تي ڏئي ٿو ته هو پنهنجي ماءُ کان موڪل وٺندو.

”ته پي پر توءِ رب کي جان موڪل ڏيئي ماءُ“

قافلي وارن تي انهيءَ جواب جو بجليءَ جهڙو اثر ٿئي ٿو. ”قافلي وارا خوشيون منائن ٿا ۽ کل ۾ سندن وات مان گل پيا ٽڙن“

ٻڍو ڄام پوءِ شهر ۾ هڪ ٻڍي موڪلي ماڻهن کي پٽ جي اُسهڻ جي خبر ڏئي ٿو ۽ هن جي هڪجيڏن دوستن کي گهرائي ٿو. آخر جڏهن سڀ تيار ٿين ٿا ۽ پنهون پنهنجي دل گهرئي اٺ تي چڙهي، هٿيار ٻڌي، روانو ٿئي ٿو، تڏهن سندس ٻڍي ماءُ رڙ ڪري چوي ٿي ته:

اي جوانو، منهنجو پنهون پرتو اٿو.

اهي لفظ ٻڌي ڀاڄوڪڙ جوان جي ننڍي زال، عائشه، گهر کان ٻاهر نڪري، اٺ کي مهار کان جهلي. چوي ٿي ته:

ڀتار، مون کي اڪيلو نه ڇڏ، نالي الله جي هيءَ رات مون سان گهار يا مون کي پيڪي موڪل.“

وڏي زال جنهن کي انهن ڳالهين جو زياده آزمودو آهي، سا ننڍيءَ کي باز آڻيندي ٻڌائيس ٿي ته ڀتار جي دل تي ڪنهن ٻيءَ جو قبضو ٿي چڪو آهي.

پنهون خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿو ماپي ۽ سڄي واٽ قافلي وارن کي سٺين مٺين ڳالهين سان وندرائيندو هلي ٿو. ڪتاب ۾ هڪڙو ٻيو ]33[ سنڌي ماڻهن جي سوڻن ڏي اشارو ڪري ٿو:

ڏائو   تتر  جي  لنئي  ساڄو   سراءُ،

هڪ کاٽائو سٿ جو ٻيو پرين ميڙاءُ.

رستي تي هو هڪڙي شهر مان لنگهن ٿا. اتي هڪ مائي رهندي هئي جا پاڪدامنيءَ جي ڪري نه پر پنهنجي حسن سببان گهڻو مشهور هئي. البيلي مائي، جنهن جو نالو هو سهڄڻ، تنهن جڏهن پنهونءَ کي هسوار ڏٺو، تڏهن مٿس اڪن ڇڪن ٿي پئي. دل ۾ فيصلو ڪيائين ته پنهونءَ سان ڪيئن به ڪري ملاقات ڪنديس. تنهنڪري مرداڻو ويس ڪري، لوءِ جي مڪان وٽ قافلي سان اچي گڏي. اتي اوٺي، کجين هيٺان آرام ڪري رهيا هئا ۽ پنهون پنهنجي راز محرم دوست، ٻاٻيهي سان شطرنج راند ويٺي کيڏي. پنهون هڪدم راز سهي ڪري ويو. نازڪ ناريءَ جي سوڀيا کيس موهي وڌو. پنهونءَ سندس دعوت قبول ڪئي ۽ هن جي صحبت ماڻڻ لاءِ قافلو ٽي ڏينهن ترسايو ويو.

هوڏانهن سسئي پنهنجي عاشق کي ڏسڻ لاءِ منتظر هئي، سو ويئي منشي آخود لعل جي گهر. ان کي نيزاري ڪري چيائين ته ”هر جائي جوان لاءِ هڪ درد ڀريو خط لکي]34[ ڏينم.“ اهو عالم به ڪو مائيءَ تي گهڻي وقت کان مفتون هو ۽ هن جي عشق ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو هو، سو چيائين ته ”اکين سان ]35[.“ قدرت سان ائين چوندي هن جون اکيون سڄيون ٿي پيون. سسئيءَ قاصد هٿان چٺي موڪلي، جنهن ”لوءِ“ ۾ پهچي، پنهونءَ جي حوالي ڪئي. هوڏانهن سندر جوان سهڄڻ جي نرم دل تي اهڙو جادو ڪيو، جو هوءَ وڃڻ جي اجازت ڏئيس ئي نه. آخر لاچار ٿي پنهونءَ هن جي پيالي ۾ آفيم وڌو. ٻاٻيهي کي پٺتي ڇڏيائين ته جڏهن ڦندي ۾ ڦاٿل دلربا اٿي ته کانئس معافي وٺي. جڏهن رازدار، مائيءَ کي حقيقت کان آگاهه ڪيو تڏهن هن جي غصي جي حد ئي نه رهي. ٻاٻيهي کي اڦٽ ماري وجهي ها پر هن چالاڪي ڪري ٺاهه ٺاهي چيس ته ”قاصد خبر آندي هئي ته پنهونءَ جي ماءُ گذاري وئي آهي. انهيءَ جواب ٻڌڻ تي سهڄڻ روئي سڏڪا ڀري، سهيلين کي چيو ته:

”هــلـو هــلـو، جــيــڏيـون، هلي پسو لال لوءِ،

اوطاق پنهل جي، هلي چشمن ساڻ چمو.“

ٻاٻيهي کي ٻائيءَ سوغاتون ڏئي روانو ڪيو ۽ هو جلد وڃي پنهنجي مالڪ سان گڏيو.

جڏهن قافلو منزل کي ويجهو پهتو تڏهن حرفتي ٻاٻيهي، هر هڪ اٺ جي وات ۾ مشڪ ]36[ جو ذرو وجهي، سندن ٻوٿ ايستائين ٻڌي ڇڏيائين. جيسين وڃي ڀنڀور پهتا. هنن جي سواري ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا هشام اچي ڪٺا ٿيا. اٺن ۽ انهن جي پاکڙن جي تعريف مان ڍاپن ئي ڪين. آخر قافلي اچي سسئيءَ جي باغ ۾ منزل ڪئي. پر سسئيءَ کي شرم وچان يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري همت نه ٿي جو عاشق کي گهرائي، ساڻس ملاقات ڪري. پنهونءَ ڏاڍا وس ڪيا، آخر ڏٺائين ته هڪ ڪبوتر انب جي وڻ تي ويٺو آهي، سو ڪمان ڪڍي شست وٺي، اهڙي اٽڪل سان تير هنيائين جو وڃي ڪبوتر کي لڳو ۽ ڪبوتر سسئيءَ جي پڦيءَ جي هنج ۾ اچي ڪريو.

ٻڌيءَ غصي ۾ اچي چيو ته:

”خــونــي ٻــچــي خــچــرو تـــو خـــونــيءَ خــون ڪيو،

پکي ماري اسان جو تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سريو؟“

پنهون جواب ڏئي ٿو ته:

”مان خوني آهيان، ۽ خوني ڪم ڪيو اٿم، پر مون کي ان پکيءَ کي مارڻو هو، جنهن مون کي پنهنجي گهران، ڪيچ مان گهرايو آهي.“

سسئي اها ڳالهه ٻڌي وٺي ٿي ۽ تير کڻي وڃي پنهونءَ کي ڏئي ٿي. پنهون کي هاڻي ترسڻ لاءِ ڪو بهانو ڪو نه آهي، پر تنهن هوندي به در وٽ بيهي رهي ٿو ۽ تند مزاج ٻڍي وري اچي مٽجيس ٿي:

”ٽـلـيـن ويــڙهــن وچ ۾، تــون ڪــنـهـن جــو مـــــور،

ڪ تون     کاٽ     هڻندڙ  ڪ     تون    ڪپڙ  چور ]37[؟

پنهون انهن تهمتن کان هيٺينءَ ريت انڪار ڪري ٿو:

”ٽــلان ويــڙهــن وچ ۾، دوســتـن جــو مور،

نه آهيان کاٽ هڻندڙ نڪي  ڪپڙ چور.“

آخر سسئيءَ کي جوان تي رحم آيو ۽ هن سان ملاقات ڪرڻ قبول ڪيائين. سندس آزمائش وٺڻ لاءِ چيائنس ته جيڪڏهن منهنجي ٻانهن کپئي ته منهنجي پيءُ وٽ اچي ڌوٻيءَ جو ڪم ڪر. پنهونءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، پر پنهونءَ جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ عاشق معشوق جي ملاقاتن ۽ ٻين عجيب واقعن مان گهڻا گل نڪرن ٿا. قصو ڪوتاهه، آخر پنهون ٻاٻيهي سان جهيڙو ڪر ي ٿو ۽ سسئيءَ سان سندس شادي ٿئي ٿي.

پر هنن جي سک گهڻو جٽاءُ ڪو نه ڪيو. مائي پنهنجي هرجائي مڙس کان وچن گهريو ته ڀنڀور شهر جي هڪ گهٽيءَ ڏي نه ويندين. هن چڱي مڙس واعدو ڪيو ته مان ان جي ويجهو به نه ويندس، مگر انجام ڪندي ئي انهيءَ گهٽيءَ جي ڳولا شروع ڪري ڏنائين. آخر سندس نظر وڃي هڪ سوناري ]38[ جي خوبصورت زال، ڀاڳل تي پيئي. مائيءَ کي به بلوچ جوان جي صورت وڻي ۽ هن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڏاڍيان چيائين ته ”خدا شل ميڙو ملائي.“ اهي لفظ ٻڌي پنهون گهر ويو ۽ اتان ترار جو مياڻ کڻي مرمت ڪرائڻ جي بهاني سوناري وٽ آيو. سسئيءَ سهي ڪيو ته ڪو مڙيوئي فريب آهي، تنهنڪري پنهنجين سهيلين کي چيائين ته:

”ته پــنـهـل هــلــيــم تــيوري ڀــڃــي تــيــڪ مــيـاڻ،

جيڪس   سوناريءَ   سهتيوئين   ڀاڳل   هنيس ٻاڻ.“

ڀاڳل هڪ نهايت بدڪار عورت هئي. پنهون کي ريڀي هن جي دل تي انهيءَ اثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سندس زال سسئي ساڻس وفادار نه آهي. جڏهن سسئي بيوفا مڙس کي وٺڻ آئي ته سندس رقيب خوب ڳالهايس.

”موهت مٿيئي سڀ واڻيا، آڏاڻي ڪوري ]39[

ڪو نه ڇڏيئي ڪو ٻيو، هوئي جو ٿرن ۾ ٿوري.“

سسئيءَ کي اهي تهمتون ٻڌي ڏاڍو غصو آيو ۽ رقيب کي چيائين ته انهيءَ ڳالهه جو فيصلو باهه جي آزمائش سان ڪنديونسين. ملڪ ۾ چوڌاري واه واه ٿي ويئي ۽ تماشي ڏسڻ لاءِ جتان ڪٿان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ماين جي آزمائش لاءِ ٽي - چار مڻ ڪپهه، تيل ۽ گيهه ۾ ٻوڙي آڻي گڏ ڪيائون. اهو نظارو ڏسي، بدبخت ڀاڳل جي منهن جو پنو ئي لهي ويو ۽ وٺي ڀڳي. پر سسئيءَ ڪنن کان جهلي زوريءَ باهه ۾ ڌڪيس. ست جي آخر ستيا ٿي، سوناري جي زال سڙي ڀسم ٿي ويئي، فقط ڪن بچيس جن کي سندس پاڪدامن رقيبه جا هٿ لڳا هئا. پنهون ]40[ پنهنجي زال جي وفاداري ڏسي خوش ٿيو ۽ ساڻس گڏجي ساهري گهر آيو.

هن واقعي پوري ڪرڻ کان پوءِ، شاعر پنهنجي اصلي مقصد تي اچي ٿو. ٻاٻيهي واڻيي غصي ۾ ڀنڀور ڇڏي وڃي سموري حقيقت آريءَ ڄام کي ٻڌائي. ٻڍي کي جو لڳي مٺيان سو پنهنجن ڇهن جوان پٽن کي موڪليائين ته وڃي ڪيئن به ڪري باغيءَ کي وٺي اچو. هنن جي سفر جو ڊگهو قصو آهي. مطلب ڳالهه جو ته رواج مطابق هو پنهونءَ ۽ سندس ڪنوار کي نشو ڏيئي، اڌ رات جو فقط پنهونءَ کي اُٺ تي ٻڌي، کڻي ويا. سسئي جڏهن هوش ۾ اچي ٿي ۽ ماجرا جي حقيقت پويس ٿي، تڏهن واويلا مچائي ٿي. شاعر انهيءَ واقعي جو ڏاڍو درد ڀريو بيان ڪري ٿو:

”سا گهر نهاري سسئي، ته محبت نه مهاڙي،
ڏٺائين ڏيرن جا، ا
ُٺ نه اوتاري،
نيو نهاري، ٿي سڄر پير پنهونءَ جا.
 

رويو رت ڦڙا، ڪر ٿي ڇپر ڇاٽاري،
شيشا لعل گلال
]41[ جا، هئه هئه ڪيو هاري.
سا گهايل ڪيئن گهاري، جنهن جو جانب جت وٺي
ويا.

پوءِ سندس سهيليون اچي ٿيون کيس آٿت ڏين. ماڻس ياد ڏياريس ٿي ته گهر جو ڪم رهيو پيو آهي ۽ سهيليون انتظار ڪري رهيون آهن. گهڻو ڏک ڪرڻ چڱو نه آهي. ٻائي جواب ڏئي ٿي ته:

”منهنجو ڀتار ويو آهي ته مون کي هاڻي چرخو مٺو نٿو لڳي ۽ نڪي مون کي سهيلين جي ڳالهه مان ڪو مزو ٿو اچي. منهنجو ساهه جبلن ۾ آهي، جتي بلوچ اُٺ ٿا ڪاهين.“

سسئيءَ کي ڪنهن به ڳالهه مان ڏڍ نٿو اچي. هوءَ آخر سهيلين کي چوي ٿي ته مون ڀتار جي پيڇي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀ کيس انهيءَ ڳالهه کان باز آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ رستي تي جي ڏک ڏاکڙا آهن، تن جي کيس چٽيءَ طرح تصوير ڪڍي ٻڌائين ٿيون:

”سڃ وڃ نه سسئي، ٿا نئي ۾ نانگ سجهن،
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، ٿا رڇ راڙيون ڪن،
ڪارا نانگ نين
]42[ ۾، اڳيان واڪا ڪيو ورن،
ڏاڍا ڏينڀو ڏونگرين، ڪوراڙيون ]43[ ڪرڪن،
وجهيو ور وڻن ۾، لوهاريون لڏن،
تنهن کان پوءِ س
ُڄن، پکا پنهونءَ ڄام جا،

پر سسئي پنهنجي ارادي کان نٿي هٽي۽ سهيلين کي ساڻ گڏجي هلڻ کان هيٺين لفطن ۾ منع ڪندي چوي ٿي ته:

”وريتيون      ورو،      آءٌ      نه      ورندي      ور      وري،

متان اُڃ مرو، منهنجي پنهونءَ ]44[ کي پاراتو ڏيو“

پوءِ سسئي رواني  ٿئي ٿي ۽ ٽڪرن ڏي منهن ڪري چوي ٿي ته:

”اي ڏونگرو، مون کي محبوب جو ڏس ڇو نٿا ڏيو؟ ڪالهه ته اٺن جي قطار هتان لنگهي آهي. منهنجو دوست دلدار قافلي ۾ نه هو ڇا؟“

هتي شاعر رستي جي ڏکن ڏاکڙن گرميءَ، مائيءَ جي دل جي امنگن ۽ اورچائيءَ جو نهايت صاف ۽ چٽو نقشوچٽي ٿو، ۽ ڏيکاري ٿو ته هوءَ ڪيئن گرميءَ، سرديءَ، هوا ۽ لڪ وغيره جي پرواهه نه ڪندي، ڦٽيل پيرن سان هلندي هلي ٿي. آخر کيس هڪڙو ٻڪرار گڏجي ٿو، جنهن کي چوي ٿي ته:

” او ادا ٻڪرار، شل ڌڻي تنهنجي ٻڪرين ۾ برڪت وجهي، شل تون هر تڙ تي مشهور هجين! نالي خدا جي، ٻڪرار مون کي ڏيرن جو رستو ڏيکار!“ پر هي بدبخت، انسان نه هو، بلڪه هڪ بدصورت بڇڙو ڀوت هو. هن کي سندس ڪراڙي ڏائڻ ماءُ چيو هو ته تو کي جهنگ ۾ هيرن جواهرن ۽ پَٽ پٽيهر سان لال ڪنوار ملندي سسئيءَ کي ڏسي، سمجهيائين ته منهنجي لال ڪنوار اها آهي. سو نهايت اڍنگي ۽ اڻسهائيندڙ روش اختيار ڪيائين، ۽ فضيلت جي ليڪي کان لنگهڻ لڳو. مائي اُڃ جو بهانو ڪري ڀيانڪ بدوءَ کي عرض ڪيو ته ” مون کي اُڃ لڳي آهي، ٻڪري ڏُهي پيار.“ هن چيو ته مون وٽ ٿانو ڪو نه آهي.“ ان تي حسين خاتونءَ پنهنجو لوٽو ڪڍي ڏنس. هو ٻڪري وٺي اچڻ لاءِ ويو ته مائي پٿر کڻي لوٽي جي تري ۾ ٽُنگ ڪري ڇڏيو. بدوءَ جون اکيون، مائيءَ جو حسن ڏسي، اهڙيون انڌيون ٿيون ۽ هن جا حواس ايترو خراب ٿي ويا، جو اها ڪل ئي نه پيس ته لوٽو ڇو نٿو ڀرجي. سسئي لاچار ٻيو چارو نه ڏسي، ٻاڏايو ته ”اي ڌڻي، ست رک، زمين ڦاٽي پوي ته مان هن ۾ غرق ٿي وڃان.“ نيٺ ڌڻيءَ هن جو عرض اونايو ۽ زمين کيس اوچتو ڳهي ويئي. بدبخت ٻڪرار، پنهنجي خطا محسوس ڪئي، پر ”ڏڌو کير ٿڻن نه پوي“ سو نازنين جي يادگيريءَ ۾ ان جاءِ تي لوڙهه ۽ منهن ]45[ ٺاهي ڇڏيائين.

هوڏانهن قصن جي دستور مطابق، پنهون، ڀائرن کان جند ڇڏائي. لالوءَ نالي هڪ ٻانهو ساڻ ڪري، تڪڙو تڪڙو ڀنڀور ڏانهن پئي آيو، سو اچي اتان لنگهيو. لوڙهه ڏسي وڌي اوڏي ويو. اڃا ويهڻ تي هو ته سندس ڪنوار، قبر مان پڪاري چيو ته:

”پنهون آءٌ پيهي، سوڙهي ڀانءِ مَ منهي،

انـدر بــاغ بهــاريــا، مـيـوا مـنــجـهــيــئــي.“

پنهونءَ، لالو غلام کي سڏي، اُٺ جي مهار هٿ ۾ ڏيئي چيو ته وڃي منهنجي قسمت جو سمورو قصو منهنجي پيءُ ۽ احبابن کي ٻڌاءِ، پوءِ ڌڻيءَ در ٻاڏايائين ته ”يا الله، مون کي سسئيءَ سان ملاءِ!“ قدرت مالڪ جي زمين ڦاٽي پئي ۽ عاشق اندر هليو ويو. آخر لالو، ٻڍي ڄام کي پنهونءَ جي آخري گهڙيءَ جو احوال ٻڌائي ٿو ۽ قصو ختم ٿئي ٿو:

”ويو وڇوڙو، پرين گڏيا پاڻ ۾،

عاشقن روح رتا، گل ويو گلزار ۾.“

هيءُ واقعو، اهڙيءَ ريت هڪ ڏندڪٿا پيو لڳي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته ڪيترا سنڌي ان قسم  جي ڪرامتن ۾ اعتبار ڪو نه ٿا ڪن. اهڙن ماڻهن وٽ وري هڪ ٻي روايت مشهور آهي ته پنهونءَ کي لالو بدمعاش ماريو هو، جو پنهونءَ هن کي پنهنجيءَ ڪنوار سان ڏسي ورتو هو. بلڪه هو ائين به چون ٿا ته لالو، پنهونءَ کي مارڻ کان پوءِ، هڪ هفتو سسئيءَ سان رهيو هو. ان بعد معاملو لئي مٽي ڪرڻ لاءِ سسئيءَ کي به ماري ڇڏيائين ۽ پوءِ ٻڍي ڄام ۽ سندس رشتيدارن کي مٿين ڳالهه ٺاهي وڃي ٻڌايائين. اهڙن شخصن کي يورپ جي انهن آزاد خيال ماڻهن مان شمار ڪرڻ گهرجي، جي ”ٽراءِ“ جي گهيري ۽ ”اينيس“ جي سفر کي ڏند ڪٿائون ڪري سمجهن ٿا.

منهنجي مختصر داستان ۾ جيڪو ٻيو قصو ايندو، سو آهي عمر سومري ۽ مائي سانگياڻيءَ ]47[ جو. اهو قصو پالڻي جي ڪهاڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جو هڪ روايت موجب مارئيءَ جي ماءُ، مهراڏا کي سندس مڙس، ڦلا لاکي جي گهران ڀڄائي ويو هو:

”خدا جي امر سان مهراڏا ٺٺولين جو شڪار ٿي، پر هوءَ ڄاول يا خريد ٿيل ٻانهي نه هئي. هوءَ هڪ ماروءَ تي عاشق ٿي ۽ پالڻي سان ڀڄي وئي، پر قادر جي قدرت سان وڃي ٿر نڪتي“

ان کان پوءِ، جلد ئي ڳؤري ٿي پئي. تنهنڪري هن جو نڪاح تيستائين ڪو نه پئجي سگهيو. جيستائين مهراڏا پير لڌا. شاعر انهيءَ ڳالهه جو تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هڪ نجومي هيٺين اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڇوڪر کي سندس حياتيءَ ۾ عجيب غريب واقعا پيش ايندا:

”ڇهين ڏينهن يعني ستينءَ رات ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ]48[ هن پيشنگوئي ڪئي ته تنهنجي ڌيءَ جي قسمت اهڙي ٿيندي جو توهان جي در عمر لنگهي ايندو.“

ماءُ انهيءَ پيشنگوئيءَ جو جواب ڏئي ٿي ته:

”ڀلي اچي، هن کي هيءَ ڦل جي ڌيءَ ملندي، ساهر جي پوٽي، مهراڏا جي ڌيءَ، جا پالڻيءَ جي سام آهي، جو ٿر ۾ رهي ٿو.“

اتهاسن ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن اها ڇوڪري، جنهن جي قسمت جو فيصلو اڳيئي ٿي چڪو هو، وڌي جوان ٿي ۽ حسن ڪڍيائين ۽ ڪيترن جوانن کي مست ڪيائين. هن جي حسن جو پهريون شڪار هو ڦوڳ، جو پالڻيءَ جون رڍون چاريندو هو. جڏهن هن کي ڪا اميد نظر نه آئي تڏهن مالڪ کي چيائين ته مون کان هاڻي نوڪري ڪا نه ٿي پڄي. پالڻيءَ جي مرضي نه هئي ته هو ڪو اهڙو ڪارائتو ٻيلي وٽانئس نڪري وڃي. هو سندس ناراضپي جو راز سمجهي ويو ۽ ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جو انجام ڪيائينس. ڦوڳ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجو روزانو ڪم وڏي چاهه سان ڪرڻ لڳو، شاعر چوي ٿو ته:

”من ۾ متارو ٿيو، سيڻن جي سهاڳ،
هٿ ڍيري، ٻانهه ويڙهي، ٿو ڪتي ا
ُن آجهاڳ،
چاري منجهان چاڳ، ٿو پ
َهون پاڻ مهاڙيون. ]49[

ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن ريڍار ڏٺو ته ڪاڄ سڏ ٿيڻ جي اميد خير ڪي آهي، تڏهن مالڪ کي وڃي دڙڪو ڏنائين ته وڃي ٿو حاڪم کي دانهن ڏيان ته تو مون سان ڊوهه ڪيو آهي. دغاباز پالڻي چويس ٿو ته:

”عمر عادل بادشاهه ڏور آهي.  هو وڻج وهائن سان دست اندازي ڪا نه ڪندو. او ڦوڳ ، تون پاڻ کي اجايو نقصان پهچائيندين.“

انهيءَ جواب تي ڦوڳ غصي ۾ ٿر کان عمرڪوٽ تائين ڊگهي مسافري ڪري وڃي بادشاهه کي دانهن ڏئي ٿو ته:

پهچ تون پهنوارن کي، اي بادشاهه دوداڻي ]50[ دَس
وهه ڏيئي واڏاندڙو مون کي چار چکايائون چس،
مون تان مارئيءَ بس، سير تو کي سومرا
]51[

عمر چيو ته ” واهه، هيءَ ته واعدي شڪنيءَ جي عجيب سزا آهي.“ ڦوڳ کي حسن جي پرک جي ڄاڻ هئي يا نه تنهنڪري سندس امتحان وٺڻ لاءِ هو کيس پنهنجي حرمسراءِ ۾ وٺي ويو، پر تنهن کان اڳ هن پنهنجين راڻين کي خوب هار سينگار ڪرائي ويهاريو. ريڍار جي جڏهن راڻين تي نظر پيئي تڏهن عرض ڪيائين ته ”قبلا، وڏ گهراڻين ۾ هڪ به اهڙي نه آهي، جا ٿريچڻ جو مٽ ٿي سگهي.“  آخر شاعراڻي انداز ۾ چوي ٿو ته:

”او عمر سومرا، تنهنجي ڀيڻ جي شڪل ڪجهه مارئيءَ جي شڪل سان ملي ٿي. پر اها به هن جي مٽ نه آهي. هن جو نيلوفر جهڙو نڪ ]52[ ، هن جو ڳل جيئن عنبر تي اجالو، هن جي مٿي جا ڪارا وار ۽ چيلهه جيڏا چوٽا، ڏسڻ سان تعلق رکن ٿا. مون تي ويساهه ڪر، او عمر سومرا!“

آخر عمر ريڍار جي راءِ سان متفق ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿيو، شاعر هنن جي سفر جو بيان هن ريت ڪري ٿو:

”جڏهن سومرو، جبرو حاڪم روانو ٿيو، تڏهن ڦوڳ پٺيان پيادو ۽ عمر پنهنجي اُٺ تي سوار. آخر ٻيئي ماڳ پهتا ۽ سهڻي شهر ملير ]53[ جا وڻ ڏٺائون.“

پهريان پهريان، هنن جي نظر ٻن ماين تي پئي جي هڪ کوهه تي بيٺيون هيون، جن جو تعارف شاعراڻي ڍنگ ۾ هن طرح ڪرايو ويو آهي:

”جيئن   ڪنورن   ۾   ڪنگو ]54[،

تـــيــئـن مـهـراڏي ســيــن مـــارئــي.“

اجنبين کي ڏسي مارئي چوي ٿي ته:

اما ]55[، عمر آيو، سومري جو سوار،

قادر لهي قرار، پر سنڌي ڀايان سومرو.“

اجنبيءَ اُٺ بيهاريو، ۽ ڳالهه ڇيڙڻ جي ارادي سان اُڃ جو بهانو ڪري مهراڏا  کي چيائين ته اڃ لڳي آهي، ٿورو پاڻي ڪڍي ڏي ته پيان. حسين مهراڏا هن جي ويس وڳي جي پرواهه نه ڪري، هڪدم ڦهڪائي ڏنائينس ته:

”اي مسافر، تو کي پاڻي کپي، سچ چؤ،

تون ڄاڃي]56[ آهين يا خود عمر.“

عمر جواب ڏنو ته ” نه مان ڄاڃي آهيان نه عمر، پر پياسي ضرور آهيان.“ تنهن تي شاعر چوي ٿو ته:

”تڏهن مارئي ماڳهين ڪڍيو، آب اڇو، ڪر کير،
انگڙيان ويڇو ڪريو، لاهيو وجهي نير،
منجهان حب همير، ٿو گه
ُورون وجهي گهوٽيو.“ ]57[

ڳچ مهل کان پوءِ عمر ٽپ ڏئي اُٺ تان هيٺ لهي پيو ۽ البيليءَ کي ٻک وجهي، چاڙهي عمرڪوٽ کڻي ويو. ويچاريءَ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون، پر وريس ڪي به ڪين. مارئيءَ چڱو ٿي پاڻي پياريو! کاڌي پيتي کي هٿ ئي نه لائي ۽ نه سوال جواب ڪري. پر شاعر چوي ٿو ته بک بڇڙي بلا آهي. پيٽ جون علامتون دفع ٿيون ته نٺر عمر، حسينه جي خاموشيءَ جو علاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڏينهن جو روز هن کي ٻيڙيون وجهي، زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيندا هئا. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هن کي عمر جي ڇپر تي نيندا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ سوني ڪٽاري رکي هوندي هئي. هي ماجرا ڪجهه وقت هلي، مارئيءَ چيو:

” او سومرا، هي شاديءَ جي ناتي ڳنڍڻ جو رستو نه آهي. تون جنهن سان محبت ڪرين ٿو، ان کي ٻڌين ٿو. هي محبت ڏيکارڻ جو عجيب طريقو آهي! افسوس، مان ٿر ڏسڻ لاءِ مران ٿي.“

پهنوارن جا پڪ پير ]58[، شل مان ماروئڙا ڏسان. شاعر مارئيءَ کي هيٺين لفطن ۾ آٿت ڏئي ٿو:

”ماندي ٿي مَ مارئي، هنجون هڏ م َ هار،

ڏکــن پٺـــيان ســکڙا، سـِگها ٿين سڪار،

ڀڃي زيرين ٻار، توتـــان بــنــد بــدا ٿــيو.“

اهڙيءَ طرح، مارئيءَ پهرين بازي کٽي. عمر قيديءَ کي آزاد ڪيو ۽ کيس محل جي ٻين زالن سان رهڻ جي اجازت ڏني.  موقعي ملڻ تي مارئي پنهنجي سوٽ، ماروءَ کي نياپو موڪليو ته اچي بند مان آزاد ڪر. مارو اُٺ تي چڙهي، راتو واهه عمرڪوٽ آيو ۽ اچي هڪ پير جي خانقاه ۾ لٿو، اُٺ، پير جي حوالي ڪري محل جون ڀتيون ٽپي اچي انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو، جتي عمر ۽ مارئي ستل هئا. مارئي جاڳي. ماروءَ جي مرضي هئي ته عمر کي پورو ڪري ڇڏي، پر مارئيءَ کيس انهيءَ ڳالهه کان باز آندو. آخر صلاح مصلحت کان پوءِ، فيصلو ٿيو ته سوني ڪٽاري ڪڍي ان جي جاءِ تي چانديءَ جي ڪٽاري رکجي. ان کان پوءِ مارو مجاور ]60[ جو ويس ڪري وڃي خانقاه ۾ آرامي ٿيو. صبح جو عمر ڪٽاري ڏٺي. مارئي کان پڇيائين ته هي ڇاهي؟ مگر هن سموري حقيقت کان اڻڄاڻائي ڏيکاري. پنجن - ڇهن ڏينهن کان پوءِ، مارئيءَ خانقاه تي زيارت لاءِ وڃڻ جي اجازت ورتي، جو چيائين ته ڪا باس ڏيڻي اٿم. عمر کي ڏٽو ڏنائين ته زيارت ڪري اچان ته پوءِ جيئن تنهنجي مرضي هوندي ائين ڪنديس. عمر خوش ٿي پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ ٻانهيءَ کي مارئيءَ سان گڏ موڪليو. ممڪن آهي ته هن کين مارئيءَ تي نظر رکڻ جي ارادي سان موڪليو هجي. مارئيءَ مقبري تي زيارت ڪري دعا گهري، پنهنجي سؤٽ ڏي اشارو ڪري، ماين کان پڇيو ته توهان منهنجي ڀاءُ فقير ]61[ سان گهمڻ وينديون؟

عمر جي ڀيڻ چرچو ڪري چيو:

”مارو ڇڏي ملير ۾ ٻيو مون ڀاءُ هٿ ڪيو،

اهڙي نواڙي تو، وڃ هلي ٻئي سين“]62[.

مارئيءَ انهن لفطن مان سٺو سوڻ ڪڍيو. جلد ئي سهيلين کان جدا ٿيڻ جو موقعو مليس ۽ ماروءَ سان گڏ اُٺ تي چڙهي سڌو ملير جو رخ ڪائين.

عمر کي اها خبر پئي، پر عزيزن ۽ دوستن جي چوڻ تي مارئيءَ سان شادي ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائين. پوءِ پاڻ ملير وڃي کيس چيائين ته اڄ کان وٺي تون منهنجي ڀيڻ لڳين. هن کي اهو فيصلو ٻڌائي، ملير مان موٽي آيو. پر هن جي عشق جي آگ اڃا ڪا نه اجهاڻي هئي ۽ وڃي بستري داخل ٿيو. ڀيڻ بيماريءَ ۾ پڇڻ ايندي هيس، پر هن جو حال ويو هيڻو ٿيندو، آخر هڪ ڏينهن، مارئي، عمر ڏي وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهي هئي ته کيس ڪنهن اچي ڪوڙي خبر ٻڌائي ته عمر گذاري ويو. هن کي هن ڳالهه تي ايترو ته صدمو پهتو جو سندس روح خاڪي پڃري ]63[ مان پرواز ڪري ويو. عمر کي جڏهن مارئيءَ جي مرڻ جي خبر پهتي ته هو به بنان هچڪيءَ جي حياتي کي خيرباد چئي ويو.

مصنف، ٿر جو هي قصو، قديم دستور موجب، قرآن شريف جي انهيءَ آية سان ختم ڪري ٿو:

اِنا لله واِنا اليہ راجعون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org