سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 15

صفحو ؛ 22

  

مولانا قاسم

مولانا قاسم تخلص ”ڪاهي“ 868 هه ۾ ڄائو. سمرقند ۽ بخارا جي وچ ۾ ڪوه هڪ جبل آهي، جنهن ڪري ”ڪوهي“ تخلص هوس يا ڪاهي. سمرقند جي سيدن مان رند مشرب ۽ آزاد منش هو. 15 ورهين جي عمر ۾ مولوي جامي جي خدمت ۾ پهتو ۽ گهڻو وقت وٽس ڪابل ۾ رهيو ان سبب ڪري پاڻ کي قابلي سڏائيندو هو فرمائي ٿو:

 

”کاهي“ تو بلبل چمن آراي کابلي
زاغ وزغن نه اي که بهندوستان شوي

 

چاليهه سال ڪابل ۾ رهي هندوستان آيو ۽ بکر ۾ شاهه جهانگير هاشمي مصنف ”مظهر الاثار“ جي صحبت ۾، جنهن شاهه حسن ارغون 928 – 962 هه جي ڏينهن ۾ خراسان کان بکر ۾ اقامت اختيار ڪئي هئي، گذارڻ لڳو. شاهه جهانگير هاشمي 940 هه ۾ مثنوي مظهر الاثار شاهه حسن جي نالي تي چئي هئي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ”ڪاهي“ 935 هه ۾ بکر ۾ پهتو هو. شاهه جهانگير 940 هه ۾ مڪه ڏانهن ويندي ڪيچ ۽ مڪران واري رستي ڦورن هٿان مارجي ويو ۽ ڪاهي ان سان گجرات ڏانهن هڪ هندو فقير جي تعريف ٻڌي سومناٿ ڏانهن ويو، جنهن جو بيان هڪ نظم ۾ ڏئي ٿو:

 

هندو پيري بدرِ سومنات
حاصل عمر م سه سخن بيش نيست

خواند يکي بيت و من آمو ختم
خام بدم پخته شدم سو ختم

 

”ڪاهي“ 940 هه کان 956 هه تائين گجرات ۾ رهيو ۽ اتي جي مظفريه تاجدارن سلطان غازي بهادر شاهه 32 – 943 هه ۽ سلطان غازي محمد خان 43 – 996 هه جي مدح ۾ قصيدا چيا ۽ 956 هه ۾ ڪابل ڏانهن موٽي ويو ۽ 961هه ۾ شهزاده اڪبر جي فوج سان همراه ٿي ٻيهر هندستان موٽي آيو ۽ باقي عمر اتي گذاريائين ۽ هڪڙي قصيده هاٿي جي چوڻ جي صلي ۾ کيس ٽي سؤ ٽنڪا مليا هئا:

 

تابغيلان ميل ديدم داستانِ خويش را

 

صرف راه فيل کردم نقد جانِ خويش را
خاک برسر ميکنم چون فيل هر جا ميرسم
گرنه بينم برسرِ خود فيلبان خويش را
دمبدم تا عشق من افزون شود آن فيلبان
ميدواند برسرم فيلِ دمانِ خويش را
همچو فيلِ مست ميخواهم فروشم هر زمان
آشکار را تا کنم رازِ نهانِ خويش را
باز ميگويم حديثِ عشق، پنهان خوشتراست
به که چون فيلان نِگه دارم زبانِ خويش را
قاسم کاهي بپاي فيل آن شه رخ نهاد
باخت آخر در بساطش خانمانِ خويش را
شاهِ فيل افگن جلال الدين محمد اکبر است
آنکه بخشد فيلِ زرين شاعر انِ خويش را
باد فيل چرخ زير چنگکِ فرمان او
تاشناسد خسروِ صاحبقرانِ خويش را

 

قصيدو ٻڌي شهنشاهه اڪبر حڪم ڏنو ته جڏهن مولانا حضور ۾ حاضري ڏيڻ اچي ته هڪ هزار روپيا کيس ڏنا وڃن، پر مولانا ڪاهي دنيا کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري بنارس ۾ خان زمان جي ڀاءُ بهادر خان وٽ رهڻ لڳو. خان زمان جو نالو علي قلي خان هو، جنهن 964 هه ۾ هيمو بقال کي پاڻي پٽ جي جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ شهنشاهه کيس خان زمان جو لقب ڏنو هو. بهادر خان جي جاگير جونپور ۾ هئي. ڪاهي ڪڏهن ڪڏهن اوڏاهين به ويندو هو ۽ موٽي بنارس ايندو هو، ڇاڪاڻ ته خود خان زمان ادب نواز هو غزالي مشهدي کي به هڪ هزار روپيا روانا ڪري دکن کان گهرايو هئائين. ”ڪاهي“ 988 هه ۾ آگره ۾ وفات ڪئي ۽ اڪبر آبادي دروازي وٽ هڪڙي گنبذ هيٺان سندس مزار آهي. پاڻ چوندو هو:

گاهي کشد بجانبِ مشرق مرا قدر
گاهي دگر بجانبِ مغرب مرا کشد
زين گونه کز قضا و قدر در کشا کشم
در حيرتم که کارِ من آخر کجا کشد

 

احسن الله

شيخ احسن الله بکري ڪنهن مهه جبين جي تخلص ”مايل“ پيشاني جي تلڪ کي ڏسي فرمائي ٿو.

برجبين آن ماه از شنجرف دارد قشقه اي
گوئيا شامِ غريبان راشفق پيدا ست اين

 

 

محمد صلاح

محمد صلاح تخلص ”متقي“ بکر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو:

چوگرد باد اگر لايق سفر نشدي
بپيچ بر خود و قربِ ديار را درياب

 

سيد محمد

سيد محمد عرف سيد پهتو، مير محمد يوسف رضوي بکري جي اولاد مان سجاده نشين هو ۽ رضوي ساداتن جو قبلو هو. بکر جا رهاڪو مير سيد پهتو کي ڪمال عقيدت سان پيش ايندا هئا.  

   

زخود نمائيها طرفه دين ماشده بود
مني وه ائي نقش نگين ماشده بود
هزار شکر که مارا، زمانشان دادند
اين باغ هزار خرمنِ گل دارد
در هر چمنش شگفتگي برو آرد
در وقف نشيمن و خيابانِ چمن
فواره بصد زبانِ گهر ميبارد

 

ميرڪ محمود

ميرڪ محمود ولد ميرڪ عبدالباقي پوراني، پنهنجي خاندان جي نقشِ قدم تي ثابت قدم رهيو. ڪنهن شاعر سندس تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:

 

يگانه قدس نزادِ ممالک اسلام
که سايه گستر ازو بود چتر مسعودي
گذشت سيز دهم از صفر ز عالم قدس
نداي ارجعي آمد بلحنِ داؤدي
ببزمِ گلشنِ جنت رسيد و رضوان گفت
خوش آمدي که تو شايانِ اين مکان بودي
ز پيرِ عقل چو تاريخِ فوت او جستي
بگو که ”يافته ميرک مقامِ محمودي“ (1055 هه)
شيوهء آزادي از اربابِ دولت خوشنما ست
ورنه هر نخلي که خالي از ثمر شد سرو هست

 

جان شاهه محمد

مير جان شاهه محمد بکري رضوي تخلص ”مير“ مشائخ ڪرام زبدهء اولياء شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف جو مريد هو. سندس ديوان ”ساقي نامه“ ۾ مرشد جي فيض ۽ تلقين جي هن طرح تعريف ڪيل آهي: سندس ”ديوان مير“ پوين وٽ آهي:

 

دمِ تحقيق در خانم اثر کرد
بجست وجود دلِ ديوانه سرکرد
تفحص گيرِ پيران گشتم از جان
نشان جستم زهر کوه و بيابان
جنون را مشتري گر ديد هوشم
شکيبائي بغاوت داد جوشم
محبت کرد اسبابِ سفر راست

 

دل از حظِ وطن في الفور برخاست . . . الخ

 

شبي که گرد کدورت نشسته در دل بود
سرشک بر مزه ام همچو مهرهء گل بود
”مير“ از ذوقِ دهانش کرد سرِ راهِ عدم
آرزوي مخزنِ اسرارد ديدن داشت، ديد
شد از شهودِ روي تورفعِ خيالِ ماسرا
گرد خانه رفته ام سينه بسينه لب بلب
الاهي جوش طوفان بخش چشمِ اشڪبارم را
سحاب دجله افشان کن رگ ابرِ بهارم را
به روز تشنه صاف محبت رويم افروزي
به خون شعلهء سرسبز گردان کثتزارم را
خشو نتهاي نفسم را به لطفِ خويش پردازي
چمن پيراي گلزارِ تجلي ساز خارم را
دلم در سينه از شوقِ دمِ تيغِ تومي رقصد
ز گل صد بار رنگين ترکني مشت غبارم را
مشتاقان مروت از نگاهي بي توان کردن
بيک پيمانهء مي رفع کن رنج خمارم را
ز سائل روي گردانيدن آئين کرم نَبودَ
گلستان کن به داغ عشق جسم خاکسارم را
غلامِ همتِ عشقم که هردم ”مير“ گرداند
طراز چُنگل شهباز کبک کوهسارم را

 

جان الله شاهه

مير سيد جان الله شاهه مير سيد جان محمد شاهه جو پوٽو تخلص ”عاشق“ ۽ ڪلام جو مجموعو ”ديوان عاشق“ آهي.

 

لاهي موج طوفان بخش اشک ديد گريان را
سحاب آسا بر افشان کن مدامم چشم گريان را
لطف خويش قائم کن براي درد مندان عشق
ز ابر رحمتت سر سبز گردان جان پريان را
خيالات وجودم را همه منسوخ گرداني
بکن گلزار نوراني تجلي طور طريان را
خزان را ره مده دردل به مشتاقان ديدارت
بهاري کن ز غنچه گل به پوشان جسم عريان را
ثقاب از روئي خود بردار بنما جلوهء حسنت
معطر کن دماغ من زبويء عشق سريان را
زبير حمي به مائل ديدن آئين کرم نبود
بده ساغر زمي احمر بنوشان ديده تريان را
عجائب عشق همت داد ”عاشق“ را درين منزل
بزير حکم خود آورد جن وانس و پريان را

 

ميرڪ محمود

ميرڪ سيد محمود مشهود به شيخ ميرڪ بن ابو سعيد پوراني متوفي 962 هه ۾ بکر جو شيخ الاسلام ۽ مرزا شاهه حسن جو همعصر هو:

گر روزگار سفله نواز است غم مخور
خسخانه رابر اي حسيسان گذاشتيم
------

هر گه آن شمع پري پيکرم از خانه رود
در پيش عاشقِ بيچاره چو پروانه رود
پندِ ناصح چه کند بادل ويرانهء من
اين حکايت همه باعاقل و فرزانه رود
ز آسنا چون منصور نبود منفعتي
سايل آن به که بدريوزهء بيگانه رود

 

مير معصوم

مير سيد محمد معصوم ولد سيد صفائي الحسيني الترمذي بکري تخلص ”نامي“ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، تصنيفات هن طرح آهن:

تاريخ معصومي فارسي 1009 هه ۾ تصنيف ڪيائين جنهن ۾ اڪبر اعظم تائين بيان ڏنل آهي، سنڌ جي هن تاريخ جو ترجمو مسٽر جي – جي ميليٽ 1855ع ۾ انگريزي ۾ ڪيو، سنڌي ۾ پهريان منشي ننديرام سيوهاڻي 1862ع ۾ ڪيو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب 1953ع ۾ سنڌي ترجمو ڪيو جو ساڳئي سال سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو.

سسئي پنهون جي قصي کي فارسي ۾ 1004 هه ۾ منظوم ترجمو ڪري مٿس مثنوي ”ناز و نياز“ نالو رکيائين، اصلي نسخو ڪتبخانه آصفيه ۾ موجود آهي.

طب – نامي 1009 هه ۾ تصنيف ڪيائين.  

رسالو مفردات مير معصوم نامي نمبر 392 ۽ رسالو مفردات نامي نمبر 369 بانڪي پور ڪتبخانه ۾ موجود آهي.

مفردات نامي ڪتاب 1110 هه ۾ ڪتبخانه ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ موجود آهي.

مفردات نامي 1182 هه نمبر 1550 هه.

خمسه معصومي جنهن جو هڪ حصو ناز و نياز آهي، ان جو سنگي نسخو جنهن تي سال 1013 هه لکيل آهي ۽ مير بزرگ جو نالو لکيل آهي، شيخ حميد الدين ناگوري جي درگاهه تي موجود آهي.

ڊاڪٽر اسپرنگر جو بيان آهي ته مير صاحب ”مخزن الاسرار“ جي جواب ۾ ”معدن الافڪار“ لکيو.

”حسن و ناز“ يوسف زليخا جي جواب ۾ لکيو اٿائين ۽ ”راي صورت“ ليليٰ مجنون جي جواب ۾ آهي.

”خمسهء متحيره“، هفت پيڪر جي مقابلي ۾ آهي، مثنوي حسن و ناز جو سال 1002 هه کان به اڳ آهي باقي ٻين چئن جا سال 1005 هه کان 1013 هه آهي جن ۾ ڏهه هزار بيت ڏنل آهن. ڪي بيت تبرڪاً ڏجن ٿا:

معدن الافڪار:

بحر ز گرداب شده کاسه گر

تانمي از جو دتو يا بد مگر

حسن و ناز:    

حديثِ لعل آن سر چشمهء نوش

شده پيرايهء لب چون درِ گوش

اڪبر نامه (اسڪندر نامه جي جواب ۾):

بگل چينيء آن گلستان شدم

سراپا صبا وار دا مان شدم

راي صورت:

حسنت درم خسريده او

خوبي گسل آفريدهء او

خمسهء متحيره:

هست برنامت ابتداي همه

بتو آغاز و انتهاي همه

خمسه نامي هن وقت ڪنهن به ڪتبخانه ۾ موجود ڪو نه آهي، البت مثنوي ”حسن و ناز“ جو نسخو جنهن ۾ 4 هزار بيت آهن، جن کي حسام الدين راشدي صاحب ڪابل ۾ نقل ڪيو هو. آغاز هن طرح آهي:

 

خداوندا دلي ده شعله افروز
درو جاني ز برقِ عشق در سوز
بدل ده شعلهء آتش گدازم
بريزان امڙهء اشکِ نيازم
بخاشا کي تنم در آتش انداز
که دوزخ گرد دازوي شعله پرداز
درونم راچنان کن آتش افروز
که دوزخ را ازان آتش فتد سوز
چنان کن موج زن اشکم سويء اوج
که گردون جون خسي باشد بران موج
چنان ده در درونِ سينه سوزم
که دروي خرمنِ هستي بسوزم
چنان زان آتشم دل زنده گردان
که از غيرت بسوزد آبِ حيوان
دلي ده سربسر شايستهء درد
درونم چون جراحت خستهء درد
دلي کاو زخم از مرهم نداند
متاعِ خوشدلي از غم نداند
دلي خواهم ز درد آزرده وريش
که از دردش بدرد آيد سرنيش . . . الخ

 

تقي ڪاشي جو بيان آهي ته مير معصوم ٻه ديوان مرتب ڪيا هئا، هڪڙو خانداني نسخو 1931ع ۾ آقائي علي محمد شاهه راشدي سکر پراڻي وارن معصومين وٽان هٿ ڪري نقل ڪيو هو. ٻيو ديوان، جو سال 1012 هه جو لکيل ٽالپرن جي ڪتبخانه ۾ موجود آهي. نقي ڪاشي جو چوڻ آهي ته مير معصوم ٻه ساقي نامه به مرتب ڪيا هئا، جن جو ڏس نه ٿو ملي. مير معصوم 898 هه  ۾ ڄائو ۽ 982 هه ۾ وفات ڪيائين. ”در بهشت آسود“ تاريخ وفات.

 

عبدالهادي بکري

ميرڪ عبدالهادي بن ميرڪ عبدالباقي المشهود بن سيد خواجه، بن ميرڪ سيد محمود المعروف شيخ ميرڪ بن ميرڪ عبدالباقي الموصوف بن ميرڪ ڪلان، بن ميرڪ  سيد محمود، بن قدوته السالڪين شيخ پوراني.

 

خرم دليکه راه بکوي حبيب برد
بيمار آن به است که يا بد طبيب را

 

ميرڪ صاحب جو مقبرو مڪليءَ تي آهي هن تي ڪتبي جي عبارت تاريخ وفات 1086 هه هن طرح آهي:

عيد قربان ز پي ماتم ان شه که زحق
هديده هر دم بسر تربتِ او باد درود
سال تاريخ ندا داد بگوشم هاتف

 

”هادي“ اهل کرم قافت مقام محمود  (1086 هه)

 

مير محمد شفيع بکري

مير محمد شفيع المخاطب بن لطف علي خان رضوي بکري جو اولاد مير محمد يوسف رحه بهادري ڪري مشهور هو. غياث الدين عطر خان بن سعيد خان ٺٽي جي صوبيدار 1124 هه کان 1126 هه کي قتل ڪري ڪجهه وقت ڪامرانيءَ سان صوبيداري هلايائين ۽ 1127 هه ۾ شجاعت علي خان جو خطاب حاصل ڪيائين. نثر ۽ نظم ۾ يد بيضا هو تخلص ”همت“ هوس. متواضع ۽ خليق هو. محمد محسن ٺٽوي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ رهيو هو. 1144 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ محمد محسن تاريخ وفات چئي:

”اَد خله في الجنات – بلا حساب“ (1144 هه)

 

لاله گلگون ميشود گويا ز اشکِ خونيم
بسکه دارم داغ پنداري که داغستانيم
رونگر دانم من از تيغِ جفاي دشمنان
همچو اسماعيل در کوي تو من قربانيم
بسته ام چون خضر دامانِ سياحت برکمر
رهنماي کاروا نها در شب ظلمانيم
کي مرا پرو ابود از دست صيادان دهر
يونسم در درهر امادر دهانِ ماهبم
هستم اکنون از غلامان عليءَ مرتضيٰ
در لقب ”لطف علي“ بنوشت در پيشانيم

 

يار محمد

مولانا يار محمد ”ياري“ اصل هرات کان آيو. بلاغت ۾ ڪمال رکڻ کان سواءِ فن انشا ۾ بي مثل هو. سلطان محمود ڪوڪلتاش هن کي معزول شهنشاهه همايون ڏانهن ايلچي طور مڪو هو، پر ڪامياب نه ٿيو. پويان ڏينهن سيتپور ۾ وڃي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. ڪلام مان ظرافت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هڪڙو بيت تاريخ معصومي ۾ ڏنل آهي:      

گجرات خوش دياري اما بشرط ياري
بي يار چون توان بُد راين چنين دياري

 

مير محمد يونس

مير محمد يونس پهريان همايون وٽ ملازم هو بعد ۾ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود بکري وٽ ملازم رهيو ۽ 985 هه ۾ وفات ڪيائين:

”رستم از قيد اين و آن اي دل“ (985 هه)

ترڪي ۽ فارسي ۾ شعر چوندو هو:

خوشم يعمرِ دو روزي چو گل درين گلشن
که عاقبت بنسبمي چو خس رود برباد

 

علي نواز شاهه

مير علي نواز شاهه تخلص ”علوي“ شڪارپور جا وڏا ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ افغانستان کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. مرحوم نهايت مخلص، صابر، نهٺو ۽ غريب پرور مرد هو ۽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ اعليٰ مهارت رکندڙ هو. مرحوم ڪيترائي سال شڪارپور ميونسپالٽي جو چيئرمين ۽ مئجسٽريٽ به ٿي رهيو. حڪمت جي علم ۾ به چڱو ماهر هو ۽ وقت جي شاعرن ۾ نهايت عمدو شاعر ٿيو:

الغياث اي شاه خوبان الغياث
الغياث اي حسن سبحان الغياث
الغياث اي نُورِ ربّ العالمين
الغياث اي شان يزدان الغياث
الغياث اي قبلهء اسلام من
الغياث اي دين و ايمان الغياث
الغياث اي مرشد پيغمبران
الغياث اي پير پاکان الغياث
الغياث اي مخزن جو دو کرم
الغياث اي کان احسان الغياث
الغياث اي فرحت قلبِ حزين
الغياث اي راحتِ جان الغياث
الغياث اي دستگير بيکسان
رحم فرمائي گدايان الغياث
اي بشير کون و مکان در ازل
وي نذير حسن و انسان الغياث
يک طرف جو زمانم کردزار
وزدگر سو نفس و شيطان الغياث
جرم و عصيانم شده از حد فزون
اي شفيع جرم و عصيان الغياث
نام خود وقتِ و فاتم ده بياد
تار وم ازدهر فرحان الغياث
کن منور باز قبر تار من
از فروغ روئي رخشان الغياث
از کرم شو دستگير روز حشر
ده امان از نار سوزان الغياث
روز محشر نار سوزان جحيم
بهرامت کن گلستان الغياث
”علوي“ از فرط حوادث شد ملول
مشکلش فرمائي آسان الغياث
از ابر زلف برمه رويت نقاب چيست
بکشا ز رخ نقاب زعاشق حجاب چيست
شد مقتبس ز نور جمالِ تو آفتاب
پس ماه رابحسن رخت انتساب چيست
درروئي تست نور خدا جاوه گرعيان
بي ميم احمدي تو درين ارنياب چيست
کردي تو خود بحضرت خود آشنا مرا
بيگانه وار باز زمن اجتناب چيست
گفتي که من ززلفش تو اقرب ترم بتو
باز اين قدر جدائي ازين دلکباب چيست
من بندهء تو ام توشهِ بنده پروري
با بندهء کمينه و عيدِ عتاب چيست
”علوي“ چو از الست سگ آستان تست
پس باسگان خويس حساب و عذاب چيست

 

قادر بخش

ميان قادر بخش تخلص ”بيدل“ جا وڏا روهڙي ۾ پاٽولڪو ڌنڌو ڪندا هئا. هن ڪامل درويش جو والد ميان محمد محسن قادري طريقي ۾ جهوڪ واري بزرگ شاهه عنايت جي هڪ شاخ کان دست بيعت ٿيو هو. فقير بيدل 1230 هه 1814ع ۾ تولد ٿيو ۽ ڄمندي ئي ڄام هو. سندس ننڍي هوندي جي هلت چلت ئي عام ٻارن بلڪ وڏيءَ عمر وارن کان نرالي ۽ اچرج ۾ وجهندڙ هئي. قدرت فقير صاحب کي هڪ اثر پذير، صاف ۽ پاڪ دل ڏني هئي. سالڪن جي صحبت منجهس الاهي عشق جا مچ مچائي ڇڏيا هئا. فقير صاحب وقت جي عالم ڪامل مولوي عبدالرحمان صاحب سکر واري وٽ ”شرح ملا“ پڙهندي مٿس اهڙي ڪيفيت طاري ٿي، جو روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ چوڻ لڳو ته اسان کي عشق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ٿو اچي، قلندر شهباز جي زيارت ڪرڻ ويو ۽ اهڙو رنگ ۾ رنگجي ويو جو روحاني فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ شعر چوڻ شروع ڪيائين. پير صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي وٽ رهيو، اتان نياءُ ٿيس ته پريالوءِ ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه تي وڃ، اتان فيض پرائي، روهڙي ۾ مڃارڪو دڪان کولي ويٺو ۽ حسن پرستي ۾ مست رهيو. 1289 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس خانقاهه روهڙي اسٽيشن جي اولهه ۾ زيارتگاهه آهي، فقير صاحب حسن پرست هو روهڙيءَ جي حسينن جي جن لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي، سا خود سندس بلند معيار جي دليل آهي، شروع ڪري ٿو:

در وصف وسعت آباد، جنت معاد، نزهت بنياد،
لُهُري ڪه مظهر آثار ڪمال بي زوال است،
و مطلع الانوار جمال باڪمال حر سها الله عن الوادث:

 

زهي لُهري ڪه چون جنات عدن است
به عظمت او فلکِ دهشت دوتا شد،
سراپا مجمع آرام و امن است،
ملک بر آستانش جان فدا شد.
زيارتگاهه هر روشن ضميري،
ورائي آن جناب فيض بخشاي،
دليل راههِ هر جان منيري،
بهر جا مرقد مردان يکتاي.
ز آبستان شاملش تازه و تر،
فروغ آن شمس و نور آن کو اکب،
ز ڪوهستان جنوبش صاف انور،
نمود اين خانه را روشن لبالب.
ز ريگستان بود شرفش مصفّا،
به هنگامه تماشا آن مزارات،
ز باغستان شده غر بش مطرّا،
تحرک مي رسد باقلب اموات.
در و گشته ظهورِ نور احمد،
بَهَر اَکناف اُو چندين نظاره،
بروز شمهء آثار محمد،
هزاران گون عشرت را اشاره.
بدان سرمايهء سر خط اين خاڪ،
در و درگاهه عالي را اسامي،
معيّن شد مطاف اهل افلاڪ،
سزد گر خوانش يثرب لباسي.
به خاڪِ در گهش هر راز داني،
زهر اطواف اين دير خرابات،
فتاده با ادب بر آستاني،
رجال الله رسد از رفع آيات.
چو دولت يا فت اين خاڪِ مڪرم،
همه صاحبدلان با صفا را،
ڪم شده فورهء نور معظم،
بود رويء ارادت سؤئي اينجا.
مگر اين بلده چون بيت العتيق است،
بغمزه، ناز داده درس تنبيه،
که جاءِ طور مردان طريق است،
به هند و ستانيان از وي نمويه.
و گر پرسي ز حال سا ڪنانش،
به تر کان داده سبق دلربائي،
سراسر جمع خاطر در امانش،
به اهل يزد تعليم وفائي.
ز حُسن مظهري هر جاش غلغل،
هم و حسن خدا داده هم و ناز،
بَهَر جا گل بَهَر جا شور بلبل،
هم و گفتار شيرين مخزن راز.
پري رويان به زيور هاي خوبي،
به عشوه ها به دام آرند در دم،
مجلا ّ رخ به تصفيته القلوبي،
کرشمه آنها برداز و حشيان رم.
خرامان چون کبک نازک خرامي،
دل صاحب نظر در پسي دو نند،
صداي داده يا يحيي العظامي،
که باغ سينه را سرو روا نند.
شکر گفتار گل رخسار خوشخويء،
اگر چون مه سريح السّير باشند،
صفا کردار کم آزار مه رويء،
چو خود بر گردن هر شير پاشند.
به نيکويء ز نيڪويان عالم،
و گر در جلسه آيند از تلمطفّ،
ربو ده گويء سبقت بي تکلمّ،
نشا نند، آتش ارباب تکيف.
رخ غلمان خجل از روي ايشان،
که اگر دد بت شيرين مقابل،
د گر خود حور مست از بويء ايشان،
شود اورا سلوکِ قدس جاهل.
کمان ابرو بدست و تير مزگان،
ز آئينه ظهور حسن شان جان،
ز هر ناوک دل خسته هزارن،
رسد در جلوه گاهه نور عرفان.
دو چشم ايشان مگر چون تيغ و خنجر،
هزاران عاشقان را کرده بي سر.
عشقش نه منصبي است که هر خس بد ورسد
بلکه از هزار خاص يکي کس بد ورسد
سِر رموِز من لّدن و علمِ واردات
دور است ز اين که فکر مدرس بد ورسد
اين خرمن وجود نه سوزد به قيل و قال
برقي مگر ز عشق مقدس بد ورسد
مخمور و اوفتاده دل از ياد چشمِ مست
فرخ دمي که ساقيءَ مجلس بد ورسد
تنها بمانده عاشق دلداده مدتي
سبب آي خدا که آن مه مونس بد ورسد
آن گنج بي نشان که کنايته زوصل اوست
لطفي که دست کوشش مفلس بد ورسد
مقصود دور راهِه دراز و مجال تنگ
يا ربّ کرم، که بيدلِ بيکس بد ورسد

 

مولوي محمد علي بکري

هي بزرگ بکر جو رهاڪو هو ۽ والد جو نالو محمد پناهه هوس. سندس تخلص ”طالب“ هو. سندس ڪتاب ”ظهور نامه“ جنهن ۾ روهڙيءَ جي وار مبارڪ جو  بيان نظم ۾ ڏنل آهي 1274 هه جي تاليف آهي. سيد حيدر شاهه حقاني کي حضور صلعم کان ارشاد ٿيو ته موي مبارڪ عبدالباقي صديقي وٽ آهي. ان واقعي کي هن طرح بيان ڪيو اٿائين. مولوي محمد علي حضرت نظام الدين سرهنديءَ جو مريد هو:

 

بود در آن قلعهء بکهر بلند
قطب يقين مرد بسي ارجمند
شاهء که او حيدر حقاني ست
شيخ احمد مصدر نوراني ست
مايهء صد فيض وليِ خدا
صاحب دين رهبر راه خدا
بود شريعت همه گفتار او
گشته طريقت همه کردار او

 

شيخ ابل عارف بالله خوان
قطب احمد عاشق الله خوان
سيد عالي شده رضوي لقب
بود ز آل شهِ فخرِ عرب
قلعهء بکهر اگرش مسکن ست
در شهر لُنو هَريش مدفن ست
قبهء عاليش زيارت گه ست
در نظير ديده بصارت ده ست
نعمت عظميٰ چو به بکهر رسيد
دردلش از غيب ندا در رسيد
آمدش از درگه يزدان خطاب
هم ز شهِ احمد زين شان خطاب
بندهء باقي که بود بکهري
يابي نزدش چوبر او بگذري
زود خطابي برسان از منش
واقف از سر حقيقت کنش

 

نوٽ:  سيد محمد ضامن ڪنتوري ”عبرتڪده“ سنڌ ۾ مخدوم عبدالباقي صديقي جي سهري جو نالو نظام الدين ڏيکاريو آهي ”ظهور نامه“ ۾ نجم الدين لکيل آهي. ڏسو سه ماهي مهراڻ 1957ع، ص 55 – 57، حيدرآباد سنڌ.

مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم

مولوي غلام رسول ولد خليفو پير محمد شڪارپوري، مولانا حافظ صاحبڏني چشتيءَ جا پڙ پوٽا هئا.

3 مارچ 1863ع ۾ سندن ولادت ٿي ۽ سيد بهادر علي شاهه لودين جو سيد محمد گيسو دراز جي اولاد مان هو، تنهن وٽ فارسي پڙهيا ۽ پنهنجي استاد قاضي سيد بهادر علي شاهه ۽ مولانا خليفي پير محمد چشتيءَ جي مريدي اختيار ڪيائون. علم ادب سان دلچسپي رکندا هئا. جون 1926ع ۾ وفات ڪيائون. تصنيفات مان ٽي ڪتاب ”تنبيه المسلمين“، ”معراج نامه“ ۽ ”ميلاد نامه“ ۽ هڪ ڪلام جو مجموعه يادگار ڇڏي ويا. سندن تخلص ”هاشم“ هو. فارسي زبان تي چڱي دسترس حاصل هيس. علم عروض ۾ ماهر هو:

 

عالم کز شوقِ عشقِ يار شد مست
تنم از مهر آن دلدار شد مست
ازين ميخانهء پاڪان چشيد ند
حبيب و مالڪِ دينار شد مست

 

ازين ميخان چشيده جرعه مقصود
انا الحق گفته و بردار شد مست
بگر ديدم همه گلزارِ عالم مست
به نظر من همه گلزار شد مست
اگر پرسي تو از ”هاشم“ حقيقت
ازين مئي خفته و بيدار شد مست

 

عبدالرحيم

عبدالرحيم تخلص ”ثابت“ درٻيلوي:

از هستيء من نماند باقي، الادّ وسه دم
انهم بفراقِ تو سر آيد، باسوز و الم
----

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه رحه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org