سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

 

صفحو ؛ 2

از گل باغ عباسي پنج کم*

        ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري رهيو. مير بجار کي ڌوڪو ڏئي شهيد ڪرايو ويوv، مير عبدالله ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح 1197هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا.

        ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت تي آماده ڪيو، بلڪ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري وئي. چنانچه 1198هه ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب ٿي، سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿن ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا.

        ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان مدد ورتي. اُن حڪومت جو ظالم ترين سردار، مدد خان افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، ناس ۽ نابود ڪري ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين انهيءَ دور جي يادگار طور موجود آهن:

        ”گهوڙا ڙي گهوڙا!“

        گهل ڙي گهل!“

        ”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!“

        فارسي گو شاعرن چيو:

”اي داد، از ظالم بيداديءَ منجوس“ - سنه 1194هه

”چنان هول در ملڪ سند اوفتاد      که هولِ قيامت بداده زياد“

        ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي:

”بشر بود رفت“ - 1194هه

        سنڌ ۾ ايتري لـُـٽ ڦـُـر ٿي، انهيءَ حد تائين خوف رهيو، ۽ ايترا گهر، خاندانيون ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا، جو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي عالم سوزين ۽ هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي وئي. سنڌ انهيءَ قسم جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، دهليءَ تي نادر ۽ بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي ڪانه آندي، جهڙي ميان عبدالنبـيءَ، مدد خان جي ذريعي سنڌ تي آندي.

        اهوئي زمانو هو، جڏهن عماد الملڪ، غازي الدين نظامv، سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر اکين سان ڏسي ايتريقدر متاثر ٿيو، جو اهڙوئي دردناڪ مرثيو چيائين، جهڙو حضرت سعديءَ بغداد جي برباديءَ تي چيو هو:

”در سند چه فنه و بلاشد
چون سند که مامن جهان بود
هر خانه بخاک شد برابر
هر تاجوري برهنه برگشت
تا ناموران به بند افتند
مادر ز پسر، پسر ز مادر
منعم پيء مشت آرد يک سير
گل رويان راز خارِ صحرا
هر پرده نشين ڪنج عصمت
زرها به نثار حفظ جان رفت
رفت از همه هرچه در گره بود
يڪ ظلم نه شد ڪه شد دو صد ظلم
بــــر اهــــل زمـيــن عــجــب بــلاقـءـي

گوئي که قيامتي بپا شد
اي آه! چه گويمت چها شد
هر صاحب دولتي گدا شد
هر ماه سري برهنه پا شد
سر رشتـهء صبر دل رها شد
سر از تن و تن از سر جدا شد
سر گردان هم چو آسيا شد
خونِِ کفِِ پاي خود حنا شد
بر برقعه و معجر و ردا شد
جانها بر آبرو فدا شد
زين گونه فلڪ گره ڪشا شد
يڪ کار نه شد ڪه ڪارها شد
يــڪ مــرتــبــه نـــازل از ســمــا شــد

دل خون شد زين ستمگري چند
بي ستري طرفه آه! صد آه!
از امت مصطفيٰ چه ظلمي
امروز پس از هزار و صد سال
جـستــم چـــو ”نظام “  سـال تـاريـــخ

هر چند ڪه جمله از قضا شد
بر سيد ها و پارسا شد
امروز بر آل مصطفيٰ شد
احوال عراق رونما شد
از هــاتــف غـــــيــبـــي ام نــدا شــد

ڪاي بنده اهل بيت بشنو

”... ڪه سند ڪربلا شد“

        اهو سچو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ مـُـني صديءَ جو، جنهن ۾ مير علي شير اکيون کوليون، پليو، پروان چڙهيو، تعليم حاصل ڪري، علم  جي انتهائي اوج تي پهتو، شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو، ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي، زندگي بسر ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي، جيڪي هن ميان غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي گذاريا. باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو رهيو. انهيءَ بادشاهه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي، جو درباري ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽ منصوبن ۾ حـصو وٺي ۽ خون خرابيءَ قتل ۽ غارتگريءَ کي اکئين ڏسندو رهي!

        مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بيپناه صلاحيت جو هن مان اندازو ٿئي ٿو، ته انهيءَ سموري دور جي سڀني بلائن، آفتن ۽ اندوهناڪين جي هوندي به سندس سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو. هن بزرگ دنيا جهان جي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت خيزين کي ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي، اکين کي بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي، تصنيف ۽ تاليف جاري رکي، ۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي برباد نه ڪيو، ۽ 12 ورهين جي زندگيءَ کان وٺي جهان ڇڏڻ واري سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽ قلم هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي ذخيرو سنڌ جي آئيندي نسلن لاءِ ڏيئي ويو.

        سير و سفر: مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي، تنهن ڪري ڀانئجي ٿو، ته هن پنهنجو وقت دنيا جي ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو، ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي، تصنيف تاليف ڪندو رهيو. سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀڄ جو سفر درپيش آيو.

         ”تحفة الڪرام“  (ج 2، ص33) ۽ ”مقالات الشعرا“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته 1160هه ۾ هو سورت ۾ ويو، جتي مير سعد الله سورتيءَ ۽ ان جي فرزند مير عبدالولي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ سفر ۾ چند ٻين اهل علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون. جهڙوڪ: ”رضائي“ شاعر سورت کان لاهري بندر تائين ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات الشعرا“، ص109): محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو، ليڪن سندس زندگي دهلي، دکن ۽ سورت ۾ مختلف سرڪاري منصبن تي گذري، مير صاحب جڏهن سورت کان وطن واپس ٿيو، ان وقت محمد اڪرم به ساڻس گڏيو آيو، واٽ تي ٻيڙو ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون طوفان جي گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي نااميديءَ جي حالت ٿي، جو مير صاحب ان کي ”حادثـهء عظيم“تصور ڪندي لکي ٿو:

 ”ڪ خلاصي از آن تهلڪه، محض بفضل حقيقي صورت بست“.

        انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو:

در ميان آب و آتش همچو گل کــشــتيء امــيــد مـــا دارد شـــنــا

گر نه فضل حق نمايــد رهـبـري نيست مخلص از چنين جوش بلا

(مقالات الشعرا، 34)

         ”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به انهيءَ زماني ۾ سورت منجهه مقيم هو.

        ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب انهيءَ سفر جي دوران ۾ ئي ڏٺو، ۽ اتي ئي سندس ملاقات محمد عاقل ”ابله“ جهوناڳڙهيءَ سان ٿي، جيڪو صاحب شاعر ۽ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو شاگرد هو. (مقالات الشعرا، 26)

        اهڙيءَ طرح، غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد صاحب ڀڄ ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر ”هوشيار“ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي به آيو، ۽ اتان وري هندستان هليو ويو. (مقالات الشعرا، ص311) بندر سورت کان موٽندي سيد صاحب سان گڏ ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلدر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو. (مقالات الشعرا، ص265)

        گجرات سان، انهيءَ سفر کان پوءِ، مير صاحب جي ڪافي دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جيڪي به خاص واقعات انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب تاريخي قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو.

        نور الدين محمد، معروف بہ مومن خان، 1170هه گجرات تي قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي:

        چو شد نواب مومن خان بگجرات      ز کــفــر کـافــران گـرديــد خالي*

        1195هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر محمد خان جو پٽ وقار محمد خان فوت ٿيو. مير صاحب هيٺئين طرح سندس تاريخ ڪڍي:

 ” فَلا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَهُمْ يَحْزَنُوْنَ “  **

مطالعي جو شوق: مير صاحب جو دور جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، ايتري قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار به هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا. هر هڪ گهراڻو ۽ هر هڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ  ’ائڪڊميءَ‘  جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ جدا جدا ڪتبخانا هوندا هئا. گهرن ۽ اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۽ بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتون، صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم (متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)، مخدوم ضياءُ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا يگانهء روزگار عالم، ۽ مير  ”محسن“  (متوفي 1163هه)، غلام علي  ”مداح“ ، بالچند ”آزاد“، شيوڪ رام ”عطارد“، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي ”مومن“، محمد پناه ”رجا“، مير ابو البقا ”بهرور علي“ ۽ مير ابو تراب ”ڪامل“ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي جي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو ”غزالي“ ۽ ”دواني“،  ”سعدي“ ۽ انوري“ هو.

        اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب دواوين هئا، انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪتبخانو هوندو هو، جنهن مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا، بلڪ دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا، انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق ”دار المصنفين“ ۽ ”ندوة المصنفين“ هوندي هئي، ۽ هر هڪ استاد ۽ عالم جو مدرسو، ”دار العلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة العلوم“ هو.

        مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا، انهيءَ قسم جا همعصر شاعر مليا، ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو، ۽ انهن دار العلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي، ۽ انهن ڪتبخانن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي، ۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو، ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪ خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو، ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي*.

        مير صاحب جي مطالعي جي شوق، ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽ نادر الوجود آهن.

        تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التواريخ، ده ساله عالمگيري، آئين اڪبري، روضة الصفا، حبيب السير، مراة احمدي، مراة سڪندري، خزانـهء عامره، يد بيضا، تذڪره واله داخستاني، هفت اقليم ابن رازي، ڪلمات الشعرا، مجالس المؤمنين، وغيره، تاريخون ۽ تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر هئا.

        ايراني خواه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفن جون تصنيفون به سندس پيش نظر هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلر نامه، ترخان نامه، تذڪرة المراد، آداب المريدين، حديقة الاوليا، کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين جون سڀئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون هيون. ”طومار سلاسل گزيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي بزرگن جون گهڻو ڪري سڀئي ملفوظاتيون، ۽ سلسله طريقت جون اسناد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج العباد. شيخ سعد الدين، تحفـة البرر - شيخ مجدد الدين بغدادي، بحر الدقائق شافعي، کتاب استعداد الاخرة، به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان آهن.

        پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀئي تصنيفيون پڙهيون هئائين. جيئن، ته امير غياث الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا.”طبقات ابن سعد“ جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ ڇپئي کان پوءِ به ايتري قدر نادر الوجود آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتبخانا ان کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سؤ ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب جي مطالع مان گذريو. جيئن پاڻ هڪ هنڌ (مقالات الشعرا، ص212) فرمائي ٿو ته: ”25 ربيع الاول 1169هه جو، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ کان،  ’طبقات ابن سعد‘  جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم“.

مير صاحب جو علمي ورثو

تصانيف: مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تاليف هو. جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون. هن 12 ورهين جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو پوي، ته هن ڪيترا ڪتاب لکيا، ليڪن ”مقالات الشعرا “ ، ”فهرست ڪتبخانه ٺٽه “  (برٽش ميوزم O.R.2073) ۽ ”تحفـة الڪرام “  (مملوڪ خان بهادر مولوي محمد شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد 42 آهي، ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا مسودا نامڪمل رهجي ويا. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

 ”اکثر مسودات بهرجاکه ماند ند، ماند ند “ . (مقالات الشعرا، ص214)

1174هه ۾ ”مقالات الشعرا “  تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي ٿو ته:

 ”الي الحال اگر بجمع شعر مي پرادخت تاسي (30) هزار بيت کم و بيش رسيده مي بود “ . گويا مٿئين سال تائين جيڪي هن شعر چيو، سو به گڏ ڪونه ڪيائين، جن جو تعداد ڪم و بيش ٽيهه هزار ٿئي ها. اهڙيءَ طرح، 1174هه کان وٺي 1202هه تائين، 28 سال پوءِ به اهو سلسلو جاري رکيائين. خبر نه آهي، ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽ ڪيترو بچيو. بهرحال جن ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آهن، يا ڪتاب دستياب ٿيل آهن، انهن جو ذڪر سال تصنيف جي ترتيب سان هيٺ ڪجي ٿو.

(1) ”ديوان علي شير “  (1152هه): ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن کي نامعلوم سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه سال، 53-1154هه، شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين، هن ۾ نالو تخلص طور استعمال ڪندو رهيو.

(2) ”مثنوي شمهء از قدر حق “  (1165هه): مثنويءَ جو نالو تاريخي آهي. سال تصنيف 1165هه ان مان برآمد ٿئي ٿو. انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ڀانئجي ٿو، ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان ڪيل آهي. ”مقالات الشعرا “  ۾ نمونتاً چند شعر ڏنا ويا آهن، جن مان مٿيون قياس ٿئي ٿو:

- در تعريف برد کان نشستن آن جوهري پسر -

پسر چون دکاندار شد در ديار  چو خورشيد اندر حمل بسته بار

کفش بر ترازو چو گشتي فرو  قمــر در ترازو مکان يــافـت گو

- قطعات لعل امانت فقرا را جوهري پسر درستون مخفي ساخته -

ستون گشته کان بدخشان سپس       برو رشک بروي بسي کان سپس

چـو در راسـتـي بــوده پا استوار  شـــده زادگــان خـــورش درکــنـــار

(3) ”مثنوي قضا و قدر “ . (1167هه): ”گل از بهار قضا “  مان اهو سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو. ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ”مقالات الشعرا “  ۾ هيٺيان اقتباس ڏنل آهن:

- در صفت کشمير -

 خور انـــدر سبزه زارش شپره وار        نيارست آنکه بيند روي انــــوار

  گر آيد بالمثل مہ در زمـينــــش       کند گلچين غلط با ياسميــنــش

  ببوي بوي شبويـــــش زهــــر باد       گل خورشيد گيرد غنچگي يـــاد

  گهي تقرير وصــــــفِ زعفران زار       لــب از خنــــده نيابد راه گـــفتـار

  زبس سـَـروش بازادي علم شـــد      ثمر در نخلهايــش وقف هم شـد

  طلاي آفتاب آنجا است پر غش     زبش دربـــوتـهء گــــل ديده آتــــش

  تونگر گردد آن کــــــــو بار دارد                      گلــــستــــــانـــش گـــل دينار دارد

- در صفت خوبرويان چين -

  ز روي گلر خانش چشم خورشيد     زبس گستاخ بين افتاد جوشيد

  ز گفـــتارِ مـــلاحت ريــــز خــوبان        بگيرد عندليب آتش قـــــّد امان

  ز فــــر جبــہء شـــان حــســن آداب      نمايد همچو در مينار مــيء ناب

  مہ نو تا به ابرو يـافـت نســـبــت      همي بالد بخود از فـــرط بهجت

  مگــر دست قضا از صنع ايــــــزد      لطافت جمله اندر ســـــاعدش زد

  ز روي بيت صدرِ شان توان يافت    معاني راکه انــدر دل همان يافت

  نهد از پشت بر ديوار چــون مست   توان دريافت نقش اوچہ چيز است

  گـــهــــي نــــظــــاره خوبــــيء هر ماه     تــــماشــــــــائي بــــــــــر آرد الله الله

- صفت هند و نغمه نوازان هند -

بپا کوبـــيء رقـــــاصــــان مــہ وش       فتد نظاره را نـــــــعــــل اندر آتش

 صلاي باده نوشي اندر و عـــــام       بود خورشيد آنـحـــّا صورت جام

  مدام اندر وي از صافيء مهتاب    مہ نوهر شب آفــزايد مـــــــيء ناب

 مگو اختر که رخشانند هـر شـــام      خم گردون شراب انداخت در جام

 بــــهــــار نـــــــشـــهء  ســــرشـــار  دار      سرود آنـــــــــــجا عجب بازار دارد

  هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست    لجام توسنش از تــــار ســــاز ست

  دف خورشيد اندر دست زهـــرش      بپيش مطربش کمتر ز مـــــهـــرش

  بهر محفل که نـــا و نــــوش دارد      هــــوس برسير پــــا بــــردوش دارد

- در و صف مصر و تعريف عمارتهايش -

وزد بــــــادش اگ از جــــانـــب آب        حباب از ياسمين گيرد فـــزون تاب

هـــوايش گـــــر بـــروي هـــجـــر آيد زشاخ خشک مرجان گل بـــــــــر آيد

بدوش مشرق انـــدر وقــــت تعمير      فلک مي ريخت آهـــــک از تباشير

  ازان خـورشيد بر کــــف رعشه داد     که خواهد دستي از بــــــامش بر آرد

  کـه گچکاري از خورشيد تـــابان      سـتـــــاند پنـــجه رازش دســـــتگردان

 بهر خشت عمارتهاش خــــورشيد      بـــــــراي اقتباسِ نـــــــــور قــــّوســـيد

 کمان طاقش از قوسِ قزح ساخت     رواقـش را چو بــــنہـا منشـرح ســـاخت

 بود مهتاب آنجا آهـکِ کــــــــرم      سفيده صبح از خاکش کــــشـد شرم

- رسيدن از خشکي بدريا و صفت آن -

دگر راه شتابيدن چــــو طـــي شــــد       بجمله احتيـــاجِ کشــــتيء شــــــد

بلي کشتي گدايان را ضرور است      که فاقه را قـــّدو راة عبور اسـت

مسافر را برطب و يابس است راه      ز خشکي باز دريا گشت دلخواه

غبارِ مانـــــــدگي بست ابر در دل       کنارِ بحر ماندم پاي در گـــــــل

 چه بحر آن کز کمالِ پاڪيء رنگ    نهنگ حـْـــرک رازد قافيه تنــــگ

        (4) ”نو آئين خيالات“   - (1169هه): انهيءَ نالي مان سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو. اهو ڪتاب نثر ۾ آهي. ڪوبه نسخو موجود نه آهي، جنهن ڪري معلوم نه ٿي سگهيو، ته ڪتاب ڪهڙي موضوع تي هو؟

        (5) ”مثنوي قصهء کامروپ“ - (1169هه): هيءَ مثنوي به گم آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ لکي ٿو، ته تخميناً ٽي هزار بيت منجهس آهن، ۽ 1169 هه ۾ تصنيف ڪيائين. ”مقالات الشعرا“ ۾ انهيءَ مثنويءَ جا هيٺيان اقتباس ڏنل آهن. جن مان نوعيت ۽ انداز معلوم ڪري سگهجي ٿو:

تا قدم از ارض رضاعت کشيد
قبضهء قدرش چو کــمان گيرشـــد
بخت بلندش نـــه شمارد يــــــکي
باز وي قدرت چو فشردي به تيـغ

پايهء قدرش بعلييـــــن رســـــيــد
ناوک دستش بفلـــک تير شـــد
بلکه کند سهو که جم بود وکـي
زهــــرهء رســتــم بــزدي زيــغ زيـــغ

        - در صفت چترمن مصور -

کز قلم موچو کشد مشکل باغ
آب گهر در صدفش داشت جا
غنچهء تصوير وي از بوي فرح
بر لب تصويرش حرف نشاط
گــر بــمــثـــل در کـشود شکل آب

لاله ز شنـــــــجرف بــر آرد ايــاغ
تـــا ورق ســـبزه نمـــايد اطــــــلا
رايحهء خلد برين راســــت شرح
گل کند از گوشهء صحنِ بساط
نـقــــطهء ســهـــوِ قـلـمش دان حباب

        - صفت صيد گاه مينو شان -

آهکش از پرتو مه بيش تـــــاب
خشت پزانش پــيء حســـن نـــظر
مخمل سبزه په هجومي که آب
بر لب هر جـدولش از مـوج آب
بلـبـلـش از نغمه سـرائــي فـرح
فاختهء زاهـــــد مـــشــــــرب دران
حـاجيء قمــــري ز پيء طوف سرو
پير عصا در کـــف زنبق بنـــام
موي دماغش ز بــس آشفته بود
از گل شب بوش گـــل آفــتـــاب
بــاد صــبــا داشـــت درو زرگــــري

در گچش آميخته رنــگ سحاب
بســـته نــمودنـــــــــد خـــمـــير گهر
راه نمـــــي يافــــت ببالين خواب
نقش نشاط ابــــــــدي داشـت تاب
از پي سيپارهء گـــــل بـسته شـــرح
داشـــت بلب آيهء کـــوکــــــــــو روان
خــــــواسته احـــــــــرام ز بال تذرو
داشت بصحن چــــمن آنجا خــرام
بينيء وا کرده سخــــن مي نـمود
گريه همي خواست کد بــــــوي آب
ســکه همي زد قــّـــــرزِ جـــــعـــفري

        - در شکستن جهازات بطوفان -

يــــوســف مـه رفـتـه تہ قعر چاه
فتنه بپسا خواسته در رنگ بــاد
آتــشــــي افروخت منقل حبــــاب
ماهيء مــوج از اثرِ بـــــرق بــــــاد
جامه به تن چــــاک زده نــاخــــدا
در کـــفِ مـــلاح ز بــادي چنـــــان
ديدهء گرداب زبس کــــــور بــــــود
خورد شد آن جمله کشتي بر آب
مردم خشکي همه آبــــــي شـدنــد

يونـــس شـــب حـوت گرفته پناه
جوش زده بحر کــــه طوفان فتاد
سوخته هر خاروو خسي را بر آب
سينهء خـــود را بشـــــــــــر بر نهاد
رفته زســــــکـــان سکون حــّمله را
پنـــــبهء حـــــلاج شـــده بــــادبـــــان
در طـــــلـــبِ مـــردم پرشود بـــود
در نفسي هـــمــــچو سفالِ حباب
درچة آن بــــحـــــر شتـــابي شدنـد

- در صفت جنگ -

صور صرافيل دميده چـــــونائي
بسکه بپا گشت دم گــــــاو دُم
درکف پــــر قـــــّرگـه تبيره        زنان
بحر ستيز آنگه، طوفان گرفت
تير فلک ريخت برنگِ خدنگ
ازدرِ شمشير چو پر وار شــــــد
مغز پراگنده شد از عطسه تيغ
گشـت بپا تاکـــه طــــريدِ ستيز
هر طرفي خاست تـــرنگا ترنگ
شور چقا چـــــاق نهنگ خدنگ
بسته بخون بـــود يلان را مـــگـــــر

معز هز بران بچکيده زنـــــائي
گاو زمين و فلک انداخت سم
خون يلان بسته چو بيره زنان
پنجهء خورشيد ببــــحران گرفت
گاهشگان پا زده در نيم لنگ
هر طرف از زخم بهم غار شد
در ســــــر پيکار کنان بيدريغ
جان به برِ رستم شد ريز ريــز
پنجهء خورشيد شده بر خدنــگ
ريخت همي مغز دماغِ پلنــگ
لاله صفت کــــرده سپر در ســپـــــر

        - صفت مبارزت نانک چند جوهري -

تيغ بکف نانک چند جوهري
تابزدي از سر غصـه طـــريــد
داشـــتـــه تــيغش عــمــل کــهـربـــا

بود چو الماس پيء جان جري
لعل ز فيروز همي شد پديد
بهــر خـسـيــســان بــجـــان در بــلا

        - صفت رزم دهنتر طبيب -

دهنتر آنجا که فشر دي قدم
شربتِ مرگ از کـــفِ او مـــوجــزن

تيغش مي جسته زکف دم بدم
بــــــوده پـــيء نوش عـــدو در زمــن

- صفت جنگ رس رنگ کلا ونت -

کرده چورس رنگ سوي رزم راه
گوش مخالف ز طريدش بخست
کـــرده بقانون شجـــــاعــــان نبرد
گــرز گران در کــفـش از پــــردلــي

جسته ز چنگش اجـــل آنــــجا پناه
تيغ دو دستي بزدي همچو مست
از سر مردان چو اجـل ريخت گرد
زمــزمــه خــوان بـــود بــنــقـشِ يلي

- صفت نبرد چترمن مصور -

چتر من آنگه که شدي رزم جو
در کـفِ اومـانده عدو نقــش وار
صفـحهء صـحرا زکـفـش رنگ بست

پاي عدو بود گو انــدر فرو
بلـکه چــو تــصويــر بديــوار يار
بـسکه سـرانِ سـپه، اندر شـکـسـت

- در فتح شاه و هزيمت دشمن -

شير علم ديده چو روباه شد    بود ز جان سير بلا خواه شد

پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح     ترجمه مي بست باسناد فتح

(6) ”ديوان قال غم“ - (1171هه): ديوان جو اهو تاريخي نالو آهي. منجهس غزل، قصيدا، مخمس، ترجيع بند، وغيره سڀئي اصنافِ سخن موجود هئا. نوَ هزار شعرن جو هي مجموعو به زماني جي دستبرد تباهه ڪري ڇڏيو.

(7) ”ساقي نامه“ - (1174هه): ”ساقي نامه“ جو انداز هي آهي:

بـيـا سـاقيا زان ميء ناب ده
که در آتشم از خمار شراب
شب و روز در فکر آنم که کي
گروهي که رفتند زين تيره خاک
وضو را بآب عنب مي کنم
همي بينم از دور محراب جام
باين قائم الليل دارم شروع
موذن چو گلبانگ حيّ در زند
در اخلاص مي چار قل بر زبان
مناجاتيان تا نيابنـد راه
مغني نـواي که مستي دهد
چـــو در کــاســـہ سـر نداريم آب

بلب تشنگان يکدمي آب ده
باتش ز آتش توان داد آب
شود جان اين مرده دل باز حي
ندانم چه کردند باجانِِ پاک
نماز سرِِ شام و شب مي کنم
که پيشش صراحي است اندر قيام
که در سجده افتم ز بعدِ رکوع
صراحي در جامِ مي در زند
چو مينا دهم روح گريه کنان
بکوي خرابات بردم پناه
رهي زن که ذوقِ الستي دهد
لبم تـــر نــمـائـــي ز مـوجِِ رباب

(8) ”واقعات حـضرت شاهه“- (1174هه): هن جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي، جنهن ڪري ڀانئجي ٿو، ته 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. هن مثنويءَ ۾ هڪ هزار شعر هئا. نسخو ڪوبه موجود نه آهي. نالي ۽ هيٺين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ مثنوي ڪربلا جي واقعات ۾ آهي، ۽ منجهس مختلف بحرن ۾ شعر چيا ويا آهن.

مگر هلال که يک کشتي است طوفاني
دونيمہ گشتــہء دل روزگار روزِِ عزا
زبس گريست محبانه زين مصيبتِِ خون
پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک
مگر که مهر بروي سما نمود طلوع
دمِِ آبي نبوده جز دمِِ تيغ
لباسِ چرخ زان گرديد نيلي
بـر انــدام خـــور از آن رعــــشه افــتـــــاد

تنور فتنہ ز بس جوش کرده عماني
يکي بزير زمين شد دگر بروي سما
فتاد ناخنه در چشم ارزقِِ گردون
ز ناوک غم گشتـہ مشبک اين افلاک
درين معامله چشمه مسيح شد نگران
مگر از آسمان باريد اين ميغ
کزين جورِِ زمانه خورد سيلي
که روزي کــــربــــلا مـــي بـــاشـــدش يــــاد

(9) ”چهار منزلہ“ - (1174هه): مصنف هن مثنويءَ جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيو آهي، جنهنڪري مثنوي 1174هه يا ان کان اڳ جي تصنيف ڀانئجي ٿي. هڪ هزار شعرن جي هيءَ مثنوي به گم ٿي وئي. هيٺين اقتباسن مان اندازو ٿي سگهي ٿو:

- در صفت حلقه بيني -

بروي راســــــت بينش حلقه ديـــده
کدامي بي ادب پيچيده بر راست
تامل کرده تا من خــــوب ديــــدم
ســـرش گــردِ دِهــانِ يــار الــــحـــق

دکانِ حيرتم بر خويش چيده
که شکل حلقہء بينيش پيداست
بروي راست بيني سر کشيدم
طلـوعِ آفـتـابـسـت ايــن ز مـشـرق

- درشڪايت زمانه -

مرا از بي زري شد آنچه حاصل                نديده عـشر آن قــــــارون تة گـــــل

مر او را کرده زر مــــــردود ايزد           منم از بــــي زري در مردمــــان بد

بسي از دوستان در بي زري ام                همين راننــد انـــــدر زرگـــــــــري ام

همه اخوان بحقِ اخ نـــــــــــويسند         شــــــــــدم قــِا بــينــوا اخ اخ نمايند

کليم الله  بفرض  آيــد اگر بــــــاز      ازين قارون سرشتان نيستش ســــاز

کساني که چنين کـــــالا کشيدند      مـگر از خــــــانـــــهء خــــــالا کشــيديد

(10) ”تزويج نامهء حسن و عشق“ - (1174هه): هي ڪتاب به 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. نه نسخو موجود آهي نه اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضامين جو اندازو ڪري سگهجي، البته پاڻ لکي ٿو، ته هن ۾ مقفيٰ ۽ مسجع نثر لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو، ته حسن ۽ عشق جي ميلاپ ۽ معاملات تي ادبي طور طريقي ۾ خيال آرائي ڪئي وئي هوندي.

(11) ”اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ“ - (1174هه): هي هڪ جدا مجموعو، ڄاڻايل سال تائين مرتب ڪيو هئائين، جنهن ۾ تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ هزار جي تعداد ۾ هئا. اهو نسخو به گم آهي.

(12) ”بوستان بهار“ - (1184هه)، معروف به ”مڪلي نامه“: ”بوستان بهار تازهء دل“ مان سال برآمد ٿئي ٿو. مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾ نظم ۽ مقفيٰ نثر ۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هن جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ آهن.

(13) ”مقالات الشعرا“ - (1174هه): مصنف لکي ٿو، ته 1169هه ۾، ”جڏهن هو ”مثنوي ڪامروپ“ لکي رهيو هو، ان وقت کيس هن بيش بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ سال هن لکڻ شروع ڪيو،“ پنجن سالن جي ديده ريزيءَ ۽ محنت بعد 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين. نالي مان اختتام جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان 5 عدد گهٽ ڪبا، ته تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه معلوم ٿيندو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان اڳ ڪوبه تذڪرو ڪونه هو. اهوئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري سگهجي ٿي. مير صاحب سنڌين کان سواءِ، هن ۾ انهن شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا، بلڪ ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان اچي لانگهائو ٿيا. هن تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو سنڌ تي اهو احسان عظيم آهي، جنهن جي بار کان سنڌي قيامت تائين آجا نٿا ٿي سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، ۽ هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ به (ADD21، 589) آهي، جيڪو 1246هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو. انهن ٻنهي نسخن جا نقل مون وٽ آهن، انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به نسخو موجود نه آهي.

(14) ”تاريخ عباسيه“ - (1175هه): ميان غلام شاهه 1175هه ۾ مير صاحبن کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو. معلوم نه آهي، ته ميرصاحب ڪهڙن سبب ڪري ان کي مڪمل نه ڪيو؟ ليڪن ٺٽي جي ڪتبخانن جي فهرست برٽش ميوزم ۾ (O.R.2073) آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪتاب جو گهڻو حـصو لکجي چڪو هو. فهرست نگار لکي ٿو ته:

 ” ’تاريخ عباسيه‘  اعني در بيان ميان صاحبان ڪلهوره از ابتداي آمدن شان در سند، مع تحقيقات نسب او شان، و تقرر زمينداري آن فرقه در سند، و بدست رسيدن بانها حکومت سند، و احوال و واقعات آن ايام، سيد علي شير قانع مرحوم در نظم و نثر تاليف و تصنيف کرده، و مسوده ناتمام از هر دو در کتبخانه موجود - نسخه نظم قريب بيست هزار ابيات. “

(15) ”تاريخ عباسيه“ - (1175هه): مٿئين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن جو نامڪمل نسخو به مير صاحب جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، ۽ ان ۾ ويهه هزار اشعار هئا. ڀانئجي ٿو، ته دستور مطابق اها تاريخ ”شاه نامه “  جي طرز تي ساڳئي ئي بحر ۾ لکي وئي هوندي. افسوس آهي جو هنن ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا، ورنه انهيءَ دور جي تاريخ تي اهي ٻئي تاريخون مستند ماخذ جو ڪم ڏين ها. جنهن صورت ۾ مير صاحب انهيءَ دور جي تاريخ تي جدا ڪتاب لکي رهيو هو، تنهنڪري ”تحفـة الڪرام “  ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر نهايت سرسري محض هن طرح ڪيو اٿس ته:

 ”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميکند “

(16) ”تحفـة الڪرام “  - (1181هه): ”مقالات الشعرا “  کان پوءِ مير صاحب هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو لکي، سنڌ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اهلِ علم ماڻهن تي عظيم احسان ڪيو. ڪتاب ٽن جلدن ۾ هيٺينءَ طرح ورهايل آهي:

جلد پهريون: انبيا، حڪما، بادشاهه ۽ خلفاءِ اسلام جي حالات ۽ تاريخ ۾. چنانچه ٻئي جلد جي ابتدا ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته:

 ”از تاليف مجلد اول تحفـة الکرام مشعر حالات خلاصه موجودات انبيا و اوصيا و حکما و خلفا وسلاطين فراغت يافته. “

مطبوعه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“  جو پهريون جلد نه آهي، بلڪ تاريخ ”مراة احمدي “  جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفـة الڪرام “  جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة احمدي “  1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري، غالباً ساڳيءَ پريس وارن، ان تي ”تحفـة الڪرام “  جو نالو لکي، بقيه ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي جلد کي ستن اقليمن ۾ ورهائي، ۽ هر هڪ اقليم جو تاريخي احوال ڏيئي، ۽ ان جي هرهڪ شهر جي بيان ڪرڻ بعد، انهيءَ شهر جي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب اگرچه لکيو آهي، ته هن متقدمين ۽ متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي ۽ پوءِ اهو جلد مرتب ڪيو آهي، ليڪن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته امين رازيءَ جي ”هفت اقليم “  کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽ مضمونن کان سواءِ ترتيب به ساڳي رکي اٿائين. اهڙيءَ طرح ٻئي نمبر ۾ ”حبيب السير “  ۽ ”مجالس المؤمنين “  تي هن مدار رکيو آهي، چنانچه پنهنجي بزرگن جي حالات جي سلسلي ۾، بنا حوالي جي سموري عبارت لفظ بلفظ ”مجالس المؤمنين “  جي نقل ڪري ويو آهي. جيڪو طريقو تقريباً سڀني متوسطين خواه متاخرين جو هو.

مطبوعه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1304هه ۾ غالباً بمبئي مان شايع ڪيو ويو آهي.

ٽيون جلد حقيقت ۾ ”تحفة الڪرام “  جو نهايت قيمتي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا  ’انسائيڪلو پيڊيا‘  جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد جي ابتدا ۾، سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي وئي آهي، ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال، ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي، آخر ۾ ٺٽي ۽ ان جي مشاهيرن جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه “ ، ”معصومي “ ، ”طاهري “ ، ”بيگلرنامه “  ۽ ”ترخان نامه “  کي ماخذ بڻايو آهي، البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ جي قديم شهرن جي تاريخ تي هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي آهي، اها قابل داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾ مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا ٻه سؤ ورهيه اڳ مير صاحب اهو مواد گڏ نه ڪري وڃي ها، ته هوند مشاهيرن جي تذڪري ۽ شهرن جي تاريخ جا سڀئي پهلو اڄ اسان جي اکين کان پوشيده، بلڪ سڄي ثقافتي ۽ علمي تاريخ گم هجي ها.

مطبوعه نسخي جو ٽيون جلد مطبع ناصريءَ دهليءَ ۾ ڇپيو آهي، ۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو ڇپيل آهي، جنهن سال ۾ ٻيو جلد شايع ٿيو.

مير صاحب 1181هه ۾ ”تحفـة الڪرام “  جو ٽيون جلد ختم ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو:

شکر خدا که تذکرهء ”تحفـة الکرام“
هر جلد اوست روضهء اخبار دلکشا
”قانع“ اگرچہ نيست سزا وار ذکر خير
باشد کنند اهل دلش ياد بعد مرگ
سال تماميت چو نمود از خرد سوال

شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب
سال تماميت چو نمودم زدل سوال

 

اندر سہ جلد يافته تزئين اختتام
نظاره کيش مفت شود ديده شاد کام
ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام
يعني که يادگار نکو ماند مستهام
اينک چه ”منتخب “  ز دل آمد مراپيام
                                   -1181هه
اين ”تحفـة الکرام “  بآئين انتخاب
هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“
                                   -1181هه

مصنف جو پنهنجو دستخطي نسخو، لاهور جي خان بهادر مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي، ۽ برٽش ميوزم ۾ جيڪي ٻه نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن، انهن جي فوٽو گراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو رهيو آهي.

(17) ”اعلان غم “  - (1192هه): هن ڪتاب جو نالو ايليٽ واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽ لاهور واري تحفـة الڪرام جي سر ورق تي به مير صاحب جي تصنيفات ۾ هن جو نالو موجود آهي. فهرست نگار تفصيل هن طرح ڏنو آهي: 356 صفحا، في صفحو 34 سٽون، 11732 شعر، تاليف 1192هه، بخط مصنف. هن مثنويءَ ۾ نبين جي مصيبتن ۽ شهيدانِ ڪربلا جي تڪليفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪو به نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي.

(18) ”زبدة المناقب “  - (1192هه): هن ۾ خلفاءِ راشدين، ۽ حـضرات اثنا عشر جا مناقب آهن. ايليٽ جي فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 362، فص صفحو 17 ۽ 20 سٽون، 1200 شعر، تصنيف 1192هه - بخط مصنف. لاهور واري نسخي جي سر ورق تي به هن ڪتاب جو نالو موجود آهي.

(19) ”مختارنامه “  - (1194هه): مختيار ثقفيءَ جي حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست نگار هيٺئين طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في صفحو سٽون 34-36، جملي اشعار 7 هزار، سن تاليف 1194هه. جنهن نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو آهي، اهو ئي ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي.

پهريون شعر هي آهي:

بـــنـــامِ جـــهـانــداور کــردگـار    که بر قدرت اوست مختار کار

آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي.

(20) ”نصاب البلغا “  - (1198هه): مير صاحب، ”قاموس “  جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب و غريب ۽ انتهائي محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين چند عنوانن مان ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگجهي ٿو:

(1) علم طب و متعلقات او، (2) اسماع اعضا، (3) اسباب غذا، (4) ذکر آب و زمين، (5) اجناس غله، (6) اقسام سبزي و بقول، (7) موسم کاشت، (8) ذکر لحوم، (9) ذکر شير و متعلقاتش، (10) عطريات و عقاقير، (11) طعام، (12) اقسام فواکه، (13) آلات و ادوات طبخ، (14) اقسام پلاء، (15) اصناف قليہ، (16) برياني وغيران، (17) اقسام آش، (18) اقسام کشک، (19) اقسام آچار (20) اقسام خاکينه، (21) اقسام حلويات و ماليده، (22) الوان نان، (23) اوقات طعام خوردن، (24) حيوانات پوستينه، (25) چرم دوزي و آلات آن، (26) لباس پشميني، (27) لباس نفيس پشمينه، (28) آلات ندف، (29) آلات جولاهي، (30) الوان اقمشه و اجناس آن، (31) صباغي و الوان آن، (32) اقسام کسوات، (33) پاپوشها، (34) اقسام متفرق جامها، (35) آلات درزي و کشيده کاري، (36) در عمارات، (37) درودگري، (38) الوان عمارت زمستاني وتابستان، (39) لوازم خانه، (40) حيوان خانه داري، (41) تجملات خانه از فروش و مراکق،ّ (42) دربيان طيور، (43) لوازم شهريت، (44) لوازم ترتيب شهر، (45) اهل حرفت (46) تجارت وبيع و شراع، (47) اسباب حڪومت و متعلقات آن، (48) مناصب و القاب عهده داران، (49) تسجيل و دفاتر، (50) ضوابط و قواعد در اسماء اصطلاحات، (51) الفاظ متعارفه، (52) تاهل وتناکح وتوالد، (53) آرايش عروس، (54) دامادي و صحبت، (55) لوازم مولود، (56) ابتداي حمل، (57) لوازم طفل (58) باز يهاي اطفال، (59) تعليم و تعلم اطفال، (60) اصطلاحات علوم، (61) شعر و شاعري، (62) آداب دبيري، (63) علم لغت، (64) قواعد مساحت، (65) ضوابط علم نجوم، (66) اسماي منازل ماه، (67) تقشيم منازل بر بروج، (68) سال عربي، (69) عدد ايام سال فارسي، (70) ماههاي بحساب شمس، (71) ماههاي سندي و نامهاي فارسي، (72) لوازمات سواري، (73) اسلحه حرب، (74) جانوران شکاري، (75) حيوانات (76) طيور خوردني وغيره آن، (77) تشرب و اقسام آن، (78) اوقات تشرب، (79) تغني و اوقات آن، (80) نغما اهل فرس، (81) بيان سي لحن، (82) نام سراينده و سازها، (83) نغمات اهل هند، (84) سياحت و سير، (85) صفت جبال، (86) لوازم بخار و مراکب، (87) جانوران آبي و اقسام ماهي، (88) حشرات موزي وغيرهم، (89) اشجار و نباتات، (90) اوقات و جهات و اماکنه.

ڪتاب 185 صفحن جو آهي، باريڪ شڪسته خط اٿس، آخر ۾ مصنف لکيو آهي: ”کاتبه و مولفه روز خميس چهاردهم رجب 1198هه “ .

ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه گير معلومات، تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مٿين عنوانن هيٺ نه فقط عنوانن سان متعلق معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، بلڪ انهيءَ سلسلي جي سموري لغت به ڏني وئي آهي ۽ محاورا به ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ لفظن جو پتو پوي ٿو.

انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حـضرت مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي*.

(21)  ”مثنوي ختم السلوک“  - (1199هه):  ”ختم السلوک“  مان سال تصنيف نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف جي سلسلي جي آهي. 286 صفحا، هر صفحي ۾ 15 شعر - مثنويءَ جو پهريون شعر آهي:

من که باشم تا زنم دم از ثنا      جون بلا  احـصيٰ محمد زد ندا

آخري شعر، جنهن مان سال تصنيف به برآمد ٿئي ٿو، هي آهي:

هاتف اينجا ديد خوش کارم چو...     سال وي گفتا بود  ”ختم السلوک“

                           1199هه

        انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو، جيڪو مير مرحوم جي پنهنجي خط ۾ آهي. هن وقت ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مير صاحب مثنويءَ جي پهرين ٽن صفحن ۾ مثنويءَ جي مضامين جي فهرسقِ ڏني آهي، جنهن کي اسان هت هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ مثنويءَ جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ڪري سگهن.

مقدمه دربيانِ علم قيام.

مقاله دربيانِ معرفت حق سبحانه: در آنکه صحت عقل و رويت آيہء سبب معرفت است نه علت معرفت، اقوال شيخ در معني معرفت، معني معرفت، درخلاف نفس، معرفت نفس که علم بان علم بحق است، اقوال شيخ، کيفيتها ارتباط نفس بمعرفت الاهي، معرفت روح، وصف روح اعظم، دربيان آنکه آدم مظهر روح کلي ست.

مقاله دربيانِ توحيد باري: اقوال شيخ، توحيد ايماني، توحيد علمي، توحيد حالي، اقوال شيخ، توحيد الاهي.

مقاله دربيانِ تصوف: وجهه تسميه، تلقين، لقب صوفي، معني صوفي و متصوف، اقوال شيخ در وصف صوفي و متصوف.

مقاله دربيانِ فقر: فقر و غنا، جواب و سوال ابن عطار و جنيد، اقوال شيخ، تقسيم محققان فقر.

مقاله دربيانِ توبه: معني توبه و اقسام آن و خـصوصيہ، اختلاف اقوال شيخ در وصف و صحت آن، احوال و مقامات و ارکان توبه، چهار مقام توبه، پنج ارکان توبه، نتائج توبه و درجات آن.

مقاله دربيانِ توکل: مواضع اطلاق توکل، اقسام رزق، علو توکل و متوکلان.

مقاله دربيانِ صبر: انواع متعلق صبر، انواع صبر اقوال شيخ.

مقاله در بيانِ شکر: مواضع شکر، اختلاف شيخ، معني شکر، انواع شکر، تبيين و قسم نعمت، و دو قسم شاکران.

مقاله دربيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن، اقسام راضيان.

مقاله دربيانِ حال و مقام: فرق بين الحال و المقام، اختلاف در دوام حال.

مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و و صف هر يک، وصف رجا و ارتباط آن بخوف.

مقاله دربيانِ جمع و تفرقه، تفضيل جمع بر تفرقه.

مقاله در سکر و المحو: تبين مقامات واحدين، اختلاف در فضل سکر و محو.

مقاله في الغنا و البقا: تبين اقوال دران.

مقاله در بيان غيب و شهود.

مقاله در بيانِِ تجلي.

مقاله دربيانِ محبت: اقوال شيخ.

مقاله در بيانِ سماع و مايتعلق بہ: اباحت سماع شعر، اباحت اصوات، فوايد چند مخصوصه، اقوال شيخ، مراتب اهل سماع، في الوجد والوجود، اختلاف شيخ، در رقص و پاکوبي، خرق خرقه، آداب سماع.

مقاله درلبس خرقه.

مقاله دربيانِ اختلاف احوال مردمان وعد اقسام آن تبين مشتبهان.

مقاله در بيانِ اهل ولايت.

خاتمه متضمن تاريخ اختتام.

ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا، ۽ هڪ خاتمو آهي.

(22)  ”طومار سلاسل گزيده“ - (1202هه): هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان برآمد ٿئي ٿو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو؟ مير صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ لکيو. جيئن هيٺ اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو، مصنف جي خط ۽ مهر سان، سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهي.

(23)  ”شجرهء اطهر اهلبيت“ -(1202هه): نالي مان تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين ڪتاب وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو احسان ڪيو، ليڪن افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي ويو، ۽ اڄ تائين دستياب ٿي نه سگهيو.  ”معيار سالڪان طريقت“  جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو:

 ”در سال دويم و فوازده صد هجري که آفتاب عمر برلب بام، و سبق حيات قريب باختتام، شصت و سه سال از عمر درفت، و امراض چند طبعيت را تفت، اول شجرهء اهل بيت سند وغيره بقدر دريافت نوشته، ثانياً طوماري در ذکر اسمء سلاسل گزيده طريقت بنگاشت: تاريخ اول  ’شجرهء اطهر اهلبيت‘ ، و تاريخ ثاني  ’طومار سلاسل گزيده‘  دست داده“ .*

(24)  ”معيار سالڪان طريقت“ -(1202هه): مصنف  ”تحفـة الڪرام“  ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد، سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن، صوفياءِ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي. مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف کي به هو، ۽ اها ڪمي ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي ڪيائين، جنهن ڪري وفات کان سال اڳ، هن مٿيون تذڪرو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سؤ بزرگن جو احوال بقيد سال يا بقيد زمانه لکي،  ”تحفـة الڪرام“  جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين. مصنف ديباچي ۾ لکي ٿو:

 ”بالجمله عقده خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب ببيان آرد، اين رساله موجز حاوي آن مقصد شده، و تاريخش در اسم  ’معيار سالڪان طريقت‘  مبراهن..... آنکه صريح وي بتحرير سال وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر در حقيقت مابين زيادتي و کمي ده بيست سال بوده باشد..... مقـصد آنکه گويند فلاني در زمانه فلان..... بوده، يا بفلاني صحبت کرده....“

جن جو نه سال معلوم ٿيو ۽ نه زمانو، انهن کي مصنف آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جو اختتام هيٺئين قطعي تي ٿئي ٿو:

در مرز دل چو تخم ولانيک کشته شد
آن رشته بسته گل بسرِِ گل ازان نهال
بوده ولاي اهل ولايت مراد من
بشد عروج عرش صفاسير اين سوار
بالفعل آنچه گشت زقوتِِ ظهور آن
در آتش مجاهدهء جمع اين کتاب
تاريخ اين رساله براي عيار طبع

 

خوش رشتـهء زريشـهء... رشته شد
کز دست آبيار کرامات گشته شد
جز ذ کرشان هر آنچه بلب بود شسته شد
زان ره که ذکر هر ولي اينجا فرشته شد
روز ازل بطينت طبعم سرشته شد
بسيار روزگار روانم برشته شد
 ”معيار سالکان طريقت“  نوشته شد
          1202هه

خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو برٽش ميوزم (ADD.21،589) ۾ موجود آهي، جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان  ’مئڪروفلم‘  نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.

مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو، ته ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري سندس صحت بيڪار ۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾، مٿيان ٽي نهايت ئي قيمتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين.

(25)  ”روضته الانبيا“ : هن ڪتاب جي تصنيف جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير  ”مائل“  جيڪا فهرست  ”تحفـة الڪرام“  جي سر ورق تي لکي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.

(26)  ”زينت الاخلاق“ : هن ڪتاب جو نالو به مير  ”مائل“  لکيو آهي. ڪتاب منظوم، ۽ نصائح ۾ آهي.

(27)  ”غوثيه“ : هن جو نالو به مير  ”مائل“  لکيو آهي. سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي.

(28)  ”قصاب نامه“ : هي به نظم ۾ آهي، مير  ”مائل“  ان جو نالو لکيو آهي.

(29)  ”ميزان الافڪار“ : منظوم، سلوڪ ۽ معرفت ۾، مير  ”مائل“  هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي.

(30)  ”تهذيب طباع“ : سلوڪ ۾ ڪتاب آهي. مير  ”مائل“  جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي.

(31)  ”سرفراز نامه“ : پند و نصائح ۾ آهي. نالي جي مناسبت سبب خيال ٿئي ٿو، ته شايد هي ڪتاب مير صاحب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي، ۽ غالباً نظم ۾ آهي.

(32)  ”حديقة البلغا“ : مير  ”مائل“  هن ڪتاب جي موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي، نالي مان اندازو ٿئي ٿو، ته هي ڪتاب علمي آهي.

(33)  ”مثنوي ڪان جواهر“ : مير  ”مائل“  هن جو به تفصيل ڪونه ڏنو آهي.

(34)  ”ميزان فارسي“ : ڀانئجي ٿو، ته صرف و نحو جي سلسلي جي تصنيف آهي.

(35)  ”رساله معما مع شرح“ : نظم و نثر.

(36)  ”لـُـب تاريخ ڪلهوره“ : مير  ”مائل“  جي فهرست مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي تاريخ تي آهي. گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو.

(37)  ”بياض محڪ الشعرا“ : مير صاحب، قديم دستور مطابق، هن ڪتاب ۾، مقتدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائين جي فارسي گو شاعرن جي هم طرح غزلن جو انتخاب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب جو خيال کيس  ”محسن“  ٺٽويءَ جي انتخاب کي ڏسي آيو. خبر نه آهي، ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي. ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن. ڪن ۾ غزلن جو انتخاب آهي، ۽ ڪن ۾ فقط اشارن جو. اهي بياض  ”محڪ“  جا مختلف جزا آهن، يا  ”محڪ الشعرا“  نالي ڪو ٻيو مڪمل ڪتاب هو. ان جي خبر ڪانه ٿي پئجي سگهي.

(38) ”ديوان اشعار “ : مير صاحب جو ڪو به مڪمل ديوان ڪونه ٿو ملي. مير ”مائل “  جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو.

(39) ”قصائد و منقبت “ : جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو “  آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيرهه لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه “  265 شعرن جو آهي، چند رباعيون به آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.

(40-41) مير ”مائل “  جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن.

(42) ”انشاي قانع “ : سنڌي ادبي بورڊ ۾ مير صاحب جي انشا جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾، موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن، صفحي جي سائيز ڪرائون آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ خوب عبارت آرائي ڪيل آهي، ۽ جابجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. چند شعر نمونتاً هيٺ ڏجن ٿا:

بسيار صبح شد که نسيمي نمي وزد
گربرتنِِ من زبان شود هرمو
نشد که از سرما هجر دست بر دارد
زتيع شوق تو هر عضو بسمل افتاد است
زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون
زديده دوري و از دل نمي روي بيرون
قلم شکته تر است از زبان نميدانم
زبان کس نتواند جهات شکرش را
شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم
جنون بصف شکني عقل در صف آرائي
سوادش نور بخش ديدهء حور
عـــبــاراتــش چـو آبِِ زندگـــانــي
ما شرمسار مانده ز قـفـصيرهاي خويش
گر عظيم است از فرودستان گناه
خواستم تا شرح شوقِ صحبتت سازم بيان
ضـرورت اســـت و گــــرنــــه خــدائي ميداند

اي گل مگر تو پاي صبا را شکسته اي
يک شکر تو از هزار نتوانم کرد
بهر ديار که رفتيم آسمان پيدا است
مرا سفر برفيقان کاهل افتاد است
اگرنه رحم کني کارمشکل افتاد است
خدا بکس ننمايد وصال هجر آميز
که شرح غم بکدامي زبان کنم تقرير
اگر بهر نفسي صد چومن کند تقدير
نرخ ارزان بود کالا در دکان انداختم
دل کرانه طلب درميان تماشائي
بياضش از فروغ صدق پر نور
دور پيدا جواهر از معاني
لطف توخود نمي نگرد خوب و زشت ما
از بزرگان عفو کردن اعظم است
ناشکيبا دلم رفت از کفم تاب وتوان
که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است

طريقت جو سلسلو: مير صاحب جو خاندان مائل به تشيعت هو، چنانچه انهيءَ سبب ڪري نور الله شوستريءَ سندس ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب  ”مجالس المؤمنين“  ۾ جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه “ ، ”اعلان غم “ ، ”زبدة المناقب “ ، ۽ منقبتن خواه سلامن جي ڪثرت تعداد مان پڻ اهوئي اندازو ٿئي ٿو، ته سندس پنهنجي طبعيت به تشيعت ڏانهن مائل هئي، ۽ پاڻ کي جابجا خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو، ليڪن ساڳئي وقت، سندس وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترن جاين تي، هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پاڻ کي ٽن يارن سان به سرخرو ڪيو اٿائين:

چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي

ز چهار يار درين دهر گرم محفل ماست

نقـّود عجـب بما نشد ار صـاف رافضي

که دل زگرد کينـهء اصحاب شسته ايم

نه فقط ايترو، بلڪ سندس والد خواه سندس پنهنجي بيعت، طريقه نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي، چنانچه ”طومار سلاسل گزيده “  ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن طرح ڏنو اٿائين:

 ’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو مريد حضرت قيوم زمان محمد صبغة الله جو، ۽ اهو مريد خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثانيءَ جو.

 ’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم (عرف مخدوم آدو) جي ڏهٽي ميان محمد * جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم (المتوفي 1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو، اهو مريد شيخ سيف الدين (برادر محمد معصوم) جو، ۽ اهو مريد پنهنجي ڀاءَ خواجه محمد معصوم ولد مجدد الف ثانيءَ جو.‘

اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد رحمت الله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو، اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه ٻيا عزيز، سيد محمد ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد نعمت الله شڪر الاهي) به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي سلسلي جو تعلق، انهيءَ خاندان جو نقشبندين سان هو.

مير صاحب جي والد، عزت الله، 1161هه ۾ انتقال ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي. پاڻ هيٺئين تاريخ انهيءَ حادثي تي تصنيف ڪيائين:

خــرد گفت تـــاريــخ ســـالِ وفـــات        ”که پيوست با رحمتِ ايزدي“  - 1161هه

بعد ۾ کيس معلوم ٿيو، ته منشي چتر ڀوڄ، قاضي محمد امين جي تاريخ وفات  ”برحمت ايزدي پيوست“  (1160هه) مان ڪڍي آهي، ۽ کيس خيال ٿيو، ته معاصر مٿس سرقي جو الزام نه ڌرين، تنهن ڪري سندس قول مطابق  ’منعم غيبيءَ‘  کيس هي نعم البدل عطا فرمايو:

”لله العزة وللرسل وللمؤمنين“ - 1161هه

اولاد: مير صاحب کي 1160هه تائين، نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هه ۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات علامه سعد الله سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير هو، کيس ٻه پٽ هئا. مير عبد العلي ۽ مير عبدالولي. انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ رمز رکيل هئي، جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. مير صاحب کي اها ترڪيب نهايت پسند آئي، ۽ ارادو ڪيائين، ته جيڪڏهن مٿس به الله فضل ڪيو، ۽ کيس اولاد ٿيو، ته نالا انهيءَ ترتيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر پاڻ به ”تحفـة الرڪرام “  (ج 2، ص23) ۾ ڪيو اٿائين، ۽ ” تحفـة الطاهرين “  جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي، جيڪو پڻ ان وقت سورت ۾ مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر ڪيائين، جنهن صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح نظم ڪيو:

علي شير ”قانع “  حسيني که او
يکي روز مي گفت با من به راز
يکي را بخوانم غلامِِ علي
که از اسم شان سال ميلاد شان
 ’علي ولي الله‘  از هر دو اسم
بخاموش ماندم ازين گفتگو
بدل گفتم آخر اگر عمر هست
بسه سال آن هر دو پور گزين
ولادت موافق باعداد نام
تو اي ”اعـظما “  زيــن شگفتي مدار

بود زبدهء آل خير البشر
که ايزد ببخشد مرا دو پسر
غلامِ ولي الله نامِِ دگر
به پيشِِ سخن گرشود جلوه گر
برآمد بوضع خوش و خوبتر
که اين از کرامات باشد مگر
شوم تجربه را يکي منتظر
که ”قانع “  ازان داد سابق خبر
خدا يش عطا کرد بازيب وفر
کــه ايــن گـفـته ز الـهـام دارد اثــر
*

الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کان پوءِ، کيس سڀ کان پهريون پٽ 1161هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام علي v رکيائين. نالي مان تولد جو سال برآمد ٿئي ٿو. 1163هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو، جنهن تي ”غلام ولي الله“ نالو رکيائين، جنهن مان به ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي، اميد بر آئي. نه فقط تولد جا سال نالن مان نڪتا، بلڪ حسب خواهش نالي جي آخري جزن ملائڻ سان ”علي ولي الله“ جو فقرو به ٺهي ويو.

مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو ”مير امير علي “  رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ تاريخ ڪڍي ”در چمن جاه شگفته گلي “  - 1171هه، ۽ ميان محمد پناه ”رجا “  هيءَ تاريخ مجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني “  - 1171هه.

مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسن علي شاهه بن مير صابر علي ”صابر “  بن مير حسين علي ”ضيا “  بن مير صابر علي ”سائل “  بن مير غلام علي ”مائل “  وٽان جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين پٽ جو نالو ”سيد ڪاظم “  لکيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ٻئي ڪنهن ذريعي سان ڪانه ٿي. ازان سواءِ ٽئين پٽ جو نالو ”غلام حسين “  لکيل آهي، جنهن کي اسان مير امير علي جو عرف سمجهون ٿا.

شاگرد: مير صاحب پنهنجي شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ”مقالات الشعرا “  ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو کنيو اٿائين. هڪ پرسرام ”مشتري “ ، جنهن لاءِ لکي ٿو، ته ”پرسرام مشتري ڀاٽيو، ولد دوارڪاداس ابن سجان سنگ (اهي ٻئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان وٽ مير منشي هئا) مير محمود صابر جو هنديءَ ۾ شاگرد هو، فارسيءَ ۾ ”مشتري “  ۽ هنديءَ ۾ ”بيربل “  تخلص ڪندو هو، ۽ فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو هو ( ”مقالات الشعرا“،  ص29) اهو ذڪر ”مقالات “  ۾ آهي ۽ مير صاحب لکيو آهي ته ”درين وقت نامبرده مشق سخن مي کند “ . جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات “  جي تاليف (1169 تا 1174هه) وقت، ”مشتريءَ “  سندس شاگردي ڪئي. مير صاحب جو ٻيو شاگرد هو شيخ حسن بخش ”اظهر “  جيڪو اصل هندو هو، ۽ پوءِ پنهنجي والد جهوڙيمل سميت مسلمان ٿيو، ۽ سندس والد عبدالسلام نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح، اهو نوجوان به مير صاحب کان وٺندو هو. (مقالات الشعرا “ ، 40)

مير ”مائل “ ، ”مجمع البلغا “  نالي جيڪو سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب جي شاگردن جو مفصل احوال هن لکيو هوندو، ليڪن افسوس، جو اهو تذڪرو تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهن ڪري مير صاحب جي شاعرانه فيض جو اهو باب به تذڪري سان گڏ گم ٿي ويو.

وفات: مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان چند سال، مختلف بيمارين ۽ جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو اشارو ”معيار سالڪان طريقت “  جي ديباچي ۾ ڪيو اٿائين. 1202هه ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي، بيماريءَ ۽ ڪمزوري هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي، شعر و سخن ۽ تصنيف تاليف ۾ مصروف رهيو، ۽ انهيءَ هڪ سال ۾ هن ٽي ڪتاب تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس انتقال 64 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. افسوس آهي جو ايڏي عظيم المرتبت اديب، مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي تاريخ ۽ مهينو ڪنهن محفوظ ڪونه ڪيو، ۽ نه سندس مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو هنيو. تاڪ شڪر الاهي ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ جي انهيءَ محسن اعظم جي آخري آرام گاهه تي، اڄ ڪو عقيدت ڪيش پهچي، عقيده جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي ورکا ڪري سگهي.

آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليه الرضوان“مان انتقال جو سال برآمد ڪيو، ۽ مير مرحوم جي فرزند رشيد مير غلام علي مائل ”ابشره بالجنہ النعيم ابدا“ وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو.

اهو زمانو، ٽالپرن جي پهرييءَ چوياريءَ جي فرمانروائيءَ جو هو، جنهن جو پڳدار مير فتح علي خان هو، ۽ ٻيا ٽي ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس شريڪ ڪار هئا، ۽ کين حڪومت هلائيندي ڇهه ورهيه ٿيا هئا.

شڪر الاهي خاندان: انهيءَ خاندان جي بزرگن جهڙيءَ طرح ايران ۾ علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهيءَ ڏئي کي اجهامڻ ڪونه ڏنو، ۽ خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ، تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو. ڪم و بيش ساڍا ٽي سؤ ورهيه، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي ضو فشانين مان منور ٿيندي رهي، جيڪو فرد پيدا ٿيڻ سو پنهنجي زماني جو فرد فزيد ثابت ٿيو. ڪن روحاني تعليم پکيڙي، ڪن دنيوي علومن جي اشاعت ڪئي، ۽ ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو وطيرو بنايو. ”تحفـة الڪرام “  ۾، مير صاحب پنهنجي خاندان جو جيڪو اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترن بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا سجادا آراسته ڪيا، بلڪ خود مير صاحب کان اڳ ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا، جن شعر و سخن، ادب خواه مذهبي علومن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.

سيد شاهه ولي بن سيد ابو القاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله ثاني، جيد عالم ۽ بيمثل انشا پرداز هو، مخدوم رحمت الله جو شاگرد ۽  ”تحفـة المجالس “  جو مصنف هو. انهيءَ بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابوالقاسم، صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ هو. اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني، بن سيد نور محمد ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد شڪر الله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحبِ ڪمال بزرگ هو، جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاهه ان وقت جي چونڊ علمائن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ  ”فتاويٰ عالمگيري “  مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل ثابت ڪيو.

مير علي شير جي خود پنهنجي گهر، ڪيئي اديب، مصنف ۽ شيرين بيان شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين  ”ضيا “ ، ميرٺاري خان جي درٻار جو  ’ملڪ الشعرا‘  هو، ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجهه “  جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائٽيو مير عظيم الدين  ”عظيم “ ، مير فتح علي خان جي درٻاري شاعرن جو سردار ۽ پنهنجي دور جو عظيم الشان شاعر هو، ديوان،  ”مثنوي هير رانجهه “  ۽  ”فتح نامه “  سندس يادگار آهن. مير صاحب جو پنهنجو پٽ مير غلام علي  ”مائل “ ، مير ڪرم علي خان جي درٻار جو شاعر ۽ وڏي فضل و ڪمال ۽ اوج اقبال جو صاحب هو. مير  ”مائل “  کان پوءِ به سندس ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون، يعني مير  ”مائل “  جو پٽ مير صابر علي  ”سائل “ ، ان جو پٽ مير حسين علي شاهه  ”ضيا “  ۽ ان جو پٽ مير صابر علي  ”صابر “  پنهنجي پنهنجي دور ۽ زماني جا ناليرا شاعر هئا. پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهيه کن لاڏاڻي ڪـِـئي ٿيا، ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪ خاندان جي ٽن حدن وارين علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي ويا.

 

تلڪ الايام ندا ولهابين الناس

 

 


 


* اهو نهايت ئي نادر تعميه آهي. مٿئين مصرع جا عدد 1191هه آهن.

v مير بجار وزير اعظم هو، سندس شهادت جي تاريخ هن ريت آهي:

از  افسوس گفتا هاتفم               ”مير شد از جمدر هندو شهيد“

1                                 +    1193  -  1194هه

  ”بمحفل شهدا جلوه کرد مير بجار“  - 1194هه

v مير شهاب الدين (خان بهادر، وزير الممالڪم عماد الملڪ عماد الدوله، نصرت جنگ، غازي الدين خان ثالث)، بن امير الامرا حافظ محمد پناه (عماد الملڪ، فيروز جنگ غازي الدين خان ثاني)، ابن مير قمر الدين (خان بهادر، نظام الملڪ آصف جاه اول، بانيء سلطني آصفيه - سندس تخلص  ”نظام“  هو) 1195هه ۾ سنڌ آيو   ۽ ڇاهتر سالن جي عمر ۾، 1215هه جو، انتقال ڪيائين.

* نواب مومن خان جا عدد 846 ٿيا، ان ۾ گجرات جا 624 ملاقـءبا، ته 1470 ٿيندا، ڪفر جا 300 عدد وضع ڪبا، ته سال 1170هه برآمد ٿيندو. (مقالات الشعرا، ص154)

** مقالات الشعرا، ص287.

* ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون، ايليٽ جي فائلن ۾، برٽش ميوزم ۾ موجود آهن. ميرصاحب جي ڪتبخاني جا ڪيترا ڪتاب  ”سنڌي ادبي بورڊ“  ۾ محفوظ آهن.

* مٿين فهرست حضرت مولانا صاحب جن مرتب ڪري عزيزم آغا بدرالدين خان جي ذريعي مون ڏانهن موڪلي، جنهن لاءِ ٻنهي صاحبن جو سپاس گذار آهيان.

* ديباچو  ”معيار سالڪان“ - برٽش ميوزم.

* پير محمد زمان لنواريءَ وارو به ساڳئي ميان محمد جو مريد   ۽  مير عزت الله جو پير ڀائي هو.

* بياض حسام الدين،  ”تحفـة الڪرام“  نسخه لاهور (سر ورق بخط مير  ”مائل“ )

v مير غلام علي ”مائل“  تي اسان جو مضمون  ”مهراڻ“  (بهار - 1955) ۾ ڏسڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org