سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:8 

باب پنجون

 

سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت ۽ شهري ثقافت جي پوئين دؤر جي وسندين جا نمونا

تعارف:

هيءُ باب تاريخ کان اڳ واري گجرات ۾ موجود وسندين جي طرزن جي مختلف خاصيتن تي روشني وجهندو. کوٽاين ۽ کوجنائن دوران هٿ آيل حقيقتن مان اهڙيون ڳالهيون اخذ ڪري وٺندا آهيون، ته سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت ۽ شهري ثقافت کان پوءِ واري دؤر جي ماڻهن پاڻ کي ڌرتيءَ جي طبعي ۽ ثقافتي تناظر ۾ ڪهڙي طريقي سان منظم ڪيو هو ۽ وقت جي رفتار سان انهن ۾ ڪهڙي قسم جون تبديليون اينديون رهنديون هيون.

ابتدائي بحث جو مرڪزي نقطو سنڌي وسندين جي طرزن تي جاگرافيائي تبديليءَ جو اثر هوندو. کنڊرن جي کوٽاين وسيلي ڪي اهم مقامي حقيقتون هٿ لڳيون آهن، جن کي هن ساري علائقي کي سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال مان نهايت سولائيءَ سان سمجهي وٺنداسون، ته سنڌي ماڻهن جاگرافيائي ماحول کي نظر ۾ رکي پنهنجي وسندين اَڏڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي هنڌ/جاءِ وقوع (Location) جي چونڊ ڪئي هئي؟ ان کان پوءِ هنن ماڻهن جي پيٽ گذر لاءِ پورهئي ۽ پوکي راهيءَ جي مقصدن واسطي پاڻيءَ جي نظام تي پڻ روشني وڌي ويندي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته شهري ثقافت جي پوئين مرحلي وارن ماڻهن خشڪ قسم جي پوک جهڙوڪ: ٻاجهري ڏانهن ڌيان ڏنو هو. تنهن ڪري هن مرحلي تي ثقافتي شين جي طرزن جي تبديليءَ کان گهڻو وڌيڪ لکي سگهجي ٿو.

ان کان پوءِ هن بحث جو رخ وسندين جي تعداد جي تبديليءَ ڏانهن موڙيو ويندو. انهيءَ لاءِ ته جيئن ان موضوع تي چڱيءَ ريت غور ويچار ڪري سگهجي، ته مذڪوره وسنديون وقت جي رفتار سان ڪهڙي ريت هڪ جاءِ تان ٻيءَ جاءِ تي مٽبيون رهيون آهن. هن باب ۾ اهڙيون حقيقتون پيش ڪيون وينديون، جن کي ٻين حقيقتن کي احتياط سان اخذ ڪرڻ ۾ سهائتا ملندي، ته گجرات اندر سنڌو تهذيبن جي ٽن مرحلن دوران قائم ٿيندڙ سنڌي وسندين جي تعداد ۾ چٽو فرق موجود آهي ۽ نمونن (Sample) وٺڻ جهڙيون غلطيون هن قسم جي تبديليءَ کي سمجهائي ڪونه سگهنديون. هن باب ۾ اهڙن عنصرن تي بحث به ڪيو ويندو، جن جو تعلق وسندين جي وڌندڙ ۽ گهٽ ٿيندڙ تعداد جي سبب سان هوندو. اهڙن عنصرن جو تعلق آدمشماريءَ جي انگن اکرن جي تبديليءَ، پيٽ گذر جي طريقن ۾ مٽ سٽ ۽ هڪ نيات جي ماڻهن پاران هڪ ڳوٺ کي ڇڏي، هڪٻئي پٺيان نوان ڳوٺ اڏڻ جي ڪارڻن سان هوندو. هن بحث جو اهم مقصد قديم آثارن جي کنڊرن مان آدمشماريءَ جو اندازو ڪرڻ به هوندو. ان آدمشماريءَ جي تحقيق جو بنياد انهن وسندين جي تعداد تي قائم ڪيو ويو آهي، جن کي باب چوٿين ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. هتي اهڙيءَ راءِ جو اظهار ڪري سگهجي ٿو، ته هي معاملو اهڙو ڪونه آهي جو مختلف وسندين مان مليل حقيقتن جي آڌار تي سولائي سان سلجهائي سگهجي. هن باب جي پوئين حصي ۾ هڪ اهم وسندي لوٿل بابت معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ گجرات ۾ ان جي جاءِ وقوع (Location) تي بحث ڪيو ويندو. اتر گجرات ۽ باقي کنڊرات جي ميداني علائقي ۾ موجود وسندين جي هڪ تعداد جي گذر سفر جي طرزن تي پڻ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. معلوم ٿئي ٿو، ته اتر گجرات ۾ آهيڙي ۽ ڏوٿي دؤر جي ماڻهن جون وسنديون موجود آهن. جن کي ٻين پرڳڻن جي سنڌي هارين نارين جي قائم ڪيل وسندين سان ڀيٽائي ڏٺو ويندو.

فطري ۽ ثقافتي عنصر: جن گجرات اندرسنڌو تهذيب جي وسندين تي اثر وڌو آهي

جڏهن هارين نارين جي قائم ڪيل وسندين تي تحقيق ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ويندي، ته فطرت ۽ انسان سان لاڳاپيل ڪيترن عنصرن تي سوچيو ۽ ويچاريو ويندو. جهڙوڪ: گهرو ڪارج ۽ پوکي راهيءَ جي استعمال لاءِ پاڻيءَ جي موجودگي، پوکيءَ لائق ٻنيءَ جي موجودگي، چوپائي مال کي چارڻ لاءِ چراگاهه، زمين جي ورن (Character of Soil) ، موسمي اثرن کان بچاءَ لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ، رڌ پچاءَ واسطي ٻارڻُ ۽ عمارتي سامان ويجهڙائي ۽ اهڙيون ٻيون فطري شيون به ميسر هجڻ کپن. اهڙيءَ ريت ويجهڙائيءَ ۾ ٻيون انساني وسنديون، ٻين ماڻهن سان رابطي جا وسيلا يا ٻيون به ڪي اهڙيون ڳالهيون، جن وسيلي رابطي جو تسلسل باقي رهي سگهي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته سنڌ جي جن ماڻهن تي هتي بحث ٿي رهيو آهي، تن وٽ هڪ بهترين رٿابندي موجود هئي. اهو به ڏسجي ٿو ته هو سوچي ويچاري، پوءِ ڪنهن وسنديءَ جي هنڌ جي چونڊ ڪندا هئا. اهو به تصور ڪري نه ٿو سگهجي ته هن نسل جي ماڻهن سدائين مناسب جڳهه جي چونڊ ڪئي آهي. هتي آباد ٿيندڙ پهرين ماڻهن ابتدائي مرحلي دوران وسندين اڏڻ ۾ غلطيون ڪيل ٿيون ڏسجن. ڪڏهن اهو به ڏٺو ويو آهي، ته هو ڀر واري بهتر جاءِ وقوع کي ڇڏي غير مناسب جڳهه تي مستقل نوعيت جي وسندي اڏي ويهي رهيا آهن. سندن پهرين چونڊ اها هوندي هئي، ته ڳوٺ اتي ٻڌجي جتي ويجهو اوڏو خوشين ملهائڻ جون جڳهون به هجن. سندن اها به خواهش هوندي هئي ته ڳوٺ پاڻيءَ جي وڏن تلائن ڀرسان هئڻ کپن. هن ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏنو ويندو هو ته وسنديءَ جو بچاءُ به هجي. اهو به ڏٺو ويندو هو، ته جيڪڏهن وسنديءَ لاءِ چونڊيل جڳهه سٺي ڪانه آهي، ته اڳتي وڌي مناسب جاءِ جي ڳولا ڪئي ويندي هئي ]1]. اهڙين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو، ته انسان سببن ڳولڻ ۾ اڃا نامڪمل آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو، ته جنهن ماحول جي هنن ماڻهن چونڊ ڪئي هوندي، سو به خراب هوندو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته آدمشماري جي قدر ۽ ان طبعي صورتحال ۾ به هڪجهڙائي نه هجي، جنهن ۾ هو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ هيڏي هوڏي ايندا ويندا هوندا. پنهنجي اصل مقصد کان هٽي وڃڻ لاءِ مٿي بيان ڪيل پوئينءَ ڳالهه جي اثر جو به دخل آهي. تعين ٿيل ساري دائري ۾ موجود انهن سڀني عنصرن جو ذڪر ڪونه ڪيو ويندو، جن جو بيان مٿي اچي ويو آهي. اصل مقصد تان هٽي وڃڻ لاءِ ڪي اهم حقيقتون به موجود ڪونه آهن، جن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪجهه گهرائيءَ ۾ وڃبو، ته ٻه تبديليون ضرور نظر اينديون. جن مان هڪ آهي جاءِ وقوع (Location) ۽ پاڻيءَ جي ويجهڙائي. ٻيو جاءِ وقوع ۽ زمين جو ورن، سوراشٽر جي سنڌي سماج جي ماڻهن، جي وسنديون جوڙي ويهي رهڻ لاءِ اهي امڪاني ڳالهيون هيون. جتي پوکي راهيءَ لاءِ مناسب زمين ايتري گهڻي ڪانه آهي. آخر ۾ سنڌي وسندين جي ڪڇ ۾ موجودگي واري سوال تي به بحث ڪيو ويندو.

بحث: پاڻيءَ جي ويجهڙائي ۾ نئين جي ڪٺار سان قائم ڪيل وسنديون

جاگرافيءَ سان لاڳاپيل اهم حقيقت هيءَ آهي، ته سنڌي ماڻهن جون وسنديون وهندڙ پاڻيءَ جي ڪنڌين سان قائم ٿيل ڏسجن ٿيون. ساڳيءَ ريت سنڌين جون سنڌ ۽ پنجاب اندر وسنديون به درياهن جي ڪنارن سان واقع آهن. اهڙي صورتحال مان اخذ ڪيو ويو هو، ته گجرات ۾ به ٺاهيل سنڌي وسنديون به ضرور وهندڙ پاڻيءَ جي ويجهو اوڏو وسايون ويون هونديون. فيلڊ ورڪ دوران کوهن، وڏن تلائن ۽ وهندڙ پاڻيءَ جي ڪنارن کي ڌيان ۾ رکيو ويو هو. اهڙي تحقيق دوران جلد ئي اهڙو پتو پئجي ويو هو، اهڙيون وسنديون وهندڙ پاڻيءَ يا نئن جي ڪنڌين سان اڏيون ويون هيون.

انساني وسندين ۽ پاڻيءَ جي وهڪرن جي باهمي رابطي کي نظر ۾ رکي، ڪجهه مفاصلي تائين به ساڳي جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي. جنهن مان پتو پيو ته ڪابه سنڌي وسندي گهيلو ۽ ڪالوڀر نئين کان پري ڪانه هئي. تنهن ڪري انساني وسندين ۽ پاڻيءَ جي موجودگي جي، وچ واري مضبوط باهمي رابطي تي وڌيڪ يقين ٿي ويو ۽ اهڙن اندروني علائقن ۾ انساني وسنديون موجود نظر آيون. اهڙيءَ ريت پهريون سنڌي وسنديون تاريخي دؤر کان تمام گهڻيون آڳاٽيون آهي، جن جو تعلق پهرين هزاري ق.م آهي ]2]. اهڙين وسندين ۾ سنڌو تهذيب جي ڪابه ثقافتي شيءِ نظر ڪانه آئي هئي. ان فيلڊ ورڪ دوران اهڙين وسندين کان ٿورو پري وڃي، جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي. ان دوران اهڙي ڪابه وسندي ڪانه ملي هئي، جتان هٿ آيل ثقافتي شيون مٿي بيان ڪيل نقطهء نظر جي خلاف هجن.

تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اهي وسنديون تازي پاڻيءَ جي ترت دستيابيءَ کي ڏسي اڏيون ويون هيون. هن کان سواءِ ڪو ٻيو مقصد ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ته هي ماڻهو پاڻيءَ جي وهڪرن ويجهو پنهنجون وسنديون اڏي ڇو ويٺا هئا. هن قسم جي هنڌ/جاءِ وقوع مان فائدو اهو هو، ته هو پنهنجي گهرو ۽ پنهنجي چوپائي مال جون ضرورتون آسانيءَ پوريون ڪري ٿي سگهيا.

اهي وسنديون اهڙي قسم جو ماحول ڏسي ٺاهيون ويون هيون. گجرات ۾ جر جو پاڻي به نهايت سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو پاڻي اپريل ۽ مئي جهڙن خشڪ مهينن دوران آسانيءَ سان هٿ ڪري سگهبو آهي. هتان جي کوهن جو جر به مٿي هوندو آهي. جيڪي اڄ به سنڌي وسندين ڀرسان ڏسي سگهجن ٿا. نئين ڀرسان واري هنڌ جي چونڊ وقت پاڻيءَ جي سهوليت ۽ آسانيءَ کي ڏسي ڪري ڪئي وئي هئي. امڪان آهي ته اهڙيءَ جاءِ وقوع جي چونڊ ڪرڻ ۾ ٻيا به ڪي اهم عنصر هجن.

انهن وسندين جي هنڌ واري جي اهڙي چونڊ ۾ پوکي راهي ڪرڻ جي امڪاني مقصد جو مثال ته ڪٿي ناهي. هتي پوکيءَ راهي لاءِ پاڻيءَ جي نظام باوجود خشڪ قسم جي پوک به ڏسجي ٿي. جيڪا مينهن جي وسڪارن کان پوءِ خشڪ علائقن ۾ ڪاهي ويندي هئي. هن طريقي ڪم آڻڻ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿيندي هئي. مينهن تي ڪو ڀروسو ڪونه هوندو آهي. ڪڏهن ته لس لري ۽ پلر جي پالوٽ لڳي ويندي آهي، ڪڏهن ته وري ڦڙي به ڪانه وسي. تنهن ڪري ڀروسو وهڪرن واري پاڻيءَ جي نظام تي هوندو آهي. پر ڪڇ ۽ سوراشٽر ۾ پاڻيءَ جو ڀروسي جوڳو نظام ڪونه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته نئن تي ڊيمن جي تعميرن کانسواءِ ايئن ممڪن ڪونه هو. قديم دؤر ۾ ڊيم تعمير ڪري پاڻي استعمال ڪرڻ جو طريقو موجود ڪونه هو. هتان جي نئين جي پاڻيءَ جو نهايت ٿورو حصو استعمال ڪري سگهبو هو. نئن جي ذڪر مان به چڱيءَ ريت معلوم ڪري سگهجي ٿو، ته سندن پاڻيءَ جي زرعي استعمال لاءِ ڊيمن جو تعمير ٿيڻ نهايت ضروري آهي.

سوراشٽر جي نئن جو مختصر ذڪر باب ٽئين ۾ اچي چڪو آهي. جنهن مان سولائي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو، ته انهن جي وهڪري جو پيٽ اونهو آهي [3] ۽ اهي نئيون (Hilly Rivers) فقط ڪنهن خاص موسم دوران وهنديون آهن. اهو به هرگز سمجهڻ نه گهرجي، ته اهي ڪي وڏيون نئيون (Hilly Rivers) آهن، جيڪي وڏيءَ طاقت سان ڌوڪينديون وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن. سندن ويڪر ۽ اونهائي وچٿري هوندي آهي. اهڙن وهڪرن جو پيٽ هڪ سو ميٽرن کان ٻه سو ميٽر هوندو آهي. چؤماسي (جون کان نومبر تائين) جي موسم کان سواءِ هنن ۾ تار پاڻي ڪونه هوندو آهي. پاڻيءَ جو چاڙهه چوماسي دوران هوندو آهي. پر وڏن وسڪارن جي هن موسم ۾ هي نيون سدائين تار ڪونه وهنديون آهن. گجرات ۾ پاڻيءَ جو لاهه چاڙهه روز جي وسڪارن سان ٻڌل هوندو آهي. مينهن وسڻ کان نيون هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر تائين تار فقط هڪ يا ٻه ڏينهن وهنديون آهن. مينهن بند ٿيڻ کان ستت پوءِ سندن پاڻي لهي ويندو آهي. ٻئي وسڪاري تائين سندن وهڪري جي صورتحال ايئن رهندي آهي. هنن نئين جو پاڻي ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌ هوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندن وهڪرا ڊيگهه ۾ ننڍا هوندا آهن. اپٻيٽ جهڙي هن علائقي ۾ سندن سيراب ٿيندڙ ايراضي (Catchment area) به نهايت ٿوري ٿيندي آهي، جيڪا ٻه ٽي سو همچورس ڪلوميٽر هوندي آهي. ان ڪري چوماسي دوران سندن تار وهڻ جو عرصو به نهايت مختصر ٿيندو آهي، ان ريت نئيون پيون لهنديون ۽ چڙهنديون هيون.

پوکي راهيءَ سان واسطو رکندڙ هاري ناري پاڻيءَ جي اهڙي نظام ڪري ڄڻ ڪنهن ڏچي ۾ اڙيل هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ ته پاڻيءَ جي اهڙي موجودگيءَ ٿور وقتي هئي. ٻيو ته نئين جا ترا اونهان هوندا آهن ۽ پوکي راهيءَ جي پاڻيءَ کي ڇڪي ٻنيءَ تائين پهچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو. سنڌو تهذيب واري قديم دؤر ۾ ڊگهن واهن جا نشان موجود ڪونه آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئن مان پاڻي ڇڪي پوک تائين پڄائي ٿو، ته ڇو نه کوهه مان پاڻي ڇڪي ٻنيءَ جا چار ٻارا آباد ڪري؟ هن علائقي جون نئيون ڪنڌيءَ کان هيٺ وهنديون هيون. تنهن ڪري نئن جو پاڻي بنسبت کوهن جي ڇڪڻ سولو هو. پاڻيءَ جو مٿي ڇڪڻ وارو طريقو نهايت محدود هوندو هو، پر سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر جي ماڻهن لاءِ پوکيءَ راهيءَ جو ڪهڙو طريقو هو، تنهن لاءِ پڪ سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي.

باب ٽئين ۾ هن حقيقت جو اظهار ڪيو ويو آهي، ته هنن نئين جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان وڻ ڪونه هوندا هئا ۽ سندن پيٽ سائي گاهه سان ڇانيل هوندا هئا. ڇاڪاڻ ته هن قسم جا وهڪرا وڏي وڻ ٿيڻ کان اڳ ئي نئين جو پاڻي وڻن کي پاڙئون پٽي کڻي وڃي سمنڊ ۾ هڻندو هو. پر پاڻيءَ جو مذڪوره تيز وهڪرو گاهه کي پٽي وهائي ڪونه سگهندو هو. نه وري گاهه جون پاڙون ٻاهر نڪري اينديون آهن. تنهنڪري اها پوکي راهي ۾ اهڙي طرح رنڊڪ نه وجهندي جهڙي طرح وچ اُلهندي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جا گاهه جا ميدان وجهندا آهن تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته انهي اڳيئي صاف ٿيل زمين هڙپائي آباد ڪارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو هوندو. سنڌو تهذيب واري گجرات، پر خاص ڪري سوراشٽر جي ماحول بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اتي هٿرادو ٻيلا ۽ ٻوٽا پوکيا وڃن. پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته هن علائقي مان (ماحولي قدامت) (Palaeo-environmental) سان لاڳاپيل حقيقتون ڪونه مليون آهن. تنهن ڪري سوراشٽر جي نئين کان پري اهڙا هٿرادو ٻيلا پوکڻ ۽ انهن تجربن جو ڪامياب ٿيڻ ممڪن ڪونه آهي ۽ تاريخ کان اڳ واري دؤر (Pre-Historic period) ۾ به هتي ٻيلن جو هجڻ ناممڪن هوندو. اپٻيٽ جهڙي هن علائقي ۾ ڪٿي گهاٽا ٻيلا ضرور آهن. اهڙا گجگاهه ٻيلا گير (gir) ۽ ٻيءَ ڏکڻ واريءَ جابلو جوءِ ۾ آهن، جن جو ذڪر باب ٽئين ۾ اچي چڪو آهي. جتي اهو به ٻڌايو ويو آهي، ته روهن ۽ ڪوهن جي چوٽين ۽ ٻيلن ۾ ڪو باهمي رابطو آهي. انهن چوٽين جي اُچائي 100 کان 150 ميٽر ٿيندي. جابلو چوٽين تي اهڙي وڻڪار موجوده دؤر جي ماحول ڪري آهي. وچ سوراشٽر ۽ گهيلو - ڪالوڀر نئين جي اولاهين پاسي تي اهڙن گهاٽن ٻيلن جي موجودگي ٿوروقتي هوندي آهي. اهي ٻيلا ڪڏهن اتي هوندا آهن ۽ ڪڏهن اتي ڪونه به هوندا آهن. منهنجو مشاهدو آهي ته موجوده دؤر ۾ هن جوءِ ۾ ٻيلن جو امڪان گهٽ آهي. پر ان سان گڏ هي به مشاهدو آهي، ته هتي قديم دؤر کان وٺي پوکي راهي ٿيندي آئي آهي. تنهن ڪري هر قسم جي جهنگلي اوڀڙ (Flora) ختم ٿي چڪي آهي. پر خاص ڪري وڻن جو ته نانءُ نشان به ڪونه آهي. پر قوي امڪان اهو آهي، ته هن خطي ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ ٻيءَ هزاري ق.م گهڻا ٻيلا هوندا. جيڪڏهن سوراشٽر ۾ گهاٽا ٻيلا هوندا يا هيءَ ڌرتي ٻوٽن، ٻوٽين ۽ سائي گاهه سان ڇانئي پئي هوندي، ته سنڌي ماڻهن اهڙن گهاٽن ٻيلن کي وڍي صاف ڪرڻ ڏکيو سمجهيو هوندو يا وري سمجهيو هوندائون ته سندن جهد ۽ جتن صاب ڪونه پوندا. هنن ڏٺو هوندو، ته نئين جي ڪنڌين سان زمين ڀلي ۽ صاف لڳي پئي آهي. پاڻي به ويجهڙو اٿس. جيڪو پنهنجي گهرو استعمال ۽ چوپائي مال لاءِ ڪتب آڻي سگهن ٿا. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته انهيءَ قديم زماني ۾ هن علائقي اندر ماڻهو به ايترا گهڻا ڪونه هئا. ڀر واريون گاهه سان ڇانيل سايون پٽيون سندن پيٽ گذر جو آڌر بڻيون هونديون. مثال طور جزوي دؤر بي. سي ٻيو (BC II Sub Period) دوران ڪالوڀر جي ڪٺار سان پنج وسنديون آهن، جيڪي پنهنجي شڪل ۽ صورت ۾ مڪمل نياتون (Communites) آهن. جن جا نالا هي آهن، جيوڻي - نو - ڍورو (Jiwini-no-Dhoro)، وهاروو (Vaharvo) ، چرڻيو (Charanio) پاسيگام (Pasegam) ۽ چوسلا (Chosla) انهن چئن ئي وسندين جي گڏيل پکيڙ 473000 همچورس ميٽر آهي [4]، جيڪا اندازا پنجاهه هيڪٽرن جي برابرٿيندي. اهڙيءَ ريت هڪ سو يا ٻه سو ماڻهو في هيڪٽر جي حساب سان رهي رهيا هئا ۽ اها آدمشماري مناسب به آهي [5]. تنهن ڪري انهيءَ زماني ۾ ڪالوڀر جي ڪنڌيءَ سان پنجن هزارن کان ڏهه هزار ماڻهو رهندا هوندا [6].

موجوده دؤر جي اندازي مطابق خشڪ علائقي جي هڪ هيڪٽر تي ٿيل پوک اڍائن کان پنجن ماڻهن جو مس پيٽ پالي سگهندي آهي [7]. ان حساب موجب مٿي ڏيکاريل بي سي دؤر ٻيو (Period B.C II) جي آدمشماري جي پيٽ گذر لاءِ هڪ هزار کان چار هزار هيڪٽر زرعي زمين جي ضرورت پوندي. موجوده دؤر ڪالوڀر نئين جي سائي پٽيءَ جي ويڪر هڪ سو ميٽر ٿيندي. پر هي پراڻي زماني جو اندازو آهي، جنهن جا انگ اکر به تمام گهٽ آهن. ان سان ٻي اهڙي ايراضي شامل ڪري ڪانه ٿي سگهجي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن آباد ٿيندي هوندي ۽ اهڙي زمين آبادي لاءِ گهٽ لائق هوندي. چوسلا، اوڀر ۽ جيوڻي، اولهه پاسي آهي. ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ اٽڪل ٽيهن ڪلوميٽرن جي وٿي آهي. هڪ اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته مذڪوره اوڀارين ۽ اولاهين وسندين ڀرسان ڪجهه زمين آباد ڪئي وئي هئي. ان مقصد لاءِ پنجٽيهه ڪلوميٽر گاهه سان ڍڪيل پٽي پئي هئي، جيڪا ڪالوڀر جي ڪنڌيءَ تي واقع هئي. امڪان آهي ته ڪالوڀر نئن جي ڪنڌيءَ سان واقع اها زمين ست سؤ (700) هيڪٽر ٿيندي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته قبل از تاريخ واري دؤر ۾ هن علائقي نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ آباديءَ لائق زمين موجود هئي. ان کان سواءِ گهرو استعمال لاءِ پاڻي به ويجهو هو. اهوئي ڪارڻ آهي جو گجرات ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن جي ڪنڌين سان مستقل انساني وسنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالهه هيءَ به آهي، ته وقت گذرڻ سان اها زمين به آباد ڪئي وئي هئي، جيڪا نئن (Hilly River) جي ڪنارن کان پري هئي. گهرن ٺاهڻ لاءِ عمارتي ڪاٺ ميسر هو. مال چارڻ لاءِ ٻيو جهنگ، گاهه گوچر ۽ ٻوٽا به جام هئا. ٻارڻ جي ڪاٺ جي ڪمي ڪانه هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو هو، ته ٻيلا، ٻوٽا ۽ ٻوٽيون هوريان هوريان ختم ٿينديون ويون ۽ ايراضي صاف ٿيندي وئي. جيئن زمينون ٻيلن ۽ جهنگلي ٻوٽن کان صاف ٿينديون ويون، تيئن هاري ناري انهن کي آباد ڪندا ويا ۽ پنهنجون وسنديون اڏيندا ويا. زمين جي اهڙيءَ صفائي جو سلسلو شهري ثقافت جي اڳ واري دؤر تائين هلندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. امڪان اهو آهي، ته اهو سلسلو تاريخي دؤر جي ابتدائي حصي تائين گڏيو آيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون وسنديون اهڙيون آهن، جيڪي نئين جي دوآبن کان پري آباد آهن، جن کي مٿي ڏنل ڄاڻ مطابق پوئين دؤر سان منسوب ڪري سگهجي ٿو.

آباديءَ لائق زمينون ۽ وسنديون

مختلف شاهدين جي آڌار تي معلوم ٿي رهيو آهي، ته ٽامي جي ابتدائي دؤر(Chalcolihic)  واريون سنڌي وسنديون انهيءَ جوءِ ۾ جوڙيون ويون هيون، جتي ڪاري ڪپهه پيدا ٿيندي هئي. ليشنڪ (Leshnick) جو خيال آهي، ته انسان ۽ اهڙي زمين جو رابطو ماحوليات ڪري ٿيو آهي. سندس بيان آهي ته: اهو رابطو نمايان طور ماحوليات سان واسطو رکي ٿو. اهو انهيءَ ڪري ٿيو، جو ماڻهن ۾ پوکيءَ راهيءَ جو هنر ۽ اپت جي ڄاڻ هئي ۽ اهڙيءَ آبادي لاءِ ضروري ڳالهيون موجود هيون. موجوده دؤر ۾ به هنن علائقن ۾ ڪاري ڪپهه وارن وونئڻن ڪاهڻ جو نمونو ساڳيو آهي. هن وسيلي اسان کي معلومات ملي ٿي، ته اسان خشڪ قسم جي پوکيءَ راهيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر آهي، ته ڪاري ڦـُـٽي پيدا ڪندڙ وونئڻ اهڙيءَ زمين ۾ پوکيا ويندا هئا، جنهن کي هوا ۾ موجود گهمَ (Moisture) چوسڻ جي وڏي صلاحيت هئي، اهڙا وونئڻ پاڻيءَ جي ضرورت محسوس ڪونه ڪندا هئا. هيءَ زمين رنگ جي ڪاري آهي ۽ تمام گهڻي زرخيز آهي. هتي اهڙا وونئڻ پوکيا ويندا آهن، جيڪي ڪاري ڪپهه جي پيداوار لاءِ مشهور آهن [8]. اڻويهينءَ صديءَ جي آخري حصي ۾ هڪ انگريز جي زراعت پيشه ور ماڻهوءَ جو ڪاريءَ زمين بابت هي نقطهء نظر آهي. دکن (Deccan) واري جوءِ جي ڪاريءَ زمين ۾ هر ڪاهڻ جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. ان زمين ۾ مٿاڇري کان وٺي هيٺ تائين ڄم جي فطري صلاحيت آهي. هن زمين کي پاڻي جذب ڪرڻ جي تمام گهڻي طاقت آهي. چوماسي جي وسڪارن ۾ هيءَ زمين ڦوڦراٽجي پوندي آهي. ان ڪري سندس مٿيون حصو مٿي اڀري ايندو آهي. هن زمين ۾ اها قوت به هوندي آهي، جو گهمَ کي پاڻ ۾ گهڻي وقت تائين محفوظ رکي سگهي. ان کان سواءِ هن ڪاري زمين ۾ هوا مان گهم چوسڻ جي به بي پناهه قوت آهي، جيڪا پوکيل فصل لاءِ ڪافي هوندي آهي. مختصر اهو ته هن پوک کي پاڻيءَ جي ضرورت ڪانه ٿيندي آهي. خشڪ موسم دوران هيءَ زمين سڪي ۽ سمي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود گهم ختم ٿي ويندي آهي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي، ته زمين ۾ ڦاٽ ۽ ڏار پئجي ويندا آهن. ان ڪري گهوڙي سواري لاءِ اها زمين ڏاڍي خطرناڪ ٿي پوندي آهي. هن زمين تي اهڙي قسم جو هر ڪاهي پاٽ ۽ ڏار بند ڪيا ويندا، جنهن جي شڪل ڊچ (Dutch) هو - هئرو (Hoe-Harrow)(1) جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ ريت زمين جي پئي ڦير گهير هلندي آهي. زمين ۾ ڦاٽن ۽ ڏارن پوڻ ڪري هوا ۽ اُس ان منجهه داخل ٿي ويندي آهي ۽ زمين کي هر ڪاهڻ جهڙي طاقت ملي ويندي آهي. هن قسم جو هر زمين لاءِ ڪارائتو آهي. ان کان پوءِ فطرت پنهنجو ڪم پاڻ ڪندي آهي ۽ باقي رهيل ڪم وري انسان ڪندو آهي. هر ڪاهڻ جي ڪري جا سنهڙي مٽي تيار ٿئي ٿي، اها طاقتور ۽ زرخيز مٽي ڦاٽ ۽ ڏار ڀري ڇڏيندي آهي. جنهن ڪري زمين مان پوسل جو نڪري وڃڻ وارو سلسلو بند ٿي ويندو آهي. جيڪا اڳي ڦاٽن ۽ ڏارن وسيلي اڏامندي رهندي هئي [9].

جيڪڏهن ڪاري ورن واري هن زمين ۾ گهم چوسڻ جي صلاحيت هئي ۽ وسندين جي ماڻهن جو پوکي راهيءَ جي نسبت سان ان قسم جي زمين سان سگهارو واسطو ۽ رابطو هو، ته پوءِ سمجهڻ کپي ته سنڌو تهذيب جي وسندين جي طرز ۽ نموني جو به اهڙي ماحول سان نهايت مضبوط لاڳاپو آهي. ان سان گڏ هي اضافو ڪري سگهجي ٿو. هتي بي انتها ڀلي ٻني موجود هئي، جنهن کي پوکڻ مهل يا ان کان پوءِ پاڻي ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. تنهن ڪري سنڌو تهذيب جي پهرين ايندڙ ماڻهن مختلف نئين جي ڪنڌين/ڪنارن سان اچي پنهنجا جهڳا جوڙيا هوندا ۽ اهڙو خيال مناسب به آهي. سوراشٽر جو هڪ اهڙو علائقو به آهي، جنهن کي ڀال (Bhal) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جيڪو گهيلو ۽ ڪالوڀر نئين جي سنگم وٽ آهي. هن ماڳ کي زمين ۽ وسنديءَ وچ ۾ باهمي رابطي جو مثالي نموني طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڀال جي اوسي پاسي واري زمين ڪاري آهي. ان ٻنيءَ ۾ موجود ڪارا جزا وچ سوراشٽر مان ايندا آهن. هيءَ هيٺاهين جوءِ آهي، جتي کنڀات واري نار ۾ پوندڙ چوماسي وارن مينهن جو پاڻي اچي گڏ ٿيندو آهي ۽ ان پاڻيءَ سان لڙهي ايندڙ لٽ اچي ان زمين تي پوندو آهي. هن کان سواءِ گهيلو ۽ ڪالوڀر نئين جو گڏيل پاڻي به چاڙهه وقت اچي هن هيٺاهينءَ جوءِ ۾ بيهندو آهي. اهو ڪلراٺين ۽ لوڻاٺين زمينن جو لوڻياٺو پاڻي هوندو آهي. ڀال واري هيٺاهينءَ جوءِ ۾ بيهي وڃڻ ڪري اتان جي زمين به ڪلراٺي ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري هتان جي زمين ان جوءِ (زمين) جي زمين کان مختلف هوندي هئي، جنهن تي سنڌو تهذيب جا لوڪ ماڳ وسنديون جوڙي ويٺا هئا. ان منطق جي آڌر تي اها اميد نٿي ڪري سگهجي، ته سنڌي شهري ثقافت جي پوئين دؤر واريون سنڌو تهذيب جون وسنديون (Past Urban) اتي لڀن.

سن 1972ع ۾ گهيلو ڪالوڀرجي گڏيل وهڪري جي ڪناري واري ڀال جي جـُـوءِ ۾ اٺن ڪلوميٽرن تائين نهايت خبرداريءَ سان جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن سنڌو تهذيب يا ڪن ٻين وسندين جا اهڃاڻ ملي وڃن. پر اسان ابتدائي تاريخي دؤر ۽ وچين دؤر جي وسندين ۽ قديم آثارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. البت ايم. ايس يونيورسٽي بڙودا جي ڊاڪٽر آر. اين مهتا (R.N. Mehta) مهرباني ڪري ٻڌايو هو، ته ولڀ پور (Vallabhipura) ڀرسان سنڌو تهذيب جو هڪ ماڳ آهي. ڊاڪٽر موصوف اهو به ٻڌايو هو، ته اها وسندي ڌنارن جي آهي. جيڪڏهن اهو مفروضو (Hypothesis) صحيح به آهي، ته اهڙي ڳالهه مٿئين نقطهء نظر جي خلاف ڪانه آهي، ته ڀال واري جوءِ ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جون وسنديون ڪونه هونديون. جن جوتعلق هاري ناري ڌنڌي سان هوندو، جيڪي هرڪاهي پيٽ گذر ڪندا هوندا. پر هن قسم جو قديم ماڳ هڪ نئين ڳالهه هئي، جنهن جو وڏو قدر ڪرڻ گهرجي.

هتي هڪ اهم مشاهدي جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ٻاجهري ۽ جوئر کي عام طور تي اسان (Millet) (1) سڏيندا آهيون. هن قسم جو اناج اڄ به گجرات ۾ وڏي شوق سان پوکيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جي پوک گهٽ ٿيندي آهي. پڇا ڳاڇا دوران هڪ هاريءَ ٻڌايو، ته ڪڻڪ جو فصل جوئر ۽ ٻاجهري جي فصل جيتري اپت ڪونه ڏيندو آهي. مٿيان ٻئي خشڪ فصل آهن. هارين ٻڌايو، ته ان جو سبب، مينهن وسڻ جو مقدار گرمي پد ۽ زمين جي قسم سان تعلق رکي ٿو. ليڪن زمين جي هڪ اهڙي پٽي آهي، جتي جوئر ۽ ٻاجهري جي ڀيٽ ۾ اڄ به ڪڻڪ وڌيڪ پوکي ويندي آهي. اهڙي جوءِ (زمين) احمد آباد جي ڏکڻ اولهه پاسي ڍنڍوڪ تعلقي ۾ آهي. هيءَ اهم حقيقت آهي، ته ڪڇ ضلعي کان ٻاهر جيڪي سنڌو تهذيب جي ماڻهن جون چئن مان ٽي وسنديون آهن، تن جو تعلق شهري ثقافت (Urban Culture) جي جزوي دؤر اي ٻئي (Sub period A-II) دؤر سان آهي ۽ اهي ڍنڍوڪ (Dhandhuk) واريءَ پٽيءَ ۾ آهن. انهن مشهور وسندين جا نالا لوٿل (Lothal) ، ڪوٺ (Koth) ۽ رنگپور (Rangpura) آهن. چوٿينءَ وسنديءَ جو نالو ڀڳتراءِ (Bhagat Rav) آهي، جيڪا سامونڊي ڪناري ڀرسان آهي. هن حقيقت ڏانهن گهڻو ڌيان ان ڪري ڏنو پيو وڃي، ته ڪڻڪ ۽ جوَ اهڙا فصل هئا، جن جي آڌار تي سنڌو تهذيب وارو علائقو سکيو ستابو سمجهيو ويندو هو. جوئر سنڌو تهذيب جي پيراڪ (Pirak) واري جوءِ ۾ پوکي ويندي هئي. ٻاجهري سنڌو تهذيب جي پوئين ثقافتي دؤر ۾ گجرات علائقي ۾ ڏسجي ٿي [10]. اهڙيءَ ريت پوئين دؤر واري سنڌو تهذيب ۾ پوسل واري قسم جي پوک جهڙوڪ: جوئر، ٻاجهري ۽ ڪاري قسم جي ڪپهه ڏانهن ڌيان ڏنو هو جيڪو سندن نئين طرز جو پيٽ گذر هو. هي اهڙا فصل آهن، جن تي گجرات جي ماڻهن جو وڏو دارومدار آهي.

هتي اهم سوال اهو آهي، ته ٻاجهري جو اهو نئون فصل ڪهڙي دؤر ۾ متعارف ڪيو ويو هو؟ ڇا اهو بي. سي ٻئي(IIBC-II) وارو ڊگهو دؤر ٻيو ته نه آهي. جنهن دوران ڳوٺن ۾ رهندڙ سنڌي سماج ان فصل جي پوکي راهي ڪئي هئي يا اهي فصل واري وٽيءَ (Alternatively) سان ڪاهيا ويندا هئا. ڇا هن دؤر ۾ سنڌي هاري هن فصل ڏانهن واري وٽيءَ سان پوک ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو هو. هن قسم جو اناج موجود ته هو، پر ان کي کاڌ خوراڪ طور ڪتب آندو ڪونه ويندو هوندو. هن حقيقت کي ٻيو هن ريت به چئي سگهجي ٿو، ته هن فصل جي ڪاهڻ ۽ اناج طور ڪتب آڻڻ واري تبديلي، هڪ نئين رشتي ۽ رابطي جي نشاندهي ڪري ٿي، ته جوئر ۽ ٻاجهري کي کاڌ خوراڪ طور وڌيڪ پسند ڪيو ويو هو. جيڪي موجود ته اڳي هئا، پر ڪتب ڪونه آندا ويندا هئا. هن مصنف کي ته ايئن معلوم ٿي رهيو آهي، ته هي فصل بلڪل واري وٽيءَ سان ڪاهيا ويندا هئا. پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ واسطي اهڙي ڪابه ثابتي ڪانه ملي آهي.

سوراشٽر جو اندريون حصو جنهن ۾ محدود زرعي زمين آهي

سوراشٽر جو وڏو حصو مٿانهون پوٺو آهي. ساري روهه ۽ ڪوهه واري پٿريلي جوءِ آهي. چوڏس ٽڪرين جون ننڍيون وڏيون چوٽيون ڏسبيون آهن. ٽڪرين جي چوٽين جي تري واري زمين سنهون ساڪرو آهي. گهيلو نئن جي پيٽ واري ڀاڱي جي ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان جاچ پڙتال ڪئي ويئي هئي. انهيءَ مقصد سان جيئن سنڌو تهذيب جي ماڻهن جي وسندين کي هن نئن واري علائقي جي محدود ايراضي ۾ ڳولي سگهجي.

معلوم ٿيو ته رام پاڙو ڳوٺ ۽ ڪچي بند جي وچ تي اٽڪل اٺن ڪلوميٽرن ۾ فقط ڇهه سنڌو تهذيب جون وسنديون ڏسڻ ۾ آيون هيون. انهن مان ٽي ماڳ کنڊيريو (Khanderio)، کنڊيريو ٻيون (Khanderio II)، رامپارا (Rampara) ، رامپارا نالي هڪ ڳوٺ جي اوسي پاسي نظر آيا هئا. هنن مان کنڊيريو II، ته انساني وسندي هئي باقي کنڊيريو-1 ۽ رامپارا اهڙا قديم هئا، جتي پٿر جي گهڙائيءَ جو ڪم ٿيندو هو. تنهن ڪري هن ماڳ جو واسطو کنڊريو II يا رامپارا II سان آهي. گهيلو نئين سان آخري ٻه ماڳ اٽاريا (Ataria) ۽ گهيلو بند (ghelo Bund) آهن. اٽاريا واري ماڳ تي رڳو پٿر ڏسڻ ۾ ايندا. جنهن کي کنڊيريو-1 ۽ رامپاڙا-1 سان ڀيٽائي سگهجي ٿو. گهيلو بند ۽ اٽاريا نئين جي اترئين ڪناري سان موجود آهن، جيڪي هڪٻئي کان هڪ ڪلوميٽر جيتري وٿيءَ سان هڪٻئي کان پري آهن. هنن ٻنهي قديم ماڳن جي وچ ۾ ڪابه سنڌي وسندي ڪانه آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته هنن وسندين جو تعلق هڪ نيات (Community) سان هو. رامپارا هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جتي سوراشٽر جي وچولي اوچائي وارن روهن ڪوهن جي اچي پڄاڻي ٿئي ٿي. مٿي سوراشٽر جي علائقي جو ذڪر اچي چڪو آهي ۽ پڙهندڙن کي ياد هوندو، ته اهو هيٺ مٿانهون علائقو آهي. رامپارا جي اولهه پاسي وارو گهيلو نئين جو مٿيون پاسو اهڙو آهي، جو منجهس زرعي زمين بلڪل محدود ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن اُپٻيٽ جهڙي علائقي جي اندرئين پاسي واريون ٽڪريون هلنديون اچي نئين سان لڳيون آهن. انهن جو منظر به رام پارا جي اوڀر پاسي وارين ٽڪرين کان وڌيڪ نمايان آهي. گهيلو نئين جي مٿئين پاسي جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي ۽ معلوم ٿيو هو، ته ٽڪريون ڪيترائي همچورس ميل والاري بيٺيون هيون. سندن اوچائي هڪ سؤميٽر هئي. نئين جي لهواري پاسي اهڙين ٽڪرين جا اهڃاڻ ٿورا ٿڪا آهن. تنهن ڪري هن جوءِ جي زميني ساخت (geomorphology) جو نمونو اهڙو آهي، جو انهن ٽڪرين جي وچون وچ تي زرعي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪر موجود ڏسبا آهن. هتي زرعي زمين جو هڪ وسيع علائقو نظر ڪونه ايندو. جتي ٽڪرين وارو غيرآباد ٽڪر نه هجي.

معلوم ٿيو ته هن محدود زرعي زمين واري علائقي ۾ ئي سنڌو تهذيب جون وسنديون هيون. رام پاڙا  ڀرسان ڳوٺن جو هڪ جهڳٽو آهي، جن جي هارين جو تعلق ڀر واري زمين سان هو. رام پارا II جو جاءِ وقوع هڪ ٻئي زمين ٽڪر ڀرسان آهي. ٻيا چار ماڳ جهڙوڪ: کنڊريو I، کنڊريو II ۽ رام پاڙا I ۽ II حقيقت ۾ وسندين جا فقط ٻه ماڳ آهن، جيڪي گهيلو نئن جي ڏکڻ ڪناري سان آهن، جن جو تعلق به انهن زمينن کي آباد ڪرڻ سان آهي، پر اهم حقيقت هي آهي، ته گهيلو نئن جي ڏکڻ پار واريون زمينون ساديون آهن. هڪ جڳهه تي اهڙي زمين ڏٺي وئي هئي، جنهن کي هر سان کيڙيو ويو هو، ته ايترا گهڻا پٿر ظاهر ٿي پيا، جيترا اڻ کيڙيل زمين تي موجود ڪونه ڏسڻ ۾ آيا. موجوده دؤر جي سوراشٽر جا هاري هن قسم جي سادي زمين بدران ٻيءَ جوءِ جي زمين کي وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيا  آهن. هن قسم جي اوسر ۽ ترقيءَ جو پهريون مرحلو هر ڪاهڻ هوندو آهي ۽ اهو هر اهڙي نموني جو آهي جو ڪاهڻ سان زمين ۾ لڪل پٿر ايترا گهڻا ظاهر ٿي پوندا آهن، جو اڻ کيڙيل زمين وڌيڪ صاف ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر نئين جي پرئين پار اتر پاسي رام پاڙا II ۽ بند جي وچ تي تمام ڀلي ٻني موجود آهي، جيڪا قديم دؤر کان وٺي پوک هيٺ هلندي پئي اچي. گهيلو نئين جي اتر واري اٽاريا کان گهيلو بند تائين  جي پٽي قديم دؤر ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن اچي والاري هئي. اڳتي ايندڙ صفحن ۾ مٿي بيان ٿيل ڳالهين تي زور ڏنو ويو آهي. سنڌو تهذيب جي سماج جو سارو دارومدار زمين ۽ پاڻيءَ تي هو. سوراشٽر جي مٿانهين پٽ تي پاڻي گهٽ ۽ زرعي زمين ٿوري هئي. ان جي ڀيٽ ۾ هيٺئين علائقي ۾ پاڻي وڌيڪ ۽ زرعي زمين به وڌيڪ موجود هئي. تنهنڪري ماڻهن جي گهڻي آبادي به اتي ممڪن هئي. ان کان سواءِ قديم ماڳن جي جاءِ وقوع جي جاچ پڙتال به مقامي زميني ساخت (geomorphology) جي اصولن مطابق ڪئي وئي هئي. وڌيڪ اضافو هي به ڪري سگهجي ٿو، ته روهن ۽ ڪوهن واري جابلو جوءِ گهيلو نئن جي ڏکڻ پاسي واري ساري زمين مال جي چراگاهن طور ڪم ايندي هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته سوراشٽر وارو مٿانهون پٽ باقيءَ ٻي زمين کان جدا هو، جتي رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال پيو ڇيڪ چرندو هو. هن علائقي ۾ سماجي ثقافت (Socio Culture) جا ننڍڙا ننڍڙا گروهه موجود هئا، جيڪي هن قسم جي ماحول سان هري مري ويا هئا. تن کي وسارڻ مناسب ڪونه ٿيندو.

سنڌو  تهذيب جون ڪڇ ۾ وسنديون ۽ سنڌو ماٿريءَ سان لاڳاپيل علائقو

ڪڇ ۾ قديم آثارن سان لاڳاپيل کوجنائون هاڻي تازو شروع ڪيون ويون آهن. هتان جي فقط ٻن قديم ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا ٿي چڪي آهي، پر انهن بابت ابتدائي رپورٽون دستياب ٿي ڪونه سگهيون آهن [11]. انهن کوٽاين، کوجنائن ۽ سروي جي آڌار تي سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ هن ماٿريءَ جي تهذيب ۾ڪڇ جي حيثيت بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهجي ٿو.

جاگرافيءَ جي نقطهء نظر کان ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات کي پاڻ ۾ ملائيندڙ علائقو آهي. هن علائقي ۾ سنڌ ۽ گجرات وارا گڏيل لڇڻ آهن. ان کان سواءِ هن جي ٻنهي کي ملائڻ واري خاصيت به آهي، جيڪا هن بيان جي تائيد ڪري ٿي. قديم زماني ۾ اڀرندو نارو پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو هوندو هو، جيڪو سنڌو درياءَ جي آبي نظام جو هڪ حصو هو.(1)

هيءُ درياء ساليانو پنهنجي پاڻيءَ جو وڏو حصو ڏئي ڪڇ کي آباد ڪندو هو. سنڌو ماٿريءَ جي اوڀر ۾ موجود ڍنڍون، هن درياهه جي چاڙهه واري پاڻيءَ جون نشانيون آهن. هن ڪتاب جي باب ٽئين ۾ Perso Arabican جهڙي اوڀڙ (Flora) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هيءُ علائقو سنڌ ۽ گجرات سان گڏيل آهي. هن جا گجرات سان اهم واسطا رهيا آهن. جيالاجيءَ جي نقطهء نظر سان ڪڇ، ڏاکڻي پٽي (Deccan Trap) جو اولاهون حصو آهي، هتان جي ماڻهن جو ڪاروهنوار به گجرات سان آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته هن پرڳڻي جي هڪ مستقل خاصيت ڪانه آهي.

سنڌو تهذيب جي سڌريل شهري ثقافت جا ماڳ هتي به موجود آهن. (ڏسو خاڪو نمبر 9، 10 ۽ 11) جنهن مان هڪ اهم ثابتي ملي وڃي ٿي، ته جزوي دؤر اي ٻيو (Sub Period A-II) سان هن ملڪ سنڌو تهذيب جي سڌاري ۽ واڌاري نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ماڻهن جي لڏپلاڻ جو ذڪر هن کان پوءِ واري باب ۾ ڪيو ويندو. پر هن وقت اهو چوڻ مناسب ٿيندو، ته سنڌو سڀيتا جا ماڻهو ڪڇ وسيلي گجرات جي اوڀارينءَ سرحد تائين پهتا هئا.

وقت گذرڻ سان گڏ هتان جي ثقافتي شين جي طرزن ۾ تبديلي ايندي رهي آهي

تعارف ۽ عام بحث:

هن باب جي تعارفي بحث ۾ هن حقيقت جو اظهار ڪيو ويو هو، ته سروي ڪرڻ وقت هتي ڪي قديم وسنديون هٿ لڳيون هيون. جن جو تعلق هڪ خاص دؤر سان هو. پر انهن بابت ڪنهن به قسم جا مفروضا قائم ڪونه ڪيا ويا هئا. پر ان وقت اسان لاءِ تڪڙو ۽ اهم ڪم هيءُ هو، ته نمونن وٺڻ دوران جيڪڏهن غلطيون ٿي ويون آهن، تن کي جاچيون، پرکيون ۽ روڪيون.

زير بحث اڪيلي تبديليءَ جو پس منظر هن ريت آهي، ته قديم آثارن جي جاچ پڙتال جي مقصد لاءِ گجرات جي ايراضيءَ جي چونڊ ڪرڻ کان پوءِ ٻيا ننڍڙا ادارا به جوڙيا ويا هئا، جن جو ڪم اتان لڌل ثقافتي شين کي پڙهڻ ۽ انهن تي سوچڻ ويچارڻ هو. انهن مان هڪ اداري کي هي ڪم سونپيو ويو هو، ته گجرات جي هنن قديم آثارن کي سنڌو تهذيب سان ملائيندو وڃي. هن ڪم جي شروعات اٺاسي ماڳن جي فهرست سان ڪئي وئي هئي. جيڪا رنگپور جي کوٽائيءَ واري رپورٽ سان گڏ ٺاهي وئي هئي [12]. انڊين آرڪيالاجي جي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ، ان کي هن عنوان "A Review and other literature" سان وڌايو ويو هو [13].

گهربل حقيقتون راؤ  (Roa) جي ترتيب ڏنل فهرست تان ورتيون ويون هيون. ان کان پوءِ جلد ئي پتو پئجي ويو، ته ايراضيءَ سان نسبت رکندڙ قديم وسندين جي نالن ۾ وڏي ڳڙٻڙ موجود آهي. پر رپورٽ شايع ڪرڻ مهل مذڪوره فهرست کي غلطين کان پاڪ ڪيو ويو هو. ضميمي الف تان ورتل وسندين جو تفصيل هن ريت آهي: جزوي دؤر اي ٻيو (Sub Period A II) سان واسطو رکندڙ ارڙهن ماڳ دؤر بي.سي ٻئي (Period B.C II) سان تعلق رکندڙ 95 ماڳ ۽ دؤر ٽئي (Period III) سان لاڳاپيل 20 ماڳ، هنن انگن اکرن ۾ اهي قديم ماڳ شامل ڪونه آهن، جيڪي نئين جاچ پڙتال ڪندي لڌا ويا هئا.

 

خاڪو 9: دؤر II A  دوران گجرات ۾ ماڳ مڪان

 

خاڪو 10: دؤر II B-C  دوران گجرات ۾ ماڳ مڪان

 

خاڪو 11: دؤر III  دوران گجرات ۾ ماڳ مڪان

 


(1) هو-هئرو  (Hoe-Harrow) هڪ قسم جوهر آهي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1) Millets ننڍي داڻي واري فصل کي چيو ويندو آهي. ٻاجهري کي Millet Indian/Millet Bulrush , جوئر کي Millet great , چـِـڻي کي Millet comrmon , ٻاهيري کي ۽ ڪنگڻي کي Millet Italian چيو ويندو آهي. (سنڌي ايڊيٽر)

(1) اڀرندو نارو سنڌو درياءَ جي آبي نظام سان شامل ڪري ڪونه ٿو سگهجي. هن وهڪري جي منڍ واري حصي کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو. هن وهڪري ۾ ستلج, بياس, سرسوتي, گهگهر ۽ دريشد وتي جو پاڻي هوندو هو. وڃڻوٺ وٽ هن جا ٻه حصا ٿي ويندا هئا. جن مان هڪ وڏو حصو سنڌ جو اوڀر ڏئي اڳتي وڌندو هو. جڏهن ننڍو اولاهون وهڪرو اڳتي وڌي سنڌوءَ جي اوڀارئين ننڍي وهڪري سان گڏجي ويندو هو ۽ اروڙ کان وري پنهنجو الڳ رخ اختيار ڪندو هو ۽ ساعدي نالي ڳوٺ کان ڏکڻ وڃي اوڀارئين وڏي وهڪري سان ملندو هو. ڪڇ جو رڻ هن درياهه جي لٽ جي پيداوار آهي. هاڪڙي درياهه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ به سنڌو درياءَ جي ڇوڙ کان مختلف هو. تنهن ڪري هاڪڙي يا اڀرندي ناري کي سنڌ جي آبي نظام ۾ شامل ڪري ڪونه ٿو سگهجي. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org