سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:16 

ڪڻڪ                                 000، 2440 ايڪڙ

ڦٽي                            000، 790 ايڪڙ     

ساريون                         000، 625 ايڪڙ     

جوئر ٻاجهري وغيره            000، 695 ايڪڙ

داليون                          53000 ايڪڙ

تيلي ٻج                               000، 410 ايڪڙ

جيڪڏهن انهي کي اُپت جي لحاظ کان ظاهر ڪجي ته تقريباً هي مقدار ملندا.

ڪڻڪ                         1133000 ٽن

ڦٽي                            000، 500 هڙون

ساريون                         447000 ٽن

جوئر ٻاجهري وغيره            298000 ٽن 

داليون                          15000 ٽن   

تيلي ٻج                               117000

اصلي ڪمن سان گڏوگڏ جيڪا ايراضي ڪينالن ذريعي سيراب ٿيڻي هئي انهي کي چوڪنڊن ۾ ورهائڻ جو ڪم پڻ ٿيو.

زمين کي ايڪڙن جي بلاڪن ۾ ورهائڻ انهي لحاظ کان چڱو ڪم ٿيندو جو انهي سان زرعي ڪم ڪار ۾ بهتري ايندي ۽ انهي سان زمين کي ليول ڪرڻ، هر پلاٽ ۾ پاڻي جي صحيح نموني ورهاست ڪرڻ ۽ واٽر ڪورسن جي سائنسي انداز ۾ سڌائي رکڻ جي ڪمن کي هٿي ملندي.

انهي سان زمين جي مالڪ کي وڌيڪ فائدو اهو ملندو جو انهي سان ڍل ۽ آبياني جو يونٽ گهٽجي وڃي هڪ ايڪڙ تي بيهندو.

زمين کي چوڪنڊن ۾ ورهائڻ جو مکيه ڪم يعني 320 ايڪڙن جا چوڪنڊا سروي آف انڊيا پاران ٺاهيا ويا هئا. انهي کان اڳتي هڪ هڪ ايڪڙ جا چوڪنڊا ٺاهڻ جو ڪم روينيو آفيسر جي اسٽاف پاران ٿي رهيو آهي.

1. سموري اسڪيم جي جملي سڀ کان تازي                        15000000 پائونڊ

روائيز ٿيل تخميني لاڳت                                     000، 00، 03، 20 رپيا

2. بيراج ۽ هيڊ ورڪس جي جملي                           000، 4300 پائونڊ

تخميني لاڳت                                         55897000 رپيا

3. هر سائيز جي ڪينالن جي ڊيگهه جيڪي کوٽيا وڃڻا آهن        6166 ميل

4. سموري اسڪيم ۾ کوٽيا ويندڙ ڪينالن،

برانچن، ڊسٽريبيوٽرين ۽ مائينرن مان نڪرندڙ مٽي جو مقدار        5900 ملين ڪيوبڪ فوٽ

5. کوٽائي ۾ ڪم آيل 46 ڊريگ لائين مشين جي جملي لاڳت    000، 800 پائونڊ

 10666000 رپيا

6. ڊريگ لائينن سميت ڪم آيل                            000، 3400 پائونڊ

سموري مشينري جي لاڳت                                   33000، 453 رپيا   

7. اسڪيم ذريعي سيراب ٿيندڙ جملي ايراضي              74 لک ايڪڙ

8. ٺهندڙ پلين ۽ ريگيوليٽرن جو انگ                                1970

9. ايراضي مڪمل طور سڌري وڃڻ کانپوءِ سالياني پوک            50 لک ايڪڙ

10. سيرابي هيٺ ايندڙ بلڪل نئين زمين جي ايراضي              ساڍا اوڻيهه لک ايڪڙ

11. سنڌو درياء تي ٺهيل بيراج کي 60 فوٽ

ويڪرا 66 دروازا. گيٽ برج کي 2 وڌيڪ زميني دروازا

بيراج جي سل ليول                                    آر. ايل 177.0

فل سپلاءِ ليول                                         آر. ايل 194.5

گيٽ برج جي ونگن جي اسپرنگ جي آر. ايل                        0. 219

روڊ برج جي ونگن جي اسپرنگ جي آر.ايل                   0. 201

گيٽ برج بيراج جي لنگهن ۾ لڳل ڦاٽڪن کي کولڻ بند ڪرڻ جي ڪم لاءِ آهي ۽ روڊ برج ٽرئفڪ جي استعمال لاءِ آهي

12. ڪم جي شروعات                                        جولاءِ  1923ع

13. (الف) توقع مطابق سڀ ڪم مڪمل                    35- 1934 ع

ٿيڻ ۽ کاتا بند ٿيڻ

(ب) ڪينالن جو وهڻ                                  1932ع

14. سرڪاري زمين جنهن کي پاڻي ملندو.

اي ڪلاس زمين                                               1058928 ايڪڙ     

بي ڪلاس زمين                                              602205 ايڪڙ       

سي ڪلاس زمين                                             289400 ايڪڙ

نوٽ: اي ڪلاس مان مطلب تمام سٺي، بي ڪلاس معني چڱي ۽ سي ڪلاس مان مطلب مڙئي سڙئي زمين جيڪا ساريالي فصل لاءِ مناسب هجي

بيراج جي ڊزائين بابت ڪجهه تفصيل ڏيڻ به دلچسپي کان خالي نه هوندو. اهي تفصيل پراجيڪٽ جي ٻئين حصي جي باب ٻئين مان ورتا ويا آهن.

بيراج خود هڪ ويڪري فرش تي مشتمل آهي جنهن جو بنياد درياء جي پيٽ جي واريء تي آهي. اوڀاري پاسي پٿرن جي پيش دامن (apron) ذريعي فرش جو بچاء ٿيل آهي ۽ لهواري پاسي پٿرن سان گڏوگڏ ڪنڪريٽ بلاڪن جو پيش دامن پيل آهي. فرش جي هيٺان اسٽيل شيٽ پائلنگ جا پردا لڳل آهن پائلنگ جي چوٽي فرش جي ڪم سان جُڙيل آهي. فرش تي ڏهه ڏهه فوٽ ويڪرا ٿنڀا هڪٻئي کان 60، 60 فوٽ پري بيٺل آهن. ٿنڀا ٻن جدا جدا پلين کي ٽيڪ ڏين ٿا. ٿنڀن جي اوڀاري پاسي واري پل يعني گيٽ برج لهواري پاسي واري پل کان مٿاهين سطح تي آهي ۽ ٻن جدا جدا آر. سي. سي ونگن تي مشتمل آهي. انهن مان هڪ اٺ فوٽ ويڪرو ۽ ٻيو پنج فوٽ ويڪرو آهي انهن جي وچ ۾ 13 فوٽ وٿي آهي جنهن جي وچ ۾ بيراج جا دروازا ۽ انهن جا ڌڙا (Counterweights) ڪم ڪن ٿا. انهن کي هلائڻ جاگيئر ۽ ٻيا اوزار به انهي پُل تي رکيل آهن جيڪا ٽرئفڪ ۽ عام ماڻهن جي ڪتب اچڻ لاءِ موزون نه آهي لهواري پاسي وارن  ٺُلهن واري پل يعني روڊ برج به آر. سي. سي ونگن تي ٺهيل آهي. انهن جي ويڪر 25 فوٽ آهي ۽ انهن جي اسپرنگنگ ليول درياء جي سڀ کان وڏي تخميني ٻوڏ واري ليول يعني آر. ايل 201 کان ٿوري مٿي آهي. انهن ونگن تي گاڏين جي اچ وڃ لاءِ 16 فوٽ ويڪرو روڊ آهي روڊ جي ٻنهي پاسن تي ساڍا ٽي فوٽ ويڪرو فوٽ پاٿ آهي.

درياء جي دروازن جي اوچائي ساڍا ارڙهن فوٽ ۽ صفائي وارن دروازن جي اوچائي ساڍا ٻاويهه فوٽ آهي. پاڻي کي آر. ايل 5. 195 تائين به چاڙهي سگهجي ٿو جڏهن ته ڪينالن ۾ فُل سپلاءِ ليولز ۽ ڊسچارج بيراج جي دروازن جي اوڀاري پاسي آر. ايل. 5. 194 پانڊ ليول تي ڊزائين ڪيل آهي.

بيراج هڪ سڌي ليڪ تي ٺهيل آهي جيڪا درياء جي مرڪزي ليڪ (Centre Line) سان گوني ڪنڊ ٺاهي ٿي. جيئن ته درياء جا ڪپرپوروڇوٽ نه آهن تنهنڪري بيراج جون پشتيون (abutments) درياء جي پيٽ ۾ ٻنهي ڪپرن کان تقريباً 400 فوٽن تي ٺاهيون ويون هيون. ريگيوليٽر فيس (faces) جي وچ ۾ بيراج جي مڪمل ڊيگهه 4725 فوٽ آهي. جڏهن ته گيٽ برج جي مجموعي ڊيگهه 4925 فوٽ آهي. انهي کي ٻنهي ڇيڙن تي زميني دروازا ۽ ٽرمينل ٽاور پڻ آهن.

بيراج کي 66 دروازا آهن جن مان هر هڪ 60 فوٽ ويڪرو آهي. اهو ٻن ورهائيندڙ ڀتين      (divide walls) جي ذريعي ٽن سيڪشنن ۾ ورهايل آهي. اهي هيڊ ريگيو ليٽرن لاءِ ائپروچ چينلن جو ڪم ڪن ٿا. انهن ٽن مان ٻن سيڪشنن ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڪپ وارا صفائي جا دروازا آهن جڏهن ته ٽئين يعني سينٽرل سيڪشن ۾ درياء جون موريون آهن. کاٻي ڪپ تي ست صفائي جا دروازا ۽ ساڄي ڪپ تي پنج صفائي جا دروازا آهن. صفائي جي آخري دروازي ۽ هر ڪپ تي درياء جي پهرئين موري ۾ 25 فوٽ ويڪرو پشتي جو ٿنڀ آهي. بيراج جو سينٽرل سيڪشن ڇهن کُڻڻ تي مشتمل آهي جنهن مان هرهڪ ۾ 9 دروازا آهن. انهن مان هرهڪ کُڻ جو ڇيڙي وارو ٿنڀ 25 فوٽ ويڪرو پشتي وارو ٿنڀ آهي.

درياء جي دروازن جي فرش تي هڪ فوٽ ويڪري اُڀريل چانئٺ آهي جنهن جي چوٽي جي ليول آر. ايل 0. 177 آهي. فرش انهي چانئٺ جي چوٽي کان آر. ايل 171.0تي هيٺ لهي ٿو. اوڀاريون ۽ لهواريون لاهيون بالترتيب 5 ۾ 1 ۽ 10 ۾ 1 آهن.

 

بيراج ڪجهه اهم ڳالهين ۾ نيل تي ٺهيل اصنع بيراج مطابق ڊزائين ٿيل آهي.

بيراج ۽ ان جي هيڊ ريگيو ليٽرن جي لاڳت                           04. 4 ڪروڙ

سموري اسڪيم جي لاڳت انهن ڪمن سميت                       20 ڪروڙ تقريباً

جيڪي 1933ع جي ڪٿان مطابق ٿيڻا آهن                

1933/ 09/ 30 تائين اصل رقم تي وياج                           تقريباً 5. 4 ڪروڙ

سڀني سائيزن جي چينلن جي جملي ڊيگهه                           6473 ميل   

واٽرڪورسن جي مڪمل ڊيگهه                                      

(الف) نوان                                                     000، 30 ميل

(ب) پراڻا                                                      17,800

سموري اسڪيم ۾ مٽي جو مقدار

(الف) ڪينالن ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪمن ۾ 628 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ

(ب) واٽر ڪورسن ۾                                  124 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ

                                                        752 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ

هر سائيز جي پلين، ريگيوليٽرن جو مجموعي انگ                   1889

هڪ وقت ڪم تي هنيل مزدُورن جو جملي انگ

46 ڊريگ لائين سان گڏ. جيڪڏهن ڊريگ لائينون ڪم نه

آڻجن ها ته ٻيڻ تي مزدور گهربل هجن ها.                           000، 60

اسڪيم ۽ ڪينالن بابت اهم ڳالهيون

 

ايسٽرن نارا

روهڙي

ڊسچارج

13002 ڪيوسڪ

10887 ڪيوسڪ

پيٽ جي ويڪر

346 فوٽ

347 فوٽ

مٿاڇري جي ويڪر

369 فوٽ

274 فوٽ

اونهائي

ساڍا يارنهن فوٽ

12 فوٽ

ڊيگهه

226 ميل

208 ميل

* سڀني ڪينالن جي جملي ڊسچارج خيرپور فيڊرن سميت                 46617        ڪيوسڪ

* اسڪيم ذريعي سيراب ٿيندڙ سموري ايراضي                    75 لک ايڪڙ

* اسڪيم ذريعي آباد ٿيندڙ پوکي لائق ايراضي                    61 لک 25 هزار ايڪڙ

* جڏهن سموري زمين مڪمل طور سڌري ويندي ته هر سال پوکي هيٺ ايندڙ ايراضي ساڍا ٻاونجاه لک ايڪڙ

* اسڪيم ۾ سرڪاري زمين وڪري لاءِ دستياب

اي ڪلاس (سٺي)                                                     000، 59، 10 ايڪڙ

بي ڪلاس (چڱي)                                            602000 ايڪڙ

سي ڪلاس (هالو چالو فقط سارين لاءِ  مناسب)                             289000 ايڪڙ

* سالياني پيداوار     هزار ايڪڙن تي                                        هزار مڻن ۾

ڪڻڪ جڏهن سموري 2440                                         1333. 1

زمين آباد لائق ٿي ويندي

ڦٽي                    850                                           96.

ساريون                 625                                           447  

جوئر ٻاجهري          635                                           271  

تيلي ٻج                       410                                           117

اسڪيم جي منظوري جو سال                                        1923ع

* ڪم شروع ٿيڻ جو سال                                                   1923ع

* ڪينال شروع ٿيڻ جو سال                                         1932ع

ڪينال ٺهڻ ۾ مختلف اسمن تي خرچ جو في سيڪڙو (تقريباً)

مٽي جو ڪم                                                          49 سيڪڙو

عملو                                                                   15 سيڪڙو

پليون، ريگيوليٽر                                                               10 سيڪڙو

زمين                                                                   6 سيڪڙو

عمارتون                                                                        4 سيڪڙو

شروعاتي سروي                                                                1 سيڪڙو

اوزار ۽ پلانٽ                                                          1 سيڪڙو

مختلف ننڍو ۽ متفرق سامان مٿين شين کان ننڍو                           14 سيڪڙو

*اسڪيم جي اثر هيٺ ايندڙ آبادي انگلينڊ جي آبادي جي لڳ ڀڳ چوٿين حصي جي برابر ٿيندي.

*ٽيمس درياء مان لنڊن برج وٽ وڌ ۾ وڌ ڊسچارج 15000 ڪيوسيڪ جڏهن ته ايسٽرن نارا جو ڊسچارج 13602 ڪيوسيڪ آهي.

* سئيز ڪينال جي سطح وٽ ويڪر 200 فوٽ جڏهن ته ايسٽرن نارا جي 370 فوٽ آهي.

* هن اسڪيم تحت ڪتب ايندڙ نوان ۽ پراڻا واٽرڪورس دنيا جي چوگرد تقريباً ٻه دفعا ڦيرو ڏئي ويندا.

لائيڊ بيراج ۽ ڪينالن جو بيان مڪمل سمجهڻ کان اڳ هن گزيٽئير ۾ ڪجهه لاڳاپيل مسئلن جو بيان پڻ توجه ڇڪائي ٿو. اهي هي آهن (1) بيراج سکر کان هيٺئين گهاٽي وٽ ٺاهڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ (2) بيراج جي سيرابي واري علائقي ۾ زمين جي سروي ۽ ان کي چوڪنڊن ۾ ورهائڻ (3) بيرا جي ڪينالن مان پاڻي جي ورهاست جو طريقو ۽ فصلن جون پاڻيءَ جون گهُرجون  (duties) (4) سرڪار پاران زمين وٺڻ جي پاليسي، زمين جو وڪرو ۽ روينيو آفيسر بيراج جا ڪم (5) بيراج هيٺ خيرپور ڪينال سسٽم جو هلڻ (6) بيراج هيٺ ايسٽرن نارا سسٽم جي پوزيشن (7) وڏين جاگيرن جي موجودگي سبب درپيش ايندڙ ڏکيائيون (8) بيراجي ڪينالن مان ٻيلن کي پاڻي ملڻ

لاڳاپيل مسئلا:

(1)بيراج سکر کان هيٺئين گهاٽي وٽ ٺاهڻ جا سبب ڪهڙا هئا: ڪيترن ورهين تائين انهي مسئلي تي وڌا بحث ٿيندا رهيا ته سکر وٽ سنڌو درياء تي بيراج لاءِ سڀ کان بهتر هنڌ ڪهڙو هوندو. پوءِ چونڊيل هنڌ ڇو سڀ کان وڌيڪ مناسب هو؟  انهي جا سبب سرڪاري طور بيراج جي تڪميلي رپورٽن ۾ هي ڏنا ويا آهن:

اهو هنڌ چونڊڻ جا سبب هي هئا:

( الف ) درياء جي انهي هنڌ ۽ سکر گهاٽي واري ٽڪري جا ڪپر تڏهن کان ائين ئي ۽ اهڙي ئي حالت ۾ آهن جڏهن کان سروي رپورٽون دستياب آهن. سن 1876ع ۾ ڪيل هڪ سروي ۾ انهي حصي ۾ درياءَ جا ڪپر اهي ئي ڏيکاريل آهن ( ب ) چونڊيل هنڌ تي درياءَ جي ويڪر ايتري آهي جنهن مان گهربل آبي وهڪرو بيراج مان ٽپائي سگهجي ٿو ۽ انهي لاءِ فرش کي وڌيڪ اونهو ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

( ج ) هن هنڌ تي ٺهيل بيراج ٻوڏن دوران گهاٽي جي مٿان درياء جي قدرتي حالتن ۾ رڪاوٽ يا تبديلي نه آڻيندو ۽ انهي ڪري گهاٽي جي مٿان درياء پاران زمين پائڻ جو به ڪو خطرو نه رهندو.

( د ) اوڀاري پاسي ڪنهن به هنڌ درياءَ جي ويڪر ڪنهن بيراج لاءِ ناڪافي هئي ۽ انهي جاءِ کان هيٺ درياء ور وڪڙ ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ان جا ڪپر به گهاٽي واڌي ڪندا ٿا رهن. تنهنڪري سنوت جو تمام گهڻو ڪم ضروري ٿي پوي ها.

( هه ) ساڄي ۽ کاٻي ڪپ جي ڪينالن جي هيڊورڪس جي انهي جاءِ تي پوزيشن انهن جي سيرابي وارين جاين جي تقريباً ٽي ميل وڌيڪ ويجهي آهي جڏهن ته روهڙي ۽ خيرپور ڪينالن جا منهن روهڙي وٽ مضبوط جبلن مان ڪڍڻ جي ڪشالي کان به بچي سگهبو.

ساڳئي طرح ايسٽرن ناراسپلاءِ چينل جو نئون منهن جيتوڻيڪ موجوده منهن کان چار ميل اڳتي هوندو پر اهو سمورو مٽي ۾ هوندو ۽ جبلن مان ڪٽي ويڪرو ڪرڻ جي ڏکئي ۽ مهانگي ڪم کان به بچي سگهبو.

( و ) اهو هنڌ گهاٽي کان چڱو پري هو تنهنڪري ايستائين درياء جو پاڻي اهڙو يڪسان وهڪرو اختيار ڪري ويندو جو سطح جي پاڻيءَ ۾ لٽ جو غير معمولي طور وڌيڪ مقدار به شامل نه ٿي ويندو.

( ر ) انهي هنڌ تي تمام اونهائي تائين به ڪٿي به پٿر نه آهي تنهنڪري بيراج ۽ ريگيوليٽرن جي ڊزائين ۾ انهن جو بنياد واري تي رکي سگهبو ۽ اهي اصول چڱي طرح سمجهه ۾ آيل هوندا. تنهنڪري پٿرن تي بنياد  رکندي غير يقيني کان بچي سگهبو.

( ح ) بيراج جي Alignment درياء جي سينٽر لائين سان گوني ڪنڊ تي ٿي سگهي ٿي، جيڪو انهي ڏانهن اڍائي ميلن جي فاصلي کان تمام هلڪو وڪڙ ڪري وهي ٿو.

(2) بيراجي ڪينالن مان پاڻي پهچائڻ لاءِ زمين کي چوڪنڊن ۾ ورهائڻ:- لائيڊ بيراج ۽ ان جي ڪينالن تحت پاڻي پهچائڻ جو جيڪو سائنسي نظام چالو ڪيو ويو آهي اهو اها گهر ڪري ٿو ته زمين جي جنهن يونٽ کي پاڻي ڏنو وڃي اهو جيترو ٿي سگهي يڪسان شڪل ۽ سائيز جو هجي. اهو ڪم هڪ جدا سروي ذريعي ڪيو ويو ۽ کليل زمينن ۽ ٻنين کي چوڪنڊن ۾ ورهايو ويو. زمين کي چوڪنڊن ۾ ورهائڻ جا فائدا مختصر طور هي ٿي سگهن  ٿا:

(1) انهي نظام تحت آبپاشي توڙي ڍل جي وصولي لاءِ موجوده  غير مقرر شڪل ۽ سائيز جي سروي نمبر واري يونٽ بجاء هڪ مقرر ۽ معقول ۽ باقاعدي شڪل ۽ سائيز وارو يونٽ ملي وڃي ٿو. سنڌ لئنڊ روينيو نظام تحت زمين  جو يونٽ ڀلي پورو پوکيءَ هيٺ هجي يا ان جو ڪو حصو پر  ڍل مڪمل ورتي ويندي آهي.

(2) انهي سان هارين ۾ آباديء لاءِ زمين جي ورهاست جو ڪم سولو ٿي پوي ٿو ۽ انهن ۾ تقاوي جي ورهاست ۾ پڻ سهوليت ٿئي ٿي.

(3) انهي ذريعي حددخليون ڳولهڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ حدن جي تڪرارن جي روڪٿام ٿئي ٿي.

(4) انجنيئر انهي ذريعي واٽر ڪورسن جو ڪارگر ۽ ڪفايتي نظام ڊزائين ڪن ٿا ۽ پاڻي جي مساوي ورهاست کي هٿي ملي ٿي.

(5) انهيءَ جي ذريعي سڀني لاڳاپيل ماڻهن خود مالڪ توڙي سرڪاري عملدارن کي آبپاشي توڙي فصلن جي چڪاس ۾ سهوليت ٿئي ٿي.

(6) انهي سان ڍل جو حساب ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.

(7) انهي سان کا تيدار جو حد بندين جي نشانن کي بار بار مرمت ڪرائڻ جو خرچ بچي ٿو.

سنڌ ۾ پراڻن آبڪلاڻي واهن ۽ ورن وڪڙن وارن ڪڙين جي موجودگي ۾ زمينن کي چوڪنڊو ڪرڻ جو مسئلو سڀ کان اڳ اڻويهين صدي جي نوي واري ڏهاڪي ۾ تڏهن پيدا ٿيو جڏهن زمين جي وڏن غيرآباد ٽڪرن کي سيراب ڪرڻ لاءِ جمڙائو ۽ نصرت ڪينال ڊزائين ڪيا ويا. جمڙائو ڪينال جي پيچ ۾ ايندڙ سڀئي بنا قبضي واريون زمينون توڙي قبضي هيٺ آيل زمينن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي 16 ايڪڙن جي چوڪنڊن ۾ ورهايو ويو. اهڙي هرهڪ ٽڪري کي وري هڪ هڪ ايڪڙ جي 16 ننڍن نمبرن ۾ ورهايو ويو.

نصرت واري ٽڪري کي به ساڳئي طرح چوڪنڊن ۾ ورهايو ويو پر 16 ايڪڙن جي چوڪنڊي کي وڌيڪ هڪ هڪ ايڪڙ  جي پلاٽ بجاء چئن چئن ايڪڙ جي پلاٽ ۾ ورهايو ويو.

(3) بيراجي ڪينالن مان پاڻي جي ورهاست جو طريقو ۽ فصلن جون پاڻيءَ جون گهُرجون (duties)

مکيه ڪينال، برانچ، ڊسٽري بيوٽري ۽ مائينر جي وصف هيٺ ڏجي ٿي: وصفون ۽ نالا رکڻ جو طريقو:

(الف) مکيه ڪينال بيراج مان پاڻي کڻندڙ  وڏا چينل آهن. ڪجهه ٻيا مکيه ڪينال به آهن جهڙوڪ کپرو، جمڙائو ۽ مٺڙائو ڪينال جيڪي ايسٽرن نارا مان پاڻي کڻڻ ٿا جيڪو وري سکر بيراج مان پاڻي کڻي ٿو.

(ب) برانچ مکيه  ڪينال کانسواءِ ٻيو چينل هوندو آهي جيڪو 200 ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي کڻندو آهي. اهو مکيه ڪينال يا ٻي برانچ مان پاڻي کڻي سگهي ٿو. اهو جيڪڏهن ٻئي برانچ مان پاڻي کڻي ته انهي کي مائينر برانچ يا سب برانچ چئي سگهبو.

(ج) ڊسٽري بيوٽري 50 کان 200 ڪيوسڪس کڻندڙ  چينل هوندو آهي. اهو مکيه ڪينال، ڪنهن برانچ يا ٻي ڊسٽري بيوٽري مان پاڻي کڻي سگهي ٿو.

(د) مائينر 50 ڪيوسڪ کان گهٽ پاڻي کڻندڙ چينل کي چئبو آهي. اهو مکيه ڪينال برانچ، ڊسٽري بيوٽري يا ٻئي ڪنهن مائينر مان پاڻي کڻي سگهي ٿو. اهو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن مائينر مان پاڻي کڻندو ته انهي کي سب مائينر چئبو.

بيراج ٺهڻ جي شروعاتي ڪجهه ورهين دوران ڊسٽري بيوٽرين ۽ مائينرن تي عام طور درياء جي ٻنهي ڪپن تي پنهنجي اصل چينل جي هيڊ ريگيوليٽر وٽان شروع ٿي ترتيب وار نمبر رکيو ويندو هو جيئن MIR/ D7L وارهه برانچ جو مطلب ٿيو وارهه برانچ جي کاٻي ڪپ تي ڊسٽري بيوٽري نمبر ستين جي ساڄي ڪپ تي پهرئين مائينر. نالا رکڻ جو اهو طريقو تعمير جي شروعاتي ورهين دوران جيتوڻيڪ سولو هو پر پوءِ جڏهن ورهاست جو نظام  طي ٿي ويو ته انهي طريقي کي ترڪ ڪيو ويو. اهڙن سڀني چينلن کي نالا ڏنا ويا جيڪي عام طور انهن ڊسٽري بيوٽرين يا مائينرن منجهان سيراب ٿيندڙ ديهن جي نالن پٺيان رکيا ويا.

لائيڊ بيراج جي دائمي ڪينالن تي ساريا لا علائقا مقرر ڪرڻ:

ڪنهن به دائمي ڪينال تي ساريالي پوک جي وڏن علائقن جي موجودگي ڊزائين کي انهي لحاظ کان پيچيدو بڻائي ٿي ڇڏي جو اهو ريبع ۽ خريف جي ڊسچارج جي اطمينان بخش نموني ۾ برابري لاءِ موزون نه آهي ۽ ڪينالن جي سولائي ۽ ڪفايت سان ڪم جو گهڻي ڀاڱي دارو مدار وري انهي تي آهي. ميشرز بيڪرائنڊ لين کاٻي ڪپ لاءِ پنهنجي رپورٽ ۾ اهي اصلي سروي نمبر ڏنا هئا جيڪي انهن جي خيال مطابق مڃيل ساريالا نمبر هئا. انهن پاران اصلي سروي نمبر ڏيڻ جو ڪشالو ڪرڻ جو سبب شايد اهو هو جو انهن نمبرن ۾ ورهين کان  تقريباً لڳاتار سارين جو فصل ٿيندو هو ۽ انهن اصلي نمبرن کان سواءِ ساريالي پوک تمام ٿوري ٿيندي هئي تنهنڪري روينيو رڪارڊ مان اصل انگ اکر ڪڍڻ ڪو گهڻو محنت طلب ڪم نه هو. پر ساڄي ڪپ جي دائمي واهن لاءِ انهن ڊزائينن ۾ ساريالي فصل لاءِ رکيل جملي ايراضي جا انگ اکر ڏنا.

انهي ڳالهه جي خاطري ڪرڻ ممڪن نه هو ته انهن ايراضين جو پتو ڪيئن لڳايو ويو هو پر انهي جو بنياد ڪهڙو به هجي جيئن ئي ڊزائين مطابق تفصيلي ڪم شروع ڪيو ويو ته جلد ئي اها ڳالهه محسوس ٿيڻ لڳي ته انهي علائقي ۾ ساريون بيڪر لين جي ڏنل ايراضين کان تمام وڌيڪ پوکيون ٿي ويون. کاٻي ڪپ تي پڻ سارين جي پوک واري علائقي ۾ بيڪر لين واري تحقيق جي دور جي نسبت ۾ چڱي واڌ اچي وئي هئي.  پر انهي ۾ ڪو شڪ نه هو کاٻي ڪپ تي سارين جي پوکي واري علائقي ۾ واڌ جو سبب اهو نه هو ته اهي جنهن زمين ۾ پوکيو ٿي ويون اها خريف ۽ ربيع جي پوکي لاءِ نه هئي (جيئن ساڄي ڪپ تي صورتحال هئي) پر انهي جو سبب اهو ته ويجهڙائي وارن ورهين ۾ پراڻي آبڪلاڻي واهن واري  سرشتي تي حالتون سارين جي فصل لاءِ ساز گار ٿي ويون هيون. جن واهن جي منهن (heads) تي ڪو ضابطو نه هوندو هو انهن جي ڪپرن ۾ کنڊ پوڻ سبب اڪثر ٻوڏون اينديون هيون جنهن سان زميندارن کي مناسب جاءِ تي واقع زمينن ۾ ساريون پوکڻ جو قعو ملي ويندو هو  ۽ ڪجهه حالتن ۾ ته انهي کانسواءِ ڪو ٻيو فصل پوکي ئي نه سگهبو  هو. وڌيڪ اهو ته سارين کي خشڪ فصلن جي ڀيٽ ۾ ٻوڏ کان ۽ بيمارين جو خطرو گهٽ هوندو آهي. دائمي واهن جي ڊزائين ۾ ڪفايت جي لحاظ کان اهو فيصلو ڪيو ويو ته روهڙي ڪينال سسٽم ۾ سارين جي گنجائش نه رکي ويندي ۽ جيڪڏهن اهڙي پوک چينلن جي پڇڙين وٽ رکي ويندي يا سموري سيرابي واري علائقي ۾ ٽيڙي پکيڙي ويندي ته جيستائين ممڪن هوندو زمين جي نوعيت جو لحاظ رکيو ويندو. اهڙي طرح روهڙي ڪينال جي اصل پراجيڪٽ ۾ جيتوڻيڪ سارين جي پاڻي لاءِ 21320 ڪيوسڪ رکيا ويا هئا پر چينل جنهن ڊزائين مطابق ٺاهيا ويا انهي ۾ فقط 8800 ڪيوسڪ رکيا ويا. ساڳئي طرح ايسٽرن نارا سسٽم جي چينلن جي ڊزائين ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته فقط اهڙين زمينن لاءِ سارين لاءِ پاڻي رکيو ويندو جيڪي يا ته خراب ڪلر هونديون يا هيٺ هئڻ سبب مينهن جي پاڻي ۾ ٻڏل رهنديون تنهنڪري انهن ۾ سارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهندو. ايسٽرن نارا ڪينال سسٽم تي سارين جي فصل لاءِ 600، 26 ايڪڙ زمين لاءِ پاڻي رکيو ويو هو. ٻي سموري زمين کي ڊزائين مطابق خشڪ فصل واري زمين سمجهيو ويو هو. مالياتي اڳڪٿي ۾ فقط ايسٽرن نارا سسٽم تي ساريالي فصل جي ايراضي جو ڪاٿو 12000 ايڪڙ ڪيو ويو آهي ۽ تازي تجربي مان ثابت ٿئي ٿو ته ساريالي فصلن جي وڏي حصي جي جاءِ تي خشڪ فصل اچي ويندا.

سنڌ جي چيف انجنيئر ايريگيشن، سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته بيراجي ڪينالن مان مختلف فصلن لاءِ (duties) هي هيون.

ساريون                                         50

خشڪ فصل                                   100

باغ                                            100

ٻيلن کي فقط آبڪلاڻي ۾ ملندڙ پاڻي                      67

ٻيلن کي دائمي ملندڙ پاڻي                           116

ربيع جا فصل                                  200

ڪمند                                         75

ساڳئي آفيسر ائگريڪلچرل ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته سکر بيراج جي ڪينالن جي سموري ڊسچارج خيرپور رياست سميت خريف لاءِ 46583 ڪيوسيڪ ۽ ربيع لاءِ 25648 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته سيرابي هيٺ آيل جملي ايراضي ساڍا ستهٺ لک ايڪڙ آهي. اهي انگ اکر في ڪينال تي هن ريت بيهندا.

 

ڪينال

 

پوکيء لائق ايراضي لک ايڪڙن ۾

ڊسچارج

خريف                        ربيع

نارٿ ويسٽرن ڪينال

33. 9

5042

3639

رائيس ڪينال

81. 4

10215

........

دادو ڪينال

99. 4

2837

2525

خيرپور فيڊرويسٽ

89. 3

4000

2625

روهڙي ڪينال

35. 25

10887

9900

خيرپور فيڊر  ايسٽ

36. 3

4000

2625

نارا ڪينال

33. 18

13602

6959

(4) روينيو آفيسر، بيراج جا ڪم

1. لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالز ڪنسٽر ڪشن جهڙي وسعت رکندڙ اسڪيم جيڪا سنڌ جي ٻن کي ڇڏي باقي سمورن ضلعن تي پکڙيل هئي انهي ۾ روينيو جو ڪيترو ئي متفرق ڪم هوندو هو. شروعاتي مرحلي ۾ ئي اهو ضروري سمجهيو ويو ته اها ڳالهه بيراج جي انجنيئرن توڙي عام روينيو انتظاميه جي مفاد ۾ هئي ته اهو ڪم روينيو کاتي جي هڪ ئي آفيسر جي هٿن ۾ هجي. اهو روينيو آفيسر لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالز اسڪيم جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

بيراج انجنيئرن کي انهي مان اهو فائدو ٿيو جو انهن کي سڀني روينيو معاملن ۾ اڌ ذزن ڪليڪٽرن بجاء فقط هڪ آفيسر سان لهه وچڙ ۾ اچڻو  پوندو هو ۽ انهن کي اها به خاطري هوندي هئي ته ساڳئي معاملي کي سڀني ضلعن ۾ يڪسان اصولن تحت اڪلايو ويندو. ساڳئي وقت ڪليڪٽر پڻ بيراج جي معاملن ۾ سڀني ذميوارين کان آجاٿي ويا ڇاڪاڻ هاڻي انهن معاملن کي روينيو آفيسر پنهنجي عملي ذريعي اڪلائيندو هو.

2. روينيو آفيسر جي عهدي تي رهندڙ آفيسرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

نالو

کان

تائين

مسٽر اين. ايڇ. هي

1923/ 12/ 17

1925/ 01/ 12

مسٽر سي. ايم. بيڪر

1925/ 01/ 13

1926/ 11/ 23

مسٽر اي. سي. گرين

1926/ 11/ 24

1927/ 01/ 02

مسٽر ايڇ ڊائو

1927/ 01/ 03

1933/ 11/ 03

مسٽر اي. سي. گرين

1933/ 11/ 04

1933/ 12/ 05

مسٽر. ڊي. گوروالا

1933/ 12/ 06

تاريخ رڪارڊ نه ڪئي وئي

مسٽر اي. سي. گرين

مسٽر ڊائو پاران موڪل تي هئڻ دوران آر. او طور ڪم ڪيائين

 

هيٺين جدول ۾ سن 33- 1932 تائين هر ڪلاس جي نيڪال ڪيل زمين جي ايراضي ۽ وصول ڪيل قيمتون ڏيکاريل آهن.

 

سال

 

رعايتي قيمت تي وڪرو

پوري مارڪيٽ اگهه تي وڪرو

 

ليز

 

ايراضي ايڪڙن ۾

وڪري جي قيمت

ايراضي ايڪڙن ۾

وڪري جي قيمت

ايراضي ايڪڙن ۾

سالياني ليز جي رقم رپين ۾

29-1928

13336

2000040

1580

176234

108

800

30-1929

25468

382020

658

93174

234

2068

31-1930

56407

846105

5411

62972

.........

.......

32-1931

39850

597750

62826

11506610

26881

135990

33-1932

147015

179310

133258

203733

99312

606424

جملي

47015

2205225

203733

1846809

126535

745282

هيٺئين جدول ۾ زمينن جي سال وارو ڪري جو تفصيل ڏنل آهي.

39- 1938 کان اڳ

810539  ايڪڙ

42- 1941

112689 ايڪڙ

43- 1942

130863 ايڪڙ

50- 1949

20188  ايڪڙ

51-1950

53722  ايڪڙ

53- 1952

30829  ايڪڙ

54- 1953

22058  ايڪڙ

55- 1954

22922  ايڪڙ

56- 1955

125604 ايڪڙ

57- 1956

39842  ايڪڙ

58- 1957

33716  ايڪڙ

(5) لائيڊ بيراج تحت خيرپور ڪينال سسٽم

خيرپور رياست تقريباً 6200 چورس ميلن تي پکڙيل آهي، انهي جي سڀ کان وڌيڪ ڊيگهه 120 ميل ۽ سڀ کان وڌيڪ ويڪر 70 ميل آهي. انهيءَ جي حدن ۾ ڪنگري ۽ منگهڻ واري تپن تي ٻڌل ٽي ننڍا علائقا اچي وڃڻ ٿا. رياست جو ڏکڻ اوڀر وارو واڌ ريگستان آهي جنهن ۾ فقط گند گاهه ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ته الهندن ۽ اترين حصن ۾ جتي پاڻي پهچي ٿو اهي ڏاڍا زرخيز آهن. رياست جو مکيه ڪينال مير واهه (وڌ ۾ وڌ ڊسچارج 2100 ڪيوسڪ) آهي جنهن جي ڪپ تي خيرپور جو شهر آباد آهي. سٺيو واهه (وڌ ۾ وڌ ڊسچارج 1850 ڪيوسڪ) رياست جو ٻيون نمبر وڏو واهه آهي جيڪو سنڌو درياء مان ميرواهه جي ڀرسان ئي نڪري ٿو. اهي ڪينال ريلوي لائين ۽ روهڙي ڪينال جي اولهه ۾ هڪ سوڙهي پٽي کي پاڻي پهچائين ٿا. رياست جي آبپاشي جو ذريعو هڪ واهه ۽ انهن جون برانچون آهن. ابل واهه (وڌ ۾ وڌ ڊسچارج 1400 ڪيوسڪ ۽ ٻين ننڍن ننڍن واهن جو وڏو انگ سنڌو درياء مان سڌو سنئون پاڻي کڻي ٿو ۽ خيرپور رياست جي الهندن ۽ ڏکڻ الهندن حصن کي سيراب ڪري ٿو. ڪينالن جي ابل واهه سسٽم ۾ پاڻي جي سپلاءِ سدائين گهٽ وڌ هوندي آهي ۽ اها به گهڻي نار ذريعي ٿيندي آهي ۽ رياست اڳيئي انهي جي بهتري جي اها تجويز ڪڍي آهي ته ابل واهه کي سنڌو درياء مان اڃا ڪجهه مٿان ڪڍيو وڃي.

روهڙي ڪينال ٺهڻ سان رياست ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي سٺيو واهه، مير واهه ۽ انهي جي برانج فيض واهه وچان ڪپيا ويا ۽ روهڙي ڪينال جي اوڀر مان خيرپور فيڊر ايسٽ نالي هڪ فيڊر ڪڍڻ جي تجويز ٺاهي وئي جيڪو سکر وٽان بيراج مان نڪري ۽ ميرواهه ۾ ڇوڙ ڪري. اهڙي طرح آبپاشي جو نظام به صحيح هلندو رهي ۽ بيراج مان خاطري واري ۽ ڪنٽرول هيٺ سپلاء به ملندي رهي. فيض واهه به وچ مان ڪٽيو ويو ۽ اها تجويز ڏني وئي ته انهي جي پڇڙي ۽ ميرواهه جي سنهڙو واهه نالي هڪ برانچ کي هن ٽڪري کي سيراب ڪرڻ لاءِ وسعت ڏني وڃي. روهڙي ڪينال جي الهندي ڪناري تي ابل واهه کانسواءِ ٻئي ڪنهن به چينل کي وچ مان نه ڪٽيو ويو. سٺيو واهه ۽ پنهنجي برانچ فيض واهه سميت ميرواهه ڪجهه ري ماڊلنگ کانپوءِ پنهنجي ايراضي جي روهڙي ڪينال ذريعي ڪٽيل حصي (جيڪو انهي جي اولهه ۾ هو) کي سيراب ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهيا ٿي جيڪو انهن کان گهربل هو. تنهنڪري 1909ع واري پراجيڪٽ ۾ اها تجويز ڏني وئي هئي ته خيرپور فيڊر ويسٽ نالي سان هڪ فيڊر  کوٽيو وڃي جيڪو بيراج جي مٿان پاڻي کڻي ۽ ميل يا ڏيڍ ميل هيٺ مير واهه ۾ ڇوڙ ڪري. روهڙي ڪينال جي اولهه ۾ ڪٽيل علائقن ۽ ميرواهه، فيض واهه ۽ سٺيو واهه تي دارو مدار رکندڙ علائقن کي اهڙي طرح بيراج مان خاطري لاءِ ۽ اوچي سطح واري سپلاء ملندي رهندي. رياست کي جيڪڏهن پنهنجي ڏکڻ واري علائقي (ابل واهه ۽ ننڍن ڪينالن تي) ۾ پنهنجي تمام غير اطمينان بخش آبپاشي نظام ۾ سڌارو آڻڻ جو اونو آهي ته اهو فرض ڪيو ويو ته اها ان علائقي ۾ سڀني آبڪلاڻي واهن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ هڪ چينل ٺاهي. تڏهن اهو سمجهيو ٿي ويو ته رياست ۾ آبپاشي نظام جي بهتري بمبئي سرڪار جي ذميواري نه هئي ۽ انهي سبب ئي 1909 واري پراجيڪٽ ۾ فقط اهي ئي ڪم رکيا ويا جن جو بيان مٿي ڏنو ويو. جڏهن 20- 1919 وارو پراجيڪٽ تياري هيٺ هو تڏهن به رياست پاران ڪرڻ لاءِ بلڪل اهي ئي ڪم شامل ڪيا ويا جيڪي 10- 1909 واري پراجيڪٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا. جيئن 100- 1909 واري پراجيڪٽ ۾ رياست لاءِ جيڪي ڪم رکيا ويا هئا انهن ڪو اعتراض نه ڪيو ويو هو تنهنڪري اهو فرض ڪرڻ سڀاويڪ هو ته جڏهن پٺيون پراجيڪٽ تياري هيٺ هو تڏهن به رياست جو ساڳيو ئي رايو هوندو.

بيراج جو ڪم شروع ٿيڻ کان هڪ يا ٻه سال پوءِ رياست جا معاملا هلائڻ لاءِ هڪ ڪائونسل مقرر ڪئي وئي. سن 1928ع ۾ انهيءَ ڪائونسل جي پبلڪ ورڪس ميمبر رپورٽ موڪلي ته اهو تمام ضروري هوندو ته ويسٽ فيڊر کي ايستائين وڌايو وڃي جيئن اهو رياست جي تمام ڏاکڻين واهن کي به پاڻي ڏئي سگهي. هن واضح ڪيو ته بمبئي سرڪار جيڪڏهن  بيراج ۽ روهڙي ڪينال ٺاهي رياست ۾ پوکي راهي ۾ ڪارڪاوٽ نه ٿي وجهڻ گهري ته تقريباً 44 ميل ڊگهو خيرپور فيڊرويسٽ ٺاهڻ به بمبئي سرڪار جي ذميواري هئي جيڪا انهي کي لازماً پوري ڪرڻ گهرجي. هن اهو دليل ڏنو ته فقط 6-1 ميل ڊگهو ڪو به ويسٽ فيڊر رياست جي ڪنهن به ڪم جو نه هوندو ڇاڪاڻ ته اهو جيترو به پاڻي کڻندو (جيڪو اصل ۾ روهڙي ڪينال جي اولهه ۾ رياست جي سڀني چينلن کي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ هوندو) اهو ميرواهه ۾ داخل ڪيو ويندو جيڪو وڌ ۾ وڌ به ڪٽيل ايراضي جي هڪ ننڍي حصي کي سيراب ڪندو. وڌيڪ اهو ته بيراج ٺهڻ سان انهي ڳالهه جو به گهڻو امڪان هوندو ته جن واهن جا منهن انهي جي ڀر سان هوندا انهن جي ڪارڪردگي تي خراب اثر پوندو ڇاڪاڻ ته انهي سان درياء جي سطح وڌڻ کانپوءِ آبڪلاڻي واهن ۾ ايترو چاڙهه دير سان ايندو جنهن سان چڱي آبپاشي ٿي سگهي ۽ اهو چاڙهه درياءِ ۾ لاٿ اچڻ سان جلد ئي لهي ويندو. تنهنڪري اهو معاملو نئين سرکلي پيو ته رياست جا ڪهڙا ڪم بمبئي سرڪار جي خرچ تي ٿيڻ گهرجن.

هڪ جامع انڪوائري کانپوءِ بمبئي سرڪار اها ڳالهه مڃي ورتي ته 44 ميل ڊگهو ويسٽ فيڊر ضروري ريگيوليٽرن ۽ پلين سميت سندس خرچ تي ٺهڻ گهرجي. اهو فيصلو سن 1931ع جي آخر ۾ ٿيو پر انهي کان اڳ انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو ته ڪم ته لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالز ائڊ منسٽريشن پاران ٿيڻ گهرجي باقي اهو فيصلو پوءِ ڪيو ويندو ته انهي جي خرچ جو ذمو ڪير کڻندو.

فيڊر ويسٽ آخرڪار اپريل 1932ع ۾ آبپاشي لاءِ کوليو ويو.

بيراج تحت ايسٽرن نارا سسٽم هلائڻ

ايسٽرن نارا کي هن گزيٽيئر ۾ اڳ ۾ ئي چڱي توجه ملي چڪي آهي. لڳي ٿو ته اهو  اصل ۾ قدرتي طور ٺهيل اُٿل واري پاڻي جو چينل هو پر تمام گهڻي آبپاشي ٿيڻ سبب بهتر ٿي هڪ دائمي ڪينال ٿي ويو ۽ سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ هڪ اهم اسم جي حيثيت اختيار ڪري ويو.

سنڌو درياء الائي ڪيترن وقتن کان آبڪلاڻي جي مند ۾ هميشه کاٻي ڪپ  تي ريتي ۽ روهڙي جي وچ ۾ هيٺانهين هنڌن تي اُٿل کائيندو آهي ۽ ٻوڏ جو پاڻي هلندي هلندي ايسٽرن نارا ۾ اچي پوندو آهي جيڪو اڀرندي سنڌ جو هڪ قدرتي نيڪال جو چينل آهي. انهي تي ڪجهه قدر پوکي راهي به ٿيندي هئي. اهو چينل روهڙي کان اڳتي ڏکڻ  طرف چڱي حد تائين مقرر جاءِ تان وهندو هو ۽ انگريزن طرفان 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کان اڳ انهي جي پاڻي جو ذريعو فقط سنڌوءَ ۾ آيل ٻوڏ هوندي هئي. درياء جي وهڪري ۾ تبديلين ۽ پڻ درياء ۾ هر سال ايندڙ ٻوڏن سبب درياء جا ڪپر به آهستي آهستي مٿي ٿيندا ويا ته درياء جي ٻوڏن (جن کي گهوٽڪيءَ واريون ٻوڏون چيو ويندو هو) جو مقدار، مدو ۽ پڻ اچڻ گهٽ  ٿيندو ويو. جيئن ته ايسٽرن نارا جي سپلاء گهٽ وڌ ٿي وئي هئي تنهنڪري گورنمينٽ آف انڊيا، ليفٽيننٽ فائيف جي تجويز تي 1852ع ۾ روهڙي ڀرسان سنڌو درياء مان نارا لاءِ هڪ سپلاءِ چينل کوٽڻ جي پراجيڪٽ جي منظوري ڏني. ٻارنهن ميل ڊگهو اهو چينل 59- 1858ع ۾ کوليو ويو. انهي جا پهريان چار ميل پٿر ۾ هئا. اهڙي طرح نارا کي آبڪلاڻي مند ۾ اهڙو پاڻي ملڻ لڳو جيڪو اڳ ۾ کيس فقط انهن ورهين ۾ ملندو هو جڏهن سنڌو درياء ۾ معمول کان وڌيڪ چاڙهه هوندو هو.

ايسٽرن نارا لاءِ پاڻي ۾ جيتوڻيڪ سپلاءِ چينل ٺهڻ کانپوءِ چڱي بهتري اچي وئي پر سنڌو ۾ چاڙهه وارين ورهين ۾ گهوٽڪي ٻوڏن کي نارا ۾ داخل ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو هو ۽ جڏهن ائين ٿيندو هو ته نارا ۾ لٽ ڀر جي وڃڻ سان نارا ۾ گڙٻڙ ٿي ويندي هئي. ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ جا اپاءِ ورتا ويا پر انهن مان به ڪنهن حد تائين فائدو ٿيو. سن 1875ع ۾ ٺهيل قاسم پور بند ٻوڏ جي پاڻي کي ڪنهن حد تائين روهڙي وٽ روڪڻ ۾ مدد ڏني. وري سن 1917ع ۾ ٺهيل Flood Diversion Bund کي ترجيح ڏيندي هن بند کي ڪم نه آندو ويو. انهي نئين بند جو مقصد مکيه ٻوڏن کي نارا جي کاٻي ڪپ تي واريءَ جي ڀٽن ڏانهن موڪلڻ هو. اهو مقصد ڪجهه ڳالهين جي ڪري پورو نه ٿي سگهيو ۽ بيراج پراجيڪٽ جي لحاظ کان وڌيڪ اپاء وٺڻا پيا.

ايسٽرن نارا ۾ هيٺ ويندڙ پاڻي جو وڏو مقدار نارا جي ٻنهي ڪپرن تي هيٺاهين ۾ ذيان ٿي ويندو هو. نارا پهريان 52 ميل برطانوي علائقي ۽ پوءِ تقريباً 74 ميل خيرپور رياست ۾ وهندي جمڙائو کان 3 ميل مٿي وري برطانوي علائقي ۾ داخل ٿي ويندو هو. نارا انهي علائقي ۾ لٽاسي مٽي جي هڪ نا مهربان ماٿري مان گذري ٿو  جنهن جي ٻنهي پاسن تي واريءَ جون ڀٽون آهن. بيراج اسڪيم سان لاڳاپيل ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ناراهن ايراضي ۾ آبڪلاڻي جي مند ۾ پاڻي جي وڏين ليٽن جي صورت ۾ پکڙجي ويندو هو جڏهن ته سياري ۾ اهي ليٽون بيٺل پاڻي جا دُٻا ٿي وينديون هيون. چينل سان گڏوگڏ ڪيتريون ئي هيٺاهيون- چينل جا فطري ڪپر جتي هيٺ هوندا هئا انهن مان اٿليل پاڻي سان ڀرجي وينديون هيون. اهي هيٺاهيون پنهنجي ذخيري ۾ خريف جي پوکي لاءِ پڻ ڪجهه بچائي رکنديون هيون ۽ ربيع جي مند ۾ انهن جا پيٽ سُڪي وڃڻ کانپوءِ ربيع جي ڪجهه پوکي کي پڻ ٽيڪ ڏيندا هئا پر هيٺاهين ۾ ويندڙ پاڻي جو وڏو حصو ضايع ٿي ويندو هو.

نارا جي ٻنهي ڪپرن تي واري جون ڀٽون جمڙائو کان تقريباً 20 ميل هيٺ هليون وينديون هيون ۽ پوءِ ختم ٿي وينديون هيون. اتي نارا هڪ وڏي لٽاسي پٽ ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياء ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جي رڻ تائين پکڙجي ويندو آهي. نارا روهڙي کان 320 ميلن جو فاصلو طي ڪرڻ کانپوءِ ڪڇ جي رڻ ۾ پنهنجو پاڻي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي رستي ۾ سنڌو جي هڪ پراڻي وهڪري پراڻ  ڍوري کي به ڪتب آڻيندو ويندو آهي. گذريل ڪيترن ورهين کان نارا جي ڊسچارج روز بروز گهٽبي پئي وڃي ۽ عملي طور ڪيترن ورهين کان ميل 226 (ٿربند (Thar weir کان هيٺ پاڻي نه ويو آهي.

ايسٽرن نارا مان نڪرندڙ پهريون مکيه ڪينال جمڙائو ڪينال آهي. اهو 1900ع- 1899ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ هڪ دائمي ڪينال طور ڊزائين ڪيو ويو هو. مکيه ڪينال جي اولهه ۾ ڪجهه ٽڪرو 17 ميل تائين  ۽ ويسٽ برانچ جي اولهه واري ايراضي جيڪا انهي ڪينال مان سيراب ٿيندي هئي انهي کي بيراج اسڪيم تحت روهڙي ڪينال جي ڪمانڊ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. مکيه ڪينال جي اوڀر واريون ايراضيون جن کي شاهو، سانگهرو ۽ ميرواهه جهڙن آبڪلاڻي واهن مان پاڻي ملندو هو انهن کي جمڙائو ڪينال ڏانهن متتقل ڪيو ويو آهي. جمڙائو ڪينال جي پوکيء لائق ڪمانڊ انهن تبديلين سبب 000، 836 ايڪڙن تائين وڌائي وئي آهي. سموري نظام کي بيراج جي ڊيوٽين  (duties)۽ (intensities) مطابق ري ماڊل ڪيو ويو آهي. انهي مطابق خريف ۾ هڪ ڪيوسڪ تي 100 ايڪڙ ۽ ربيع ۾ هڪ ڪيوسڪ تي 200 ايڪڙ مقرر ڪيا ويا آهن. انهن ڊيوٽين ۽ انٽيسٽيز مطابق مکيه ڪينال جي هيڊ وٽ ڊسچارج 3400 ڪيوسڪ هئڻ گهرجي جڏهن ته بيراج کان اڳ وارين حالتن ۾ انهي جي ڊسچارج 3200 ڪيوسڪ هئي.

اڳ ۾ سانگهرو، شاهو ۽ ميرواهه جهڙن آبڪلاڻي واهن ذريعي سيراب ٿيندڙ ايراضيون جيڪي هاڻي جمڙائو ڪينال ڏانهن منتقل ڪيون ويون آهن انهن کي چوڪنڊن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهن کي نوان واٽرڪورس ڏنا ويا آهن. جمڙائو ڪينال جي موجوده چينلن مان وڌايل ڊسچارج گذارڻ لاءِ انهن کي ري ماڊلنگ جي ضرورت تمام ٿوري هئي پر نار وارين زمين کي موڪي زمين ۾ مٽائڻ لاءِ فل سپلاءِ ليول کي چڱي حد تائين وڌائڻ ضروري هو. اهو ڪم هاڻي هلندڙ آهي ۽ 35- 1934 ۾ ختم ٿي ويندو.

مٺڙائو ڪينال: مٺڙائو ڪينال ايسٽرن نارا مان نڪرندڙ ٻيو واهه آهي. اهو بيراج کان اڳ واري دور ۾ خريف ڪينال هو ۽  بيراج اسڪيم ۾ انهي کي ري ماڊل ڪيو ويو آهي جيئن اهو جن زمينن کي بيراج کان اڳ سيراب ڪندو هو انهن کي دائمي پاڻي ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن زمينن کي به پاڻي ڏئي جيڪي بيراج اسڪيم تحت انهي جي ڪمانڊ ۾ آنديون ويون هيون. انهي جي ڪمانڊ هيٺ آندل واڌو پوکي لائق ايراضي 223600 ايڪڙ آهي ۽ مٺڙائو ڪينال سسٽم تحت سيراب ٿيندڙ جملي پوکيءَ لائق ايراضي 521200 ايڪڙ آهي.

مکيه ڪينال جي سڌائي ۾ به ڪا ڦيرڦار نه ڪئي وئي آهي سواءِ انهي جي جو (پراڻن ميلن مطابق) ميل 63 ۽ 72 جي وچ ۾ هڪ وڏي وڪڙ کي سڌو ڪيو ويو آهي. انهي سان مکيه ڪينال جي ڊيگهه 12600 فوٽ گهٽ ٿي وئي آهي. نئون ڪوٽ برانچ مٺڙائو ڪينال مان ميل 7. 83 وٽان نڪري ٿي. مکيه ڪينال جي انهي جاءِ کان هيٺئين ڊيگهه کي ڇڏي ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪا ايراضي انهي مان سيراب ٿيندي هئي انهي کي نبي سر ۽ نئون ڪوٽ برانچن مان سٺي نموني سيراب ڪري سگهجي ٿو. اها ڇڏي ڏنل ڊيگهه آسپاس جي علائقي لاءِ نيڪال جي چينل جو ڪم ڏيندي ڪينال جي ري ماڊلنگ کان اڳ جملي ڊيگهه 3. 89 ميل هئي. اها هاڻي 7. 83 ميل آهي.

سن 20- 1919ع واري پراجيڪٽ مطابق مٺڙائو ڪينال کي جملي 559000 ايڪڙ ايراضي کي سيراب ڪرڻو هو. حقيقت ۾ اهو جملي 522700 ايڪڙن ۽ پوکي لائق 521200 ايڪڙن کي سيراب ڪري ٿو. هيڊ ريگيو ليٽر وٽ اوڀاري ۽ لهواري F.S.L بالترتيب 0. 77 ۽ 05. 73 آر. ايل آهي. هيڊ ريگيوليٽر وٽ لهواري پاسي بيراج کان اڳ واري دور ۾  F.S.L 0. 70 آرايل هئي. مٺڙائو ڪينال جي پڇڙي وٽ هاڻي نئون ڪوٽ برانچ شروع ٿئي ٿي، جتي بيراج کان اڳ وارن ڏينهن ۾ پاڻي جي اونهائي اڍائي فوٽ ۽ پيٽ جي ويڪر 12 فوٽ هوندو آهي. هاڻي مٺڙائو جي انهي هنڌ اونهائي ڇهه فوٽ ۽ پيٽ جي ويڪر 30 فوٽ آهي جيئن اهو نئون ڪوٽ برانچ کي پاڻي ڏئي سگهي. اوچائي واري F.S.L لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ مٺڙائو ڪينال جا ڪپر منڍ کان پڇڙيءَ تائين اوچا ڪيا ويا آهن. انهي ڪري ئي ڪيترن ئي تعميرن کي پڻ ري ماڊل ڪرڻو پيو هو. منظور ٿيل پراجيڪٽ ۾ هر سال 90,000 ايڪڙ ساريالي فصل جي گنجائش رکيل هئي. ايتري وڏي ايراضي تي ساريالي فصل لاءِ گنجائش رکڻ ضروري نه سمجهيو ويو ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه واضح هئي ته جنهن زمين جي وڏي حصي تي ساريون پوکڻ جو رواج هو انهي ۾ خريف جا فصل به ٿي وڃن ها. نتيجي طور فقط 1100 ايڪڙن تي سارين جي پوکي جي گنجائش رکي وئي ۽ هيءَ اها زمين آهي جيڪا يا ته هيٺاهين آهي يا ڪلراٺي آهي ۽ انهي تي سارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. سارين جي پوکي لاءِ اجازت مليل ايراضي ۾ تبديليءَ سبب اصل منظوري مليل پراجيڪٽ واري 3025 ڪيوسڪ ڊسچارج کي گهٽائي حتمي ڊزائين ۾ 2024 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.

اِيسٽرن نارا ڪينال سسٽم ۾ کپرو ڪينال ٽيون ۽ آخري دائمي واهه آهي. اهو نارا جي ساڄي ڪپ مان مَکي بند جي بلڪل مٿان مٺڙائو ڪينال جي لهواري پاسي وٽان نڪري ٿو. منظوري مليل پراجيڪٽ مطابق اهو ڪينال مٺڙائو ڪينال منجهان باکوڙو ريگيوليٽر وٽان نڪرڻو هو پر حتمي ڊزائين ۾ اهو بهتر سمجهيو ويو ته لڳ ڀڳ اصلي چينل جيتري ڊسچارج رکندڙ چينل کي سنئون سڌو نارا مان جدا هيڊ هئڻ گهرجي. انهي ۾ کپرو ڪينال کي 0-3 ميلن تائين وڌائڻو پوي ها پر انهي سان ٻنهي ڪينالن کي جدا جدا ڪنٽرول ملي ويو. انهي ڦيرڦار ۾ لڳ ڀڳ اسي هزار رپين جو خرچ ٿي آيو. ڪينال جي سڌائي ۾ به ٻي ڪا ڦير گهير نه ٿي جيئن منظوري مليل پراجيڪٽ ۾ تجويز ڏنل هئي. اهو لڳ ڀڳ اتر ڏکڻ ۽ ويجهو وهندڙ مٺڙائو ڪينال سان پهريان يارنهن ميل پورو ڇوٽ هلي ٿو. اهو پوءِ ارڙهين ميل تائين اڀرندي طرف هلي ٿو هن ڪينال مان سنجهورو ڪينال هن ڊيگهه مان (ميل 2- 14) نڪري ٿو. ڪينال ارڙهين ميل کان 39 ميل تائين ڏکڻ اڀرندي طرف هلي پوءِ 6. 49 ميل تائين ڏکڻ طرف هلي ٿو جتي اهو ختم ٿي وڃي ٿو.

ٿر ۽ هيرل ڪينال ايسٽرن نارا سسٽم  جا آخري ۽ بلڪل ڏکڻ طرف وارا ڪينال آهن. نارا ڪينال جي کاٻي ڪپ تي انهي جي سموري 217 ميل ڊيگهه مان فقط ٿرڪينال ئي نڪري ٿو. اهو خريف ڪينال طور اڳ ۾ به موجود رهيو هو ۽ انهي تي ڪيترن ورهين تائين فقط ساريون ٿينديون هيون ۽ 20- 1919 واري پراجيڪٽ ۾ اها تجويز رکي وئي ته انهي  تي پوک وڌائڻ لاءِ انهي کي ري ماڊل ڪيو وڃي. بهرحال انهي علائقي ۾ (نارا ڪينال جي کاٻي ڪپ تي) سٺيون زمينون هيون جيڪي موجوده ٿرڪينال تي سيراب نه پئي ٿي سگهيون ۽ اهي دائمي آبپاشي لاءِ تمام موزون هيون تنهنڪري هڪ نئون چينل (صوفي ڊسٽري بيوٽري) کوٽيو ويو آهي جيڪو کاٻي ڪپ تي انهن زمينن کي دائمي پاڻي مهيا ڪري ٿو جيڪي ٿر ڪينال ذريعي سيراب نه ٿي ٿي سگهيون.

لائيڊ بيراج اسڪيم ۾ جاگير زمينون

لائيڊ بيراج جي وڏن ڪينالن جي رٿابندي ۾ وڏي ايراضي تي جاگير زمينن جي موجودگي سبب تمام وڏي تڪليف دربيش آئي ڇو ته اهي ايراضيون سموري ملڪ ۾ بي ترتيبي سان پکڙيل هيون.

بيراجي ڪينالن ذريعي سيراب ٿيندڙ زمينون ڪنهن جي قبضي ۾ به ٿي سگهيون ٿي ته بغير قبضي جي به ٿي سگهيون ٿي. وري قبضي واريون زمينون جاگيردارن جي ملڪيت به ٿي سگهيون ٿي ته زميندارن يا رعيتين جي هٿن ۾ به ٿي سگهيون ٿي. زميندار جي حيثيت درحقيقت سرڪاري زمين جي قبضيدار جي هوندي آهي جنهن کي ملڪيت جا محدود حق (Limited proprietory rights) هوندا آهن. جاگيردار زمين جو مسواڙ- معاف (rent- free) مالڪ هوندو آهي ۽ انکي پنهنجي زمينن تي مالڪي جو حق عام طور انگريزن پاران سنڌ جي فتح کان اڳ جي دور جي گرانٽن ذريعي مليل آهي. اهي گرانٽون يا ته نوازش ۽ مهرباني طور يا وري رياست لاءِ قابل تعريف خدمتن کي مدنظر رکندي ڏنيون ويون هيون. سن 1842ع ۾ مياڻي جي جنگ کانپوءِ سرچارلس نيپيئر هڪ فرمان ذريعي انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪيو ته جيڪي به جاگيردار هڪ مقرر وقت اندر برطانوي حڪومت سان پنهنجي وفاداري جو اظهار ڪندا انهن کي پنهنجي جاگيرن جي قبضي جي توثيق ڪري ڏني ويندي. انهي اعلان تحت تقريباً 2000 جاگيردار پيش ٿيا ۽ انهن جي جاگيرن جي توثيق ڪئي وئي . نون بيراجي ڪينالن تي سيراب ٿيندڙ جاگير زمينن جي ايراضي تقريباً 330000 ايڪڙ يعني پوکيءَ لائق ايراضي جو تقريباً  5 سيڪڙو آهي.

جاگيرن جو اندروني بندوبست مڪمل طور جاگيردارن جي هٿن ۾ هوندو آهي. جڏهن واٽرڪورس ٺهڻ شروع ٿيا تڏهن جاگيردارن تي انهي ڳالهه لاءِ دٻاء وجهڻ ممڪن نه هو ته اهي پنهنجين زمينن کي وڌيڪ چوڪنڊن ۾ ورهائين. جيئن ته ڪجهه جاگيردارن کي ڇڏي ٻيا پنهنجين زمينن کي ننڍن چوڪنڊن ۾ ورهائڻ تي راضي نه هئا تنهنڪري واٽرڪورس ٺهڻ تي ڪجهه اثر پيو. تنهنڪري واٽرڪورس ٺاهڻ جي لحاظ کان جاگير زمينن کي ڪلاس III  زمينن ۾ رکيو ويو. اهي اهڙيون زمينون ليکبيون هيون جن ۾ موجوده واٽرڪورس ۽ اندروني سروي نمبرن جي حدن کي جيترو ٿي سگهي جيئن جو تيئن رکڻو هو.

هائو پر ايريگيشن ائڪٽ ۽ سنڌ ڪينال رولز جاگير زمينن تي بلڪل اهڙي طرح لاڳو ٿين ٿا جيئن زمينداري زمينن تي لاڳو ٿين ٿا ۽ اهڙين زمينن ۽ خالي سرڪاري زمينن لاءِ ڪتب ايندڙ واٽر ڪورسن کي بغير چوڪنڊن واري جاگير زمين مان ٽپايو ويو ۽ انهيءَ مقصد لاءِ جاگيردارن کان به اهڙي نموني زمين حاصل ڪئي وئي جيئن زميندارن کان حاصل ڪئي وئي هئي. جاگير زمينن جي موجودگي جيتوڻيڪ اصولي طور سرڪار جي مفادن تي ڪو خراب اثر نه ٿي وڌو پرحقيقت ۾ ماضي ۾ ائين ٿي چڪو هو. ڪجهه جاگير زمينن جي سروي ٿيل نه آهي ۽ تنهنڪري ايراضين جا رڪارڊ به ناقص آهن. نتيجي طور اهي ٻئي ڳالهيون اڻ چٽيون آهن ته اهي ڪيتري پاڻي جون حقدار آهن ۽ انهن کي ڪيترو  حقابو ڏيڻ گهرجي.

جاگيردار پنهنجي زمين يا ته عام هارين کان آباد ڪرائيندو آهي جيڪي فصل مان حصو وٺندا آهن يا هاري موروثي به ٿي سگهن ٿا انهن کي جاگيردارن جي بر خلاف زمينداري حق هوندا آهن. جاگيردار حڪومت کي حقابو نالي هڪ محصول ڏيندو آهي انهي ذريعي هو حڪومت پاران کيس پاڻي پهچائڻ لاءِ آيل خرچ ۾ پنهنجو حصو ادا ڪندو آهي. انهي جي وڌ ۾ وڌ شرح اها ٿي سگهي ٿي جيڪا حڪومت پاران پاڻي پهچائڻ جي لاڳت هجي يا زميندار تي لاڳو شرح جو اڌ پر انهن ٻنهي مان جيڪا رقم وڌيڪ هوندي اها ڏيڻي پوندي. سنڌ ۾ برطانوي نظام شروع ٿيڻ سان حقابي جي ادائيگي جنس ۾ ٿيڻ لڳي ۽ جاگيردار کي پنهنجي جاگير جي سموري پيداوار جو پنجون حصو حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو هو پوءِ اڳتي هلي جڏهن ڍل روڪ رقم ۾ ورتي وڃڻ لڳي ته حقابو تمام گهٽ شرح ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ 25- 1924ع تائين اهو خريف تي اٺ آنا ۽ سارين تي ڏهه آنا هو. پاڻي پهچائڻ جي لاڳت انهي کان گهڻي وڌيڪ هئي ۽ اگهه ۾ ڪيترا ورهيه اڳ ئي اضافو ڪرڻ ناواجب نه هجي ها. سن 25- 1924ع ۾ انهي کي وڌائي خريف تي ٻارنهن آنا ۽ سارين تي ڏيڍ رپيو ڪيو ويو پر اهو آبڪلاڻي واهن تي ايندڙ خرچ جو نسبتي حصو ڪڍڻ لاءِ ناڪافي آهي. جاگيردارن ماضي ۾ حقابي جي انهن گهٽ اگهن مان گهڻو فائدو ورتو آهي. وري وڏي ڳالهه اها ته ڪينالن ۾ آيل بهتري سان انهن جي واٽر ڪورسن جي سپلاءِ ۽ انهن جي زمينن جي قيمت ۾ وڏي واڌ اچي وئي آهي. هتي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ جاگيردار جو احوال ڏئي سگهجي ٿو.  جڏهن شروع ۾ جاگير عطا ڪئي وئي هئي تڏهن انهي جو وڏو حصو باراني هو يعني فقط برسات جي پاڻي تي آباد ٿي سگهيو ٿي جو ڪينال جو پاڻي دستياب نه هو. جاگير جي وڏي حصي کي گذريل ڪيترن ورهين کان آبڪلاڻي واهن جو پاڻي ملي رهيو آهي ۽ گذريل ويهن ورهين کان ساريون عام جام پوکجي رهيون آهن. زمين جي قيمت به باراني زمين طور پنج رپيا في ايڪڙ مان ساريالي زمين طور 200 رپيا يا ان کان به وڌيڪ في ايڪڙ ٿي وئي آهي. تنهنڪري بيراج ۽ نوان ڪينال ٺهڻ سان خاطري وارو پاڻي دستياب ٿيڻ سان اهڙي زمين جي مالڪ پاران ادا ٿيندڙ حقابي ۾ واڌ جو ڪيس مضبوط لڳي ٿو.

لائيڊ بيراج اسٽئنڊنگ ڪاميٽي اگهن ۾ واڌ جي سوال تي غور ڪندي اها تجويز ڏني ته هر جاگير جي حالتن بابت هڪ انڪوائري ڪئي وڃي ۽ لئنڊ روينيو ڪوڊ جي سيڪش 83 ۾ اهڙي طرح ترميم ڪئي وڃي جيئن جاگيردار وڌايل حقابي جو ڪجهه حصو پنهنجن هارين کان وٺي سگهي. هاڻي حقابي جي شرح مقرر ڪرڻ جي مقصد کي آڏو رکندي هر جاگير جي حالتن جي انڪوائري ڪرڻ لاءِ هڪ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومت مارچ 1944ع ۾ روينيو آفيسر جي اها تجويز منظور ڪئي ته جيستائين حقابي جا نوان اگهه مقرر ٿين تيستائين رعيتي زمينن تي بيراج کان اڳ ۽ بيراج کانپوءِ هر ديهه جي ڍل جي اگهه جي تفاوت جي برابر رقم حقابي جي موجوده اگهن ۾ شامل ڪئي وڃي. انهي جو ٿلهي ليکي مطلب اهو ٿو نڪري ته موجوده  ٻارنهن آنا في ايڪڙ خريف ۽ ڏيڍ رپيو في ايڪڙ سارين وارو اگهه ٻيڻو ٿي ويندو. اهو فرض ڪندي ته بيراج جي ڪمانڊ وارين جاگيرن ۾ حقابي جي سراسري شرح آخرڪار چار رپيا في ايڪڙ ڪئي ويندي (حڪومت پاران آبپاشي لاءِ پاڻي پهچائڻ تي حقيقي لاڳت موڙي تي پنج سيڪڙو وياج سان) ۽ جاگيردارن پاران ڏني ويندڙ حقابي جي 1933ع وارن اگهن ۽ چار رپيا في ايڪڙ جي سراسري اگهه ۾ تفاوت فقط 60 سيڪڙو انٽينسٽي فرض ڪندي پنج لک رپيا سالياني جي برابر ٿيندو ۽ اهو ڪينالن تي محصول لاءِ نقصان هوندو. جاگيرن جي مسئلي تي اڳڀراين لاءِ ڏسو هن گزيٽيئر جو باب ارڙهون.

بيراجي ڪينالن مان ٻيلن کي پاڻي جي پهچ

سنڌ جا اڪثر ٻيلا دريائي آهن ۽ تقريباً سٺ لک ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهن. درياء ۾ هرسال ايندڙ ٻوڏون دريائي ٻيلن کي مختلف سطح جي پاڻي سان ۽ مختلف عرصي لاءِ پاڻي سان ڀري ڇڏين ٿيون جنهن جو دارومدار انهي تي هوندو آهي ته درياء ۾ ڪيترو چاڙهه اچي ٿو ۽ ڪيترو وقت هلي ٿو. دريائي ٻيلا جيئن ته درياء جي عمل ڪاري جي زد ۾ هوندا آهن تنهنڪري عين ممڪن آهي ته اهي ڪنهن جاءِ تي سمورايا انهن جو ڪجهه حصو پٽجي وڃي جڏهن ته درياء ٻئي هنڌ نئين زمين ٺاهي ڇڏيندو آهي. جتي ٻيلا ڪنهن مٿاهين هنڌ تي واقع هوندا آهن اتي ٻوڏ ايترو جلد نه ايندي آهي نه ئي گهڻو وقت هلندي آهي. انهن سببن جي ڪري دريائي ٻيلن مان فقط اهڙي ڪاٺ جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪو فقط ٻارڻ لاءِ ڪتب اچي سگهي. اهڙي ڪاڻ ۾ ٻٻر، ڪنڊي ۽ باهڻ وغيره اچي وڃن ٿا. بيراج کانپوءِ وارين حالتن ۾  به انهن ٻيلن جو پاڻي اهڙي طريقي سان ملندو  جهڙو هاڻي ملي ٿو ڇاڪاڻ ته جيستائين انهن ٻيلن جو تعلق آهي ته بيراجي ڪينالن جي کڻت سالياني ٻوڏن تي وڏي حد تائين اثرانداز نه ٿيندي. دريائي ٻيلن سان گڏوگڏ ڪئي غير دريائي ٻيلا پڻ آهن جيڪي مُنڍ ۾ ائين پيدا ٿيا جو درياء هيٺاهين وارن جاين تي ٻوڙان ٻوڙڪري ڇڏيندو هو. سنڌو درياءَ تي بندن جي موجوده قطار ٺهڻ کان اڳ ملڪ جي پڪي جي علائقي تي ٻوڏون جلدي جلدي اينديون هيون ۽ انهن ۾ پاڻي به تمام گهڻو هوندو هو پر گذريل لڳ ڀڳ پنجاهه ورهين جي عرصي دوران جيئن درياءَ جا اهي بند وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا پيا وڃن تئين اهي پڪي تي ايندڙ ٻوڏون گهٽبيون پيون وڃن ۽ اڄڪلهه ته عملي طور انهن کي پاڻي ملي ئي نه ٿو. پڪي جي ڪجهه سو ايڪڙن تي بيٺل ٻيلن کي گذريل ڪجهه ورهين کان آبڪلاڻي واهن منجهان پاڻي ملي ٿو پر مجموعي طور اُهي پڪي جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ۽ جڏهن 1920ع ۾ سکر بيراج پراجيڪٽ تيار ٿي رهيو هو ته ٻيلي کاتي پڪي جي ڪجهه ٻيلن لاءِ نون ڪينالن مان پاڻي جي گُهر ڪئي هئي. جنهن ايراضي لاءِ پاڻي گهربل هو انهيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا ردوبدل ٿي پرحتمي طلب اها بيٺي ته درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دائمي ڪينالن مان 55000 ايڪڙن لاءِ ۽ کاٻي ڪپ تي روهڙي ڪينال مان 17000 ايڪڙن لاءِ پاڻي ڏنو وڃي.

سنڌ جي چيف ڪنزر ويٽر آف فاريسٽس؛ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ سيپٽمبر 1953ع ۾ چيو ته سکر بيراج آبپاشي هيٺ ٻيلن جي جملي ايراضي 55000 ايڪڙ آهي جن مان ٽيهه هزار ايڪڙن تي اڳيئي وڻ پوکيا ويا آهن ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بيراجن مان هر هڪ تي ڏيڍ ڏيڍ لک ايڪڙن تي ٻيلا پوکڻ جي تجويز آهي. ڪنزر ويٽر چيو ته سکر بيراج ٺهڻ ۽ هاڻي زير تعمير ڪوٽڙي بيراج رٿا هيٺ اپرسنڌ بيراج ٺهڻ سان ٻيلي کاتي کي پهريون دفعو خاطري ۽ ڪنٽرول وارو پاڻي ملندو جنهن سان موجوده غيرمتوازن ٻيلائي معيشت جو زور ٻارڻ ۽ ڪوئلي تي آهي جڏهن ته پاڻي ملڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻيلن ۾ اقتصادي لحاظ کان اهم جنسون متعارف ڪرائي سگهبيون. لوئر سنڌ بيراج جي علائقي ۾ هٿ سان پاڻي  ڏئي جيڪي ٻيلا پوکيا ويندا انهي ۾ دائمي پاڻي واري ايراضي ۾ ويهه هزار ايڪڙ  اهڙيون جنسون متعارف ڪرائڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن! ڪوٽڙي بيراج جو سرڪاري طور 15- مارچ 1955ع تي پاڪستان جي گورنر جنرل افتتاح ڪيو. انهي بيراج ۽ ان جي فيڊ ر ڪينالن جي ڪجهه وقت کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي ڇاڪاڻ ته انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جيترو شروع ۾ سمجهيو پئي ويو پنجاب جي ڪينالن انهيءَ کان گهڻو وڌيڪ پاڻي پئي کنيو. هيٺاهين سنڌ بيراج کي سرڪاري طور غلام محمد بيراج جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ انهي تحت اها رٿابندي ڪئي وئي آهي ته اهو سنڌ جي هيٺاهين حصي ۽ درياءَ جي ڊيلٽا واري حصي لاءِ اهو ڪم ڪري جيڪو لائيڊ بيراج پنهنجي ڪمانڊ وارين ايراضين لاءِ ڪيو آهي.

غلام محمد (ڪوٽڙي) بيراج

اهو پراجيڪٽ جنهن جو بيراج هڪ حصو آهي پاڪستاني انجنيئرن ۽ عملي پاران تعمير ٿي رهيو آهي سواءِ چيف انجنيئر ۽ ڪجهه برطانوي انجنيئرن جي جن جو انگ به پنجن کان وڌيڪ نه هوندو هو ۽ اهي به گهڻو ڪري مڪينيڪل سائيڊ تي گهربل هوندا هئا. خود بيراج جو ڪم کاتي طرفان ٿيو هو جنهن ۾ ڪجهه مزدور سنئون سڌو کنيل هئا ۽ ڪجهه ڪم تمام ننڍن ٺيڪيدارن کي ڏنل هو. ڪينالن جو سمورو ڪم سواءِ هڪ مثال جي سنئون سڌو  کاتي طرفان يا پاڪستاني ٺيڪيدارن طرفان ٿي رهيو آهي. هن سسٽم جيتوڻيڪ هرگريڊ جي اهم تعميراتي انجنيئر تي وڏو دٻاءُ وجهي ڇڏيو آهي ان جو پر مجموعي طور معيشت تي سٺو اثر پيو آهي. انهي سسٽم ۾ رکيل لچڪ مان اهو فائدو آهي ته ڊزائين يا ڊزائين تي عملدر آمد ۾ ڪنهن بهتري کي سولائي سان شامل ڪري سگهجي ٿو ڇوته ڪنهن  به رٿا جي چالو ٿيڻ کانپوءِ اهڙين ڳالهين جا امڪان ظاهر ٿي بيهندا آهن.

بيراج ٽي هزار فوٽ ڊگهو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 875000 ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي. انهي ۾ 60 فوٽ ويڪرا 44 لنگهه رکيل آهن جن ۾ 21 فوٽ اونها دروازا رکيل آهن. اهي دروازا پاڻي کي بيراج جي چوٽي کان 20 فوٽ مٿي روڪي بيهن ٿا. اوڀاري ۽ لهواري پاسي سياري جي مند ۾ وڌ ۾ وڌ فرق تقريباً 31 فوٽ  هوندو.

دريائي آمدو رفت ۾ سهوليت لاءِ بيراج ۾ لاڪ چينل پڻ رکيو ويو آهي. لاڪ چينل جي مٿان روڊ برج جو اهو حصو اهڙي طرح ڊزائين ڪيل آهي جيئن اهو مٿي کڄي سگهي جيئن انهي مان ٻيڙيون لنگهي سگهن. ڦليلي ڪينال جي هڪ حصي ۾ به دريائي آمدو رفت ٿي سگهندي تنهنڪري انهي ۾ به لاڪ رکيو ويندو. ڪينالن جي هيڊ ريگيوليٽرن وارن حصن کي احاطي ۾ ڪرڻ لاءِ ٻنهي پاسن تي ٻه ڊوائيڊ وال (Divide walls) ٺاهيون ويون آهن. اهي لٽ کي روڪڻ جو ڪم ڪن ٿيون جنهن سان ڪينال ڳري لٽ کان آجو پاڻي کڻي سگهندا. لٽ انهن حصن ۾ گڏ ٿيندي ويندي. جڏهن انهن حصن ۾ ڪافي لٽ گڏ ٿي ويندي ته انهن حصن جا دروازا کوليا ويندا ۽ لٽ بيراج مان درياء جي لهواري پاسي موڪلي ويندي.

ٻنهي ڊوائيڊ والس ۾ مڇين جا لنگهه  (Fish Ladder or Passes) پڻ ٺهيل آهن. اهي لنگهه حوضن (Pools) جي هڪ سلسلي تي ٻڌل آهن جن مان هرهڪ حوض جي سطح ۾ هڪ فوٽ جو فرق آهي. حوض هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. مڇين جي لنگهن جي ذريعي قيمتي ’پلو‘ بغير دقت جي لنگهي ويندو.

ٻن ڊوائيڊ والس سان گڏو گڏ ٻه ٻيا ٿنڀا پڻ ٺاهيا ويا آهن جيڪي عام ٿنڀن کان وڌيڪ ويڪرا آهن. انهي جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ درياءَ مٿان تمام هاءِ ٽينشن بجلي جي لائين ٽپائڻي پوي ته اهو ڪم به گهٽ خرچ سان ۽ بغير دقت جي ٿي سگهي.

حيدرآباد کي هاڻي ناڪافي  ۽ غيراطمينان بخش پاڻي ملي ٿو جيڪو درياء مان بيراج جي لهواري پاسي کان پمپن ذريعي ڪڍيو وڃي ٿو. سرڪار اهڙيون رٿائون ٺاهيون آهن جيئن انهي بيراج مان سال جي ڪجهه حصي ۾ موڪ ۽ سياري ۾ پمپنگ جي ذريعي بهتر ۽ وڌيڪ پاڻي ڏئي سگهجي. درياءَ جي کاٻي ڪپ تي اهڙيون سهوليتون رکيو ويون آهن.

ساڳئي طرح ساڄي ڪپ تي لوئر سنڌ ٿرمل پراجيڪٽ لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تجويز هيٺ 15000 ڪلو واٽ اسٽيم اسٽيشن لاءِ پاڻي پهچائڻ جون سهوليتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن. اهو پراجيڪٽ جيتوڻيڪ غير ملڪي ناڻي جي کوٽ سبب اڃا شروع نه ٿيو آهي پر اميد آهي ته اهو تمام ضروري پراجيڪٽ جلد ئي عمل هيٺ اچي ويندو.

هڪ تازي اڳڀرائي سئي گئس جي دريافت آهي. اتر طرف کان ڪراچي ويندڙ پائيپ لائين ڪوٽڙي بيراج مٿان لنگهي ٿي. انهي پائيپ لائين جي به هن بيراج مٿان گنجائش نڪري آئي آهي جيتوڻيڪ اها اصل ڊزائين جو حصو نه هئي. انهي سان تمام گهڻي بچت ٿي آهي ٻي صورت ۾ انهي کي درياءَ مٿان گذارڻ لاءِ وڏو خرچ ضروري هجي ها.

بيراج تي ويهه فوٽ ويڪري روڊ برج ٺاهي وئي آهي، انهي جي ٻنهي پاسي چار چار فوٽ ويڪرا فوٽ پاٿ ٺاهيل آهن. اچ وڃ جو اهو واڌو ذريعو عام  حالتن سان گڏوگڏ انهي وقت تمام ڪارائتو ٿيندو جڏهن موجوده ڪوٽڙي روڊ برج جي مرمت ضروري هوندي. اها روڊ  برج ريلوي برج سان جُڙيل آهي. بيراج واري روڊ  برج پري اسٽريسڊ پري ڪاسٽ بيمن تي بيٺل آهي. پاڪستان ۾ تعمير جو اهو طريقو پهريون دفعو ڪتب اچي رهيو آهي.

دروازن کي هلائڻ لاءِ اسٽيل جي هڪ ڍانچي تي اسٽيل اور برج (Over bridge) پڻ ٺاهي وئي آهي. اها جيتوڻيڪ مناسب وزن ۽ طاقت واري آهي جيئن دروازن ۽ ان جي ڌڙن Counterbalances جو وزن کڻي سگهي پر انهي هوندي به ايتري ڳري نه آهي جو ٿنڀن ۽ فرش تي غير ضروري بارو جهي. ڊانچو، دروازا ۽ گيئر به کاتي طرفان رکيا ويا آهن.

بيراج ڪنڪريٽ جو ٺهيل آهي جڏهن  ته ٿنڀن ۽ پشتين تي ٻاهرئين پاسي کان پٿر لڳل آهي. انهي ڪم توڙي ڪنڪريٽ لاءِ پٿر نارٿ ويسٽرن ريلوي ذريعي تقريباً 70 ميل پري جنگ شاهي مان آندو ويو هو جتي فرسٽ ڪلاس پٿر دستياب هو.

جيتوڻيڪ آرائشي ۽ نمائشي ڳالهين تي پيسو خرچ نه ڪيو ويو آهي پر بيراج جي ظاهري شڪل جو به وڏو خيال رکيو ويو آهي جيئن ان جي فطري سونهن برقرار رهي. ان جا سمورا حصا ڌار ڌار ڊزائين ڪيا ويا آهن جيئن انهن جا عمل بغير ڪنهن هرج يا ڏيک ويک جي سرانجام ڏئي سگهجن.

مزدورن جي قلت ۽ انهن جي وڌندڙن اجرتن سبب بيراج جي تعمير انهي کان گهڻي ميڪانيڪي نموني ۾ ٿي جيتري ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيندي رهي هئي.

انهي بيراج مان نڪرندڙ ڪينال به پنهنجي سر تمام وڏا ڪم آهن. ساڄي ڪپ تي 9100 ڪيوسڪ گنجائش رکندڙ دائمي ڪلري ڪينال تمام ڏکئي علائقي مان ڪڍيو ويندو. اهو ڪينال اڳتي هلي هيٺاهين جي هڪ سلسلي ۾ داخل ٿيندو جن کي پاڻي سان تار ڪري ڇڏبو ته تقريباً 45 چورس ميل پکيڙجي هڪ ڍنڍ ٺهي پوندي. اها ڍنڍ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور جي پيداوار جون سهوليتون ڏيندي ۽ ڪراچي لاءِ  واٽر سپلاءِ جو هڪ ڪارائتو ذخيرو ٿيندي. اهڙيون ڍنڍون ملڪ جي خوشنما منظرن ۾ وڏو اضافو ڪن ٿيون ۽ سير تفريح ۽ ماهي گيري جا به ڪيترائي موقعا فراهم ڪن ٿيون.

ڪلري ڪينال گادي جي هنڌ ڪراچيءَ وڌندڙ ضرورتن لاءِ 460 ڪيوسڪ يا روزانو 230 ملين گيلن پاڻي مهيا ڪندو. ڪلري ڍنڍ جي انهي ذخيري کانسواءِ سال جي ڪجهه وقتن تي زرعي مقصدن واري پاڻي ۾ کوٽ ڪرڻ کانسواءِ اها سپلاءِ ڏيڻ ناممڪن هوندو.

بيراج کاٻي ڪپ تي موجوده ڦليلي ڪينال کي پاڻي ڏيندو جنهن کي سڌو ۽ جديد بڻايو ويندو ۽ ان جي گنجائش موجوده 11000 ڪيوسڪ مان وڌائي 13800 ڪيوسڪ ڪئي ويندي. ڦليلي مان هڪ نئين گوني برانچ ٺاهي پئي وڃي جيئن موجوده ڪمانڊ کان ٻاهر نئين ايراضي جي هڪ وڏي بلاڪ کي غير دائمي پاڻي ڏئي سگهجي.

ڦليلي ڪينال سان لڳولڳ 14350 ڪيوسڪ گنجائش رکندڙ غيردائمي پنڃاري  کوٽيو پيو وڃي. اهو چينل موجوده آبڪلاڻي واهن کي پاڻ ۾ شامل ڪندو موجوده پڃاري اننڊيشن ڪينال تائين ويندو هليو.

کاٻي ڪپ تي دائمي آبپاشي لاءِ هڪ ٽيون ڪينال نڪري ٿو. اهو زمين جي انهن ٻن بلاڪن کي سيراب ڪندو جن کي هاڻي ڦليلي مان غير دائمي پاڻي ملي ٿو. جيئن ته 4100 ڪيوسڪ گنجائش رکندڙ اهو ڪينال دائمي وهندو تنهنڪري انهي کي سيمينٽ ڪنڪريٽ سان پڪو ڪيو پيو وڃي جيئن  سم جي نقصانن کي ختم يا گهٽ ڪري سگهجي. سترميل ڊگهي، 44 فوٽ پيٽ جي ويڪر ۽ ساڍا 15 فوٽ اونهائي رکندڙ پڪي چينل جي تعمير سنڌ ۾ هڪ تمام وڏو ڪم ۽ هڪ جدت هوندي.

سموري پراجيڪٽ جي لاڳت 24 ڪروڙ رپين کان وڌي ويندي. هيءَ هڪ تمام وڏي رقم آهي ۽ انجنيئر وڏي محنت ڪري رهيا آهن جيئن ڪم کي ڪاٿي اندر پورو ڪري سگهجي. انهي لحاظ کان انهن جي ڪاميابي جو دارو مدار ڪنهن حد تائين اهڙن عنصرن تي هوندو جيڪي انهن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن. پر جنگ کانپوءِ وارين تعمير اتي ڪمن جي لاڳت جي وڌيل سطحن تي به اهو تمام وڏو خرچ ملڪ جي هن حصي کي اوڀارين پاسي کان پاڻي جي کڻت جي اثرن کان بچائڻ ۽ خوشحالي جي عام سطح کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي.

بيراج مڪمل ٿيڻ سان سن 1955ع ۾ کاٻي ڪپ وارن ڪينالن کي خاطري سان پاڻي ڏئي سگهبو. اميد ڪئي ٿي وڃي ته ڦليلي فيڊر کي پنهنجي ضرورت مطابق پاڻي ڏجي ۽ پنڃاري فيڊر  کي 4/3 ڊسچارج ڏجي جيڪا ان جي موجوده ايراضين لاءِ ڪافي ٿيندي. گوني کي 2000 ڪيوسڪ ڏنا ويندا جيڪي ان جي موجوده ايراضين لاءِ ڪافي ٿيندا ۽ ڪجهه وڌيڪ علائقن لاءِ پڻ پاڻي بچندو. لائينڊ (Lined) چينل هيٺ ميل 22 تائين وهندو جيئن انهي ڪپ تي دائمي زمين جي مٿئين بلاڪ کي سيراب ڪري سگهي.

انهيءَ کانپوءِ پنڃاري ۽ گوني کي ويڪرو ڪيو ويندو. نيون ڊسٽري بيوٽريون ٺاهيون وينديون ۽ پراڻن چينلن کي ري ماڊل ڪيو ويندو جيئن اهي زمينون جنهن رفتار سان آباد ٿي رهيون آهن انهي جو ساٿ ڏئي سگهن ۽ پڻ زمين جي تخميني نه پر حقيقي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن.

بدقسمتي سان ساڄي ڪپ تي ڪينال جي تعمير ۾ دير ٿي وئي. انهي جو هڪ سبب ته اهو  هو جو 8 ميل ڊگهي جابلو علائقي ۾ 40 کان 50 فوٽ ڊگهو چينل کوٽڻ ڏکيو هو ٻيو ته ضروري مشينري جي پڻ کوٽ هئي جيڪا تمام دير سان پهتي. اميد آهي ته اهو چينل سن 1956ع دوران وهڻ شروع ڪندو.

پاڪستان جي هن حصي ۾ جيتوڻيڪ ايتري پيماني تي ته هائڊرو اليڪٽرڪ پاور جي پيداوار ممڪن نه آهي جيتري الپ يا هماليه جبلن وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿي پر جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن پراجيڪٽ ۾ ڪلري ڍنڍ جي هيٺئين ڇيڙي وٽان 20 فوٽن جي اوچائي تان ڏهه هزار ڪلو واٽ جي پيداوار جي سهوليت موجود آهي. پنڃاري فيڊر تي به اونهاري جي مند ۾ ڏهن فوٽن جي اوچائي تان پاور جي پيداوار جا امڪان آهن. سياري جي مند ۾ بجليءَ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪلري ڍنڍ جي ڇنڊڻ چينل جي 40 فوٽ اوچائي کي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org