سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:23 

ماڳ جو نالو: راڄپپل- V (Rajpipla V)

 (ڏسو خاڪو 34)

جاءِ وقوع: ڳوٺ راڄپپل - تعلقو گڊهڙ

پکيڙ: تعين ڪونه ڪيو ويو هو.

ڳوٺ ٻڌڻ جو دؤر: وچولو پٿر دؤر

ببلوگرافي: نه

هيءُ ماڳ نالي Nalla جي پيٽ سان ۽ ڪالوڀر نئن جي ڏکڻ ڪناري جي وٽ سان واقع آهي. سندس ٻئي طرف کان سامهون راڄپپل ڳوٺ آهي. مذڪوره پاهڻي اوزار (gravels II) مان هٿ لڳا هئا، جن کي ميڙي چونڊي هڪ جائتو ڪيو ويو هو. انهن جو ڪجهه حصو خاڪي 34 ۾ ڏنو ويو آهي.

وچولي پٿر دؤر جا هي اوزار ڪالوڀر ۽ گهيلو نئن جي ماٿرين ۾ عام مليا هئا. اهڙيون ثقافتي شيون نالن ۽ ندين جي پيٽ اندران ۽ زرعي زمينن وچان به ملي سگهنديون.

پٿر اوزارن جو گهڻو تعداد هٿ ڪونه لڳو هو، پر راڄپپل (5) واري ماڳ کان پٿر جا اوزار جهجهي انگ ۾ مليا هئا. پر انهن جو گهڻو تعداد gravels II مان لڌو هو. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته مذڪوره اوزارن جو وڏو تعداد پاڻي لوڙهي کڻي ويو هو.

هتان اٽڪل روءِ چاليهه ڪاريگريءَ جي نمونا مليا، جن کي ڀارت اندر ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو. اهڙا بيان هاڻي معدوم ٿي ويا آهن. پر مذڪوره ڪاريگريءَ جي نمونن جا خاڪا ڏئي، ان ڪميءَ کي پورو ڪيو ويو آهي، ليڪن مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو هوس. ايئن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو رستو به ڪونه رهيو هو.

ان لاءِ وڌيڪ اظهار خيال هن ريت به ڪري سگهجي ٿو، ته پٿر جي هنن ڪاريگريءَ جي نمونن ٺاهڻ لاءِ ڏاکڻي پتي (Deccan Trap) واري ٻرندڙ جبل جي پٿر کي ڪتب آندو ويو هو. پر پٿر جا اهي اوزار جن تي فقط هڪ طرف کان ڪم ورتو ويو آهي. سي هتان جا ڪونه آهن، جن کي نمبر 9 تي ڏسي سگهجي ٿو. اهي نرم پٿر (Jaspar) جا ٺهيل آهن. ٻارهون نمبر پٿر اوزار (Dihedral Burin) سان تعلق رکن ٿا. انهن پٿرن جي اوزارن جو تعداد گهڻو آهي، جيڪي ڪورڻ، گهڙڻ، کـُـرڙڻ (Scraping) جي مقصد سان ڪم آندا ويندا هئا. اهي (flakes) مان جوڙيا ويندا هئا.

 

 

قديم ماڳ جو نالو: راڄپپل - VI (Rajpipla VI)

(ڏسو خاڪو - 35)

جاءِ وقوع: ڳوٺ راڄپپل - تعلقو گڊهڙ.

پکيڙ: 140x140 ميٽر - ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن جي ڪٺار سان 100 گزن تائين زرعي زمين ۾ پکڙيل ڏسجي ٿو.

ببلوگرافي: نه.

ڳوٺ جي ٻڌجڻ جو زمانو: آر جي پي، بي سي II (RgP، B.C II Period) ۽ ڳاڙهي چمڪدار ٿانءُ (RPW) ٺڪر واري دؤر تائين

1. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6). ٻاهرين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ - اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو - چڪ وسيلي جوڙيل. قطر جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

2. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندر (Core) ڪارسرو. ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

3. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) . اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

4. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Jar) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڀورو (7.5 YR 4/4) - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) . قطر 10 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

5. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي. رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندران ۽ ٻاهران ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. قطر 40 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

6. سنڌو سڀيتا جو سوراخدار ڳاڙهو ٿانءُ. رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندر (Core) ڪارسرو - اندرئين پاسي کان هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4). ٻاهرئين پاسي هلڪو چانهون (2.5 YR 7/2) رنگ. چڪ وسيلي ٺهيل.

7. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. قطر 8 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

8. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڦڪو ڀورو (10 YR 6/4) - اندر (Core) ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندران ۽ ٻاهران هلڪو ڦڪو ڀورو (10 YR 6/4) - قطر 16 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

9. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ٿانءُ (Vessel) - وچٿرو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو پڪو (5 YR 7/8) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندران ۽ ٻاهران ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) مٿاڇرو. قطر 38 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.
 

 

ماڳ جو نالو: راڄپپل -VII (Rajpipla VII)

(ڏسو خاڪو 35)

جاءِ وقوع: ڳوٺ راڄپپل - تعلقو گڊهڙ

پکيڙ: 90 x 140 ميٽر. ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن جي ڪناري سان پکڙيل.

ڳوٺ ٻڌڻ جو دؤر: III - RgP

ببلوگرافي: نه

1. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو پتو پئجي ڪونه سگهيو هو.

2. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري- رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڀورو (7.5 Y 6/4) - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) - اندرئين پاسي کان ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) مٿاڇرو. قطر 30 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

3. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڀورو ڦڪو (10 YR 10/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

4. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 4/6) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو ڀورو (5 YR 5/4) مٿاڇرو. قطر 28 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

5. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهي رنگ جو سوراخدار (Perforated) ٿانءُ - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 6/8) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 6/8) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

6. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل ٻاڙو- ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) - اندر (Core) ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م.

ماڳ جو نالو: راڄپپل -VIII (Rajpipla VIII)

(ڏسو خاڪو 35)

جاءِ وقوع: ڳوٺ راڄپپل - تعلقو گڊهڙ

پکيڙ: 150 x 150 ميٽر. ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن جي ڪناري سان واقع زرعي زمين ۾ پکڙيل.

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: RPW جو زمانو

ببلوگرافي: نه

1. RPW جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - ٻاهران ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 8 س.م.

2. RPW جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ (2.5 YR 6/8) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ - چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 34 س.م.

3. RPW جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 10 س.م.

4. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 14 س.م.

5. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو.
(10 R 5/8) اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو. قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

6. RPW جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - وچٿرو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) - اندر (Core) ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) مٿاڇرو. هٿ وسيلي ٺهيل. قطر جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

ماڳ جو نالو: رامپاڙا- I (Rampara I)

(ڏسو خاڪو 36)

جاءِ وقوع: ڳوٺ رامپاڙا - تعلقو گڊهڙ

پکيڙ: 50 x 100 ميٽر. پٿر جا ٺهيل. اوزار زرعي زمين ۾ پکڙيل.

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: RgP II ۽ III ق.م.

ببلوگرافي: نه

هي ماڳ پٿر مان اوزارن ٺاهڻ جو صنعتي علائقو آهي. جتان فقط پٿر جا اوزار هٿ لڳا آهن. هن قسم جو ترجمو گهڻو ٽيڪنيڪل آهي. تنهن ڪري جيئن جو تئين انگريزيءَ ۾ ڏنو ويو آهي (مترجم)

1. Chalcedony core with five parallel flake scars. Flaked striking platform. Remnants of two crested guiding ridge.

2. Chalcedony core with seven parallel flake scars. Flaked striking platforms. Blades removed from two directions.

3. Chalcedony core with eight parallel flake scars. Flaked striking platform. Very prominent crested guiding ridge.

4. Chalcedony core with nine parallel flake scars. Broken striking platform. Remnant of crested guiding ridge.

5. Chalcedony core with five parallel flake scars. Flaked striking platform.

6. Chalcedony core with eight parallel flake scars. Flaked striking platform. One crested guiding ridge.

7. Chalcedony blade broken on one end. Bulb of percussion missing. No retouch. Evidence for use on one side.

8. chalcedony blade. Steep retouch on one side and end opposite bulb of percussion.

9. chalcedony blade. Broken on one end, bulb of percussion present. Remnant of crested guiding ridge on ventral surface. Steep retouch on bulb end.

10. Chalcedony blade. Broken on both ends, bulb of percussion missing. Steep retouch along both sides.

11. Chalcedony blade. Broken on both ends, bulb of percussion missing. No retouch or evidence of use.

12. Chalcedony blade. Broken on both ends, bulb of percussion missing. Steep retouch on one end (top of drawing). Evidence for use on both sides.

13. Chalcedony blade. Broken on end opposite bulb of percussion. Steep retouch on bulb end. No evidence for use.
 

 

Summary of sample:

 

Cores:

total .......................................................................................................................21

with parallel flake scars .........................................................................................9

with crested guiding ridge .....................................................................................6

amorphous .............................................................................................................12

 

Baldes and Flakes:

total ........................................................................................................................35

retouched blades ...................................................................................................13

possible use on blades ............................................................................................9

with crested guiding ridge .....................................................................................5

flakes with retouched/use .....................................................................................16

 

Weste .......................................................................................................................32

 

Total .......................................................................................................................88
 

ماڳ جو نالو: رامپاڙا -II) (Rampara II)

(ڏسو خاڪو 37)

جاءِ وقوع: ڳوٺ رامپاڙا - تعلقو گڊهڙ

پکيڙ: 75 x 150 ميٽر. ٺڪراٺو گهيلو نئن جي ڪٺار سان واقع زرعي زمينن ۾ موجود

ببلوگرافي: نه

1. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڀورو ڦڪو (10 YR 10/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چانهين
(7.5 YR 3/0) چٽسالي. قطر 18 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

2. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 6/8) اندر (Core) ڪارسرو - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندران ۽ ٻاهران ڪارسري چانهين (7.5 YR 3/0) چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 22 س.م.

3. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو. ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چانهين (7.5 YR 3/0) چٽسالي. قطر 42 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

4. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) مٿاڇرو. ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چانهين (7.5 YR 3/0) چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 28 س.م.

5. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) - ٻاهرئين پاسي کان هلڪو ڦڪو ڳاڙهو (5 YR 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) مٿاڇرو. ٻاهرئين پاسي کان هلڪو ڪارو ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 3/2) چٽ. قطر 14 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

6. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي - وچٿري پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو ڦڪو (5 YR 7/8) - اندر (Core) ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڪارسري چانهين (7.5 YR 3/0) چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 44 س.م.

7. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو چانهون
(5 Y 7/2) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان هلڪي ڪاري ڳاڙهسري ڀوري (5 YR 3/2) چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 42 س.م.

8. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو
(10 R 10/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڪارسري چانهين (7.5 YR 3/0) چٽسالي. قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

9. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي - رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) جو ڌاءُ. اندرئين طرف کان هلڪي ڳاڙهي (2.5 YR 4/2) چٽسالي. قطر 32 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

10. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) ٻاهرئين پاسي کان ڪارسرو ڳاڙهو (10 R 4/4) جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) مٿاڇرو. قطر 48 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

11. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ، ڪوناري. رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8)  جو ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) مٿاڇرو. ٻاهرين طرف کان ڪارسري ڳاڙهي (10 R 4/8) چٽسالي. قطر 38 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا
1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org