سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:11  

باب يارهون

سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جو بيان، انهن جون رسمون پوشاڪ شغل، ڪسرتون، رانديون رونديون، زالن جا رواج، انهن جو اخلاق ۽ عادتون، گويا سنڌ جون اڇوت قومون

سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو، اولهه هندستان جي رهاڪوءَ کان وڌيڪ قداور، مضبوط، سگهارو ۽ پهلوان ٿئي ٿو. هُن جي هنن، پيرن ۽ مُرن ۾ اها بناوتي نزاڪت ڪا نه هوندي آهي، جا سنڌونديءَ جي هن ڀر وارن وسيع پٽن ۾ رهندڙ قومن ۾ ڏسبي آهي. سچ پچ ته سنڌي ماڻهو ڪوهه قاف جي قومن کان گهٽ ۾ گهٽ سڌريل قوم يعني هندن، ۽ بهترين قوم يعني ايرانين جو ميلاپ آهي. سنڌيءَ جا روش ڊولائتا ۽ مٿي جو نمونو سهڻو هوندو آهي. هن صوبي ۾ هندستان جي ماڻهن جهڙي سهڻي پيشاني ۽ ڇڊا وار ورلي نظر ايندا آهن. ڏاڙهي، خاص ڪري مٿئين طبقي جي، چاپئين هوندي آهي، جيتوڻيڪ اها ايران ۽ افغانستان جي ماڻهن جهڙي شاندار نه هوندي آهي. سنڌي ماڻهوءَ جو  سانورو رنگ ڏيکاري ٿو ته هن قوم جي ترقي ڪنهن حد تائين جي، هاڻي روڪجي ويئي آهي ]2[ هن جي مزاج جي بگڙڻ جا ٻه سبب ڏسڻ ۾ اچن ٿا: هڪڙو ته هن جو مقابلو هميشه جابلو علائقن جي بهادر ۽ راٺوڙ قومن سان پئي ٿيو آهي، جن کيس غلامن وانگر پئي پيڙيو آهي. ٻيو سبب هي آهي ته هن جو سمورو دارو مدار هندو صرافن ۽ واڻين تي پئي رهيو آهي، جن کيس ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو آهي. ان ڪري سنڌين جو وڏو حصو سست، گدلو، ۽ نشي جو ڪوڏيو آهي. سنڌي ماڻهو مصيبت جي وقت نراس ٿيو پوي، ۽ خطري ٽري وڃڻ کان پوءِ سرڪش! مڪاني مورخ سندس هوشياريءَ جون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ مثال ڏين ٿا ته هو پيرو کڻڻ ۾، تهامه جي عربن ۽ آمريڪي جهنگلين کان به وڌيڪ قابل آهي پر پيرو کڻڻ مشرقي ملڪن ۾ رواجي ڳالهه آهي. هن وقت، پوک ڪرڻ، مڇي مارڻ، شڪار ڪرڻ، گهوڙا، اُٺ ۽ رڍون ڌارڻ سنڌي ماڻهوءَ جا مکيه شغل آهن.

اڪثر سنڌي ماڻهو هندستان جي رهاڪن جهڙي سهڻي پوشاڪ ڪو نه پائيندا آهن. سنڌي مسلمان سواءِ ڪنهن منڊي يا مهر جي، سون اصل ڪو نه پائين. وڏيءَ عمر جا ماڻهو پراڻي اسلامي رواج ]3[ مطابق، مٿي جا وار  ڪوڙائيندا آهن، پر نوجوان پنهنجن ڊگهن وارن تي ناز ڪندا آهن ۽ اڪثر وچ تي ڦڻي ڏئي، وارن کي وٽي، ڪلهن تان لٽڪائي يا ڳنڍ ٻڌي ٽوپي يا پٽڪي هيٺان ڍڪي ڇڏيندا آهن. اڇيءَ ڏاڙهيءَ کي ميندي لائيندا آهن ۽ مينديءَ جو رنگ گهاٽو ڪرڻ لاءِ ان ۾ ٿوري ڦٽڪي ملائي ويندي آهي. جوان بعضي بعضي هٿن ۽ پيرن کي ميندي لائيندا آهن. هو سُرها تيل، سرمو، مسي به ڪم آڻيندا آهن. مسيءَ جو سنڌ ۾ هندستان کان گهٽ ]4[ رواج آهي. هن ملڪ ۾ حمام ڪو نه آهن، تنهنڪري وارن صفا ڪرڻ جون دوائون استعمال ڪو نه ڪيون وينديون آهن. بدن جا وار گهڻو ڪري پاڪيءَ سان لاٿا ويندا آهن.

سنڌي ٽوپي جي شڪل ابتيءَ يورپي ٽوپيءَ جهڙي آهي. اها ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ڪا نه پاتي ويندي هئي. ان جو عام رواج ميرن جي صاحبي ۾ پيو. هينئر مذهبي پيشوائن کان سواءِ جيڪي دستار پسند ڪندا آهن. ٻيا سڀ ماڻهو اها ٽوپي پائيندا آهن. امير ۽ شاهوڪار ماڻهو ڪاري ڪپڙي يا ڪيمخواب جي چورسي ٽوپي پائيندا آهن، جنهن کي ”موغوٽوپ“ ڪوٺيندا آهن. دستار جا ٽي مختلف نمونا آهن: 1. پڳ، هڪ ڊگهو سوٽي ڪپڙي جو ڪافي ڊگهو ٽڪر، اڪثر اڇو ۽ بعضي رنگين، 2. پٽڪو، پڳ جهڙو، پر ان کان ٿورو ننڍو ۽ 3. ڦينٽيو، سوٽي ڪپڙي جو ٽڪر، جو مٿي کي ويڙهي ڇڏيندا آهن. غريب ماڻهو اڇن ڪپڙن بدران نير ٻڏل ڪپڙا زيادهه پسند ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اڇا ڪپڙا جهٽ ميرا ٿي ويندا آهن. ڪي ماڻهو، خاص ڪري فقير، ڍڪيندا آهن: پُٺيون يا ڪرتو، سوٽي ڪپڙي جي صدري، هندستان جي مرزائن جهڙي ڪائنچ ويڪرن پانچن سان، يا سٿڻ چيلهه وٽ موڪري ۽ پانچن وٽ سوڙهي، گندي يا چادر يا ٽوپي، جا ڪلهن تي وجهبي آهي،  بوڇڻ يا ڪمربند ۽ جُتي. انهن کان سواءِ شاهوڪار ماڻهو ٻانهن سان پهرياڻ ۽ قبا پائيندا آهن، جو يورپي ماڻهن جي ننڊ ڪرڻ جي جامي وانگر هوندو آهي ۽ سوٽي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي. هندستاني پهرياڻ جو به هاڻي رواج پيو آهي، پر اهو هن ملڪ ۾ چيلهه کان ڊگهو هوندو آهي.قيمتي ۽ رنگين ڪپڙي جي صدريءَ يا ڦتيءَ جو به رواج هاڻي پيو آهي. سرديءَ ۾ هو قبا جهڙي ڪپهه سان ڀريل ڪُرتي يا ٺونٺ تائين نمناڻو پائيندا آهن. شاهوڪار ماڻهن کي عمدين کلن (پوستينن) پائڻ جو شوق آهي. غريب ماڻهو، افغاني پوستين يا ماشي يا چوغي تي راضي رهندا آهن. چوغو اڪثر ٻڪريءَ يا اُٺ جي وارن مان ٺهيل هوندو آهي. جتيون ٻن قسمن جون پائيندا آهن. 1. ڳاڙهي يا پيلي چمڙي جي، جهڙي مصر جا ماڻهو پائيندا آهن ۽ 2. گهيتلو،  چمڙي جو، سٽ يا پٽ سان ڀرت ڀريل. دولت وارا ماڻهو مسافريءَ ۾ ڊگها چمڙي جا موزا پائيندا آهن. سٺا موزا افغانستان مان ايندا آهن، پر سنڌ ۾ به هڪ قسم جا سستا ۽ هلڪا موزا ٺهندا آهن. جابلو ماڻهو فقط پيش جو ٺهيل ترو پيرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن، جيڪو اسپين جي پرنيز جبل جي رهاڪن جي چمپل جهڙو هوندو آهي.

سنڌ جون عام رانديون رونديون هي آهن:

هر قسم جا ماڻهو، اعليٰ خواه ادنيٰ، لغڙ اُڏائيندا آهن، پر، هندستان جي ماڻهن وانگر وڏيءَ عمر جا ماڻهو اهو شوق پسند نه ڪندا آهن. لغڙ جا پنج ڇهه نمونا آهن، جن جي اُڏائڻ جو ڏيهي حاڪمن کي ڏاڍو شوق هوندو هو. بعضي هو ان جي پڇ ۾ تارو ٻڌي اُڏائيندا هئا ۽ شرطن تي پڻ لغڙ ويڙهائيندا هئا.

ڪبوتر بازيءَ جو رواج مٿئين طبقي جي ماڻهن ۾ آهي. پهريائين هڪڙو چڱي نسل جو بازيگر ڪبوتر چونڊي، ان کي هٿ مان ڇڏڻ تي جلدي جلدي قلابازيون ڏيڻ، سيکاريندا آهن. شرط جو فيصلو گهڻو ڪري ستن کان زياده قلابازين تي ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪبوتر ستن کان گهٽ قلابازيون ڏنيون،ته بازي هارايائين. ڪبوترن جي ويڙهه تي پڻ شرطون رکندا آهن، تنهنڪري سٺي ڪبوتر جي قيمت بعضي بعضي سؤ رپين تائين پهچي ويندي آهي. رواجي طرح هڪ موچاري جوڙي جي قيمت ويهه رپيا هوندي آهي.

سنڌ ۾ بربل نالي هڪ ننڍڙي پکيءَ کي افغانستان جي ٻٽير وانگر وڙهڻ سيکاريندا آهن. ان ڪم لاءِ نر پکي چونڊيو ويندو آهي. پهريائين ان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن پوءِ ان کي اٺ اٺ، ڏهه ڏهه ڪلاڪ بک ڏيندا آهن ته جيئن سڏ تي اچڻ سکي. ان بعد ڪوڏيءَ کي ٿورو اٽو لائي بربل کي شيون جهٽڻ سيکاريندا آهن. انهيءَ وقت ان کي چورمو يا چٻاڙيل ڀڳڙا ]5[ کارائيندا آهن. ويڙهائڻ وقت ٻن بربلين جي وچ ۾ ڪا کاڌي جي شيءَ اڇلائيندا آهن ته هو هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن. سندن مالڪ کين آڱر ڏيئي ڀڙڪائيندا آهن. بربل ويڙهو پکي نه آهي. هو فقط چهنب ڪم آڻيندو آهي، جنهنڪري اهي ورلي مَرندا آهن. بربل جي ويڙهه تي شرطون قسمت سان رکندا آهن. کٽڻ واري کي فقط هار وارو پکي ملندو آهي. ڇوڪرا انهيءَ رونشي جا ڪوڏيا هوندا آهن. هنن مختلف پکين ۽ انهن جي وڙهڻ ۽ ٺونگي هڻڻ جي نموني وغيره کي سڃاڻڻ لاءِ ڪيترا خاص لفظ ۽ محاورا ايجاد ڪيل آهن.

ڪڪڙن جي ويڙهه سنڌين جو عام شغل آهي، پر اهو ماڻهو معتبر نه سمجهيو ويندو آهي. اڳي هندن کي ڪڪڙن جي ويڙهه ڏسڻ جي جرات ڪا نه ٿيندي هئي، جو طهر جو ڊپ هوندو هئن. (هاڻي به ملاکڙي ۾ هندو ورلي نظر ايندا آهن.) سنڌ جو ويڙهو ڪڪڙ هڪ شاندار پکي آهي. هن جون ڄنگهون پيليون ۽ اکيون شفاف ]6[ ۽ چمڪي واريون ٿين ٿيون. هنن جي خوراڪ ۽ سيکارڻ جو نمونو هندستان جهڙو هوندو آهي. انهن تي تمام ڏاڍي محنت ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لوهه ۽ چاندي ڪم نه آڻيندا آهن. پکين کي کڻڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ خاص اٽڪل کپي.

سنڌين کي گهَٽن ويڙهائڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ان لاءِ سڀ کان سٺي جنس، مضبوط ۽ ڪاري رنگ جو قداور جابلو گهٽو آهي. ان کي ننڍي هوندي کان وٺي ٻچڪر ڏئي هٿ تي ٿونو هڻڻ سيکاريندا آهن. جڏهن وڏو ٿيندو آهي، تڏهن هو اهڙو ويڙهو هوندو آهي، جو جيڪو سامهون ايندو اٿس، تنهن تي حملو ڪندو آهي. هن جي رواجي خوراڪ آهي اَن، گيهه ۽ ٿورو ڪَچو گوشت. پاڻي تمام ٿورو ڏيندا اٿس. سيکارڻ وقت هن کي تمام گهڻي ڪسرت ڏني ويندي آهي. گهيٽا سياري ۾ ويڙهائيندا آهن جو گرميءَ ۾ هو جلدي مري پوندا آهن. ويڙهه گهڻو ڪري اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ نه هلندي آهي. هار واري گهٽي جون اکيون هڪدم ٻڌندا آهن ته جيئن کٽڻ واري گهٽي کان ٻئي دفعي منهن نه موڙي. ميرن جي ڇوڪرن کي انهيءَ شوق سان ڏاڍي دل هوندي هئي، شايد انهيءَ ڪري جو ان تي خرچ گهڻو ٿيندو هو. هڪ موچاري گهٽي جي قيمت پندرهن رپين کان مٿي هوندي آهي.

سنڌ ۾ ايراني ۽ عربي رواج موجب گهوڙن جي شرط جو رواج ڪو نه آهي. ايران ۾ ماڻهن کي سياسي حالتون مجبور ڪنديون آهن ته هو پنهنجن طنبيلن ۾ هڪ اهڙو گهوڙ رکن، جو يڪساهيءَ ويهه يا ٽيهه ميل پنڌ ڪري سگهي. قديم خواه اڄوڪا عرب، گهوڙن پالڻ تي خاص ڌيان ڏيندا آهن، تنهنڪري گهوڙن جي پنڌ ۽ ساهيءَ جي آزمائش وٺڻ هڪ لازمي ڪم هوندو اٿن. سنڌي ماڻهو خاص موقعن تي، گهڻو ڪري ميلن ملاکڙن تي ميدان تي گڏ ٿي، مني يا اڌ مني ميل جي مفاصلي تي، اڻ سکيل گهوڙن کي ڀڄائيندا آهن. ڊوڙ تي شرط ڪا نه هوندي آهي. تنهنڪري کٽڻ واري کي، ماڻهن جي تاڙين کان سواءِ  ٻيو ڪو انعام ڪو نه ملندو آهي. هن ملڪ ۾ هندستان وانگر ورزشي ادارا يعني آکاڙا ڪو نه آهن. سنڌين کي ڪشتيءَ جو ڏاڍو شوق آهي، پر هن وقت وڏا ملهه اڪثر آفريڪا جا شيدي آهن، جن جا بابا ڏاڏا هن ملڪ ۾ آيا هئا. هو مضبوط جوان آهن. سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقت وارو هوندو آهي. مگر، هنن جو قد پورو پنو هوندو آهي ۽ سندن پير ڦريل، ٽنگون مُڙيل ۽ پنيون ڏنگيون هونديون آهن. هنن کي گوشت، گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي ۽ بادي کاڌي ۽ شراب ۽ تماڪ جي منع هوندي اٿن. هنن کي هندستان جي ڪشتي بازن وانگر ماني کارائي، ٿلهو ڪو نه ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ميدان ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن، تڏهن ڏسڻ وٽان هوندا آهن. هو اڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن. ڪشتيءَ وقت هو پٽڪو ڪائنچ ۽ سندرو ٻڌندا آهن. هندستان وانگر هتي دشمن کي پٺيءَ تي ڪيرائڻ ضروري نه آهي. هن جو گوڏو زمين تي لڳو ته ملهه هارايائين. ٻن ملهن مان جنهن پوئين ملهه ماري، تنهن راند کٽي. انهن مقابلن وقت ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش هوندو آهي، تنهنڪري بعضي فساد ۽ خونريزي به ٿيندي آهي. سنڌي پنهنجن پاڙيسرين يعني ايرانين ۽ هندن کان ڪشتيءَ جي هنر ۽ فن ۾ گهٽ آهن، ۽ ساڳئي وقت هو ايشيا جي ٻين قومن وانگر ڪسرت ڪرڻ تي پڻ هريل نه آهن. هنن کي ڪمان ڪشڻ، ڏنڊ ]٨[ پچائڻ ۽ مدگر ڦيرائڻ ڪو نه ايندا آهن. مَلهه، اڪثر ڪري هيٺئين نموني جي مشق پچائيندا آهن: ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، ميل يعني پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ، ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي آهن: 1. ”مٺين جو زور“، يعني مُٺ زمين تي رکي ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ، 2. ”چنبو وٺڻ“ يعني آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ، 3. پير تي اٿڻ، يعني زمين تي جُهڪي ويهي، هڪ ٽنگ مٿي ڪري ٻيءَ تي آهستي آهستي اٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي. 4. ”ڪک کڻڻ“، يعني جهڪي ويهي، ٻئي هٿ پٺيان ڪري، چپن سان اڳيان زمين تان ڪک کڻڻ. اهي آهن مکيه ورزش جا نمونا. اهڙي قسم جا ٻيا به گهڻائي سنها ٿلها طريقا آهن.

اسلام ۾ جوا جي منع ڪيل آهي. ڏيهي حاڪم انهن ماڻهن کي ڏنڊ وجهندا هئا، جي هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا هئا. پر ان هوندي به ڪيترائي هيٺين طبقن جا مسلمان هن فعل ۾ هندن جي پيروي ]9[ ڪرڻ کان ڪين رهندا آهن. منهنجو مشاهدو آهي ته مشرقي قومن ۾، سنڌي ماڻهو سڀني کان وڌيڪ جوئاري آهن.

سنڌ ۾ هيٺين راندين جو گهڻو رواج آهي: 1. شطرنج، 2. نرد، 3. بچيس، 4. ڍارو، 5. گنجيفه، 6. چنر پسي، 7. ٽِٽڻ ۽ اهڙيون ٻيون رانديون جهڙوڪ: نوٽڻ، سورهن ٽڻ.... وغيره

شطرنج کيڏڻ جا گهڻائي نمونا آهن. جنهن نموني کي فرنجي (فرنگي) شطرنج چئجي ٿو، سو اسان جي نموني سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. پر ان ۾ راڻي (وزير) هميشه بادشاهه جي سڄي پاسي رکندا آهن ۽ پيادا ٻه خانا ڪڏهن ڪو نه هلندا آهن. جڏهن پيادو پوئين خاني وٽ پهچندو آهي. تڏهن ان کي ان خاني جو جيڪو مهرو هوندو ان سان بدلائيندا آهن. شهه مات تي راند جو فيصلو ٿيندو آهي، پر مخالف ڌر جا جيڪڏهن سڀ مهرا، سواءِ بادشاهه جي مري وڃن ته اها اڌ راند ٿي. اسان قلعو هڪڙيءَ چال ۾ ٺاهيندا آهيون، پر هي ماڻهو قلعي ٺاهڻ ۾ ٽي چالون وٺندا آهن، مثلاً (1) رخ پهريائين بادشاهه جي پاسي واري خاني ۾ آڻيندا آهن. (2) بادشاهه، گهوڙي وانگر هڪڙي ٽپي سان قلعي مان ٻاهر ڪڍندا ۽ (3) بادشاهه، توب جي ڀرواري خاني ۾ آڻيندا آهن. رومي يعني ترڪي شطرنج، يورپي لوڪن کي ڪجهه ڏکي لڳندي آهي، جو ان ۾ راڻي(وزير) ۽ پادري (ٽنگو) کان عجيب نموني جو ڪم ورتو ويندو آهي. وزير جو پيادو پهريائين ٻه خانا هلندو آهي ۽ وزير هڪ، ان کان پوءِ وزير فقط هڪ خانو ڏنگو هلي سگهندو آهي ۽ مهرا ماري يا شهه به ساڳئي نموني ۾ ڏئي سگهندو آهي، پر هو ڀريل خاني جي مٿان به ٽپي سگهندو آهي. ڪي سنڌي شطرنج سٺي ڄاڻندا آهن. سنڌ ۾ شطرنج جو ٻيو به هڪ نمونو آهي، جنهن کي ”بند“ چوندا آهن. اهو اصل هندستان مان آيل آهي. انهيءَ جي خصوصيت هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مهري کي بادشاهه کان سواءِ ٻئي مهري جو بچاءُ آهي ته ان کي ماري نٿو سگهجي. انهيءَ ۾ راند گهڻو وقت هلندي آهي، ايتريقدر جو شهه مات ڏيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويندا آهن.

نرد ]11[ راند گهڻو ڪري اهي سنڌي ڪندا آهن جي ايران کان ٿي آيا آهن يا جن ان ملڪ جي رهاڪن کان سکي آهي. ايراني اها راند گهڻي زماني کان کيڏندا اچن ٿا ۽ ان جا وڏا کيڏاري آهن.

پچيس ]12[ راند اصل هندستان کان آيل آهي. سنڌ ۾ ان ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪا نه ڪئي ويئي آهي. انهيءَ راند جو رواج سڀني درجن جي ماڻهن ۾ آهي.

ڍارا عاج جا چورسا ٺهيل هوندا آهن، اٽڪل ٻه انچ ڊگها ۽ انچ جو ٽيون حصو موڪرا، پاسن تي پَنءُ، دُئي، پنجي ۽ ڇڪي جا نشان هوندا آهن. گهڻو ڪري ٽي ڍارا گڏ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن ڍارا ٻئي ڪنهن کيل سان گڏ ڪم نه آڻيندا آهن، تڏهن ان کي جوئا سڏيندا آهن. ڍاري جي راند ۾ خيال ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي آهي. پئسن جي راند ۾ ٻيئي ڌريون ڍارا اڇلائينديون آهن، جنهن جا گهڻا خال، تنهن کٽيو. هندو خاص ڪري هن راند جا شوقين آهن. ديندار مسلمان ان  راند کان پري رهندا آهن. انهن جي خيال موجب ڍاري جي راند جوئا جو خراب ۾ خراب نمونو سمجهي ويندي آهي.

گنجيفه يعني پتا ٻن نمونن جا هوندا آهن: 1. انگريزي، ٻاونجاهه پتن جي پوري تاس ۽ 2. مغلي. انگريزي تاس کيڏڻ جو گهڻو رواج آهي. تاس ڪيترن قسمن جي راندين ۾ ڪم آندي ويندي آهي ۽ ان لاءِ اهڙ اهڙا اصطلاح ۽ محاورا ايجاد ڪيا ويا آهن، جو يورپ جي ڏکين ڏکين ٻولين ۾ به مشڪل ملندا. جوڙي تاس ۾ ڪل ڇانوي پتا هوندا آهن. اهي اٺن رنگن ۾ ورهايل هوندا آهن. هر هڪ رنگ ۾ تيرهن پتا هوندا آهن، جهڙوڪ بادشاهه، راڻي، وزير ڏهه ٻيا، ڏهلي کان وٺي يڪي تائين. انهي تاس سان جيڪي کيل کيڏندا آهن، تن سڀني جو هتي بيان ڪرڻ ضروري نه آهي.

”چنر پسي“ پچيس راند جهڙي آهي، پر ان کان سولي آهي، ۽ سکي به وڌيڪ آسانيءَ سان سگهجي ٿي. راند جو تختو پنجويهن خانن ۾ ورهايل هوندو آهي، ۽ هر هڪ کيڏاريءَ کي چار ساريون يا ڳٽيون (ڳوٽون) ۽ چار ڪوڏيون هونديون آهن. ڪوڏيون ڍاري جو ڪم ڏينديون آهن. جيترا خال پوندا آهن، اوترا خانا هلندا آهن. راند جو نالو چنر ۽ پسي لفظن مان نڪتل آهي، جي چارئي ڪوڏيون ابتيون پٺيءَ ڀر پونديون آهن ته ان کي چنر چوندا آهن ۽ جي هڪ پوندي آهي ته ان کي پسي چوندا آهن. چنر ٻه ڄڻا به کيڏي سگهندا آهن ۽ چار به. جيڪو وچئين خاني ۾ پهريائين پهچي وڃي، تنهن راند کٽي. جڏهن ڪا ساري منڌيئڙي واري گهر ۾ هوندي آهي، تڏهن ان کي ماري نه سگهبو آهي.

سنڌين جي ”ٽِٽِڻ“ افغانن ۽ ايرانين جي ”ڪتر“ راند جهڙي آهي. افغان، خاص ڪري ڳوٺن جا غريب ماڻهو، ان راند جا تمام شوقين آهن. سفيد ريش ماڻهو به زمين تي ڪاٺيءَ سان ليڪا ڪڍي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽِٽِڻ ويٺا کيڏندا آهن. سنڌ ۾ به انهيءَ جي لاءِ تختو يا ڪپڙو ڪو نه هوندو آهي. راند تمام آسان آهي. هر هڪ رانديگر کي ٽي پٿر يا ڪوڏيون هونديون آهن جي واري واري تي هلائيندو آهي. جنهن ٽيئي ڪوڏيون پهريائين قطار ۾ رکيون، تنهن بازي کٽي، ”نوٽڻ“ ۽ ”سورهن ٽڻ“ هوبهو ”ٽٽڻ“ جهڙيون آهن، فقط انهن ۾ وڌيڪ ليڪون ۽ ساريون هونديون آهن.

سنڌ جا ٻاراڻا کيل هندستان ۽ يورپ جي مشهور کيلن جهڙا آهن. مثلاً ڏنڊ، ٿوڻيءَ کي ڇهڻ، لڪڇپ، قيد وغيره. وڏيءَ عمر جا ماڻهو به راندين کيڏڻ کان عار ڪو نه ڪندا آهن. ڪي اهڙيون سخت رانديون آهن جو انهن ۾ هڏ گڏ به ڀڄي پوندا آهن ۽ ماڻهو مري به ويندا آهن. ٻين ملڪن وانگر هت به ” کينهوءَ“ کان گهڻو ڪم ورتو ويندو آهي. کينهون ڌاڳي جو ٺهيل هوندو آهي، وچ ۾ سو پاري ۽ مٿان چمڙو ويڙهيل هوندو اٿس. زالون به پنهنجي نزاڪت ۽ چترائي ڏيکارڻ لاءِ کينهوءَ راند ڪنديون آهن، تنهنڪري هن ملڪ جي عشقيه شعر ۾ کينهوءَ ڏانهن گهڻائي اشارا ڪيل آهن.

سموريءَ اسلامي دنيا ۾، عورت جي بهادري ۽ عصمت نهايت قابل تعظيم وصفون تسليم ڪيون وينديون آهن. انهيءَ معيار مطابق، سنڌي ٻين مشرقي قومن ۾ گهٽتائي ڪين ٿا رکن. ڏيهي حاڪمن جي صاحبيءَ ۾ سنڌين جي غيرت جا ڪيترا مثال ملن ٿا. چون ٿا ته هڪڙي غريب لنگهي. شاهي خاندان جي هڪ ٽالپر امير جو خون ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو هن کيس پنهنجيءَ زال سان ڏٺو هو. ساڳيءَ ڳالهه تان هڪڙي شڪاريءَ ڏاٽي سان، هڪ وڏي سردار جو پيٽ ڦاڙيو هو.

هن صوبي ۾ زنا جي ڏوهه لاءِ جيڪا سخت سزا ]13[ ڏني وڃي ٿي، ان جو مکيه ڪارڻ هي آهي ته سنڌ جي ماڻهن جون جسماني حالتون نراليون آهن. گرم ۽ سامونڊي ملڪن ]14[ ۾ (جي جبلن جي ويجهو هوندا آهن)، زالون مردن کان زياده جنسي خواهش رکنديون آهن، انهيءَ ڪري ڪيترن ئي ڏيهي ڪتابن ۾ هن ملڪ جي زالن کي جنهن نموني ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي، سي پڙهي يورپي ماڻهوءَ کي حيرت وٺي ويندي، خصوصاً جڏهن کين اها خبر پوندي ته ان ڪاوڙ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي. ورنه، هن ملڪ جون زالون، درحقيقت، سڀاءَ ۽ چال چلت ۾ شريف آهن.

سونهن جي نقطئه ۽ نگاهه کان، سنڌ جي زال رنگ، روش، ۽ جسم ۾ اولهه هندستان جي زالن کان سرس آهي. صوبي جي اترئين ڀاڱي ۾ خاص ڪري مٿئين طبقي جي زالن ۾، چڱو حسن آهي. افسوس آهي ته زالن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڪو نه ڏنو ويندو آهي. ٿوريون زالون پنهنجي زبان پڙهي سگهنديون آهن، لکڻ ته انهيءَ کان به گهٽ ڄاڻنديون هونديون. سمجهڻ کان سواءِ قرآن پڙهڻ هڪ وڏي ڳالهه سمجهي ويندي آهي. وڏن شهرن ۾ فقط چار پنج زالون مس ملنديون جي فارسيءَ جو ڪو خط هجي ڪري سگهن. تنهن هوندي به ڪي اهڙيون زالون آهن جي ڇوڪرين کي تعليم ڏين ٿيون. اڪثر سنڌي ماڻهو انهيءَ راءِ جا آهن ته زالون اهڙيون مڪريل آهن، جو سندن خيالن جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۽ سندن هٿ ۾ قلم جهڙو هٿيار ڏيڻ خطري کان خالي نه آهي. سنڌي زالن ۾ هندستاني زالن جهڙي نزاڪت نه آهي ۽ نه وري افغاني ۽ ايراني زالن واري چترائي. سنڌي زال جي اٿڻ ويهڻ جو نمونو سنجيدگيءَ ۽ فضيلت وارو هوندو آهي. هن ملڪ ۾ حمامن جو رواج ڪو نه آهي ۽ زالن جو مردن سان ميل گهٽ ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري سنڌي زال آزاد طبع نه آهي. هوءَ گفتي جي به پڪي ڪا نه آهي. ڪيتريون سنڌي زالون ناس ڏينديون آهن ۽ ڪي حقي ۾ تماڪ وجهي، ڇڪينديون آهن. هنن جون ٻيون مشغوليون هي آهن: سبڻ، سينگار ڪرڻ، هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ. هر هنڌ، انساني فطرت وانگر، سنڌ ۾ پڻ عشق بازيءَ جا ڪيترا مثال ٻڌبا آهن. عشق بازيءَ جي معاملي ۾ سنڌي عورتون هندستاني زالن کان وڌيڪ دلير آهن.

سنڌ جون زالون اُچن ۽ قيمتي ڪپڙن جون شوقين آهن. شاهوڪاري  طبقي جي عورتن کي ڪيمخواب، سوني ۽ روپي، زريءَ سان ڀريل ڪپڙا، عمدي مخمل، ڦولدار ريشم ۽ ساٽين جا وڳا ۽ ٻيو اهڙو سينگار جو سامان هوندو آهي، ڪنواريون ڇوڪريون گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهرينديون آهن ۽ ڪُراڙيون ۽ بيوهه عورتون اڇا. رواج آهي ته عورت کي بدن تي جيئن گهڻا ڪپڙا هوندا، تيئن وڌيڪ معتبر سمجهي ويندي. زالن جي لباس ۾ هيٺيون شيون هونديون آهن: مٿي تي هڪ ريشمي يا سوٽي چادر پائبي آهي. انهيءَ چادر جا به ڪئين قسم آهن: مثلاً چُني ۽ پوتي. انهن ۾ فقط ڊيگهه ۾ تفاوت هوندو آهي ۽ رنگ ڀل ته ڪهڙو به هجين. چُني ۽ پوتيءَ جي شڪل ۾ به تفاوت ڪو نه هوندو آهي. بدن تي جيڪو چولو ]18[پائينديون آهن، تنهن جي ڳچي اڳيان کليل هوندي آهي۽ ٻانهون ٺونٺ تائين هونديون آهن. چولو پٽ، سٽ، ململ يا اهڙي ڪنهن ٻئي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي. اڇا، ڳاڙها ۽ نيرا رنگ زيادهه پسند ڪيا ويندا آهن. ڳچيءَ جي اندران هڪڙي ڪپڙي جي ٽڪر سان ڇاتي بند ٿيل هوندي آهي. ان کي ڪنجري، چولي يا گج ]19[ سڏيندا آهن. بعضي ان کي آنگيءَ وانگر پاسن کان ڦيرائي، پٺيان ٻڌندا آهن. ان حالت ۾ ان کي ”پُٺي“ چئبو آهي. سنڌ جون زالون اها معقول چيز به گهٽ پائينديون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو جوان زالن جون ڇاتيون پهرئين يا ٻئي ويم ]20[ کان پوءِ لڙڪي پونديون آهن. زالن جي سٿڻ جو نمونو ۽ ڪپڙو، مردن جي سٿڻ جهڙو هوندو آهي. زالن جي سٿڻ جا پانچا اهڙا سوڙها هوندا آهن، جو ان جو پائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. شاهوڪار عورتون قيمتي ريشم جو اڳٺ يا ناڙو پائينديون آهن، جنهن ۾ موتي ۽ جواهر جڙيل هوندا آهن. جُتي چمڙي جي هوندي آهي، جنهن جي مٿان رنگين پٽ جا ڏؤنر يا گل لڳل هوندا آهن. اها جُتي پائڻ ۾ ڏاڍي اَهنجي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي هيٺان فقط تري جو ٽڪر هوندو آهي ۽ پٻ اهڙو سوڙهو هوندو اٿس جو آڱريون به پوريون نه ڍڪبيون آهن تنهنڪري اها هلڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندي آهي. جڏهن ڪنهن چڱي خاندان جون زالون ٻاهر نڪرنديون آهن، تڏهن هو سٿڻ جي مٿان هڪ ويڪرو پڙو پيشگير پائينديون آهن، جو چيلهه کان مرن تائين سموري بدن کي ڍڪي ڇڏيندو آهي. هو بدن جي مٿئين حصي تي رئو يا سالور، يعني وڏي شال وجهنديون آهن. سيدن جون زالون، خاص ڪري اتر ۾ عربي يا ايراني نموني جو برقعو پائينديون آهن. برقعي پائڻ جي اصل مراد اها آهي ته زالون حياءَ واريون نظر اچن.

هندو واڻين جو پڙو مسلمان زالن جي پڙي کان ويڪرو ۽ وڏو هوندو آهي. هو گهڻو ڪري بنان گج جي چولو پائينديون آهن ۽ مٿي تي اڇو رئو وجهنديون آهن. هنن جي زيورن ۽ مڻين ۾ باريڪ تفاوت هوندو آهي، پر ان جي لکا سواءِ آزمودگار ماڻهن جي ٻئي کي ڪا نه پئجي سگهندي آهي.

سنڌ جي زالن کي گهڻن زيورن پائڻ جو شوق هوندو آهي، پر هو هندستان جي زالن وانگر هروڀرو فضول سينگار ڪو نه ڪنديون آهن. هندستان جون زالون جي ٻيو ڪجهه نه هوندن ته شيشي يا ميڻ جون ٺهيل ڪنگڻيون پائينديون، پر ٻانهون سکڻيون ڪين ڇڏينديون. سنڌ ۾ اهڙين چوڙين جو رواج ڪو نه آهي. سنڌ جون زالون ٻانهن ۾ ٺونٺ تائين عاج جا وڏا چوڙا پائينديون آهن. انهن چوڙن جو رواج هر طبقي جي ماڻهن ۾ آهي. سنڌ ۾ جن مَڻين ۽ زيورن جو رواج آهي، تن جو تفصيلوار بيان ڏيڻ اجايو ٿيندو. ساڳيون شيون ]21[ جن جو هندستان ۾ رواج آهي، سي هن ملڪ ۾ ڪم آنديون وڃن ٿيون، فقط ڪٿي ڪٿي ڪو نالو بدليل اٿن.

سنڌ ۾ ٻن قسمن جا راڳيندڙ آهن: 1. ڪلونت يا معتبر گويا، 2. لنگها يا ميراسي، جي هن ملڪ جا ڀَٽ يا چارڻ آهن. سنڌ جا ماڻهو، جي لفظن جي خيالي اشتقاقن ڪڍڻ جا عادي آهن، سي چون ٿا ته ”ميراسي ]22[“ لفظ نڪتل آهي ”مير“ ۽ ”عاصي“ مان * هنن جو وڏو ڪو امير ماڻهو هو، پر هڪ شڪاريءَ سان گڏ ماني کاڌي هئائين، جنهنڪري مٿس عاصيءَ جو ناقابل رشڪ لقب پيو. اهڙيءَ طرح، هو ميراسين جو ابو بڻيو. انهيءَ قوم جي دعوا آهي ته هو عالي نسل جا آهن. ڪي پاڻ کي سمن سان ڳنڍين ٿا، جي ڪنهن وقت سنڌ ۾ حڪومت ڪندا هئا، ڪي ته وڃي مشهور شاعر ڪعب الاهبر تائين پهچن ٿا. لنگها جتڪي يا سنڌي نسل جا آهن. هو گهٽ ذات سمجهيا ويندا آهن ۽ تحقيق هو هن ملڪ جو هڪ تمام مظلوم ۽ هيٺانهون طبقو آهن. هر ڪنهن مکيه قوم، جهڙوڪ لغاري وغيره کي پنهنجا چارڻ هوندا آهن، جي شادين، طهرن ۽ اهڙن ٻين موقعن تي حاضري ۾ رهندا آهن ۽ هنن کي وٽانئن چڱا چوکا انعام اڪرام به ملندا آهن، هو اڳين زماني ۾ ترار ۽ ڍال ڪشي، سرندو هٿ ۾ کڻي، قوم جي سردار سان جنگ جي ميدان ۾ ويندا آهن. هنن جو ڪم هوندو هو بهادرن جي حوصله افزائي ڪرڻ ۽ ڪانئرن تي لعنت ۽ ڦٽڪارو وجهڻ. ماڻهو انهن جي زبان کان ڪؤ کائيندا هئا ۽ اڃا کائيندا آهن. ٽالپر خاندان جي هڪڙي فرد، جنهن مياڻيءَ جي جنگ ۾ بهادري ڪا نه ڏيکاري هئي، تنهن جو هنن هجو سان اهڙو ته نڪ ۾ دم ڪيو آهي، جو هو کين چڱي رشوت ڏيندو آهي، ته جيئن سندس منهن تي نه چڙهن. اڳي وڏا چارڻ ميرن جي مختلف نوڪرين ۾ هوندا هئا، پر هاڻي هو پنڻ يا بزارين ۾ ۽ شاديءَ مراديءَ تي ڳائي گذران ڪندا آهن. هو جيترا غريب آهن، اوترائي سست ۽ ڪاهل آهن، ۽ عيش پرستيءَ جي ڪري ماڻهن کي خيرات لاءِ ڏاڍو تنگ ڪندا آهن، گاني جي علم ۾ هو هندن کان گهٽ آهن، پر هنن جا عام سُر، ايراني سرن سان ملي اچن ٿا ۽ هندستاني راڳ وانگر ٿڪائيندڙ نه آهن. هنن وٽ راڳ کي قلمبند ڪرڻ جو طريقو ڪو نه آهي، جنهنڪري هو سڀ ڪجهه برزبان ياد ڪندا آهن. هنن جو آواز هلڪن سرن لاءِ چڱو آهي پر هنن وٽ ڪوڙو سُر ڪو نه ٿيندو آهي ۽ جيئن آواز بلند هوندو اٿن، تيئن زياده پسند ڪيو ويندو آهي. هنن جا مٿانها سُر شوخ ۽ اڻٺهڪندڙ هوندا آهن. انهن مان ڪي ته جهنگلي جانورن جي اوناڙن جهڙا لڳندا آهن. ساز جي سنڀال اصل ڪا نه ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري جي اهو اتفاق سان چڱيءَ حالت ۾ به هوندو آهي ته به پورو ڪم نه ڏيندو آهي. ساز تي گهڻو ڪري جتڪي ۽ سنڌي ٻولين ۾ بيت، وايون، ڏوهيڙا ۽ اهڙي قسم جو ٻيو شعر چوندا آهن. لنگهن کي گهڻو ڪري صوفيانه متي جي ابتدائي اصولن جو علم هوندو آهي، تنهنڪري هو عشقي ۽ شراب نوشيءَ وارن شعرن جي اندروني معنيٰ ڪندا آهن. انهن لنگهن ۽ ڪلونتن کي اڪبري درٻار ]24[ جي مشهور گويي، تانسين، لاءِ نهايت تعظيم هوندي آهي.

سنڌي مسلمانن ۾، هندن وانگر ذات، پات جو ايترو  ڀيد ڪو نه آهي. پر ٻين ملڪن وانگر هت به ڪوري ۽ چماڙ ذليل ۽ گهٽ ذات وارا سمجهيا ويندا آهن. سنڌ ۾ ٻه اڇوت قومون آهن: ٻاليشاهي ۽ شڪاري. اهي قومون اصل مسلمان هونديون، پر پنهنجي ڪرت ڪسب ڪري پوئتي رهجي ويون آهن ۽ هاڻي پنهنجن هم مذهبي ڀائرن جي برادريءَ کان ٻاهر آهن.

ٻاليشاهين کي سندن ڪسب مطابق ڀنگي يا چهڙو سڏيندا آهن: هو خوش اخلاقيءَ سبب ”حلال خور“ جي هندستاني نالي سان ڪوٺبا آهن. هو انهيءَ شاهي لقب تي فخر ڪندا آهن. ٻاليشاهي بلوچن جهڙي پوشاڪ پائيندا ۽ پنهنجي قوم اندر شادي ڪندا آهن. هو شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻاهران رهن ٿا. هنن جو گذران شڪار ۽ سندن خاص پيشي تي هوندو آهي، جنهن لاءِ گهر گهر تان مهيني ۾ آنو ملندو اٿن. انهن ڀنگين کي هاڻي اصل مسلمان]27[ ڪري نٿو ليکي سگهجي. هو طهر ڪرائيندا آهن، ڪلمو پڙهندا آهن، نماز پرهندا آهن، پيرن جي تعظيم ڪندا ۽ ملن کي شادين توڙي غمين تي سڏيندا آهن. هنن وٽ ڪو مقدس ڪتاب ڪو نه آهي. ساڳئي وقت هنن کي مسجد ۾ اچڻ جي منع آهي. چون ٿا ته هو حرام کائيندا آهن، جنهنڪري ڪو به مسلمان ساڻن گڏ کائيندو پيئندو نه آهي. هندو هنن کي اهڙو  اپوتر سمجهندا آهن، جو سندن هٿ لڳندو اٿن ته وڃي سنان ڪندا آهن.

شڪاري يا ڏڦير، ٻاليشاهين کان به وڌيڪ پوئتي پيل قوم آهن. هنن تي ”ڏڦير“ جو نالو شايد ان ڪري پيو آهي جو هو وڏي منهن وارو ڇهه ست فوٽ ڊگهو ڏڦو يا ڀالو کڻندا آهن. شڪاري نه مسلمان آهن نه هندو. عمرڪوٽ ۽ ٿر جي طرف گهڻا شڪاري رهن ٿا، جتي هو مزوري، پوک ۽ شڪار تي گذر ڪندا آهن. ان پاسي جا شڪاري شڪل جا ڪوجها ۽ وحشي آهن، هو چيلهه تي فقط چوتو ٻڌندا آهن. سياري ۾ هڪ ڦاٽل گودڙي کين سرديءَ کان بچائيندي آهي. شڪاري اڪثر پنهنجو رواجي هٿيار يعني ڏڦو کڻي ملڪ جي ويران حصن ۾ ويندو آهي، جتي گهڻي ۾ گهڻا سوئر، گدڙ، لومڙ ۽ گلوئيون ۽ ڳوهون هونديون آهن. هو رات جو ننڊ ڪندو آهي ۽ ڏينهن جو پاڻ کي ٿڌيءَ ماڪ ۽ سج جي تيز اُس کان بچائڻ لاءِ ڪنهن ڪنڊ جي مٿان چادر وڇائي ان جي هيٺان ويهندو آهي. هن جي خوراڪ آهي شڪار ۽ مردار گوشت، پوءِ جيڪو به هٿ اچيس. هو پيئڻ لاءِ ٿورو پاڻي، چم جي ٿيلهي ۾ ساڻ کڻندو آهي. هن جو پيشو چوري ۽ خونريزي نه آهي، پر جيڪڏهن اهڙن ڏوهن لاءِ موقعو ملي ويندو اٿس ته هو موشو نه ڪندو آهي. شڪاري هڪ بلڪل جهنگلي ماڻهو آهي. هو پنهنجي رولو ۽ افسوسناڪ زندگي ورلي بدلائيندو آهي. هو ڪا به دماغي ڪسرت ڪا نه ڄاڻي. تعليم جي ابتدائي اصولن  کان به هو غير واقف آهي. هنن وٽ ڪتاب جهڙي شئي ٿئي ڪا نه، البت، مذهب جي ڪجهه خبر اٿس. ان ۾ به، ڪلمي کان سواءِ هن کي ٻي عبادت ڪا نه ايندي آهي. هنن کي سندن مُلان يا سندن مذهبي پيشوا، جي ڀوپا يا گرڙا سڏبا آهن، شاديون ڪرائيندا آهن ۽ ڪفن دفن ڏيندا آهن. سنڌ جي اتر ۾ ڏڦير گهڻو ڪري طهر ڪرائيندا آهن، پر انهيءَ قوم جا اڻسڌريل ماڻهو جي ٿر ۾ رهندا آهن، سي انهيءَ رسم جي پيروي ڪو نه ڪندا آهن. هي ٻيئي قومون پاڻ کي ٻاليشاهين کان وڌيڪ سمجهنديون آهن. ٻاليشاهي وري پنهنجي فضيلت جي دعويٰ ڪندا آهن.

شڪاري قوم جون زالون سانوري رنگ جون هونديون آهن. انهي مان ڪن (جهڙوڪ ٻاليشاهين) جا سهڻا روش ۽ ڊولائتو بند آهي. جيتوڻيڪ گجرات ۽ اولهه هندستان جي ٻين ڀاڱن جي ”حلال خورن“ سان هنن جو مقابلو ڪري نٿو سگهجي، پر هنن ۾ ايترو حسن آهي، جو چڱن خاندانن جا ماڻهو وٽانئن شاديءَ لاءِ ٻانهون وٺندا آهن، ۽ خود شاهي خاندان جا ڪي عياش ماڻهو به هنن سان رستي رکڻ کان عار ڪو نه ڪندا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو هنن ۾ گوري رنگ جي چمڙي به بعضي بعضي نظر ايندي آهي.


* ميراسي، مير + رس = رس معنيٰ ڳائڻ ۽ مير آهي ڳائڻ جو سرواڻ، يعني ميراسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org