سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:18  

ضميمو - 1

مختلف جانورن جي آوازن  جي هيءَ مختصر فهرست ڏيکاري ٿي ته سنڌي، لفظن جي ذخيري ۾، ڪيڏي نه شاهوڪار زبان آهي:

ٻانگ: ڪڪڙ جو آواز.

ٻيڪ : ٻڪريءَ جي دانهن.

ٻيڪار : ساڳئي لفظ جي زوردار صورت.

ٻيٻڙاٽ : دُنبي يا رڍ جو آواز، ڊپ يا تڪليف ۾.

ڀُون، ڀونڀٽ : مکين جو آواز.

ڀؤنڪ : ڪتي جو آواز.

ٻوڪڻ : ٻڪر جو آواز.

1. لفظن جي اشتقاقن جا ڄاڻو ڏسندا ته هنن مان ڪي لفظ ٻين ٻولين مان ورتل آهن ۽ ڪي جانورن جي آواز جو نقل ڪن ٿا ۽ اتفاق سبب ٻين ٻولين جي لفظن جهڙا آهن.

ٻوڪاڙ : ڪتي جي زوردار دانهن.

چرچاٽ، چيچاٽ : مکين ۽ ٻارن جو گوڙ.

ڍڪ : مينهن جي رنڀ.

گَرڻ : گهٽي جو آواز.

گجگوڙ : شينهن يا واگهه جي رڙ.

هاهڙ، هانهر، هڻڪار : گهوڙي جو آواز.

هينگ : گڏهه جو آواز.

ڪُڪڙ ڪُو، ڪرڪڻ : ڪُڪڙ جو آواز.

ڪٽي : اُٺ جي ڏندن جي ڪرٽ.

ڪان ڪان : ڪانون جو آواز.

ڪنؤن ڪيؤن : ڪتن جو آواز.

چينگهار : هاٿيءَ جو آواز.

ڪِڻڪ : مينهن جو آواز.

ڪوڪ، ڪوڪاٽ : ڪتي جي ڀؤنڪ.

ميائو : ٻليءَ جو آواز.

ميڪ : رڍ جو آواز.

اونائي : گدڙ جي ڪوڪ.

رنڀ : ڍڳي جو آواز.

رڙ، رڙهاٽ : اُٺ جو يا ٻيو ڪو بڇڙو آواز.

سيٽ،سينڍ :سيٽيءَجو آواز جنهن کي عرب صفر چوندا آهن

يخيخ : ڪتي جي ڪوڪ يا اونائي.

ضميمو - ٢

سنڌ جي ميدانن ۾ جي مکيه بلوچ قومون رهن ٿيون، تن جي فهرست.

ٻٻر، بڊاڻي، بدراڻي، باگراڻي، بهاراڻي، بهراڻي، بنگلاڻي، برفت، ڀرڳڙي، ٻڍاڻي، بگٽي، بلدي، چاچڙ، چانڊيا، چانگ، چانگاڻي، چانگيا، ڇالگيري، چولاڻي، ڊيڊو، ڊومڪي، ڊونڪاڻي، هيسباڻي، هولائي، گبول، گاڏهائي، گشڪوري، گورچاڻي، گورفاند، گوپانگ، گنگاڻي، جاداڻي، جکر، جکراڻي، جلالاڻي، جلباڻي، جمالي، جروار، جت، جتوئي، جسڪاڻي، جويا، ڪاڪاڻي، ڪلوئي، ڪلفر، ڪپري، قرمطي، کوسا، لغاري، لڄواڻي، لڪوڪر، لاشاري، لنڊ، لرڪا، منگسي، ملڪ، ماڻڪاڻي، مري، ميرجت، موندراڻي، مزاري، نِداماڻي، نظاماڻي، نوداڻي، نوهاڻي، نوتاڻي، نوتڪاڻي، عمراڻي، اُنڙ، بوگهه، راڄڙ، رخشاڻي، رند، سجادي، سلمائي، سرخاڻي، شهواڻي، ٽالپر، ٺوڙها.

ضميمو - ٣

سنڌي، پنهنجن پاڙيسرين بلوچن ۽ فاتح عربن وانگر ڪيترين قومن بلڪ پاڙن ۾ ورهايل آهن. رسم، قومن جي وچ ۾ شاديءَ جي اجازت ڏيئي ٿي، پر هڪ اُچي قوم جي زال کي گهٽ قوم جي مرد سان شادي ڪرڻ جي منع آهي. ڪن پراڻين قومن ۾ يورپ جي قومن وانگر اڃا ڪافي فرقيوارانه  تعصب آهي. مثلاً ابڙن جهڙي سنڌي خاندان ۾ اڃا پراڻيون روايتون محفوظ آهن، جي سندن ڀَٽ ڳائيندا آهن. هنن جي دعوا آهي ته اسان جهڙي بهادري ۽ حسن ڪنهن قوم ۾ نه آهي. هو ٻين سڀني قومن کي ڌڪاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو سندن قوم مان نه آهن.

سنڌ جي اصلي مکيه قومن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:

ابڙو، ڏاوچ، اچڙو، اگار، اگيم، احمداڻي، اڪڙو، امرو، اڌيجو، انڙ، اوٺو، آريسر، بخيار، باڪرو، بنڀو، بنديجو، بارڻ، بائو، بيهڻ، بيرند، بادل، باديپوٽو، بغدو، بهار، بهڻ، باقر، بڪرو، بودلو، بڙدي، بزدار، ڀلائي، ڀنڀڙو، ڀانئي، ڀنڊ، ڀيٽڙو، ڀٽي، ڀنتو، ڀريو، ڀوڄو، ڀوپتاڻي، ڀوپٽ، ڀگيو، ٻرٻلي، ٻورارو، ٻورو، ٻٽرو، چغدو، چهاڻ، چارڻ، چنو، چانيو، چاندويڻو، چورتيو، چوهاڻ، ڇيديو، ڇوربٿو، ڇٿو، دادپوٽو، داڍر، داڪڪ، دکو، دادر، دل، دنيوي، دودو، درز، درس، دايو، دئاڪر، ڏاچر، ڏاهري، ڏاوچ، ڏارو، ڏيپر، ڏيٿو، ڏيرو، ڍڳر، ڍاڳر، ڍارو، ڌوڪي، ڌني جو ڊڀر، ڊگر، ڊومڪي، ڊبلو، ڊڍ، ڳهلرو، ڳهيلو، گگڻ، گڊو، گانئچو، گجڻ، گنڀير، گندساگر، گارائي، گرمو، گيل، گدڙ، گدوڙ، گگو، گنگو، گهانگرو، هاڪت، هاليپوٽو، هالو، هاليو، هماتي، هميرڪو، هلايو، هنگورجو، هليو، جگسي، جڳيو، جهيجو، جگڙو، ڄاموٽ، جبيسر، جهٻرو، جهنگ سيال، جوڪيو، جوڻو، جوڻيجو، ڪاڇيلو، ڪيسڻ پوٽو، ڪاهو، ڪاڪو، ڪلهوڙو، ڪمنديو، ڪاڻ، ڪانند، ڪانڌڙو، ڪانڙو، ڪانٿ، ڪس، ڪٿياڻ، ڪتيتار، ڪرڪلي، ڪيبر، ڪيريو، ڪشمشي، ڪيڻ، ڪوڏر، ڪوڪر، ڪوريو، ڪوڪارڻو، ڪونگر، ڪُٻر، کارو، کارو، کوکر، خچر، خاڪي پوٽو، خليفو، خشڪ، لڳيتو، لڏي، لٻاڻ، لاڏو، لاکيو، لاکو، لانگ، لاندري، لانگاهه، لاندر، لوگو، لوڪر، لوڌيو، لونگ، مڇر، ماڇي، مهارو، مهمت، محمود، ملار، ماليو، مالوپوٽو، ماهيون، مهيسر، مناهي، مندر، منڌرو، مينگهيپوٽو، مڱڻيجو، مڱريو، منگناڻو، مشائخ پوٽو، مزديو، ميمڻ، ميهر، ميري، منڌرو، ميراخور، موچو، مور، مهاڻو، ملتاني، موسو، ناگئون، نائچ، ناريجو، ناهيو، نور، نوتاڻي، نوتيار، نمرو  اوٺر، پَهنور، پهور، پلاه، پلي، پرهه پرهار، پارڻ پريتيو، پراڙ، پارو، پتافي، پسايو، پسيو، راهو، راڄير، رڄيرو، راجسي، رامدهه، رمضان پوٽو، رنگي، راڻو، راٺور، رُونجهو، سديهر، سڌوچيو، سگهيو، ساهڙ، ساهو، ساهم، سکيراڻي، سالار، سمو، سميجو، سامٽيو، ساند، سانگي، ستپريو، سٿيو، سومرو، سيال، سپيو، سوڍر، سيهڙو، سيهتو، سوڍو، سوهو، سوپار، سورنگي، سدر، شيطاني، شودو، شولاڻي، شورو، صوفي، صديق پوٽو، تاجوجو، تاجو، تارو، تيهٻو، تيڻو، تيوڻهه، تنيو، ٿهيم، واهرو، ونگيار، وريپوٽو، ورسو، وائڙو، وڌريجو، وگهيامل، وڪزو، وڪيو.

ضميمو - ٤

هڪڙي سياح لاءِ جو آفريڪا جي زبانن کان غير واقف آهي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو ڪو ذريعو ڪو نه اٿس، غلطين ڪرڻ کان سواءِ غلامن جي ٻوليءَ مان صحيح انتخاب ڏيڻ مشڪل آهي. هت جيڪي لفظ ڏنل آهن، سي هڪ ڏهين صديءَ جي رسم الخط تان ورتل آهن ۽ پوءِ پڪ ڪرڻ لاءِ ته غلطي ته ڪا نه ٿي آهي، ٻين شيدين کي ڏيکاريا ويا آهن. ٻولين جي ماهرن کي شايد انهن لفظن مان خبر پئجي سگهي ته اها ٻولي ڪهڙي قسم جي آهي ۽ ان جي بناوٽ ڇا آهي؟ انهيءَ ارادي سان هي لفظ انهن اڳيان پيش ڪجن ٿا:

اڪاينپا = ڏيڻ. اڪابيجا = وڪڻڻ. اڪاجي = اچ. اڪانيڊا =هليو وڃ. اڪافينگا = وٺ. اڪجوڪولا = کڻي وڃ. اڪوناه = ڪجهه ڪو نه آهي. بابايا = پي. باريڊي = ٿڌي موسم (عربي). بندوق = تفنگ (فارسي). بيگا = ڪلهو. بينديرا = هڪ قسم جي ٽوپي. بوري = حقو(عربي).  بزي = ٻڪري (فارسي). چدور = آڱر. ڇني = زمين. چنهاندا = پلنگ. چوما = پتل، ٽامون. چونبو = جهاز. داو = رت (عربي). ديوو = ڏاڙهي. دبيتا = پيٽي (هندستاني). دميري = کير. ڊزي = ڪيلو. ڊرو گائنگو = ڀاءُ، ڊپوڪو = ڪوئو. فاڪا = ٻلي. فلاسي = گهوڙو (عربي) فنو = گدڙ. فيورا = نڪ. گائو = ڍال. گيما = چڱو. گيرا يا گامره = اُٺ (عربي؟). گوينگا = ڏنگو. گئا = ڪمند. گڪو = ڪڪڙ. گروئي = سوئر، هي = هئي.جوا = سج، ڏينهن. ڪليتا = اچ. کانجو = قميص. کريال = ٽين. کندورو=رڍ. ڪسو = ڪَپُ. ڪسوم گرا = سهئو. ڪوفيه = ٽوپي(عربي). ڪومونگو = لوهه. ڪونا = مارڻ. لڪاسي = بگهڙ. لياني = سچو.(سڪو). لمبئانگو = ڀيڻ. ماڇو = اک. ماجي = پاڻي. ماڪومو= هٿ. ماميا = ماءٌ. مانامگي = عورت. مارومي = ماڻهو. مارمئي = منهنجو. مرياڪو = تنهنجو. مريوري = هڻ جو. مسڪيرو = ڪن. مزيوا = ڇاتي. = ماوي = ٽَڪري، پٿر. ماونگو = ڪڪر. ميسو = اک. مينو = ڏند. مگونگو = پٺي. مئي = مان. مسري = نير. موئزي = چنڊ، مهينو. موٽو = باهه. مرومو = وات. مسٽيمي = جهنگ. مٽوتو =بار. مٽونگي = ٺڪر جو ٿاءُ. مگرو = پير. مڪاتي = ماني. مڪوڪي = ڀالو.  متاما = ان. متوما = غلام. نگومبي = گانءِ. نڪوفا = لاش. نياني = مينهن. نياما = گوشت. نيام ڪيرا = رڇ. نئمبي = انب. نيوئيري = وار (هندستاني؟). نيومبا = گهر. اوگاري = چانور، کاڌو. اوڪاري = ويهه. پهاڻي = سمنڊ (هندستاني). پهيپهو = ٿڌو.  پنڊي = ڪسان. ريو = آڌي. روبانگا ترار. سموري = گيهه. سروالي = سلوار (عربي).  سيمي = پيالو (عربي).  سماگي = بار. سڪو = رات. سمباه = شينهن (هندستاني). سنگو = ڳچي، نرگهٽ.  سولبا = مڇي. ٿيمبري = هاٿي. ٿينڊي = کجورا. ٿانڊوئا = تارا. اجي = اچ. انبوئا = ڪتو. اميئي = هڻڻ. اندوڪي = اٿڻ. اسمامي = بيهڻ. اسنگيزي = هڻڻ. اتنبو = پيٽ. ودوري = آڱر، وياڪاري = ڌي. وکن = گرم موسوم. وورا = برسات. وابي = ڪٿي؟ ويئي = تون. يوري = هو. زهبو = سون (عربي). زبوا = ڪبوتر.

انگ هن طرح آهن: 1. مويا، 2. پيرهي، 3. تاهتو، 4. ممي، 5. ٿانو، 6. ٿنداتون، 7. مفونگت، 8. مناني، 9. مپياه، 10. ڪمي، 100. ڪرش، 000. ڪمي ڪرش.

تمام ٿورا شيدي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڇهن يا ستن کان وڌيڪ انگ ڳڻي سگهندا آهن. هو اها ڪمي سنڌي انگن سان پوري ڪندا آهن.

ضميمو - 5

          اختصار، سنڌ صوبي جي آدمشماريءَ جو، 1 جنوري

حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽرن جي

 

ضلعو

شهرن ۽ ڳوٺن جو تعداد

 

مسلمان

 

 

هندو

مرد

زالون

جملي

مرد

زالون

ڪراچي

١١٤٤

٨١٠٩٩

٨٥٣٦١

١٣٩٤٦٠

23765

17812

حيدرآباد

٤٩٧٧

٢٢٧٧٥١

١٨٢٤٤٣

٤١٠١٩٤

61593

47143

شڪارپور

١٤١٠

١٤٢٦٠٤

١١٤٤٢٤

٢٥٧١٠٨

42158

38373

 

٧٥٣١

٤٥١٤٥٤

٣٥٥٢٢٨

٨٠٦٧٦٢

127516

103328

1851ع ملڪ جي ٽن مکيه ضلعن، يعني ڪراچي، تيار ڪيل نقشي تان ورتل. 

 

ٻيا

جملي

جملي

مرد

زالون

جملي

مرد

زالون

جملي

٤١٣٧٧

٢٥٥٨

١٩٥٥

٤٥١٣

١٠٧٤٢٢

٧٨١٢٨

١٨٥٥٥٠

١٠٨٧٣٦

١٨٢٥٤

١٤٦٢٧

٣٢٨٨١

٣٠٧٥٩٨

٢٤٤٢١٣

٥٥١٨١١

٨٠٥٣١

٧٠٥٧

٥٧٨٦

١٢٨٤٢

١٩١٨١٨

١٥٨٥٨٣

٣٥٠٤٠١

٢٣٠٦٤٤

٢٧٨٦١

٢٣٣٦٨

٥٠٢٣٦

٦٠٦٨٣٨

٤٨٠٩٢٤

١٠٨٧٧٦٢

ڪراچي، مئي ١٨٥١ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org