سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 12

صفحو ؛ 13

 

باب ٻارھون

 

سکر ويهين صديءَ ۾ پوليس انجمن

 

1904ع ۾ سکر هيڊ ڪوارٽر پوليس انجمن، چندا گڏ ڪري سُڪي تلاءُ ۾ منارن واري مسجد تعمير ڪرائي.

 

سکر پراڻي ۾ انگريزي اسڪول

1903ع ۾ سکر پراڻي ۾ مئولس انگريزي اسڪول کوليو، ھينئر اُتي نئون ھاءِ اسڪول آهي.

 

گئَو شالا

درياھه جي ڪپ تي هي ڳئون ڀڳت سيٺ ٻالچند 1909ع ۾ تعمير ڪرايو، جتي ڳئون جي پرورش ڪرڻ کان سواءِ سندن علاج ڪرڻ جو بندوبست ڪيل هو. ساڌ ٻيلي جو مهنت نگراني ڪندو هو. هينئر اُتي مهاجرن لاءِ ڪالوني ٺهيل آهي.

 

ڊسٽرڪٽ جيل

سول ڪورٽ پٺيان 1906ع ۾ 2،74،843 روپين جي لاڳت سان ڊسٽرڪٽ جيل جي قلعي نما عمارت تعمير ٿي.

 

سوامي آچل پرساد آشرم

ساڌ ٻيلي جي سامهون درياءَ جي کاٻي ڪپ تي سيٺ دولترام ڀرين واري 1912ع ۾ پنهنجي دوست سوامي آچل پرساد لاءِ جوڙائي مٿس ”تپوبن“نالو رکيو. سوامي آچل پرداس جو اصل نالو لکيسر داس، لقمان جو ويٺل وڏو سيٺ هو، جنهن جون سڄيِءَ سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيون هيون، پوءِ سڀ ڪجهھ گھر ٻار سميت ترڪ ڪري تيرٿن جي ياترا ڪرڻ ويو ۽ ڪجهھ وقت ڪاشيءَ ۾ رهيو ۽ موٽڻ بعد هن آشرم ۾ رهڻ لڳو، ساڌ ٻيلي جي مهنت جي نگراني ۾ هو. 1947ع ۾ هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو تپوبن جون سرون به ڪڍي کڻي ويا.       

 

راجا وير[1]

آدم شاھه شهيد جي مزار تي مسلمانن جي اچڻ کي ڏسي، هندن ٽڪريءَ ھيٺيان ريلوي لوڪو ورڪشاپ جي ديوار جي ڀر ۾ مندر جوڙائي ھُلايو ته راجا وڪرم جو آستان آهي. راجا وير تي ھر چنڊ رات ميلا لڳندا ھئا. 1947ع ۾ لڏ پلاڻ ڪري راجا وير اڄ صفا ويران آهي.

 

گولي مار

19 صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ بوئرن (ڊچن) ۽ انگريزن جي ويڙھه ۾ انگريزن جي سوڀ ٿي، جنگ جي خاتمي کان پوءِ جنرل رابرٽ انگريزي فوجن کي رائيفل ٽريننگ لاءِ حڪم ڏنو، تنهنڪري سکر جي ريلوي کاتي ۾ جيڪي گورا ملازم فوج ۾ والنٽئر ھئا، تن کي رائيفل سکيا ڏيڻ لاءِ سکر ريلوي اسٽيشن جي اُتر ۾ مٽيءَ جا دڙا ٺاھيا ويا ۽ اُتر اولهائين ٽڪريءَ تي نشاني بازي لاءِ انتظام ڪيو ويو، ھفتي ۾ ٻه ڏينهن چاند ماري ڪرڻ لاءِ مقرر ھئا، نشان چٽڻ وقت ٽڪريءَ مٿان ڳاڙھي جهنڊي کوڙيندا ھئا، جيئن لنگهندڙ خبردار رھن . ھڪڙو ملٽري سارجنٽ جو مورچن جي حفاظت لاءِ مامور ھو، سو رائيفل جي نشاني بازي جي به نگراني ڪندو ھو، گولي مار جو ڪم 1904ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1914ع ۾ ختم ٿيو، منڊمون به گولي مار ننڍڙين رائيفلن سان ڪنديون ھيون، گهڻو ڪري صبح جو ٻه ڪلاڪ گولي مار پرئڪٽس ٿيندي ھئي.     

 

بجلي گهر

سال  1922ع ۾ سکر بجلي گهر قائم ڪيو ويو ۽ ضرورت آھر هن کي وڌايو ويو. ليڪن تقسيم برصغير کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجلي جو کاپو وڌڻ لڳو ۽ پراڻين مشينن ۾ بار کڻڻ جي طاقت نه ھئي. تنهنڪري مارچ  1962ع  ۾ ڪولمبو پلان موجب حڪومت ڪئناڊا ۽ جمهوريه پاڪستان درميان ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ھن ڪم تي 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 ھزار روپيا غير ملڪي زرمبادله خرچ ٿيندو جو حڪومت ڪئناڊا ڏيڻا ڪيا آهن. هي ٺيڪو ”اسٽيڊلر ھرٽر انٽرنيشنل ڪمپني“ مانٽريل (ڪئناڊا) کي ڏنو ويو آهي. هن وقت اپر سنڌ جي فقط 13 شهرن دادو، ڳڙھي ياسين، جيڪب آباد، گمبٽ، خيرپور، ڪوٽ ڏيجي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، روھڙي، رتو ديرو، شڪارپور، ٺارو شاه کي گهڻو ڪري ننڍن غير منافع بخش ڊيزل مشينن رستي بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. نئون بجلي گهر 13 شهرن باڊھ، چڪ، ڏوڪري، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌرا، ڪنڊيارو، ڪنڌ ڪوٽ، خانپور، کهڙا، خيرپور ناٿن شاه، نوشهرو فيروز، مورو، نصير آباد، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، پنو عاقل، ٺل، اٻاوڙو، راڌڻ، غوث پور، لکي، مديجي، سلطان ڪوٽ ۽ نئون ديرو کي بجلي هيا ڪئي ويندي ۽ 40 لکن روپين جو زرمبادله بچي پوندو. ھن رٿا موجب 157 ميل 66000 وولٽ جون لائينوننن، 80 ميل 11000 وولٽ جون ايتري ئي مفاصلي تي گهٽ طاقت جون لائينون يعني 400 وولٽ لائينون وڇائڻ شامل آھن.

 

فائر برگيڊ

ميونسپل فائر برگيڊ واليس گنج بازار جي سري ۾ ماڪيٽ ٽاور جي ويجهو آهي. باھه لڳڻ جي حالت ۾ شهرين جي اطلاع لاءِ ميونسپل جا وسل آواز ڪن ٿا ۽ رات جو ميونسپل ٽاور واريون بتيون مختلف روشنائن وسيلي باھه لڳڻ واري هنڌ جو ڏس ڏين ٿيون ۽ ڏينهن جو ٽاور سرخ، سبز، سفيد جهنڊين ذريعي اطلاع ڏي ٿو.

 

لائيڊ بئَراج

ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا، انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ آھي. دنيا ۾ ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو. ھيءَ پُل ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڳي سفيد پٿر جي جڙيل آهي، جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن، جي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور ھائوس ڌار آھي. هن پل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾  جانچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع  تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي_ اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾سيڪريٽري هند کان منظوري پهتي ۽ ساڳئي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ٿيو [2]. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر  اڇلائڻ لڳي. جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن Excavators ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. 13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو. ھن موقعي تي سڄي ھندستان جا سرڪاري خواه غير سرڪاري معزز ماڻهو حاضر ٿيا. اهڙو اجلاس شايد ٻئي ڪنهن هنڌ يا سکر ۾ اڳ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ھو. بئراج تي ”لائڊ“ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنهن ڪم ۾ دلچسپي ورتي ھئي. لائڊ بئراج پل جا دنيا ۾ آبپاشيءَ جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. خاص ڪري چاندوڪي رات ۾ ان جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل آهي. پل جي کاٻي پاسي هڪ عجائب خانو به جڙيل آهي. هيءَ پل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ وڏي آهي. ساڄي پاسي کان 3 وڏا واهه:ـ (1) اُتر اولهه ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نڪرن ٿا. ۽ کاٻي پاسي کان ڇار وڏا واهه نڪرن ٿا:ـ (1) اوڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٻه مضبوط ديوارون درياهه ۾ 1600 ۽ 1900 سوء فوٽ ڊگهيون آهن، اوهي درياه جي لٽ کي روڪڻ ۽ واهن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ آهن. مٿيان واهه دائمي وهن ٿا ۽ هي موسم ۾ پاڻي پهچائين ٿا. جمله 166،6 ملين ۾ زمين آباد ڪن ٿا. مٿن 1970ع ۾ پليون ٻڌل آهن ۽ ويڪر ۾ 346 فوٽ آهي. پل تي ويهه ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. مملڪت جمهوريه پاڪستان پل جي ڀر ۾ سياحن لاءِ وڏي هوٽل تعمير ڪرائڻ جي رٿ تي غور ڪري رهي آهي. بئراج ڪالوني پوڻ ڪري سکر نئين جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ساڄي ڪپ تي المهراڻ عمدي تفريح گاهه آهي.

 

سال

آدمشماري

1921ع

1931ع

1947ع کان پوءِ

 

 42759

 

64996

 

ڏيڍ لک کان آبادي مٿي آهي

 

1931ع جي آدمشماريءَ موجب شهر ۾ هندن جو تعداد 38180، مسلمانن جو تعداد 24150، پارسي 111، عيسائي 523، سک 19185، يهودي 8 ۽ باقي ٻيون قومون ھيون.

 

سينٽرل جيل

1938ع ۾ بئراج پل جي کاٻي پاسي سينٽرل جيل ۽ پوليس لاءِ ڪوارٽر تعمير ٿيا هئا.

 

عبدالحميد خان اسپتال

آغا عبدالحميد خان، خان بهادر خداداد خان جو فرزند ڪيترا سال ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ هر دلعزيز سماجي ورڪر هو، جنهن نالي تي غريب آباد ۾ هڪ ننڍڙي اسپتال کولي ويئي. اڳ اسپتال جي ديوار تي نالي جو بورڊ لڳل هو پر 1962ع کان بورڊ غائب آهي. آغا عبدالحميد خان 1961ع ۾ وفات ڪئي.

 

راٿفيلڊ اسپتال

سکر پراڻي جي شهر واسين جي سهوليت لاءِ 1920ع ۾ هيءَ اسپتال کولي ويئي هئي.

 

ليڊي گراھم ويم گهر

مناري جي سامهون زنانه ميونسپل اسپتال جي لڳ، شڪارپور جي ھڪداني سيٺ سوڀراج چيٽومل جي خرچ سان 1930ع ۾ ويم گهر تعمير ٿيو، جنهن کي ليڊي گراھم ريڊ ڪراس نالو ڏنو ويو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان عليحده ٿي ۽ سر لانسيلاٽ گراھم سنڌ جو پهريون گورنر ٿي آيو.

 

ڪندنداس مارڪيٽ

هي ننڍي مارڪيٽ جنهن ۾ گوشت ۽ ڀاڄيءَ جا دڪان آهن ۽ مئجسٽريٽ جي دفتر ھيٺان آهي سا ميونسپل 1935ع ۾ تعمير ڪرائي مٿس سرڪاري وڪيل راءِ بهادر ڪندنداس مارڪيٽ نالو رکيو. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر ھيرا نند سکر ۾ موجود آهي. تقسيم کان پوءِ دڪان ڳائي گوشت جا مسٽر عبدالرزاق جي چيف آفيسري جي وقت ۾ کليا انگريز ڪليڪٽر مسٽر ري کلي چيو ڪندن داس بيف مارڪيٽ.

 

شرڌا نند باغ

ليوڪس پارڪ جي اُتر ۾ ميونسپل باغ آهي، هن باغ جو اصلي نالو ”منگل باغ“ هو بعد ۾ شڌي ۽ سنگهٽن جي باني شرڌانند، جنهن کي دھليءَ ۾ عبدالرشيد قتل ڪيو تنهن جي يادگار لاءِ هندن منگل باغ تي ”شرڌانند باغ“ ۽ مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ميونسپل پارڪ تي ”محمد علي جوهر پارڪ“ نالو رکيو. تقسيم هند کان پوءِ مسلمانن شرڌانن باغ تي ”غازي عبدالرشيد باغ“ نالو رکيو.

 

ٻيو دفعو پليگ

1915ع ۾ ٻيو دفعو سکر ۾ پليگ پئي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا.

 

انفلوئنزا

1919ع ۾ انفلوئنزا ڪلور ڪيا. مسلمان مردن کي بغير ڪفن دفنائڻ لڳا هندن کي ڪاٺيون مُردن کي ساڙڻ لاءِ نه پي مليون.

 

ليوڪس پارڪ

ڪيفي ايران ھوٽل جي سامهون سکر جي مشهور تفريح گاه ليوڪس پارڪ آهي. اڳ اسڪولن جي راندين جو ميدان ھو. 1919ع ۾ ھن کي پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ مٿس ليوڪس پارڪ نالو رکيو ويو. ليوڪس جي تعريف ھن طرح آهي ته 1905ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ۽ بس! تقسيم هند کان پوءِ پارڪ کي مهاجرن جي جهوپڙين سان ڀري ڇڏيو ۽ تفريح گاه جي رونق مٽجي ويئي. وري جڏھن مسٽر نصرت حسن سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو، تڏھن مهاجرن کي ٻين ھنڌن تي منتقل ڪري پارڪ کي گلن ۽ ٻوٽن ۽ حوضن سان سينگاري سبزه زار بنائي ڇڏيو. سکر براڊ ڪاسٽنگ جا نغما ھر شام سير ڪندڙن لاءِ سرور مهيا ڪن ٿا. ھن وقت سندس نالو محمد بن قاسم پارڪ آهي.

 

سنسڪرت پاٺشالا

سيٺ پارومل جي شاپ پٺيان هڪ ھندوءَ سنسڪرت پاٺشالا کولي ھئي. شاگرد ته نطر نه پي آيا، پر بورڊ گهڻو عرصو لٽڪندو رھيو. شايد بورڊ جي  پنڊت گذر سفر ڪندو ھو.

 

عيد گاهه

شيخ بابو محمد سليمان جي ڪوشش سان 1907 ع ۾ مسلمانن چندا گڏ ڪري سينٽ ميري ديول ۽ موزئنڪ لاج جي وچ واري زمين تي عيد گاهه تعمير ڪرائي، يعني ته اڳ سکر نئين جي مسلمانن وٽ عيد گاهه ڪونه ھئي. مسجد عيد گاهه جو سنگ بنياد حضرت پير پاڳاري صاحب پنهنجي دستِ مبارڪ سان رکيو. عيد گاهه جي اولهندي واري ديوار تي سنگمرمر جي تختيءَ تي ھي ڪتبو اُڪريل آهي.

 

”بتاريخ 27 شهر شعبان المعظم سنه 1323هه سنگ بنياد اين بنائي خيررا جناب شرافت و نجابت انتساب حقائق و معارف آگاه حضرت شمس العلما السيد پير شاھ مردان شاهه صاحب الحسين الحسيني القادري النقشبندي بدست مبارک خويش گزاشتند اين چند سطور بطور ياد گيري نوشته شد“ اللهمه اغفر لبا ينها و معاونها و مهتمها بحرمت سيد المرسلين محمد المصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم[3].

 

عيد گاهه کي مسلمانن ڇت وجهائڻ جو ارادو ڪيو هو پر 1908ع ۾ شيخ محمد سليمان صاحب جي وفات ڪري اهو ڪم رهجي ويو. عيد گاهه کي اوڀر کان فقط ھڪ دروازو ھو. ٻيو اتر طرف وارو دررازو ماستر حبيب الله صاحب تعمير ڪرايو. عيد گاهه ڪاميٽي تي شيخ سليمان مالڪ اخبار الحق، خانبهادر، پير بخش ميمڻ، پيرزادو عبدالرحمان صاحب، ماستر حبيب الله صاحب ۽ ميان ڪرم علي شاه گيلاني ھئي، جن 1904ع ۾ بنيادي ڪم شروع ڪرايو  ھو. 1937ع تائين ماستر حبيب الله متولي ٿي رھيو. 1937ع ۾ سندس وفات کان پوءِ عيد گاهه جو ڪم حافظ محمد صديق صاحب پنهنجي هٿ ۾ کنيو. بعد ۾ مسٽر خان ”دون ريڊيو ۽ گرامو فون ڪمپني سکر“ عيد گاهه جو انتظام سنڀاليو. ھن صاحب وڏي خرچ سان عيد گاهه جي ويران ميدان کي گلن ۽ ٻوٽن سان گلريز بنائي مٿس ”گلشن عيد گاهه“ نالو رکيو. 1963ع ۾ وري حافظ محمد صديق نگران مقرر ٿيو ۽ مئنيجنگ ڪميٽي ۾ عبدالمجيد پيرزادو، محمود ميان، سيد بهادر علي شاهه، شيخ عبدالرزاق، نعمت الله قريشي، محمد حسن ڀٽو، حافظ عمر، حاجي محمد  رفيق ۽ مولانا احمد محمد ميمبر ٿي رهيا، نعمت الله قريشي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سجاد الله قريشي ۽ عبدالمجيد پيرزادي جي گذارڻ کان پوءِ عبدالحليم پيرزادي کي ميمبر ڪيو ويو. حافظ محمد صديق جي وفات کان پوءِ سجاد الله قريشي عيد گاهه جو نگران ٿيو ۽ مسجد جي ڪم ۾ وڏي دلچسپي وٺندو رھيو.

 

پيسومل پارڪ

راءِ صاحب ديوان پيسو مل 1888ع کان 1911ع مرڻ تائين سکر ميونسپالٽيءَ جو  وائيس پريزيڊنٽ ٿي رھيو ھو، 1920ع ۾ ھن جي يادگيري لاءِ ميونسپالٽي سکر بندر تي ھڪ پارڪ جوڙايو.

 

چوھڙ داس پارڪ

ھي خوبصورت پارڪ جو 1928ع ۾ تيار ڪرايو ويو، سکر پراڻي ۾ ريلوي لائين جي ڀر ۾ آھي.

 

جي ـ ايل اسڪول

مسٽر گوپالداس پهلاجاڻي 1908ع ۾ بندر تي هاڻوڪي نواب جي ڪارخاني ۾ جو اڳ گدام ھو، انگريزي چئن درجن جو اسڪول ”نيو انگلش اسڪول“  ۽ 1920ع ۾ ميونسپل جي حوالي ڪيو ويو.

 

ويڙھا سنگهه پليٽ فارم

سيٺ ويڙھا سنگهه جي پٽ سيٺ رامچند پيءُ جي روپين سان يادگيريءَ لاءِ بندر تي گنبذن سان ھواخوريءَ لاءِ 1936ع ۾ ھڪ پليٽ فارم جوڙايو هو، 1962ع ۾ خواتين جي ھواخوريءَ لاءِ منجهس سڌارا ڪيا ويا آھن.

 

مارڪيٽ ٽاور

مارڪيٽ ٽاور جو مارڪيٽ چونڪ جي سونهن آهي ۽ 90 فوٽ اوچو ھشت پهلو آهي، سندس چئني ڪنڊن کان گهڙيال لڳل آهن ۽ سندس چو گرد دوڪان آھن، سيٺ واڌو مل پنهنجي ٻن ڀائرن سيٺ سندر داس ۽ سيٺ ڏيئو مل جي ياد گيريءَ لاءِ ڏهه هزار روپيا ”سندر شيوڪ سڀا سکر“ کي تعمير ڪرائڻ لاءِ ڏنا، جنهن 1937ع ۾ ٽاور تعمير ڪرايو، جنهن جو افتتاح سلر جي ڪليڪٽر مسٽر مير چنداڻيءَ ڪيو، اوڀر کان ننڍڙو پارڪ به اٿس.

 

علمي ٽاور

پير الاھي بخش صاحب 1939ع ۾ سنڌ جو وزير تعليم ھو، ھن صاحب ”جهالت ٽوڙ“ تحريڪ شروع ڪئي ھئي، وزير تعليم جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ يا چئو ته سکر جي ويران ٽڪريءَ جا ڀاڳ کليا جو مسٽر ڪوٺا والا ڪليڪٽر سکر عيد گاهه جي سامهون واري ٽڪري تي ماه مئي 1939ع ۾ پير صاحب هٿان ”علمي ٽاور“ جو سنگ بنياد رکايو، سيٺين ۽ زميندارن ھن ڪار خير ۾ دل کولي چندا ڏنا، سال 1940ع ۾ ٽاور تيار ٿيو جو زمين جي سطح کان 110 فوٽ اوچو ۽ 66 فوٽ ويڪر ۾ آھي، چو طرف گهڙيال لڳل ۽ ٽڪريءَ تي خوبصورت پارڪ ۽ پاڻي جو حوض آھي، پارڪ جي اتر ۾ ريلوي ورڪشاپ جي بالا عملدار پنهنجي اھليه جي نالي تي ”ناز“ پارڪ ٺهرائي منجهس ٻارن لاءِ پينگهه ۽ ھڪ گسڪڻ تعمير ڪرايا، ھر شام جو ماڻهو ۽ ٻار گهمڻ ايندا ھئا ڏاڍي مجلس لڳندي ھئي، ليڪن ستت ئي پارڪ ويران ٿي ويو ۽ گل ٻوٽا سڪي سڙي ويا گهڙيال به خاموش ٿي ويا، البت ڪو قومي تهوار ايندو آھي ته اها رات ٽاور جي دلجوئي لاءِ ميونسپل ٽاور کي رنگا رنگي بلبن جو ھار پارائيندي آهي، 1962ع ۾ ميونسپل کي علمي ٽاور تي رحم آيو جو گهڙيال مرمت ڪرايا ويا آھن. ٻڌجي ٿو ته ميونسپل ٽڪريءَ تي زنانو پارڪ تعمير ڪرائيندي ـ والله اعلم.

 

سکر مدرسه بورڊنگ هائوس

تلڪ ميونسپل ھاءِ اسڪول جي اڳيان مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ ٻه ماڙ بورڊنگ ھائوس ۽ مسجد 1911 ع ۾ تعمير ڪرائي ويئي، اوڀرندي واري حصي ۾ اڄڪلهه ماڊرن ھاءِ اسڪول کوليو ويو آھي. 1903ع ۾ ميونسپل پلاٽ ڏنو  ۽ 1905 ع ۾ ڪليڪٽر سکر سنگ بنياد رکيو، 1906 ع ۾ ضلع مدرسه قائم ڪيو ويو، جنهن تي خان بهادر پير بخش، عبدالرحمان پيرزادو، پير ڪرم علي شاھه  ۽ ماسٽر حبيب الله مکيه ميمبر ھئا.

 

جنرل پوسٽ آفيس

اڳ ميونسپل دفترن پٺيان ھڪ تنگ ۽ تاريڪ ڪچي عمارت ۾ پوسٽ ۽ تار آفيس ھئي، سال 1929 ع ۾ ليمجي چاڙهيءَ مٿان عاليشان ڪشادي نئين پڪي عمارت تعمير ڪئي ويئي ۽ شهر واسين جي سهوليت لاءِ پوسٽ کاتي جون ننڍيون شاخون شهر جي مختلف ھنڌن تي کوليون ويون آھن.

 

پي ـ پي گرلس ھاءِ اسڪول

سکر ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول ھئا پر ھاءِ اسڪول جي بيحد ضرورت ھئي، جا مسٽر پيسو مل ڇانڊواڻيءَ جي اھليه محترمه پوري ڪئي، ھاءِ اسڪول جي عظيم الشان عمارت جنهن جي چئني ڪنڊن تي چار ننڍا گنبذ آھن، ھن عمارت کي وڌيڪ خوبصورت بنائين ٿا، اھو اسڪول پرميشوري ٻائي پيسو مل سڏجي ٿو، مسٽر پيسومل ريلوي کاتي ۾ ڊويزنل پرسنل آفيسر ڪراچي ڊويزن ھو، ھن داني پرش سخي مرد قوم جي شيوا دل کولي ڪئي، سکر پراڻي ۾ ھندو بيوه زالن لاءِ ”ناري شالا“ تعمير ڪرائي جنهن ۾ زالون سوئيٽر اُڻڻ، جوراب جوڙڻ ۽ ڪپڙي سبڻ جو ڪم سکنديون ھيون، سکر ۾ پي ـ پي ھاءِ اسڪول ڇوڪرين لاءِ ۽ ھندو يتيم ڇوڪرن لاءِ ”ٻال مندر“ تعمير ڪرايائين، آزاديءَ کانپوءِ ھن اسڪول وڌيڪ ترقي ڪئي آھي.

 

پرائمري اسڪول

ٽيئون مل اسڪول 1916 ع ۾ واري تڙ تي کوليو ويو. باغ حيات علي شاه ڪوارٽر ۾ 1916 ع ۾ اسڪول کوليو ويو، 1904 ع ۾ خان بهادر پير بخش اسڪول نئين ڳوٺ ۾ کوليو ويو. 1928 ع ۾ بئراج ڪالوني ۾ ڀوڄسنگهه پهلجاڻي اسڪول کوليو ويو. اھي اسڪول ميونسپالٽيءَ  جي نگراني ھيٺ ھئا. 1937 ع ۾ سيٺ جيوڻ داس اسڪول ھندو نوجوان برادري منڊل جي ڪوشش سان کوليو ويو. 1913 ع ۾ بندر روڊ تي ڀاڀڙڪي بازار ۾ ”مِتر منڊلي“ امدادي اسڪول کوليو ويو. ساڳيءَ سال تلڪ ھاءِ اسڪول جي ”ديو سماج“ ماستر خان چند سکر پراڻي ۾ ”ديو سماج“ اسڪول کوليو ھو. ھندو نوجوان سڀا باغ ڪوارٽر ۾ اسڪول کوليو. اردو گرلس اسڪول نئون پنڊ 1903 ع ۾ ريلوي کاتي ڇوڪرين کوليو جتي ڇوڪرين کي ڪپڙن سبڻ جي سکيا به ملندي ھئي. ساڳي سال نئين پنڊ ۾ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اردو اسڪول ريلوي کوليو. ھريجن اسڪول، لوڻ گدام جي اولهندي ۾ ھندن ڀنگين جي ٻارن لاءِ ڀنگين جي ڪالونيءَ ۾ اسڪول کوليو ھو. ”راشٽريا ڪنيا پاٺشالا“ 1920ع ۾ سيٺ گيانچند باغ ڪوارٽر ۾ ڇوڪرين لاءِ کولي. 1928ع ۾ پاٺشالا جي عمارت تعمير ڪرائي ويئي. ”غريب آباد ڪنيا پاٺشالا“ ھندو ڇوڪرين لاءِ 1917 ع ۾ ٽوپڻ داس ڪنيا پاٺشالا پئنچات پاران کولي ويئي. 1928 ع ۾ عمارت تعمير ڪرائي ويئي. تيرٿ ٻائي گرلس اسڪول 1903 ع ۾ کوليو ويو، اسڪول کي پنهنجي عمارت ھئي. ميران مڊل اسڪول 1940ع ۾ ليوڪس پارڪ ويجهو کوليو ويو. مسٽر ڀڳوانداس نندو سنگهه مئنيجر ھو. سکر ايڪيڊمي 1930ع ۾ کولي وئي.

 

پارسي ماما اسڪول

بندر واري برف دڪان ويجهو پارسين جو آتشخانو ۽ ماما اسڪول موجود آھن. خان بهادر اي ـ ايڇ ماما ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر ھو. سکر جا پارسي شهر مان لڏي ويا. آتشخاني ۽ اسڪول جي ھڪ ملا نگراني ڪري ٿو.

 

ٽيڪنيڪل ڪاليج

مسٽر نواڻي ڪاليج جو ”برٽش انڊيا ٽيڪنيڪل ڪاليج“ سڏبو ھو ۽ تلڪ پريس ويجهو 1920ع ۾ کوليو ويو.

 

انجنيئَرنگ ڪاليج

سول ڪورٽ ھيٺان مسٽر چوڌري 1924ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کوليو. ھن ڪاليج گهڻائي ڪامياب شاگرد پيدا ڪيا.

 

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ

1919ع ۾ لوڪل بورڊ لاءِ ميمبرن چونڊجڻ جو حق ڏنو ويو. اڳ سرڪار ميمبر چونڊيندي ھئي. 1938ع ۾ اھو سرشتو ختم ڪيو ويو ۽ سال 1933ع ۾ خان بهادر قيصر خان بوزدار صدر چونڊيو ويو ۽ 1939ع ۾ ڪليڪٽر جي ڪچهري ھيٺيان لوڪل بورڊ جي عاليشان عمارت تعمير ڪئي ويئي ۽ ھال تي قيصر خان ھال نالو رکيو ويو.

 

سيٺ رامچند ڪپڙا مارڪيٽ

سيٺ رامچند ڳهڻو مل ڪلاٿ مارڪيٽ 1926ع ۾ تعمير ٿي. منجهس ريزڪي ڪپڙي جا اٽڪل ٽيهارو کن دڪان آھن. 

 

ھيرا نند ڪپڙا مارڪيٽ

1940ع ۾ کولي ويئي.

 

سکر پراڻي مارڪيٽ

نئين ڊيزائين تي 1937 ع ۾ تعمير ٿي.

 

اربن ڪوآپريٽو بئَنڪ

1921ع ۾ ليوڪس پارڪ وٽ کولي ويئي. سينٽرل بئنڪ 1935ع ۾ بندر روڊ ريلوي اسٽيشن جي قريب کولي ويئي. پنجاب نيشنل بئنڪ 1935ع ۾ بندر روڊ تي کولي ويئي.

 

سنڌ پراونشنل ڪوآپريٽو بئنڪ

فريئر روڊ تي تلڪ پريس سامهون 1938ع ۾ کولي وئي. مٿين بئنڪن مان نيشنل پنجاب بئنڪ، سينٽرل بئنڪ جا 1935ع ۾ کولي ويئي، تقسيم ھند کان پوءِ بند ٿي ويون. نيون بئنڪون هن طرح آهن: حبيب بئنڪ، بئنڪ آف بهاول پور، مسلم ڪمرشل بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ائگريڪلچر ڊولپمينٽ بئنڪ، سکر انڊسٽريل ٽريڊنگ ائسوسيئشن 62 – 1961ع ۾ هن جو چيئرمين ايس تاج الدين ۽ ايس شير اعزازي سيڪريٽري آهن ۽ حڪومت ائسوسيئشن جي چيمبر کي منظور ڪيو آهي.    

 

ماڊرن ھاءِ اسڪول

1955ع ۾ سکر ضلع مدرسي جي ھڪڙي حصي ۾ مسٽر عبدالصمد خان کوليو. پهريان پرائمري اسڪول ھو پنجن سالن اندر شاگردن جو تعداد وڌي 650 کي پهتو، جنهنڪري حڪومت کي امداد ڏيڻي پيئي. عبدالصمد خان ھيڊ ماستر آھي.

 

اسلاميه اسڪول

نوجوان بردار منڊل واري عمارت ۾ ”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ اسلاميه اسڪول کوليوـ ھتي اسڪول فاران ھاءِ اسڪول جي شفٽ ۾ شام جو به کلي ٿوـ عمارت ھڪڙي آھي.

 

ميمڻ انجمن ھاءِ اسڪول

ميمڻ انجمن 1952 ع ۾ پهريائين مڊل اسڪول جاري ڪيو جو 1958ع ۾ ھاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو.

 

تعمير نو ھاءِ اسڪول

تعليم جي واڌاري ڪري نوان اسڪول کلندا ويا. 1958ع ۾ خيرپور جي ڪمشنر مسٽر اي ـ ايڇ خان مڊل اسڪول جو افتتاح ڪيو، جو ھڪ سال اندر  1959ع ۾ ھاءِ اسڪول بنجي ويو.

 

نيو ماڊل ھاءِ اسڪول ۽ ماڊرن ھاءِ اسڪول سکر پراڻو

نيو ماڊل اسڪول ڪوئينس روڊ تي مسٽر ڌرمداس کوليو هو جو اسڪول جو 1931ع ۾ پرنسپال به هو. ماڊرن ھاءِ اسڪول مسٽر خوبچند سکر پراڻي ۾ 1944ع ۾ کوليو هو. تقسيم کان پوءِ زنده دل مسلمان ٻنهي اسڪولن کي زنده رکندا اچن ٿا.

انهن اسڪولن مان بعض ھندن جا جاري ڪيل اسڪول تقسيم کان پوءِ بند ٿي ويا، مسلم تعليمي سوسائٽين شهر ۾ گهڻائي پرائمري اسڪول کوليا جهڙوڪ: (1) قادريه رضويه اسڪول، (2) شوڪت الاسلام، (3) جامع عربيه وغيره وغيره ـ سکر جي ھاءِ اسڪول جسٽس آغا حسن علي، آغا تاج محمد، مولائي ميان رحيم بخش، پيرزاده عبدالستار ۽ ٻيون شخصيتون تعليمي معيار جي ثبوت لاءِ پيدا ڪيون.

 

لا ڪاليج

لا ڪاليج لوڪل بورڊ جي ھال ۾ 1954ع ۾ سيد مظهر علي شاهه ھڪڙي مشهور قانوندان جاري ڪيو جڏهن آغا بدرالدين بدرعالم لوڪل بورڊ جو صدر ھو. ھن ڪاليج تي آغا حسن علي ڪاليج نالو رکيو ويو، جو ھاءِ ڪورٽ سنڌ جو جسٽس رھي چڪو آھي. سيد مظهر علي شاھ جي پرنسپالي ھيٺ چند سالن اندر گهڻائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا. اپريل 1961ع ۾ تڏھوڪي وزير ذوالفقار علي ڀٽي نئين ڪاليج جو بنياد رکيو جو ھينئر تعمير ٿي چڪو آھي، سيد مظفر علي شاه جي وفات کان پوءِ مسٽر سمندر خان پرنسپال ٿيو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ ھادي بخش ميمڻ پرنسپال ٿيو.

 

اورينٽل ڪاليج

مشرقي تعليم جي واڌاري لاءِ سيد عطا حسين شاهه موسوي 1956ع ۾ ھڪ تعليمي سوسائٽي قائم ڪئي، ھن ڪاليج ۾ اردو ۽ سنڌي ”ادب“ درجي جي تعليم جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ھڪ لائق ليکڪ ۽ اديب سيد عبدالحسين موسوي کي پرنسپل مقرر ڪيو ويو، سيد عبدالرب ھيڊ ماستر ريلوي ھاءِ اسڪول کي اعزازي سيڪريٽري ۽ شيخ عبدالرزاق راز کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، نئين عمارت تعمير ڪرڻ جو مسئلو زير غور آهي.

 

اسلاميه ڪاليج

مسلم تعليمي سوسائٽين جي ڪوششن جي ڪري سکر ۾ ڪاليجن جو واڌارو ٿيندو رھيو، چنانچه 1955ع ۾ ڪليڪٽر نصرت حسن جي تعاون سان ھڪ ڪاليج بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو پهريون چيئرمين نصرت حسن ھو، چئن سالن جي عرصي اندر ڪاليج ترقي ڪري ڊگري ڪاليج بنجي ويو جنهن ۾ آرٽ، ڪامرس ۽ سائنس جي تعليم جو انتظام ڪيو ويو ۽ خيرپور ڊويزن ۾ وڏو علمي ادارو آهي، 1959ع ۾ خيرپور جي ڪمشنر ڪاليج جي نئين عمارت جو سنگ بنياد رزرو واٽر واريءَ ٽڪريءَ تي رکيو، ڪاليج جي تعمير جو ڪم ڪاليج بورڊ جي نگراني ۾ ھلي رھيو آھي. ڪاليج تي 26 لک روپيا خرچ لڳندو، جنهن جو ڪم جاري آھي. پهرين چيئرمين مسٽر ظهير احمد کي ”تمغه خدمت“ مليو، موجوده چيئرمين مرزا فضل حسين سکر جو اڻٿڪ سماجي ورڪر آھي. ھن تعليمي اداره جي تعمير کان پوءِ سکر تعليمي لحاظ ڪري بلند مقام حاصل ڪندو، ٽيڪنيڪل تعليم ۽ سائنس لاءِ 3 تجربيگاھون تعمير ٿي چڪيون آھن، ميڊيڪل ڪاليج کولڻ جو مسئلي زير ويچار آھي.

 

گورنمينٽ انٽرميڊيئَيٽ ڪاليج

        حڪومت پاران سکر شهر ۾ ٻه انٽرميڊيئٽ ڪاليج جن ۾ آرٽ ڪلاس آھن، جيڪي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ھلندڙ آھن. انهن ڪاليجن جون عمارتون نهايت خوبصورت آھن. جو ھينئر ڊگري ڪاليج آھي جنهن ۾ سائنس جو شعبو به آھي، اھو ڪاليج شڪارپور روڊ تي يعقوب بسڪٽ فيڪٽري جي سامهون آھي.  

 

مدرسه اشرفيه

مدرسه اشرفيه جنهن ۾ علم دينيات فقه ۽ حديث جي تعليم ڏني وڃي ٿي. سو مولانا محمد احمد ٿانوي جاري ڪيو آھي. جنهن جي عمارت جو سنگ بنياد وئلس روڊ تي رکيو ويو آھي. ھن ڪاليج جو تعمير کان پوءِ سکر دنيوي ۽ ديني علوم جي تعليم جو مرڪز بنجي ويندو، مسجد منزلگاه واري ميدان تي به مدرسو کولڻ جو سوال زير ويچار آھي.

 

جانورن جي اسپتال

جيلاني روڊ تي 1918ع ۾ کولي ويئي، جنهن جو ڪم سکر ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جي فنڊن وسيلي ھلي ٿو.

 

لکومل گوپالداس ڪلب

ھن ڪلب جي منگل باغ جي اولهندي ۾ پڪ سِري عمارت آھي. 1936ع ۾ ھندن تعمير ڪرائي، جنهن ۾ مجلسون ڪندا ھئا. ھندو دولتمند ۽ تعليم يافته ھئا. جتي به ڪو زمين جو موزون ٽڪرو ڏسندا ھئا، مٿس ڪنهن نه ڪنهن سبب سان قبضو ڪندا ھئا. مسلمانن وٽ پئسو ڪو نه ھو ۽ مفلسي ڪري خاموش ھئا. تقسيم ھند کان پوءِ ھن عمارت ۾ سرڪاري دفتر کوليو ويو آھي. ھن وقت ڪسٽوڊئن جو دفتر آھي. 

 

ڏيپچند ڪرڪيٽ پويلين

ھي پويلين اسٽيڊيم (راندين جي ميدان) جي اولهندي ۾ ڏيپچند رعايت مل جي سرمايه سان 1938ع ۾ سندر شيوڪ سڀا وارن تعمير ڪرايو ھو، جو پوءِ ميونسپل جي نظرداري ھيٺ ھو، تماشين جي ويهڻ لاءِ زمين کان ڇت تائين پڪ سِرا ڏاڪا جڙيل ھئا. قيام پاڪستان کان پوءِ ميونسپل مٿئين پويلين کي ڊھرائي ٽن لکن جي خرچ سان عظيم الشان اسٽيڊيم تعمير ڪرايو. ان کي چو طرف پڪي ديوار ڏياري آھي. ھن عظيم الشان اسٽيڊيم جو سنگ بنياد خيرپور جي ڪمشنر اي ـ ايڇ خان 1959ع ۾ رکيو. اسٽيڊيم جي پهرين منزل جو ڪم 1961ع ۾ پورو ٿيو ۽ خيرپور جو ڪمشنر مسٽر ابونصر افتتاح ڪيو. ميسرز نقوي ۽ صديقي ڪراچي جي ٻن عمارت سازن جو نقشو تيار ڪيو.

 

المهراڻ

مسٽر اي ـ ايڇ خان خيرپور جي ڪمشنر ”ڊسٽرڪٽ ڪلچر سوسائٽي“ جو بنياد 1959ع ۾ رکيو ۽ ٽيهن ھزارن روپين جي خرچ سان المهراڻ جي چوديواري ۽ اسٽيج تعمير ٿيا. ھن ڪم ۾ مسٽر ايم ـ ايڇ انصاري جنرل مئنيجر اي ـ سي ـ سي سيمينٽ فئڪٽري روھڙي ۽ ميونسپل چيف آفيسر مسٽر محمد نور الله چڱو بهرو ورتو. پهريون ڪلچرل شو ڊپٽي ڪمشنر مسٽر مهدي حسن جي ڪوشش سان فيبروري 1906ع ۾ ٿيو. سيڪريٽري شيخ راز ھو جنهن کان پوءِ سيد حسن ميان سيڪريٽري رھندو آيو.

 

ھندو پئَنچات ڌرم شالا

ھي ڌرم شالا ھندو پئنچائت 1921ع ۾ تعمير ڪرائي. قلعي نما عمارت جنهن جو دروازو لوهي آھي ۽ اڳ ميان آدم شاھ جي مورچي کي لڳل ھو ۽ پوءِ نيلام ۾ ھندن خريد ڪيو ھو. اندر ٻه ماڙ ٻه ڊگهيون عمارتون جڙيل آھن جن ۾ ھيٺ ۽ مٿي ڪمرا جڙيل آھن ۽ وچ ۾ ڪشادو ميدان اٿس. ٻاھر جا ھندو اچي رھندا آھن ۽ حفاظت لاءِ حڪومت پاڪستان پوليس گارڊ جو انتظام ڪيو آھي. ڪاروباري پئنچائت جي سپرد آھي. لالا بيليرام ڌرم شالا 1923ع ۾ مولچند ٿلهي جي قريب تعمير ٿي ۽ لالا موھنداس ڌرم شالا 1930ع ۾ سکر پراڻي ۾ تعمير ٿي.

 

ريلوي يوروپين باٿ ٽئَنڪ

ريلوي يوروپين انسٽيٽيوٽ جي ڀر ۾ 1903ع ۾ ريلوي جي گورن ملازمن جي وھنجڻ لاءِ ڇت سان تلاءُ تعمير ٿيو. جتي منڊمون ۽ گورا اونهاري ۾ غسل ڪندا ھئا. پاڪستان ريلوي کاتي ھن جي مرمت ڪرائي ريلوي ملازمن لاءِ مخصوص ڪيو.

گرد وارو

جت ھينئر غريب آباد ۾ گرد وارو آھي اتي اڳ ميدان ھو ۽ ٻه چار نم جا وڻ ھئا، جن ھيٺيان ڀيل پئنچائت ذريعي فيصلاڪندا ھئا. اھا زمين ميونسپل سکن کي گرد واري لاءِ ڏني. 1925ع ۾ سکن گرد وارو تعمير ڪرايو، جنهن کي ٻن پاسن کان دڪان جڙيل آھن. گرد واري جي ڀر ۾ گرمکي اسڪول تعمير ڪرايائون، جنهن ۾ ھينئر اردو پرائمري اسڪول آھي. اسڪول جي پٺيان ميونسپل بيل حاطو آھي جو اڳ ھندو پئنچائتي ڌرم شالا واري ھنڌ تي ھو. ان بيل حاطي جي اولهندي واري ڪنڊ تي سکن جهاٽڪي جو دڪان به کوليو ھو.

 

ھندو ڪسرت شالائون

وير ڀيم سين سياسي سجاڳي کان پوءِ ھندن ڪسرت شالائون به کوليون. وير ڀيم سين ڪسرب شالا 1925ع ۾ بندر روڊ جي ڀرسان کولي ويئي.

مها بير دل

بندر روڊ تي 1932ع ۾ کولي ويئي.

 

ڪرشن ڪسرت شالا

1923ع ۾ جاري ٿي.

 

شيوا جي دَل

1935ع ۾ شيوا منڊالي ۾ جاري ٿي.

 

سناتن ھندو

1937ع ۾ واٽر ورڪس واري باغيچي ۾ جاري ڪئي ويئي.

ھندو منڊليون

 

ڪرشن منڊلي

1900ع ۾ بندر تي کولي ويئي ۽ 1920ع ۾ ست سنگت عمارت ۾ منتقل ڪئي ويئي.

 

رام منڊلي

بندر ريلوي ريلوي اسٽيشن جي قريب رشي گوبندرام ۽ گورڌنداس 1924ع ۾ کولي ويئي.

 

پرمانند ڀنڊار

درياه جي ڪپ تي ھندو مقادمن چندو ڪري 1915ع ۾ جاري ڪيو.

 

ٻڌا منڊل

درياه جي ڪپ تي مسٽر بودرام 1927ع ۾ کوليو ھو.

 

مٺي سنگت

آريا سماج جي ويجهو 1907ع ۾ سکر پراڻي جي سيٺ درومل جاري ڪئي.

 

تلڪ ھال

نمن جي چونڪ ۾ 1922ع ۾ قائم ڪيو ويو، جتي ڌرمي ۽ سياسي ليڪچر ٿيندا آھن.

 

سڌار سڀا

1895ع ۾ مسٽر گوڪلداس گرداسمل لله برپا ڪئي. اُتر سنڌ ۾ جهوني سڀا ھئي. جنهن ”راتڙي پاٺشالا“ جاري ڪئي ھئي. اھا پاٺشالا ھندو عورتن لاءِ گوڪلداس بندر روڊ تي تعمير ڪرائي ھئي. بندر روڊ تي ٽيئو مل ڏيپچند لائبريري به جاري هئي هر سال رام ليلا ۽ پر هلاد ڀڳت جا کيل ڏيکاريا ويندا ھئا. مهاشيه ويرومل ۽ ھوتچند مٿين ادارن جا سيڪريٽري ھئا. 

 

سندر سڀا

مسٽر ڇانگي مل 1910ع ۾ قائم ڪئي. ھن سڀا مارڪيٽ جي اوڀرندي دروازه وٽ ويرومل لائبرري ۽ مارڪيٽ نائيٽ اسڪول کوليا ھئا.

 

سندر شيوڪ سڀا

1919ع ۾ مسٽر ٻالچند رام سنگهه برپا ڪئي ھئي ۽ 1921ع ۾ ھن مولچند ٿلهي تي لائبرري کولي ھئي. ازانسواءِ باغ ڪوارٽر ۾ مليريا جي روڪ لاءِ ڌرمائو اسپتال کولي ھئي. ليوڪس پارڪ، پيسومل پارڪ ۽ لئنسڊائون پل جي ڀر ۾ جل آشرم کوليا ھئا. ھن سڀا 1934ع ۾ بندر روڊ تي ٽيڪچند پارڪ 1936ع ليڊيز پارڪ، مارڪيٽ ٽاور، ڪرشناڊراميٽڪ سوسائٽي، بندر تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض تعمير ڪرايا، سڀا جو سيڪريٽري مسٽر پرسرام مسند ھو جنهن جي نالي تي بورڊ لڳل آھي.

 

شيوا منڊلي

1919ع  ۾ برپا ٿي. ديوان ڀوڄسنگهه پهلاجاڻي سڀا جو صدر ھو، ھن سڀا بندر تي لائبريري ۽ نائيٽ اسڪول، ھڪ بئنڊ قائم ڪئي ھئي. ميلن جي موقعن تي ٻارن جي حفاظت ڪرڻ جو ڪم ان جي سپرد ھو.

 

ھندو نوجوان منڊل

1930ع ۾ قائم ٿيو. مسٽر جي ـ بي منگهارام منڊل جو مددگار ھو. منڊل سيٽ جيوڻ داس وديالو، ڪنيا پاٺشالا، ويڙھو مل پستڪاليه، سيٺ ٻالچند بئنڊ، دراميٽڪ سوسائٽي، ويدڪ شفا خانو، ٻارن لاءِ ڀوڄراڄ پارڪ قائم ڪرايا. مسٽر کيمچند منڊليءَ جو جنرل سيڪريٽري ھو.

ھندو غريب منڊل

1932ع ۾ گوپيچند ڪشنداس برپا ڪئي، جا غريب ھندن جي شادين جي موقعن تي ديڳيون، باسڻ ۽ شاميانا مهيا ڪندي ھئي. ھڪ نائيٽ پاٺشالا به کولائي ميلن جي موقعن تي پاڻي پيارڻ جو ڪم به ڪندي ھئي.

ناري شالا

1933ع ۾ ديوان پيسومل چاندواڻيءَ ھندو بيواه زالن لاءِ برپا ڪئي، جنهن جي عمارت به خوبصورت ھئي. بيواه زالن کي سبڻ، صابڻ جوڙڻ، ڳوٽا ٺاھڻ، گنجيون ۽ جوراب اُڻڻ جا ھنر سيکاريا ويندا ھئا. راءِ بهادر ڪندن داس جنرل سيڪريٽري ھو.

 

ھريجن شيوڪ سنگهه

ڀنگين جي حالت کي سڌارڻ ۽ کانئن ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 1934ع ۾ سکر مال گرام ريلوي روڊ تي ڀنگين لاءِ ھڪ ڪالوني تيار ڪئي ويئي. جنهن ۾ آسان قرضن کڻڻ لاءِ ھريجن بئنڪ، ٻارن لاءِ اسڪول، مندر ھنري شالا، ٻال ڀون، راندير لاءِ ميدان، پيئڻ لاءِ ڌار ٽانڪي ۽ غسلخانو تعمير ڪرايا ويا، مسٽر رامچند وڪيل چيئرمين ۽ مسٽر شيو ڪرام ڪرمچند معاون ۽ مددگار ھئا.

 

جل ڪٽيا منڊلي

1934ع ۾ مسٽر خانچند برپا ڪئي. پاٺشالا ۾ ست سنگهه ڪلاس جاري ڪيو ويو ۽ شادين جي ڏيتي ليتي رسم جي خلاف منڊليءَ پرچار شروع ڪئي.

 

ھندو لٽريچر منڊلي

1938ع ۾ مسٽر ڀوڄراڄ جاري ڪئي. جنهن معرفت ھندو سورمائن شيوا جي راڻه پرتاب وغيره متعلق ڪتاب شايع ڪرائي پرچار ڪرائڻ لڳي. مسٽر لڇمڻداس سيڪريٽري ھو.

 

آريا سماج

سکر جي ڪتب فروش مسٽر ھريسنگهه 1888ع ۾ برپا ڪئي ۽ 1908ع ۾ بندر روڊ تي عمارت تعمير ڪرائي ويئي. سماج جي زير نگراني ويدڪ لائبرري، شرڌانند بئنڊ، ھڪ ڪنيا پاٺشالا تعمير ڪرائي ۽ پرچار جو ڪم زور شور سان چالو ٿيو. بندر جي نمن وارو چونڪ آريا سماجي قلعو ھو. حڪيم منگترام، مهاشيه کيمچند، مسٽر شيوارام سيڪريٽري ھئا.

 

اپاشنا منڊلي

1906ع ۾ ساڌو واسواڻي سکر پراڻي ۾ برپا ڪئي. جنهن جي عمارت عاليشان آھي.

 

سناتن ڌرم سڀا

1915ع ۾ پنڊت ويلو رام شرما برپا ڪئي جنهن جي عمارت عاليشان ھئي، منجهس سنسڪرت پاٺشالا ۽ ھڪ لائبرري ھئي. ٻائو نارائڻ داس اُداسي چيئرمين ۽ مسٽر پرسرام سيڪريٽري ھئا.

 

راڌ سوامي منڊل

آگره جي مشهور ديال باغ جي اصولن تي مسٽر هاسي مل سيرو چونڪ تي کولي ھئي.

 

سري ستنام ھري

1919ع ۾ سناتين کولي ھئي. ھميشه گيارس تي ميلا لڳرائڻ سڀا جو ڪم ھو. مسٽر واپاري مل ۽ جشن مل مکيه ڪارڪن ھئا.


[1]نوٽ:  تپ بن متعلق ڪاليداس مشهور ڊرامي شڪنتلا ۾ ڏيکاريو آهي ته دشنيت شڪنتلا کي تپ بن ۾ ڏسي مٿس موھت ٿيو هو. اڄ تپو بن ويران آھي.

[2]نوٽ:  ايڪسڪيوٽر وڏا ڪرين ھئا، مٿن ھڪ بائلر لکيل هو ۽ اسٽيم تي ڪم ڪندا ھئا. سندن سونڍ ۾ مضبوط زنجيرن سان هڪ لوهه جي وڏي پيٽي لڳل ھئي جنهن کي ڏانداريءَ وانگي ڏند لڳل ھئا جا مٽي ٻاهر ڦٽي ڪندي ھئي.

[3]نوٽ:  1896ع مطابق 1314 هه ۾ جناب پير سيد علي گوهر راشدي پير پاڳاري صاحب جي وفات کان پوءِ سندن ڀاءُ  سيد شاهه مردان شاهه گادي نشين ٿيو. سنڌ ۾ ھي پهريون مسلمان بزرگ ھو، جنهن کي 1900ع ۾ انگريزي حڪومت شمس العلماء جو خطاب ڏنو ھو . تنهن کان پوءِ ميرزا قليچ بيگ صاحب ۽ بعد ۾ علامه عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب کي سرڪار پاران مٿيون لقب مليو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org