سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزييٽيئر (گڏيل جلد1 ۽ 2)

باب:

صفحو:1

سنڌ گزيٽيئر

سنڌيڪار: سليم احمد

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءَ ”سنڌ گزيٽيئر“ دنيا جي قديم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي عظيم اهڃاڻ وادئ مهراڻ جي جاگرافيائي تاريخ تي مشتمل هڪ اهم تاريخي ۽ معلوماتي دستاويز آهي. جنهن ۾ سنڌي سماج ۾ صدين کان مروج ريتن، رسمن، روايتن ۽ ثقافتي قدرن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري نه رڳو سنڌ کي پنهنجي عظيم ورثي کان روشناس ڪرايو ويو آهي، پر دنيا آڏو به سنڌي سماج جي ثقافتي خوبصورتين کي نروار ڪيو ويو آهي.

هيءَ ”سنڌ گزيٽيئر“ برصغير جي نامياري محقق ايڇ. ٽي. سورلي ٽي سال (1957ع کان 1959ع) برابر وڏي محنت سان سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ هٿ ڪري، انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي مڪمل ڪئي؛ جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيبي، تمدني، ثقافتي، ادبي، جاگرافي، ارضياتي، حيواناتي، نباتاتي ۽ آدم شماري جي تاريخ کي مستند حوالن جي روشني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سچ ته يورپ جي هِن نامور محقق جي سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هيءَ هڪ وڏي ۽ مانائتي ڪاوش آهي، جنهن کي اوڀر پاڪستان جي گورنمينٽ سال 1968ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن. هِن اهم تاريخي ۽ معلوماتي ڪتاب جي اهميت، ضرورت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، بورڊ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. گزيٽيئر جي ترجمي جو ڪم جناب سليم احمد صاحب کي سونپيو ويو، جنهن صاحب فقط شروعاتي ڏهن بابن جو ترجمو ڪري بورڊ کي ڏنو. جڏهن ته باقي رهيل بابن جي ترجمي جو ڪم وري محترم محمد احمد منصور عباسي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. جنهن مختصر عرصي اندر ترجمي جو ڪم مڪمل ڪري، بورڊ جي حوالي ڪيو.

سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هيءَ ”سنڌ گزيٽيئر“ آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانائتي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جو تهدل شڪر گذار آهيان، جن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جي ڪاوش تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

17- رمضان المبارڪ 1437هه

23- جون 2016ع

الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

باب پهريون

 

سنڌ نالو

 

ريورٽي پنهنجي تصنيف ”سنڌ جو مهراڻ“ ۾ چوي ٿو: ”اوڀر جا جاگرافيدان ۽ تاريخ نويس“ ”انڊس“ نالي کان اڻڄاڻ رهيا آهن. سنڌو نالي جي اها يورپي صورت يونانين ڏني. انڊس نالي مان سندن مراد شايد اها ندي هئي، جنهن ’هند‘ کي ’ايراني زمين‘ کان ڌار ٿي ڪيو ۽ هنن جو مقصد اهو نه هو، ته ڪو انهيءَ نالي کي درياء جو اصل نالو ڪري ڄاتو وڃي“ پلائني چوي ٿو ته تر جا ماڻهو ان کي ”سنٿوس“ سڏيندا آهن. اڄوڪا سنڌي جڏهن ان کي درياء يعني سمنڊ نه سڏيندا آهن، تڏهن سنڌوندي چوندا هئا. ٻوليءَ جي علم جا ڄاڻو لفظ ’سنڌو‘ جي بڻ بنياد کان اڻڄاڻ آهن. ”سنڌو“، هند- يورپي لفظ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ شڪ آهي ته لکيل تاريخ جي شروعاتي ڏينهن کان اهو لفظ نديءَ جي نالي طور ڪم اچي رهيو آهي. سنڌ، هند ۽ اِنڊ لفظن جو بڻ بڻياد ساڳيو ئي آهي.

هند يورپي ٻولين ۾ ’هند‘ ۽ ’سنڌ‘ اڪثر هڪٻئي جي بدران ڪم اچن ٿا، ۽ شروعاتي اکر ’هه‘ اڪثر ترڪ ڪيو ويندو آهي، انهيءَ نالي جي ’هه‘ سان شروع ٿيندڙ صورت هند، يورپي ٻولين جي ايراني شاخ ۾ نظر اچي ٿي، ۽ گجرات ۾ اڄ به ڪيترائي ڳالهائيندڙ ڪن ترڪيبن ۾ شروعاتي اکر ’س‘ نه اُچاري سگهندا آهن ۽ ان کي ’هه‘ جي آواز ۾ مٽائي ڇڏيندا آهن، ان ڪري ڏيهه جو نالو ’سنڌ‘، درياء جو نالو ’سنڌو‘ ۽ هند پار ننڍي کنڊ جو اڳوڻو نالو ”هندستان“، اهي سڀ لساني لحاظ کان هڪڙو ئي لفظ آهن، ۽ ڪو به نٿو ڄاڻي ته درياء تي اهو نالو ڏيهه تان پيو آهي يا ڏيهه تي اهو نالو درياء تان پيو آهي(1).

جاگرافيائي بيهڪ:

اڳوڻي پرڳڻي سنڌ ۽ خيرپور رياست جي ايراضي 23 ڊگريون اُتر ويڪرائي ڦاڪن جي وچ ۾ (سرطان گهيري کان ٿورڙو اُتر طرف) ۽ 67 ڊگريون ۽ 71 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ واقع آهي. اهو علائقو پاڪستان جي اولهندي ڀاڱي جو ڏاکڻو حصو آهي ۽ ان جي ايراضي انهيءَ طبعي جاگرافيءَ واريءَ ورڇ سان ذري گهٽ ٺهڪي اچي ٿي جيڪا ”سنڌوءَ جي هيٺئين ترائي“ سڏجي ٿي.

انهيءَ علائقي جي ڊيگهه اُتر کان ڏکڻ تائين 360 ميل آهي ۽ ويڪر، جا اُتر ۽ ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڌ آهي. سا وچ کان 170 ميل ٿيندي.

سنڌ ملڪ 50،397 چورس ميل ايراضيءَ(1) تي پکڙيل آهي ۽ آدم شماريءَ 46،08،514 ماڻهو اٿس، يعني سراسري طرح هڪ ميل تي 91 ماڻهو رهندڙ آهن. سنڌ نه ته بلوچستان جيتري وسيع آهي، جيڪو پاڪستان جي ڪُل پکيڙ جو 37 سيڪڙو آهي پر آدم شماري 15% سيڪڙو اٿس، ۽ نه اوڀر پاڪستان جيان ڳتيل آهي، جتي پاڪستان جي ڪُل پکيڙ جو 15% آهي پر آدم شماري  55 سيڪڙو اٿس. سنڌ اڳوڻي خيرپور رياست سميت، پاڪستان جي ڪُل پکيڙ جو 15.5% سيڪڙو والاري ٿي ۽ ڪُل آدم شماري 6.5 سيڪڙو اٿس. اڳوڻي خيرپور رياست سنڌ جي اوڀرندي ڀاڱي اندر آهي. ڪُل پکيڙ 6،050 چورس ميل ۾ آدم شماري 3،19،543 اٿس.

رڪارڊ ٿيل ايراضي ڏهاڪو ڏهاڪو ورهين ۾ گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي. ان جو مکيه ڪارڻ سنڌو نديءَ جي ڪاروائي ۽ سروي ۾ سڌارو آهي.

ڏکڻ اولهه ۾ عربي سمنڊ سان لڳو لڳ 150 ميل کن سوڙهي پٽيءَ کي ڇڏي باقي سڄو مُلڪ چوڌاري زمين سان وڪوڙيل آهي. ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ هندستان جي ڪڇ رياست اٿس. اوڀرندي حد راجسٿان (هندستان) تائين هلي وڃي ٿي. اُتر اوڀر ۾ اڳوڻي بهاولپور رياست سان ملي ٿي. بلوچستان ۽ پنجاب اُن جي اُتر ۽ اولهه ۾ آهن.

جبل:

سنڌ جي اولهه ۾ جابلو علائقو آهي، جنهن ۾ غير آباد کيرٿر جبلن جو ڪوهستان وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. اوڀر ۾ وارياسو پٽو اٿس، جيڪو بهاولپور رياست کان ڪڇ جي رڻ تائين ڦهليل آهي. انهن ٻنهي وچ ۾ سنڌو ماٿري آهي، جا وڃي ڏکڻ اولهه واري ڪيٽيءَ (ڊيلٽا) ۾ پوري ٿئي ٿي. انهيءَ ماٿريءَ جي اُترئين ڀاڱي کي ”سِرو“ (مٿيون)، ڏاکڻي ڀاڱي کي ”لاڙ“ (هيٺيون) سڏيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي جي وچ وارو ڀاڱو ”وچولو“ (وچون) سڏجي ٿو. انهن ايراضين جي زمين ڀلي لٽاسي آهي ۽ وچولي ڀاڱي کي سکر بئراج کان مدامي پاڻي ملي ٿو. اهو بئراج پرڳڻي جي زرعي واڌاري لاءِ وڏي حيثيت رکي ٿو.

ٿرپارڪر ضلعي (ننگر پارڪر) جي ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ننڍي ٽاڪرو علائقي کي ڇڏي، باقي پرڳڻي جو فقط اولهندو حصو ئي جابلو آهي. انهيءَ علائقي کي ”ڪوهستان“ سڏجي ٿو. تنهن هوندي به، هِن علائقي جا جبل ايترا اوچا نه آهن جو چوماسي جي مُند ۾ مينهن واري ڪڪرن کي روڪي سگهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ برسات عام طرح جوکائتي پوي ٿي.

ائين کڻي چئجي ته سنڌ، سڄي ليکي، هڪ هيٺاهون، تراکڙو ڏيهه آهي، البت ان جي اولهندي حد وارو جابلو علائقو انهيءَ بيان هيٺ نه ايندو. اهي جبل، ڪجهه چُن پَهڻ جا ۽ ڪجهه واري پهڻ جا آهن ۽ بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ قدرتي حد جو ڪم ڏين ٿا. ڪراچي ضلعي جي اولهندي ڀاڱي وارو علائقو، جيڪو ”ڪوهستان“ (پکيڙ: 8500 چورس ميل) سڏجي ٿو، سو پڻ تمام ٽاڪرو آهي، جڏهن ته ٿورا چُن پَهڻ جي ٽڪرين جا رواجي ڇَپَر، پرڳڻي جي ٻين هنڌن تي به آهن. انهن مان هڪڙو (گنجو ٽڪر) حيدرآباد ضلعي ۾ آهي. ان جي سراسري اُوچائي 100 فوٽ آهي. حيدرآباد جو شهر اهڙي ئي ٽڪر تي ٻڌل آهي. هڪ ٻيو ڇپر جئسلمير جي ڀرپاسي کان اتر اولهندو طرف وٺندو سنڌو نديءَ وٽ اچي 150 فوٽن جي اوچائيءَ کي پهچي ٿو، ۽ روهڙيءَ جو شهر توڙي بکر جو قلعو ذري گهٽ سڄي جو سڄو انهيءَ ڇپر جي ڇِپن تي ٺهيل آهي. ٽيون ڇپر آهي ”مڪليءَ جي ٽڪري“، جا ڪيٽيءَ ۾ ٺٽي جي ڀرسان آهي. اهو ڇپر ڏهاڪو ميل ڊگهو آهي ۽ اوچائي 50 کان 150 فوٽن تائين اٿس.

جبلن جو جيڪو سَنڌو، سنڌ کي بلوچستان کان ڌار ڪري ٿو، سو انهن سڀني ۾ اتانهين ۾ اتانهون آهي. اهو ڇَپرُ سنڌ جي حد کي پهرين پهرين 28 ڊگريون اُتر ويڪرائي ڦاڪ وٽ ڇُهي ٿو. هيل تائين انهيءَ ڇپر کي عام طرح، توڙي جو غلطيءَ وچان، ”هالا“ جبل جي نالي سان سڏيو ويو آهي، پر ان جو صحيح نالو سمجهيو وڃي ٿو ته ”خيرپور“ آهي، ۽ ان کي انهيءَ نالي سان سڏجي، ان جو اهو 26 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ وٽ پهچي ٿو. اتي اهو ڇپر پٻ جبل سان وڃي ملي ٿو، جيڪو ڪي 90 ميل ڏکڻ طرف وڃي راس ماٿري وٽ سمنڊ سان ملي ٿو. کيرٿر جبل چڱا اتانهان آهن، ان جون ڪي چوٽيون ته 7000 فوٽن کان به مٿي آهن. ٻئي طرف، پٻ ٽڪر گهڻا گهٽ اتانهان آهن ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته ڪٿي به انهن جي اوچائي 2000 فوٽن کان مٿي نه آهي. انهيءَ ڇپر جي ماٿرين ۽ گهارن منجهان ”حب“ ندي وهي ٿي. پرڳڻي ۾ سنڌوءَ کان پوءِ اهو ئي هڪڙو دائمي وهندڙ درياءُ آهي ۽ ڳپل پنڌ تائين سنڌ جي اولهندي سرحد جو ڪم ڏي ٿو. کيرٿر ڇپر جي هڪ نمايان خاصيت هيءَ آهي ته اهو ٽن قطارن ۾ ورڇيل آهي. پهريون يا اوڀرندي ۾ اوڀرندي قطار جا پاسا اُڀا ۽ اولهه طرف اُڀڪپرا آهن، پر اوڀر ڏانهن ڊگهو لاهه اٿن. ٻئيءَ جي مٿاڙ سنئين ۽ پاسا گولائيءَ تي آهن. منجهس اونها گهارا ۽ ڏار آهن. ٽينءَ ۾ سنئين زمين جا وڏا وڏا پوٺا آهن ۽ اها جزوي طرح پنڊ پهڻ ٿي ويل لوهه گاڏڙ چُن پَهڻ جي ٺهيل آهي. منجهن زمين جهڙي آهي تهڙي ناهي. ان ڪري انهن تي نباتات ڪانه ٿئي يا تمام ٿوري ٿئي. اڃا تائين انهيءَ ڇپر کان صحت صفائي جو ڪم نه ورتو ويو آهي، سواءِ ٻن ننڍين اسٽيشنن، ڌڙ يارو (Dhar Yaro)  ۽ دنَ (Danna) ٽاور جي، جي ٻئي ميهڙ تعلقي ۾ سمنڊ کان ترتيبوار 6000 ۽ 4500 فوٽن جي اوچائيءَ تي آهن. پر انهن تائين پهچڻ ايترو ته ڏکيو ۽ اهنجو آهي جو انهن جو ڪو خاص فائدو نه آهي.

کيرٿر ٽڪرين جي زنجير سان ڳنڍيل ۽ اوڀر طرف سيوهڻ ڏانهن ويندڙ خشڪ ۽ ري پاڻيو ”لڪي“ نالي ڇپر آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ پنجاهه ميل ٿيندو. اهو ڇپر آتشي (ٻرندڙ) مول منڍ جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇالاءِ جو ان ۾ گرم چشما ۽ گندرف جا جهرڻا عام جام ملن ٿا.

اهو ڇپر سيوهڻ وٽ سِنڌو نديءَ جي اولهندي ڪنڌيءَ تي امالڪ پورو ٿي وڃي ٿو. ان جي اتانهين ۾ اتانهين چوٽي 1500 کان 2000 فوٽ مٿي آهي. هاڻي تائين جيڪي به ڇپر بيان ڪيا ويا آهن، سي سڀ واري پهڻ ۽ چن پهڻ جي بناوت وارا آهن ۽ منجهانئن ڪيترا سامونڊي جانورن جي کلن ۽ کوپن سان ڀريل آهن.

لٽاسا تَرَ:

لٽاسن ترن ۾ جا سڀني کان ڀلي ۽ اُپت واري زمين آهي، سا شايد شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي ۾ آهي. اها زمين هڪ سوڙهي ٻيٽ جي شڪل ۾ اُتر کان ڏکڻ طرف 100 ميل کن ٿيندي ۽ پاسن کان سنڌو ندي ۽ اولهندو نارو اٿس. انهيءَ پوئين وهڪري جي ڦهلاءُ سنڌ ملڪ جي اڪيلي وڏي ڍنڍ ٺاهي آهي. اها ڍنڍ دادو ضلعي ۾ آهي ۽ نالو”منڇر“ اٿس. جڏهن تار هوندي آهي ته چيو وڃي ٿو ته ڊيگهه ويهارو ميل ۽ پکيڙ 180 چورس ميل ٿي ويندي اٿس.(1)

هڪ ٻيو لٽاسو تر، جو ستر اسي ميل ويڪرو آهي، سو سنڌوءَ کان اوڀر طرف ڦهليل آهي ۽ اوڀرندو نارو ان جي وچان وهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته سنڌو ايام اڳي انهيءَ تر منجهان ۽ تحقيق انهيءَ مهان ضلعي جي گهڻي ڀاڱي منجهان(جنهن کي ٿرپارڪر سڏجي ٿو)وهندي هئي ۽ تنهن سموري تر کي زرخيز ڪندي هئي، جنهن کي هاڻ اوڀرندو وارياسو سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ حقيقت جي ساک نه فقط ڪيترن ئي آڳاٽن شهرن جا اهڃاڻ ڀرين ٿا، پر ڪيترن ئي دريائن جا گهڻو اڳ سُڪي ويل پيٽ پڻ، جي هن سوڪ ماريل تر اندر موجود آهن. بهاولپور ۽ روهڙيءَ واري پاسي هڪ وڏي ندي، جيڪا هاڻ ”ريڻ نالو“ سڏجي ٿي، تنهن جا نشان اڃا تائين موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ندي اوڀرندي ناري سان گڏجي وڃي سنڌوءَ جي تنهن ڇوڙ رستي سمنڊ ۾ پوندي هجي جنهن کي هاڻ ”ڪوري شاخ“ سڏي وڃي ٿو.

وارياسو علائقو:

سنڌ جي اوڀرندي سرحد وارو ڏيهه گهڻي ڀاڱي واريءَ جي ڀِٽن سان ڀريل آهي. اهي ڀِٽون هن ويران ۽ سُڃي علائقي ۾ لڳندڙ طوفانن جي اثر هيٺ شڪل ۽ جاءِ مٽائينديون رهن ٿيون. انهيءَ وارياسي کي ”ريگستان“ سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي پکيڙ 13،100 چورس ميل آهي. سنڌ اندر ٻيا به ڪيترائي اهڙا وڏا وڏا علائقا آهن جيڪي آبپاشيءَ جي وسيلن کان محروم آهن. اهڙو هڪڙو تر ”ڪڇيءَ جو ميدان“ آهي، جنهن جو اُتريون ڀاڱو ٽيهارو ميل ويڪرو آهي. اهو ميدان شڪارپور ۽ بولان لڪ جي وچ ۾ آهي ۽ نالو ”پٽ“ اٿس. پٽ جي زمين بولان، ناڙي ۽ ٻين اهڙين ڇَرُن جي لوڙهي آندل رائي (لَٽُ) منجهان جڙيل آهي، جيڪي کيرٿر ڇپر تان وهي اينديون آهن ۽ هن ٻُسي سُڃ ۾ گم ٿي وينديون آهن. گڊو بئراج مان هڪ واهه ڪڍي انهيءَ ايراضيءَ کي آباد ڪيو ويندو.

نظارا:

سنڌ جهڙي تراکڙي ۽ سنئين سڌي ملڪ کان اها آس نٿي رکي سگهجي ته ڪو اُتان جا قدرتي نظارا انهيءَ ڏس ۾ هند- پاڪستان ننڍي کنڊ جي ٻين انتهائي وڌيڪ نوازيل هنڌن سان برميچي سگهندا. سنڌ جي ڪنارن کي اوڏو ايندڙ اوپري ماڻهوءَ کي شايد ان جي ڪپر جي پهرين ديد کان وڌيڪ ٻيو ڪو نظارو اڻوندڙ ۽ ٻُسو نه لڳي، ڇا لاءِ جو اهو ڪَپر، تمام ٿورن هنڌن کي ڇڏي، نباتاب کان بنهه وانجهيل آهي. ٻئي طرف، پراڻي ڪراچي ضلعي جي ٽاڪرو علائقي ڪوهستان، جي ڪن ڀاڱن ۾ نظارو تمام وڻندڙ آهي، پر جيئن ته اُتي جا ٽڪر ٻرندڙ مُول منڍ جا آهن. انهيءَ ڪري اُتي قدرتي سونهن جو سڀني کان دلپسند جزو، وڻڪار ۽ ساوڪ، نه هئڻ برابر ٿئي ٿي. هوڏانهن، ٿرپاڪر ضلعي، خيرپور رياست ۽ روهڙي تعلقي جي اوڀرندي ڀاڱن ۾ رڳو ريگستان آهي، جتي ڀٽن کان سواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، توڻي جو اهي ڀٽون چٽي بيهڪ واريون ۽ چڱيون وڻڪاريل آهن. اهي ڀٽون هڪٻئي پويان واريءَ جي وڏين ويڪرين لهرون جيان هليون وڃن ٿيون.

آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، اوڀرندي ناري جي اڪيچار ڍنڍن ۾ وڏي سونهن وارا هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر پوسلي هٻ جي ڪري اهي هنڌ ايترا ته غير صحتمند هوندا آهن جو اُتي ٽڪاءُ نه ڪري سگهبو آهي. سنڌوءَ جي ٻنهي پاسي وارو لٽاسو تر، جيڪو ڏهن ٻارهن ميلن جي مفاصلي تائين هليو وڃي ٿو، سو سنڌ جي ڪنهن به ٻئي ڀاڱي کان زمين ۽ پيدائش ۾ ڀلو هوندي به. قدرتي نظارن جي لحاظ کان اڻوندڙ ۽ ٻسو آهي، سواءِ انهن هنڌن جي، جتي سنڌو درياهه ٻٻر جي ٻيلن سان ڀريل آهي. ڪن هنڌن تي اهي ٻيلا درياء جي ڪنڌيءَ جي سنوت ۾ ميلن جا ميل هليا وڃن ٿا.

سيوهڻ شهر جي ڀرسان لڪيءَ وارو  ڇپراُمالڪ سنڌوندي تي هڪڙي ذري گهٽ اُڀي ڇپ وٽ پورو ٿي وڃي ٿو. هيءَ ڇپ 600 فوٽ اُتانهين آهي ۽ درياء وٽان تمام سهڻو ڏيک ڏي ٿي. پر سنڌ ملڪ جو سڀني ۾ سهڻو نظارو سکر ۽ روهڙي شهر ۽ بکر جي ٻيٽ واري قلعي جو آهي. اهو قلعو پنهنجي ڪوٽ جي ڀتين سان ٻنهي شهرن جي وچ ۾ درياء اندر واقع آهي. اهي سڀ چُن پَهڻ جي ٽڪرين واري ڇپر تي، اڏيل آهن ۽ منارا ۽ ماڙيون خاص ڪري روهڙيءَ جون مٿي ئي مٿي هليون وڃن ٿيون ۽ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته درياء تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هجن. ساڌ ٻيلي جو سهڻو، ساوڪ سان ڇانيل ٻيٽ، پنهنجي مندر سان بکر واري قلعي کان ٿوري مفاصلي تي ڏکڻ طرف آهي ۽ درياء جي ٻنهي پاسي کجيءَ ۽ ٻٻر جي وڻن جا چهچ ساوا جُهڳٽا آهن. اهو سڀ درياءَ جو ڇوهي (تيز) وهڪري سان ملي، اهڙو ته سهڻو ۽ دلپذير ڏيک ٿي پوي ٿو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

سنڌوندي:

سنڌ جي سرزمين سنڌونديءَ جي سرجيل ۽ تاتيل آهي. درياء نه هجي ته هوند سُڃ پئي واڪا ڪري. ڪئلاش جبل کان وٺي سمنڊ تائين، سنڌوءَ جي ڪُل ڊيگهه ڪي 1800 ميل آهي. انهيءَ جي ٽين پتي (580 يا 590 ميل) اها سنڌ ڏيهه منجهان لنگهي ٿي. هر سال جڏهن بهار جي مُند وٽ برف رجڻ لڳندي آهي ۽ ان جي واهن جي پاڻي جهٽيندڙ ايراضين ۾ چوماسي جا مينهن پوندا آهن، تڏهن ان ۾ چاڙهه ايندو آهي ۽ ان جو پاڻي اُٿل کائي ڪنڌين ۽ بچاءُ بندن جي وچ وارين ايراضين کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي. اهي بند درياء جي ٻنهي پاسي ذري گهٽ سموريءَ ڊيگهه تائين ٺهيل آهن. ايامن کان ان جي بيحد گهڻي پاڻيءَ کي انسان جو هنر روڪيندو ۽ مرضيءَ موجب هلائيندو رهيو آهي. ان جو بيان آبپاشيءَ واري باب ۾ ڪيو اٿئون.

سنڌونديءَ جي سڀني ۾ نمايان خاصيت ان جي وهڪري جي واٽ ۾ ايندڙ ڦيرن جي حد ۽ تيزي آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ درياء جا رڳو ٻه دائمي ڀاڱا آهن: هڪڙو بکر وٽ چور لڪ ۽ ٻيو ڪوٽڙيءَ وٽ. انهن ٻن هنڌ تي به اڪثر تبديليون اينديون رهن ٿيون. تبديليون، جن جي ڪري اهڙي ڪٿ ڪرڻ جا پوري بيهي، ڏکيو ٿي پوي ٿو ته  فلاڻي مرحلي تي ان جي پاڻيءَ جو ڊسچارج وهڪرو هيترو ڪي هيترو ٿيندو.

 انهيءَ بي جٽائيءَ جا ٽي سبب هيٺ ڏجن ٿا:

پهريون: لڳ ڀڳ سموري سنڌو ماٿريءَ جي زمين بيحد ڦيسڙ آهي ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ سولائيءَ سان ڀُري وڃي ٿي. ان جي ڪري وهڪري جي هلڪي ڪلهي گَس به ڪنڌيءَ کي تيزيءَ سان پائڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿي. زمين جي ڦيسڙ هجڻ ۽ سولائيءَ سان ڀڄڻ ڀُرڻ جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پاڻيءَ ۾ لٽ جو وڏو انداز لڙهندو هلي ٿو، ۽ جتي به وهڪري جي رفتار لوڙهي سگهڻ واريءَ سگهه کان گهٽ ٿي وڃي ٿي، اُٿي لٽ ترو وٺڻ شروع ڪري ٿو ۽ تيزيءَ سان ڪنڌيون ۽ ريٽ ٺاهڻ لڳي ٿو.

ٻيو: ملڪ چڱي تکي لاهيءَ وارو آهي، ان ڪري درياء کي پنهنجي رفتار اهڙي حد اندر رکڻ لاءِ ته جيئن ڪنڌين جي گهڻي کاڌ نه ٿئي وڏا ور وڪڙ ڏئي وهڻو پوي ٿو.

ٽيون: ڪنڌيون تمام هيٺاهيون آهن ۽ آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ گهڻو ٻڏي وينديون آهن. درياء جي ور وڪڙ وهڪري جي ڪري اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ٻن وڏن وڪڙن کي ڌار ڪندڙ زمين جي ڳچيءَ آرپار مفاصلو نسبتي طرح تمام ٿورو هوندو آهي. انهيءَ ڳچيءَ جي ٻنهي پاسي درياء جي مٿاڇرن جو فرق وڪڙ جي گولائيءَ جي مفاصلي جي ڪري ٿئي ٿو. درياء پوءِ ٿي سگهي ٿو ته زمين جي انهيءَ ڳچيءَ منجهان زوريءَ دڳ ٺاهي وهڻ لڳي. ان جي نتيجي ۾ درياء جي ڊيگهه ڪڏهن ته ميلن جي حساب سان گهٽ ٿي ويندي، ور وڪڙن جي نسبت گهٽجي ويندي ۽ وهڪري جي تِک عام رواجيءَ کان وڌي ويندي جيئن ته ڪنڌيون انهيءَ تِک جي دٻَ نه جهلي سگهنديون آهن، ان ڪري درياء پنهنجي رواجي رفتار وري هٿ ڪرڻ لاءِ ڪنڌين کي لوڙهي ويندو آهي ۽ زبردست کاڌ شروع ٿي ويندي آهي، تان جو درياءِ کي سندس رواجي ڊيگهه موٽي ملندي آهي. درياء ٿلهي ليکي، ويڪرو ۽ ڪي قدر تانگهو آهي، ۽ هڪ يا وڌيڪ مکيه ڦاٽ (گهڻو ڪري رڳو هڪ) منجهان وهندو آهي. سانگهاري وقت اوڪر وٽ اونهائي چئن کان ڇهن فٽن تائين هوندي اٿس. وچ ۾ تانگهي ريڻ يا اُوڪر سان تلاءَ هِن يا هُن ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. سياري جي مند ۾ ان جي ويڪر 1000 کان 4000 فٽن تائين هوندي آهي، جڏهن ته آبڪلاڻيءَ ۾ ان جو پاڻي ڪنڌين تي ڦلهجي ويندو آهي ۽ رڳو بچاءُ بندن يا شاهين پٽ جي جهل هوندي اٿس. اهڙي وقت ان جي ويڪر ڪيترائي ميل به ٿي سگهي ٿي.

هيٺيان انگ اکر دلچسپيءَ جو باعث ٿيندا:

آبپاشيءَ واريءَ مند جي شروعات 10 جون

ان تاريخ تي سراسري چاڙهه (پنج سال 59-1955ع)

بکر 12.82- سراسري ڊسچارج 247،917 ڪيوسڪ

ڪوٽڙي 10.88- سراسري ڊسچارج 160،294 ڪيوسڪ

پنجن ورهين جي وڌ ۾ وڌ سراسري 11 آگسٽ تي بکر وٽ ٿئي ٿي، چاڙهه 20.80، ڊسچارج 9،48،817 ڪيوسڪ، ۽ 22 آگسٽ تي ڪوٽڙيءَ وٽ ٿئي ٿي: چاڙهه 25.30 ڊسچارج 7،72،730 ڪيوسڪ.

پنجن ورهين جي گهٽ ۾ گهٽ سراسري 2 جنوريءَ تي بکر وٽ ٿئي ٿي: چاڙهه 1.00، امڪاني ڊسچارج 25،940 ڪيوسڪ، ۽ 17 جنوري تي ڪوٽڙيءَ وٽ ٿئي ٿي: چاڙهه 1.30، امڪاني ڊسچارج 19،430 ڪيوسڪ.

هيٺيان خاڪا پوين پنجن ورهين جو ڄاڻايل تاريخ وار چاڙهه ڏيکارين ٿا:

بکر

 

 

1955

1956

1957

1958

1959

15 جون.....

وڌ ۾ وڌ......

15 سيپٽمبر

31 ڊسمبر... 

گهٽ ۾ گهٽ

10.70

19.6

12.9

1.00

0.70

13.20

20.7

12.9

11.10

1.00

 13.30

17.3

 12.9

4.10

0.50-

12.90

20.6

13.5

5.10

3.80

14.40

20.9

15.2

1.30

1.30

ڪوٽڙي

 

1955

1956

1957

1958

1959

15 جون.....

وڌ ۾ وڌ......

15 سيپٽمبر

31 ڊسمبر... 

گهٽ ۾ گهٽ

 

8.1

24.7

22.6

5.1

2.2-

 

17.8

26.6

15.3

0.8

2.2-

11.0

20.5

16.9

8.5

0.8-

2.1

24.5

15.5

5.7

4.4-

15.4

24.5

20.2

7.3

3.5

 

جهرڪ

 

1955

1956

1957

1958

1959

15 جون.....

وڌ ۾ وڌ......

15 سيپٽمبر

31 ڊسمبر... 

گهٽ ۾ گهٽ

3.10

20.90

18.80

1.80

8.1-

12.60

22.90

9.50

4.60-

7.0-

6.10

15.30

12.30

3.90

6.9-

0.80-

19.50

10.90

1.30

7.90-

11.30

19.60

15.0

3.70

0.4-

حد کان وڌيڪ ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ درياء جي پاسن کان هر اهڙي هنڌ بند ٻڌا ويا آهن. جتي ٻوڏ اچڻ جو امڪان هجي.

مکيه بند هيٺان آهن:

ساڄي ڪنڌي

نالو

 

 

 

ڊيگهه

ڪشمور بند

.......

.......

.......

73.00 ميل

سکر بيگاري بند

.......

.......

........

46.5 ميل

گهاڙ واهه بند

.......

.......

......

45.8 ميل

نارا بند

........

.......

.......

77.00 ميل

مانجهند بند

......

.......

.......

5.75 ميل

ڪراچي ڪئنال بند

.......

.......

......

65.00 ميل

کاٻي ڪنڌي

نائچ بند

.......

.......

.......

34

قاسم پور بند

.......

.......

......

10.5

سکر جي اُتر ۾ ننڍا بند

.......

.......

.......

28.25

نولکي ڀورٽي بند

.......

.......

......

8.9

ڦليلي ڪئنال بند

.......

.......

.......

35.01

ڪراچي ڪئنال بند

.......

.......

......

98

ڪوري کاري:

جنهن منجهان ڪنهن زماني ۾ ڦليلي وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇُوڙ ڪندي هئي. اُتان کان وٺي تنهن کاريءَ تائين، جيڪا گزريءَ کان گهاري تائين هلي وڃي ٿي، سڄو 125 ميلن جو مفاصلو سموري ڪپر ليڪ سمنڊ جي کارين سان چيريل آهي. انهن کارين منجهان شايد هڪڙي به اهڙي نه آهي، جيڪا ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌوءَ جو ڇوڙ نه رهي هجي. ڦليليءَ کان اڳ ريڻ ۽ انهيءَ کان اڳ پُراڻ هئي. ڪيٽيءَ جو هاڻوڪو سِرو اوچو ۽ حيدريءَ جي دوشاخي وٽ چئي سگهجي ٿو. يعني ڦليليءَ جي مُنڍ کان 139 ميل کان هيٺڀرو اهي ٻئي مکيه شاخون آهن، جن منجهان درياء جو پاڻي وهي وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿو. پوئين شاخ ته هن وقت گهڻي وڌيڪ اهميت واري آهي. اهي شاخون اڃا هيٺڀرو هلي ڪيترين ئي کارين ۾ ورهائجي وڃن ٿيون. انهن مان مکيه ترشيان، قلندري، جونگ، ٽسئي، (حيدري)، ۽ مَل آهن. سِير کاري به ذڪر جوڳي آهي، ڇا لاءِ جو سير گندي جو بندر ان تي ئي آهي. سنڌونديءَ جي ڪنهن به ڇوڙ تي، ڪيٽي بندر کي ڇڏي (جو اوچتو ئي آهي)، اهوئي هڪڙو بندر آهي. پر اڄ ڪلهه انهيءَ ڇوڙ منجهان پاڻي خير ڪو وهندو آهي.

پراڻي گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته وِيرن جو اثر پري ٺٽي تائين محسوس ڪيو وڃي ٿو. جيڪي ٿورا مشاهدا ڪيا ويا آهن، سي ظاهر ڪن ٿا ته هاڻ وِير ايترو پري تائين ڪونه ويندي آهي ۽ ان جو اثر دوشاخي يعني ڪيٽيءَ جي سِري کان مٿي ڪونه ٿيندو آهي. اهو هنڌ ٺٽي کان 45 ميل هيٺڀرو آهي. سمجهيو وڃي ٿو ته انهيءَ هنڌ وٽ رڳو 3 کان 6 انچ اثر ٿئي ٿو.

سنڌوءَ جي ڪيٽي هر سال وڌندي رهي ٿي. سال اندر ان ۾ لڙهي آيل لٽ ۽ رءُ (Spoil matter) جو اندازو 4/1 217 لک ڪعب وال ٿئي ٿو. ڪيٽيءَ وارو تر اٽڪل 1500 چورس ميل ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، پر اهو زرخيز نه آهي. درياء وقت بوقت رُخ ڦيرائيندو رهي ٿو. انهيءَ دڳ مَٽَ جي ڪري ان جي ڪَنڌين تي وسندڙ ڪيترائي شهر ڦِٽي ويا آهن. درياء جا ڇوڙ هي آهن: سير، پکار ڪجهر، کارڪ، ڪٻر، قلندري، تريشاڻ، حجامڙو، شيشا، رُبو، پٽياڻي، کڏي ۽ پِٽي.

سن 1836ع ۾ اسسٽنٽ سرجن هيڊل(Heddle) جي چوڻ موجب، ”جهاز رانيءَ ۾ مشڪلاتن جي ڪري ٺٽي جا واپاري، پنهنجو وکر هاڻ سنڌونديءَ جي بدران اُٺن تي ڪراچيءَ کان شڪارپور ۽ حيدرآباد کڻائي ويندا آهن. ڪنڌين جي کاڌ ۽ ڀور ڀوران جي ڪري ٻيڙين جي ٻڏڻ جو خطرو هوندو هو، تنهن کان سواءِ ڪنڌين جي کاڄڻ ڪري ”جهاز رانيءَ لائق ڦاٽ سدائين ڦِرندو رهندو هو. گهاري، بگهاڙ ۽ ٻين پراڻن پيٽن جي بند ٿيڻ جو وڏو سبب به اهوئي ڄاڻايو وڃي ٿو. اڃا هيٺ ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ پن گاهه جون پري تائين ويندڙ پاڙون زمين کي ٻڌل رکي کاڌ کي اثرائتي نموني روڪين ٿيون.“ مسٽر هيڊل ڏٺو ته تر جي ماڻهن کي انهيءَ گاهه جي ڪارائتي هجڻ جي پروڙ هئي ۽ هو ان کي ڪپي تڏا ٺاهيندا هئا، ۽ ”هاڻي جيان تڏهن به اهو ڌنڌو آدم شماريءَ جي ڳچ حصي جو روزگار هو. هو ٻوٽن کي پٽ وٽان ڪپي وٺندا آهن ۽ پاڙن کي ڇڏي ڏيندا آهن.“ ڪپر کي ويجهو، وير وارين کارين ۾، ساڳيو ڪم ڪنڊل ۽ تمر جا ٻُوٽا، ڪندا آهن، ۽ هي جو انهن کي بنا روڪ ٽوڪ جي ڪپي ٻارڻ ڪري ڪم آندو پيو وڃي، ان ڳالهه تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ڪنڊل ۽ تمر جا پن اُٺن لاءِ عمدو چارو آهن. سمنڊ جي ترت اثر کان مٿڀرو سنڌي لئي ۽ جهائو اُسرن ٿا ۽ جي ڇڏي ڏجين ته هر نئين نڪتل ڪنڌي کي تيزيءَ سان ڍڪي ڇڏين ٿا. انهن جو، جيئن تمر جو ڪاٺ درياء جي آگبوٽن ۾ پڻ ڪتب آندو ويندو هو. ميرن جي شڪار گاهن ۾، جي ٽيهارو ميلن جي مفاصلي تي هالا کان حيدرآباد تائين ۽ اُتان پرتي سيوهڻ جي ڀرپاسي تائين هليا ٿي ويا، لئي ۽ ٻٻر جا وڻ هوندا هئا، پويون وڻ ته اڃا به درياء جي ٻنهي ڪنڌين کي چڱي چوکي پنڌ تائين ڍڪيو بيٺو آهي.

حب ندي:

اڳوڻيءَ سنڌ ۾ سنڌوندي کان سواءِ فقط هڪڙي ٻي مدامي ندي، ”حب“، آهي. ڪيتريون ئي نيون، برساتن کان پوءِ، ٽڪرن تان وهي هلنديون آهن ۽ وڃي سمنڊ، سنڌوءَ يا منڇر ۽ ٻين ڍنڍن ۾ ڇوڙڪنديون آهن. انهن مان ڪن نين جو آندل پاڻي، مثال طور: ”باران“ جو، جيڪا ڪوٽڙيءَ لڳ سنڌوءَ ۾ ڇوڙڪري ٿي يا ”ملير“ جو، جا گذري کاريءَ ۾ وڃي پوي ٿي، ايترو ته گهڻو ٿئي ٿو جو اهي نيون جتان جتان وهنديون آهن، اُتان جي هيٺاهين کي اُجاڙي ڇڏينديون آهن. انهن سڀني تي ٻنڌون ٻڌي انهن جي پاڻيءَ کي آبپاشيءَ لاءِ ڪم آندو پيو وڃي. ڪراچيءَ کي ملندڙ پيئڻ جي پاڻيءَ جو ڪُجهه ڀاڱو ملير نئن جي پيٽ ۾ کنيل کوهن مان ڪڍيو وڃي ٿو.

اُڀرندو نارو:

اُلهندي ناري ۽ اُڀرندي ناري جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جي ندين جو بيان اڻپورو رهندو. اُڀرندو نارو پنهنجي وهڪري جو ڪجهه ڀاڱو تنهن وڃايل نديءَ“ جي پيٽ منجهان وهي ٿو، جنهن بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا آهن. هڪڙو نظريو هيءُ آهي ته اها وڃايل ندي ستلج هئي، جنهن ڪي صديون اڳ اُتان گهڻو پري نه، جت اها جبلن کي ڇڏي ٿي. پنهنجو اصلوڪو پيٽ تياڳي ڇڏيو هو ۽ اولهه طرف وڪڙ کائي وڃي بياس سان ملي هئي ۽ اهڙيءَ ريت سنڌوءَ جي اڳيئي ڀريل پيٽ ۾ اڃا وڌيڪ پاڻي وڌو هئائين، جنهن جي ڪري هڪڙو وڏو ويڪرو تَرَ جو اڳي ئي سرجو ۽ وسندڙ هو، سو غيرآباد ۽ اُجاڙ ٿي ويو هو. ٿامس پينانٽ (Thomas Pennant) جي مزي جهڙي عالماڻي تصنيف ”هندستان جو منظرنامو“ (View of Hindustan) ۾ جيڪو نقشو ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هيءُ درياء ”ستلج“ جي اوڀر ۾ هماليا مان نڪري ٿو ۽ ”امرڪوٽ“ وٽان لنگهي وڃِ ڪڇ جي نار ۾ پوي ٿو. اُتي ان کي ”گهگهڙ ندي“ سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو ٿي سگهي ٿو ته هاڪڙي جي بگڙيل صورت هجي. ان نديءَ جي پراڻيءَ پيٽ جي ڪجهه ڀاڱي کي اڃا به هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. ان درياء جي پاڻ وهيڻي حيثيت پوري ٿيڻ کان گهڻو پوءِ، ان جو پيٽ، ’نارو‘ جي نالي هيٺ، سنڌوءَ جي اُٿل لاءِ گهارو ٿي ڪم ايندو هو ۽ ٻُوڏ جو پاڻي ان منجهان وهي وڃي ڍوري پراڻ ۽ اُتان ’ڪوري کاريءَ‘ ۾ وڃي پوندو هو. سن 1857ع ۾ روهڙيءَ وٽان سنڌوءَ ۽ ان جي وچ ۾ واهي کوٽي ان کي واهه جي شڪل ڏني وئي. اڳتي هلي ان واهه کي سکر بئراج سان ڳنڍيو ويو.

اُلهندو نارو:

اُلهندو نارو پڻ اِن ئي نالي سان هڪ واهه هو، پر پوءِ ان تي رائيس ڪئنال جي ميهڙ شاخ جو نالو رکيو ويو. ڪنهن زماني ۾ اهو سنڌوءَ جي ڇاڙ هو، جنهن جو پاڻي لاڙڪاڻي کان مٿي مکيه پيٽ کان الڳ ٿي سنڌوءَ سان لڳ ڀڳ پور وڇوٽيءَ تي وهندو وڃي، درياء سان گڏ، تنهن مان قدرتي هيٺاهين ۾ پوندو هو، جتي منڇر ڍنڍ آهي. هڪ ٻيو ڦاٽ اڙل واهه جي نالي سان سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ کان ڇڄي وڃي ساڳي هيٺانهينءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر جڏهن ٻوڏ لهڻ شروع ڪندي هئي، تڏهن اڙل واهه اُبتو وهي منڇر جو پاڻي موٽائي وڃي سنڌوءَ ۾ وجهندو هو. جيئن ته منڇر جي پاڻيءَ جي موٽ سان ڀلي زمين جا ڪي 20،000 ايڪڙ سياري جي مُند ۾ پوک لاءِ نروار ٿي بيهندا آهن، انهيءَ ڪري اڙل واهه کي هٿ وس ڪرڻ آبپاشي کاتي لاءِ وڏو مٿي جو سُور آهي.

ڪَڇَ جو رِڻُ:

ڪڇ جو رِڻ راجپوتانا کان سمنڊ تائين سنڌ جي ڏاکڻي يا ڏکڻ اُڀرندي سرحد ٺاهي ٿو. ان ملڪ جي تاريخ کي تيستائين سمجهي نه سگهيو، جيستائين اهي تبديليون ذهن ۾ نه رکيون وينديون، جيڪي انهيءَ تر ۾ رونما ٿينديون رهيون آهن، هاڻ اهو هڪ وڏي لوڻياٺي سُڃ آهي، جتي سال جا ڪيئي مهينا سمنڊ جو پاڻي بيٺل رهي ٿو. اهو پاڻي ڏکڻ اولهه واري چوماسي جي زور هيٺ رڻ ۾ ڌڪجي اچي ٿو ۽ اُن کي لوڻياٺي ڍنڍ ۾ مٽايو ڇڏي. ٻين مندن ۾ اهو بيابان هوندو آهي. تراکڙو، پختو ۽ بنهه اگهاڙو، سواءِ ٿورڙن ”ٻيٽن“ جي جتي نالي ماتر ساوڪ ٿيندي آهي. ان ۾ هرڻ ۽ گورخر گهمندا وتندا آهن، جي رڳو چاري لاءِ سرحد ٽپندا آهن. پر ائين وسهڻ لاءِ سبب آهي ته جڏهن سڪندر اعظم سنڌ آيو هو، تڏهن ڪڇ جو رڻ ’اندر ڀرو سمنڊ‘، يا ڍنڍ، هو جنهن کي ”وڃايل ندي“ ۽ پوءِ ”پراڻ“ پاڻي پڄائيندي هئي. وڌيڪ ويجهڙائيءَ ۾ رڻ جو ٻيو نه ته اُلهندو ڀاڱو، علي بندر کان ڪوري کاريءَ تائين، روايت موجب تمام زرخيز هو ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ لهه وچڙ بنا روڪ ٽوڪ جي ۽ اڪثر ٿيندي هئي ۽ وچ ۾ بيابان جي رنڊڪ ڪانه هين. سچ پچ ته پراڻ وٽ لکپت کان عمرڪوٽ تائين هڪڙو واهه به گهڻو ڪري هو. لکپت کان 30 ميلن ۽ علي بندر کان 20 ميلن تي ”سنڌڙي“ ڪوٽ هو. رحيمڪي (وڌيڪ صحيح راءِ مڪي) بازار هڪ ٻيو مکيه شهر هو. پر 1762ع ڌاري يا ان جي لڳ ڀڳ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ تي موريءَ وٽ هڪ وڏي ٻنڌ ٻڌائي، جنهن جا ٻه ڪم هئا: سندس پنهنجين زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ سندس دشمن، ڪڇ جي راءُ جي زمين کي برباد ڪرڻ، اُن ڪري ڪوري نار ڇڙي کاري وڃي رهي ۽ لکپت ڪَڇَ جي ڏورانهين ۾ ڏورانهين وسندي، پوءِ سن 1819ع واري هيبتناڪ زلزلي رهيل کُهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. زمين جي اوچتي ويهڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي اندر گهڙي آيو، جنهن سنڌڙيءَ جي اوسي پاسي واري ملڪ کي في الحال لوڻياٺي ڍنڍ ۾ مٽائي ڇڏيو ۽ ان هنڌ کي ناس ڪري ڇڏيو. سنڌڙيءَ جو هڪڙو خاڪو، جيڪو سن 1808ع ۾ ڪئپٽن گرينڊلي (Capt. Grindly) ڪڍيو هو ۽ جنهن کي اليگزينڊر برنس (Alexander Burns) پنهنجي ڪتاب”بخارا ۾ مسافريون“Travels into Bukhara)) ۾ شايع ڪيو، سو هڪڙو چورس ڪوٽ ڏيکاري ٿو، جنهن جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ وڏو اوچو منارو آهي. خاڪي موجب، ڪوٽ هڪ وڏي درياء جي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون اچي وڃي رهيون آهن. زلزلي کان پوءِ ڪوري کاريءَ کان وٺي ننگرپارڪر تائين واري علائقي جي سرحد نسورو لوڻياٺو بيابان آهي ۽ رائمڪي (راحمڪي) بازار جهڙا سرحد وارا شهر پوئتي پئجي ويا آهن.

رڻ جو ڇيڙو لاکي ڄاڃي، ڪونج، هنج ۽ گورخر جي جنت آهي. پيڻَ پکي پڻ گهڻو آهي. راقم الحروف اُتي سياري جي مُند ۾ اهي ساهوارا هزارن جي تعداد ۾ ڏٺا آهن. رڻ ۾ اهڙائي وڏا وڏا هنڌ آهن. جتي لاکي ڄاڃي آرو ڪندا آهن(1). ڪيترن ئي ايراضين ۾ گِهميل زمين ٺونگن سان ائين ڏسڻ ۾ پئي ايندي آهي. ڄڻ ته هر ڏنل ٻني. اهي ٺونگا ڪونجن جا هوندا آهن، جيڪي کاڌي جي ڳولا ۾ پنهنجين ڊگهين چُهنبن سان گاهه جي پاڙن کي ٺونگينديون رهنديون آهن. رڻ جا ’گورخر‘ سهڻي کل سان ۽ ڳاڙهسري رنگ تي سگهارا ۽ سهڻا جانور آهن. اهي اهڙا ته تکا ڀڄندا آهن جو تيز رفتار موٽر کي به ميل پُٺتي ڇڏي ويندا آهن. هنج سياري جي پڇاڙيءَ ڌاري لڏڻ کان اڳ هزارن جي تعداد ۾ رڻ اندر پاڻيءَ جي کليل دُٻن تي وڃي گڏ ٿيندا آهن. اهو نظارو به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. جڏهن پهريدار هنج مکيه وڳر جي چوڌاري چڱيرڙي پنڌ تي بيٺل هوندا آهن ته جيئن ڪنهن به شڪي شيءِ کي ايندو ڏسي چتاءُ ڏيئي سگهن. اهي پکي جڏهن وڏا وڏا وڳر ڪيو گڏ ٿيندا آهن، تڏهن هنن جي ويجهو وڃڻ ناممڪن آهي. اهڙي وقت ڪوبه پکي کانئن وڌيڪ ويڙهو نه ٿيندو.

سنڌوءَ جي ليٽ:

اڻڄاتل ايامن کان سنڌ پنهنجي زرخيزيءَ لاءِ ٻوڏن تي ڀاڙيندي رهي آهي. اونهاري جي شروعات ڌاري سنڌوءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ته اها پنهنجين ڪنڌين تان اُٿلي يا ڪچين ڪنڌين کي کنڊ هڻي ليٽ ڪندي هئي ۽ ليٽ جو اهو بي انداز پاڻي پنهنجي مُنهين وهندو، واٽ تي ايندڙ هيٺانهين کي ٻوڙيندو، وڃي سمنڊ کان نڪرندو هو. اهڙي طرح سنڌوءَ جي هڪڙي ليٽ بهاولپور جي علائقي مان نيم سان نڪرندي هئي ۽ هاڻ جنهن تر کي سکر ضلعو چئجي ٿو، تنهن جي اوڀرندي اڌ کي ٻوڙي ڇڏيندي هئي، هڪ ٻي ليٽ سکر کان ويهه ٽيهه ميل مٿي ساڄي ڪنڌيءَ تان اُٿل کائي هلندي هئي ۽ شڪارپور تعلقي کي لتاڙي وڃي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڍنڍن ۾ ڇوڙڪندي هئي يا وڃي منڇر کان مُنهن ڪڍندي هئي ۽ وري پُٺتي موٽ کائي اڙل وسيلي سنڌوءَ ۾ اچي پوندي هئي. اُتر ۾ اڳتي مٿئين سنڌ (هاڻوڪو جيڪب آباد ضلعو) ۾ سنڌوءَ جي اُٿل کي اڪثر اُتر وارن ٽڪرن تان وهي ايندڙ ڇرن جو پاڻي به ملندو هو، جنهن جا تمام اگرا نتيجا نڪرندا هئا. ڏکڻ طرف خاص ڪري ڪيٽيءَ ۾، اهي ڌار ڌار ٻوڏون وڏي ليٽ آڻينديون هيون. درياء ۾ ان جي ڪنڌين کان وڏو چاڙهه اچي ويندو هو، جيڪو سڄي تر کي ٻوڙي ڇڏيندو هو. تمام اوائلي زماني کان مقامي حاڪم، سڄاڻ ڪُڙم ۽ ماڻهو بچاءُ بند ٻڌرائيندا ۽ واهه کوٽائيندا رهيا آهن، پر سنڌ صدين جون صديون جهڙيءَ ريت بي بقا ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ حڪومتن هيٺ رهي آهي. تنهن جي ڪري بي لغام آبپاشيءَ جي بدران هٿ وسيلي آبپاشيءَ جي ڪابه همه گير رٿا اڻ ٿيڻي هئي.

زلزلا:

سڄي سنڌ، خاص ڪري حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن جا ڏکڻ وارا تعلقا ۽ اوڀرندو وارياسو ڌرتيءَ جي ڌوڏن وهيڻا آهن پر 1819ع واري زلزلي کان پوءِ، جنهن جي ڪري چيو وڃي ٿو ته ڪيٽيءَ ۾ چڱيون چوکيون تبديليون آيون هيون، ڪوبه وڏو ڌرتيءَ ڌُڏڻ جو واقعو رڪارڊ نه ڪيو ويو آهي. البت هڪڙو زلزلو 15 آڪٽوبر 1898ع ۾ صبح جو 8- بجي آيو هو، جيڪو شاهبندر کان خيرپور تائين ۽ سڄي ٿرپارڪر ۾ محسوس ڪيو ويو هو. پر اهو ڪٿي به سخت نه هو. توڻي جو ان جي ڪري ڪي پراڻيون ڀتيون ۽ جايون ڪِري پيون هيون. ڪي مهينا ننڍا زلزلا ٿورو ٿورو مدو رکي ايندا رهيا. 14- جنوري 1903ع تي سڄي ٿرپارڪر اندر ۽ حيدرآباد ضلعي جي ڏکڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ سخت زلزلو محسوس ڪيو ويو هو. انهيءَ زلزلي سان گڏ وڏي گجگوڙ به ٿي هئي. حيدرآباد ضلعي ۾ ان زلزلي جا عجيب اثر ٿيا. بدين تعلقي اندر ڪيترين ئي جاين تي زمين ۾ ڏار پئجي ويا هئا، جن منجهان ڪوسو پاڻي ۽ گپَ ڌوڪيندي ٻاهر نڪتي هئي، ايتري ته گهڻي انداز ۾ جو هڪڙي هنڌ اوسي پاسي جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ چورس ميل ايراضي ٻڏي وئي هئي. اهو ڇلڪو 12 ڪلاڪ هليو هو ۽ جڏهن اهو پورو ٿيو هو، تڏهن گرم چشمن جهڙا کاما رهجي ويا هئا، جيڪي ٿورڙن اِنچن کان وٺي پندرهن ويهه فوٽ قطر وارا ۽ گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه فٽ اونها هئا. ۽ ترا نرم گپ جا هئن. ساڳيءَ طرح جي صورتحال سن 1819ع واري وڏي زلزلي جي حوالي سان، ”بمبئي جي جاگرافيءَ واري سوسائٽي جون ڪار گذاريون“ جي جلد 10 ۾ صفحي 152 تي بيان ٿيل آهي: ”سنڌڙي شهر، جيڪو اُتي واقع آهي جتي سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙ رڻ سان ملي ٿي ۽ جيڪو انهيءَ موقعي تي دائمي طرح ٻڏي ويو هو، تنهن شهر جي ڀرپاسي ۾ زمين منجهان ڪيترائي ننڍا ننڍا ڇهه يا اٺ فوٽ ڊگها، مخروط ڦٽي نڪتا هئا ۽ انهن چوٽين منجهان ڪيترائي ڏينهن گپ ۽ هوا جا ڦوڪڻا  نڪرندا رهيا هئا.“ ساڳي رسالي ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته آڪٽوبر 1849ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ پوربندر کان پرتي جهڙوڪر وبائي گئس جو اوهيڙو نڪتو هو، جيڪو شايد زمين اندر ڪنهن ٻرندڙ جبل نيڪال نٿي ڪيو. اهو اوهيڙو ٽيهه چاليهه ميل ٻاهر سمنڊ مان نظر پئي آيو. ان جي ڪري سمنڊ جون مڇيون هزارن جي تعداد ۾ مري ويون هيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن پاڻيءَ جي مٿاڇري تي لڙهنديون رهيون هيون. ”مڇين جو ائين مرڻ، پوءِ ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي، عام آهي. مئي 1905ع ۾ مئل مڇي ڪلفٽن واري ڪنٺي تي ايتري گهڻي انداز ۾ لڙهي آئي هئي جو هڪڙو اونهو، ٿلهو ڍڳ ٺهي پيو هو، جيڪو پنجن کان ڏهه پندرهن فٽ ويڪرو ۽ ڪيئي ميل ڊگهو هو. لسٻيلي جا گَپ اوڳاڇيندڙ ٻرندڙ جبل ته مشهور آهن. راقم الحروف کي ياد آهي ته هڪ لڱا جڏهن هو سکر ضلعي جي انتهائي اُتر ۾ ريتيءَ وٽ ترسيل هو، تڏهن هُن پنهنجن تنبُن وٽ ڌرتيءَ کي چِٽا ۽ وڏا وڏا ساهه کڻندي ڏٺو هو. اهو 1932ع جي بهار واري وڏي زلزلي جو اثر هو.

واچوڙا:

واچوڙا ڪڏهن ڪڏهن هيٺينءَ سنڌ ۾ لڳندا آهن ۽ بعضي وڏا راڱا ڪندا آهن. هلندڙ صديءَ ۾ ڪئين واچوڙا لڳا آهن، جن جي ڪري ڪراچيءَ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ نه رڳو ٻوڏ اچيو وڃي، پر ريلوي يارڊن ۾ رکيل اناج به ناس ٿيو وڃي ۽ ڳچ چوپايو مال ٻڏي مريو وڃي. هڪڙي واچوڙي مئي 1902ع ۾ ڪپر تي ڪڙڪو ڪيو هو ۽ اُتر اوڀر وارو رخُ وٺندي چڱو جاني نقصان ڪيو هئائين. رڳو شاهبندر تعلقي ۾ ئي سوا ٻه سو ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ جا اطلاع مليا هئا. ساڳي سال مهينو کن پوءِ هڪڙو ٻيو واچوڙو ڪراچيءَ ۾ لڳو هو. ان جي رفتار به 100 ميل ٿي وئي هئي ۽ بندر کي نقصان پهتو هو ۽ وِير جو چاڙهه ان کان به 7 فوٽ 2 انچ مٿي ٿي ويو هو، جن جي اڳ ڪٿي وير جي شايع ٿيل خاڪن ۾ ڪئي وئي هئي. بندر جا دڪا به لڙهي ويا هئا. پهڻ جي بندن ۾ گهارا پئجي ويا هئا ۽ اهي ڀڄي پيا هئا. ٻاهران ايندڙ مال واري پڌر جي گهڻن ڇاپرن جون ڇتيون ڊهي پيون هيون ۽ ٻه ٻه- ٽي ٽي ٽن ڳورا بادگير آُڏامي ويا هئا.

تنهن هوندي به، سنڌ ۾ واچوڙا ورلي لڳندا آهن، ۽ سراسري طرح 15 ورهين ۾ هڪڙو واچوڙو مس لڳي ٿو. اهي گهڻي ڀاڱي ڏکڻ سنڌ جي سامونڊي ڪپر واري ڏيهه تائين محدود ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جون 1883ع ۾ شاهبندر جي ڏاکڻي ڀاڱي تي سامونڊي وير جي چڙهي اچڻ جو رڪارڊ موجود آهي. اها وير پاڻ سان 92 ماڻهو، گهڻو ڪري زالون ۽ ٻار، لوڙهي وئي هُئي ۽ چوپائي مال ۽ اُٺن جو چڱو چوکو تعداد ماري تباهه ڪري ڇڏيو هئائين. پر ٿلهي ليکي سنڌ جي آبهوا حيرتناڪ حد تائين جٽادار آهي ۽ اتي مُندن جو ڦيرو هر سال ساڳيءَ طرح ٿيندو رهيو آهي.

مُندون: 

آبهوا جي لحاظ کان سنڌ ۾ سال جون چار مُندون ٿين. هر هڪ جون عام خاصيتون هيٺ ڄاڻائجن ٿيون. پڇاڙيءَ ۾ مختلف اسٽيشنن جي آبهوا جا رواجي انگ ڏنا ويا آهن.

(1) سيارو- ڊسمبر کان مارچ:

هن مُند ۾ اولهه کان ايندڙ گهٽ داٻ واريون لهرون اڪثر ڪري علائقي جي آبهوا تي اثر وجهنديون آهن. سراسري طرح هر مهيني ۾ ڇهه وڳوڙ اوڀر طرف لنگهندا آهن. پر سڀ سرگرم نه هوندا آهن. اهي عام طرح ڊسمبر جي وچ ڌاري سرگرمي ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن. اهي وڳوڙ ڪڏهن ڪڏهن چَٽن سرد محاذن سان ڳنڍيل هوندا آهن، اُتر کان اُتر

- اوڀر مُنهين هوائن سان ٿڌ جون لهرون هڪ ٻه ڏينهن هلنديون آهن. انهن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي وڏي حصي ۾ پارو پوندو آهي. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ گهٽ داٻ وارين لهرن جو رستو پري ڏکڻ ۾ هليو ويندو آهي. ڏينهن جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 50 ۽ 60 ڊگريون فارنهائيٽ جي وچ ۾ رهندو آهي. انهيءَ مُند دوران ميداني هنڌن جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24 ڊگريون فارنهائيٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مڌيم روزاني نسبتي گهم 46 کان 54 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي ٿي. انهيءَ مند ۾ ڪُل رواجي برسات 0.71 انچ پوي ٿي.

(2) اونهارو- اپريل کان جون:

هيءَ جيئن پوءِ وڌندڙ گرمي پد جي مُند آهي، جنهن ۾ منجهند جو آرهڙ جون ڇوهيون- هوائون جهڙوڪ: ڌُوڙيا، جهولا ۽ گجگوڙ سان طوفان لڳندا آهن. گهٽ داٻ واريون لهرون اوڀر طرف هلنديون رهنديون آهن ۽ انهن وڳوڙن جا سرد محاذ عام طرح خشڪ ڌُوڙيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گجگوڙ سان طوفان آڻيندا آهن. وايو منڊل، ڌُوڙ جي ڪري، لُڙاٽجي ويندو آهي. مڌيم روزانو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 100 ۽ 105 ڊگريون فارنهائيٽ جي وچ ۾ رهندو آهي. وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل گرمي پد 127 ڊگريون فارنهائيٽ جيڪب آباد جو آهي. مڌيم روزاني نسبتي گهم 45 کان 57 سيڪڙي تائين رهي ٿي. هن مُند ۾ ڪُل برسات 0.61 انچ پوي ٿي.

(3) چوماسو- جولاءِ کان سيپٽمبر:

چوماسو جولاءِ جي ٻئي يا ٽئين هفتي ۾ هيٺينءَ سنڌ اندر پهچي ٿو. گهميل هوائون سيپٽمبر جي مُنڍ ۾ انهيءَ تر مان نڪري وينديون آهن. هن مُند ۾ ڪڪر چوماسي وارن وهڪرن جي هٿ وس هوندا آهن. سنڌ ۾ برسات عام طرح هن مُند ۾ گهڻو ڪري جولاءِ- آگسٽ ۾ پوندي آهي. برسات جڏهن به پوندي آهي، تڏهن گهڻو ڪري سخت هوندي آهي ۽ ڌوڙين سان گڏ پوندي آهي. انهيءَ سموريءَ مند دوران سنڌ اندر سراسري روزانو وڌ ۾ وڌ گرمي پد اٽڪل 97 ڊگريون فارنهائيٽ رهندو آهي. مڌيم روزاني نسبتي گهم 66 کان 68 سيڪڙي جي وچ ۾ رهندي آهي. انهيءَ مند دوران ڪُل برسات 4.63 انچ پوندي آهي. سال جي گهڻي ۾ گهڻيءَ برسات وارو مهينو جولاءِ آهي، جڏهن 2.42 انچ مِينهن پوندو آهي.

(4) سَرءُ- آڪٽوبر کان نومبر:

هن مند ۾ آسمان عام طرح صاف هوندو آهي ۽ ڏسڻ جوڳائي چٽي  کان تمام چٽي هوندي آهي. مڌيم گرمي پد 70 کان 80 ڊگريون فارنهائيٽ جي وچ ۾ رهندو آهي. مڌيم روزاني نسبتي گهم 47 کان 50 سيڪڙي تائين هوندي آهي. هن مند ۾ ڪُل برسات 0.10 انچ پوي ٿي. سال جو خشڪ ۾ خشڪ مهينو نومبر آهي.

سڄي سال جو ٿلهو ليکو ڪبو ته ساليانو مڌيم گرمي پد 80 ڊگريون فارنهائيٽ نڪري ٿو. سالياني مڌيم روزاني نسبتي گهم 51 سيڪڙو ٿئي ٿي ۽ سالياني برسات جو انگ 6.05 انچ آهي.

پر برسات جي انهيءَ سراسري انگ مان ڪو خاص پتو ڪونه ٿو پوي، ڇا لاءِ جو مينهن اڪثر ڪري پورالو ٿئي ٿو. هڪڙا سال، خاص ڪري بياباني علائقي ۾، سخت برساتن جا هوندا ته ٻيا وري ذري گهٽ نسوري سوڪهڙي وارا هوندا. ضلعي جي دفترن ۾ هر ضلعي جي مڪاني طرح برسات جو انگ درج ڪيو ويندو آهي. انهن انگن اکرن جي آڌار تي مٿين سراسري درست ڪري سگهجي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن رات جو ڏينهن ٻن لاءِ گهڻو ڪري جنوريءَ جي پڇاڙيءَ يا فيبروريءَ جي منڍ ڌاري پارو پوندو آهي. راقم الحروف کي ياد ٿو پئي ته 1916ع ۾ جڏهن هو حيدرآباد ضلعي جي گشت تي هو، تڏهن تنبوءَ اندر رکيل جڳ جو پاڻي ڄمي برف ٿي ويو هو، ۽ 1932ع ۾ هن سکر ضلعي جي گشت وقت ڊکڻ وٽ آبپاشيءَ جي ڪڙين ڪسين جو پاڻي برف جي سنهيءَ چادر سان ڍڪجي ويو هو، جيڪا سج اُڀرڻ سان رجي رهي هئي.


(1)  هاڪارو عالم ۽ محقق ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي تصنيف: ’قديم سنڌ‘ ۾ سنڌو لفظ جي معنيٰ بابت لکي ٿو: ”سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياء اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. تنهنڪري ’سنڌو‘ رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽي آرين اهو نالو رکيس، ”] ص- 36 ڇاپو ٽيون 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو[ (ايڊيٽر)

(1) ڪڇ جي رڻ واري تڪرار جو بين الاقوامي نبيرو ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ اٽڪل روءِ 350 چورس ميل ايراضي پاڪستان کي ملي، جيڪا سنڌ جو حصو آهي جا اصل حدبندي ٿيڻ باقي آهي. (مترجم)

(1) منڇر هن وقت هڪ سمنڊ مثل آهي، جنهن جا چارئي پاسا 45x45 ڪلوميٽر ڊگها آهن. (ايديٽر)

(1) سنڌ جي لوڪ ادب جي داستانن ۾ روايت آهي ته؛ اهي پکي لاکي ڳوراهي جي ڄڃ مٿان ڇانو ڪري اُڏاڻان هئا، ان ڪري کين لاکي ڄاڃيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي.(ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org