سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :16

روايت[14]

بيت چيل گلومياڻيءَ جا ·

 

1-        ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن سان هجن حمايتون،

ملاح ڄاوا مورڙا، ست ئي سوغاتون،

سانڍيا ماءُ سهاڳ مان، جنهن جي روح آيون راحتون،

چـﺂلايو چميون ڏيئي، سَڪرون سپراتيون،

پرڻائيندس  پـُٽن کي، مَرڪي ماساتون،

گهنا ويس، ”گلو“ چئي، ٻَڌنديسانءِ بخمل بنا تون،

موڙ ٻڌنديسانءِ منهن تي، زريون زيناتون،

پوءِ الله اهي آسون، مرهج ملاحن کي.

2-        مرهج ملاحن کي، الله! اهائي اُميد،

خاوند سڀ ڪنهن کي خوش رکي، هر ڪنهن مرهيج،

هئي! کڻي ويا کٽن تان، ويڙهي ڏسي ڏيج

سڃي ڇڏي سيج، مڙئي هليا تنهن مڇيءَ ڏانهن.

3-        مڙئي تنهن مڇيءَ تي، وڃي چلائي چڙهيا،

نـُڙيا هڻي ناکيڙو، گهاتو سڀ گهڙيا،

پار نه لنگهيا پڌرا، وڃي ڪنهن اوکيءَ منجهه اڙيا،

وڃي ڪين وريا، منهن چڙهي ويا مڇ جي.

4-        منهن چڙهي ويا مڇ جي، ڇڏيائون ورڻ جي وائي،

گهرائي ٿو، گلو چئي، مورڙو مائي،

ڪُٽي ٿي ڪست مان، هو مٿو ملاحي.

ته ڪَل ڪري ڪائي، هلي وڙهه تنهن ويريءَ سان.

5-        هلي وڙهه تنهن ويريءَ سان، کڻي ثمر جو سٻرو،

متان دل ڌڙڪائين، تون زوراور ذرو،

ڇڏي حال هتي جو تون هل ملاح مامرو

مار هلي سو مڇڙو، جنهن ڪيا آهن خون خمار سان.

6-                  جنهن ڪيا آهن خون خمار مان، تنهن ويريءَ سان وڙهجي،

ڪَڇون ڪُن ڪُلاچيءَ ۾، ٿو گينوارو گجي.

دال تنهن دشمن سان، لڙندي ڪا نه لڳي،

ڀَڙا، ڀَن، پَڇاڙيون، ڇنڊيو سڀ ڇني،

مورڙي کي، مياڻو چئي، ٿو ڏان ويري ڏي،

ته مٿان لک لڏي، گهاتو گهڻا لنگهيا.

7-        گهاتو گهڻا لنگهيا، جن تي ڇَٽ ڇڳا،

ڪپڙا رکيائون ڪپ تي، ويڙهائي وڳا،

ڪلاچيءَ جي ڪُن کي، ڪڍي لُنگ لڳا،

ڪانهي مڇي ڪُـُن ۾، ڀليا تنهنجا ڀاءُ،

گهڙي پيا، گلو چئي، سڻي جو راڻو جهڳاءُ،

ويا سڀئي وير ۾، مُوڙها ڪري ملاح،

اُو موٽيا نه مُرڳا، جي وڃاياسون ورهين کي.

8-        وڃاياسون ورهين کي، سي اﺂنريءَ پيا عاشق،

ملاح! ماري مَڇڙو، اڄ ڪجان تون ڪو قوت،

ڪات تنهن ڪَڇئين لاءِ تون گهڙائي هل گُهوڪ،

وساڻا ويٺا آهن، اتي اڄ محبن جا معشوق،

اهڙا مور ملوڪ، گذري ويا، گلو چئي.

9-        گذري ويا گلو چئي، هتان هزارون،

ملاح رسيا مماتيءَ کي، پهتيون پاڙي پچارون،

وڏي سڏ ورن لاءِ، ڪيون اِستين اُڇنگارون،

لاهي ملاح ميارون، وڃي سک سـُتا رهيا.

10-  وڃي سـُک ستا رهيا، گهاتو سڀ گهرين،

ملاح منهنجي من تي، وير نه ٿا وسرين،

الله سائين ان تي، ڪهڙي ڏوهه ڏمريين،

جن نهاريو نيڻ ٺرين، سي مور سڀ مري ويا.

 

--------

 

روايت[15]*

شاعر نامعلوم

 

1-        ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، جر واهي جال،

ويا ڪين وريا، منهنجا ڪلاچيءَ ڏي ڪال،

جيڪس اهي جونجهار جهليا، منهنجا لاکيڻا لال،

انهي جهوريءَ جهُڙ لاتو، هنئڙي اندر حال،

سيد لهج سنڀال، موٽي ميڙائو ٿئي.

2-        موٽي ميڙائو ٿئي، اڱڻ شال اچن،

لٿي رونڪ رڇن تان، اهي ڇَتون شال ڇـُٽن،

محابي جنهن محمد جي، برڪت چئين يارن،

سيد ساريو تن، سي تار لنگهي پار پيا.

3-        تار لنگهي پار پيا، آڳهه ڪيائون علي،

مهندان تن ملاحن جي، ٿر سرور سام جهلي

پلي سانگو ساهه جو، آيا مرڻ لاءِ ملهي،

پوءِ ٽولي جا ٽَلي، سا رهي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

4-        رهيا ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، سرا سوڀيارن،

اهڙو ڪري ڪونڪو، ڀڙڪو ري ڀاون،

پلي سانگو ساهه جو، ڪي جلهه جُونجهارن،

جيڪس خان کپي ويا، ٿيو مارو ملاحن،

امر هو اهو الله جو، نه ته اهي مانجهي ڪيئن مرن،

لڳا ڇٽ پٽن سان، ويو ٻهڪو ٻانهيارين،

مهاڻين سان ماتام ٿيو، پـِٽيو پار ڪڍين

سائين سندو تن، تون والي ورق وارئين،

5-        والي ورق وارئين، سٻاجها سائين،

موليٰ تون هن مورڙي کي، مانگر ملائين،

موليٰ تون هن مورڙي کي، مانگر منهن ملائين،

موليٰ تون هن مورڙي جي، پرور پت راهين،

مهاڻيون هن ملاحن جون، ڪر سرهيون سدائين،

ساراهيان سائين، منهنجا گهاتو گهر نه آئيا.

6-        گهاتو گهر نه آئيا، وڃي لکيو لوڙيائون،

شرف شهادت تنين کي، مڙني مٿاهون،

هن ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، وڃي لائون لڌائون،

اهي رب جون آهن رضائون، نه ته هي ته مڇ مارڻ جا ڪين هئا.

7-                  هليا ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، کڻي ڪڙهين جا به ڪمام،

هڻي نعرو هليا، مڃيائون محمد ڄام،

ائين ڄاتائون ڪو نڪو، ته آهي ڪو اجل جو آجام،

آين موت اوچتو، تنهن ماري ڪيا ماتام،

ڇڏي محل ماڙيون، اچي گهنگهر اڏيائون گام،

مانگر ٿين مقام، ڪهنيون قبرون تن جون.

--------

 

 

 

روايت[16]*

مدو فقير نظاماڻيءَ جا چيل بيت·

 

1.           ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن عالم ڪئين خلقيا،

سج چنڊ پيدا ڪيائين، ٻيو تارن جو شعاء،

هن زمين تي ڪيترا، ڪي شاهه سڪندر هئا،

انسان بنايئين آدمي، ٻيا بي شمار بانڪا،

جن روزو نماز قبول ڪيو، سي وارو وڄائي ويا،

ڪلمون جن قلوب ۾، سي پار وڃي پيا،

هلبو هڪ ٺپيءَ ۾، جت ڏوهاري پيا ڏڪندا،

مرڻ ويلي موت جي، سهنجي سير ڪندا،

محشر ۾، مدو چئي، اچي پُـڇاڻو پڇندا،

وڃي وڻج وهائيندا، ساجن پنهنجي ساٿ جو.

2.           ساجن پنهنجي ساٿ جو، ڪج واپار وڻي،

ايندئي مَلڪ الله جا، ڪندئي پيرن هيٺ پَڻي،

ڪانهي مَدي مَن ۾، ڄاڻي هڪ ڌڻي،

مجلس تن ماڻهن جي، مون کي وير وڻي،

محبت ۾، ”مدو“ چئي، مون هيءَ ڳالهه ڳڻي،

سڄڻ ڳالهه سـُڻي، پئجي رهيو پيرن تي.

3.           پئجي رهيو پيرن تي، قاصد ري ڪَهي،

ڪيائين واڪا ويڙهه ۾، هئي هئي ويو وڙهي،

ڇهه پُٽ اوباهي جا، ويڙا غار ٿي،

مرد آيا مياڻ تي، تن مان آيو ڪو نه وري،

تن ملاحن ۾، ”مدو“ چئي، ڪا ٽاڙهو ٽاڙهه هئي،

ماڻهو مڪائون مور ڏي، ڪو ڏوراپو ڏئي،

تون ترسيو اِتي طعام کائين، اسان کي ويا آهن ٻه-ٽي پهر پَئي،

ايڏا سور سَهي، مور رکيا آهن مَن تي.

4.           مور رکيا آهن من تي، ڪامل ري ڪَهِي،

”مَدُو“ چئي، هن مرد کي، پيا آهن لُڙڪ وهي،

چي: لڳم ڄيرو جان کي، سو ڪيم سور سهي،

اڙي ادا! مون جَڏي جو، ڪونهي ڪو ڌڻي،

مون کي تان ڀائرن لاءِ، پيئي آ ياد پَڻي،

جڏهن واحد کي وڻي، تڏهن خاطو بند خطا ڪيائين.

5.           خاطو بند خطا ڪيائين، هئا ڏاڍا سـُرت سڄاڻ،

پهري ويندا هئا پريت مان وڏا جوڌ جوان،

مرد ويندا هئا مياڻ تي، ڪنهن جي نه ڪڍيائون ڪاڻ،

آين امر الله جو، تڏهن ٻي ڪل پين ڪا نه،

محبت ۾”مدو“ چئي، هئا ماڳ گهڙي مزمان،

ايڏو اٿم ارمان، جو ڀائر ڪانڌي ڪين ٿيا.

6.           سالڪ ڳالهه سڻي هليو، مڃي مٽي تي ٻار،

ڀيڻ تن ڀائرن لاءِ ٿي پرهه پڇائي پار،

چوڙيليون تن ورن لاءِ ٿيون روئن زاروزار،

ماءُ تن پٽن لاءِ وجهي ڦوڙائي جي ڦار،

هئي هئي! اسان جا هتان ويا، سهڻا ڪري سينگار،

هاڻ وائي ڪڍيو وار، موٽڻ جي ڪر مورڙا!

7.           موٽڻ جو مرد کي عيب وڏو آهي،

هئي هئي هن جهان ۾، ڇوريءَ جو ڇاهي؟

مرد جيڪي مري ويا، سي ويا وارو وڄائي،

هڪڙي آڳ اندر ۾، ٻيو ويا دونهان دکائي،

تيتر موت نه ماري، جيتر ماريان انهيءَ مڇ کي.

8.           مرد موڪلايو مائٽن کان، پيرن تي پئي،

انهيءَ وقت اوباهي کي، پيا لُڙڪ وهي،

هنڌين ماڳين مشهور هئا، منهنجا سورهيه سڀيئي،

مور نه وسرندس، ”مدو“ چئي، سک سڄڻ سيئي،

مور نه وسرندس ”مدو“ چئي، سک سڄڻ سيئي،

ڪونڌر جن جا ڪالهه ويا، تن کي ويا ڪات ڪُـُهي،

هاڻي موڪل ڏيئين ڪهڙي، مور! انهيءَ مڇ جي.

9.           مور چيس منهن تي، ته تون سانگو کڻي لاهه،

ڇهه پٽ تو اڳئي سهسايا، مون ڀوري ۾ آهي ڇا؟

نيٺ مري وڃبو، ”مدو“ چئي، آهي پرايو پساهه،

مون کي تن ڀائرن لاءِ، لڳي برهه سندي باهه،

هاڻي جهل نه جيجل ماءُ! ته ماريان انهيءَ مڇ کي.

10.     ماءُ چيو مور کي، ته پير پروڙي پاءِ،

آ سڏا دور درياهه جا، جتي سختي لڳي ساهه،

آڌيءَ رات اوڙاهه ۾، جتي ڪُـُن ڪري ڪڙڪا،

پرين! ويندين پاڻيءَ ۾، تنهنجو ڪو نه سـُڄي پڙلاءُ،

توسان هلندو ڪونڪو، ڀيڙوئي ڪو ڀاءُ،

ٻٽيهه ڌارون بخشيم توکي، تون جيئري ٿئين جدا،

سڄڻ! ڳالهه سڻاءِ، ڪا سورهيه پنهنجي سـُور جي.

11.     سورهيه پنهنجي سور جي، ڳالهه به ڳالهائي،

مردن بنا ملڪ ۾، مون کي ڪو نه چوي ڀائي،

جيئري شال ڪام ٿئي، ڀائرن کان جدائي،

قسمت آندا ڪـُن ۾، ٿيو اَمر الاهي،

ڪانهي مَن ۾ مدائي، ڪا موٽڻ جي مور کي.

12.     مرد سنبريو مڇ ڏي، کڻي ڪات قهار،

مدد ٿجانءِ مور سان، ڏجئين سوڀ ستار،

ماريان انهيءَ موذيءَ کي، ڪريانس ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

تن مردن جو ”مدو“ چئي ويتر چڙهيو ويچار،

ڳوڙها سر ڳلن تي، تنهن نيڻ وهايا نار،

ساري سڀ ڄمار، ٻيلي! لاٿم سانگو ساهه جو.

13.     ڀيڻ ڏٺو ڀاءُ کي، تنهن جا پيڙا ڳچ ڳري،

هئي هئي! ڪري هٿ هنيائين، جوٽن تي ٻئي،

تن ملاحن جي، ”مدو“ چئي، هن کي ڪَل ڪا نه پئي،

مرد ويا ٿي مياڻ تي، آءٌ ڪريان ها سوگها سڀئي،

ڏني هئي ڏکن ڏهنائي، مرڻ ويل موت جي.

14.     مرڻ ويل موت جي، هن وائي ٿي واري،

رات لڌو هئم سهڻو، ڪا نه ڪئي ڀائرن ڀلائي،

هو به وساري ويهي رهيا، ڪا نه ڪيئون پوئواري،

لڏي ويا ڇڏي،ڪري اڱڻ مٿي اونداهي،

تن مردن لاءِ ”مدو“ چئي، قيام هئي ڪاري،

اٺئي پهر الله جا، منهنجي توبهه آهي زاري،

سرس ڪريو ساري، اڄ مور وڃي ٿو مڇ ڏي.

15.     مور وڃي ٿو مڇ ڏي، ڪري ڪاهو ڪاهه،

ڀيڻ اتي ڀر ۾، ڪيس درد منجهان دانهه،

نڪي گهڙئين پاڻيءَ ۾، نڪي اکئين ڏٺئي اوڙاهه،

مالڪ کڻي مهر ڪندو، پنهنجي شرع ڪندو شاهه،

ڀائر پنهنجا مڇ نيا، ڪو واري لڳن واءُ،

دلوراءِ کي دانهن، تون مهندان ڏجئين مورڙا!

16.     مهندان ويهي مورڙي، ڏنو فرياد فقير،

ته ويهي کاڌا کاڌم ڪيترا، تو وٽ کنڊون ۽ کير،

جوڙائي ڏي جنگ جا، ڪوڏ منجهان ڪي ڪير،

مون کي تن ڀائرن جا، آهن تن اندر ۾ تير،

وساريان نه وسرن، ساريان منجهه سرير،

تن مردن جي ”مدو“ چئي، اٿم اندر منجهه اُڪير،

پردو رکج پير، اٿم سعيو جنگ جو مڇ سان.

17.     اٿم سعيو جنگ جو، آيس ڪوڏ منجهان ڪاهي،

دونهان، منهنجي دل تي، ويا دوست به دکائي،

ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي ٿو ٻهڳڻ ٻولائي،

ماڻهن لاءِ، ”مَدُو“ چئي، هو ويٺو واجهائي،

مور پنهنجي مائٽن کان بيٺو موڪلائي،

اوباهيو آزيون  ڪري، ٿو ڳهلو ڳالهائي،

ته پٽن پوءِ منهنجو جڏو جيئڻ آهي،

ڇڏ لوڙهه به ورائي، مون تي مور! مٽيءَ جو.

18.     مرڻ وس نه ماڻهو جي، توڙي هزار ڪري حيلا،

ڀيڻون تن ڀائرن لاءِ ويٺيون ڪڍن ويلا،

چوڙيليون چريون ٿيون، جن جا هئا البيلا،

نڪي ٽِڪن ڪِٿ راتڙيون، نڪي اچن اويلا،

گهاتن جي گهرن ۾ ٿا ڪيهون ڪن ليلا،

هاڻي ساجهر سويلا، موٽي ايندم مياڻ تان.

19.     موٽي تنهن مياڻ تي، ايندا وير وري،

مور پنهنجي مائٽن وٽ، ٽِڪي نه هڪ گهڙي،

جڏهن ماريان انهيءَ مڇ کي، تڏهن پَت پَري،

رهندي ڳالهه ذري، مُئي پڄاڻا مور جي.

20.     مُئي پڄاڻا مور جي، وڄا وسيعت ويئي،

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، سڄڻ هئم سيئي،

منهنجي تن ڀائرن لاءِ، ڏڪي ٿي ڏيهي،

تن مردن جي ”مدو“ چئي، ڳالهه ڪريان ڪيهي،

هاڻي ڏکن ۾ ويهي، رهي رهندس ڪيترو.

21.     رهڻ جون راڻا هتي، ڪوڙين ڪٿائون ڪن،

ڀائر هن غريب جا، من حياتي هجن،

بگل وڳو، بانشا اُٿيا، جوان جنگ چڙهن،

پايو پيٽ ورن ۾، ٿيون روزان روز روئن،

مُئي پڄاڻا، ”مدو“ چئي، ڪو سُک ٿيندو سڄڻن،

گهوڙا! منجهه گهٽين، ڏين فاتحائون ”فقير“ چئي،

22.     ڏين فاتحائون ”فقير“ چئي، مڙيا سڀ ملاح،

ڪاهيو هلن ڪـُن ڏي، دل جهليو داناهه،

موٽندا ڪين، ”مدو“ چئي، ڏيندن سوڀ الله،

دوکو دل مٿانءُ، لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو.

23.     لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو، اندر مان ارمان،

جنهن کي ته آهن مڇ جا، قهري لڳل ڪانَ،

موٽندا ڪو نه، ”مدو“ چئي، هلي ٿيندا مڇ سندا مهمان،

ساري ڏج سلام، موٽي تن ملاحن کي.

24.     موٽي تن ملاحن ڏي، وڃان ڪَهي ڪهڙيءَ پر،

گهمي ڏٺا هئم گهوٽن جا، اُتي وڃي گهر،

ماري ويا هئا مئيءَ کي، ڏيئي ڏک ڏمر،

ماري ويا هئا مئيءَ کي، ڏيئي سور ثمر،

ماري ويا آهن. ”مدو“ چئي، غم ڏيئي گوندر،

ڪات کڻي ڪونڌر، اچي مور بيٺو ميدان ۾.

25-  مور بيٺو ميدان ۾، جيئن واڪا ڪري واءُ،

سـُڻي ڳالهه سرير ۾، لڳس برهه سندي باهه،

چي: ڪو نه ڏسان ٿو اکين سان، ڀِيڙو وري ڀاءُ،

ڏيان پرين وٽ پساهه، سورهين پهر سـُپرين،

26-  سورهين پهر سپرين، هُن صندوق سٽائي،

ڪائو آندائين ڪيترو، هن جودئون جوڙائي،

ڪوجو ڪـُوڪٽ ڪُن ۾، ٿيو قهر الاهي،

مڇ اڳئي مستان سـُجهي، جنهن خانا ڇڏيا کائي،

تن مَردن جي، ”مدو“ چئي، شل ونگي نه ٿئي وائي،

ڏج حضرت همراهي، ويريءَ جي وڙهڻ جي.

27-  ويريءَ جي وڙهڻ جي، موليٰ ڏجئين مَت،

ڪافر ماريان ڪُن ۾، گهائي ڪريانس گهٽ،

امر ٿيو الله جو، ٿي واڳ ويرين جي هٿ،

لاکيڻا لڏي ويا، وري مڪئون ڪونه خط

تن مردن جي موليٰ ڪجئين ڪا مدت،

ڏيان ڪات ڪلين وٽ، سـُتي تنهن کي سير ۾.

28-  چوٿين ڏينهن چريو ٿيو، بيٺو سورهيه سڏ ڪري،

اُتان ميڙو ملاحن جو،آيو پير ڀري،

انهيءَ مڇ جي مون سان، ڪو خان خبر ڪري،

اوباهيو تن پُن لاءِ ٿو ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

تن مردن جي، ”مدو“ چئي، ماريس ڳالهه ذري،

بنان ڍنڍ ترئي، خبر نه پوي تنهن خونيءَ جي.

29-  لاکيڻو لهي پيو،ڪري توڪل منجهه تار،

سڏ ڪيائين سنگتين کي، ڪري الله تهار،

جيئڻ منهنجو جڏهن ٿئي، وڃي پوندس منجهه پاتار،

بڻڇيون، ڀالا ڪيترا، ٻيا ڪات کنيائين ڪٽار،

بارود خانو، ”بلوچ“ چئي، ٻيون بتيون بيشمار،

بتيون اُتي بس ٽيون، ٿي اوندهه انڌوڪار،

کولي اکيون قلب جون، هڪدم ٿيو هوشيار،

وڃي ڏٺائين اکين سان، ڪي جاني جگر يار،

بدلجي بيهي رهيو، ڪيائين ڪپڻ جي ڪار،

جيرا، بڪيون، اوجهري، آنڊا تنهين وار،

چوري رسيون چريو ٿيو، ڪيائين ڇڪڻ جي پچار،

اوباهي روئي اُتي، ڏني هئي اوڇنگار،

سَتين ٻڌا سندرا، اُت حورن ڇنا هار،

پَرين اُتي پٽڪو ڪيو، ڇوڙي ڪارا وار،

تن مردن جي، ”مُدو“ چئي، پري پئي پچار،

ڏني سوڀ ستار، ٿيو فيصلو،”فقير“ چئي.

30-  ٿيو فيصلو، ”فقير“ چئي، ڪيائون ڇڪڻ جو ڇوهه،

صوبا سڏايائون ڪيترا، اُت اميرن انبوهه،

مَهري آندائون ڪيترائي، جوڙا مٿي جُوءِ،

پاڏا آندائون پڙ ۾ تن جو پرو ڪو نه پيو،

تن مردن کي، ”مدو“ چئي، اچي سالڪ سمجهايو،

ته گهوڙيون سڄي ملڪ جون، کڻي هتي هلايو،

ڪاريون ڪمريون نيريون، چينيون لاسيون ڳاڙهيون اچي مَڪُڙين ملهايو،

هنن جا ڦَر، ”فقير“ چئي، کڻي ٻاهر ٻڌايو،

وٽائي رسيون پٽ جون، ڇوهئون ڇڪايو،

تڏهن ڇڪيائون ڇوهه مان، آيو ڪنڌي ڪنارو،

ماڻهو مڙيئي گڏ ٿيا، آيو لوڪ سارو،

ڦاڙيائون پيٽ مڇ جو ته آيو اوٻارو،

اوباهيو تن پٽن لاءِ ڪڙهي ٿيو ڪارو،

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان منهنجو ڀاڳ ڦِٽو ڀائرو!

هاڻي ميندي تن ملوڪن کي،لاڳ ڪري لايو،

ڪفن تي خانن جا، اوهين گهوٽ به گهرايو،

ڏنئون تڙ توڪل جو، ٿيو رب سندو رايو،

کڻو مڙهه مقام ڏي، اهو آواز آيو،

مٺي مير محمد جو ڪونهي مٽ ٻيو،

جَن ڪلمو ياد ڪيو، سي اُمتي ڇٽندا ايمان سان.

لا اِلـٰ اِلَالله مُحمد رسول الله.

---------


 


· گلو پٽ خان ذات مياڻو، مياڻن جي ڳوٺ ”ٺٺ“ لڳ جُهن، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿر پارڪر جو ويٺل هو، سندس وڏن کي هڪ سـﺂ چاليهه تليون معافيءَ ۾ ۽ تروٽ صاحب کان پروانا مليل هئا، جي اٽڪل ٽيهارو سال اڳ رد ٿي ويا. ان بعد گلو مياڻو، مسڪيني حالت ۾ ساڳيءَ زمين تي هارپو ڪندو هو. بيت تمام گهڻا چيائين، اڻپڙهيل هو، سن 1956ع ۾ وفات ڪيائين.

* هي بيت ساماري ۾ (30-نومبر 1964) سگهڙ محمد خان ڪپري، (عمر اسي ورهيه) جي زباني قلمبند ڪيا ويا، بيتن ۾ شاعر جو نالو ڏنل ڪونهي.

* خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل.

· مدو فقير عرف مدد علي پٽ خميسو خان نظاماڻي، ڳوٺ نذر علي خان نظاماڻي، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو، عام طرح ”مدو فقير“ جي نالي سان مشهور آهي. 16- رجب 1296 هه / 1878ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس ننڍپڻ نهايت مسڪينيءَ ۾ گذريو، بلا جي ڪنڊي لڳڻ سبب هڪڙي پير کان معذور ٿي پيو. پوءِ نواب فتح محمد خان لغاريءَ جي مدد ۽ همدرديءَ سان لڏي وڃي اُن جي ڳوٺ رهيو. هن وقت فقير ٻوٻي (تعلقو سنجهورو) لڳ رهي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org