سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:14 

ماڳ جو نالو: ڀوڄاوادرIV- (Bojavador IV)

(ڏسو خاڪو 15)

جاءِ وقوع: ڳوٺ ڀوڄاوادر - تعلقو امرالا.

پکيڙ: 220 x 370 ميٽر. ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن جي ڪنڌيءَ سان هلندو زرعي زمين تائين پهچي وڃي ٿو. هي دڙو زمين کان ٻه ميٽر ۽ ڪالوڀر نئن کان چار ميٽر مٿي آهي. سروي واري ايراضيءَ ۾ هي پهريون ماڳ آهي، جنهن کي اسان سولائيءَ سان ماپي سگهيا آهيون.

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: ڳاڙهي چمڪدار ٿانءُ Red Polished ware (RPW) جو دؤر.

ببلوگرافي: ڪجهه به نه.

1. ڳاڙهو چلڪڻو ٿانءُ (RPW) سان گڏ ڏسڻ ۾ ايندڙ چاهين (grey) رنگ جو ٿانءُ (Vessel) وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڀورو - چاهون (10 YR 6/2) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڀورو چاهون رنگ (10 YR 6/2) چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 18 س.م.

2. RPW سان گڏ رکيل ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڀورو
(5 YR 5/4) اندر (Core) هلڪو ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. ٻاهرئين پاسي ڪارَسڙو - ڳاڙهو (10 R 3/6) ڌاءُ - ٺڪر جي پنهنجي رنگ وارو اندريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو - ڀورو - (5 YR 5/4) چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 18 س.م.

3. ڳاڙهي چلڪڻي ٿانءُ (RPW) سان گڏ نظر ايندڙ ڪارو - ڳاڙهو (Vessel) پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسـُـرو - چانهون (7.5 YR 3/0) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو ڪارو (2.5 Y 2/0) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان چمڪدار (Burnished) - چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو پتو ڪونه ٿو پئجي سگهي.

4. ڳاڙهو چلڪڻو ٿانءُ (RPW) سان گڏ رکيل ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو - ڀورو (5 YR 6/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ (Slip). فقط اندرئين پاسي کان چمڪدار - چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 14 س.م.

5. تازي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 6/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي وارو مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) . چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 18 س.م.

6. تازي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 5/4). واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) . چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 30 س.م.

7. تازي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) ٻاڙو پڪل (Coarse) - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو - ڀورو
(5 YR 5/4) - اندر (Core) ڪارو. واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل - قطر 28 س.م.

8. تازي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) ٻاڙو پڪل. ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڀورو (5 YR 5/4) - اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 26 س.م.

نوٽ:- هن ماڳ جي مٿاڇري تي چمڪدار ڳاڙهي ٿانءَ جو تمام گهڻو ٺڪراٺو پکڙيل نظر آيو. فيلڊ ورڪ ۾ ان جو بيان ڪونه آهي. تنهنڪري اهڙي مواد کي ڇاپي پڌرو به ڪونه ڪيو آهي.

پٿرن جي اوزارن بابت ذڪر کي جيئن جو تيئن انگريزيءَ ۾ رکيو ويو آهي.

Worked Stone:

1. Chalcedony core, Broad, faceted striking platform on top. Many negative bulbs of percussion preserved. Crested guiding ridge preserved on bottom.

2. Chalcedony core (?). Worked chalcedony piece with what appears to be a crested guiding ridge on one edge. The alternative is to suggest that this piece is a fragment of a serrated knife or other cutting tool. Broken on top end of drawing. No evidence for use.

3. green jasper (?) flake. Retouch and use on three edges form a low angle scraping or cutting tool.

1. پاهڻي ٽـُـڪرو - چوٽيءَ وٽ منهن ويڪرو اٿس - گهڻين ڳنڍين تي اُبتيون ضربون لڳل نظر اچن ٿيون. چوٽي دار چـِـٽا ٻـَـنا تري تي محفوظ آهن.

2. پاهڻي پـَـتـَـو - ڪمايل پٿر جو ٽڪرو، جنهن جي چوٽيءَ تي اُڀار ڏسجي ٿو. ساڳي وقت اهو به ڏسجي ٿو، ته هيءَ ڏندن واري ڪارائي يا ڪپڻ، ڪورڻ جو اوزار آهي. خاڪي ۾ چوٽيءَ وٽان ٽٽل آهي. هن جي استعمال جو ڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي.

3. ٽه - ڌارو پاهڻي اوزار جو پترو - جيڪو رڳڙڻ، ڪپڻ يا ڪورڻ جي ڪم اچي، ڪمايل آهي.

 


    

     قديم ماڳ جو نالو: ڀوڄاوادرV- (Bojavador V)

(ڏسو خاڪو 15)

جاءِ وقوع: ڳوٺ ڀوڄاوادر - تعلقو امرالا.

پکيڙ: 80 x 210 ميٽر. ٺڪراٺو زرعي زمين ۾ پکڙيل

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: تاريخي دؤر

ببلوگرافي: ڪجهه به نه.

1. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vassel) - وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 5/4) . اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) . ٺهيل چڪ وسيلي- قطر 24 س.م.

2. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو ڳاڙهسرو ڀورو
(5 YR 5/4) رنگ. اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندريون ۽ ٻاهريون پاسو ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 16 س.م.

3. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) رنگ. اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) رنگ. اندرئين پاسي چمڪدار (Burnished) - ٻاهرئين پاسي ڪنهن ڌاريءَ شيءِ سان آرائش (Applique Decoration) ڪئي وئي آهي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 36 س.م.

4. تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو- ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/6) - اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين مٿاڇري جو رنگ هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) . چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي.

5. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو
(2.5 YR 6/6) اندر (Core) ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 YR 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 22 س.م.

 

قديم ماڳ جو نالو: ڀوڄاوادر-VI (Bojavador VI)

(ڏسو خاڪو 15)

جاءِ وقوع: ڳوٺ ڀوڄاوادر - تعلقو امرالا.

پکيڙ: 50 x 60 ميٽر. ٺڪراٺو هڪ کڏي ۾ ڏسجي ٿو. جيڪو 2.5 ميٽر ويڪرو ۽ 1.5 ميٽر گهرو آهي. ان کان سواءِ وسنديءَ جي چئني پاسي مٽيءَ سان گڏيل ڏسجي ٿو. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته هيءُ ماڳ هڪ وڏي نالي (Nalla) جي وچ تي آهي، جيڪو ور وڪڙ ڪندو وهندو هوندو.

ڳوٺ ٻڌڻ وارو زمانو: پويون تاريخي دؤر (Posthistoric Period)

ببلوگرافي: ڪجهه به نه.

1. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو پڪو
(5 YR 7/8) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 6/6). چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 16 س.م.

2. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ (5 YR 7/8) . واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي هلڪي ڳاڙهي ڀوري (5 YR 5/4) رنگ جو ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 12 س.م.

3. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 7/8) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي هلڪي ڀوري (7.5 YR 6/4) رنگ جو ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 16 س.م.

4. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو اصلي رنگ گهاٽو ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. ٻاهرئين ۽ اندرئين پاسي مٿاڇرو، هلڪي ڀوري رنگ (7.5 YR 6/4) جو- چڪ وسيلي ٺهيل، قطر 14 س.م.

5. پوئين دؤر جو ڳارهو ٿانءُ (Vessel) پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8). واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڦڪي (5 YR 7/8) رنگ جو چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو پتو پئجي نه سگهيو.

6. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) وچولو پڪل - ٺڪر جو اصلي رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
(5 YR 6/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئون ۽ ٻاهرئون ڳاڙهو (7.5 YR 6/4) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م.

 

ماڳ جو نالو: ڀوڪلي ڌر (Bhokli Dhar)

(ڏسو خاڪو 16)

جاءِ وقوع: لکڻڪا ڳوٺ - تعلقو گڊهڙا.

پکيڙ: 120 x 470 ميٽر. ٺڪراٺو گهيلو نئن کان اٽڪل 150 ميٽر پري تائين پکڙيل.

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: RgP دؤر، بي. سي II.

ببلوگرافي: موجود ڪانه آهي.

1. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو (Bowl) - رَءِ پڪل (Fine) ٺڪر جو اصلي رنگ هلڪو ڀورو
(7.5 Y 6/4) اندرئين پاسي هلڪو ڪارو ڳاڙهو (10 R 4/6) ڌاءُ. ٻاهرئين پاسي کان ڪارسرو ڳاڙهو
(10 R 4/4) ڌاءُ. هلڪي ڪاري ڳاڙهسري ڀوري رنگ (5 YR 3/2) ۾ ٻاهرئين ۽ اندرئين پاسي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م.

2. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو. رَءِ پڪل (fine) - ٺڪر جو اصلي رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو
(5 YR 6/6) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. ٻاهرئين پاسي کان کـُـرچ لکت (incised graffiti) چڪ وسيلي بڻيل. 20 س.م. قطر

3. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 6/6) ٻاهرئين ۽ اندرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. ٻاهرئين پاسي کان کرچ لکت - چڪ وسيلي بڻيل. قطر 30 س.م.

4. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالو - رَءِ پڪل - ٺڪر جو اصلي رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) اندران ۽ ٻاهران ڳاڙهو (10 R 5/8) ٻاهرئين پاسي کان ڪارَ سري چاهين رنگ (7.5 YR 3/0) جي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م.

5. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رَءِ پڪل (fine) - ٺڪر جو اصل رنگ هلڪو ڀورو
(7.5 YR 6/4) . ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) ، ڌاءُ - اندريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو - قطر 50 س.م.

6. سنڌو تهذيب جي چاهين رنگ (grey) جي پاٽ يا ڪوناري. رَءِ پڪل (fine) - ٺڪر جو پنهنجو اصلي رنگ هلڪو چانهون (2.5 Y 7/2) ٻاهرئون هلڪو ڪارو ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 3/2) ڌاءُ. اندرئون چانهون
(2.5 Y 7/2) مٿاڇرو - چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 40 س.م.

7. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري - رَءِ پڪل - ٺڪر جو اصل رنگ هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) ٻاهرئين پاسي هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 4/2) ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو هلڪو ڀورو (7.5 YR 6/4) - چڪ وسيلي بڻيل. قطر 32 س.م.

8. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري، رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) اندر (Core) هلڪو ڪارو - ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 40 س.م.

9. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري - رَءِ پڪل - ٺڪر جو اصلي رنگ هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 6/8) . ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو هلڪو ڳاڙهو - (10 YR 10/4) چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 22 س.م.

10. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ ٿالهي (Dish) - رَءِ پڪل (fine) - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 7/8) اندر (Core) هلڪو ڪارو. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 34 س.م.


 


 

11. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءَ ڦيلهي - رَءِ پڪل - ٺڪر جو اصل رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 7/8). اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 40 س.م.

12. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ٿالهي - طباخ (Dish) رَءِ پڪل (fine) - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 32 س.م.

13. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ ٿالهي - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڀورو (7.5 YR 4/4) اندرئين پاسي ڦڪانجو ڳاڙهو - (Yellowish Red) (5 YR 5/6) ڌاءُ. قطر 28 س.م. چڪ تي ٺهيل.

14. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءَ ڦيلهي - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڀورو (Dark Brown) (7.5 YR 4/4) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. ٻاهرئين ۽ اندرئين پاسي ڪارسري ڀوري رنگ (5 YR 3/2) جي چٽسالي. قطر 28 س.م چڪ وسيلي ٺهيل.

15. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ (Jar) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چاهين رنگ (7.5 YR 3/0) جي چٽسالي. قطر 8 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

16. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ (Jar) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) اندر (Core) هلڪو ڪارو - ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ - اندريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڀورو
(5 YR 5/4) قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

17. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ (Jar) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو ڦڪو (5 YR 5/6) اندريون مٿاڇرو ڦڪو ڀورو (10 YR 10/4) ٻاهرئين پاسي کان گهاٽي ڳاڙهي (10 R 4/4) چٽسالي. قطر 10 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

18. سنڌو تهذيب جو چاهين رنگ جو ٿانءُ (Vessel) . رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو چانهون - (5 Y 7/2) ٻاهرئين پاسي کان ڪارسرو ڳاڙهو ڀورو (5 YR 3/2) ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو ڦڪو ڀورو
(10 YR 10/4) - قطر 36 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

19. سنڌو تهذيب جي ڳاڙهي ٿانءَ جو ترو (base) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو رنگ پڪو ڀورو (10 YR 10/4) ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) - اندريون مٿاڇرو هلڪو ڳاڙهو (2.5 YR 6/8) قطر 36 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

ماڳ جو نالو: چبديا ٽمبو (Chabadia Timbo)

(ڏسو خاڪو 17)

جاءِ وقوع: ڳوٺ چبديا - تعلقو گڊهڙ.

پکيڙ: 100 x 200 ميٽر. هن ماڳ جو ٺڪراٺو گاهن سان ڍڪيل زمين تائين هليو وڃي ٿو. اهڙيون ٺڪريون ڍيرن جي صورت ۾ نه، پر هتي هـُـتي پکڙيل آهن. ليڪن انهن جڳهين تي نظر ڪونه اينديون، جتي ماڻهن کڏون کوٽي زمين جو مٿاڇرو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: چمڪدار ڳاڙهي ٿانءَ ۽ تاريخي پويون دؤر

ببلوگرافي: موجود ڪانه آهي.

1. چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/4) اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهي رنگ جو (10 R 5/8) ڌاءُ. ٻاهرئين ۽ اندرئين پاسي چمڪدار. قطر 12 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

2. ڳاڙهي چمڪدار ٿانءَ جي جنس سان تعلق رکندڙ چانهين (grey) ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارو (2.5 Y 2/0) واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين پاسي چانهون
(10 YR 6/1) مٿاڇرو. ٻاهرئين پاسي ڀورو چانهو (10 YR 6/2) رنگ. قطر 16 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

3. ڳاڙهي چمڪدار ٿانءَ جي جنسن سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءَ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڪارسرو ڳاڙهو (10 R 3/6) ڌاءُ. اندريون ۽ ٻاهريون پاسو چمڪدار. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر جو پتو ڪونه ٿو پوي.

4. ڳاڙهي چمڪدار ٿانءَ جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندر (Core) ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (2.5 YR 4/6) ڌاءُ. قطر 22 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

5. ڳاڙهي چمڪدار ٿانءَ جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو
(10 R 5/8) ڌاءُ. قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

6. چمڪدار ڳاڙهي ٿانءَ جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل وچولو - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) - اندر (Core) هلڪو ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. قطر 32 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

7. ڳاڙهو چلڪڻو ٿانءُ (RPW) جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) جنهن سان واري ۽ گاهه جا تاندورا مليل آهن. اندريون ٻاهريون مٿاڇري جو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو (5 YR 5/4) جنهن سان واريءَ جوليئهَ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل آهن. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 40 س.م.

8. ڳاڙهو چلڪڻو ٿانءُ (RPW) جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - ٻاڙو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڦڪو (5 YR 6/6) - واريءَ ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) - قطر 50 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

9. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - رَءِ پڪل - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهو ڦڪو (5 YR 6/6) اندر (Core) هلڪو ڪارو - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو (10 R 5/8) . قطر 22 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

10. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ - پيالو - پڪل وچولو - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو (5 YR 6/6) - اندر (Core) هلڪو ڪارو اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو (10 R 5/8) ڌاءُ. قطر 22 س.م چڪ وسيلي ٺهيل.

11. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
(5 YR 6/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڦڪو
(5 YR 6/6). قطر 20 س.م چڪ وسيلي ٺهيل.

12. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ ٿالهي يا طباخ (Dish) - پڪل وچولي رنگ ڳاڙهو (2.5 YR 4/6) - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. ٻاهريون ۽ اندريون مٿاڇرو ڪارسرو ڳاڙهو (10 R 3/6) . قطر جو پتو ڪونه ٿو پوي. چڪ وسيلي ٺهيل.

13. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ (Vessel) - وچولو پڪل - ٺڪر جو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو(5 YR 6/6) . واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهسرو ڀورو رنگ
(5 R 5/4) - قطر 18 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org