سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو پهريون

صفحو ؛ 3

بِسْمِ الله الرَّحْمــنِ الرَّحِيْمِ

ڀاڱو پهريون

ديباچو

(مصنف طرفان)

انهيءَ بيمثال، يگاني، سڀني ثنائن کان بلند ۽ مٿاهين جي تعريف کان پوءِ، جنهن هن نادان، واقف حـضرات جي خوشه چين کي”تحفة الڪرام“ جي ٻن جلدن جي تاليف ڪرڻ جي توفيق ڏني، پڻ انهيءَ ڪارن خواه ڳاڙهن (ساريءَ دنيا) ڏانهن موڪليل سردار جي نعت کان پوءِ، جنهن پنهنجي غلاميءَ جي فيض سان اڳين برگزيدن بزرگن جي احوالن جو ڳولائو بڻايو. واقف حضرات کي معلوم ٿو ڪرائجي، ته اڳئين خواه پوين جي ڪنهن به ڪتاب ۾، سنڌ جو ۽ خصوصاً ٺٽي جو، پورو ذڪر نظر نه آيو، حالانڪ حقيقت ۾ هيءَ مردم خيز زمين علم ۽ معرفت وارن سان سينگاريل آهي. انهيءَ ڪري، هن ڪوشش ۾ لڳس، ته مختلف ڪتابن مان گهربل مواد هٿ ڪري، تنهن سان ڪجهه معتبر خبرون ملائي، هڪ خلاصو جلد ]تيار ڪري[، دوستن جي محفل ۾ تحفي طور پيش ڪجي، من خير جي دعا سان ياد ڪن، ۽ اصلاح جي نظر کان پهلوتهي نه فرمائين!

اگرچه، گهڻي وقت گذرڻ ۽ هن ميدان ۾ ڪنهن جي قدم نه رکڻ ڪري، مقصود کي پوريءَ طرح رسڻ ڏکيو آهي، تاهم نشانيءَ لاءِ خرار مان هڪ لپ ئي ڪافي آهي، جيڪي هٿ آيو سو آيو، ۽ هن کان پوءِ جيڪو زياده ڪندو، سو احسان جو لائق ٿيندو.

”قانع“ اين تازه راه دور دراز،
هر کہ گردد دليل مقصداو،

 

عاجزيءَ ۽ نياز پوري سان،
جيڪو هن ڪم ۾ ڪجهه به ڏيندو ڏس،

ميکند طي بگام عجز و نياز.
باد در دامن نبي يد او!

 

ٿو وٺان واٽ هيءَ ڊگهي اڄ مان،
شل نبي  پاڪ  ٿيندو يار  سندس!

_______

 

 

 


 

 

مقدمو

ولايت (سنڌ) جي تعريف ۽ سندس خـصوصيتن

جي بيان ۾

”سنڌ“ تي اهو نالو  ’حام‘  بن نوح عليہ السلام جي پٽ،  ’هند‘  جي ڀاءُ  ’سند‘  جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءُ سڄيءَ زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان، ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ولايت ۾ مشترڪ آهي. جيئن اڳتي تفصيل سان ايندو. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻيءَ ولايت جي خط هيٺ آهي، تنهن ڪري مڪي مطهره ۽ مديني منوره جي پاڪ زمين سان هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي. چون ٿا، ته آڳاٽي سمي ۾ سنڌ جي پسگردائيءَ جي ڪنهن جبل ۾ اُٺ گم ٿيو هو، جو ٽن ڏينهن کان پوءِ وڃي حجاز کان نڪتو ]2[ جنهن زماني ۾ محمد بن قاسم سنڌ جي جهاد تي آيو هو، تڏهن ]بغداد کان[ قاصد ستن ڏينهن ۾ ايندا ۽ واپس ويندا هئا. ظاهر ۾ ٿو ڏسجي، ته حادثن جي صدمن، جبلن ۽ سمنڊن جي گهاٽائيءَ سبب، اهو رستو بند ۽ گم ٿي ويو آهي.مڪران جو جبل سندس اولهه طرف، ۽ ڪيڪانان جو جبل ان جي حدن ۾ داخل آهي. فليس جو بيابان، جو ويهه فرسنگ (60 ميل) ڊگهو، ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ ڏکيائيءَ ڪري مشهور آهي، سو منجهس آهي، ۽ جو بحر محيط وٽ، جنهن کي بحر عمان به چوندا آهن، انتها ڪري ٿو. سنڌوندي، جا ڪشمير جي جبلن مان نڪري ٿي، ۽ ڪابل جي جبلن وٽان ٻي ندي به ساڻس ملي ٿي ۽ ملتان وٽ سيحون نديءَ سان ملي، اٽڪ سان شامل ٿي، سمنڊ ۾ پوي ٿي، تنهن جو پاڻي نهايت صاف ۽ روشن آهي، جو اونهاري ۾ نهايت ٿڌو هوندو آهي. سنڌ جي زبان ۾ ان کي ”مهراڻ“ چوندا آهن. مرزا حيدر، ”رشيديءَ“  لکيو آهي، ته  ’ڏکڻ وارن جبلن مان جيڪو پاڻي ڏکڻ ڏانهن وهي ٿو، جهڙوڪ: نيلاب (نيلم)، بياس، چناب، لاهور ۽ سلطانپور واري ندي ۽ باجواره ندي، اُهو سمورو هندي سمنڊ ۾ پوي ٿو، ۽ سندس نالو ”سنڌو“ ندي آهي‘ . اڄ ڪالهه سنڌ جي درياءَ جو هيٺيون حـصو، جو هندستان جو لنگهه آهي، تنهن کي هن ملڪ ۾ هر جڳهه جدا جدا نالا ڏنل آهن، ۽ پنجاب تائين ڪيترا نالا اٿس. هن ملڪ جي زمين، آب هوا جي عمدگيءَ ۽ صبح ۽ شام جي لطف کان مشهور آهي. پنجاب جي طرف وارو مٿيون حصو گرميءَ، ۽ سمنڊ کي ويجهو ڀاڱو، اگرچ لٿي پٿي گرم آهي، ٿڌاڻ ۾ مخصوص آهي. سنڌ جي زمين مردم خيز آهي، ۽ سندس رهاڪو،  ’مسڪينيءَ‘  ۽ لياقت ۾ ممتاز آهن. هتان علم ۽ يقين، فقيريءَ ۽ معرفت جا صاحب گهڻا پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو. انشاءَ الله تعاليٰ.

پراڻي زماني کان، سنڌ جي رهاڪن ۾ ڪي رسمون مشهور آهن، جي اگرچه جهالت جون عادتون آهن، تاهم جيئن ته عجيب آهن، تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.

جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪنهن وڏي گناهه جي تهمت رکي ويندي آهي، تڏهن هو پاڻ کي پاڪدامن ثابت ڪرڻ لاءِ، وڏيءَ باهه مان ”سمندر“ (1) وانگيان پاڪ، ۽ حضرت خليل وانگيان بنا ڪنهن کٽڪي جي لنگهي ڏيکاريندو آهي. جيئن عنقريب  ’مارئيءَ‘  ۽  ’سسئيءَ‘  جي احوال ۾ ايندو.

گرم ڪوڏر جو هٿ ۾ کڻڻ جو رواج اڃا تائين جاهلن ۾ هلندو اچي، جنهن جو ڪجهه بيان  ’مارئيءَ‘  جي ذڪر ۾ ايندو. اهو هن طرح ڪندا آهن، جو تهمتيءَ جي هٿ تي، وڻ جو سائو پن ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي، پوءِ ڪوڏر گرم ڪري، ان جي مٿان رکندا آهن، ۽ هو ٻٽي وکون آهستگيءَ سان کڻندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته پن يا ڪچي ڌاڳي کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، پر جڏهن ڪوڏر زمين تي اڇلائي وئي آهي، تڏهن مٽيءَ کي ڀوڳڙين جي واريءَ وانگيان جوش ۾ آندو اٿس. يقيناً سچ جي برڪت آهي، نه ته اهڙيءَ باهه کان هٿ ڇو نٿو سڙي؟ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ معتبر ماڻهوءَ کان ٻڌو ويو ته ”هڪ زال، ٻيءَ زال جو ڪنگڻن جو جوڙو چورائي، انڪاري ٿي ويئي. جڏهن ڪوڏر کڻڻ جو وقت آيو، تڏهن اها مڪريل عورت، اهو ڪنگڻن جو جوڙو هڪ ڪپاهه سان ڀريل ڇليءَ ۾ وجهي، ائين ظاهر ڪندي ميدان ۾ آئي، ڄڻ ته ان وقت هوءَ انهيءَ ڪم (ڪتڻ) ۾ رڌل هئي. اچڻ سان اها ڇلي، فريادڻ عورت جي هٿ ۾ ڏنائين، ته  ’مان جيستائين امتحان ڏيئي پورو ڪريان، تيستائين تون هيءَ جهلي بيهه‘ . پوءِ چيائين، هن ڳالهه جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، ته  ’مون فلاڻيءَ جي ڪنگڻن جو جوڙو لڌو هو، مگر وري انهيءَ کي ڏنو اٿم، ڪوڏر کڻان ٿي‘ . ائين ڪرڻ سان هن کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه آيو. جڏهن ته حق حق آهي، تنهن ڪري فريادڻ عورت غصي ۾ اچي، اها زنبيل کڻي زمين تي اڇلي، ۽ انهيءَ مڪريل عورت جي مڪر جو پڙدو ڦاٽي پيو.“

هڪ ڊگهي ڪاٺي اونهي پاڻيءَ ۾ کوڙي، تهمتيءَ کي چوندا آهن، ته ڪاٺيءَ کي وٺي، ٽٻي هڻي، پاڻيءَ جي تري ۾ وڃي ]3[ ويهي. هوڏانهن هڪ تير ڇوڙيندا آهن، ۽ هڪڙو ماڻهو وڃي اهو تير کڻي ايندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪاٺيءَ کي چوريندا آهن. جيڪڏهن تهمتي بيڏوهي هوندو آهي، ته انهيءَ وقت تائين ويٺو هوندو آهي، ۽ اشاري تي نڪري ايندو آهي، نه ته پاڻيءَ جي تر ۾ هرگز ويهي نه سگهندو آهي.

هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪيتريون اٽڪلون، ۽  جنتر منتر جادوءَ طور چالو آهن. مثلاً: ٻئي جي مهيءَ مان مکڻ چورائي، پنهنجي مهيءَ ۾ آڻڻ. هڪ معتبر ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ زال وٽ مهمان هئس، جنهن کي هڪ ڳئون جي کير جي مهي هئي. مکڻ ڪڍڻ جي وقت، باهه جي بهاني سان پاڙي واريءَ جي گهر ويئي، پاڙي واريءَ جي اڳيان مهيءَ جو وڏو ٿانو، مکڻ ڪڍڻ لاءِ رکيل هو. هيءَ زال اٽڪل ڪري موٽي آئي، ۽ پنهنجي هڪ ڳئونءَ جي کير جي مهيءَ مان ڏهوڻو مکڻ ڪڍيائين.“

ڪن جابلو ماڻهن ۾، جن کي ”مانسنگهه“ چوندا آهن، ”ڦڻيءَ“ جو علم(1) مشهور آهي. ڦڻيءَ جي تازن ليڪن مان هو جيڪي چاهيندا آهن، سو معلوم ڪندا آهن، جو صحيح واقعي  جي موافق ظاهر ٿيندو آهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ”جابلو ماڻهن جو هڪ ٽولو، دشمن جي ڊپ کان لڏي ڪنهن جاءِ ڏانهن وڃي رهيو هو. ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪ  ’مانسنگهه‘ ، ڦڻي ڏسي چيو، ته  ’اسان جي پٺيان، حملي ڪرڻ لاءِ، هڪ فوج پهچي رهي آهي، ۽ حيلي کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو.‘  پوءِ چيائين ته  ’جيڪو پاڻي مـَـشـَـڪن ۾ هجيوَ، سو سڀ زمين تي هاري، انهيءَ جي وچان لنگهي وڃو‘ . اتفاقاً، دشمن جي فوج ۾ ٻيو  ’مانسنگهه‘ ، ڦڻيءَ جي رستي هنن جي حالت معلوم ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين، ته هو  ’درياء‘  ٽپي ويا آهن، جنهن ڪري هو مايوس ٿي موٽي ويا، ۽ هي حيلو هنن جي آزاديءَ جو وسيلو ٿيو.“ هيءَ ته ٿوري ڳالهه آهي، پر هيءَ قوم، ڦڻيءَ جي رستي گهڻيون خبرون ڏيندي آهي.

ٻه ٽي هٿ هڪ ٻئي ۾ گڏي، زمين تي کوليندا آهن، انهيءَ جي وسيلي ڳجهيون ڳالهيون معلوم ڪندا آهن.

جگر کائيندڙ زالون (ڏائڻيون) هونديون آهن، جي پڻ غيب جي ڳالهين کان واقفيت رکنديون آهن. جيئن  ’مرزا باقيءَ‘  جي احوال ۾ ظاهر ٿيندو.

”جوڳڻ“  جو علم، جو اڪثر زالن ۾ ظاهر ٿيندو آهي، راجا ڏاهر جي قصي ۾ ان جي سچائي ظاهر ٿيندي.

”ورتيه“ نالي هڪ قوم آهي، جيڪي گداگرن جي صورت ۾ ڦرندا وتندا آهن. هي دل جون ۽ گذريل ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن کي ٺڳيندا آهن، ۽ ايندڙ ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جيڪي گهٽ واقع ٿينديون آهن.

پير سڃاڻڻ جي فن ۾، ڪي ماڻهو اهڙا ته ماهر آهن، جيڪي صرف پير جي نشان مان مرد، عورت، پنهنجي يا پرائي جو فرق معلوم ڪندا آهن، ۽ جبل خواه ميدان ۾ پير نه وڃائيندا آهن، بلڪ گهڻو ڪري پاڻيءَ مان به نشان سڌو ڪڍي ويندا آهن.

ڪڇ جي سر زمين ۾ هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪي تتر جي آواز مان چڱائي يا برائي معلوم ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح، ٻين پکين ۽ حيوانن جي خاص جاين تان نڪرڻ مان به برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خبر ڏيندا آهن. هڪ شخص ڳالهه ڪئي، ته ”هڪ جماعت سان گڏيو ٿي ويس، ته اوچتو هڪ ماڻهوءَ چيو، ته  ’توهان ڀلي پويان اچو، آءٌ تڪڙو ٿو وڃان، ڇاڪاڻ ته پکين جي آواز مان، گهر ۾ مهمانن جي اچڻ جي خبر پوي ٿي، ۽ فلاڻو عزيز هن وقت فوت ٿي ويو آهي‘  آخر ائين ئي هو، جيئن هن چيو هو.“

(اهڙيءَ ريت) هن ولايت جا ڪي عجائب، ايندڙ بيان جي ضمن ۾ پنهنجين جاين تي مذڪور ٿيندا. خاتمي ۾ جبل جا عجائبات بيان ٿيندا.

جيئن، ته وڏن ڪتابن ۾ فقط نالن ۽ واقعات جي بيان تي اڪتفا ٿيل آهي، تنهن ڪري هتي ڪجهه مشهور حالات جو مختصر طور اضافو ڪجي ٿو، ته جيئن انهيءَ احوال جي مقابلي ۾، هڪ خاص [4] طرز معلوم ٿئي.

مخفي نه رهي، ته اڳيان سنڌي ماڻهو جيئن ته فارسي زبان کان ناواقف هئا، تنهن ڪري ملڪ ۽ بادشاهن جي احوال ۾، ڪو به ڪتاب وجود ۾ ڪونه آيو. مگر سال 613 هجري ۾، اُچ جو ويٺل، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، هن ”ماٿريءَ“  ڊوڙي (هي خيال رکي)، بکر ۽ الور جي شهر ۾ اچي پهتو، ۽ اچي عرب جي پسمانده خاندانن جي بزرگن کي ڏٺائين ۽ پڇا ڪيائين، ته جيئن کيس اسلام جي فتح جو سچو پچو احوال معلوم ٿي سگهي. نيٺ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي وڃي هٿ ڪيائين، جنهن بزرگ وٽ عربي زبان ۾ هڪ مسودو ڏٺائين، جو سندس وڏن سنڌ ۽ سنڌ جي فتح جي واقعن جي تفصيل متعلق لکيو هو، ۽ انهيءَ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مير محمد معصوم بکريءَ، ۽ تنهن کان پوءِ مير محمد طاهر نيسانيءَ، اڪبر ۽ جهانگير جي زماني ۾ تصنيفون ڪيون. ساڳيءَ طرح ”ارغون نامو“، ”ترخان نامو“ ۽ ”بيگلر نامو“ پڻ لکيا ويا. ان کان پوءِ جا حالات، ڪنهن به بيان ڪونه ڪيا آهن.

هنن ڪاغذن جو ڪارو ڪندڙ (مصنف)، الله تعاليٰ جي تائيد ۽ توفيق سان پنهنجي وقت تائين (موجود ٿيل) متفرق ڪتابن مان چونڊ ڪرڻ جي وسيلي ]نئين سر هن ميدان تي[  وک وک کڻي ٿو، ۽ ڪن تازن احوالن جي تحقيق بابت ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو. اميد ته عام خواهه خاص ماڻهن کي ]سندس اهو سفر[  پسند پوندو. ”رب يسر وتمم بالخير“ (اي موليٰ آسان ڪر، ۽ خير سان پورو ڪر!)

 

 

_______


 

 

]باب پهريون[

راءِ گهراڻو

 

ڄاڻڻ گهرجي ته مٿي لکيل موجب، جڏهن سنڌ جو ملڪ، ”سنڌ“ جي نالي پٺيان سڏيو، ۽ ان ڏانهن منسوب ٿيو، ته هن جو اولاد، هڪ ٻئي پويان انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت ڪندو رهيو، ۽ انهن مان ڳاڻيٽي کان ٻاهر قومون پيدا ٿيون، جن جو ڪتابن ۾ بيان ڪونه ٿيو آهي. مثلاً:  ’نبيہ‘ (1)،  ’تاڪ‘  ۽  ’موميد‘  (2) قومون، واري واري سان حڪومت ڪنديون رهيون. انهن جو تفصيل پڻ معلوم نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري، پوئين ۾ پوئين طبقي ”’راءِ‘  گهراڻي“ جي بيان کان شروع ٿو ڪجي، تنهن کان پوءِ ٻين قومن جو بيان ڪيو ويندو.

هنن جو تختگاهه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون، اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، ڏکڻ کان سورت بندر ۽ اُتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان تائين هيون.

جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي ابتدا پڪيءَ طرح معلوم نه آهي، تنهنڪري جيڪي نالا معلوم ٿيا آهن، انهن جي ٿوري بيان تي اڪتفا ڪجي ٿي. ”راءِ ديوائج“ عاليشان بادشاهه هو. مٿين حدن ۾، سندس حڪومت مستقل طور هلندڙ هئي. هندستان جا سڀ بادشاهه، سندس مخلص ۽ خيرخواه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ ۾ ڪاروبار دل گهرئي نموني ٿي هليو. سندس مرڻ تي، هن جو پٽ ”راءِ سيهرس“، تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو، ۽ پيءُ واري رستي تي گهڻو وقت عيش ۽ آرام ۾ زندگي گذاري، تخت کان تختي (غسل ڏيارڻ جو تختو) ڏانهن روانو ٿيو (مري ويو). کانئس پوءِ، سندس ناليري فرزند ”راءِ ساهيسيءَ“ حڪومت جي گاديءَ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون رسمون چڱيءَ طرح جاري رکيون. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ ”راءِ سيهرس  ’ٻيو‘ “ جاءِ نشين ٿيو. هن تي نيمروز جي بادشاهه ڪاهه ڪئي. انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط، هن ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي]5[، لڙائيءَ جو ميدان سينگاريو. صبح کان منجهند تائين جنگ جي باهه ڀڙڪندي رهي. اوچتو سندس نڙيءَ ۾ تير وڃي لڳو ۽ ساهه ڏنائين. نيمروز جو بادشاهه، سندس لشڪرگاه لٽي پوئتي موٽي ويو. سيهرس جي لشڪر گڏ ٿي، سندس پٽ ساهيسيءَ کي تخت تي وهاريو. ”راءِ ساهيسي  ’ٻيو‘“، وڏن کان به وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهيءَ جي حدن جو بندوبست ڪري، تختگاه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇهن قلعن: اُچ، ماٿيلو، سيورائي، مؤ، الور ۽ سيوستان جي زمين، مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين.

چون ٿا، ته هن وٽ ”رام“  نالي هڪ سيڪريٽري، ۽ ”ٻڌيمن“ نالي هڪ وزير هو. هڪ ڏينهن ”سيلائج“ نالي هڪ مشهور برهمڻ جو پٽ، ”چچ“ نالي، رام سيڪريٽريءَ وٽ لنگهي آيو. سندس صحبت کان سيڪريٽري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس وزير تائين پهچايائين. اتفاقاً، چچ جي خاص ملازم بنجڻ کان ٿورو وقت پوءِ، وزير بيمار ٿي پيو، ۽ هوڏانهن، ٻاهران آيل ڪن خطن جي پڙهڻ لاءِ، راءِ جو سڏ ٿيو، جيئن ته (وزير) انشاء جي فن ۾ چچ جي ڪامل مهارت ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي پاران موڪليائين. راجا محلات ۾ اندر هو، ۽ چچ کي اندر سڏيائين. راجا جي زال، راڻي ”سوهنديءَ“ پڙدي ۾ وڃڻ گهريو، پر ساهسيءَ چيو، ته برهمڻ کان ڪهڙو پڙدو آهي؟ (1) ۽ برهمڻ (چچ) جي اندر اچڻ کان پوءِ، ساهسي هن جي فصاحت بلاغت کان ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس جوابن لکڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ جڏهن راجا وٽ سندس انشاء پردازيءَ ۾ ڪمال ثابت ٿيو، تڏهن حڪم ڪيائين، ته ”اڄ کان پوءِ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو کيس ڏنو وڃي، جيئن محلات ۾ اندر اچي ضروري سوال جواب ڪندو رهي. “  انهيءَ وچ ۾ راڻيءَ جي دل چچ ڏانهن مائل ٿي، وڃي بي اختياريءَ جي حد کي پهتي، وصال لاءِ ڪيترائي پيغام موڪليائين، پر چچ نه قبوليا. نيٺ چچ جو ڪاروبار ترقي ڪري ويو، ۽ ننڍا وڏا، سندس احسان ۽ قابليت جا ممنون ٿي پيا. اتفاقاً، بخت جي ياوريءَ سان، راءِ ساهسي موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو، ته ”راءِ جو حال اجهو اهو آهي، کيس ڪو به فرزند ڪونه آهي، ضرور سندس مائٽ ملڪ جا وارث ٿيندا، جي توکي ۽ مون کي ڪين ڇڏيندا، ]تنهن ڪري ارادو اٿم[ ته ڪو حيلو هلايان، جيئن راجائي توکي ملي وڃي.“ چچ جي قبول ڪرڻ تي، راڻيءَ اميرن کي پيغام موڪليو، ته ”راءِ ساهيسيءَ کي ڪجهه افاقو ٿيو آهي، ليڪن ٻاهر نڪرڻ جي طاقت ڪانه اٿس. هوڏانهن ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، جو ملڪن جو سوال جواب مهمل رهندو ٿو اچي. تنهن ڪري هن وقت حڪم ڪيو اٿس، ۽ پنهنجي مهر چچ جي حوالي ڪئي اٿس، ته سندس پاران تخت تي ويهي، نائب جي حيثيت ۾، ملڪ جو ڪاروبار هلائي. توهان سڀ حاضر ٿيو.“ حڪم جي تابعداري ڪري، سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن حاضر ٿي چچ جو سلام ڪيو، ۽ ]سندس اڳيان[ گوڏا کوڙيا. جلد ئي ساهيسي ]6[ گذاري ويو. راڻيءَ پهريائين، ته اهو بندوبست ڪيو، جو سندس مڙس جي وفات جي خبر ڪنهن کي به ڪن ڪانه پيئي. پوءِ ]راءِ جي[ انهن ويجهن عزيزن کي، جيڪي ملڪ جا دعويدار هئا، هڪ هڪ ڪري وصيت جي بهاني سان گهرائي قيد ڪيائين، تنهن کان پوءِ مسڪين مائٽن کي گهرائي چيائين ته ”ملڪ جي دعويدار سردارن کي، توهان لاءِ قيد ڪيو اٿم، توهان مان هر هڪ کي گهرجي، ته قيدخاني ۾ وڃي، جنهن کي پنهنجو حريف سمجهي، انهيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي، ۽ وڃي سندس گهر تـَـڙ ۽ عهدي تي متصرف ٿي، چچ جي تابعداري قبول ڪري، جيئن کيس سموريون مرادون حاصل ٿين.“  سـُـڃن مائٽن، هن کي غنيمت سمجهي، هڪدم ائين ڪيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ کي گهرائي، نوازي، چچ جي حوالي ڪيائين، ۽ مڙس جو لاش ٻاهر ڪڍي ساڙيائين.

هنن مٿين پنجن راجائن جي حڪومت جو عرصو، هڪ سؤ ستٽيهه سال لکيو اٿن. تنهن کان پوءِ برهمڻن جي حڪومت شروع ٿي.

 

 

______

 

 

]باب ٻيو [

برهمڻ (حاڪمن) جو طبقو

 

انهن مان پهريون، ”چچ بن سيلائج هو. چچ جنهن وقت مٿئين نموني سان ملڪ جو پهريون وارث ٿيو، تڏهن راڻيءَ جي چوڻ موجب خزانن جو دروازو کولي، عام خاص ماڻهن کي احسان جي دام ۾ ڦاسايائين، اتي راڻيءَ، هن جو ڪم خاطريءَ جهڙو ڏسي، مکيه برهمڻن ۽ اميرن کي سڏي چيو، ته ”مون کي چچ تي حلال ڪريو“ (1)، جنهن تي هنن دستور موجب هن کي چچ جي نڪاح ۾ آندو. هيءَ خبر ٻڌي، ساهسيءَ ]راءِ[ جو هڪ عزيز، ”راڻو مهرت“چيتوري(2)، بيشمار لشڪر وٺي اچي جيسلمير(3) وٽ پهتو، ۽ چچ ڏانهن خط لکيائين، ته ”برهمڻن جو حڪومت ۽ بادشاهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ توکي پاڻ تي رحم ڪري، حڪومت تان دستبردار ٿيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان، توکي تنهنجي اڳئين عهدي تي قائم رکيو ويندو.“ چچ مونـجهو ٿي راڻيءَ وٽ ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ”طاقتور دشمن اچي پهتو آهي، هاڻي ڪهڙي صلاح آهي؟“ راڻي چيو، ”جنگ جي صلاح مرد ڄاڻندا آهن. جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ويهي رهين، ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي مون کي ڏين، ته آءٌ وڃي ٿي دشمن کي منهن ڏيان.“ ]هيءُ ٻڌي[ چچ شرمندو ۽ متاثر ٿيو، تنهن تي راڻيءَ دلداري ڏيئي چيس، ته ”خزانو تنهنجي هٿ ۾ آهي، فتحمند ٿيڻ لاءِ نئين سر لشڪر جون دليون وٺ“. چچ هڪدم لشڪر تيار ڪرڻ کي لڳي ويو، ۽ بيشمار پئسو خرچ ڪري تيار ٿيو. ايتري ۾ راڻو مهرت اچي  ’اروڙ‘  جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون، تڏهن راڻي مهرت اڳتي وڌي اچي چيس، ته ”لڙائي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي، پوءِ ]ٻي[ دنيا ناحق ڇو برباد ٿئي؟ اچ ته ٻئي پاڻ ۾ زور آزمايون“. چچ جواب ڏنو ته ”مان برهمڻ ماڻهو آهيان، سوار ٿي جنگ ڪرڻ ڪانه اچيم، ]گهوڙي تان[ لهه ته مقابلو ڪريون“. راڻي مهرت گهوڙي کي ڇڏي ڏنو. ]هوڏانهن[ چچ پنهنجي سـَـيس کي چيو، ته ”آهستي آهستي، گهوڙو مون وٽ پهچائج“. راڻو مهرت هن ٺڳيءَ کان ناواقف هو، سو گهوڙو ڇڏي، اچي سامهون ٿيو. چچ ڦڙتائيءَ سان گهوڙي تي چڙهي، هڪ ئي ڌڪ سان دشمن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. راڻي جو لشڪر شڪست کائي، ڦرجي پوئتي موٽيو، ۽ چچ فتحمند ٿي اروڙ ڏانهن آيو. هيءُ واقعو هجرت نبوي عليه الصلواة والسلام جي پهرئين سال جي لڳ ڀڳ آهي.

قصو ڪوتاه، راڻي مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ، چچ، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪري، پنهنجي ڀاءُ چندر کي نائب طور اروڙ ۾ وهاري، پاڻ ]ملڪ جي[ حدن مقرر ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو. سيوستان جي حاڪم ”متي“، سندس ]7[ اطاعت قبول ڪئي. برهمڻ آباد جي حاڪم ”اگهم“ لوهاڻي، سندس اڳيان سرتسليم خم ڪيو(1).  ’سويس‘  عرف  ’سيويءَ‘  جي قلعي جي حاڪم، ”ڪبي بن ڪاڪي“ چني(1)، جنهن جي تختگاه جو نالو ”ڪاڪا راج“ هو، تنهن پڻ سويس قوم سميت تابعداري اختيار ڪئي. آخر چاليهه سال ڪاميابيءَ سان پورا ڪري گذاري ويو.

کانئس پوءِ هن جو ڀاءُ، ”چندر بن سيلائج“ سندس قائم مقام ٿيو. سيوستان جي حاڪم متيءَ، قنوج جي راجا وٽ وڃي چيو، ته ”چچ مري ويو آهي ۽ سندس ڀاءُ سندس جانشين ٿيو آهي. جيڪڏهن توهان توجهه ڪندا، ته ملڪ آسانيءَ سان هٿ اچي ويندو.“ ]اهو ٻڌي[ هن پنهنجو ڀاءُ ”بسايس“ ساڻس گڏي روانو ڪيو. چندر هن خبر ٻڌڻ سان، دشمن جي مقابلي لاءِ ضروري تياري ڪئي. بسايس ۽ متو ڪجهه وقت ملڪ ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙيا، اروڙ تي حملو ڪري حيلا هلايائون، پر آخرڪار چارو نه ڏسي، صلح ڪري موٽي ويا (2) چندر جي ڪاروبار تقويت ورتي. هو ست سال حڪومت هلائي، اٺين سال گذاري ويو.

انهيءَ کان پوءِ سندس ڀائـٽيو، چچ جو پٽ ”ڏاهر“ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ”ڏهرسين“ کي، پنهجي پاران برهمڻ آباد موڪليائين، جو وڃي اتي رهيو(3). هڪ ڏينهن نجومين کان طالع بابت پڇا ڪيائين، جن چيس ”ته تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي طالع ۾ ڪابه نحوست ڪانه آهي، البت توهان جي ڀيڻ جي ويڏي، اهڙي ماڻهوءَ سان پڙهبي، جو اروڙ ۽ ملڪ جو وارث ٿيندو“. تنهن ڪري هن، ملڪ جي کسجي وڃڻ جي خوف کان، حيلو ڪري، ڀيڻ پنهنجي نڪاح ۾ آندي، پر مباشرت (همبستري) کان پاسو ڪندو رهيو. سندس ڀاءُ ڏهرسين، هيءَ خبر ٻڌي ڪاوڙجي حملو ڪيو، پر اوچتو اروڙ ۾ پهچڻ تي ڦرڙين جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو. ڏاهر هن کي ساڙي برهمڻ آباد ويو، ۽ سندس زال، جا اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هڪ سال اتي رهي، ڏهرسين جي پٽ چچ کي مقرر ڪري اروڙ ۾ آيو(1)، ۽ اروڙ جو قلعو، جو هن جي پيءُ چچ اڌورو ڇڏيو هو، تنهن جي تعمير ڪرايائين، ۽ ]پنهنجو اهڙو[ دستور العمل بنائي ڇڏيائين، جو سياري جا چار مهينا برهمن آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو(2). اهڙيءَ طرح اٺ سال گذاريائين، ۽ آهستي آهستي ملڪ جو ڪاروبار دل گهرئي نموني تي ضابطي هيٺ آيو. انهيءَ کان پوءِ مشرقي حدن جو سير ڪري، ڪشمير جي حد تي سرحد جي نشانن واسطي، سرو جا ٻه وڻ وهاري موٽي آيو(3).

علافي عربن جي ]ڏاهر سان[ ملڻ جو احوال

خبرن جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي، ته ”عبدالملڪ بن مروان“ جي خلافت جي زماني ۾، جڏهن ”حجاج“ ٻنهي عراقن(4) جي حڪومت حاصل ڪري، سنڌ ۽ هند ۾ اک وڌي، ۽ ”سعيد“ کي مڪران موڪليو، تڏهن هن (سعيد) اچي ”سفهوي بن لام“ حماميءَ کي قتل ڪيو، جنهن تي ”بني اسامہ“ (1) قبيلي جي عربن مان ”عبدالله بن عبدالرحيم“ ۽ ”محمد بن معاويه“ پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته  ’سعيد، سفهويءَ(2) کي، جو اسان جي ڪٽنب ۽ طرف جو هو، ناحق ڪـُـٺو آهي]8[، تنهنڪري اتفاق ڪري انهيءَ جي پاڙ پٽڻ گهرجي‘ . انهيءَ فيصلي تي بغاوت ڪري، سعيد کي ماري مڪران تي متصرف ٿيا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڊڄي خراسان ڀڄي ويا. جڏهن ”مجاعہ بن سعر“ ، خراسان فتح ڪرڻ لاءِ ڪرمان آيو، ۽ ”عبدالرحمان بن اشعث “ کي ]اڳڀرو[ روانو ڪيائين، تڏهن علافي هن کي رستي ۾ ڪـُـهي، سنڌ ڏانهن ڀڄي ويا، ۽ اچي ڏاهر وٽ پهتا. ڏاهر هنن کي، حڪومت جي ڪاروبار لاءِ غنيمت سمجهي، پاڻ وٽ رکيو. مٿيان علافي، ”محمد بن قاسم“ جي اچڻ ۽ سنڌ فتح ٿيڻ تائين اتي هئا، ۽ آخر امان نامون حاصل ڪري، اچي محمد بن قاسم سان مليا(3).

قصو مختصر - هندستان جي ڪن بادشاهن، ڏاهر جي استقلال جي خبر ٻڌي، پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته  ’ڏاهر جي هن طرف رخ ڪرڻ کان اڳ ۾، لشڪر وٺي ڏانهس وڃڻ گهرجي، ممڪن آهي، ته سندس ملڪ پڻ هٿ اچي وڃي‘ . نيٺ راجائن جي صلاح سان، قنوج جو والي راجا ”رنمل“  لشڪر وٺي، ڏاهر تي ڪاهي ويو، ۽ وڃي اروڙ وٽ پهتو، راجا ڏاهر دشمن جي مقابلي کان عاجز ٿي، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪئي، هن چيس ته ”جنگ جو فن، عرب چڱيءَ طرح ڄاڻن، تنهن ڪري اهو بار انهن تي رک“. ڏاهر سوار ٿي اچي محمد علافيءَ کان مدد گهري. علافيءَ وراڻيو، ته ”تون دلجاءِ ڪري لشڪر ٻاهر ڪڍي، هڪ فرسنگ (ٽي ميل) ]جي مفاصلي[ ۾ هڪ اونهي کاهي کوٽي، انهيءَ کي ڪکن سان ڍڪڻ جو حڪم ڪر. جيئن آءٌ جيڪو به ويچار ڪريان، تنهن جو نتيجو مدعا موجب نڪري“. نيٺ جڏهن راجا ڏاهر اهڙيءَ طرح ]ڪم[ تيار ڪيو، تڏهن محمد علافيءَ سنڌين ۽ عربن مان پنج سؤ چونڊ ماڻهو پاڻ سان وٺي، راجا رنمل جي لشڪر تي راتاهو ڏنو. سپاهي، بيخبريءَ جي حالت ۾ ننڊ مان جاڳي، ]پهريائين ته[ پاڻ ۾ جنبي ويا، ۽ پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪيائون. اتي پرهه ڦٽڻ وقت، محمد علافيءَ کين ڏيکاري ڏيئي، ڀڄڻ جو نمونو اختيار ڪيو. هنن سمجهيو، ته اسان تي هيءَ مصيبت، هن ٿورڙيءَ جماعت آندي آهي، سو وٺي سندن پويان پيا ۽ وڃي کاهيءَ ۾ ڪريا. هاڻي ڏاهر پنهنجي فوج سميت سوار ٿي، ڪٺلن جي علاوه اسي هزار مرد ۽ پنجاهه هاٿي قيد ڪري، ٻڌيمن وزير جي صلاح تي مڙني کي آزاد ڪري ڇڏيو(1).

جنهن صورت ۾، هيءَ فتح ٻڌيمن جي صحيح رهنمائيءَ ڪري ٿي هئي، تنهن ڪري ڏاهر مٿس ڏاڍي نوازش ڪري، سندس استدعا موجب، ”تنڪہ“ (1) جي هڪ طرف تي سندس نالي چٽڻ جو حڪم ڏنو.

هن فتح کان پوءِ، ڏاهر جو ڪم تمام زور وٺي ويو، ۽ کيس سڀني آس پاس جي بادشاهن تي غلبو حاصل ٿيو. انهيءَ غرور ۾ سندس سرڪشي ۽ هٺ وڌندو رهيو، ۽ پنجويهه سال ٻيا به سرڪشيءَ سان حڪومت هلايائين، جنهن جو نتيجو حڪومت جي زوال جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو بيان ٻين سببن سميت مذڪور ٿيندو.

سرانديپ جي ٻانهين جي قيد ٿيڻ جو احوال

        چون ٿا، ته سرانديپ جي بادشاه، ”يواقيت“ جي ٻيٽ(2) مان، خليفي ۽ حجاج لاءِ ڪي حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، گهڻن قيمتي جواهرن ۽ عجيب ]9[ جنسن سان گڏ، ]پنهنجن[ اعتماد جوڳن ماڻهن هٿان اٺن ٻيڙين ۾ چاڙهي روانا ڪيا هئا. اتفاقاً عربي سمنڊ ۾ طوفان لڳڻ ڪري، اهي ٻيڙيون اچي ديول بندر کان نڪتيون. ديول جي رهاڪو  ’نڪامره‘  قوم جي چورن، انهن سڀني کي گرفتار ڪيو. سرانديپ جي بادشاهه جي خاص ماڻهن، کين ڏاڍو سمجهايو، ته هي مسلمانن جي خليفي جون سوکڙيون آهن، مگر هنن قبول نه ڪيو، ۽ چيائون، ته ”توهان جو ڪو واهرو آهي، ته پاڻ کي وري خريد ڪريو“. انهيءَ ٽولي ۾ ڪي مسلمان پاڪدامن عورتون پڻ، حج ۽ دارالخلافت ۽ حجاج جي زيارت ڪرڻ جي خيال سان، اچي مليون هيون، تن مان  ’هڪ بني عزيز‘  قبيلي جي عورت، ٽي دفعا بلند آواز چيو: ”اغثني يا حجاج“ (اي حجاج منهنجي واهر ڪر!) هيءَ ڳالهه وڃي حجاج کي ٻڌايائون: جڏهن ٻڌائين ته انهيءَ عورت ٽي دفعا”اغثني“ پڪاريو آهي، تڏهن جواب ۾ ”لبيڪ“ چئي، تدارڪ جي پويان پيو(1).

بديل(2) جي شهادت جي ڪيفيت

        حجاج بن يوسف، مسلمان قيدين جي تدارڪ واسطي، ]هڪ پاسي[ خليفي
کي عرض ڪيو،
]ٻئي پاسي[ هڪ قاصد ڏاهر ڏانهن موڪلي، کيس دڙڪو کڙڪو ڪيو.خليفي غفلت ڪئي، ۽ ڏاهر چيو، ته ”مون کي ڪابه خبر ڪانهي، انهن کي چور کڻي ويا هوندا، جي منهنجي حڪم ۾ پڻ ناهن، وڃي توهان پاڻ سمجهو“. هن جواب پهچڻ تي، حجاج دوباره خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪري، اجازت وٺي، ”عبدالله سليمي“ کي مڪران تي مقرر ڪيو، ۽ ”بديل“ کي مڪران پهچي،  ٽي هزار ماڻهو وٺي، سنڌ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. بديل نيرون ڪوٽ ۾ پهچي، ديول جي طرف وڌيو. ڏاهر هيءَ خبر ٻڌڻ سان ”جيسيہ“ نالي پنهنجي پٽ کي، گهڻو لشڪر ساڻ ڏيئي، ديول موڪليو. صبح کان شام تائين سخت لڙائي  هلي، جنهن ۾ خوب حملن کان پوءِ بديل شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻا مسلمان  قيد ٿيا (3). چون ٿا، ته نيرون ڪوٽ جي حاڪم، جنهن جو نالو ”سمني“  هو(1)، تنهن کي اچي خوف ورايو، ته  ’مان عربن جي لشڪر جي رستي تي آهيان. اڄ هنن (سنڌين) عربن سان دشمنيءَ جو رستو کوليو آهي، متان مان مفت وچ ۾ پامال ٿي وڃان‘ .، سو ڇا ڪيائين، جو اعتماد جوڳا ماڻهو حجاج ڏانهن موڪلي، اطاعت قبول ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيائين.

        ]بديل جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ[ عامر بن عبد الله، حجاج کي چيو، ته ”هيءَ مهم منهنجي حوالي ڪر ته مان سنڌ ۽ هندستان وڃان“ . ]حجاج[ وراڻيو ته  ”هيءَ سوڀ تنهنجي نصيب ۾ ڪانه آهي، مون نجومين کان معلوم ڪيو آهي، ته سنڌ ۽ هندستان،  ’محمد قاسم‘  (2) جي هٿان فتح ٿيندا“ . مطلب ته جنهن صورت ۾ ڪافرن جي حڪومت جي ستاري جو زوال، ۽ هن سر زمين تي  ”دين محمديءَ“  جي سج اڀرڻ جو وقت اچي چڪو هو، تنهنڪري پهرئين واقعي کان سواءِ، وري هيءُ واقعو به  ”محمد قاسم“  جي اچڻ جو سبب ٿيو، جنهن جو بيان عنقريب ابتدا کان ڪيو ويندو. هتي جيسيہ جي نالي جي مناسقبت سان سندس ڄمڻ جي عجيب ڪيفيت جو بيان ڪجي ٿو.

        چون ٿا، ته هڪ ڏينهن، راجا ڏاهر شڪار ڪري رهيو هو، ته اوچتو جهنگ مان هڪ شينهن ٻاهر نڪتو. اگرچ ماڻهو ]سندس مارڻ لاءِ[ ڊوڙيا، پر ڏاهر سڀني کي منع ڪري پاڻ شينهن ]10[ جي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. سندس زال، جنهن کي جيسيہ ڏهن مهينن جو پيٽ ۾ هو، ۽ ساڻس ڏاڍي محبت هيس، هيءَ خبر ٻڌي، بي اختيار دانهن ڪري، زمين تي ڪري پيئي. آخر ڏاهر شينهن کي ماري، صحيح سلامت موٽي اچي زال کي مئل ڏٺو، ۽ هن جو ٻار پيٽ ۾ چـُـري رهيو هو. سندس حڪم تي هن (عورت) جو پيٽ ڦاڙي، ٻار کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ سندس هيءُ نالو (جيسيہ) رکيائون، جنهن جي معنيٰ آهي  ’شينهن جو شڪار ڪندڙ‘ (1)  بيشڪ! هو وڏي ٿيڻ کان پوءِ بهادريءَ ۾ اهڙو ئي ثابت ٿيو، جهڙو نالو هئس.

اسلام جي لشڪر جو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اچڻ

        صحيح روايتن ۾آيو آهي، ته امير المؤمنين  ”عمر بن الخطاب“  رضي الله تعاليٰ عنہ جي زماني ۾، جڏهن  ”عثمان بن ابي العاص“  (2) ثقفي، بحرين تي مقرر ٿي اچي عمان پهتو، تڏهن لشڪر جا ڪي جهاز تيار ڪري، پنهنجي ڀاءُ  ”مغيره بن ابي العاص“  سان گڏ، ديول تي چاڙهي موڪليائين. انهن ڏينهن ۾ چچ جي پاران سندس ڀاءُ  ”سامہ بن سيلائج“ (3) اُتي حڪومت ڪري رهيو هو. هو اسلامي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. آخر گهڻيءَ خون خرابيءَ کان پوءِ مغيره بن ابي العاص  شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻي جماعت قتل ۽ قيد ٿي.

         ”ابو موسيٰ اشعري“  رضي الله تعاليٰ عنہ، جو مڪران جو حاڪم هو، تنهن هيءُ حال خليفي کي عرض ڪري، تدارڪ لاءِ قدم کڻڻ چاهيو، پر کيس اوڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪئي ويئي.

        امير المؤمنين  ”عثمان“  ]بن عفان[ رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾،  ”عبدالله بن عامر بن ربيعہ“  مڪران جو حاڪم ٿيو، جنهن کي حڪم ٿيو، ته اعتماد جوڳا ماڻهو سنڌ ڏانهن موڪلي، احوال کان واقف ڪري. اُنهيءَ  ”حکيم بن جبلہ“  کي موڪليو، جنهن احوال معلوم ڪري، وڃي خبر ٻڌائي، ته  ”پاڻي ميرو، ميوو کٽو ۽ قاتل، زمين پٿريلي، ۽ مٽي ڪلراٺي  آهي“ (1). خليفي پڇيو، ته  ”اتي جا ماڻهو وفادريءَ ۾ ڪيئن ڏٺئي؟“  جواب ڏنائين ته  ”غدار آهن“ ، تنهنڪري انهيءَ پاسي لشڪر موڪلڻ بند ڪيو ويو.

        امير المؤمنين  ”علي“  رضي الله تعاليٰ عنہ جي خلافت جي وقت ۾هڪ لشڪر مڪران کان لنگهي، ڪاميابيءَ ۽ فتحمنديءَ سان وڃي  ’ڪوه پايہ‘  ۽  ’ڪيڪا نان‘  وٽ پهتو، جا سنڌ جي حد آهي. ويهه هزار جابلو ماڻهو سندن جنگ لاءِ دڳ جهلي بيٺا. اسلام جو لشڪر تڪبير هڻي اڳتي وڌيو. تڪبير جي غلغلي کان، ڪن ڊڄي اچي امان ورتي، ۽ باقي ڀڄي ويا، انهيءَ وقت کان وٺي، جنگ جي ڏينهن ۾، انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز ٻڌجڻ ۾ايندو آهي، ايتري ۾ خليفي جي رحلت جي خبر پهتي، ۽ اڳتي وڃڻ ملتوي ڪري، اهو لشڪر مڪران موٽي آيو.

        جڏهن امير  ”معاويہ“  رضي الله تعاليٰ عنہ مستقل خليفو ٿيو، تڏهن  ”عبدالله بن سوار“  کي چار هزار ماڻهو ساڻ ڏيئي، سنڌ تي مقرر ڪيائين. تقديراً، هو ڪيڪانان جبل ۾پهچي، ڪافرن ]11[ هٿان شهيد ٿيو. ]اسلامي لشڪر[ شڪست کاڌي ۽ باقي بچيل ]ماڻهو[ موٽي اچي مڪران پهتا.

        انهيءَ وقت، امير معاويي جي طرفان  ”زياد“  ٻنهي عراقن جو حاڪم هو، جنهن ڏانهن لکيائين ته ”’راشد بن عمرو‘ (1) کي سنڌ ڏانهن روانو ڪر“. هن وڃي جبل جي دامن تي قبضو ڪيو، ۽ اڳين پوئين ڍل وصول ڪيائين. اهڙيءَ طرح پوري انتظام ۽ بندوبست سان، ڪيڪانان کان اڳتي وڌي،  ’منذر‘  جبل ۽  ’بهروج‘  وٽ اچي پهتو. اتي جبل جا اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهو گڏ ٿي، گهـَـٽَ جهلي بيٺا، ۽ صبح کان ظهر جي نماز تائين، سخت لڙائي ڪيائون. راشد شهيد ٿي ويو ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي. انهيءَ ]شڪست[ جي تدارڪ لاءِ ”سنان بن سلمہ“ (2) انهيءَ مهم تي مقرر ٿيو. هو ڪيڪانان فتح ڪري اچي  ’بودهيہ‘  تائين پهـتو، جتي ٺڳيءَ سـان شهيد ٿيو. تنهن کان پوءِ ”منذر بن جارود بن بشر“ هن ملڪ جو حاڪم ٿيو، جو  ’پورالي‘ (3) جي حد ۾ بيمار ٿي گذاري ويو، ايتري ۾ امير معاويہ وفات ڪئي ۽”مروان“ جي تخت نشينيءَ واري وقت ۾، ڪو به ماڻهو هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ مقرر ڪونه ٿيو(1). آخر جڏهن ”عبدالملڪ“ جو وارو آيو، ۽ هن ٻنهي عراقن جي گورنري ”حجاج“ کي ڏني، تڏهن حجاج، مڪران ڏانهن ”سعيد“  ]بن اسلم ڪلابي[ کي موڪليو، جو تقديراً علافين هٿان شهيد ٿي ويو. جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، حجاج علافين کان وير وٺڻ لاءِ ”مجاعہ“ کي ڪرمان روانو ڪيو، جنهن هڪ سال ڪرمان ۾ رهي، جان الله تعاليٰ جي حوالي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ خليفو عبدالملڪ گذاري ويو، ۽  ’وليد‘  سندس جانشين ٿيو. حجاج سنڌ، هند ۽ علافين جي ڪم سرانجام ڪرڻ لاءِ  ’محمد بن هارون‘  کي مڪران موڪليو. محمد، علافين مان هڪڙي کي ماري، پنجن مهينن اندر، مڪران ۽ آس پاس جي ڪن ملڪن کي دل گهرئي نموني سان ضابطي هيٺ آندو. انهيءَ کان پوءِ،  ’بديل‘  جي شهادت جو واقعو، جو گذري چڪو، سو حجاج جي اڳئين پوئين انتقام وٺڻ جو باعث ٿي،  ’محمد بن قاسم‘  ثقفيءَ جي اچڻ جو سبب ٿيو.

محمد بن ثقفيءَ جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ اتي جيڪي فتحون ٿيون تن جو بيان

        بديل جي شهادت جي واقعي کان پوءِ، حجاج بن يوسف خليفي کي عرض ڪيو ته ”سنڌ ۾ سرڪش ماڻهو هن نموني پيش آيا آهن، تن جي تنبيهه لاءِ حڪم اشرف جاري ٿئي، جيئن اڳين پوين مسلمان قيدين جي آزاديءَ جو تدارڪ ڪري، انهن ڪافرن کي سندن سرڪشيءَ جي واجبي سزا ڏني وڃي، ۽ ملڪ پنهنجي هٿ ڪيو وڃي“. خليفي چيو، ته ”ملڪ تمام پري ۽ ٿوريءَ پيدائش وارو آهي: انهيءَ لاءِ خرچ گهڻو گهرجي، ڪيترائي لشڪر ويندا ۽ تلف ٿيندا، تنهن ڪري انهيءَ پاسي کان تغافل اختيار ڪرڻ گهرجي“. حجاج دوباره عرض ڪيو، ته ”انشاءَ الله تعاليٰ، دين محمديءَ جي تائيد ۽ اعانت سان، ڪافر جلد مطيع ٿي پوندا، ۽ مسلمان قيدي، جن کي ڊگهو عرصو گذري ويو آهي، آزاد ٿيندا ۽ هن لشڪرڪشيءَ تي جيڪو خرچ ٿيندو، تنهن کان ٻيڻي ٽيڻي ]12[ لاءِ مان جوابدار آهيان.“ خليفي لاچار اجازت ڏني، جنهن تي حجاج جو سؤٽ ۽ نياڻو، محمد بن قاسم ]بن محمد[ بن عقيل ثقفي، سترهن ورهن جي عمر ۾، مقرر ٿيو، شام ۽ عراق جا ڇهه هزار چونڊ رئيس زادا(1) ساڻس گڏ روانا ڪيائون. هو شيراز ۾ پهچي تدارڪ لاءِ سوچڻ لڳو. هوڏانهن، حجاج پنج منجنيقون ۽ ٻيو قلع - ڪشائيءَ جو سامان، ٻيڙين ۾ رکي ابن مـُـغيره ۽ خريم(2) هٿان، هڪ چونڊ جماعت سميت موڪلي ڏنو، جيئن ديول جي ڪناري تي وڃي کيس ملي.

        قصو مختصر، محمد بن قاسم اڳيون پويون لشڪر، جنهن ۾ جملي ڇهه هزار گهوڙيسوار، ڇهه هزار اُٺ سوار ۽ ٽي هزار بختي اٺ هئا، ساڻ وٺي مڪران روانو ٿيو، ۽ حجاج جي اشاري موجب ”محمد بن هارون“ پڻ، طبعيت جي هيڻائيءَ هوندي به، ساڻس همراهه ٿيو. جڏهن  ’ارمن‘  ٻيلي ۾ پهتا، تڏهن محمد بن هارون(1) قضا الاهيءَ سان گذاري ويو، ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.

        چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾،”جيسيہ“ ولد ڏاهر نيرون جي قلعي ۾ هو، جنهن محمد بن قاسم جي اچڻ جي خبر پيءُ کي لکي. ڏاهر علافين کان صلاح پڇي، جن کيس ٻڌايو، ته”حجاج جو سؤٽ، زبردست لشڪر سان پهچي رهيو آهي، خبردار! انهيءَ کي سامهون نه ٿج.“ خير، آخر محمد بن قاسم ارمن ٻيلو فتح ڪري، ديول ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ابن مغيره(2) ۽ خريم پڻ پنهنجي جماعت سميت، ديول جي ڪناري تي پهچي، اچي ساڻس رفيق ٿيا. محمد بن قاسم ديول جي آس پاس خندق کوٽائي ويٺو، ۽ پنهنجي اچڻ جو احوال حجاج کي لکيائين.

        چون ٿا، ته ]انهن ڏينهن ۾[ احوال ستن ڏينهن ۾ پهچندو هو: حجاج تکا ڊوڙندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي جي ڪڍ اهڙيءَ طرح ڊوڙائيندو هو، جو سنڌ کان بغداد تائين ]مفاصلو[ ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، هڪ ٻئي کي روزانو خبرون پهچائيندا رهندا هئا.

        چون ٿا، ته ديول جي قلعي ۾، هڪ چاليهه گز اوچو بتخانو هو، انهيءَ جي مٿان، چاليهه گز بلند هڪ گنبذ ٺهيل هو، ۽ گنبذ جي مٿان هڪ چئن ريشمي بيرقن وارو جهنڊو لڳل هو.

        ]محمد بن قاسم جي پهچڻ تي[ ڪافرن ڪنهن به خوف خطري کان سواءِ، ثابت قدم رهي، جنگ جو نغارو وڄايو. اهڙيءَ طرح ڪي ڏينهن(1) گذريا، ته هڪ برهمڻ قلعي مان نڪري اچي امانُ گهري، ۽ محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿي چيو، ته ”مون کي پنهنجن ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي، ته هي ملڪ اسلام جو زيردست ٿيندو، ۽ انهيءَ جو وقت هي آهي. اهو به يقين اٿم، ته انهيءَ جو فتح ڪندڙ تون ئي آهين، تنهن ڪري تنهنجي رهنمائي ڪرڻ آيو آهيان. اڳين، هن بتخاني جي جهنڊي ۾ هڪ طلسم ٻڌو آهي، جيستائين اهو نه ڀڄندو، تيستائين هيءُ قلعو هرگز فتح نه ٿيندو. پهريائين انهيءَ جي ڀڃڻ جي تدبير ڪر“. محمد بن قاسم انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳو. ”جـَـعونہ“(2) منجنيقيءَ چيو، ته ”جيڪڏهن مون کي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندا، ته مان شـرط ٿـو ڏيـان، ته ضرور ٽن ڌڪن سان جهنڊي ۽ ]13[ گنبذ جو ڪم لاهي ڇڏيندس، نه ته منهنجو هٿ ڪپي ڇڏجو. مـحمد بن قاسـم، حـجاج کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، هن کي منجنيق هلائڻ جو حڪم ڪيو. قدرت الاهيءَ سان جيئن چيو هئائين، تيئن، ٽن ڌڪن سان ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. هاڻي اسلامي لشڪر، صفون سنواري قلعي تي حملو ڪيو. ڪافرن مجبور ۽ لاچار ٿي امان گهري. محمد بن قاسم فرمايو، ته ”سـپاهين کي امانَ ڪانهـي.“  ]اهو ٻڌي[ قـلـعي جو سردار ”جاهين ٻڌ“ (3) قلعي جي ڀت تان ٽپو ڏيئي ڀــڄي ويو، ۽ قلعي وارن لاچـار ٿـي در کـوليا. ٽي ڏينهن لڙاقـءي جاري رهي، تنهن کان پوءِ مسلمان قيدين کي ٻاهر ڪڍيائون، گهڻو مال ۽ بي انداز خزانا غنيمت ۾ هٿ آيا. بتخانو، جنهن کي ديول سڏيندا هئا، ڀڃي، اتي مسجد جو بنياد رکيائون.

         ”گيلو“ (1) نالي هڪ ڪافر، مسلمان قيدين جو محافظ هو. قيدين جي آزاد ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته هن سندن دلداري ڏيڻ ۾، ڏاڍيون سهڻيون ڪوششون ورتيون هيون، ۽ کين آزاديءَ ۽ اسلام جي فتح جي خوشخبريءَ سان خوش ڪندو رهندو هو. محمد بن قاسم کيس گهرائي، اسلام پيش ڪيو، ۽ هو هڪدم مسلمان ٿيو، جنهن تي هن کي ڏاڍي عزت ۽ نوازش سان سرفراز ڪري،  ”حميد بن وداع“ (2) نجديءَ سان، اُتي جي حڪومت ۾ شريڪ بنايائين. پوءِ ديول جو دل گهريو بندوبست ڪري، منجنيقون ٻيڙين ۾ وجهي،  ’ساڪوره‘  نديءَ جي رستي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانيون ڪري، پاڻ خشڪيءَ جي رستي اوڏانهن روانو ٿيو.

        چون ٿا، ته ڏاهر جو پٽ جيسيہ، اڳي ئي نيرون ۾ موجود هو. ديول جي فتح جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ، ڏاهر هن کي گهرائي، برهمڻ آباد ۾ وهاريو، ۽ سمني(3) نالي ”ديول“ جو اڳيون حاڪم، جو حجاج کان امان نامو وٺي ڏن-ڀرو ٿيو هو. جيئن بديل جي شهادت ]جي بيان[ ۾ ذڪر ٿي چڪو، ”ڏاهر وٽ هو. محمد بن قاسم آهستگيءَ سان، ستن ڏينهن جي عرصي ۾، اچي نيرون جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. ]اچي ڏٺائين[ ته قلعي وارن ماڻهن، دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. اسلام جو لشڪر، آبڪلاڻيءَ جي موسم نه هجڻ ڪري، پاڻي نه ملڻ کان ڏاڍو تنگ ٿيو. محمد بن قاسم الله پاڪ جي درگاه ۾ مناجات ڪئي، هڪدم دل گهريو مينهن اچي لٿو، ۽ انهيءَ زمين جا چشما ۽ حوض سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. اڃا گاهه جي تنگي باقي هئي، ته خوش قسمتيءَ سان، سمني (پروهت) به پنجن ڏينهن کان پوءِ اچي نيرون ۾ پهتو. اعتماد جوڳن ماڻهن کي، امان جي پرواني سان، محمد بن قاسم جي خدمت ۾ موڪلي، چيائين ته ”اطاعت گذار بندو آهيان، ۽ منهنجي نه هجڻ ڪري، قلعي وارن جيڪو در بند ڪري قصور ڪيو آهي، تنهن جي معافي ٿو گهران. جيڪڏهن ڪرم فرمائي، گناهه معاف ڪندا ۽ اهڙو يقين ڏياريندا، ته پوءِ اچي قدمبوسي ڪندس.“ محمد بن قاسم هن جي قاصدن کي واجبي ترغيب ڏيئي فرمايو، ته ”قلعي وارن جن دروازا بند ڪيا هئا، تن کي سزا ڏيڻ لازمي هئي، پر جنهن صورت ۾ انهن جي سفارش ٿو ڪرين، تنهن ڪري معاف ڪيوسين، اچي ملاقات ڪر ]14[ ۽ دروازا کول“. سمني (پروهت) قلعي جو دروازو کولي، ڪـُـنجيون هٿ ۾ کڻي، لائق تحفن سان اچي قدمبوسي ڪئي ۽ انعام لهي، سڀ ضروري شيون پهچايون. تنهن کان پوءِ، اسلامي لشڪر قلعي ۾ داخل ٿي، بتخانو ڀڃي، مسجد ۽ مناري جو بنياد رکي، بانگو ۽ امام مقرر ڪري، اتي جي نگرانيءَ لاءِ هڪ نائب (گورنر) متعين ڪري، سمنيءَ کي پاڻ سان وٺي، اڳتي روانو ٿيو. جڏهن نيرون کان ٽيهن ڪوهن(1) جي پنڌ تي، ”موج“ نالي هڪ جڳهه ۾ پهتا، تڏهن سمنيءَ سيوستان (سيوهڻ) جي حاڪم  ”بجهرا بن چندر“  ڏانهن خط موڪليو(2) ته ”اسان ناسڪ (پوڄاري) ماڻهو آهيون، اسان جي پر ۾ خونريزي ناجائز آهي. تون محلات ۾ ويٺو آهين، هيءُ عرب جو لشڪر زور آور آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي ساڻس مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. توکي پنهنجي رعيت جي حال تي رحم کائي، تابعداري قبول ڪري، ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم قول جو پڪو آهي، ائين ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي“.  ’بجهرا‘  تابعداري قبول نه ڪئي، ۽ لڙائيءَ تي تيار ٿيو، جنهن ڪري اسلام جو لشڪر اتان يلغار ڪري، اچي سيوستان جي قلعي وٽ پهتو. لڙائيءَ کي هڪ هفتو مس گذريو، ته بجهرا عاجز ٿي،”ٻوڌيه(1) بن ڪاڪہ بن ڪوتڪ“ ڏانهن ڀڄي ويو، جو  ’سيسم‘  جي قلعي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم، سيوستان جي قلعي ۾ لنگهه، قلعو پنهنجي قبضي ۾ آندو، ۽ جن ماڻهن کي سمني وٺي آيو هو، تن تي نوازشون ڪري، سيسم ڏانهن رخ رکيو.  ’ٻوڌيه‘  ۽  ’بجهرا‘  جا ماڻهو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ڪافرن  ’ٻوڌيه‘  چني(2) جي پيءُ  ’ڪاڪي‘  کي وڃي چيو، ته ”اسان کي اجازت ڏي ته اسلام جي لشڪر تي راتاهو ڏيون.“ ڪاڪي چيو، ته ”مون نجومين کان ٻڌو آهي، ته هيءُ ملڪ اسلام جو لشڪر فتح ڪندو، ۽ انهيءَ جو وقت به هيءُ وقت آهي، هيءُ خيال هرگز دل ۾ نه آڻيو“. مگر هو ڪين مڙيا ۽ راتاهي جو خيال ڪيائون. اتفاقاً هو رستو ڀلجي ويا ۽ چئن ٽولين ۾ ورهائجي، ساري رات ]گهوڙا[ ڊوڙايائون، پر صبح جو پاڻ کي اهوئي سيسم جي قلعي جي دروازي تي ڏٺائون. آخر حيران ۽ پريشان ٿي،  ’ڪاڪي‘  چني وٽ آيا ۽ اچي حال ٻڌايائون. هن چيو، ته ”مون کي بهادريءَ ۾ پاڻ کان گهٽ نه سمجهو، پر يقين اٿم، ته هنن ماڻهن سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڀلائي ڪانهي“. تنهن کان پوءِ ڪاڪو پاڻ، خدمت ۾ حاضر ٿي نوازش سان سرفراز ٿيو، ۽ پنهنجي تابعدار جماعت کي امان هيٺ آندائين. محمد بن قاسم، ”عبد الملڪ بن قيس“ دقيقيءَ کي هن سان گڏي روانو ڪيو، جيئن جيڪو تابعداري قبول ڪري تنهن کي وٺي اچي، ۽ جيڪو پوئتي پوي تنهن کي سزا ڏئي. الله تعاليٰ کيس مشرڪن تي فتح عطا ڪئي، ۽ باقي رهيل ماڻهو،  ’بهلطور‘ ،  ’سالوج‘  ۽  ’قندابيل‘ (1) ڏانهن هليا ويا، ۽ اتان وڃي امان نامو وٺي پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي(2)، ملڪ ۾ موٽي آيا(3).

        ايتري ۾ حجاج جو حڪم پهتو ته ”محمد بن قاسم نيرون جي قلعي ۾ موٽي وڃي  ’ڏاهر‘  جي ڪم جو تدارڪ سوچي، ۽ مهراڻ ندي پار ٽپي“.

        روايت آهي، ته چنا ]15[ قوم (قبيلي)، جا انهيءَ وقت هڪ وڏي جماعت هئي، جدا جدا جاين تان گڏ ٿي، هڪ ماڻهوءَ کي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو اهڙي وقت پهتو، جو سارو لشڪر محمد بن قاسم جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هو. هن قيام، قعود، رڪوع، سجدي ۽ ٻي سموريءَ چـُـرپـُـر ۾، امام جي تابعداري ڏسي، وڃي پنهنجي قوم کي چيو، ته ”جتي هزارين ماڻهو، هر حالت ۾ بنا ڪنهن چون چرا ۽ فرق جي، هڪ ماڻهوءَ جا ههڙا تابعدار هجن، تـِـتي جيڪو هنن جي مخالفت ڪندو، سو بدبخت چئبو“. تنهن تي ساري قوم، لائق نذرانا کڻي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿي. هو جنهن وقت پهتا تنهن وقت محمد بن قاسم جي مجلس ۾، دسترخوان وڇايو هئائون. ]محمد بن قاسم[ فرمايو، ته ”هيءَ جماعت  ’مرزوق‘  (رزق واري) آهي“، انهيءَ ڪري چنا قوم (قبيلي) کي ”مرزوق“  لقب مليو. بس پوءِ ته انهيءَ ئي وقت تابعداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا. اهوئي سبب آهي جو اسلام جي فقيهن، درياءَ جي هـُـن ڀر واري زمين کي، جا چنن جي تصرف هيٺ هئي،  ’عشري‘  لکيو آهي. ساڳيءَ طرح، نيرن ڪوٽ جي زمين، جا پنهنجي خوشيءَ سان تابعداريءَ هيٺ آئي هئي، تنهن تي ٻين زمينن جي مقابلي ۾ انگ ابواب گهٽ آهن(1).

        قصو ڪوتاه، محمد بن قاسم حجاج جي اشاري موجب موٽي ”راور ۽ جيور قلعن جي حد ۾ پتڻ تي پهچي، اتي جي حاڪم”ماڪو پٽ وسايي“ ڏانهن، اچي حاضر ٿيڻ جو حڪم موڪليو. هن چيو، ته ”جيڪڏهن ائين ئي هليو ايندس، ته ڏاهر جي عتاب هيٺ ايندس، باقي مان فلاڻي وقت، ڪجهه فوج ساڻ وٺي، نڪري فلاڻي هنڌ ايندس. توهان پنهنجي لشڪر کي مون تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڪريو، مان ٿورو جنگ جو نمونو ڪري، آخر عاجز ٿي گرفتار ٿيندس“. نيٺ ماڪو اهڙيءَ طرح سان خدمت ۾ حاضر ٿي، نوازش جو حقدار ٿيو ۽ رستي جو رهبر بڻيو(1).

        روايت آهي، ته راجا ڏاهر، اسلام جي فوج جي غلبي جي خبر ٻڌي، وڏو لشڪر ساڻ ڪري اچي پـَـرينءَ ڀر بيٺو، ۽ پتڻ ٽپڻ کان روڪڻ لڳو. اسلام جي لشڪر مان هڪ ٽولي، درياءَ لنگهڻ چاهيو، ته ڏاهر پاڻ هڪڙي کي تير هڻي ماري وڌو، تنهن کان پوءِ،  ’جاهين‘  ٻڌ کي پنهنجي پاران اتي رهائي، پاڻ وڃي پرڀرو ويٺو. جاهين، پتڻ جي لنگهه کي سخت مضبوط ڪري، هن ڀر ٽپڻ جي ڪم ۾ مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي.

        ايتري ۾”چنديرام“ هالي، جو هن کان اڳ ڪنهن وقت سيوستان جو والي هو، اسلامي لشڪر جي انهن ٿورن سوارن کي، جيڪي سيوستان ۾ هئا، ٻاهر ڪڍي، قلعو پنهنجي ضابطي هيٺ آندو. محمد بن قاسم هيءَ خبر ٻڌي، ”مصعب بن عبدالرحمان(1)“ کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار پيادا ڏيئي سيوستان موڪليو. چنديرام جنگ لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ واپس قلعي ۾ وڃڻ گهريائين، پر اندرين ماڻهن دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري اهو ذليل، اسلامي لشڪر جي ور چڙهيو، ۽ جهنم ۾ پهتو. اسلامي لشڪر قلعي تي نئين سر قبضو ڪري، موٽي اچي محمد بن قاسم سان مليو.

        هوڏانهن راجا ڏاهر، پنهنجي پٽ جيسيہ کي ]16[، اسلامي لشڪر جي رستي روڪڻ لاءِ، ”ٻيٽ“(2) جي قلعي ڏانهن موڪليو. اهڙيءَ طرح، پنجاهه ڏينهن گذري ويا ۽ اسلامي لشڪر جو حال تنگ ٿيڻ لڳو،جيڪو به گهوڙو گاهه نه ملڻ کا بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪـُـهي ٿي کاڌائون. اتي راجا ڏاهر پيغام موڪليو، ته ”توهان جو حال ههڙو ٻڌجي ٿو، جيڪڏهن پاڻ تي رحم ڪندؤ، ته آءٌ توهان جي ڪڍ ڪونه پوندس، بلڪ پاڻ خدمت ڪندس، ته جيئن واپس موٽي وڃو.“ محمد بن قاسم چوائي موڪليس ته ”انشاءَ الله تعاليٰ هي ملڪ اسلامي ملڪ ٿيندو. تون جيستائين تابعداري هيٺ نه ايندين، ۽ هيترن سالن جي ڍل ادا نه ڪندين، تيستائين توکي نه ڇڏينداسون“.

        چون ٿا، ته حجاج، گهوڙن مري وڃڻ جي خبر ٻڌي، ٻه هزار گهوڙا روانا ڪري، تاڪيد ڪيو ته ”ڏاهر جي مهم ۾ ]وڌيڪ[ دير نه ڪريو ۽ جلد از جلد درياءُ ٽپي، پهريائين سندس ڪم پورو ڪريو“. هن تاڪيد پهچڻ تي، محمد بن قاسم  ’جـَـهم‘ (3) جي سرزمين ۾ پهچي، درياءُ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون مهيا ڪيون. انهن کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري، مضبوط ميخن سان هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيائون.

        اها خبر ٻڌي، ڏاهر پنهنجي پٽ کي لکيو، ته ”ڪيئن به ڪري، ماڪوءَ کي هٿ ڪر، جو ههڙي جـُـرئت ڪري رهيو آهي.“ تنهن تي ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل(1)، جو ڏاهر وٽ هو ۽ ڀاءُ سان اڳ ۾ ئي ڦٽل هو، چيو، ته ”ههڙو حڪم مون کي ٿئي، ته مان وڃي ڀاءُ کي هٿ ڪري اچان، ۽ لشڪر جي درياءَ ٽپڻ جي روڪ جو پڻ ذميدار بنجان“.

        انهيءَ وچ ۾، الله تعاليٰ جي تائيد سان، اسلامي لشڪر ٻيڙين کي تيار ڪري سوار ٿيو، ۽ تير وسائي ڪناري تي بيٺل روڪيندڙن ڪافرن کي هٽائي، هڪ وڏو ٽولو وڃي هـُـن ڀر پهتو، ۽ ڪناري کي دشمن کان صاف ڪري، پاڻ اتي تيستائين بيهي رهيا، جيستائين رهيل لشڪر سلامتيءَ سان ٽپي آيو.

        روايت آهي، ته ڪافرن جي لشڪر مان ڪي تکا سوار، ساري رات گهوڙا ڊوڙائي، باک ڦٽڻ وقت، خبر ڏيڻ واسطي ڏاهر جي ڪئمپ ۾ پهتا. ڏاهر اڃا ننڊ ۾ هو، ته هنن وڃي دانهن ڪئي. دربان وڃي ڏاهر کي جاڳايو. هو مٺيءَ ننڊ مان پريشان ٿي اٿيو، ۽ ايندڙ کي منهن تي اهڙي سخت چماٽ وهائي ڪڍيائين، جو هو هڪدم مري ويو. پوءِ ته ڏاهر اچي پريشانيءَ ۾ پيو، ۽ خبر نٿي پيس ته ڇا ڪري؟

        چون ٿا، ته جڏهن محمد بن قاسم جو سمورو لشڪر درياءَ ٽپي ويو، تڏهن لشڪر ۾ پڙهو ڏياريائين، ته ”هاڻي اسان جي پٺيان درياءُ ۽ اڳيان دشمن آهي، جيڪو به جان قربان ڪرڻ (جنهن جو نتيجو ٻنهي جهانن جي سعادت آهي) واسطي تيار هجي، سو رهي، ۽ جهاد جي عزت حاصل ڪري، پر جنهن ماڻهوءَ کي اڳتي هلي، دشمن سان سامهون ٿيڻ جي طاقت نه هجي، سو موٽي وڃي، ]ڇاڪاڻ ته[ جڏهن ڀڄڻ جو رستو ڪونه آهي، تڏهن ضرور هو يا ڪافرن جي ور چڙهندو، يا پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرندو. انهيءَ لـڄ ۽ عار کان جو دين ۽ دنيا جي بدبختيءَ جو باعث آهي، ]17[ بهتر آهي. ته هاڻي اجازت وٺي موٽي وڃي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي سر ڏيڻو آهي، يا سر وٺڻو آهي“ ، ٽي ماڻهو - هڪڙو ماءُ جي نڌڻڪائيءَ جي بهاني سان، ٻيو نياڻيءَ جي يتيميءَ جي فڪر کان ۽ ٽيون قرض ادا ڪرڻ واسطي، پوئتي رهيا، باقي ٻين سڀني جهاد ۽ قربانيءَ لاءِ، سر تريءَ تي رکي چيو، ته اسان کي جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال ڪونهي.“

        قصو مختصر، جڏهن محمد بن قاسم لشڪر جو اتفاق ڏٺو، تڏهن اتان ڪوچ ڪري،  ’ٻيٽ‘  جي قلعي کان  ’راور‘  جي قلعي ڏانهن رخ رکي، انهيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي  ’جيور‘  سڏيائون ٿي. راور ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ خليج هئي، جنهن جي لنگهه تي ڏاهر جو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو.  ”محرز بن ثابت“  قيسي ٻه هزار لشڪر سان، ۽  ”محمد بن زياد“  العبدي(1) هڪ هزار لشڪر سان، انهيءَ طرف تي مقرر ٿيا، جن سڀني کي تڙي ڪڍيو.

        اتي ڏاهر،  ”محمد بن حارث“  علافيءَ کي سڏي چيو، ته  ”مون توهان کي هن ڏينهن لاءِ ئي ٿي نوازيو، هاڻي توکي جاسوسيءَ جو ڪم پنهنجي ذمي وٺي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“  محمد بن حارث جواب ڏنو، ته  ”بيشڪ، اسان تي توهان جي خدمت لاءِ سر ۽ ڌڙ جي بازي لڳائڻ واجب آهي، پر ٻئي طرف مقابلو مسلمانن سان آهي، جو مفت ۾ مرتد ٿيڻ، دنيا تي دين وڪڻڻ، مسلمانن جو خون گردن ۾ وجهڻ، ۽ مري جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي برابر آهي. اسان کي هن تڪليف کان معاف ڪيو وڃي، باقي انهيءَ کان سواءِ، ٻيءَ هر خدمت لاءِ، دل و جان سان حاضر آهيون.“  ڏاهر رنج ٿي کڻي ماٺ ڪئي، ۽ جيسيہ کي زبردست لشڪر ساڻ ڏيئي مقابلي لاءِ موڪليائين. سندس لشڪر، وڏي حصي قتل ٿيڻ کان پوءِ، شڪست کائي پوئتي هٽي ويو. ٻئي ڏينهن ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل کي مقرر ڪيائين، جنهن ]محمد بن قاسم ڏانهن[ مخفي پيغام موڪليو، ته  ”مون کي پڻ منهنجي ڀاءُ وانگيان، جنگ مان گرفتار ڪري وٺي وڃو“ ، ۽ ائين ٿيو.

        مطلب، ته ڏهه ڏينهن، هن نموني سان، ڪافرن جون فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ ٿي آيون، ۽ شڪست کائي واپس ٿي وريون(2). انهيءَ عرصي ۾، اسلام جي لشڪ غلبو ڪري، ڏاهر کي قلعي ۾ گهيري اندر آندو. يارهين ڏينهن، جو خميس جو ڏينهن ۽ تاريخ ڏهين رمضان 93هه هو، ڏاهر، پنهنجن نجومين جي منع هوندي به، زبردست فوج وٺي، جنهن ۾ ڏهه هزار زره پوش سوار، ٽيهه هزار پيادا ۽ ڪجهه جنگي هاٿي هئا، ٻن سهڻين ڇوڪرين سان گڏ، جن مان هڪڙيءَ کيس پان ٿي ڏنو، ۽ ٻيءَ شراب ٿي پهچايو(1)، پالڪيءَ ۾ چڙهي، مقابلي لاءِ نڪتو. صبح کان شام تائين اهڙي سخت جنگ هلي، جنهن جو بيان نٿو ڪري سگهجي. مسلمانن آتشبازيءَ ۽ تيرن وسائڻ ۾ اهڙي ثابت قدمي ڏيکاري، جنهن کان وڌيڪ تصور ۾ نٿي اچي. پهريائين اسلام جو لشڪر هيٺ مٿي ٿيو، ۽ محمد بن قاسم حيران ٿي خداوند ڪريم جي درگاهه ڏانهن رجوع ٿيو، جنهن تي الله جي فضل مددگاري ڪري فتح جا اسباب پيدا ڪيا.

        چون ٿا، ته ڏاهر کي هڪ لوهه جو دام- دار چڪرو هو، جو جنهن به سوار تي ٿي اڇلايائين، ته انهيءَ جي مـُـنڍي ڪپي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي ورتائين. آخر جڏهن سج ]18[ لهڻ کي قريب ٿيو، ۽ ٻنهي ڌرين جنگ کان آرام ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن مسلمانن جي هڪ ٽوليءَ جي آتشبازيءَ کان، جنگي هاٿي ٽهي وڃي پنهنجي لشڪر ۾ پيا ۽ سندس پريشانيءَ جو سبب ٿيا. ساڳئي وقت ڪافرن جي هڪ جماعت امان وٺڻ لاءِ آئي، ۽ اچي چيائون، ته  ”ڏاهر جي فوج بيپرواهه ۽ غافل آهي، توهان ڪجهه فوج اسان سان گڏي رواني ڪريو، ته اسين پويان ڦري، اچي اڳين جي رعب تاب کي ڌڪ هڻون“ . ائين ڪرڻ سان، دشمنن جي لشڪر شڪست کاڌي. هي حال ڏسي محمد بن قاسم لشڪر کي تيرن وسائڻ جو حڪم ڏنو. قادر جي قدرت سان، هڪڙو تير وڃي ڏاهر جي نڙيءَ ۾ لڳو، ۽ ]هو[ مري ويو(1). سندس هاٿيءَ کي پوئتي هٽايائون، ته اوچتو هاٿي گپ ۾ گپي پيو. برهمڻن سندس حال کي ڍڪڻ خاطر، کيس کڻي گپ ۾ پوريو. ڪافرن جي پوري لشڪر شڪست کاڌي ۽ اسلامي لشڪر اهڙيءَ طرح رستا بند ڪيا، جو پکي به اندر وڃي نه سگهيو. برهمڻ  ’قيس‘  جي هٿ چڙهيا، ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ، ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جو ڏس ڏنائون. انهيءَ وقت، ڏاهر جون ٻه ڌيئر پڻ سپاهين جي هٿ آيون.

        ]هيڏانهن[ محمد بن قاسم، انهيءَ گمان سان، ته متان ڏاهر لڪي ويو هجي، پنهنجي لشڪر ۾ پڙهو ڏياريو، ته ]ڪافرن[ جي پٺيان نه پون، متان دشمن لڪي حملو ڪري. قيس اهو پڙهو ٻڌي، تڪبير هنئين. اها تڪبير ٻڌي ساري لشڪر تڪبير جو نعرو هنيو. محمد بن قاسم، ڏاهر جي قتل جي خبر معلوم ڪري، ڪجهه بهادر ساڻ وٺي، گپ جي ڪناري تي اچي، برهمڻ جي ڏس تي، سندس پليد جسم ٻاهر ڪڍيو(1)، ۽ سندس سر وڍي، نيزن جي نوڪ تي چاڙهي، ڇوڪرين کي ڏيکاريائون، جن انهيءَ جي تصديق ڪئي. تنهن کان پوءِ حڪم ڏنائين، جنهن تي انهيءَ مهربانيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾، ]سپاهي[ ساري رات تسبيح ۽ تهليل ۾ مشغول رهيا(2). جمعي جي ڏينهن ڏاهر جو سر، ڇوڪرين سميت، قلعي جي دروازي تي موڪليائون. قلعي وارن هنن کي ڪوڙو ٺهرايو، پر ڏاهر جي زال لاڏيءَ، قلعي جي ڀت تان، پنهنجي مڙس جو سر ڏسڻ شرط دانهن ڪري، بي اختيار ٿي، پاڻ کي هيٺ اڇلايو(3). تنهن کان پوءِ، قلعي وارن دروازا کوليا ۽ اسلامي فوج اندر وڃي، بتخاني جي وچ ۾ منبر رکي، جمعي- نماز ادا ڪئي، ۽ مال خزانا ۽ دفينا ضابطي هيٺ آڻي، قيس جي حوالي ڪري، ساڳئي سال جي شوال مهيني ۾، جملي حدن جو پورو انتظام ڪري، ڏاهر جو سر، ڇوڪريون، قيدين ۽ غنيمت جي مال سميت، قيس جي هٿان، ٻن سوَن سوارن جي نگرانيءَ ۾ دار الخلافت ڏانهن روانو ڪيو(1).

        ڏاهر جي بادشاهيءَ جو عرصو ٽيٽيهه سال، ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪمرانيءَ جو عرصو جملي، ٻيانوي سال آهي.

        روايت آهي، ته ڏاهر جي قتل کان پوءِ،  ’ٿرڙيءَ‘ (2) جي آس پاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي، دهلن ۽ شرناين سميت، خدمت ۾ حاضر ٿي، ناچ شروع ڪيو. محمد بن قاسم پڇيو، ته  ”هيءُ ڪير آهن ۽ ڇا ٿا ڪن؟“  ٻڌايائون ]19[ ته  ”اسان جي رسم آهي، ته جڏهن ڪو بادشاهه فتح ڪندو آهي، ته سندس خوشي هن طرح ڪندا آهيون“ . تنهن کان پوءِ هو پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي واپس ويا. پڻ  ”علي بن محمد بن عبدالرحمان“  سليطيءَ جي صلاح سان، ڀاٽيا، لوهاڻا، سهتا، چنڊ، ماڇي، ڪوريجا (قبيلن جا) ماڻهو آيا، ۽ سڀني جا مٿا ۽ پير اگهاڙا هئا. کين امان ڏيئي مٿن ]هيءُ ڪم[ رکيو ويو، ته اسلام جي لشڪر جا ماڻهو، جڏهن به دار الاسلام(3) کان ايندا يا اوڏانهن ويندا، ته هي سندن رهبري ڪندا(3).

        هاڻي محمد بن قاسم، ڏاهر جي ڀيڻ کي، جنهن کي هـُـن ملڪ جي زوال جي ڊپ کان پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو، حـجاج جي اجازت سان، پنهنجي نڪاح ۾ آڻي(4)، ٻين جڳهين جي فتح ڪرڻ ڏانهن رُخ رکيو.

        ايتري ۾، سن 94هه جي اوائل ۾، ٻڌڻ ۾ آيو، ته ڏاهر جا پٽ،  ’اسڪلنده‘ (1) جي قلعي ۾ جمع ٿي، خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيا آهن(2). محمد بن قاسم اوڏانهن روانو ٿيو، ۽ قلعي کي گهيري ۾ آڻي، لڙائي ڪرڻ کان پوءِ، پوريءَ طرح مطيع ڪري، بتخانا ڀڃي، اتي مسجدن جو بنياد رکيائين ۽ اتي جي رهاڪن تي جزيو مقرر ڪيائين. ساڳيءَ طرح برهمڻ آباد پڻ فتح ڪيائين.

        چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن، محمد بن قاسم ويٺو هو، ته اٽڪل هزار کن برهمڻن جو ٽولو، مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙيل ڪئمپ ۾ آيا. جاچ تي معلوم ٿيو، ته هنن پنهنجيءَ پر موجب، سردار جي ڏک ۾ ائين ڪيو آهي. مڙني کي سڏي، ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي صلاح تي، کين قديمي دستور موجب ملڪ جي پسگردايءَ مان ماليات وصول ڪرڻ جي ڪم تي ڇڏيائين. هو جڏهن مانوس ٿيا، تڏهن عرض ڪيائون، ته  ”اسان بت پرست قوم آهيون ۽ اسان جي ساريءَ قوم جو گذران بتخانن جي مجاوريءَ تي آهي، جنهن صورت ۾ اسان اطاعت قبول ڪري، پاڻ تي جزيو رکيو آهي، تنهن صورت ۾، اسان کي ٻين جاين تي بتخانن جي ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي(1) ، ته خليفي جي اقبال کي دعا ڪندا رهنداسون.“  محمد بن قاسم، حجاج کي اطلاع ڪرڻ  ۽  خليفي کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، کين پنهنجي پراڻيءَ پر موجب، رسمون عمل ۾ آڻڻ جي اجازت ڏني. تنهن سان گڏ هيءَ به حڪم ڪيائين، ته  ’برهمڻ، ٻين هندن کان امتياز خاطر، پتل جا ننڍا ٿانوَ، گدائيءَ لاءِ ٺهرائين، ۽ هر صبح تي اهي هٿ ۾ کڻي گدائي ڪندي، هر هڪ جي دروازي وٽان لنگهن‘ ، انهيءَ ڪري اها رسم ٿي چڪي آهي، ته برهمڻ پيالو هٿ ۾ کڻي دان وٺڻ لاءِ، سڀني دروازن تي ڦرندا آهن، ۽ فائدو وٺندا آهن.

        روايت آهي، ته جڏهن حجاج، اسڪلنده ۽ برهمناباد جي قلعن فتح ٿيڻ کان واقف ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم ڏانهن لکيائين، ته  ”جنهن صورت ۾، الله جي فضل سان ڏاهر ۽ سندس ملڪ هٿ آيو، تڏهن هاڻي سندس تختگاهه هٿ آڻڻ گهرجي، ۽ ٻيو ته ايتري تي اڪتفا نه ڪري، اڀرندي طرف ڏانهن متوجهه ٿي، هندستان ڏانهن رخ رکڻ گهرجي. محمدي دين جي برڪت، هر هنڌ مسلمانن جي مددگار ٿيندي.“

        انهيءَ لکئي تي، محمد بن قاسم اروڙ ]20[ جو ارادو ڪيو. ايتري ۾ خبر پهتي، ته  ”فوفي“  نالي ڏاهر جو هڪڙو پٽ، اروڙ ۾ مستقيم ٿيو ويٺو آهي، ۽ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو انڪار ڪري، چوي ٿو، ته  ’هو لشڪر مان گم ٿي هندستان ڏانهن ويو آهي، ۽ عنقريب لشڪر ساڻ وٺي اچي انتقام وٺندو‘ . انهيءَ تي کيس اهڙو يقين آهي، جو جيڪو به سندس آڏو، سندس پيءُ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو بيان ٿو ڪري، تنهن کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. تنهنڪري، سندس سامهون ڪوبه ماڻهو هيءُ حقيقت ظاهر ڪري نٿو سگهي، ۽ سندس ٻه ڀائر، جيسيہ ۽ وڪيو، جيڪي هن گڙٻڙ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن کي به پاڻ وٽ گهرايو اٿس(1). اها خبر ٻڌي، هڪدم اوڏانهن توجهه ڪري، اروڙ جي قلعي کي گهيرو ڪري، ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي، مڙس جي مري وڃڻ ]جي خبر[ ظاهر ڪرڻ لاءِ، قلعي جي دروازي تي موڪليائين، انهيءَ کي ڪوڙو ٺهرائي، پٿر ۽ ڀتر هڻي چيائيون، ته  ”تون گئو - هتيا ڪندڙن سان ٺهي ويئي آهين“ . اتي، محمد بن قاسم گهيري کي سوڙهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اروڙ جي خلق، ٿوري وقت ۾ تنگ ٿي، ٻاهر نڪرڻ جو فڪر ڪرڻ لڳي. فوفيءَ سمجهيو، ته سندس انتظام قائم رهي نه سگهندو، پر جنهن صورت ۾ غلط توهم ۾ مبتلا هو، تنهن ڪري کيس دستبردار ٿيڻ پڻ مشڪل ٿي لڳو.

        چون ٿا ته اُتي هڪ جادوگرياڻي عورت رهندي هئي، تنهن ڪري ان کي ڏاهر جي احوال ٻڌائڻ لاءِ التجا ڪيائين. جادوگرياڻيءَ، جنهن کي انهن ڏينهن ۾ جوڳڻ سڏيندا هئا، هڪ رات جي مهلت گهري. انهيءَ رات جي گذرڻ کان پوءِ، ٻه سايون ٽاريون، هڪ اکروٽ جي وڻ جي ۽ ٻي مرچ جي وڻ جي،  هٿ ۾ ڪري، فوفيءَ وٽ اچي چيائين، ته  ”سرانديپ تائين، زمين جي هڪ هڪ گرانٺ جاچي اٿم، ۽ ثابتيءَ لاءِ هي ]ٽاريون[ آنديون اٿم: ڏاهر جيڪڏهن جيئرو هجي ها، ته مون کي ڏسڻ ۾ اچي ها. خبردار! سندس جيئري رهڻ جو خيال دل ۾ نه آڻ ۽ مفت پاڻ کي برباد نه ڪر“ . فوفيءَ، جادوگرياڻيءَ کان ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ڪري، راتو واهه قلعي مان نڪري، پنهنجن مٿين ڀائرن ڏانهن (جن کي هن کان اڳ پاڻ گهرايو هئائين ۽ هو اڃا نه پهتا هئا) ڀڄي ويو. صبح جو علافين هيءَ حقيقت محمد بن قاسم کي لکي، پنهنجي لاءِ امان گهري، قلعي وارن کي قلعي جي کولڻ جي هدايت ڪئي(1). محمد بن قاسم فتحمند لشڪر ساڻ شهر ۾ آيو، ۽ تمام گهڻي خلق کي، هڪ مندر جي دروازي تي سجدي ۾ ڪريل ڏسي، پڇا ڪيائين، ته  ”هي ڇا ٿا ڪن؟“  معلوم ٿيس، ته بت کي سجدو ٿا ڪن. بتخاني ۾ اندر وڃي ڏٺائين، ته هڪ پوري انسان جي صورت، گهوڙي تي سوار آهي، ترار ڪڍي، ڀانيائين ته هڻي، پر مجاورن دانهن ڪري چيو، ته  ”هيءُ ]ماڻهو [جيئرو نه آهي، پر بت آهي“. ]ائين چئي[ هو محمد بن قاسم کان پري هٽي ويا. ]محمد بن قاسم[ بت جي ويجهو وڃي، هن جي هڪ ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي، مجاورن کان پڇيو، ته  ”بت کي هڪ ٻانهن ۾ ڪنگڻ ڪونهي، کانئس پڇو، ته ڪاڏي ڪيائين؟“  ]مجاورن[ وراڻيو ته  ”بت کي هن جي ڪهڙي خبر!“ . چيائين ته  ”توهان به عجيب معبود جي عبادت ڪريو ٿا، جو پنهنجي حال جي به خبر نٿو ٻڌائي!“  هي ٻڌي شرم کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيائون.

        نقل آهي، ته قيدين مان هڪڙي شخص، سندن ڪهڻ جي حڪم ٿيڻ وقت، چيو ته  ”آءٌ هڪڙي شرڪت ڏيکاريندس (عجيب شيءِ ڏيکاريندس)، جا توهان ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي. ليڪن هن شرط سان، ته مون کي ۽ منهنجي تابعدارن کي امان نامو لکي ڏيندا“ . ]مسلمانن [ ڀانئيو ته شايد ڪو دفن ٿيل خزانو ڏيکاريندو، ]21[ سو کيس سندس چوڻ موجب، ٻن سؤ ڄڻن جو ناليوار امان نامو لکي ڏنائون. امان نامو وٺي، هڪدم ڏاڙهي وات ۾ ڪري، مٿي جا وار کنڊيڙي، مٿي کي مروڙي سروڙي پيرن ۾ ڏيئي، ڏاڍو وٺي نچڻ شروع ڪيائين(1) وات مان عجيب آواز ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙي حالت پيدا ڪيائين، جو سڀئي ڏسندڙ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا! جڏهن بس ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم چيو، ته  ”آخر هي رانديون ڇاجون؟ جنهن عجيب شيءِ جو وعدو ڪيو اٿئي، سا ڏيکار!“  وراڻيائين ته  ”ڇا هيءَ عجيب شي گهٽ آهي؟ بس منهنجي ته عجيب شي اهائي هئي، جا ڪيم!“  ]انهيءَ تي[ محمد بن قاسم کي دوستن چيو، ته  ”هي چرچا ٿو ڪري، هن کان عهدنامو واپس وٺڻ گهرجي“ . چيائين ته  ”قول قول آهي، جيڪي زبان تي آندو اٿئون، تنهن کان ڪونه ڦرنداسون“ (2).

        قصو ڪوتاهه، جڏهن ]ملڪ جو[ تختگاهه اروڙ پڻ قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کان پوريءَ طرح دلجاءِ ٿي، تڏهن عام ماڻهن سان احسان جي هلت وٺي، سڀني کي پنهنجن ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳڻ جي اجازت ڏنائين. ]انهيءَ کان پوءِ[  ”احنف بن قيس بن رواح“  اسديءَ کي اروڙ جي گورنري(1)،  ”موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان“  ثقفيءَ(2) کي، قضا ۽ خطابت جو عهدو،  ”وداع بن حميد“  نجديءَ کي برهمن آباد جي حڪومت،  ”نوبہ بن دارس“  کي راؤر جي قلعي جي نيابت،  ”هذيل بن سليمان“  الازديءَ(3) کي گورج(4)، ۽  ”حنظلہ بن اخي بنانہ“  ڪلائيءَ کي دهليلہ  هٿ ۾ ڏئي، پاڻ ملتان روانو ٿيو. واٽ تي، ڀاٽيه(1) جو قلعو فتح ڪيائين. ڀاٽيه جي قلعي جو والي، ڏاهر جو سؤٽ  ”ڪڪسه بن چندر بن سيلائج“  هو، جو ڏاهر کان ڀڄي وڃي اتي رهيو هو، سو اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. تنهن کان پوءِ سڪہ جو قلعو فتح ڪري، ”عتبہ بن سلمہ“ تميميءَ(2) کي اتي ڇڏي، وڃي ملتان، آس پاس جي قلعن سميت هٿ ڪيائين. ]انهيءَ کان پوءِ[  ”خزيمہ بن عبدالملڪ بن تميم“ (3) کي، برهمپور(4) جي قلعي ۾، ۽  ”داؤد بن نصر بن وليد“  عمانيءَ کي ملتان ۾ مقرر ڪري، پاڻ ديبالپور(5) تي ڪاهي ويو. هن وقت، مٿي ذڪر ڪيل جاين تي، مقرر فوج کان سواءِ اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا، سندس جهنڊي هيٺ حاضر هئا. آخر قنوج ۽ ڪشمير جي سرحد تائين فتح ڪري، سرو جا ٻه وڻ پوکي، ڏاهر جي ملڪ(6) جي حد مقرر ڪري، هر هنڌ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، موٽي اڌيپور پهتو، ته تقدير اچي سندس حياتيءَ جي پويان پيئي.

محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي ڪيفيت

        محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي حقيقت هن طرح آهي جڏهن ڏاهر جون ٻه ڌيئر،  ’پرمل ديو‘  ۽  ’سورج ديو‘ ، جي پالڪيءَ ۾ ساڻس گڏ هيو(1)، خليفي جي خدمت ۾ پهتيون، تڏهن ]خليفي[ سندن بينظير حسن ڏسي انهن کي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو، پر سندن وحشت ۽ بيدلي دفع ڪرڻ خاطر، انهن کي حرم ۾ هوشيار داين جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ، انهن مان هڪڙيءَ کي بستري تي گهرايائين، پر ڇاڪاڻ ته پيءُ جي قتل جو ناسور اڃا چڪي رهيو هئس، سو ]خليفي کي[ چيائين ته  ”اسان خليفي جي لائق نه آهيون، ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي ٽي راتيون پنهنجي ڪم آندو هو“ . خليفو هي ٻڌي باهه ٿي ويو، ۽ هڪدم پنهنجي هٿ سان حڪم روانو ڪيائين، ته  ’محمد بن قاسم کي هن حڪم پهچڻ شرط، پاڻ کي ڪچي چمڙي ۾ بند ڪري، حضور ۾ پهچائڻ گهرجي‘ . هيءُ حڪم محمد بن قاسم کي اڌيپور ۾ پهتو. خدائي تقدير ائين هئي، تنهن ڪري حڪم جي پيروي ڪندي، پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري روانو ٿيو، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ رستي ۾ گذاري ويو! تنهن کان پوءِ سندس لاش صندوق ۾ وجهي خليفي وٽ حاضر ڪيائون(2)، جنهن هڪدم انهن ٻنهي ڀينرن کي گهرائي، ]22[ ڏيکاري چيو، ته  ”منهنجو حڪم ڏسو!“  ]ٻنهي[ بي اختيار کلي ڏنو ۽ چيائون:  ”خليفي جي حڪم جاري هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي، ليڪن ]سندس[ عدل ۽ عقل ۾ تمام خرابي ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ماڻهو، جيڪو اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي برابر هو، رڳو اسان دشمنن جي چوڻ تي، سچ ۽ ڪوڙ جي تحقيق کان سواءِ ضايع ڪري ڇڏيائين! اسان جو مقصد فقط پيءُ جو قصاص وٺڻ هو. ]هن مان[ محمد بن قاسم جي، ڪم عقلي پڻ ظاهر ٿي، ڇو ته کيس گهربو هو، ته حڪم موجب روانو ٿئي ها، ۽ جڏهن باقي هڪڙي منزل وڃي بچي ها، تڏهن پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري ها، جيئن جيئرو پهچي وڃي ها، ۽ اسان جي سچي شاهديءَ ڏيڻ تي سندس جان بچي پوي ها“ . خليفي پشيمان ٿي، ٻنهي کي ڀت ۾ لنبي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، ۽ ڪن جو چوڻ آهي، ته انهن کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٻڌي بازار ۾ گهمائي ماري ڇڏيائين.


(1) ”سمندر“  نور جي شڪل جو هڪ جانور ٿيندو آهي، جو باهه ۾ رهندو آهي ۽ باهه هن کي اصل نه ساڙيندي آهي. چون ٿا، ته جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي باهه سؤ ورهيه ساندهه ٻرندي آهي، ته اتي سمندر پيدا ٿي پوندو آهي.

(1) اصل متن جي فارسي عبارت اجها هن طرح آهي: ”ديگر -  ’علم شانہ‘  معروف بعض مردم کوه است، کہ شانرا  ’مانسنگہ‘  نامند، از خطوط شانہء تازه هرچہ خواهند دريابند، وراست بواقعہ افتد“. اصل ۾ لفظ ”شانہ“ آهي، ۽ شانہ جي معنيٰ آهي ”ڦڻي“ يعني وارن کي سنوارڻ جي ڦڻي، ڪورڪي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڦڻي، جا گهڻو ڪري ڇيتين جي ٺهيل ٿيندي آهي، ۽ انهيءَ ۾ سٽ جون تندون لنگهائي اُڻندا آهن، رڍ يا ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگن جي منڍ ۾ هڪ چپترو هڏو، جو پاسيرين سان ڳنڍيل ٿيندو آهي، وغيره. ڪتاب ۾ غالباً ”شانہ“ مان مراد رڍ يا ٻڪريءَ جي ڦڻي آهي. فارسي زبان جي اصطلاح ۾ پڻ ”شانہ بين“ اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن، جو ٻڪر جي تازي ڦڻي ڏسي ان مان ڪنهن ڳالهه بابت اڳڪٿي ڪري سگهي (ڏسو فارسي، انگريزي ڊڪشنري، تاليف اسٽينگاس). مرزا قليچ بيگ پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن عبارت جو ترجمو هن طرح ڪيو آهي:  ”اتي جي جابلو ماڻهن کي، اڳڪٿي يا غيب جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هيءُ هنر ايندو هو، ته هڪڙي ڇيلي کي ڪهي، هڪڙي دستي يا اڳين ران ڪڍي، انهيءَ جون ليڪون ۽ نشان ڏسي، غيب جي خبر ڏيندا هئا“ (ڏسو ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، ص 3)

(1) نبيسہ -  ”ن“

(2) ماميد -  ”ن“

(1) ”فتحنامه“ يعني ”چچنامه“ (ص20) ۾ لکيل آهي ته: ”راجا، راڻيءَ کي چيو، ته  ’هڪ نامحرم حرم ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري تون پڙدي ۾ وڃ‘ . جنهن تي راڻيءَ سوهنديءَ وراڻيو ته  ’ڪيترا رذيل نوڪر اندر اچن ٿا، جيڪڏهن هڪ برهمڻ اندر ايندو، ته منهنجو هن ڏانهن ڪهڙو توجهه ٿيندو، يا مون کي هن کان ڪهڙو شرم رکڻو آهي، جو مان هن کان لڪان‘ !“.

(1) يعني چچ سان منهنجو نڪاح پڙهو.

(2) ”فتحنامي“  ۾ لکيل آهي:  ”تاخبر، مرگ ساهسي راؤ ببرادر، او مهرت ملک شهر چتور رسيده بود... الخ “  (نيٺ ساهيسيءَ جي موت جي خبر، سندس ڀاءُ مهرت، چتور جي بادشاهه کي پهتي، وغيره) معلوم ٿيو ته مهرت، ساهيسيءَ جو ڀاءُ هو.

(3) پتو نٿو پوي ته مير ”قانع“ جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي جو مصنف ته جيسلمير جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ڪري، هو ته فقط ايترو ٿو لکي، ته ”تابيک فرسنگيءَ  ’ارور‘  لشکرگاه کرد“- ص26 (اروڙ کان هڪ فرسنگ، يعني ٽن ميلن تي اچي ڇانوڻي هنيائين) پڻ فتحنامي ۾، راڻي سوهنديءَ سان، چچ جو نڪاح، مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ ڏيکاريل آهي (ڏسو فتحنامو ص29).

(1) فتحنامي مان صاف صاف معلوم ٿو ٿئي، ته سيوهڻ جي حاڪم متي، ۽ برهمناد جي حاڪم اگهم لوهاڻي، چچ جي تابعداري ڪانه ڪئي هئي، بلڪ متو شڪست کائي قنوج ڏانهن ڀڄي ويو هو، ۽ اگهم جنگ هلندي مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اطاعت ۾ آيو. فتحنامي ۾ هيءُ پڻ لکيل آهي، ته سويس جو قلعو، چچ حملو ڪري فتح ڪيو هو. تنهن کان پوءِ اتي جي حاڪم جي پٽ  ”ڪيي “  (نه  ’ڪبي‘  - جيئن تحفة الکرام ۾ آهي) اچي پنهنجي پيءُ ۽ ماڻهن لاءِ امان گهري (تفصيل لاءِ ڏسو ”فتحنامو“، ص39-48)

(1) فتحنامي ۾ ”ڪيہ بن ڪاڪہ“ آهي.

(2) هيءَ ڳالهه فتحنامي ۾ پوري تفصيل سان لکيل آهي. فتحنامي ۾ قنوج جي راجا جو نالو ”سهيرس“، ۽ سندس ڀاءُ جو نالو ”برهاس بن ڪسائس“ لکيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص 50-53)

(3) فتح نامي جي لکڻ موجب، چندر جي مرڻ کان پوءِ، برهمناد تي پهريائين چندر جي پٽ ”راج“ قبضو ڪيو. هڪ سال کان پوءِ، اهو مري ويو، ۽ سندس مرڻ کان پوءِ ”ڏهرسيه“ بن چچ برهمناد تصرف ۾ آندي، ۽ چچ جي ڌيءَ ”ٻائي“ پڻ ڏهرسيه سان شامل هئي. ڏهرسيه وڏو هو، تنهن ڪري هن برهمڻ آباد تي سڌي حڪومت ٿي ڪئي، نه ڏاهر جي پاران. (ڏسو ”فتحنامو“، ص54-63)

(1) مير قانع جو ماخذ خبر ناهي ڪهڙو آهي؟ فتحنامي موجب ته ڏاهر، برهمن آباد کان پوءِ، سيوستان کان ٿي، اروڙ جي قلعي ۾ آيو ۽ تڪميل به انهيءَ قلعي جي ڪرايائين (ڏسو فتحنامو، ص 68)

(2) فتحنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو، ته ”ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راؤر ۾ گذاريندو هو“. (ڏسو فتحنامو، ص68-69)

(3) فتحنامي ۾ ڏاهر جي سرحد جي سير جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، البت چچ جي ذڪر ۾ لکيو اٿس، ته چچ، ڪشمير جي سرحد تي، ٻه وڻ: هڪ بيد جو ٻيو صنوبر جو، لڳايا هئا (ڏسو فتحنامو، ص38).

(4) يعني ”عراق  ’عجم‘“  ۽ ”عراق  ’عرب‘ “.

(1) اصل متن ۾  ”بني اسامہ “  آهي، جو غلط ٿو ڏسجي.

(2) اصل ۾  ”سفهوري “  آهي، جو غلط آهي.

(3) فتحنامي ۾ علافين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ڪجهه تفصيل سان آهي، پر انهيءَ ۾ عبدالرحمان بن اشعث جي قتل جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، ۽ نه وري علافين کي  ”بني اسامہ “  سڏيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص85-88)

(1) هن بيان ۾، مير علي شير ”قانع“ ٻن ٽن هنڌن تي غلطيون ڪيون آهن. هڪ ته حملي جو سبب، هندستان جي راجائن جو حسد ۽ خوف بيان ڪيو اٿس، حالانڪ ائين بلڪل نه هو، بلڪ ڏاهر جي ڀيڻ ”ٻائي“، جنهن کي ڏاهر کڻي هروڀرو نڪاح ۾ آندو، سا پهريائين  ’رمل‘  (جيسلمير) جي راجا سان مڱجي چڪي هئي. اهو مڱڻو ڏاهر جي وڏي ڀاءُ ڏهرسين ڪرايو هو، ۽ سمورو ڏاج ڏانوڻ تيار ڪري، ڀيڻ جي ٻانهن، ڏاهر ڏانهن، فقط پرڻائي ڏيڻ لاءِ رواني ڪئي هئائين، مگر ڏاهر نجومين ۽ ٻڌيمن وزير جي صلاح تي، ٻائيءَ سان پاڻ پلؤ ٻڌي ويهي رهيو. جنهن تي پهرين ڏهرسين لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيو، پر جڏهن اهو ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ مري ويو، تڏهن خود رمل (جيسلمير) جو راجا لشڪر وٺي پاڻ ڪاهي آيو، ٻيو ته  ’رمل جي راجا‘  کي مير علي شير  ”قنوج جو راجا “  ٻڌائي، سندس نالو راجا  ”رنمل “  لکيو آهي. درحقيقت انهيءَ راجا جو نالو،  ”سوڀن راءِ“  هو ۽ قوم جو ڀاٽيو هو، ”رمل“، يعني جيسلمير جي ملڪ جو راجا هو (ڏسو فتحنامو، ص54-71). پڻ فتحنامي ۾، رمل جي راجا جي لشڪر جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو ذڪر آهي ته علافيءَ ڏاهر کي چيو، ته  ”تون هڪ فرسنگ (ٽي ميل) زمين ۾ کاهي کوٽائي تيار ٿي بيهه “  (ص 71)، ۽ علافيءَ جاچ ڪئي ته معلوم ٿيس ته هو رات جو نهايت غافل رهن ٿا، پهري ٻهري جو ڪوبه انتظام ڪونه اٿن، تنهن ڪري علافيءَ وٺي مٿن راتاهو ڏنو. هو جيئن ڇرڪ ڀري وٺي اٿيا، تيئن انهيءَ سراسيمگيءَ جي حالت ۾، هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ ۾ لڳي ويا. نتيجو هي ٿيو، جو اسي هزار ماڻهو قيد ٿيا، ۽ پنجاهه هاٿي ۽ بيشمار گهوڙا هٿ آيا - الخ (چچنامو، ص71)

(1) فتحنامي ۾  ”تنڪہ “  جي بدران  ”مهرسيم “  يعني چانديءَ جو سڪو آهي (فتحنامو، ص72)

(2) ”سيلان “  جي ٻيٽ کي، عربي تواريخن ۾،  ”جزيره يواقيت “  لکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اتي جي عورتن جو منهن تمام سهڻو ٿيندو آهي. بلاذري چوي ٿو، ته  ”وانما سميت هذه الجزيرة جزيرة الياقوت لحسن وجوه نسائها “  (ص424)

(1) هيءُ بيان سمورو فتحنامي جي موافق آهي، پر بلاذري ڪن جاين ۾ مخالف آهي. بلاذري جي بيان موجب، اهي عورتون انهن مسلمانن جون ڌيئرون هيون، جي تجارت جي خيال کان سرانديپ ٻيٽ ۾ آيا هئا، ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. سرانديپ جي بادشاه، دوستي ڳنڍڻ خاطر، انهن عورتن کي حجاج ڏانهن روانو ڪيو. ٻيو ته بلاذريءَ جي چوڻ موجب، دانهن ڪندڙ عورت  ’بني يربوع‘  قبيلي مان هئي. ٽيون چور، جن ٻيڙيون ڦريون هيون، ديبل جي  ’ميد‘  قوم جا هئا (بلاذري، ص423)

(2) اصل ۾  ”بذيل “   ’ذ‘  سان لکيل آهي، جو صحيح نه آهي.

(3) هيءُ بيان پڻ فتحنامي موافق آهي، مگر انهيءَ ۾  ”عبيد الله  بن نبهان اسلمي“  - جنهن کي مير قانع غلطيءَ کان  ”عبدالله “  سڏيو آهي. جي شهادت جو ذڪر بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي، جو بديل کان اڳ ۾ شهيد ٿيو هو. هن موقعي تي بلاذري چوي ٿو:  ”فاغزي الحجاج عبيد الله  بن نبهان الديبل فقتل فکتب الي بديل بن طهفة البجلي و هو بعمان يامره ان يسير الي الديبل “  - ص 423 (پوءِ حجاج عبيد الله  بن نبهان کي ديبل تي چاڙهي موڪليو، پر هو قتل ٿي ويو، تنهن کان پوءِ عمان جي حاڪم بديل طهفه بجلي کي ديبل ڏانهن وڃڻ جو حڪم لکيائين.)

(1) مير قانع جو اگرچه هيءُ بيان فتحنامي تان ورتل ٿو ڏسجي، مگر کيس ديبل جي واليءَ جي نالي ۾ ڌوڪو لڳو آهي: مير قانع  ”سمنيءَ “  کي واليءَ جو نالو سمجهيو آهي، حالانڪ درحقيقت ائين نه آهي،  ”سمنيءَ “  جي معنيٰ آهي  ’پروهت‘  (Priset). انهيءَ وقت ۾ ٻڌ ڌرم جي پروهتن کي سمني چوندا هئا. نيرون جو والي، هڪ پروهت هو، جنهن جو نالو  ”سندر “  هو. فتحنامي جي عبارت هن طرح آهي:  ”و والي نيرون سمني بود، سندر نام “  (ص93)

(2) عربن جو دستور آهي ته پيءُ ۽ پٽ جو نالو گڏي لکندا آهن، ۽ وچ ۾  ’ابن‘  جو لفظ ڪونه آڻيندا آهن- مثلاً  چوندا  ”محمد هاشم“ ، مطلب هوندوآهي  ”محمد بن هاشم“ ، ساڳئي رواج موجب هتي به  ”محمد - قاسم“  جي معنيٰ  ”محمد بن قاسم“  سمجهڻ گهرجي.

(1) فتحنامي ۾  ”جيسيہ“  جي معنيٰ  ’المـُـظفـَـرُ باالاسـَـدِ‘  يا  ’شير فيروز‘  لکي ٿو، جنهن جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٿيندي  ’شينهن تي فتح لهندڙ‘  ( ”فتحنامو“ ، ص 234).

(2) متن ۾  ’عثمان بن عاص‘  آهي، جو غلط آهي.

(3) فتحنامي ۾  ’سامہ بن ديوائج‘  لکيل آهي، ۽ کيس چچ جو ڀاءُ ڪونه ڪوٺيو ويو آهي ( ”فتحنامو“ ، ص 73).

(1) فتحنامي ۾هيٺيان جملا زياده آهن:  ’اَهلـُـهـَـا بـَـطـَـل ان قل الجيش بـِـهـَـا ضـَـاعـُـوا و اِن کـَـثـُـرُوا جـَـاعـُـوا‘  - ص 75 (اُتي جا رهاڪو بهادر آهن، لشڪر ٿورو هوندو ته ضايع ٿي ويندو، ۽ جي گهڻو هوندو ته بک مرندو).

(1) فتحنامي جي لکڻ موجب، (ص ص 80-81) عبد الله  بن سوار جي شهادت کان پوءِ،  ”سنان بن سلمہ “  مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ انهيءَ کي معزول ڪري،  ”راشد بن عمرو “  کي مقرر ڪيو ويو. ليڪن  ”بلاذري“ ، عبد الله  بن سوار ۽ راشد بن عمرو جي وچ ۾ سنان بن سلمہ جي مقرريءَ جو ڪو به ذڪر ڪونه آهي.

(2) اصل ۾  ”راشد بن سلمہ “  آهي، پر اهو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 82 ۽ بلاذري ص 422)

(3) اصل ۾  ”بورابي “  لکيل آهي، جو صحيح نه آهي (ڏسو فتحنامو، ص 84).  ”پورالي “  مڪران ۾ هڪ نئن (ندي) آهي، جا سون مياڻيءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. (Hedich gates of India، P.303) بلاذريءَ جي چوڻ موجب، منذر بن جارود  ”قصدار “   گذاري ويو. (ڏسو بلاذري، ص 422)

(1) منذر کان پوءِ، ڇهن مهينن تائين سنڌ جي گورنري، سندس پٽ  ”حڪم بن منذر “  جي هٿ ۾ هئي (فتحنامو، ص84) ليڪن بلاذري، حڪم بن منذر جي گورنريءَ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. والله  اعلم.

(1) هيءَ مير قانع جي کـُـلي غلطي آهي: محمد بن قاسم سان ڇهه هزار ته فقط شام جا چونڊ سوار ساڻ هئا، عراق جا تنهن کان سواءِ. فتحنامي جو مصنف لکي ٿو، ته  ”حجاج بنوشت تا شش هزار مرد از فرزندان رؤساي شام، کہ مادر و پدر ايشان درحيات بود و بسيار ساختگي کند، واخيار نامدار، کہ  بنام و ننگ در مجادلت و محاربت ايستادگي کنند و با محمد قاسم و فاداري نمايند، بيامدند “  (حجاج جي لکڻ تي، شام جي سردارن جا اهڙا ڇهه هزار فرزند، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا ۽ ڪافي تياري ڪئي هئائون، ۽ ناليرا چونڊ ماڻهو، جي پنهنجي ننگ ناموس خاطر بيهي مقابلو ڪن ۽ محمد بن قاسم سان وفاداري ڪن، اچي حاضر ٿيا - ص96). بلاذري (ص424) لکي ٿو، ته  ”وضم اليہ سنة آلاف من جند اهل الشام وخلقا من غيرهم“  ( ۽  شام جي لشڪر مان ڇهه هزار ۽ ٻي ڪيتري خلق ساڻس شامل ڪئي ويئي).

(2) اصل ۾  ”مغيره ۽ خزيم “  لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. (ڏسو فتحنامو ص98)

(1) اصل ۾  ”هارون “  آهي، جا مير قانع جي غلطي آهي. اسان مٿي چئي آيا آهيون، ته عربن جو دستور آهي ته پيءَ پٽ جو نالو گڏي هڪ ڪري لکندا آهن، ۽ وچ ۾  ”ابن “  جو لفظ ڪونه لکندا آهن. ساڳيءَ طرح هتي به  ”محمد بن هارون “  کي  ”محمد هارون “  ڪري لکيائون، جنهن کي ميرقانع پنهنجي سنڌ جي دستور موجب هڪ نالو ڪري ورتو آهي، ۽ خيال ڪيو اٿس ته اصل نالو  ”هارون “  آهي،  ”محمد “  جو نالو فقط تبرڪ لاءِ اڳيان ڳنڍيو ويو اٿس. سو پاڻ به پهريائين  ”محمد هارون “  لکي، پوءِ اڳتي ڇڙو ”هارون“ لکيو اٿس، حالانڪه هتي اصل نالو آهي ”محمد بن هارون“. مير قانع کي جيڪڏهن اختصار ڪرڻو هو ته به ”محمد“ لکي ها، نه ”هارون“.

(2) هتي به اصل ۾ ”مغيره“ آهي، جو غلط آهي، جيئن مٿي گذري آيو.

(1) ست ڏينهن (ڏسو فتحنامو ص 104)

(2) اصل ۾  ”جعوبہ “  آهي، جو غلط آهي.

(3) سندس سڄو نالو  ”جاهين بن برسايد راوت “  هو. (فتحنامو، ص107). هو شايد ٻڌ ڌرم جو پيرو هو، تنهن ڪري ميرقانع کيس  ’ٻڌ‘  سڏيو آهي. ساڳيءَ طرح فتحنامي ۾ به کيس  ’ٻڌ‘  سڏيو ويو آهي. (ص107)

(1) مير علي شير، ڪبلہ لکيو آهي ۽ فتحنامي ۾ اهو ساڳيو نالو  ”قبلہ “  لکيل آهي (ص153).  ’قبلہ‘  لاشڪ ته اصل ۾  ’قيلہ‘  آهي، يعني  ’گيلہ‘  يا  ’گيلو‘  جو نالو سنڌ ۾ مشهور آهي (نبي بخش).

(2) اصل ۾  ”حميد بن دارع “  آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 109)

(3) مير قانع هتي پڻ ساڳي غلطي ڪئي آهي، جنهن جي وضاحت اسان مٿي ڪري آيا آهيون: يعني ديول جي گورنر جو نالو  ”سمني “  لکيو اٿس، حالانڪ  ”سمني “  سندس نالو ڪونه هو، سندس نالو  ”سندر “  هو.  ”سمني “  سندس لقب هو، ڇاڪاڻ ته هو ٻڌ ڌرم جو هڪ پروهت هو.

(1) فتحنامي ۾ آهي:  ”تا برسيد بموضع کہ آنرا موج گويند از نيرون بسي فرسنگ “  (نيٺ اهڙيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي موج چوندا هئا، نيرون کان ٽيهه فرسنگ هئي.) فرسنگ ۾ ٽي ميل ٿيندا. ٽيهه فرسنگ معنيٰ نوي ميل.

(2) مير قانع جي تقرير مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته سيوستان جي حاڪم بجهرا کي انهيءَ  ’سمنيءَ‘  خط لکيو هو، جو محمد بن قاسم سان ساڻ هو، ۽ جو پهريائين ڏاهر جي طرفان نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو، پر حقيقت ائين نه آهي، بلڪ خط لکڻ وارو هڪ ٻيو  ’سمني‘  هو، جو  ’موج‘  جو رهاڪو هو، ۽ رعيت تي سندس ڏاڍو اثر هو. انهيءَ ٻين  ’سمنين‘  کي شامل ڪري، خط لکيو هو (ڏسو فتحنامو، ص118)

(1) هتي مير قانع سخت غلطيءَ جو شڪار ٿيو آهي، ڇاڪاڻ، ته  ”ٻوڌيه “  ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو نه آهي، بلڪ سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، جنهن جي واليءَ جو نالو  ’ڪاڪو بن ڪوتڪ‘  هو، ۽ جتان جي سمنيءَ (پروهت) جو نالو ڀڪو (بهکو) هو، اتي جي قلعي جو نالو  ’سيسم‘  هو. مير قانع، خبر ناهي ڪهڙي آڌار تي،  ’ٻوڌيه‘  کي بادشاهه فرض ڪري، کيس کڻي ڪاڪي جو پٽ فرض ڪيو آهي. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي:  ”بگريخت تابحد بودهيہ رسد و آن وقت ملک بودهيہ کاکہ بن کوتک بود، سمني بهکو و حصار او سيسم بود برلب آب کنبہ “  (هو ڀڄي وڃي ٻوڌيه جي حد ۾ پهتو، انهن ڏينهن ۾ ٻوڌيه جو حاڪم ڪاڪو بن ڪوتڪ هو، سمني  ’ڀڪو‘  ۽ اتي جو قلعو  ’سيسم‘  هو، جو ڪنبه نديءَ جي ڪناري تي هو. - فتحنامو، ص 120)

(2) هتي به مير قانع غلطي ڪئي آهي. اسان مٿي ثابت ڪري آيا آهيون، ته  ”ٻوڌيه “  سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، نه ڪنهن ماڻهوءَ جو.

(1) اصل ۾  ”قندائيل “  آهي، جو غلط آهي. (ڏسو فتحنامو، ص124)

(2) فتحنامي موجب هنن پاڻ تي، هڪ هزار درهم تور چاندي مقرر ڪرائي هئي. (”و رسولان درميان کردند ويکهزار درم سنگ نقره برخود قرار دادند “  - ص124)

(3) هيءُ بيان، ڪن ڳالهين ۾ فتحنامي جي بيان کان مختلف آهي. مثلاً: فتحنامي ۾ هيءُ اضافو آهي ته  ’جڏهن ڪاڪو پنهنجن اعتماد جوڳن ۽ خاص ماڻهن سان، عرب جي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن واٽ تي کين حنظلہ بن بنانہ مليو، جو محمد بن قاسم جي پاران محافظ طور مقرر ٿيل هو. انهيءَ کين وٺي محمد بن قاسم وٽ آندو‘ . ٻيو ته  ’چندر بن سيلائج جو پٽ، ڏاهر جو سؤٽ، بجهرا، ٻين ٺڪرن ۽ رواتن سان گڏ ڪسي ويو، باقي ڪي ٻوڌيه کان مٿي ڀڄي ويا‘ .  هتان واضح ٿيو، ته اهي ماڻهو،  ’قندابيل‘  ۽  ’سالوج‘  ڏانهن ڪونه ڀڳا هئا، جيئن مير قانع چوي ٿو. بلڪ هو  ’بهلطور‘  جي قلعي ڏانهن ڀڳا هئا، جو قندابيل ۽ سالوج جي وچ ۾ هو. (فتحنامو، ص123-124)

(1) ڄاڻڻ گهرجي، ته اسلامي قانون مطابق زمين جا ٻه قسم آهن: هڪڙو  ’عشري‘ ، جن جي پيدائش مان ڏهون حصو، الله  جي حق طور وصول ڪيو ويندو آهي، ٻيون  ’خراجي‘ ، جن تان ڍل ورتي ويندي آهي. اسلامي قانون موجب، جيڪا زمين زبردستي فتح ڪري، مسلمانن جي لشڪر ۾ تقسيم ڪئي ويندي، يا جنهن زمين جا مالڪ پنهنجي خوشيءَ سان مسلمان ٿيا هوندا، اها زمين عشري آهي، ۽ جيڪا زمين زبردستيءَ فتح ڪئي ويئي، پر وري ساڳيائي اتي جا رهاڪو اتي رهايا ويا، يا جيڪا زمين صلح سان فتح ٿي، ته اها زمين خراجي آهي. ڍل جو ڪو به مقدار مقرر نه آهي، بلڪه فتح وقت جيڪا ڍل رکي ويئي، سا قائم رهندي. سنڌ جي سرزمين جو چنن وارو حـصو، ته عشري آهي، باقي ٻي ساري زمين خراجي، ۽ علامه شيخ ابو الحسن ڏاهريءَ جي چوڻ موجب، سنڌ جي ڍل، پيدائش جي پنجين پتي آهي (”اراضي السند والهند في زمن  ’راجا وير‘  الذي کان قبل نبوة عيسيٰ عليہ السلام کانت خراجية وخراجها الخمس اي ضعف العشر و بعد الاسلام بقيت ايضا خراجية علي خمس“ - انتهي بحوالہ  ’فتاوي همايون‘ ).

(1( هن قصي ۾ مير قانع، اختصار خاطر ڪي ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن: جيئن ته محمد بن قاسم پتڻ تان ماڪوءَ ڏي ڪهڙو نياپو موڪليو، ۽ ماڪو ڪهڙي بهاني سان پنهنجي قلعي مان ٻاهر نڪتو؟ فتحنامي انهن ٻنهي ڳالهين کي واضح ڪيو آهي. هو لکي ٿو، ته  ”محمد بن قاسم، ماڪوءَ ڏانهن پيغام موڪليو هو، ته  ’توکي ڪڇ ۽ سورٺ جو ملڪ جاگير ۾ ڏنو ٿو وڃي، ۽ انهن تي تنهنجو قبضو تسليم ڪريون ٿا‘ . ماڪوءَ ڏٺو، ته ڏاهر جو بخت ٿڙيل آهي، ۽ عربن جو ستارو زور، تنهن ڪري موقعو غنيمت ڄاڻي، محمد بن قاسم سان اچي شامل ٿيو. بهانو هيءُ بنايائين، ته هو ساڪري جي راڻي سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ ٿو وڃي. هوڏانهن محمد بن قاسم سان به ٺهراءُ هئس، جنهن کيس واٽ تان پڪڙائي وڌو“. (ڏسو فتحنامو، ص133-135)

(1) اصل ۾ اهڙيءَ طرح آهي، پر صحيح  ”محمد بن معصب بن عبدالرحمان الثقفي “  آهي، جيئن  ”فتوح البلدان “  ص425 ۾ آهي:  ”وبعث محمد بن القاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان الثقفي اليٰ سدوسان “  (۽ محمد بن قاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان ثقفيءَ کي سدوسان ڏانهن موڪليو).

(2) اصل ۾  ”بيت “  آهي.

(3) يعني موجوده  ”جهم-پير “  جي سرزمين.

(1) ”ن “  هر جڳهه  ”رائيل “  لکيو آهي.

(1) اصل ۾  ”محمد زياد العبيدي“  آهي، پر جنهن صورت ۾ هن مان غلطي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، تنهن ڪري اسان وضاحت طور  ”محمد بن زياد“  لکيو آهي، پڻ  ”العبيدي“  غلط آهي، ۽ صحيح  ”العبدي“  آهي. (ڏسو فتحنامو، ص160)

(2) فتحنامي مان معلوم ٿو ٿئي، ته ڏاهر جي لشڪر سان لڙائي، صرف چار ڏينهن هلي، ۽ پنجين ڏينهن ڏاهر پاڻ نڪري آيو، ۽ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو (ڏسو ص164-183)

(1) خبر ناهي مير قانع جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي ۾، ته شراب جو ذڪر ڪونهي، بلڪ هن جي چوڻ موجب  ’هڪڙيءَ پان ٿي ڏنو ۽ ٻيءَ هڪ ٻئي جي پويان تير کڻي ٿي ڏنا‘  -  ”و دو نفر کنيزک باوي در عماري بود: يکي تير ها پيء يکديگر بوي مي داد و ديگري تنبول مي داد“  (فتحنامو، ص170)

(1) فتحنامي جي لکڻ موجب، ڏاهر کي تير نڙيءَ ۾ نه، پر دل تي لڳو هو، ۽ اهو انهيءَ تير کان مئو ڪونه هو، البته هنيانؤ دورجي ويو هئس، پر پوءِ وري هوشيار ٿي، لهي پيادو ٿي هڪ عرب سان سامهون ٿيو، ۽ بهادر عرب جي تلوار، سندس سرگردن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏيو.

(1) فتحنامي ۾، برهمڻن جو قيس جي هٿ چڙهڻ، ڏاهر جي موت جي کيس خبر ٻڌائڻ، ۽ محمد بن قاسم جي پڙهي تي قيس جي تڪبير هڻڻ جو ذڪر بلڪل ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو بيان آهي، ته ڏاهر جي موت بابت، محمد بن قاسم کي تردد هو، ۽ هڪ هڪ کان ڏاهر جي خبر پڇي رهيو هو، ته اوچتو هڪ برهمڻ اچي امان گهري، ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس فرزندن ۽ تابعدارن کي امان ڏني ويندي، ته هو ڏاهر جو لاشو ڏيکاريندو، جيڪو ڪـُـسي ويو آهي، جنهن تي معتبر ماڻهن وڃي، ڏاهر جو لاشو گپ مان ٻاهر ڪڍيو (فتحنامو، ص184)

(2) فتحنامي ۾ فقط ايترو آهي، ته ڏاهر جو سر ڏسي، محمد بن قاسم، الله  تعاليٰ جي حمد و ثنا ڪئي، ۽ ٻه رڪعتون نفل جون شڪراني طور پڙهيون (ص185)

(3) فتحنامي جي بيان موجب، راڻي لاڏيءَ ۽ ڏاهر جون ٻه ڌيئر، برهمڻ آباد جي قلعي مان گرفتار ٿيون هيون (ڏسو فتحنامو، ص206-207) ۽ صفحي 186 ۾ وري راڻي لاڏيءَ جي گرفتاريءَ جو واقعو سندس زباني لکي ٿو، ته  ’راجا ڏاهر، جنگ هلندي پنهنجن زالن مان هر هڪ تي سخت چوبدار مقرر ڪيو هو، ته جيڪڏهن شڪست ٿئي، ته هنن زالن کي ڪـُـهي ڇڏجو، جڏهن ڪافرن کي شڪست ٿي، تڏهن لاڏيءَ پاڻ کي اٺ تان کڻي ميدان جنگ ۾ اڇلايو، ۽ گرفتار ٿي‘ .

(1) فتحنامي موجب، ڏاهر جو سر  ’صادم بن ابي صادر‘  همدانيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، ۽ ساڻس گڏ بني قيس قبيلي جو ابوقيس ذڪوان بن علوان بڪري، يزيد بن مخالد همداني، زياد بن الحواري العبدي، ۽ ٻيا ماڻهو همراهه ڪري موڪليا ويا هئا. (ص187)

(2) فتحنامي (ص217-218) ۾ هيءُ نالو  ’ساوندي‘  ڄاڻايل آهي.

(3) ’دار الاسلام‘  انهيءَ ملڪ کي چئبو آهي، جتي مسلمانن جي بادشاهي هجي. هتي دار الاسلام مان مراد شام ۽ عراق آهي.

(3) فتحنامي ۾ لوهاڻن، ڀاٽين وغيره جو ذڪر ڪونهي، البت مير معصوم تاريخ سنڌ (ص 27) ۾ اهو ذڪر ڪيو آهي، پر انهيءَ ۾ به ڀاٽين جو ذڪر ڪونهي، ۽ انهن جي بدران هالير (شايد  ’هاله‘ ) قوم(قبيلي) جو بيان آهي، مير معصوم جو ماخذ ڪهڙو آهي، سو الله  ٿو ڄاڻي!؟

(4) فتحنامي مطابق، ڏاهر جي ڀيڻ  ”راڻي ٻائي“ ، راؤر جي قلعي ۾ چکيا تي چڙهي هئي (ڏسو فتحنامو، ص 194-195)، محمد بن قاسم ڏاهر جي ٻيءَ زال راڻي لاڏيءَ سان، حجاج نه بلڪ امير المؤمنين کان اجازت وٺي شادي ڪئي هئي (ڏسو ص185)

(1) نسخہ  ”ن“  -  ”اسڪنده“

(2) فتحنامي مان ڏاهر جي صرف ٽن پٽن جو پتو لڳي ٿو:  ’جيسيہ‘ ، جو پيءُ سان ميدان جنگ ۾ گڏ هو (ص163-164)، ۽ پيءُ جي مرڻ کان پو، سياڪر وزير جي صلاح سان اچي برهمڻ آباد ۾ رهيو (ص193-194)، جتان پهريائن جيسلمير، پوءِ چتور هليو ويو وغيره (202)، ٻيو  ’فوفي‘ ، جو اروڙ جي قلعي ۾ هو، ۽ اتان ڀڄي پنهنجي ڀاءُ  جيسيہ وٽ چتور هليو ويو (ص224)، ڏاهر جو ٽيون پٽ  ’وڪيو‘ ، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪنهن به ميدان جنگ تي ڪونه آيو آهي. پنهنجي ڀاءُ سان چتور ۾ موجود هو (ص224) - معلوم ٿو ٿئي ته اهو شايد صغير هو، ۽ جنگ ڪرڻ جي قابل نه هو، باقي رهيو اسڪلنده جو قلعو، سو  ’ڀاٽيه‘  علاقي جو (جو غالباً رياست بهاولپور وٽ هو) هڪ مکيه ۽ مضبوط قلعو هو، محمد بن قاسم، اهو قلعو اروڙ جي فتح کان پوءِ، ملتان ويندي، رستي ۾ فتح ڪيو هو (636-237) انهن حقيقتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو، ته مير قانع جو هيءُ بيان فقط هڪ وهم آهي. بلاذري (ص428-429) لکي ٿو، ته محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ، سنڌي راجا، جيڪي محمد بن قاسم جي مقابلي ۾ شڪست کائي، هيڏي هوڏي ڀڄي ويا هئا، تن سڀني موٽي اچي پنهنجن ملڪن تي قبضو ڪيو هو، انهن ۾ ڏاهر جو پٽ  جيسيہ به هو، جنهن اچي برهمناباد تي قبضو ڪيو. حضرت  ”عمر بن عبدالعزيز“  جي ڏينهن ۾، جيسيہ ۽ انهن راجائن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي عربن جهڙا نالا رکايا.  ”هشام بن عبد الملڪ“  جي ڏينهن ۾،  ’جنيد بن عبد الرحمان‘  مري سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هن ۽  جيسيہ جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾  جيسيہ قتل ٿي ويو. جيسيہ جي ڀاءُ چچ بن ڏاهر چاهيو، ته ڀڄي وڃي اهو احوال خليفي کي ٻڌائي، پر جنيد کيس پنهنجي هٿ آڻي قتل ڪري ڇڏيو.  جيسيہ سچ پچ مسلمان ٿيو هو، يا رڳو کل بچائڻ ڪاڻ اسلام جو اعلان ڪيو هئائين، تنهن ۾ تاريخ نويسن جو اختلاف آهي. هن بيان مان هي به پتو پيو، ته ڏاهر کي  ’چچ‘  نالي چوٿون پٽ به هو.

(1) چچنامي (ص212-213) مان واضح ٿو ٿئي، ته جڏهن مسلمانن برهمناباد جو قلعو فتح ڪيو، ۽ لڙائيءَ ۾ اتي جو بتخانو شڪسته ٿي پيو، تڏهن ڊپ کان ماڻهن بت پرستي ڇڏي ڏني، جنهن ڪري برهمڻن جو روزگار بند ٿي ويو، ۽ هنن محمد بن قاسم جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته هو ماڻهن کي هدايت ڪري، ته اصلوڪي دستور موجب برهمڻن کي خير خيرات ڏيندا رهن، ۽ کين بتخاني جي دوباره آباد ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وڃي. انهيءَ ڳالهه جي عام ماڻهن پڻ تائيد ڪئي، جنهن تي محمد بن قاسم، حجاج کان اجازت وٺي، کين ڊٺل بتخاني جي تعمير جي اجازت ڏني، وغيره. هن بيان مان ظاهر آهي ته مير قانع جو اهو لکڻ ته  ”رخـصت بدهند تا معبدهاي خودرا بمکانهاي ديگر بنانهيم“  (موڪل ڏيو، ته پنهنجا بتخانا ٻين جاين تي ٺاهيون) - ڀـُـل آهي، جنهن لاءِ ڪو ماخذ ڪونهي.

(1) ”سندس ٻه ڀائر -“  کان وٺي  ”-گهرايو اٿس“  تائين، سڄو جملو مير قانع پنهنجي طرفان اضافو ڪيو آهي، جنهن لاءِ وٽس ڪابه سند ڪانهي. (ڏسو فتحنامو، ص221)

(1) ”صبح جو علافين -“  کان وٺي  ”- هدايت ڪئي“  تائين، مير قانع جي پنهنجي ايجاد آهي، جنهن لاءِ ڪابه سند ميسر ٿي نه سگهي آهي. فتحنامي ۾، جو عربن جي سنڌ ۾ فتوحات جو مستند ترين ماخذ آهي، فقط هيترو لکيو آهي ته  ”پس مردي از علافيان در ارور بود، کہ بافوفي موافقت کرده بود - بنشتہ در قلم آورد و از گريختن و متواري شدن فوفي اعلام داد و برتير بست و بينداخت کہ فوفي - داهر ترک امارت ارور گرفت و بطرفي متواري شد“  (علافين مان هڪڙي ماڻهوءَ، جو فوفيءَ سان موافقت ڪري اروڙ ۾ ٿي رهيو، تنهن فوفيءَ جي ڀڄي وڃڻ ۽ گم ٿيڻ جو احوال لکي، تير سان ٻڌي ٻاهر اڇلايو ته  ’فوفي بن ڏاهر، اروڙ جي حڪومت جي دعويٰ ڇڏي، ڪنهن پاسي لڪي ويو آهي‘ ) ڳالهه فقط ايتري آهي، باقي انهيءَ ڪري هڪڙي علافيءَ کي علافين سان تعبير ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرڻ ۽ قلعي جي کولڻ لاءَ ۽ رهبري، اهو سڀ مير قانع جو اضافو آهي.

(1) چچنامي ۾ (صفحو 227) فقط هيترو آهي، ته  ’انهيءَ ماڻهوءَ امان نامو وٺي، پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هڻي، ڏاڙهيءَ جا وار کولي، انهن جون چوٽيون پنهنجي پيرن جي آڱرين سان ٻڌي، نچڻ شروع ڪيو، ۽ بيت ڳائڻ لڳو:  ”کس نديده است اين عجب کہ مراست، موي ريشم همي کشان تاپاست“ !‘

(2) چچنامي ۾ (228) هن تي اضافو ڪري لکي ٿو، ته  ’محمد بن قاسم، انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن سؤن عزيزن قريبن سميت، جيل ۾ رکي، حجاج کي حقيقت حال کان واقف ڪيو. حجاج هڪ طرف ته هيءُ سوال ڪوفي ۽ بصري جي عالمن جي آڏو رکيو، ۽ ٻئي طرف وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ کي اطلاع ڏنو. عالمن خواه خليفي کان ساڳيو جواب پهتو، ته اهڙا معاملا خود اصحابن سڳورن جي زماني ۾ فيصل ٿي چڪا آهن. ڏسو قرآن شريف جي آيت:  ”رجال صدقوا ما عاهد والله  عليہ“ . حجاج وٽان انهيءَ حڪم پهچڻ شرط، انهيءَ ماڻهوءَ کي سڀني لاڳاپيدارن سميت آزاد ڪيائين‘ .

(1) اروڙ جي گورنري، احنف بن قيس نه، پر سندس اولاد مان هڪ شخص  ”رواح بن اسد“  کي ڏني ويئي هئي (ڏسو فتحنامو ص 234-235)

(2) اصل ۾  ”طائي بن شيبان“  لکيل آهي، جو غلط آهي، صحيح  ” ’طائي بن محمد بن شيبان‘  - الخ“  آهي (ڏسو فتحنامو، ص235 ۽ خود تحفة الڪرام، ص27)، پر ساڳيو فتحنامي جو مصنف، ص9  تي، انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي پڙ پوٽي جو شجره نسب هن طرح لکي ٿو: اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب بن عثمان الثقفي، هتي  ”موسيٰ“  کان پوءِ  ”بن“  لفظ زائد آهي، ۽ نسخي  ”ڪ“ ،  ”موسيٰ بن طائي“  جي بدران  ”موسيٰ طائي“  لکيو آهي، جو اسان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي.  ”طائي“ ،  ”موسيٰ“  جي صفت آهي، مگر ڪاتبن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي کڻي موسيٰ ۽ طائيءَ جي وچ ۾  ”بن“  جو لفظ وڌايو آهي. اڳتي هلي، ٻئي  ”طائي“  کان پوءِ وري  ”بن موسيٰ“  وڌايل آهي، جنهن متعلق ڪوبه فيصلو ڪري نٿو سگهجي. پڻ  ”شيبان“  کي هتي  ”شهاب“  سڏيو ويو آهي- صحيح ڪهڙو آهي، سو خدا ٿو ڄاڻي.  ”عثمان ثقفيءَ“  مان مراد شايد اهوئي  ”عثمان، بن ابي العاص ثقفي“  آهي، جنهن بحرين جي گورنريءَ جي زماني ۾ پنهنجي ڀاءُ مغيره بن ابي العاص کي بحرين جي رستي کان ديبل ڏانهن موڪليو هو.

(3) اصل ۾  ”هذيل بن الازدي “  آهي، جو غلط آهي، شايد ڪتابت جي سهوَ کان  ”سليمان “  جو لفظ وچ ۾ رهجي ويو ٿو ڏسجي (ڏسو فتحنامو، ص218)

(4) هيءَ  ”گورج “  شايد  ”ڪيرج “  جي بگڙيل صورت آهي، جو گجرات جي  ”ڪيره “  ڀاڱي جو معرب ٿو ڀانئجي. پر محمد بن قاسم اهو ڪيرج فتح ڪونه ڪيو هو. هذيل بن سليمان ازديءَ کي فقط ڪڇ جو ڀاڱو هٿ هيٺ ڏنو ويو، جو ڪيرج (ڪيره) جي بادشاهه جي هٿ هيٺ هوندو هو، ۽ مسلمانن انهيءَ کي فتح ڪري ورتو هو. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي:  ”وناحيت قصہ کہ  ’دروهر‘  ملک کيرج داشت بهذيل بن سليمان الازدي داد‘  - ص218 ( ۽  ڪڇ وارو پاسو جو ڪيرج جي بادشاهه  ’دروهر‘  جي هٿ ۾ هوندو هو، سو هذيل بن سليمان ازديءَ کي ڏنائين.)

(1) اصل ۾  ”بابيہ“ آهي، جو غلط آهي، هي ”ڀاٽيه“ غالباً رياست بهاولپور وٽ واقع هو.

(2) اصل ۾ ”عتبہ بن تميمي“ آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص237). فتحنامي جي ساڳئي صفحي مان هيءُ به واضح ٿئي ٿو، ته محمد بن قاسم، عتبہ کي اسڪلنده جي قلعي جو والي بنايو هو، نه سڪه جو.

(3) فتحنامي (ص241) ۾  ”خزيم بن عبدالملک تميمي“  لکيل آهي، نسخي  ”ر-م“  ۾  ’بن تميم‘  لکي ٿو - والله  اعلم.

(4) اصل ۾  ”مهپور “  لکيل آهي، جو ڪاتب جو وهم ٿو ڏسجي. امير محمد بن قاسم، خزيم بن عبدالملڪ کي  ”برهمپور “  جي قلعي ۾ مقرر ڪيو هو، جو جهلم جي ڪناري تي هو ۽ جنهن کي  ”سوپور “  به سڏيندا هئا (فتحنامو، ص241)

(5) اصل ۾ ”ديالپور “آهي، نسخو ”ن“ - ”ديبالپور“.

(6) اصل ۾ ”داهر را حد مشخص نموده“ آهي، مگر اسان جي خيال ۾ ڪاتب جي ڀل کان ”داهر“ جي اڳيان ”ملک“ جو اکر وسري ويو ٿو ڏسجي - ٻيءَ صورت ۾ ڪابه معنيٰ نٿي نڪري.

(1) اهو غلط آهي ته راجا ڏاهر جون ڌيئر ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ لڙائي جي ميدان ۾ موجود هيون. بلڪ ميدان ۾ ڏاهر سان گڏ ٻه ”ٻانهيون“ هيون، فتحنامي (ص 178-179) ۾ لکيل آهي: ”ودو کنيزک کہ باوي درعماري نشتہ بودند يکي اورا تنبول ميداد و ديگر تير مي داد ”(ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ جيڪي ٻه ٻانهيون ويٺل هيون تن مان هڪ هن کي پان ٿي ڏنو ۽ ٻيء  تير ٿي ڏنا). هن کان اڳ صفحي 170 ۾ پڻ چيل آهي ته ”دو نفر کنيزک باوي درعماري بود - يکي تيرها پيءَ يکديگر مي داد و ديگري تنبول مي داد“. اهي ٻانهيون ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت گرفتار ٿيون هيون (فتحنامو، ص207)

(2) هن قصي جي بنا فتحنامي جي روايت تي ٻڌل آهي، جا بلڪل غلط ۽ واهيات آهي. عربي تاريخن جي روايت موجب محمد بن قاسم، خليفي وليد جي مرڻ کان پوءِ، سندس ڀاءُ سليمان جي سياسي عداوت جو شڪار ٿيو هو (تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جو فتحنامي جي آخر ۾ محمد بن قاسم جي وفات تي نوٽ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org