سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو ٻيو

صفحو ؛ 13

عالمن سڳورن، پرهيزگارن ۽ صالحن جو طبقو

هي  ’عُلَمَاءِ اُمَّتِيْ كَانْبِيَاءِ بَنِيْ اِسْرَائِيْلَ‘ (منهنجي اُمت جا عالم بني اسرائيل جي نبين جهڙا آهن) جي فرمان موجب ڪائنات جي عرصي ۾ سڀني کان فائق آهن.

هيءَ آيت سڳوري  ’اِنَّ اَكْرَمَـكُمْ عِنْدَاللهِ اَتْقـكُمْ‘ (بيشڪ اوهان مان الله وٽ وڏي ۾ وڏي عزت وارو اهو آهي جو وڏي ۾ وڏو پرهيزگار آهي) جي مصداق موجب سڀني قومن ۽ پاڙن کان اڳرا آهن.

شيخ صدر الدين: وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو پرهيزگار ڄام نظام الدين جو همعصر آهي. هو ايڏو ته علمن جو جامع هو جو هزارها شاگردن کي علم جي ڪمال تي پهچايائين. سيد ميران محمد جونپوريءَ جي تشريف آوريءَ تي پهريائين ته سندس مخالف ٿي بيٺو پر نيٺ سندس زيارت کان پوءِ پڪو مريد ٿي پيو. سندس اصل نسل جي حقيقت جي خبر نه پئجي سگهي آهي.

مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٽو: ٽلٽيءَ واري مخدوم بلاول جنهن جو بيان ٿي آيو، جي خليفن جي لسٽ ۾ داخل هو. هميشه عبادتن ۽ وظيفن ادا ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. زهد ۽ تقويٰ جي رستي جا شائق ۽ هدايت ۽ ارشاد جي طريقي جا طالب سندس ڏاڍا مريد ۽ معتقد هوندا هئا. حديث جي علم ۾ تمام ماهر هوندو هو.  ’شرح اربعين‘ ،  ’شرح گيلاني‘  ۽ ڪي ٻيا سندس تصنيف ڪيل رسالا مشهور آهن. جنت مڪان بادشاهه (همايون) جي آوارگيءَ جي ڏينهن سن 949 هجري ۾ ٺٽي اندر گذاري ويو ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيو.

]مخدوم ميران[: مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواهه منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاهه حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. هو سن 949 هجري ۾ گذاري ويو. ”علامه وارث الانبيا“ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪليءَ ٽڪريءَ تي آهي.

مولانا عبدالرحمان: نقلي علمن جو بينظير هو. حياتيءَ جا ڏينهن ديني فائدي ڏيڻ ۾ خرچ ڪندو رهيو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو.

مولانا ڪريم الدين: فضيلتن ۽ ڪماليتن جو جامع، براين ۽ مشڪلاتن جي پاڙ پٽيندڙ، زهد ۽ تقويٰ ۾ دوستن ۾ ناميارو، ۽ مٿئين مولانا عبدالرحمان جو همعصر هو.a

]مخدوم فضل الله ۽ سندس اولاد[: وقت جو وڏو عالم، قدسي فضيلتن جو جامع، انساني علمن جو ماهر ۽ پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل هو. هميشه علم جي پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر آهي.

سندس اولاد مان مخدوم ابوالخير پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيريءَ جي مسئلن چونڊڻ ۾ شريڪ رهيو.

هن جو پٽ، ملا اسحاق ڪماليتن جو جامع هو. تنهن جو پٽ ڪمال الدين نالي تازو لاولد گذاري ويو آهي.

]مخدوم فيروز ۽ سندس پويان[: پنهنجي وقت جو ڪامل ۾ ڪامل عالم آهي. بزرگي ۽ علمي ڪمال سندس اولاد ۾ موروثي هلندا  اچن ٿا. انهن مان قاضي ابراهيم، مٿئين مخدوم جو پوٽو ظاهري خواه معنوي ڪماليتن جو جامع پيدا ٿيو. هو شاهه جهان جي درٻار ۾ عزت واري عهدي تي ترقي ڪري جهان آباد جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي بڻيو. ڪجهه وقت ٺٽي جو امين بڻجي اتي آيو. چون ٿا ته سندس حويليءَ تي ڏيڍ لک روپيا خرچ ڪيو هئائون. پر هيءُ جڏهن آيو تڏهن ڪانه وڻيس. ٺٽي جو حاڪم، جيڪو ست هزاري امير هو، هفتي ۾ هڪ ڏينهن سندس گهر اچي عام درٻار ڪندو هو. پاڻ پڻ نواب جي اچڻ جي عيوض هڪ ڏينهن سندس گهر تشريف فرما ٿيندو هو ۽ منجهند کان وٺي شام تائين اتي رهندو هو. محمد بختاور خان عالمگير جي ڏهه ساله (تاريخ) ۾ قاضيءَ جا عجيب نقل لکيا آهن. راقم الحروف پڻ هنن ورقن کي انهن لطيفن سان نئين سونهن ٿو بخشي.

مٿئين قاضيءَ کان نقل آهي جو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن فقير (آءٌ) ميرڪ شيخ، ]218[ جو بادشاهه دين پناهه جي آخري ڏينهن ۾ صدارت مطلق جي عهدي تي سرفراز ٿيو هو، جي جاءِ تي حاضر ٿيو. اتفاقاً عالمن جي مجلس منعقد ٿيل هئي. جڏهن وڃي ويٺس ته اوچتو هڪ شخص سادو لباس پهري، ڦريل پٽڪو سر تي رکي اچي مجلس ۾ داخل ٿيو. ميرڪ شيخ سندس آمد تي سڀني عالمن کان گهڻي تعظيم ڪئي. اٿڻ وقت به ميرڪ شيخ هن جي تعظيم بجا آندي. حاضرين مجلس هن جي احوال متعلق پڇا ڪئي ته وراڻيائين:  ”هيءُ ماڻهو نادر علمن کان ڏاڍو واقف ۽ جنن جي دنيا جو مرشد آهي“ . مان هيءُ ٻڌي تڪڙو تڪڙو مجلس مان اٿي کڙو ٿيس ۽ انهيءَ پياري جي خدمت ۾ پهچي ملاقات لاءِ عرض ڪيم. هو پنهنجي گهر جو پتو ڏيندو هليو ويو. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ سندس گهر ڏانهن روانو ٿيس. اطلاع ملڻ تي بالاخاني تان، جو سندس خلوت گاهه هو، هيٺ لهي، احوال معلوم ڪري، عرض ڪيائين ته  ”بنده کي ڪجهه ڪم آهي، گهڙي کن بالاخاني (ماڙي) تي قدم رنج فرمايو ته واندو ٿي اچي ٿو خدمت جي سعادت حاصل ڪريان“ . اڃا ماڙيءَ جا ٻه ٽي ڏاڪا مس چڙهيو هوس ته دستار بندن جي هڪ عاليشان مجلس منعقد ٿيل ڏسڻ ۾ آيم. مون کي ڏسي سڀني استقبال ڪيو ۽ مجلس جي صدر ۾ وهاريائون. انهن مان ٽن چئن ماڻهن کي ڪتاب هٿ ۾ هئا ۽ هڪڙو ڪتاب مطول وچ ۾ کوليو ويٺو هو. هنن ٻن ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ پڙهندڙ هڪ طالب علم ملا سعد الدين تي اعتراض ڪيو هو. جڏهن هن جماعت ۾ انهيءَ ماڻهو مطول ڪتاب کوليو تڏهن اهوئي ساڳيو مقام بحث هيٺ آيو. پڙهندڙ، پاڙهيندڙ ۽ ٻڌندڙن انهيءَ اعتراض جي حل ڪرڻ ۾ بحث شروع ڪيو. مون پڻ ٿورو دخل ڏنو. هر علم مان بحث ۽ دليل پيش ٿيو. اها مجلس پهر ڏينهن تائين هلي. اوچتو گهر جو مالڪ ظاهر ٿيو ۽ سڄي جماعت اٿي سندس استقبال جو ارادو ڪيو. مان پرائڻ جي شوق جي غلبي وچان سڀني کان اڳ ۾ اچي وٽس پهتس. چيائين ته  ’ڏاڍي تڪليف ورتي اٿو ۽ انتظار ڪڍيو اٿو‘ . مون وراڻيو ته  ’هنن پيارن جي صحبت مان ڏاڍو فائدو پرايو اٿم‘ . چيائين ته  ’ڪهڙا پيارا؟‘  پوئتي نهاريم ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيم. هڪدم لڱن ۾ ڏڪڻي پئجي ويم ۽ بيهوش ٿي ويس. شيخ جلدي پاڻيءَ تي دم ڪري منهنجي منهن تي ڇڻڪايو تڏهن آءُ هوشيار ٿيس.

ساڳئي قاضيءَ کان روايت آهي ته مان جڏهن اعليٰ حضرت جنت مڪان (عالمگير) جي پوٽي جو معلم هوس، تڏهن هڪ ڏينهن شيخ ناصر، جو پنهنجي وقت جو عجيب غريب ماڻهو هو،ڪتبخاني ۾ لنگهي آيو. مون سلطان کي شيخ کان ڪجهه گهرڻ جو اشارو ڪيو. سلطان ڏاڍي نياز سان شيخ کان تبرڪ جي گهر ڪئي ۽ هن مرڪي هٿ ڊگهو ڪري، فرش جي هيٺان ٿوريون پٿريون کڻي، هٿ ۾ وٺي ٽي ڀيرا ڦيرايون. انهن پٿرين مان ڪي آبدار عقيق، ڪي لاکيئا لعل، ڪي مرجان ۽ ڪي موتي ٿي پيون. انهيءَ کان وڌيڪ عجيب وري هيءُ ته هڪڙي هڪڙي ڏاڙهي جي وار جي چهنب سان پوئي سلطان کي ڏنائين.

قصو ڪوتاهه، مٿئين قاضيءَ کي ٻه ناليرا فرزند ڄاوا. هڪ شيخ امان الله، هوستيار جي پرڳڻي ۾ پنهنجي جاگير جي علائقي ۾ رهي گذاري ويو، اولاد ڪانه ڇڏيائين.

ٻيو شيخ عنايت الله، جو پڻ جاگير جي ڪري ٻاهر ڳوٺن ۾ سڪونت ڪري گذاري ويو. هاڻي قاضي ابراهيم کي ڏوهٽن کان سواءِ ٻي اولاد ڪانهي. قاضي محمد يحيٰ، قاضي محمد امين ۽ شيخ محمد باقر، ٽيئي ڀائر سندس سڳا ڏوهٽا آهن.

قاضي ابراهيم جو ڀاءُ محمد ڪريم ]219[ جاگير جي تعلق سبب نيرون ڪوٽ ۾ گذاري ويو.

مٿئين قاضي ابراهيم جو ڀائيٽو قاضي محمد اڪرم بٺوري پرڳڻي جي قضا سان سرفراز ٿيو.

قاضي ابراهيم جي ڀائرن جي اولاد مان قاضي عبدالجليل پٽني جي قضا ]جو عهدو[ حاصل ڪري اوڏانهن وڏيءَ عزت سان فوت ٿيو.

ميان ابوالمعالي ٺٽي ۽ آسپاس جي جزيه ۽ عدالت جو داروغو مخدوم فيروز جي اولاد مان ناليرو پيدا ٿيو.

سندس پٽن مان 1- شيخ محمد يار: ٺٽي ۾ ڪامل هدايت ۽ وڏيءَ جماعت جو صاحب ٿي گذريو. 2- ميان عبدالواسع: ابوالفتح قابل خان مير منشيءَ جو ڀاڻيجو، هن عالمگير جي درٻار ۾ اعليٰ عهدي تي سرفراز ٿي، نوابيءَ ۽ وڏيءَ عزت سان حياتيءَ جو دور پورو ڪيو. سندس انشاء دنيا ۾ مشهور آهي.

]مخدوم عثمان ۽ سندس اولاد[: مخدوم عثمان ولد مخدوم بهاؤ الدين بن ميان سڄڻ صديقي، جنهن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿي آيو، اصل ۾ ساڪن اُچ، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ ٺٽي اچي، ملا محمد علي ديوان جو نياڻو بڻجي، خزاني جي وصوليءَ جي نوڪري ورتائين. مرزا جي گرفتاريءَ کان پوءِ، هو ساڻس اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ ويو. اگرچ مرزا جاني بيگ کي ملڪ موٽي ملڻ وقت، کيس ساڳي نوڪري ملي ٿي، پر هو پيرانه سالي جو بهانو ڪري، ٺٽي جي سؤ جريبن تي، جيڪي کيس گذران لاءِ مليا، قناعت ڪري، ٺٽي موٽي آيو ۽ گذاري ويو. چار پٽ ڇڏيائين: 1- محمد امين، 2- عبدالواسع، 3- عبدالجليل ۽ 4- عبدالملڪ.

شيخ محمد امين نهايت فضيلت وارو ۽ سڀني صوبيدارن تي مستوفي (ماليات وصول ڪندڙ) هو. سندس پٽ 1- محمد شفيع، 2- محمد مراد، ۽ 3- محمد رفيع هئا.

محمد شفيع پنهنجي وقت جو برگزيدو ۽ تصنيفات جو صاحب ٿيو. سندس پٽ محمد امان جهان آباد ۾ گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

محمد مراد عهديدارن جي صورت ۾ رهي گذاري ويو. سندس پٽ 1- محمد صالح، 2- محمد عاقل ۽ 3- محمد رفيع آهن ۽ هر هڪ بادشاهي عهدي تي سرفراز ٿيو.

محمد عاقل جي اولاد مان محمد احسن خان ڏاڍي انسانيت ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو. شاهي عهديدار هو. ٺٽي جي جواهر خاني جي خدمت سندس حوالي هوندي هئي. هاڻي سن 1185 هجري ۾ اولاد يادگار ڇڏي گذاري ويو.

مٿئين مخدوم عثمان جو ٻيو فرزند شيخ عبدالواسع پنهنجي سوٽ جعفر خان شاهه جهانيءَ جي حق سببان ڪجهه وقت منشي رهيو. هو خوشنويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

عبدالهادي نالي سندس فرزند لاهري بندر جي شاهه بندر(1) جي منشيگيريءَ ۾ ناميارو آهي. سندس پٽ محمد محسن، وڏن جي نشاني، ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو.

مخدوم عثمان جي ]ٽئين[ پٽ شيخ عبدالجليل مٿئين جعفر خان وٽ مير منشيءَ جو عهدو هٿ ڪيو ۽ هڪ مهيني جي عرصي ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد محسن ۽ عبدالعليم هئا.

عبدالعليم پهريائين ٺٽي پرڳڻي جي خزاني جي نگرانيءَ جي نوڪريءَ تي هو. موقوف ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڀائر دکن هليا ويا. تقديراً عبدالعليم درٻار مان نڪرندي اوچتو گذاري ويو. سندس ڀاءُ محمد محسن اها ڳالهه ٻڌي، دانهن ڪئي ۽ ساهه ڏنائين. عبدالعليم جا پٽ 1- محمد ظهير ۽ 2- محمد عبدالرشيد آهن.

عبدالرشيد کي ]وڏن جي[ حق موجب ]خزاني جي[ نگرانيءَ جو عهدو مليو. هو سن 1146 هجري ۾ گذاري ويو.

مٿئين مخدوم محمد عثمان جي ]چوٿين[ پٽ عبدالملڪ، محمد تقي نالي هڪڙو فرزند ڇڏيو، جنهن حرمين شريفين زادهما الله]220[ شرفا و تعظيما (شال الله تعاليٰ انهن جي تعظيم ۽ شرف وڌائي) جي زيارت کان واپس وري سورت بندر ۾ چڱيءَ حالت ۾ گذاري، وفات ڪئي. هاڻي سندس پٽ محمد اسعد نالي اتي موجود آهي.

]مخدوم حامد ۽ سندس اولاد[: بزرگيءَ جي خوبين جو مالڪ ۽ هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. گرهرين(1) جو قاضي هوندو هو. سندس پٽ مخدوم صابر پيءُ کان پوءِ مٿين خدمت سان سرفراز ٿيو. انهيءَ کان پوءِ هن جو پٽ مخدوم ابوالبقا وڏن جي عهدي جو مسند نشين ٿيو. کانئس پوءِ سندس فرزند رشيد مخدوم حامد پيءُ جي بجاءِ شريعت جي گاديءَ تي ويٺو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ قاضي محمد امين، پوءِ هاڻوڪو گادي نشين قاضي حامد وڏن جو يادگار آهي. هو پيرآر ۾ رهي ٿو.

]قاضي محمد قاسم ۽ سندس اولاد [: هڪ مشهور ماڻهو پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ ڏاڍو فضيلت وارو ٿي رهيو. سندس پٽ قاضي قاضن وڏي درجي وارو ۽ متقي، عارفن جي لسٽ ۾ داخل آهي. کيس چار پٽ هوندا هئا. 1- محمد يعقوب،
2- عبدالغفار، 3- محمد شفيع، ۽ 4- محمد صلاح. انهن مان محمد يعقوب بکر جي قاضي هجڻ ڪري پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي گذريو آهي. هو ٽي پٽ ڇڏي ويو. 1- محمد اشرف، 2- محمد رضا، 3- محمد خليل.

محمد اشرف ڏاڍو لائق هو. گهڻي عمر دهليءَ ۾ گذاريائين. نامي گرامي خوشنويس آهي.  ’شان شفيعا‘ (1) خط جو استاد هو. شعر استادن جهڙو چوندو هو ۽  ’بهجت‘  تخلص هوس، هڪ رنگين ديوان سندس نشاني موجود آهي.

سندس پٽ محمد افضل، ٺٽي جي مشهور معروف ماڻهن ۾ علمي قابليت سان زندگي گذاري، ڪجهه وقت بادشاهه جو بخشي (خزانچي) پڻ ٿي رهيو. هاڻي سندس پٽ ميان عبدالجميل ۽ ميان غلام حسين حيات آهن.

مٿئين محمد يعقوب جو ]ٻيو[ پٽ محمد رضا هڪ عزت وارو عهديدار ٿي رهيو سڀني بادشاهي ڪارخانن جي امانت جي نوڪري هوندي هيس.

هاڻي سندس پٽن مان مفتي محمد نعيم، مفتين جي سلسلي ۾ پنهنجي وقت جو مشهور معروف هو. تازو ٻه پٽ مولوي عبدالرحيم ۽ محمد باقر يادگار ڇڏي گذاري ويو. انهن مان مولوي عبدالرحيم پيءُ جي حياتيءَ ۾ پورب جو سفر ڪري، اتي علم جي تحصيل پوري ڪري، ٺٽي موٽي آيو. هاڻي مشهور عالمن ۾ ممتاز آهي. ٻه حج ڪري جدي ۾ فوت ٿيو ۽ اتيئي دفن ٿيل آهي. ٽي پٽ هرهڪ قاضي محمد رضا، ميان نور احمد ۽ محمد نعيم، هيس.

محمد رفيع عمر جهان آباد ۾ گذاري، خانيءَ جي خطاب جو شرف حاصل ڪيو. احمد شاهه جي گڙٻڙ کان پوءِ راجپوتانا ۾ رهڻ لڳو هو. وري وڪيل جي حيثيت ۾ ميان غلام شاهه خان وٽ آيو هو ۽ ٿورو عرصو ٺٽي کي ڏسي واپس موٽيو هو. نيٺ اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هو تقويٰ ۽ فضيلت جي زيور سان سينگاريل ۽ مفتيءَ واري عهدي تي ڀاءُ جو جانشين آهي.

ساڳئي محمد يعقوب جو ]ٽيون[ پٽ محمد خليل مٿئين مخدوم محمد حامد جي اولاد قاضي ابوالبقا جي مائٽيءَ سببان ڪجهه عرصو گرهرين جو قاضي رهي، گهڻو وقت جهان آباد ۾ ڏاڍي فضيلت سان خلق ۾ مشهور رهي زندگي گذاري ويو.

مٿئين قاضي قاضن جي ]ٻئي[ پٽ مخدوم عبدالغفار ڏاڍي فضيلت ۽ علم جي درياهه هجڻ ڪري، اسد العلماءِ (عالمن جو شير) جو لقب وٺي، حياتيءَ جو عرصو ڏاڍي شان مان سان گذاري پورو ڪيو. هن ٻه پٽ محمد ظهير ۽ محمد قيوم نالي ڇڏيا.

قاضي ظهير فاضل ڪامل پيدا ٿيو. ڪجهه عرصو ٺٽي جي قضا ۽ صدارت جي عهدي تي رهي، پوءِ لاهور جي قضا جو عهدو حاصل ڪيائين. پوين ڏينهن ۾ اورنگا بندر جي قضا ۽ احتساب(1) جي عزت سان سرفراز ٿيو. آخر لاهور ۾ گذاري ويو. درسي ڪتابن تي سندس ڪي حاشيه يادگار آهن. هن مان ميان عبدالحي هڪ جيد عالم پيدا ٿيو جو ٺٽي ۾ گذاري ويو. سندس پٽ ميان عبدالصمد پڻ ٺٽي ۾ گذريو. انهيءَ جو پٽ محمد ظهير جهان آباد ۾ آهي.

محمد قيوم مشهور معروف آدمين جي حيثيت ۾ رهي گذاري ويو. سندس ٻن پٽن مان ميان عبدالرزاق ۽ سندس ٻه پٽ ميان محمد ۽ محمد حفيظ سورت بندر ۾ گذاري ويا ۽ ميان عبدالملڪ ڪجهه وقت ٺٽي جو قاضي ٿيو. هينئر جڏهن نادري دور آيو تڏهن به اها ساڳي نوڪري، قاضي محمد امين سان گڏ، سرانجام ڏيندي فوت ٿيو.

]مخدوم حاجي سبزواري[: ٺٽي جو مشهور معروف ماڻهو آهي. سندس پٽ مخدوم محمد يوسف مفتيءَ کي پنج پٽ ڄاوا جن مان هر هڪ فضيلت جو بحر ۽ ڪمال جو بينظير گوهر هو. 1- قاضي شيخ احمد، 2- مولانا مير عدل، 3- قاضي حاجي محتسب، 4- مخدوم داؤد مفتي ۽ 5- قاضي مخدوم عماد الدين.

ملا احمد:(1) شاهه فتح الله شيرازيءَ جو شاگرد، ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو هم سبق ۽ اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ناليرو هو. ڪجهه وقت اتي جو قاضي پڻ رهيو ]221[ سندس مڪليءَ واري مشهور رائنڪ هن جو يادگار آهي.

مخدوم محمد: ٺٽي جو صدر ۽ وقت جي اڪثر مکيه ماڻهن جو پيشوا ٿي رهيو. پويان ڪو فرزند ڪونه ڇڏيائين.

]مخدوم عماد الدين ۽ سندس اولاد[: علميت جي ڪمال ۾ زماني ۾ مشهور معروف هو. مير عدليءَ جي عهدي تي سرفراز ٿي بزرگيءَ جو معيار شمار ٿيڻ لڳو، ٻه پٽ 1- محمد يوسف ۽ 2- ابو الفضل ڇڏيائين.

محمد يوسف بزرگيءَ ۾ مشهور ۽ دوستن جي صف ۾ انسانيت جي مصر جو عزيز ٿي گذريو آهي. ٻه پٽ نالي 1- محمد حسن ۽ 2- ميان عبيد الله ڇڏيائين.

محمد حسن صدارت ۽ مير عدليءَ جي عهدن تي فائز ٿي انسانيت جي اوج تي ساري خلق ۾ سهڻو رهي زندگي گذاري. هو ٺٽي جي صدرن جو خاتمو آهي. سندس شخصيت جي بزرگي تحرير خواه تقرير کان ٻاهر آهي. نادري دور ۾ گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

ميان عبيد الله هڪ بزرگ، عاقل ۽ بزرگيءَ جي وصفن سان موصوف انسان ٿي گذريو آهي. محمد نصير نالي سندس پٽ هڪ لياقت وارو ماڻهو پيدا ٿيو. هاڻي انهيءَ جو پٽ ميان غلام محمد، مٿئين خاندان جو تتمو، موجود آهي.

]مولانا داؤد مفتي ۽ سندس اولاد[: وڏي ۾ وڏو عالم هو. سندس فرزند مخدوم ابوالقاسم علم جو طالب ۽ مدرسي جو مالڪ پيدا ٿيو.ڪيترن ئي طالب علمن کي مڪمل فيض رسايائين. عالمگير بادشاهه کيس پنهنجي پاران شرعي وڪيل مقرر ڪيو هو. سندس وفات سن 1113 هجري ۾ ٿي. مخدوم رحمت الله طالب علم  ”ذهب العلم من السند يقينا“  (سنڌ مان يقيناً علم لڏي ويو) جي جملي مان سندس تاريخ لڌي آهي.

سندس پٽ ميان عبدالله عرف ڇانڱو يعني ڇهن اڱرين وارو پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. تنهن جو پٽ محمد امين وڏن جو يادگار ٿي گذريو آهي. انهيءَ جو پٽ ميان يار محمد، هڪ سنئون سڌو ۽ صالح ماڻهو هو. تازو اولاد ڇڏي گذاري ويو آهي.

]ملا احمد[: قاضي نصر الله جو فرزند ملا احمد،  ’مجالس المؤمنين‘  جي بيان موجب، هڪ پاڪ دين وارو بزرگ آهي. لاهور ۾ فوت ٿيو. سندس مزار مير عبيد الله جي احاطي ۾ آهي.

]مخدوم ابوالخير ۽ سندس اولاد[: وڏو عالم ۽ پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو. نواب قباد خان عالمگيري، سندس هڪ مخلص شاگرد هو.

سندس فرزند ميان ڪرم الله پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي گذريو. تنهن کان پوءِ ملا عبدالشڪور عام خلق ۾ مشهور ٿي رهيو. انهيءَ جو پٽ محمد صلاح مثنوي خان اڄ ڪالهه مشهور معروف آهي. ٿورو وقت ٿيو ته گذاري ويو آهي. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

ملا محمد جهانگيري: قاضي ملا احمد اڪبريءَ جي سوٽاڻ مان آهي. چون ٿا ته هو جڌهن حضور ۾ ٿي ويو ته ]رستي ۾[ وطايه مجذوب کيس نوازيو هو. پوءِ ته جلد ئي مسڪين حال هوندي به، علمي ڪمال سببان، هڪ مشهور معروف ماڻهو ٿي پيو ۽ نور جهان بيگم جو استاد بڻيو. پڇاڙيءَ ۾ مهابت خان جي مخالفت ۽ ڪنهن خطا صادر ٿيڻ ڪري، عتاب هيٺ اچي قتل ٿي ويو. وصيت موجب سندس لاش ٺٽي آندائون. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

ملا محمد دماغي شاهجهاني: شاهزادو شاهجهان جڏهن شهزادگيءَ واري زماني ۾ ٺٽي آيو هو تڏهن هن سندس امامت ڪئي هئي ۽ شهزادي کي شاهي تخت تي ويهڻ جي خوشخبري ڏني هئائين، تنهن ڪري شاهجهان جي بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي مرتبي کي رسي، اهو ڪي ٿيو جيڪي ٿيو. نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين.

]مخدوم علي محمد قاري ۽ سندس اولاد[: وڏي ۾ وڏو صاحب فضيلت ۽ قرائت جي علم ۾ ماهر هو. مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. سندس پٽ عبدالمجيد فضيلت ۽ بلاغت جو صاحب پيدا ٿيو. ٻه پٽ: 1- عبدالحي ۽ 2- عبدالرؤف ڇڏيائين.

عبدالحي تجارت جو پيشو اختيار ڪري گذاري ويو. سندس پٽ منعم خان قابل خان جو ناٺي بڻجي وڏي اوج کي پهتو. انهيءَ مان ميان اسد الله عرف کنگي هڪ عجيب غريب ماڻهو پيدا ٿيو. هو  ’روشن‘  تخلص ڪندو هو ۽ وزن ۽ ربط کان خالي گهڻائي شعر ]222[ چوندو هو. تنهن هوندي به سندس صحبت رنگين ۽ ڪافي حظ بخشيندڙ هوندي هئي تازو گذاري ويو آهي ۽ يادگار ڇڏيو اٿس.

عبدالرؤف متصدي (خزانه آفيسر) ٿيو هو. سندس پٽ محمد باقر پڻ ابو الفتح قابل خان مير منشيءَ جي داماديءَ جي برڪت سان وڏيءَ عزت وارو ٿيو. پوين ڏينهن ۾ مٿس جذبي جو غلبو ٿي پيو هو سو گهر مال متاع سميت لٽائي وڃي معرفت جي راهه جو سالڪ بڻيو ۽ مجنون سالڪن جيان زندگي گذارڻ لڳو. ”جويا“ تخلص ۽ ”شاهي“ لقب سان مشهور هو. سندس شعر مذاق کان خالي نه آهي. هو مشهور ديوان جو مالڪ آهي. سندس پٽن هرهڪ محمد زاهد ۽ محمد عارف عرف دکني پنهنجي حياتيءَ جو دور آرام سان پورو ڪيو.

]مخدوم عبدالجميل ۽ سندس اولاد[: فضيلت ۾ ملڪين مشهور، اصل لاهري بندر جو رهندڙ آهي. ٽي پٽ هرهڪ 1- ابوالفتح، 2- محمد شريف، 3- مخدوم محمد شفيع ڇڏيائين.

ابوالفتح، جڏهن شاهه جهان بادشاهه جي ڏينهن ۾، شهزادي اورنگزيب ملتان ۾ اچي لاهري بندر - جو سندس والده جي جاگير هو- جي شاهه بندر کي حساب ڪتاب لاءِ گهرايو، تڏهن شاهه بندر جي منشين جي سلسلي ۾ شاهزادي جي حضور ۾ حاضر ٿيو هو. دفتر جي چڪاس کان پوءِ، جيئن ته آسمان سندس مدد ڪرڻ ٿي گهري. سو کڻي شهزادي اورنگزيب جي اڳيان مدد معاش لاءِ عريضو پيش ڪيائين، جنهن جي وسيلي منشين جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ علمي جوهر ۽ انشاء جي قابليت جي بدولت شهزادي جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي روزبروز وڌيڪ ترقي ڪندو ويو. رفتي رفتي ]شهزادي جي[ بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ مير منشي ۽ مدار المهام بڻجي قابل خان جو خطاب هٿ ڪيائين. سندس انشاء دنيا ۾ مشهور ۽ هر ننڍي خواه وڏي لاءِ دستور العمل آهي.

محمد شريف پڻ نهايت باڪمال هجڻ سببان ڀاءُ کان پوءِ، جنهن ڪنهن سبب کان گم نامي جي ڪنڊ قبول ڪئي هئي، سندس قائم مقام ٿي قابل خان جو خطاب ورتو. سندس انشاء پڻ ڀاءُ وانگيان دنيا ۾ يادگار آهي.

محمد شفيع به فضيلت ۽ علم جي فن جو جامع پيدا ٿيو ۽ سلوڪ ۾ پڻ خاص مهارت پيدا ڪائين. عالمگير سندس امتحان وٺي ڏاڍو محفوظ ٿيو ۽ کيس وڏي مرتبي تي ترقي ڏنائين.

مخدوم فيض الله: پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ سيد علي شيرازيءَ جي ظاهري علم جو استاد هو. مٿئين سيد جي فرزند سيد جلال پڻ سندس شاگردي قبول ڪئي هئي. سيد علي جي اولاد وارا سيد هن مخدوم جي اولاد جو ادب تمام گهڻو ڪندا هئا ۽ تبرڪ خاطر تعليم جي ڦرهي پهريائين سندس اولاد کان لکائيندا هئا. هو آڪر ۾ رهندو هو. نقل آهي ته مٿئين سيد علي جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ پاسي پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو.

مخدوم حمزو واعظ: وقت جو هڪ وڏو ڪامل عالم هو. سندس ڪرامتن ۾ مشهور آهي ته آخوند محمد باقر طالب علم، جنهن جو بيان ٿيندو، جي ڏاڏنگ مان هڪ شخص حاجي حمزي نالي ڪيترو وقت حرمين شريفين ۾ رهي ٻارهن حج  ادا ڪيا هئا. کيس وطن جي حب ٺٽي ڏانهن ڇڪي رهي هئي پر اتفاق هرگز نٿي بڻيو. انهيءَ تلاش ۾ ڏهه سال گذري ويس. آخر هڪ ماڻهوءَُ کيس ٻڌايو ته  ’هڪڙو ماڻهو بيت الحرام جي فلاڻيءَ جاءَِ تي اڌ رات جو اچي تهجد جا نفل پڙهڻ شروع ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ماڻهو توکي ملي وڃي ته تون انهيءَ جي دامن ۾ چنبڙي پوين ۽ نه ڇڏين ته هو ضرور توکي پنهنجي وطن ۾ پهچائيندو‘ . حاجي حمزي انهيءَ نشانيءَ تي هن بزرگوار کي لڌو جو مخدوم حمزو واعظ هو. هن (مخدوم حمزو) ڪيتري بيخبري ڏيکاري پر هن (حاجي حمزي) سندس دامن مان هٿ نه ڇڏيو. آخر چيائينس ته  ”پنهنجا هٿ منهنجن هٿن ۾ ڏيئي، پير منهنجن پيرن تي رکي، اکيون بند ڪر“ .بس ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ]223[ ٺٽي جي عيدگاهه ۾ ڏٺائين. اتي ]مخدوم حمزي[ فرمايو ته  ”اجهو تنهنجو وطن. پر خبردار متان ڪنهن سان ڳالهه ڪئي اٿيئي ورنه تنهنجو ايمان کسجي ويندو“ . هن عرض ڪيو  ”آخر انسان آهيان. جيڪڏهن توهان جي عمر پهريائين پوري ٿي وڃي ته پوءِ اجازت فرمايو“ . انهيءَ شرط تي کيس اجازت ملي ۽ ڪيترو عرصو ]ڳالهه[ لڪائيندو رهيو.

چون ٿا ته هڪ ڏينهن صبح جو هڪ ماڻهو مڪليءَ جي زيارت ڪرڻ ٿي ويو. هوڏانهن وطايو مجذوب ٽڪريءَ کان موٽيو ٿي آيو، ۽ هڪڙو ٻيو مجذوب ٽڪريءَ ڏانهن ٿي ويو. وطايه انهيءَ ٻئي مجذوب کي چيو ته ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. جناب سيد المرسلين سندس امامت لاءِ تشريف فرما ٿي رهيا آهن. اچ ته اسين به هلي پهچون. هيءُ ويندڙ ماڻهو پڻ انهن مجذوبن جي پويان شهر ۾ پهتو ۽ ڏٺائين ته برابر مخدوم حمزه گذاري ويو آهي. هو سندس جنازي تي ويو ۽ صفن سڌي ٿيڻ وقت وڃي پهرين صف ۾ بيٺو. امام جي تڪبير چوڻ وقت پهريائين کيس غيب مان تڪبير ٻڌڻ ۾ آئي.

]مولانا محمد طاهر ۽ سندس اولاد[: شيراز کان ٺٽي آيو. تمام وڏي فضيلت ۽ علم جو صاحب هو. سندس فرزند 1- ابوطالب، 2- عبدالغني، 3- ابوالفضل هئا.

ابو طالب ناليرن طالبن جي صورت ۾ گذاري ويو. سندس فرزند شيخ عنايت الله حاڪمن جي صورت ۾ وڏيءَ آبرو سان حياتي گذاري. ڏوهٽن کان سواءِ ڪا اولاد ڪانه ڇڏيائين. راقم الحروف جا پئيتا ڀائر ۽ ڪڪرالي جي قاضي، قاضي محمد فاضل، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جا پٽ انهن مان آهن.

مولانا محمد طاهر جو پٽ ابو الفضل هڪ ممتاز عهديدار جي حيثيت ۾ حياتي گذاري. سندس پٽ محمد حسن(1) گهڻو عرصو جهان آباد ۾ گذاري، عالمگير جي ڏينهن کان وٺي محمد شاهه جي پڇاڙيءَ تائين جواهر خاني جو نائب رهي پوري اختيار ۽ عزت سان حياتي گذاري. هن کان وڌيڪ  ڀلو، سهڻن اخلاقن سان موصوف ٺٽي جو ماڻهو ڪو ورلي جهان آباد ۾ رهيو هوندو. سن 1171 هجري ۾ وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد يار اتيئي آهي.

]مخدوم لقمان ۽ سندس اولاد[: فضيلت جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف ماڻهو هو. مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ بکر جي شهر جو احتساب هي ڪندو هو. سندس پوٽو عبدالجميل عرف خرداري چڱي فضيلت ۽ نيڪ حالت جو مالڪ رهيو. هن جي پٽ محمد سليم پيءُ جي وظيفي تي حياتي گذاري. انهيءَ کان پوءِ محمد اڪرم رهيو. تنهن کان پوءِ عبدالواحد يادگار آهي.

مخدوم اسحاق: اصل گجرات جو باشندو،اگهم جي قلعي ۾ اچي، مخدوم اسماعيل سومري جو مريد ٿي ٺٽي ۾ آيو. علمي خواه عملي ڪماليتن ۾ ملڪين مشهور رهيو. وفات وقت ٻه فرزند: 1- ميان احمد ۽ 2- ميان عباس نالي ڇڏيائين.

ميان احمد عجيب وغريب ڪمال ۽ حال جو صاحب هو. جناب حضرت رسول مختيار عليه السلام کان  ’احمد ڪتابي‘  لقب مليل هوس. مخدوم ضياءُ الدين کان نقل آهي ته  ’سندن حجري جي ڀت تي گهڻو رت ڏسڻ ۾ آيو. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيم ته ]اهو رت[ ميان احمد جي روڄ جي نشاني هو‘ . مطلب ته ظاهري فضيلت ۾ پنهنجي وقت جو پيشوا هو. مخدوم عنايت الله، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، سندس شاگرديءَ جي برڪت سان، نامور طالب علمن جي جماعت جو استاذ بڻيو. ]ظاهري[ فضل سان گڏ نهايت وڏي سلوڪ جو پڻ صاحب هو. سندس تمام گهڻيون ڪرامتون مذڪور آهن.

هن جو پٽ ميان محمد هڪ فضيلت وارو درويش پيدا ٿيو. علمي مدرسو سهڻي نموني سينگاريل رکيائين. کانئس پوءِ ميان احمد جاءِ نشين ٿيو. هو وڏن جي پيرويءَ تي علم ۽ عمل جي رستي جو سالڪ هو. مخدوم ضياءُ الدين ]224[ جي شاگرديءَ جي بدولت ]پاڻ جهڙن[ ۾ ممتاز رهيو.

چون ٿا ته اگرچه مخدوم سندس استاد هو. پر جيئن ته هو سندس ڏاڏي جي شاگرد مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو، انهيءَ لحاظ کان هو ]هن جي اڳيان[ ڏاڍي ادب ۽ ارادي سان اٿندو وهندو هو. پوين ڏينهن ۾ عين جوانيءَ ۾ جهيجن جي ڳوٺ پنهنجي ڏاڏي جي خادم مير منعم کان نذرانو وٺڻ لاءِ ويو ته قضا الاهيءَ سان اتي ئي حياتيءَ جي امانت واپس ڪيائين (وفات ڪري ويو).

مٿئين مخدوم اسحاق جو ]ٻيو[ پٽ محمد عباس دنيادارن جي صورت ۾ وقت گذاري ويو. هو ميرڪ شيخ عبدالوهاب ثانيءَ جو صحبتي ۽ پنهنجي ڀاءُ جو مريد آهي. سندس جاءِ نشين شيخ محمد تقي دنيا ۾ معتبر ماڻهن جي شڪل ۾ حياتي پوري ڪري گذاري ويو. هاڻي سندس پٽ حيات آهن.

]مخدوم فضل الله ۽ سندس اولاد[: مخدوم فضل الله بن شيخ ابوبڪر بن شيخ محمد اشرف بن شيخ شرف الدين بن شيخ عماد الدين بن عبدالله خراباتي بن شيخ عماد الدين محمد بن شيخ رڪن الدين بن شيخ اسماعيل سمرقندي بن شيخ صدر الدين چاچي بن شيخ علم الدين محمد بن شيخ اسماعيل شهيد بن شيخ صدر الدين بن شيخ الشيوخ (مرشدن جي مرشد) شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني وڏي ۾ وڏي فضيلت جو مالڪ ۽ پنهنجي وقت جو نامي گرامي آهي. سندس پٽ 1- ابو الفتح، 2- محمد حسين ۽ 3- عنايت الله آهن.

ابوالفتح وطن کان نڪري پنهنجي لياقت وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪري، پهريائين گجرات جي هڪ پرڳڻي اڪليسر جو قاضي ۽ پوءِ عالمگير جي ڏينهن جي ابتدا ۾ سورت بندر جو قاضي ٿيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

مخدوم فضل الله جو ]ٻيو[ پٽ محمد حسين هڪ متبرڪ ماڻهو ۽ قرآن جو حافظ هو. اڪثر طالبن کي فيض رسائيندو رهيو. ٻه پٽ: 1- حافظ عبدالرحيم، ۽ 2- حافظ عنايت الله ڇڏيائين.

حافظ عبدالرحيم هڪ متبحر عالم پيدا ٿيو. سورت بندر جي عالمن جو اڳواڻ ٿي گذريو. اولادڪانه ڇڏيائين.

حافظ عنايت الله ولد محمد حسين نيڪ ٻانهو ٿي گذريو. سندس پٽ حافظ سعد الله حيدرآباد ۾ ورهيه رهي وفات ڪري ويو. سندس پٽ محمد رضا، عزت الله ۽ فتح محمد ٺٽي ۾ آهن.

]مخدوم محمود ۽ سندس اولاد[: عالم ڪامل، سالڪ عامل هو. چڱيءَ حالت ۾ گذاريائين. آڪر ۾ رهندو هو. سندس پٽ مخدوم حامد پيءُ جي ڪمالات جو حامل پيدا ٿيو. ٻه پٽ ڇڏيائين. ]هڪ[ مخدوم صالح محمد واعظ، جنهن ڏاڍي تبرڪ سان رهي سڄي عمر، قمري مسجد ۾ وعظ ڪري گذاري. ]ٻيو[ ملا عبدالڪريم، جو علم ۽ برڪت وارو ماڻهو هو. آڪر ۾ وڏن جي جاءِ تي رهي عمر گذاريائين. سندس پٽن مان محمد شاڪر دکن جي پاسي ڏانهن زندهه آهي.

مخدوم عبدالرشيد: هڪ بصيرت وارو طالب علم، حال ۽ قال جو صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. سندس اولاد  جو پتو ڪونه پئجي سگهيو.

]مخدوم آدم ۽ سندس اولاد[: مخدوم آدم بن مخدوم اسحاق نسل ۾ صديقي ۽ ناننگ ۾ فاروقي، هڪ وڏو اوليا ۽ عامل ڪامل، شاندار حالت ۾ کليل ڪرامتن جو ڌڻي آهي. حرمين شريفين زادهما الله شرفا و تعظيما جي زيارت لاءِ ويو ته مڪي شريف ۾ زالن خواهه مردن کي حرم اطهر ۾ هڪ هنڌ داخل ٿيندو ڏٺائين. ]اهو ڏسي[ مڪي جي حاڪمن کي عرض ڪيائين ته هيءَ رسم بند ٿيڻ گهرجي، پر جيئن ته هيءَ رسم قديم الايام کان هلندي ٿي آئي تنهن ڪري حاڪم انهيءَ جي مٽائڻ ۾ تامل ڪرڻ لڳا. آخر حـضرت رسالت پناهه عليه السلام جي جناب مان اشارو ٿين ته مخدوم جي صلاح موجب هن کان پوءِ زالن ۽ مردن لاءِ خلاصا ڏينهن مقرر ڪيا وڃن. انهيءَ وقت کان وٺي اها رسم بند آهي. مٿيون مخدوم ٺٽي ۾ حال جي صاحبن مشائخن جي شڪل ۾ ظاهري طور شريعت جي فتويٰ ۾ مشغول هوندو هو. سندس وفات سن 1066 هجري ۾ آهي.

هن جو فرزند سڳورو ميان ابوبڪر صدارت جي عهدي تي سرفراز ٿيو. هو اعليٰ درجي جو فاضل هو. سندس اولاد هڪ وڏو گهراڻو بڻجي پيئي هئي. پر هاڻي سندس پوين مان هڪ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. سن 1085 هجري ۾ وفات ڪيائين.

]مخدوم علي احمد عرف قمري ۽ سندس اولاد[:]225[ مٿئين مخدوم آدم جو ڀاءُ آهي. خوش الحال هجڻ ڪري قمري لقب مليو هوس. فضيلت ۽ ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو. مشهور طالب علم مخدوم رحمت الله، جو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ انساني خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي، سندس فرزند آهي. انهيءَ جو فرزند مخدوم عبدالجميل آهي، جو پنهنجي وقت جو نامي گرامي فاضل ۽ اعليٰ درجي جو ذڪي هو. مخدوم ضياءُ الدين جو نياڻو ٿيو هو. سندس وفات سن 1154 هجري ۾ آهي. ميان محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله سندس فرزند آهن.

ميان محمد صادق عين جوانيءَ ۾ علمي ڪمال حاصل ڪيو. هو حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري ٺٽي موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ سفر اختيار ڪري جهونا ڳڙهه ۾ ڏاڍي عزت ۽ تبرڪ سان گذاري واپس وريو. وري ٻيهر انهيءَ پاسي ويو ۽ ڪڇ جي سرزمين تي نڙي جي ڳوٺ ۾ حياتيءَ جي امانت ارواحن جي مالڪ جي حوالي ڪيائين. سندس فرزند ميان عبدالجميل عرف ميان متو باقي آهي.

مخدوم عبدالجميل جو ]ٻيو[ فرزند مخدوم نعمت الله زماني جي هڪ نادر سوکڙي پيدا ٿيو. ويهن سالن جي عمر ۾ علمي مدرسو نهايت ڪمال سان سينگاريائين. هو نقلي علمن ۾ پنهنجي ناني مخدوم ضياءُ الدين ۽ عقلي علمن ۾ مولوي محمد صادق، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جو شاگرد هو. ٿوري ئي وقت ۾ صلاحيت، تقويٰ ۽ علمن جي جامعيت ۾ ڪيترن عالمن کان گوءِ کڻي ويو، ۽ فقيريءَ جي رستي جو سالڪ بڻيو. هو سيد يار محمد، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جو مريد ٿي اهو ٿيو جيڪو ٿيو (وڏي درجي کي پهتو). زبان کي سندس تعريف جي طاقت ڪانه آهي. جيڪڏهن سندس حياتي وفا ڪري ها ته اڄ سڀني ڪمال وارن کان وک اڳتي هجيس ها. سنڌ جي والي ميان غلام شاهه خان جو صاحبزادو محمد سرفراز خان منجهس ارادو رکندو هو ۽ مريدن جهڙو سلوڪ ڪندو هو. تقديراً سن 1179 هجري ۾ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿي مڪه شريف کان اورتي ستينءَ منزل تي حجاز جي سرزمين جي ڪلفته بندر وٽ ساڳئي سال 18 ذوالقعد ۾ وڃي منزل مقصود کي پهتو (فوت ٿيو). راقم الحروف کي ٻنهي ڀائرن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل آهي ۽ انهيءَ مرحوم جي تاريخ ۾ هيءَ مصرف چئي اٿم  ”وارث الانبيا شد از دنيا“  (وارث الانبيا ڇڏي ويو جهان).

مٿئين مخدوم علي احمد قمريءَ جو ٻيو فرزند شيخ عبدالباسط آهي. هو هڪ جيد عالم هو. عالمگير جي حضور ۾ حاضر ٿي، خيراقلعه، - جنهن کي رحمــٰـن بخش جو لقب هو - جي فتح جي تاريخ آيت سڳوريءَ  ”هذا عطاء نا فامنن اوامسک بغير حساب“ . (هيءَ اسان جي عطا آهي، هاڻي وڻيئي ته بخشي ڇڏ ۽ وڻيئي ته پاڻ وٽ بنا حساب جي رک) مان ڪڍيائين. قدر شناس بادشاهه هن جي انعام ۽ سندس علمي ڪمالات جي مدنظر تي کيس ٺٽي جي عدالت جي عهدي سان گڏ صديءَ جو درجو عطا ڪيو. پوين ڏينهن ۾ حج ۽ زيارت جو شرف حاصل ڪري ٺٽي موٽي آيو. پيريءَ جي ضعف ۽ وڏي عمر هوندي به شاگردن کي سبق ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. هاڻي سندس پٽ محمد اشرف صاحبزادگيءَ جي وقت کان ميان سرفراز خان جي منشين جي لسٽ ۾ داخل آهي.

]شيخ محمد شاڪر ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت وارو ماڻهو هو. عهديدارن جي صورت ۾ وقت نانوَ نيڪيءَ سان پورو ڪيائين. سندس پٽ ميان غلام احمد يادگار رهيو.

مٿئين شيخ محمد شاڪر جو ڀاءُ، شيخ محمد ڪريم هڪ سليقه مند، لياقت ڀريو ۽ انسانيت جي زيور سان سينگاريل انسان هو. ڪيترو عرصو معاش جي تقسيم جي خدمت تي مقرر هو. تازو لاولد گذاري ويو.

ميان آدم متقي: تقويٰ ۾ معرفت وارن متقين جو امام ۽ علم ۽ يقين جي صاحبن جو مرشد هو. مخدوم آدم جو همعصر آهي.

ميان عبدالنبي خائف: نهايت فاضل ۽ خدا وارن جي صورت ۾ رات ڏينهن خدا جي خوف ۾ رئندو ۽ ٻاڪاريندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کانئس وڏيون ڪرامتون به صادر ٿينديون هيون. ميان آدم متقي جو همعصر آهي.

ميان عبدالرحيم: ذات جو ونانڙي هڪ باڪمال مرد ۽ مدرسي جو صاحب هو. صلاحيت ۽ تقويٰ سندس اولاد وٽ موروثي طور اڃا تائين هلندي اچي. هن جي اولاد ۾ ڪي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي زيور سان سينگاريل ماڻهو پيدا ٿيا.

]مخدوم رحمت الله ۽ سندس اولاد[: مشهور معروف صدر ۽ مدرس ]226[ آهي. هو علمي خواه عملي ڪماليتن جو جامع هو. عالمگير بادشاهه زوردار درخواست ڪري کانئن گهرائي علم جو امتحان ورتو ۽ پسند ڪيو. بادشاهه کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هو مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو درس تمام عمدو ڏيندو آهي. سو امتحان طور پڇيائين ته ملا، مولويءَ بيت، چون گر سنه... الخ ڪئن چيو آهي؟ اگرچه مولوي جي ڪلام ۾ مقصود ]عام کي[ خطاب آهي پر هن ادب جي رعايت خاطر پنهنجي نفس کي خطاب ڪري  ”چون گر سنه مي شوم سگ مي شوم - سخت بداندام بدرگ مي شوم“ .

بادشاهه ادب ڏسي ڏاڍو خوش ٿي فرمايو ته  ”مون نه ٿي ڄاتو ته ملا ادب جي علم مان هيتري قدر بهره ور آهي“  آخر صدارت جي عهدي سان سرفراز ٿي وڏا لاڳ لهي ٺٽي موٽي آيو.

سندس فرزند رشيد محمد عابد صدر پڻ پيءُ وارين ڪماليتن سان زماني ۾ مشهور ٿي گذريو.

هن جو پٽ شيخ ڪمال الدين پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيئن سمجهه جي حد کي پهتو تيئن جهان آباد وڃي هڪ لياقت وارو طالب علم ۽ جيد شاعر ٿي پيو. جڏهن ترقيءَ کي ويجهو پهتو تڏهن اوچتو ماتا جي بيماري کيس فنا جي راهه ڏانهن ڪاهي ويئي. شاهه عبدالغفور هالائيءَ جو واقعو، جو سچ پچ زماني لاءِ عبرت هو، تنهن ۾ آيت سڳوري  ”فاعتبروا يا اولي الابصار“  (اي عقلمندو نصيحت پرايو) تاريخ جي مطابق لڌي هئائين.

ميان لطف الله مدرس: هڪ مرد ڪامل پنهنجي وقت جو مشهور جامع العلوم ۽ زماني جو وڏي ۾ وڏو عالم ٿي گذريو آهي.

]مخدوم برهان ۽ سندس فرزند[: هڪ فاضل ڪامل ۽ وقت جو علامه هو. اعليٰ درجي جي فضيلت سان گڏ، چڱيءَ حالت جو مالڪ هو، ۽ برڪت سان زندگي گذاريائين. طالبن کي ظاهري خواه باطني فيض رسايائين. ميان ابوالقاسم شرعي وڪيل جو همعصر آهي. سندس اولاد مان مولوي محمد ڪريم طالب علم باقي آهي.

مخدوم عنايت الله: مٿئين ميان احمد ڪتابيءَ جو شاگرد وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو متقي هو. ]علم جا[ ٻه روشن جهنڊا ۽ علامه، هر هڪ مخدوم ضياءُ الدين ۽ مخدوم محمد معين سندن شاگرد آهن. ٻيا به ڪيترا شاگرد هن بزرگوار جي خدمت مان فيض پرائي ويا. پنهنجي وقت جو هڪ ارشاد وارو استاد ٿي گذريو آهي. سندس وفات سن 1114 هجري ۾ ٿي.

]شيخ عبدالواسع ۽ سندس فرزند[: هڪ صوفي، وڏو عالم ۽ صوفي طريقي ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. عجيب غريب تصنيف جو صاحب، نواب مير امين الدين خان جو استاد آهي. هن  ’رشحات الفنون‘  ۽  ’معلومته الافاق‘  سندس طبع جي فانوس مان روشنائي پرائي گڏ ڪيا هئا.  ’مخزن الاسرار‘  جو شرح قاضي ابراهيم کان بهتر ڪيو اٿس.

مٿئين صوفي شيخ عبدالواسع جو پٽ محمد علي چوڏهن ئي علمن ۾ نهايت بهره رکندو هو. سندس تصنيفون، اڪثر علمن ۾، مشهور آهن. تصوف مان واقف ۽ امامي (شيعه) مذهب رکندڙ هو. شعر عمدو چوندو هو. هڪ تخلص ڪونه هوس. اڪثر غزلن ۾ عشقي، ڪٿي مذنب، ڪنهن جاءِ تي ديسي، انسي، بقائي ۽ فنائي ڏٺو ويو آهي.

مخدوم طالب الله مدرس: بدين جي ڳوٺ جي رهاڪو شيخ عبدالله جو پٽ آهي. وڏي فضيلت ۽ نيڪ حالت جو مالڪ هو. پنهنجي وڏي پٽ بيگ محمد کي پنهنجي پاران عالمگير بادشاهه جي حـضور ۾ موڪليو هئائين ۽ هو ڏهه هزار درم اولاد جو معاش ۽ هڪ روپيو روزانو مدرسي جي خرچ لاءَ وٺي آيو. هو وڏيءَ عمر ۾ بيسود جهان کي ڇڏي ويو.

شيخ عبدالرحمان حقاني: علميت جي ڪمال جو صاحب ۽ انسانيت جي خوبين جو جامع، خدا وارو ۽ بيخودي ۽ تقويٰ جي صفتن سان موصوف انسان ٿي رهيو آهي. سندس پٽ حامد خان مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل هو.

ميان ابو الحسن: وقت جو ڪامل ۽ علم ۽ عمل جو صاحب هو. اسلام جي عقائد، ايمان جي فرائض وغيره متعلق سندس سنڌي نظم، جا عام توڙي خاص ماڻهن جو ورد آهي، سندس يادگار آهي. هڪ دنيا سندس بزرگيءَ جي قائل آهي. سندس هڪ ڪرامت ته هيءَ آهي جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن ٻڍڙو ٿي ڪٻو ٿي پيو تڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي گهرواريءَ جي ڀاڻيجي ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريه کي، اهڙيءَ حالت ۾ جو اڃا ڏاڙهيءَ جو خط به ڪونه آيو هوس، چيائين ته ”اي ابا! هاڻي مون ۾ امامت جي طاقت ڪانه رهي آهي. تون ڏاڙهيءَ سان ٿيءُ ]227[ ۽ منهنجي بدران امامت ڪر“ . ٻپهريءَ جي وقت هيءُ چئي هن جي ڳلن تي هٿ ڦيريو هئائين. الله جي قدرت سان ٽپهريءَ تائين هن کي ڏاڙهي جا نشان ظاهر ٿيا ۽ وڃي امامت ڪيائين.

چون ٿا ته سندس هڪڙي مريد ڪنهن ڏينهن اچي ٻاڏائي چيو ته نواب جو نوڪر رات جو نشي ۾ الوٽ ٿي منهنجي گهر ۾ زوريءَ اندر اچي ٿو ۽ منهنجي زال سان گڏ ويهي جيڪي وڻيس ٿو سو ڪري ٿو. سندس هيڻي حال تي رحم ڪري فرمايائين ته  ”ٿورو ترس آءٌ تدارڪ جو خيال ڪريان ٿو“ . پوءِ پنهنجي گهرواريءَ جي ڀاڻيجي ميان عبدالله کي چيائين ته  ”پير پٺي جي خدمت ۾ وڃي منهنجا سلام ڏيئي، انهيءَ ظالم جي تدارڪ ڪرڻ جو پيغام پهچايو“ . هن وڃي عرض ڪيو ۽ صبح جو موٽي آيو ته ڇا اچي ڏسي ته اڳيئي اهو ظالم جنهن وقت انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ۽ پيشاب ڪرڻ واسطي هڪ ديوار جي پويان ٿي ويٺو، تنهن وقت سندس پير ترڪي ويو ۽ وڃي هڪ ڪليءَ تي، پيٽ ڀر ڪريو هو، جا زمين ۾ کتل هئي. هن جو پيٽ ڦاٽي پيو هو، آنڊا ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ هڪدم ساهه ڏنو هئائين.

]ميان عبدالقادر ۽ سندس اولاد[: ساڳئي ميان ابوالحسن جو هڪ سوٽ ۽ متبرڪ ماڻهو هو. هي ٻئي بزرگ هڪ ٻئي جا سنڍو هئا. هو ٻه پٽ: 1- محمد حفيظ ۽ 2- عبدالله ڇڏي ويو.

ميان محمد حفيظ هڪ وڏو صالح ۽ ڪامل متقي پيدا ٿيو. الله تعاليٰ سندس شخصيت کي ڪرامتن جو جامع بڻايو هو. جيڪو به ذمي (ڪافر) سندس منهن ڏسندو هو ته بروقت اسلام ۾ داخل ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي مشرڪن سندس زيارت جي برڪت سان اسلام جو شرف حاصل ڪيو. مسجد اسلام پور انهيءَ جي نالي مشهور آهي. مڪليءَ ٽڪريءَ  جي دامن ۾ ڪالڪان جي جاءِ وٽ، جتي گمراهه هندن جي ميلي جي جاءِ آهي، هن مسجد جو بنياد رکيو.

ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريه پڻ هڪ باصفا عالم ۽ بزرگيءَ ۽ برڪت ۾ ملڪين مشهور هو. پنهنجا برڪت ڀريا وقت هميشه وعظ ڪرڻ ۾ مصروف رکندو هو. سندس اولاد مان ميان عبدالقادر تازو حرمين شريفين جي زيارت سان مشرف ٿي اچي پيءُ جي جاءِ تي وعظ جي مجلس سينگاري ۽ سن 1186 هجري ۾ گذاري ويو.

]مخدوم هارون ۽ سندس اولاد[: هيءُ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان مخدوم عجائب بن مخدوم الياس جو فرزند هو. سندس وڏن جو بيان ورياهه ڳوٺ جي بزرگن جي ذڪر ۾ ٿي آيو. هو مٿئين ڳوٺ (ورياهه) مان نهايت فضيلت ۽ ]علمن جي[ جامع هجڻ جي حالت ۾ ٺٽي لڏي آيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن علم وارن جي صورت ۾ گذاريائين(1).

سندس پٽ مخدوم ضياءُ الدين مخدوم عنايت الله جي شاگرديءَ جي بدولت فضيلت ۽ ڪماليت وارن جي هڪ وڏي گروهه جو استاد بڻيو. هو سن 1091 هجري ۾ ڄائو ۽ باوجود وڏي علميت جي فقيريءَ جي راهه جو سالڪ ۽ نهايت نوڙت وارو هو. پنهنجي همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض سان زندگي گذاري سن 1171 هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

هن جو پٽ ميان يارمحمد هڪ حد درجي جو صالح، پرهيزگار ۽ بافضيلت انسان هو. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ هاڻي سندس پٽ مخدوم غلام محمد غير معمولي عملي فضيلت ۽ بيحد انسانيت سان وڏن جو يادگار ۽ ڏاڏي بزرگ جو قائم مقام آهي.

]مخدوم رحمت الله ۽ سندس اولاد[: مخدوم اسحاق بن مخدوم عبدالحميد جو فرزند آهي. هنن جو ذڪر ورياهه جي ڳوٺ جي بزرگن جي بيان ۾ ٿي آيو. مٿيون مخدوم آب داڻي جي ڇڪ موجب اچي ٺٽي ۾ منزل انداز ٿي علم وارن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ زندگانيءَ جا ڏينهن پورا ]228[ ڪيائين.

سندس پٽ مخدوم آدم پيءُ کان پوءِ درس تدريس جو سلسلو جاري رکي عالمن جي طبقي ۾ وڏن جو نالو زنده رکيو.

هن کان پوءِ مخدوم رحمت الله رهيو، جو وقت جو هڪ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فاضل ڪامل هو. همعصرن ۾ استاد جي لقب سان مشهور ۽ بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل، مخدوم بايزيد جو ناميارو شاگرد هو. جو اڳتي بيان ٿيندو. سندس فرزندن مان ميان محمد ذاڪر اڃا تائين جهان آباد ۾ زندهه ٻجهي ٿو. محمد عالم اتي وفات ڪري ويو. محمد ناصر حرمين شريفين وڃي رهيو هو ته باسي بندر(1) وٽ ٻئي جهان جو سفر اختيار ڪيائين. هن خاندان جو تتمو، مخدوم مذڪور جو چوٿون فرزند ميان محمد ڪاظم ٺٽي ۾ وڏن جو يادگار زندهه آهي.

مخدوم ابو مصطفيٰ: هڪ زبردست عالم مخدوم نوح جو معاصر، سندس مريد ۽ شاگرد هو. هو وقت جي ولي سيد[ جي نياڻيءَ مان هو. سندس رهڻ جي جاءَ ٽڪريءَ تي پير شيخ عاليءَ جي ڀرسان مشهور آهي. کيس هڪ برڪت ڀريو پٽ ڄائو جنهن جو نالو مخدوم بايزيد هو.

]مخدوم بايزيد ۽ سندس اولاد[: هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ۾ ڪامل طالب علم هو. علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجي همعصرن ۾ استاذ مڃيو ويندو هو. صفا ۽ برگزيدگيءَ مان ڪافي بهره مليل هوس. والده جي پاران سندس نسب سيدن سان ملي ٿو.

سندس پٽ ميان محمد حافظ جيد عالم هو. پني جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان علي اڪبر پيءُ جي جاءِ تي ويهي نالو ڪڍيو ۽ حياتيءَ جو عرصو پورو ڪري گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

مخدوم محمد امين: تعلقي روپاهه ۽ پٽ باران جي ڳوٺ ڏائي(1) ۾ رهندڙ، دل لاکا قوم جي فرد مخدوم طالب الله جو فرزند هو. جو وڏن جي جاين کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ۽ فضيلت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. فاضل خان سندس والد مخدوم طالب الله جو مريد هو، تنهنڪري کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنائين جنهن تي هو شان شوڪت جو صاحب بڻجي پيو ۽ حياتيءَ جو دور چڱيءَ طرح پورو ڪيائين. سندس فرزند:

]مخدوم محمد معين[: مخدوم محمد معين مٿئين مخدوم عنايت الله جو شاگرد آهي. الله تعاليٰ هن ذات ستوده صفات کي پنهنجي وقت ۾ ڪمال جي سڀني فنن جو جامع پيدا ڪيو هو. معقول خواه منقول ۾ وقت جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب هو. هيترن علمي ڪماليتن هوندي به سلوڪ جي رستي جو واقف هو. ڪيترن دين جي بزرگن سان صحبتون ڪيون هئائين. ميان ابوالقاسم نقشبندي، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، سان ڏاڍو عقيدو هوس. پوين ڏينهن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف،  ”تارڪ“  لقب واري سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو رستو رکيائين. سندس ۽ مخدوم حاجي محمد هاشم جي وچ ۾ هميشه بحث مباحثو جاري رهندو هو. هن ڪيئي تصنيفون ڪيون آهن. حاڪم سندس زيارت لاءِ ڏاڍيءَ عزت سان ايندا هئا ۽ پاڻ به انهن سان ٻين تحقيق جي صاحبن به نسبت چڱيون ملاقاتون ڪندو هو.  ”السماع معراج الاولياءِ“  (سماع ولين جو معراج آهي) جي مقولي مطابق، سماع کي پسند ڪندڙ ۽ علم موسيقي کان واقف هو. هن دار الفنا مان دار البقا ڏانهن سندس رحلت به رڳو راڳ ٻڌڻ ڪري ٿي. محققانه شعر چوندو هو، فارسيءَ ۾  ’تسليم‘  ۽ هنديءَ ۾  ’بيراڳي‘  تخلص هوس. سندس وفات، جا سن 1161 هجري ۾ ٿي ۽ في الواقع حال جي صاحبن لاءِ ماتم هئي، جي متعلق ڪيترن ذوق جي صاحبن وڻندڙ قطعا چيا ۽ تاريخ جا عجيب مادا لڌا آهن. جهڙوڪ محمد محسن  ”قطره در به بجر واصل شد“   ”معين دين احمد رفت صد حيف“  چيو منهنجي استاد حضرت مخدوم رحمت الله فرمايو:  ”شفيع تو رسول“ .  محمد پناهه رجا  ”ناجي شد اوکه آل محمد معين اوست“  چيو. مطلب ته سندس بلند مقاميءَ لاءِ هيتروئي ڪافي آهي جو وقت جو صاحب جناب سيد عبداللطيف تارڪ ]229[ (ڀٽائي) پنهنجي ڳوٺ خادمن کي فرمايو ته  ”هلو ته پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون“ . ائين چئي ٺٽي آيو ۽ راڳ جي محفل برپا ڪيائين. مخدوم پڻ انهيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت اٿي اندر ويو ۽ جهٽ ۾ ساهه ڏنائين. مٿئين سيد جنازي سان شموليت ڪري، ڳوٺ ڏانهن موٽندي چيو ته  ”ٺٽي جو ڏسڻ سندن ڪري ٿيندو هو. بس اڄ کان پوءِ بند آهي“ .

]مخدوم عنايت الله ۽ سندس اولاد[: حال جو صاحب ۽ بي مثال ڪرامت سان موصوف هو. نابين هوندي به حافظو بيحد هوس. ننڍ پڻ جي ڏينهن کان، جڏهن نابينا ٿيو هو، فوت ٿيڻ تائين، جڏهن هو پوريءَ طرح ڪٻو ٿيو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي چڪو هو، سڄو عرصو عام ماڻهن کي فائدو رسائڻ ۾ گذاريائين. سندس وعظ جي مجلس پر اثر هوندي هئي. باطني شغل پڻ پوريءَ طرح ڪري ڏاڍي ]اندر جي[ صفائي حاصل ڪئي هئائين. وٽانئس ڪيترا فيضياب ٿيا.

سندس فرزندن مان ميان محمد سعيد واعظ فقيريءَ ۾ مشهور ۽ فضيلت سان موصوف رهي بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو.

ٻيو مولوي محمد صادق، جو مخدوم محمد معين جي شاگردن ۾ سڀني جو نڪ آهي، وقت جو علامه ۽ لياقت ڀريو استاذ پيدا ٿيو. ڪيترن شاگردن کي ڪمال جي درجي تي رسايائين. معقولات ۾ پنهنجي وقت جو بينظير هو. مٿئين سيد عبداللطيف جو مريد آهي. حياتيءَ جا ڏينهن ڏاڍي بي تڪلفي، پيري مرشديءَ جي رجوعات کان خالي هجڻ ۽ باطني وظيفن سان مشغوليءَ ۾ گذاري رحلت ڪري ويو.

]مخدوم حاجي هاشم ۽ سندس اولاد[: عبد الغفور سنڌيءَ جو فرزند اصل ڳوٺاڻو ماڻهو آهي. مخدوم ضياءُ الدين جي شاگرديءَ جي برڪت سان وقت جي عالمن کان اڳرو ۽ مشهور پيدا ٿيو ۽ اقبال ۽ انتظام ۾ اڪثر عالمن کان گوءِ کڻي ويو. جيتوڻيڪ مخدوم محمد معين وغيره جهڙن وقت جي عالمن سان مخالفت هوندي هيس تڏهن به سنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن جي زندهه ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا، جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱيءَ طرح جاري هو. سندس وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سوين ذمي (ڪافر) ايمان سان مشرف ٿيا. نادرشاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه جهڙن وقت جي بادشاهن سان خط وڪتابن جو رستو کليل رکندو هو ۽ سندس اتدعائن تي دين جي تقويت متعلق دل گهريا احڪام جاري ٿيندا ۽ چڱيءَ طرح عمل ۾ ايندا هئا. مطلب ته سندن وجود غنيمت هو. هن جون تصنيفون سڀ ڪنهن علم ۾ ڪيئي آهن. هن سن 1174 هجري ۾ وفات فرمائي. سندس فرزندن مان حاجي عبدالرحمان تازو جهوناڳڙهه جي پاسي گذاري ويو.

هاڻي مخدوم عبداللطيف پيءُ جو جاءِ نشين آهي. هو پيءُ جي دستور موجب هر جمعي ڏينهن صبح جو جامع خسرو ۾ چڱي وعظ جي محفل منعقد ڪندو هو. هر روز ٽپهريءَ وقت پنهنجي مسجد ۾ حديث پاڙهڻ جو شغل جاري رکندو هو ۽ پنهنجي مشهور مدرسي کي مچايو ايندو هو. هن سال يعني سن 87 (سن 1187) ۾ جڏهن پاڻ ميان محمد سرفراز خان جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿيو آهي، تڏهن سندس فرزند ارجمند ميان ابراهيم عرف موليڏنو پيءُ ۽ ڏاڏي وارا ڪم سنڀالي رهيو آهي.

حاجي عبدالرحمان جي اولاد مان پڻ ميان محمد نالي هڪ توفيق وارو نوجوان علم ۽ صلاحيت جو ڌڻي، وڏن جي پيرويءَ تي هلندڙ ]موجود[ آهي.


 


(1) شاهه بندر جي لفظي معنيٰ آهي بندر جو بادشاهه. مغلن جي دور ۾ بندر جي وڏي ۾ وڏي آفيسر کي شاهه بندر چوندا هئا.

(1) شايد گروهڙ جنهن کي اڳي گرهل يا ڪرهل به چوندا هئا.

(1) خط جو هڪ قسم.

(1) اڳوڻي زماني ۾ هڪ عهدو هوندو هو جنهن ۾ ڏسڻو پوندو هو ته جيئن ملڪ ۾ ڪوبه غير شرعي ڪم نه ٿئي.

(1) نسخه  ”ن“  برادر قاضي محمد قاسم موصوف (مٿين قاضي محمد قاسم جو ڀاءُ)

(1) نسخه  ”ن“  محمد حسين.

(1) نسخه  ”ن“  ۾ هتي هيٺين عبارت وڌيڪ آهي:

سندس پٽ مخدوم ابراهيم فضيلت وارن ۽ صالح انسانن جي جماعت ۾ رهي زندگي گذاري.

(1) مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخي ۽ مير نور محمد خان واري نسخي ۾  ”باسي“  آهي. بمبئي ڇاپي واري نسخي ۾  ”عباسي“  آهي.

(1) نسخه  ”ن“  دالي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org