سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :13

روايت[8]*

مل محمود جا چيل بيت·

 

1-                  ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، کيکون اُڀو کاءِ،

ڀڙڪي ڀائرن جي بُت کي لڳي باهه،

اوباهي جي اولاد ۾، رڳي هاءِ هاءِ،

سڀ ڪو ٻيٽو ٻاپ جي، ڳالهه ويٺو ڳاءِ،

اهڙي اوچتي موت کان، توبهه نعوذ بالله

رکين پنهنجي بناهه ۾، راڻيون ڪيم رنجاءِ،

اڄ سيئي محب ملاءِ، جنهن سين مهڻي سندي ميٽ ٿئي.

2-                  ميهڻي سندي ميٽ ٿئي. وڃن غم گوندر،

مورڙي کي موت جي، لڳي آڳ اندر،

هلي اچي حاضر ٿيو، مٿي ڪـُن ڪپَر،

هڻي ڪا تير ڪَلن مان، ماريائين کي مانگر،

سا اهڙي بلا آفت هئي، جهڙا ڏسجن ڪي ڏونگر،

تن گهوڙين ڇڪي گهر آندو، جن ڦٽا ڪيا هئا ڦر،

نه ته پـُرسن جي پيهاٽ جي، خلقن سئي خبر،

مورڙو مَلهي اُٿيو، جنهن سام جهلي سرور،

پوءِ اُنهين پَر پکر، جُڙيس، جس جهان جي.

3-                  ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، جَر هاري جال،

ويا تان نه وَريا، هو ڪلاچيءَ ڏي ڪالهه،

جَيڪس جهونجار جهلئا، لـُڙ لوٽي لال،

انهيءَ جهوريءَ جهڙ لائيو، هڄي منجهه حال،

ته سيد جي سنڀال، من ڪو ميڙائو ٿئي.

4-                  من ڪڏهن ميڙائو ٿئي، اڱڻ شال اچن،

لهي رونڪ رَڇن تان، ڇينون شال ڇُٽن،

وڇڙي جن ورهيه ٿيا، سي مـُٽي شال ملن،

محابي مير محمد جي، ۽ برڪت چئن يارن،

پوءِ سيد سنڀاريو جن، سي تار لنگهي وڃي پار ٿيا.

5-                  سي تار لنگهي پار ٿيا، آڳهه ڪيائون علي،

ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، حاضر ٿيا هلي،

مهندان تن ملاحن جي، سرور سام جهلي،

هئو جس جهونجهارن کي، شرف شهادت ڀلي،

جي ڇڏي سانگو ساهه جو، آيا مَرڻ لاءِ مَلهي،

پوءِ ٽولي سندي ٽولي، رهي ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾،

6-                  رهي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، سندي سوڀارن،

ڇڏي سانگو ساهه جو، ڪي جلد جهونجهارن،

لهرن لوٽي جهليا، پارس پاتارين.

هو ائين امر الله جو، نه ته ڪي مانجهي مارجن،

شل ڪڏهن ٿئي ڪومَ ڪو، ههڙو ڀَنڻ ڀائرن،

مورڙي تي موت جا، اڄ ٻارڻ ٿا به ٻرن،

جيڪس خان کپي ويا، ٿيو مارو ملاحن،

لڳا ڇَٽ پٽن سين، ويو ٻهڪو ٻانهيارين،

جيئن ماڻهن سين موت ڪري، تيئن پٽيو پار ڪڍن،

الا! اوندهين، ڪو والي ورق واريين،

7-                  ڪو والي ورق واريين، سٻاجها سائين!

شل پَسي پوءِ مران، هوءَ مَڃر مهائين،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، جن ڏُجهڻ سين ڏانئين،

تن مردن جي، ”مَل“ چوي، پرور! پت رهائين،

مياڻيون ملاحن جون، رک سرهيون سدائين،

سي گهر گهُوٽ ملائين، جن سڌاريو سفر کي.

8-                  جن سڌاريو سفر کي، کڻي ڪـُهڙيون ڪَل ڪمام،

هڻي نعرو هليا، مڃي محمد ڄام،

ڏسي ڪُن ڪلاچيءَ جو، تازا ٿيا تمام،

ائين ڄاتائون ڪينڪي، ته ڪو اجل جو هت انجام،

اوچتو موت آئيو، تنهن ماري ڪيا ماتام،

ڇڏي مزا ماڙيون، وڃي گنگهر اڏيائون گام،

پوءِ مانگر ٿين مقام، ڪَڙهه ۾ قبرون تن جون.

9-                  ڪَڙهه ۾ قبرون تن جون، رهيا منجهه انڌاري،

ڪَڇَئُن ڪَرٽي ڇڏيا، سڄا سڌاري،

اهو دليل دل ۾، ٿو مورڙي کي ماري،

ڏيو اوڇنگارون اَدن لاءِ، ٻر ٻر ٻاڪاري،

جئن ڪُنڍيون ڍڪن کوهن تي، تئن اُڀو اوساري،

پوءِ حيلا سڀ هاري، سورهيه سنبهي هليو.

10-            سورهيه سنبهي آئيو، ڪاوڙ منجهان ڪاهي،

ته ڪٿي ڪـُن ڪلاچيءَ جو، جنهن ۾ عداوتي آهي،

گهڙي منجهس گهورو ٿيو، لاڳاپا لاهي،

وڃي اُٿاريائين اَرڙ کي، جلدي جاڳائي،

ڪڍي ڪات ڪَلـُن مان، ٺوڪيائينس ٺاهي،

پوءِ گهاتوءَ گهائي، مانگر سڀ مات ڪيو.

11-            مانگر سڀ ماتو ڪيو سورهيه ڪري سَتُ،

وَٺتائين ويريءَ جو، آب منجهارا اَتُ،

جگر جيرا بُڪيون، ڪپي ڪيائين قَطُ،

اُڌما ڏيئي اُٿيو، ريلا ڪري رَتُ،

مَر مرڪي مورڙو، پاريو جنهن پَهَتُ،

ماري سو مَيءَ مَت ڪيائين ڪوس ڪلاچيءَ ۾.

-----------

 

* ”مجمع العجائب“ مطبوع: بلوچ ليٿو پرنٽنگ پريس، ڪراچي، سن 1359ع هه تان ورتل.

· محمود پٽ طالب ذات پَلي پاڙو آجيجاڻي درس، ڳوٺ حاجي عبداللطيف پليءَ جو ويٺل هو، جوعمر ڪوٽ کان ٻارنهن ميل ڏکڻ طرف آهي. فقير محمود، حاجي عبداللطيف وٽ پڙهي قرآن شريف جو ياد حافظ ٿيو، پوءِ فقير جي شادي وري ”ڪاٺوڙي“ وارن راڄڙن مان ٿي. فقيرن تي ”مل“ نالو انهيءَ ڪري پيو، جو هو بدن ۾ سنهون ۽ قد جو ڊگهو هو، جهڙو چونري جو ”مل“ (اندران چونري جي جهل لاءِ ڊگها ڪايا، جن مان هر هڪ کي مل چئبو اهي). کيس دوستن انهيءَ نالي سان ڪوٺيو ته پاڻ به کڻي اهو نالو شعر ۾ آندائين، سندس ڪلام ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهي ”مجمع العجائب“ ۽ ”ليليٰ مجنون“، جنهن جي آخر ۾ نصيحت نامون پڻ ڏنل آهي. سن 1350هه / 1931ع ۾ وفات ڪيائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org