سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 14

صفحو ؛ 21

 

باب پندرهون

 

بکر سرڪار ۽ ضلع سکر جا فارسي شعراء

بکر ۽ سکر سنڌ جي سري ۾ آهن. هن خطي مان هر دور ۾ شعراء ڪرام پيدا ٿيا، جن جا بيان ڏيئي چڪا آهيون. هن باب ۾ سندن ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي. سنڌي زبان، جا سنسڪرت کان به گهڻو جهوني آهي ۽ سندس قديم خط جو موئن جو دڙي جي مهرن تي ڏنل آهي تنهن کي پڙهي ڪو نه سگهيا آهيون. سنڌ هڪ زرخيز صوبو آهي جنهن تي وقت بوقت ڌارين قومن ڪاهون ڪيون ۽ اهي مهراڻ جي مٽيءَ ۾ ضم ٿي ويون. ايراني آيا ته پاڻ سان ايراني زبانون آندائون، بابلي آيا ته بابلي ٻولي آندائون. فنيقي آيا ته آنامي ۽ فنيقي خط کان هتي جي رهاڪن کي آشنا ڪيائون، سٿين، يو – پي ۽ ٻيون قومون ڪاهي آيون، مگر هن مٽيءَ سان گڏجي ويون. آرين اچي دراوڙن کي زير ڪيو پر دراوڙي زبان کي مٽائي ڪو نه سگهيا. اڄ دراوڙي زبانون زنده آهن ۽ سنسڪرت مرده آهي. عرب آيا ته پاڻ سان عربيءَ ۾ زبان آندائون ۽ سنڌي عرب علمائن قرآن پاڪ جو هنديءَ ۾ ترجمو ڪيو. مهراڻ ماٿري جي سنڌي، ملتاني ۽ پنجابي ٻولين لهنڊا کي جنم ڏنو ۽ اها زبان اڳتي هلي اردو سڏجڻ لڳي. سومرا ۽ سما سنڌي هئا، سندن زبان سنڌي گهرو زبان هئي. ليڪن سمن جي صاحبي ۾ فارسي سرڪاري زبان بنجي ويئي. ايترن انقلابن پوڻ ڪري سنڌي ٻولي مٽجي ڪو نه سگهي ۽ سنڌين جي مادري گهرو زبان هئي. مغل وچ ايشيا کان آيا ته فارسي شعر و شاعري ۽ دفتري زبان بڻجي ويئي. حڪمران قومن جو ماتحت قومن تي اثر پوي ٿو، تنهنڪري سنڌي به فارسي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا ۽ اهڙو اعجاز ڏيکاريائون جو عراق ۽ عجم وارا حيران ٿي ويا. ڪلهوڙن جي دور ۾ به فارسي دفتري زبان هئي، پر سنڌي زبان سندس سدا جيئري شاعر ارتقا جي منزل تي آڻي جادو بنائي ڇڏيو، جنهن جي خود مغربي زبان دان تعريف ڪرڻ لڳا. ٽالپرن جي دفتري زبان به فارسي هئي تاهم سنڌي علمائن ۽ شعراء ڪرام وطن جي مادري ٻولي کي ڪين وساريو. انگريز آيا ته هن ٻوليءَ جو گرامر ۽ عربي – سنڌي خط تيار ڪرائي هن مٺي زبان کي سندس صحيح مقام تي پهچائي ان کي تعليمي ۽ دفتري زبان بنائي ڇڏيائون. ايترن انقلابن پوڻ ڪري سنڌي شاعرن جو ڪلام هر دور مطابق فارسي ۽ سنڌي بڻجي سگهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت متعلق گهڻائي ڪتاب شايع ٿيا آهن پر اڃان پوري ڇنڊ ڇاڻ ڪا نه ڪئي ويئي آهي، زبان جو مسئلو اڃا حل ڪو نه ٿيو آهي.

 

 

علي قلي بيگ

شاعر علي قلي بيگ تخلص ”اميدي“ عيسيٰ ترخان (962 هه کان 974 هه) ۾ فوج جو سپهه سالار هو. 962 هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان بکر تي ڪاهي آيو، پر سلطان محمود ڪوڪلتاش بکر جي حاڪم هٿان شڪست کائي موٽيو. هن جنگ ۾ علي قلي بيگ مارجي ويو.

 

دست در کار عدو ناحقِ همت بخشد
شيرباشي اگر از جنگ نريزي سرِ خصم

 

مير المڪارم

مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين سبزواري پهريان مرزا شاهه حسن ۽ بعد ۾ بکر جي حاڪم سلطان محمود بن مير فاضل ڪوڪلتاش ولادت 898 هه حڪومت بکر وفات 962 هه پاران ايران جي شاهه طهماسپ صفوي حڪومت (930 هه کان 984 هه) جي دربار ۾ ايلچي ٿي ويو هو. مير صاحب فضل ۽ بلاغت ڪري مشهور هو ۽ شهنشاهه ايران پاران محمود بن مير فاضل لاءِ سلطان جو خطاب وٺي آيو. شعر و شاعري سان به ذوق رکندڙ هو: تخلص مير هوس.

 

عاقبت سوختن و ساختتت کاري کرد
صقيلِ آئينه گر ديد کفِ خاکستر

 

حسن قلي خان

حسن قلي خان تخلص ”ابهت“ مرزا عبدالرحيم خان خانان سان همراهه ٿي سنڌ جي ڪاهه ۾ شريڪ ٿيو. مردانگي ۽ بهادري جو ثبوت دکن جي جنگين ۾ ڏيئي چڪو هو، 999 هه ۾ سيوهڻ جي جنگ ۾ شجاعت ڏيکاري چڪو هو پر پوءِ ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي خان خانان کي هي بيت لکي مڪائين:

 

از دستِ هرکسي که فتادم فتاده ام
سيماب وار نيست بکف اختيارِ ما

 

محمد انوار لاهجي

محمد انوار لاهجي تخلص ”انوار“ اورنگزيب عالمگير (1099 هه کان 1118 هه) جي ڏينهن ۾ شهزادهه محمد معز الدين ولد شاهه عالم بهادر شاهه سان گڏجي بکر کان 1112 هه ۾ سيوهڻ پهتو هو:

همچو سنگي که بهر تاب هوا بس افتد
از خود افتادن مائيسٽ برايم مشکل

 

مير ابو البقاء امير خان

مير ابو البقاء امير خان ولد مير ابو القاسم خان النمڪين تخلص ”نواب“ جنهن جو نسل امير خاني سڏبو هو. مير ابو القاسم نمڪين متوفي 1019 هه جي قبر صفه صفحا (ستين جي ٿان روهڙي) تي آهي، هڪڙي ڏينهن امير خان آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي پاڻ کي اسلام عليڪم چيائين. ماڻهن اڪبر بادشاهه کي ٻڌايو مير صاحب کي سودا ٿي پيو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ڏسي پاڻ کي سلام ڪرڻ لڳو آهي. بادشاهه مير صاحب کي گهرائي سبب پڇيو، نواب صاحب علم ۾ ڪمال رکندڙ ۽ فراست ڪري مشهور هو، عرض ڪيائين ته ”غلام ظله سبحاني ۽ سايه ماطفت ۾ تربيت حاصل ڪئي آهي، هينئر جو ڏاڙهيءَ ۾ اڇا وار ڏٺا اٿم، تن جي تعظيم لاءِ انهن کي سلام ڪيم.“ شهنشاهه جواب ٻڌي بيحد خوش ٿيو:

 

فلک بسو ختان پيشتر همي سوزد است
ببين ز غال که مخصوص ’بهر سوختن ست‘

 

امين الدين خان حسين

مير امين الدين خان حسين بن سيد ابو المڪارم شهود، جو 1120 هه ۾ بکر مٿان فوجدار مقرر ٿيو متوفي 1127 هه، اڳ بيان ڪري آيا آهيون ته مير امين الدين سکر شهر کي جامع مسجد جوڙائي سينگاريو هو. سخن دان ۽ سخن آشنا هو:

افسوس که بيد و ست همه عمر بسر رفت
در صرفه همه کار شتراشتر و خر رفت
حالاتِ همه صرفه خر نقد، اطلس و ديبا
اوقاتِ همه در طلبِ نقرهء وزر رفت
بو تکيئه بادِ نفس اين همه مغرور
چشمي که بهم ميزني اين باد بدر رفت 
بر بالش راحت نسزد تکيه ز آنکه
از يک مڙه برهم زدنت فيض سحر رفت
--------

هر دم که ميکشيم بياد تو ميکشيم
مارا بغير يادِ تو يک دم نميرود

 

 

مير مرتضيٰ رضوي

مير مرتضيٰ ولد مير ڪمال الدين خان احمد رضوي، جو مخدوم ابو القاسم نقشبندي قدس سره تخلص ”الهام“ فن سواري، ڪشتي ۽ شمشير زني ۾ يڪتائي دهر هو. انهيءَ طرح صورت ۾ به يوسف ثاني هو. عين جواني جي عالم ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لاءِ دهلي ڏانهن ويو، پر اورنگزيب 28 ذيعقده 1118 هه ۾ وفات ڪري ويو. پٽس عالم بهادر شاهه تخت تي ويٺو هو. مير مرتضيٰ صاحب خوش خطي ڪري ”هفت قلم“ جي لقب سان سڏبو هو. 26 – 1127 هه ۾ وفات ڪيائين. بادشاهه سندس ڪرتب ڏسي خوش ٿيو هو پر عمر وفا نه ڪيس. شاعري پنهنجي والد جي سايه ۾ سکيو هو.

 

اي آنکه بعالم سخن يکتائي
در انجمنِ کمال بزم آرائي
چون از تو مراست در سخن دسترسي
خواهم که تخلصهم کرم فرمائي

 

تخلص جي جواب ۾ رباعي

بودم همه شب تا بسحر بي شک وريب
چون غنچه بفکر سر فرو برده بجيب
گل کرد لطيفه اي که از حسن قبول
”الهام“ تخلص تو دادند زغيب

 

محمد اشرف

محمد اشرف ساکرو جا وڏا سلطان محمود حاڪم بکر جي ڏينهن ۾ وڏن عهدن تي مامور هئا. مير علي شير قانع هن کي ڪلهوڙن جي تختگاهه محمد آباد ۾ ڏٺو ان وقت بلڪل پريشان حال هو ۽ هڪڙي بيت ۾ احوال هن طرح ڏنائين:

  

آن راکه نه چاشست ونه شام
چه صبح وطن چه شام – غربت

 

ملان اسحاق

آخوند ملان بکري سلطان محمود خان حاڪم بکر جي ملازمن مان هو. بعد ۾ مرزا غازي وقاري جو معلم ٿيو.

 

مي تپد دل در بزم در شوقِ تو
ميگذارد خانه را از ذوقِ تو

 

بالغ خراساني

بالغ خراساني، شاههِ خراسان جي خانقاه مشهد مقدس جي صفائي ڪندو هو. بالغ ”قوانين انشا“ کان واقف هو. سندس پيءُ به خانقاه جو جاروب ڪش هو، تنهن کي شاهجهان جي ڏينهن ۾ هندستان گهمڻ جو شوق دامنگير ٿيو. پيءَ ۽ پٽ جڏهن بکر پهتا ته پڻس وفات ڪئي، پئسي نه هئڻ جي ڪري گهڻو وقت بکر ۾ رهيو. بعد ۾ بيڪسي جي حالت ۾ هندستان جي سير جي سانگي سرهند پهتو:

هر چند چو پر کار همه در تگ پويم
از دائرهء عشقِ تو بيرون نکشم پا

 

عبدالباقي

ميرڪ عبدالباقي پوراني ولد شيخ ميرڪ محمود بن شيخ ابوسعيد پوراني جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، گهڻن ئي علمن ۾ ڪامل مهارت رکندو هو. خاص طرح علمِ هئيت ۽ حڪمت جو استاد هو. مولانا عبدالخالق گيلاني، جو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جو هم صحبتي هو، سو بعض ڏکيا علمي مسائل ميرڪ پوراني کان حل ڪرائيندو هو. ميرڪ صاحب اقليداس (جاميٽري) جو ايتري قدر ماهر هو جو اقليداس جون گهڻيون شڪليون ايجاد ڪيون هئائين، جي مقبول ثابت ٿيون.

دانه تسبيح کف حق شناس
رابعه رهروِ راهِ خداست

 

بايزيد بخاري

مير بايزيد بخاري، دور جهانگيري جي پنڌرهين سال 1028 هه ۾ ٻه هزار پيادل ۽ پنج سوار ٺٽي جو صوبيدار ٿيو، تنهن کان اڳ بکر جو صوبيدار هو:

عاشق از سوزِ درون بهره ورست
شمع را شعله بسرِ تاجِ زرست

 

مير بزرگ

مير بزرگ ولد مير محمد معصوم بکري ذڪي الطبع ۽ فڪر رسا رکندڙ هو:

دوش سوداي سرِ زلف کسي کرده گذر
سحر از هر سرِ موحلقه بپايم پيچيد

 

 

جان علي

جان علي اوچ جو رهاڪو هو. حج ڏانهن ويندي ڪجهه عرصو بکر ۾ رهيو هو:

کو هکن نوبت کاويدنِ دل
بغلط تيشه سرِ خويش زده ست

 

سيد حسين

سيد حسين عرف امتياز علي خان تخلص ”خالص“ فضل ۽ ڪمال جو هي گوهر ايران کان سنڌ پهتو هو. سندس ارادو بيت الله جي زيارت ڪرڻ هو. عالمگيري عهد ۾ جڏهن ٺٽو شهزاده عظيم الشان بن شاهه عالم بن اورنگزيب کي ڏنو ويو، ته سيد حسين کي صوبي جي ديواني ڏني ويئي. شهزاده شاهه عالم بهادر شاهه 1119 هه – 1124 هه جي ڏينهن ۾ ايران وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو، پر 1122 هه ۾ شهيد ٿي ويو. اهو سال مير غلام علي صاحب سرو آزاد ۾ ڏنو آهي ته امتياز خان اصفهاني ولد ميرزا باقر قورچي حاجي حرمين شريفين بود شهيد ٿيڻ کان اڳ بکر ۾ علامه مير عبدالجليل بلگرامي سان صحبتن ۾ رهيو ۽ پنهنجو ديوان بطور يادگار مير عبدالجليل بلگرامي کي ڏنو هئائين.

 

هم چو عينک بجهان صاف دلان يار هم اند
همه همسايهء ديوار بديوار هم اند
------

 

تلخ کامي لازم افتادست ظلم انديش را
مار دارد در دهن پيو سته زهرِ خويش را
------

 

هر گاهه شيخ رامي سرشار مير سد
فصلِ شگوفه ريزيء دستار مير سد
------

 

طرزِ سخن زغنچهء گل استفاد کن
خاموش باش و معنيء رنگين افاده کن
------

 

اميد رفتنِ جنت ز صدره از خدا دارم
که دستاويزي از تسبيحِ خاکِ کربلا دارم

 

------

 

بهر حالت کسي را همتم محروم نگذارد
کفم گر بود خالي بوسه دادم دستِ سائل را
------

 

بهر طرف که نظر ميکنم چراغا نست
خدا زياده کند عمرِ عاشقانِ ترا
------

 

مانندِ نگين آمدنِ هند ز ايران
خوب است اگر نقشِ کسي بد ننشيند
------

همچو آن موي سياهي کو سفيد آخر شود
آخر از هندستان خود را بايران مي کشم
------

 

رقيبا! من نمي گويم و باغ و بهار از من
بهار از تو، گل از تو، هر دو عالم ازتو، ياراز من
------

 

مرا اي باغبان از داغِ دل برگ و نوا باشد
چمن از تو، گل از تو، بلبل از تو، لاله زار از من

 

محمد رضا

محمد رضا بکري تخلص ”دانش“ سلطان محمود حاڪم بکر وٽ ملازم هو. سال 982 هه ۾ سلطان محمود جي مدح ۾ شعر چوڻ لڳو.

مرا در دولتِ سلطان محمود
خدا مستغني از گردون نموده
------

که اورا درِ سجود درگهِ وي
سرِ اخلاص را وازون نموده

 

عبدالله

عبدالله تخلص ”راجي“ ساڪن سکر اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، پر ”سکر شهريست بزرگ درسند“ هن کي وڻي ويو:

در آن ديار که از دردِ يار نيست اثر
اگر بهشت بود بهتر از ويست سقر

 

------

 

مانده در راهِ تو بر طبقِ اثر
قدمِ سوده و دو ديدهء تر

 

شيخ نقي

شيخ نقي تخلص ”رافت“ اصل ايراني هو، پر بکر جي خاڪ پاڪ ۽ ميرڪ عبدالوهاب پوراني ولد ميرڪ سيد محمود بن ميرڪ عبدالباقي قطبِ زمان جي صحبتن جو اهڙو مٿس رنگ چڙهي ويو جو وقت جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو:

 

مروت نيست در اهلِ زمانه
ز مهرِ رفته کي يا بد نشانه
غلط گويند انسان از همه به
چو انسانيتش نبود چه ره به
نه انسان اعتبار از شخص باشد
برين پندار سر رامي خراشد
بود لطفِ خداي معنيء او
هر آنچه از صورتت افتاد نيکو

 

شيخ محمد رضا

شيخ محمد رضا اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، پر پوءِ مدينته الاوليا بکر جي گلريز ۽ عنبر ريز مٽيءَ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو ۽ هتي دارالعلوم ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالمگير اول 1068 هه کان 1118 هه ۽ محمد شاهه 1131 هه کان 1161 هه جي ڏينهن ۾ بکر جي سرڪاري عهدن تي فائز رهيو، تان جو فوجداري عهدي تي پهتو، علامه مير عبدالجليل بلگرامي سان دوستي هئس، پوءِ نواب اعظم خان حاڪم ٺٽي جڏهن شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان جنگ ڪئي ته شيخ محمد رضا نواب جي طرف هو. شيخ محمد رضا جا ٻه پٽ بکر ۾ رهندا هئا، جتي 1143 هه ۾ هن وفات ڪئي، هيٺيان ٻه بيت مير قانع ”يد بيضا“ تان ورتا آهن.

 

کارِ ما آخر شد و آخر زما کاري نشد
مشتِ خاکِ ما غبار کوچهء ياري نشد
سالها خونِ جگر درنافِ آهو شد گره
مشک شدا ماچه حاصل خالِ رخساري نشد
------

 

از دوست گريزان شده اي، هاي ستم هاي
دشمن بکه باجان شده اي، هاي ستم هاي
گل چون نه زند جامهء جان چاک تو بيدرد
بي مي بگلستان شده اي، هاي ستم هاي!
شائستهء تعليم ملايک بودي واز جهل
بازيچهء شيطان شده اي، هاي ستم هاي!
------

 

هرکه ديديم درين دائره دمسازِ خود ست
ني کمر بسته بدل گرميءَ آوازِ خود ست
تابچشم و دلِ من گشته خيالِ تو مقيم
دل گرفتارِ خود و ديده نظر بازِ خودست
------

 

کارِ بي تابان نباشد صحبت يکتا دلان
رشته باصد تاب جا در چشمِ سوزن گرم کرد
------

سرو هم در قيدِ آزادي مقيد مانده است
کيست اندر ملکِ بي قيدي نشيمن گرم کرد
------

 

”رضا“ با سرد مهري هاي گردون گرم ميجودشد
بهارِ خرّ َ مي پندارد از افسردگي وي را

 

محمد هاشم

مير محمد هاشم رضوي بکر جي ساداتن مان هو، جو پوءِ نصرپور ۾ رهڻ لڳو، ڪرامات جو صاحب هو، محمد حسين تخلص ”شوقي“ سندس مريدن مان هو، جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

 

طالبِ دل شو که دل مرشد بود درراهِ حق
هر که اين معني ندارد قابلِ ديدار نيست
------

 

دلبرِ من چون بنازه جلوه فشاني کند
مرغ دلم درقفس، گرم عناني کند
پاز حنا ارغوان، چون بکند شاه من
رنگِ حنا برکفش، پاي گراني کند
------

 

دفترِ جرم چنان کرد پريشان نياز
آنچه ببرگِ چمن، باد خزاني کند
چونکه بغاوت شود ”ترکِ نصرپور“ من
عشوه کند تيغ کين، غمزه سناني کند
جذبهء عشقش ربود هوش و دلم از خود
کيست که غير از نگار داد ستاني کند
رو ”رضوي“ بر درش مير، که ناگه نگار
آمده بر تربت فاتحه خواني کند

 

اسد الله

مير اسد الله، تخلص ”ساقي“ مير معصوم ”نامي“ جي اولاد مان هو، مير قانع صاحبِ مقالاتِ الشعرا سان سندس ملاقات ڪلهوڙن جي تختگاهه شهر مراد آباد ۾ ٿي هئي، حڪيم يعقوب خان به ساڻس گڏ هو.

مست گردم زبادهء کوثر
اسد الله ساقيم باشد

 

ساڪت بکري

خبر نه ٿي پوي ته هن بزرگ جو ڪهڙو نالو هو ۽ ڪير هو، مقالاتِ الشعرا ۾ فقط ساڪت بکري لکيل آهي جو تخلص هوندس.

عشق باليده زسر تا پايم
وقت آنست که او راجايم

 

سروري بکري

هن شاعر جي نالي جي به خبر نه ٿي پوي ته ڪير هو، فقط تخلص ۽ بکري جو پتو پئجي سگهي ٿو.

محبت را توان در دل نهفتن
اگر در اختيارم ديده باشد

 

سيد محمد

مير سيد محمد ولد علامه مير عبدالجليل بلگرامي تخلص ”شاعر“ محمد فرخ سير جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ 1133 هه ۾ بکر ۽ سيوهڻ جو وقاع نويس ۽ بخشي گيري جي عهدي تي مقرر ٿي آيو. عربي، فارسي ۽ هندي جا ڪيترا اشعار، بيت ۽ دوهيڙا کيس ياد هئا. پاڻ شاعر هو. ”ديوان رنگين“ سندس يادگار آهي، هڪ مثنوي ”بناز و نياز“ به سندس سوز ۽ گداز سان چيل آهي:

تا ”ياذن لي ابي“ بخطت ديدم
گلهاي طرب از چمنِ دل چيدم
پروانه صفت بخويشتن جنبيدم
اي شمع پدر گردِ سرت گر ديدم
------

 

مثنوي ناز و نياز:

رخِ او در ملاحت چون قمر بود
لبِ او در حلاوت چون شکر بود
نه خال از آتش رخساره افروخت
سپندي از براي چشمِ بد سوخت
نزاکت خانه زادِ جسمِ او بود
برنگِ برگِ گل دررنگ و بود بود
ميانِ ناز کش از موئي باريک
چوسير مور در شبهاي تاريک
ز ساعد پنجهء رنگين نمودار
چو شاخِ گل که آرد غنچها بار

------

دل درخم گيسوي نگارست ببينيد
در دام محبت چه شکاراست ببنييد

 

مير صمد

مير صمد نالو، تخلص ”شاهه“ لا ابالي فقير هو ۽ بکر جي ويجهو تڪيو هوس:

در سواد ملک دل شاهي مراست
احد الله الصمد شاهيم راست

 

محمد شفيع

محمد شفيع درٻيلي جو رهاڪو هو. سندس باري ۾ وڌيڪ خبر پئجي نه سگهي آهي:

در زمينِ عشق هر تخمي که کاري برد هد
خون فرهاد است تا امروز هر سالي انار

 

نوٽ: سيد جلال الدين ابو الحسين ”مخدوم جهانيان جهان گشت“ متوفي 785هه ۾ پنهنجي سياحت ۾ جبل بيستون پهتو، جتي فرهاد پاڻ کي تيشو هڻي پورو ڪيو هو. هن جو رت جنهن هنڌ تي پيو اتي ڏاڙهونءَ جو وڻ پيدا ٿيو جو هر سال ٻه ڏاڙهون ڏيندو آهي، هڪ مٺو ٻيو رت وانگي. شاعر ان ڏاڙهونءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.  

 

محمد صالح

مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود ڪوڪلتاش کان مدد گهرڻ آيو هو، پر هڪڙي بلوچ هٿان مارجي ويو ۽ بهادري ۽ شعر گوئي ۾ عبور رکندڙ هو. ”منتخب التواريخ“ ۾ سندس هيٺيون بيت ڏنل آهي:

 

بران عزمم که در ملکِ جنون از سر قدم مانم
متاعِ هوش و دانش را ببازارِ عدم مانم

 

سيد صفائي

سيد صفائي بن مرتضيٰ الترمذي، المنتسب اليٰ سيد شير قلندر ابن بابا حسن ابدال، جو صاحب ڪرامات ۽ علم ۽ عمل جي لحاظ سان پنهنجي وقت جي عالمن ۾ يگانه روزگار هو. فضلا ۽ علما جي صحبتن ۾ رهندو هو، سندس دستر خوان مسافرن ۽ محتاجن لاءِ کليل رهندو هو، بکر پهچڻ کان پوءِ شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طبيب، جو بکر جو شيخ الاسلام هو، 977هه ۾ سندس وفات کان پوءِ سيد صفائي بکر جو شيخ الاسلام ٿيو. وفات 991هه. پٽس مير محمد معصوم قطعه وفات هن طرح چوي ٿو:

 

شاهه قرشي لقب ”صفائي“
کافر اخت فلک لواي نورش
افتاده بان جهان عبورش
تاريخ بجستمش ز ”نامي“

گفتا ”پر نور باد گورش“ (991 هه)

 

هي بيت سيد صفائي ڏانهن منسوب آهي:

شجر عشق بهرجا که دواند ريشه
مزهء مور کند کار هزاران تيشه

 

ملان طيب

ملان طيب ٺٽي جو رهاڪو هو، سيوهڻ ۽ بکر ۾ گهڻو وقت رهيو. حضرت لعل شهباز قلندر جي مدح ۾ وڏو قصيدو چيو اٿائين. ڪجهه سٽون نموني طور تبرڪن ڏجن ٿيون.

صحنِ پاکِ مرقدِ آن شاهِ دين
درصفا رشکِ گلستانِ ارم
نا اميدان رابد گاهش رسد
هر زماني مزدهء رفعِ الم

 

عبدالرزاق

عبدالرزاق ولد امير خان بن ابوالقاسم نمڪين الهروي عقلي و نقلي عملن جو ماهر هو. حافظو اهڙو مضبوط ۽ تيز هوس جو ڪهڙو به ڏکيو لفظ هجي لغت مطابق ٻڌائيندو هو پر ابو حذيفه واصل بن عطا معتزلي 180 هه – 181 هه وانگي زبان ۾ ڪجهه ٻاتائي هيس. مير عبدالرزاق جا بيت هن طرح آهن:

 

مي فروزد جانِ ماچون دست سوي مي برد
ميفز ايد حالِ ماچون لب بسوئي ني برد
مخفيم در جوهرِ معني چو معني در سخن
ديدن من هر که خواهد کو بمعني پي برد
درد مندم قطرهء خوي خواهم از زلفِ کجت
خواهشِ مبروص باشد تاز افعي قي برد

 

انهن بيتن جي جواب ۾ مير ابو المڪارم ڪنزل جو مطلع هي هو. بيت:

مست نوشِ لعلِ اوکي دست سوي مي برد
نغعه سازِ عشق اوکي دست سوي ني برد

 

عبدالوهاب

شيخ عبدالوهاب ولد مير بايزيد ابن سعيد پوراني، مير محمود شيخ ميرڪ شيخ الاسلام جو ڀائيٽيو هو. شيخ عبدالوهاب خصائل حميده ۽ شمائل پسنديده ۽ شرعي احڪامن کان واقف هو. ”جامع پوراني“ سندس فتوائن جو ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هو. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هو، متوفي 990 هه:

رهي بدوست زدل گر نيافتي هيهات
گلِ اين باغ ندانم که چه بوداشته است

 

نجم الدين بکري

مير نجم الدين ولد مير محمد رفيع رضوي تخلص ”عزلت“ مير محمد يوسف رضوي رحه جي اولاد مان هو. مير محمد يوسف بن مير سيد جادم بکري، بکر ڇڏي وڃي ٺٽي ۾ قيام ڪيو ۽ مبارڪ شاهه ٺٽوي مريد ميران محمد جونپوري جي بيعت ڪري ”رضوي مهدوي“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ مڪليءَ تي سندس قبر زيارت گاهه آهي. نجم الدين مخدوم معين جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو هو. مخدوم محمد معين جا سمورا شاگرد فتويٰ جا صاحب ۽ واعظ هئا. عزلت صاحبِ ديوان به هو. فارسي ۾ سندس ”طوطي نامه“ نخشبي کان بهتر آهي. نجم الدين عزلت 1160 هه ۾ وفات ڪئي:

معشوق راز جوهرِ ناز آفريده اند
عشاق راز خاکِ نياز آفريده اند

 

علي بيگ

شيخ علي بيگ جلاير بابر بادشاهه جي وفادار ملازمن مان هو، همايون معزول ٿي سنڌ پهتو ته علي بيگ به ساڻس همراهه هو ۽ وفاداري ڪري سلطان محمود بکري ۽ ارغونن سان وفادار رهيو. هن 950 هه ۾ وفات ڪئي:

گفتم که عدم گشت وجودم زغمِ تو
گفتا که مساوي ست وجودو عدم تو

 

علي رضا

شاهه علي رضا درويش، حضرت پير دستگير رحه جي اولاد مان هو. اوائلي عمر ۾ ڪتاب اٺن تي کڻي سير سياحت جي ارادي سان ٺٽي پهتو، جتي مخدوم محمد معين سندس خدمت ۾ شيخ اڪبر ابن العربي جو ڪتاب ”فصوص الحڪم“ پيش ڪيو، جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ صاحب شهود بڻجي ويو. بعد ۾ بکر جي ڀر ۾ پنهنجي تڪيه ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ نور محمد خدايار خان هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هو. سندس هڪڙي شعر جي مصرع آهي:

بخويشتن نگريد اي گروهِ حق طلبان
که غير نيست چو خود واقفِ رهِ جانان

 

قطب الدين

شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طيب خراسان جي جليل القدر ساداتن مان هو. اوزبڪن جي خراسان تي ڪاهه ڪرڻ وقت سنڌ ۾ وارد ٿيو ۽ مرزا شاهه حسن ارغون کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. هر جمع ڏينهن وعظ ڪري خلق کي فيض پهچائيندو رهيو ۽ پرهيزگار بزرگ هو. سندس تاريخ وفات ”واغظ“ آهي 977 هه:

جهادِ نفس بهِ ست از جهادِ اسلامي
که در درونِ تو جايست دشمنِ دين را

 

ڪامران مرزا

مرزا ڪامران بن بابر 14 – 915 هه ۾ گلرخ بانو جي بطن مان ڄائو ۽ 932هه ۾ ڪابل ۽ قنڌار، بابر سندس حوالي ڪيا ۽ ٻن سالن کان پوءِ ملتان جو صوبو به کيس ڏنو ويو. همايون شير شاهه کان شڪست کائي ايران ڏانهن ويو. مرزا ڪامران مرزا شاهه حسن ارغون جي دختر چوچڪ بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ شادي ڪري ڪابل ڏانهن وٺي ويو. وري جڏهن همايون ايران کان موٽي قنڌار ۽ ڪابل فتح ڪيا ته ڪامران همايون ۽ سندس سردارن کي تنگ ڪرڻ لڳو. 954 هه ۾ ڪامران شڪست کائي گرفتار ٿيو ۽ شهنشاهه جي حڪم سان غلام علي فراش خانه جي داروغي نشتر سان ڪامران جون اکيون ڪڍي ڇڏيون. هي 960 هه جو واقعو آهي. 961 هه ۾ مرزا ڪامران سکر پهتو. مرزا شاهه حسن ساڌ ٻيلي ٻيٽ تي جو نزهتگاهه هنڌ هو، هن لاءِ عمارت جوڙائي ۽ ميرپور بٺوري جو پرڳڻو هن جي باورچي خاني جي خرچ لاءِ مقرر ڪيائين. مرزا ڪامران ڪجهه وقت اتي رهي حج جي ارادي سان ٻيڙيءَ تي چڙهي روانو ٿيو ته چوچڪ بيگم مڙس سان رواني ٿي، توڙي جو مرزا شاهه حسن ڌي کي گهڻو ئي سمجهايو پر بيگم مڙس کي نه ڇڏيو. ڪامران ٽي دفعا حج ڪيو ۽ يارهين تاريخ ذي الحج منا ۾ 964 هه ۾ وفات ڪئي. مرڻ مهل همايون جي مدح ۾ هي غزل لکي دهلي ڏانهن مڪائين:

حسن تو دمبدم افزون بادا
طالعت فرخ و ميمون بادا
هر غباري که ز راحت خيزد
نورِ چشمِ منِ محزون بادا  

هر که گرد تو چو پر کار نگشت
اوازين دائره بيرون بادا
”کامران“ تاکه جهان راست بقا
خسرو دهر همايون بادا

 

صاحبِ ”هفتم اقليم“ جو بيان آهي ته مٿين غزل سان گڏ هيٺيون غزل به مڪو هئائين:

چشم بر راهِ تو داريم شد ايامي چند
وقت آن شه که نهي جانبِ ماگامي چند
بهرِ صيدِ دلِ مادانهء خال توبس است
هر دم از زلف منه برسرِ مادامي چند
انکه هرگز نفرستد سوي ما پيغامي چند
چه شودگر کندم شاد بدشنامي چند
تاکسي ميل دلم را برخت بي نبرد
دولتِ وصل تو خواهم و دلارامي چند
ما خراباتي و رنديم تو باما منشين
حيف باشد که نشيني تو ببدنامي چند
کامران اين غزلِ تو به همايون بفرست
باشد ارسال کند سوي تو انعامي چند


مرزا ڪامران کي پنج نياڻيون هيون – حبيبه بيگم، عائشه سلطان، گلرخ بيگم، حاجي بيگم ۽ گامذار بيگم ۽ هڪ پٽ ابو القاسم نهايت ذڪي ۽ مليح هو ”شوڪتي“ تخلص هوس، 964 هه ۾ اڪبر جي حڪم سان گواليار جي قلعي ۾ شهيد ڪيو ويو. مرزا ڪامران جو ديوان بانڪي پور جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي، جنهن کي پروفيسر محمد محفوظ باهتمام ۾ مفيد مقدمي سان 1929ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪرايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org